مذهب

چچ نامو

تقريبن ڏيڍ هزار سال اڳ جي سنڌ بابت جيڪا به اهم معلومات آهي، سا انهيءَ ڪتاب منجهان ئي حاصل ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ بـُـنيادي طرح هيءُ ڪتاب عربن جي سنڌ ۾ آمد ۽ اُن جي پس منظر ۽ پيش منظر جي هڪ مختصر جهلڪ ڏئي ٿو، پر تڏهن به انهيءَ کي سنڌ سان گڏ ننڍي کنڊ جي اهم ترين ماخدن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو
Title Cover of book چچ نامو

اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب رضي الله عنه جي خلافت

اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب رضي الله عنه کي خلافت سنه 38هه جي آخر ۾ ملي. وقت جي بيان ڪندڙن ۽ بيان جي سلجهائيندڙن جو چوڻ آهي ته: جڏهن خلافت اميرالمؤمنين علي رضي الله عنه کي پهتي، تڏهن شهر وارن جو پاڻ ۾ جهيڙو ۽ مخالفت ٿي پيئي. عامر ابن الحارِث بن عبدالقيس روايت ڪئي آهي ته: جڏهن آسپاس جا ماڻهو مخالف ٿي پيا، تڏهن ]حضرت عليءَ[ ثاغر بن ذعر(1)کي لشڪر جو سردار بنائي، هندستان جي سرحد تي مقرر ڪري، لشڪر جي مکيه وڏن اڳواڻن جي هڪ جماعت سندس ڪمان هيٺ رکي، ۽ هو سنه 38هه جي آخر ۾ بهرَج ۽ ڪوهه پايه جي رستي کان روانا ٿيا. جتي به پهتا ٿي [76] ته اتي فتحمند ۽ ڪامياب رهيا ٿي، ۽ غنيمتون ۽ غلام گهڻائي هٿ آين ٿي. نيٺ ڪيڪانانِ جبل وٽ پهتا ۽ اهي ماڻهو جنگ لاءِ سنبري بيٺا.

هنن جي جنگ جي خبر
هـُـذلـِـي ڳالهه ڪئي آهي ته: انهيءَ لشڪر ۾ حارث بن مـَـرهِ نالي هڪ بهادر مرد هو، جنهن جي ٽولي ۾ هڪ هزار هٿياربند بهادر هئا، ۽ ٽي دلير ۽ هٿياربند غلام هوندا هئس. هڪ کي پنهنجو هٿيار بردار مقرر ڪيائين، باقي ٻن کي لشڪر جو محافظ بنائي، هرهڪ کي پنج سؤ ماڻهن جو سردار ڪيائين. هو مڪران ۾ پهتو ته اها خبر وڃي ڪيڪانان ۾ پهتي، جنهن تي ڪوهه پايه ۽ ڪيڪانان جا ماڻهو جمع ٿيا. ]هو[ سنه 42هه ۾ ڪيڪانان ۾ پهتا، ۽ اتي جي ماڻهن لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي لڙائي شروع ڪئي، ۽ اٽڪل ويهه هزار مرد پيادا اچي گڏ ٿيا، جن سان اسلامي لشڪر جي لڙائي ٿي. هنن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي وڃي گهٽ جهليو. لشڪر جڏهن جهاد کان موٽي اچي ڪيڪانان لڪ وٽ لٿو، تڏهن هن رستو روڪڻ چاهيو. ]اهو حال ڏسي[ عرب جي لشڪر تڪبير جو نعره هنيو، جنهن تي کاٻي ۽ ساڄي کان جبلن مان پڻ تڪبير جو نعرو لڳو: ”الله اڪبر“. هيءُ ٻڌي ڪيڪانان جي ڪافرن جي دلين ۾ هراس پيدا ٿيو، جنهن ڪري ڪن پيش پئي اسلام قبول ڪيو، ۽ ٻيا ڀڄي ويا. انهيءَ وقت کان اڄ تائين جنگ جي موسم جي ڏينهن ۾ انهيءَ جبل مان تڪبير جو آواز نڪرندو آهي. ]اڃا[ انهيءَ فتح ۾ هئا ته [77]اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب رضي الله عنه جي شهادت جي خبر پهتي، ]جنهن ڪري[ اتان موٽي آيا. مڪران پهچڻ تي معلوم ٿين ته معاويه بن اَبي سفيان خليفو ٿيو آهي.

معاويه بن اَبي سفيان جي خلافت
معاويه بن اَبي سفيان جي خلافت. ]هجري[ چاليهين سال(1) وارن مهينن ۾ قائم ٿي. تاريخ جي مصنفن، مهلب کان هن طرح روايت ڪئي آهي، ۽ هن هذلي کان ٻڌو ۽ هذلي قاسم کان نقل ڪيو، جنهن چيو ته: مون نصر بن سفيان کان ٻڌو آهي ته جڏهن معاويه خلافت تي مستقيم ٿيو، تڏهن عبدالله بن سوار ]العبدِي[ کي چار هزار سوار ڏيئي، سنڌ ولايت تي مقرر ڪري، انهيءَ ملڪ جي حڪومت سندس حوالي ڪيائين. وڌيڪ چيائينس ته: ”سنڌ ۾ هڪ جبل آهي، جنهن کي ڪيڪانان چون ٿا، اتي جا گهوڙا قداور ۽ موزون شڪل شباهت وارا آهن، توکان اڳ ۾ اتي جون غنيمتون پهتل آهن. ]ائين به چيائينس ته[ ماڻهو غدار آهن، جيڪي انهيءَ جبل جي پناهه سبب سرڪشي ۽ شوخي ڪندا رهندا آهن.“ عمر بن عبدالله بن عمر کي ارمابيل جي فتح واسطي موڪليائين، ۽ عبدالله بن عامر کي بصره تي مقرر ڪيائين. جيئن قيس بن هيثم السلمي(2) وٽ وڃي ساڻس عـَـمان، اَردبيل ۽ جرم جي لڙائي ۾ شامل ٿئي(3) ۽ اڪيلو هزار چونڊ ماڻهو وٺي وڃي.
(روايت:) ابوالحسن، هذلي کان روايت ڪئي آهي، ۽ هن مسلمه(1) بن محارب بن زياد کان ٻڌو ته: امير معاويه، عبدالله بن سوار کي چار هزار سوار ساڻ ڏيئي موڪليو، ۽ سندس لشڪر ۾ ڪوبه ماڻهو باهه نه ٻاريندو هو، ڇاڪاڻ ته ٺهيل ٺڪيل سمر ساڻ [78] هئن. آخر هڪ رات اوچتو لشڪر ۾ باهه جو شعاع ظاهر ٿيو، جاچ تي معلوم ٿيو ته هڪ حامله عورت هئي، جنهن ٻار ڄڻيو هو. کيس باهه جي ضرورت هئي. ]اها ڳالهه ٻڌي[ عبدالله کيس اجازت ڏني. انهيءَ زال ڏاڍيون خوشيون ڪيون ۽ ٽي ڏينهن لشڪر کي کاڌو کارايائين. پوءِ جڏهن ڪيڪانان جي ملڪ ۾ پهتا، تڏهن دشمن غلبو ڪيو، پر اسلامي لشڪر انهن کي شڪست ڏيئي، گهڻيون غنيمتون هٿ ڪيون. ڪيڪانين گڏ ٿي وڃي جبل جا گهٽ جهليا، ۽ ڇتي جنگ چالو ٿي. اتي عبدالله بن سوار هٿيار بردارن ۽ خاص ماڻهن جي هڪ ٽولي سان بيهي رهيو، ۽ هڪل ڪيائين ته: اي مهاجرن ۽ انصارن جا فرزندو! ڪافرن کان منهن نه موڙيو متان توهان جي ايمان ۾ خلل اچي، شهادت جو درجو حاصل ڪريو. ]هي ٻڌي[ اسلام جو لشڪر عبدالله جي جهنڊي جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. بني عبدالقيس مان هڪ مرد ٻاهر نڪري مقابلي لاءِ للڪاريو، جنهن تي دشمن جو سردار اچي ساڻس سامهون ٿيو. ياسر بن سوار پڻ بني عبدالقيس ]واري ماڻهو[سان گڏ روانو ٿيو، ۽ حملو ڪري سردار کي ڊاهي وڌائون. ]اتي[ ڪيڪانين جو سمورو لشڪر نڪري آيو. آخر اسلامي لشڪر شڪست کاڌي. سارو جبل مئل لشڪر سان ڀريل ڏسڻ ۾ آيو. پوءِ مسلمان مڪران موٽي آيا.
(روايت) ابوالحسن روايت ڪئي ته مون حاتم بن قتيبه الباهلي(1) کان ٻڌو، جنهن چيو ته: آئون انهيءَ ڏينهن لشڪر ۾ هئس، ڏٺم ته اِبن سوار هڪ جوان سان مقابلو ڪيو، ۽ سندس ساٿين حملو ڪري، ڪيترا دشمن قتل ڪيا ۽ ڪافي لڙائي کان پوءِ شهيد ٿيو. مون ڪٺلن جا ٽپڙ ٿي لاٿا، [79] سوُ منڊيون مهرن سوڌيون مليم. پوءِ عبدالله بن عبدالرحمان العبدي چيو ته مون سندس جنگ جا شعر ٻڌا آهن، جي اميرمعاويه جي اڳيان ٿي چيائون:
شعر
مـَـن کـَـابـِـن سـَـوارِ اِن جـَـاشـَـت مـَـرَاجــِـــلـہ
فـِـي الحـَـربِ لاَ اُوقدَت نـَـار لـَـهـَـا بــَـعــدَه
کـَـــانــــت مـَـرَاجـِـلـہ لـِـــلــــــرزقِ ضـَـــامـِـنة
فانهـُـن بـَـــــــنـَــــــاتُ الــــــــحـَـربِ وَالجودَه
]ابن سوار جو مٽ ڪونهي، اچي کيس جي جـوش
جنگ ۾، شل ٻري ان کان پوءِ ڪا جنگ جي بـاه،
ديڳيون ان جون هيون رزق جـــــون ضامن، بيشڪ
ڄڻ هيون جنگ ۽ احسان جـــون نياڻيون واه واه! [
۽ اَعورشي چيو ته
شعر
اَبلـِـــغ رَبـِـــيــعــَةَ اَعلاَهـَــــا وَ اَســــفـَــــــلـَـهاَ
اِنا وَجـَـــدنـَــــــا اِبـــــــنَ سـَــــــــوارِ ڪـَـسـَــــوارِ
لاَيـُـسمـِـنُ الخـَــــيلَ اِلا رَيـــــث يـُـمـــــهـِـلـُـهـَـا
وَمـَـــــا سـِـــوَاهُ فـَـتـُـــردَيٰ طـــــــــــــــولَ اَعمـَـارَ.
]چئج وڃي تون ربيعه جي اعليٰ ۽ اسفل کي
ته آهه بلاشڪ ســـــــوار جهڙو ابــــــن ســــــوار.
نٿو مچائي هو گهوڙا مگر ڪو وقـــت قليل،
پيو ڊڪائي انهن کي وگرنه ســاري ڄمار


________________________________________
(1) اصل عبارت: تاعر بن دعر، اصلاح، عربي اعلام کي مدنظر رکي ڪئي وئي آهي. (ن-ب)
(1) اصل متن ۾ ”ارفع واربعين“ (چوئيتاليهه) جو شايد ”اربعين“ (چاليهه) جي بدران ڀـُـل آهي. امير معاويه سنه 40هه ۾ حضرت علي رضه جي شهادت بعد ايليا جي شهر ۾ خلافت جي بيعت ورتي. ڏسو تاريخ طبري سنه 40هه هيٺ. (ن- ب)
(2) اصل ۾”قيس بن هاشم السلمي“: هيثم صحيح آهي ۽ نه هاشم- ڏسو يعقوبي ج 2، ص 193، ديوانَ فرزدق طبع پئرس ص 119، طبع مصر ص ص 761 ۽ 776، تاريخ ابن خلدون. بقيـة جزءُ ثاني ص ص 33-34، نقائض جرير و فرزدق ص ص 723، 726 ۽ 738، بخاري: ڪبير ج 4، ص 145. (ن-ب)
(3) اصل فارسي ڇاپي جي عبارت: ”وبا او بغزو عمان و اردبيل و جرم وکند“: ظاهراَ هن عبارت ۾ خلل آهي. پ ن پ س ۾ “جرم کند”: آهي يعني هنن ٻن لفظن جي وچ وارو عطف ڪونهي ۽ غالباً اتي ڪو ٻيو لفظ ڇڏيل آهي ۽ اسان جي خيال ۾ ”شرکت“ ئي اهو موزون لفظ آهي. انهيءَ لحاظ سان غالباَ صحيح عبارت هن طرح ٿيندي: ”با او بغزو و عمان و اردبيل و جرم شرکت کند“. ترجمو به انهيءَ لحاظ سان ڪيو ويو آهي. (ن-ب)
(1) اصل عبارت ۾ ”مسلم“ آهي، جو صحيح نه آهي، مسلمه بن محارب مشهور راوي آهي- ڏسو بلاذري: انساب الاشراف ج 4 ص ص 73 ۽ 81، نقائض جرير و فرزدق ص ص 726، 730 ۽ 734، جاحظ: البيان ج 2، ص 2، 9، ۽ بخاري: تاريخ ڪبير ج 4، ص ص 379 ۽ 387. (ن- ب)
(1) اصل لفظ ”البهلي“ جو حقيقت ۾ ”الباهلي“ جي بگڙيل صورت آهي. (ن- ب)
هند جي سرحد تي سـِـنان بن سـَـلمـَـه بن المـُـحـَـبقِ الهـُـذَلـِـي جو والي ٿيڻ
هن تاريخ جي سلجهائيندڙن هـُـذَلـِـي ۽ عيسيٰ بن موسيٰ کان روايت ڪئي آهي، جنهن پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته: عبدالله بن سـَـوار شهيد ٿيڻ وقت]پنهنجي جاءِ تي[ سـِـنان [80] بن سـَـلـَـمـَـه کي مقرر ڪيو. انهيءَ کان پوءِ امير معاويه، زياد ڏانهن لکيو ته: ڪو اهڙو ماڻهو جو هند جي سرحد لاءِ موزون هجي، ڏسي، اتي جو گورنر بناءِ. حڪم پهچڻ تي زياد ڏانهس لکي موڪليو ته”مون وٽ ٻه ماڻهو آهن، جيڪي انهن جي لياقت رکن ٿا: احنف بن قيس ]۽ سنان بن سلمه الهذلي“: جنهن تي امير معاويه هن[ ڏانهن لکي موڪليو ته: ]”احنف کي سندس ٻن ڏينهن مان ڪهڙي ڏينهن جو[ انعام ڏيون؟ ام المؤمنين ]سانبيوفائي جو يا صفين واري ڏينهن اسان جي برخلاف ڪوشش ڪرڻ جو؟ تنهن ڪري سنان کي روانو ڪر.“ انهيءَ تي زياد هن ڏانهن لکي موڪليو ته احنفشرف، عقل ۽ سرداريءَ جي انهيءَ درجي تي پهچي چڪو آهي، جتي هن کي حڪومت فائدو نٿي ڏئي ۽ موقوفي نقصان نٿي رسائي[. (1) پوءِ هو ]سـِـنـَـان[مڪران وڃي ٻه سال اتي رهيو ۽ ٻن سالن هڪ مهيني کان پوءِ برطرف ڪيو ويو.

راشد بن عـَـمرو الجـَـدَيدي جو، هند جي سرحد تي
والي ٿيڻ
ابوالحسن، هذلي کان ٻڌو ۽ انهيءَ اسودَ کان روايت ڪئي ته: زياد جڏهن ]سـِـنـَـان[ ابن سـَـلـَـمـَـه کي موقوف ڪيو، تڏهن راشـِـد بن عـَـمرو کي هندستان ملڪ ]جي سرحد[ ڏانهن روانو ڪيائين ۽ کيس گورنر مقرر ڪيائين. راشد هڪ شريف ماڻهو هو ۽ همت بلند هوندي هئس. امير معاويه هن کي سڏي تخت تي ويهاريو، ۽ گهڻي وقت تائين پاڻ ۾ صلاح ڪيائون. پوءِ ]لشڪر جي[ مکيه ماڻهن کي چيائين ته: راشد شريف ماڻهو ۽ اڳواڻ آهي. کيس خوش رکجو ۽ سندس فرمانبرداري ڪجو، لڙائي ۾ سندس مدد ڪجو ۽ کيس اڪيلو نه ڇڏجو. راشد مڪران ۾ پهچڻ سان عرب جي بزرگن ۽ مکيه ماڻهن سان گڏجي سـِـنـَـان وٽ ويو. کيس مضبوط عقل وارو ۽ ڪامل ڏسي چيائين ته: خدا جو قسم سـِـنـَـان هڪ وڏي شان وارو آهي، هو سرداري ۽ سپهه سالاريءَ جو لائق ۽ بهادر آهي. ۽]پوءِ[ ٻيئي گڏجي ويٺا. هن کي امير معاويه، وڃڻ وقت ]تاڪيد[ ڪيو هو ته هميشه سنڌ ۽ هند جون خبرون ڏيندو رهي. ڳجهاندر ڳالهائڻ وقت کانئس سنڌ جون خبرون پڇي لشڪر جي پڪي تياري ڪيائين.
(روايت:) عبدالرحمان بن عبد رَبه(1) الـُـسـَـليطـِـي کان هن طرح روايت ڪن ٿا ته هن چيو ته: مون عبدالرزاق بن سـَـلـَـمـَـه کان ٻڌو ته، جڏهن راشد بن عـَـمرو سنڌ ملڪ ۾ پهتو،[81] ۽ ڪوپايه جي ڍل وصول ڪري ڪيڪانان ويو ۽ اتي وڃي اڳين ۽ پوئين ڍل وصول ڪرڻ سان گڏ غنيمتون ۽ بيفرمان غلام، جيڪي ڦرجي ويا هئا، تن تي قبضو ڪيائين، تڏهن هڪ سال ]اتي رهڻ[ کان پوءِ موٽي سيستان جي رستي کان پنڌ ڪري، اچي ڪوه مـُـنذر (2) ۽ بـَـهرَج وٽ پهتو. انهيءَ جبل جي ماڻهن لشڪر گڏ ڪيو، صبح کان ٻهپري جي نماز تائين جنگ ڪندا رهيا، نيٺ راشد شهيد ٿي ويو. ]راشد جي شهيد ٿيڻ کان [ (3) پوءِ ملڪ وري سـِـنـَـانَ بن سـَـلـَـمـَـه جي حوالي ٿيو ۽ سـِـنـَـانَ بن سـَـلـَـمـَـه ٻيهر ]گورنر جيحيثيت ۾[ مستحڪم ٿيو(3).

سـِـنـَـانَ بن سـُـلمه جي دوباره اِيالـَـت
يـَـسـَـار اَلقـُـرَ شـِـي کان هن طرح روايت ڪئي اٿن ته جڏهن راشد بن عـَـمرو شهيد ٿيو، تڏهن زياد، سـِـنـَـانَ بن سـُـلـَـمـَـه کي گورنر بنايو ۽ ]مٿس[ فخر ڪيائين، ڇاڪاڻ ته هو پيغمبرﷺجي زماني ۾ ڄائو هو، ۽ جڏهن سندس پيءُ کي ُسندس ڄمڻ جيلله خوشخبري ملي هئي ته پيغمبرﷺ فرمايو هو ته ”يا سـَـلـَـمـَـه اَبشـِـر بـِـابـِـنـِـک“ (اي سلمه! پنهنجي پٽ تي خوش ٿي). تنهن تي هن عرض ڪيو هو ته: جيڪڏهن پاڻ کي ۽ هن کي الله جي واٽ ۾ قربان ڪريان ته ]يقيناً[اهڙن هزار پٽن کان ڀلو ٿيندو، جيڪي خدا جي واٽ ۾ قربان نه ٿين. تنهن تي رسول اللهﷺهن جو نالو سـِـنـَـانَ رکيو. هو جڏهن اڳواڻ مقرر ٿيو، تڏهن سينگاريل لشڪر ساڻ وٺي اڳتي وڌيو، ] ۽[ پيغمبر عليه الصواة والسلام کي خواب ۾ ڏٺائين، جنهن فرمايس ته: تنهنجو پيءُ تنهنجي مردانگيءَ تي ناز ڪندو هو، اڄ تنهنجو ڏينهن آهي، گهڻيون ئي ولايتون تنهنجي هٿ اينديون ۽ انهن جو سڌارو ٿيندو. [82]پوءِ ]سنان[ اتان روانو ٿي، ڪي ملڪ هٿ هيٺ آڻي وڃي ڪيڪانان پهتو، ۽ جتي به پهتو ٿي ته چڱيون رسمون قائم ڪيائين ٿي. آخر وڃي ٻـُـڌيه ۾ پهتو، جتي ساڻس ٺڳي ڪري کيس شهيد ڪيائون، جنهن تي اِبن خـَـلاص اَلـَـبـَـڪرَي هيءُ شعر چيو:
شعر
اَبلـِـغ سـِـنـَـانَ ابـــــــــنَ مـَـنصـُــــورِ وَ اُخوَتہُ
اَعنـِـي هـُـدِيتَ (1)، کـــــــــراماً غـَـير اَغمار،
اِنا عـَـتبـَـنـَـا عـَـلـَـيکـُـم فـِــــــــي اِمـَـارَتـِـکـُـم،
وَ الدهرُ ذَا قـَـــــــــلـَــــــــل فـِــــــــي الناسِ دَوار،
يـُـعطـِـي الجـَـزِيلَ وَ يـِـنشـُـسرُ غـَـير مـُـستـَـثر،
وَلاَ يـَـزِيدُکَ شـَــــــــــرا(1) بــــــعــــــدَ اِقـُـتـَـدار،
لـُــم يـُـنـــــزِلِ القـَـوم اِذ جـُــــنت فـَـتـَـاتـُــهـُـم(1)
کـَـابنِ المـُـعـَـلي وَلاَ مـِـــثــــــــل ابنِ سوار،
وَلا ابنَ مـُــــــــرةَ اِذ اَودَي الـــــزمـَـــــــان بـِہ،
کـَـم فـَـلـُـلَ الدهـر مـِـــــــــن تـَـــــــاب وَ اَظفار.
]چئج سنان بــــــن منصور، ان جي ڀائن کـــي،
اهي سڳورا جــــــي آهن ڪــريم، تجربيڪار.
ٿياسون رنج توهان تي توهان جي اميريءَ ۾،
زمــــــــانو ڏاڍو آ تڪليف ده، وڏو مــــــــڪار.
ڏئي ٿو دولت تنهن کي پڇي نــــــه جو دولت،
ٿئي فقير سان هر گز نه ســـــــو ڪــڏهن غدار.
ٿئي ذليل جڏهن قوم ڏيـــــــــــس ڪونه پناهه،
ڏئي جيئن اِبن مـُـعـَـلي، ڏئي جيئن اِبن سوار.
يا جيئن ڏني ٿي اِبن مـُـــــــــره پر ٿيو هو تباهه،
زماني ڪيئي ڪيا مرد شير دل بيڪــــــار.[
مـُـنذِر بن جارود بن بـِـشر جو والي ٿيڻ
پوءِ ]هيءُ[ ملڪ مـُـنذِر بن جارود بن بـِـشر جي حوالي ٿيو. جڏهن خليفي جي حڪم سان، مـُـنذِر گورنريءَ جي پوشاڪ پهري، سن ايڪهٺ ]هجري[ ۾ جنگ تي روانو ٿيو، تڏهن سندس ڪپڙو ڪنهن اُڀيءَ ڪاٺيءَ ۾ اٽڪي ڦاٽي پيو، ]جنهنتي[ عبـَـدالله بن زيـِـاد [83] غمگين ٿي چيو ته: مـُـنذِر جي فال چڱي نه ٿي آهي. آخر انهيءَ کان موڪلائي موٽي آيو ۽ روئي چيائين ته مـُـنذِر هن سفر تان موٽي ڪونه ايندو، بلڪ مري ويندو. ]هڪ ڏينهن[ ابن زيـِـاد کي عبدالعزيز چيو ته: مال جو نقصان ٿي رهيو آهي، ۽ توهان ڪنهن کي مقرر نٿا ڪريو ڇو؟ چيائين ته مـُـنذِر کي موڪليو اٿم، جنهن سان لڙائي ۽ بهارديءَ ۾ ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن بخت مددگاري ڪيس ته مطلب حاصل ڪري موٽي ايندو.
منذر جي حڪمراني (1)
مـُـنذِر جڏهن اتان روانو ٿي دشمنن جي ملڪ ۾ پهتو ته ]اوچتو[ پـُـورالي ]ندي[جي حد ۾ بيمار ٿيو ۽ ساهه خدا تعاليٰ جي حوالي ڪيائين. سندس پٽ حـَـڪم بن مـُـنذِر، ڪـِـرمان ۾ هو، تنهن ڏانهن ]بيماري جو[ لکي موڪليائين. ]هن جي مرڻکان [ پوءِ سندس ]منذر جي[ ڀاءُ، عبدالعزيز کان انهيءَ ملڪ جي ]گورنري جي[گهر ڪئي، ۽ ]عبدالعزيز وڃي حـَـجاج سان ڳالهايو:[ حجاج دروازي تي پهتو ته نماز جي بانگ جو آواز آيو. عبدالعزيز ڏانهن منهن ڪري حجاج چيو ته: بانگ جو آواز منهنجي ڪن تي نه پوي ها ته سندس ]يعني منذر جي[ ڀاءُ کي انهيءَ خط آڻڻ سبب سزا ڏيان ها. اسان جي برگزيدن ۽ مکيه ماڻهن مان هڪ بزرگ خدا تعاليٰ جي واٽ ۾ پنهنجي جان فدا ڪئي آهي، ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ موجود آهي، ۽ تون ٿو ]ڀاڻس لاءِ[ گورنري گهرين؟
حـُـڪـَـم بن مـُـنذِر جو والي ٿيڻ
بيان ڪن ٿا ته: جڏهن حـَـڪـَـم آيو، ۽ عبيدالله کي اطلاع ڏنائون، تڏهن هن رنو ۽ غمگين ٿيو ۽ سندس ]منذر جي[ پٽ ]حڪم[ کي گهرائي، کيس ٽي لک درهم بخشيائين. انهيءَ کان پوءِ به ڇهن مهينن تائين هند جي گورنري سندس حوالي هئي. جڏهن حـَـڪـَـم ]گورنري جي [ خلعت پهري، ۽ هو هڪ همت وارو ۽ بهادر هو، تڏهن عبدالله ]بن[ اَلاعورَ الحـِـرمازِي (1) اٿي هي شعر پڙهيا [84].
يـَـا حـَــــــــکـَـــــــم بــــــــــنِ المـُـنذِرِ بنِ الجـَـارَود
اَنـــــــــــــتَ الجـَـــــــــــواد و الجـَــــــــود مـَـحمـُـود
سـُـرَادقُ المـَـجد عـَـلـَـــــــيـــــــــکَ مـَـــــــــمـــــدُود
نـَـبـَـت فـِـي الجـُـودِ فـِـــــــــــي اَصــــــــــلِ الجـُـودُ
]اي مـُنذر- جارَود جــــــــــــا فرزند حـَـــــــــڪـَـم!
آهين بيشڪ تون سخي ۽ سخي آهي محمود.
توکي چؤطرف بزرگي جــــــــــــو رهي ٿو گهيرو،
آهين ڄائو تون سخا ۾ تنهنجوبنياد آ جـُـود[
عـَـبدالملڪ بن مروان جي خلافت
تاريخ جي راوين هن طرح بيان ڪيو آهي ته: جڏهن عبدالملڪ بن مروان آيو ته هن عراق، هند ۽ سنڌ حجاج بن يوسف کي ڏنا، ۽ حـَـجاج، سـَـعيـِـد بن اَسلـَـم ڪلابي کي مڪران موڪليو. هن جي اتي پهچڻ کان پوءِ ]هڪ شخص[ سفهوي بن لام الـَـحمامـِـي، اُزد ]قبيلي [ مان، اتي آيو. سـَـعيد کانئس گهر ڪئي ته: آءٌ جتي به منزل ڪريان ته تون مون سان هج، ۽ منهنجو مددگار ٿيءُ. جواب ڏنائين ته: مون وٽ لشڪر ڪونه آهي. تنهن تي هن چيو ته: خلافت جي دفتر کي حڪم ٿو ڪريان. هن چيو ته: خدا جو قسم تنهنجي زيردستيءَ ۾ نه ايندس جو شرم ٿو اچيم. سعيد ]ڪاوڙجي[ هن کي پڪڙي، قتل ڪيو ۽ سندس کل لاهي ان جو سر حـَـجاج ڏانهن موڪلي، پاڻ مـَـڪران وڃي مقيم ٿيو، ۽ ڍل وصول ڪرڻ لاءِ اعتماد جوڳا ماڻهو مقرر ڪري، صلح ۽ نرميءَ سان، هندستان جو گهڻوئي محصول وصول ڪيائين. آخر هڪ ڏينهن جيئن مال کنيو ٿي آيو ته مرج (1) ۾ عـِـلافـِين سان مقابلو پيش آيس.



________________________________________
(1) چورس ڏنگين ۾ ڏنل احوال ابن قتيبه جي ڪتاب عيون الاخبار (ج 1، ص 227) تان درست ڪري ڏنو ويو آهي: فتحنامه جي اصل عبارت هن طرح آهي ۽ اها ظاهراً ناقص آهي: ”زياد احنف بن قيس را فرمود که هم او مسند است و مؤمنان است“. (ن- ب)
(1) فارسي ڇاپي ۾ هن جاءِ تي عبدالله آهي مگر پ ۽ ر جي پڙهڻي ”عبدربہ“ آهي جا صحيح آهي. فارسي ڇاپي ۾ ص ]234[ تي هن ساڳئي نالي جي پڙهڻي پ مطابق ”عبدريہ“ ڏني وئي آهي ۽ ان جاءِ تي به ر ۽ م جي پڙهڻي ”عبدربہ“ آهي. (ن-ف)
(2) فارسي ڇاپي ۾ ”کوه مندر“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي مگر پ، ن، ڪ جي پڙهڻي “کوه منذر” آهي جا زياده قرين قياس آهي. غالباً انهيءَ جبل تي اهو نالو عرب جي ٻئي هڪ گورنر ”منذر بن جارود“ جي ڪري پيو. (ن-ب) (3)-(3) فارسي ڇاپي جي عبارت: ”بازولايت به سنان سلمـہ ديگر بار مستحکم شد“ آهي جا شايد پ مطابق آهي. ن، ر، م مطابق: ”باز ولايت به سنان بن سلمـہ دادند، سنان بن سلمه ديگر بار مستحکم شد“ هي عبارت کليل آهي ۽ ترجمو به انهيءَ مطابق ڏنو ويو آهي. (ن- ب)
(1) فارسي ايڊيشن ۾ هـَـدِيت جي بدلي هـُـذيلا وَلايـَـزِيدُکَ شراَ جي بدلي وَلاَ يـَـزيدُثـَـري ۽ اِذ جـُـنتِ فـَـتـَـانهـُـم جي بدلي اذ جنت قـَـتـَـاتـُـهـُـم پڙهڻيون ڏنل آهن. هت هـُـدِيـُـتِ، ولاِيزِيدُکَ شرا ۽ اِذ جـُـنتِ فـَـتـَـانهـُـم پڙهڻيون اختيار ڪيون ويون آهن، جي علامه عبدالعزيز الميني سابق پروفيسر عربي، مسلم يونيورسٽي عليڳڙه، فاضل ايڊيٽر (ڊاڪٽر دائودپوٽا) ڏانهن لکي موڪليون هيون. ڏسو فارسي ايڊيشن، ص 261. (ن-ب)
(1) ن ۾ هيءَ عبارت ڪانهي.
(1) اصل لفظ سڀني نسخن ۾ ”الحواري“ آهي. ڪيل تصيح لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]84[. (ن- ب)
(1) سڀني نسخن ۾ ”مرج“ آهي. مرج جي معنيٰ گاهه وارو ميدان، مگر هن خطبي ۾ اهڙي جڳهه جو نالو عربي تاريخن يا جاگرافين ۾ نٿو ملي. غالباً هي لفظ ”بهرج“ جي بگڙيل صورتخطي آهي. فارسي ڇاپي جي فاضل ايڊيٽر جي راءِ ۾ هي لفظ غالباً بهرَج آهي. بهرج ڪرمان ۽ مڪران جي سرحد جو شهر هو، جنهن جو ذڪر هن کان اڳ ص ]76[ تي اچي چڪو آهي. (ن- ب)
عـِـلافينِ ۽ سندن بغاوت جي خبر
قتيبه بن اَشعث کان روايت ڪن ٿا ته: هڪ ڏينهن ڪليب بن خلف [85]المغني، عبدالله بن عبدالرحيم العلافي ۽ محمد بن معاويه الـِـعلافي ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته سفهوي بن لام اسان جي ملڪ عمان جو ماڻهو هو ۽ اسان جي طرف جو ساڻس لاڳاپو آهي. سعيد کي اسان جي قرابت وارن کي قتل ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ سو جيئن هو ]سعيد[ ڍل کنيو، مرج(1) ۾ ٿي آيو ته ]هن جي[ سامهون ٿيا.]پهريائين[ ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيائون، پر نيٺ وڃي جنگ جي حد کي پهتا، ۽ علافين غلبو ڪري، سعيد کي ماري پاڻ مڪران ۾ کـُـپي ويٺا، جنهن تي فرزدق هي شعر چيو:
سـَـقـَـي الله قـَـبراَ يا سـَـعـَـيـــدُ تـَـــــــضـَـمـــنـَــــــــــــت
نـَـــــــــــواحـَـيهِ اَکفـَــــــــانا عـَـــــــلـَـيـــکَ ثـِـيـَـابـُـهـــــا
]وَحـُــــــــــــــفــــــــرةَ بـَـيـــــتِ اَنـــــتَ فـِـيها مـُـوَســـد
وَقـَـــــــد سـُـــــــد مـِـــــــــن دُونِ العـَـوائـِـدِ بـَــــابـُـهـَـا[
لـَـقـَـدُ ضـُـمـِـنـَــــــــــــت اَرض قـِـّمکـَـــــران سـَــــيــداَ
کـُـــرِيمـــــــــــاَ اِذَا الانــــوَاءُ خـَــــــــف سـَـحــــابـُـهـَـا
شـَـدَيدَ اعـَـلـَـي الاَدنـَـينِ مـِـنــکَ اُذا احـــــــــــتـَـويٰ
عـَـلـَـيکَ مـِـنَ الـَــتــــــــربِ الـَـهيام حـِـجـَـــــابـُـهـَـا
]لـِـتــبـَـکِ سـَـعـِـيداَ مـُــــــــــــــرضـِـــــــع اُم خـَـمسـَـة
يـَـتـَـاميٰ وَمـِـن صـِـرفِ القراح شـَـــــــــــــــرابـُـهـَــــــا[
اِذَا ذَکـَــــــــرت عـَـيـــــنـــِـي سـَـعـِـيــــداَ تـَـــــــحـَـدرَت
عــَـــلـيٰ عـَـبـَـرَات يـَـستـَـهـِـل انســــِـکابهـَـا(2) [86]
]سعيد !تنهنجي قبر کي رکي خدا شل خوش،
جنهين جي پيٽ ۾ تنهنجي ڪفن جا ڪپڙا ٿيا.
رهي سا ڪوٺي سلامت تون جنهن ۾ آرامي، حلانڪ آئي وئي کان انهيءَ جا درپوريا.
رهيو زمين ۾ مڪران جي اهو سيد،
ڪڪر وسيا ٿي جنهن جا جڏهن نه مينهن وسيا.
ٿيا الم ۾ گرفتار تنهنجا سڀ ويجها،
جڏهن مٿان تنهنجي سنهڙي مٽيءَ جا پردا وريا.
رئي سعيد کي سا ماءُ، پنج ٻچا جنهن کي،
يتيم، ڪجهه نه رهيو آ وٽس پاڻيءَ کانسواءِ.
اکين کي ياد پوي ٿو جڏهن سعيد تڏهن،
وهن ٿا لڙڪ انهن مان، ٿا جيئن وهن نارا.[
پوءِ حـَـجاج، سعيد جي ماڻهن کان ڪاوڙجي پڇيو ته: توهان جو امير ڪٿي آهي؟ جيئن ته هنن اقرار نٿي ڪيو، تنهنڪري ڪن کي ترار جو لقمو بنايائين، تڏهن نيٺ اقرار ڪيائون ته عـِـلافـِـينُ بيوفائي ڪري، کيس قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ ته حجاج، بـَـني ڪـِـلاب مان هڪ ماڻهوءَ کي حڪم ڏنو، ]جنهن وڃي[ سليمان عـِـلافيءَ کي ڪــُـٺو ۽ سندس سسي سعيد جي پونيئرن جي گهر موڪلي، کين دلداري ڏيئي، سندس قريبن کي نوازيائين. پر تڏهن به حـَـجاج بن اَسلم، بـِـشر بن زياد، محمد بن عبدالرحمان، اسماعيل بن اسلم، سعيد جا آزاد ڪيل غلام ۽ سندس ٻانها نعرا هڻندا رهيا ۽ روڄ راڙو ڪندا رهيا، صـَـعصـَـعه بن مـَـجريـہَ (1)ڪـِــلابـِـي هيءَ شعر چيو:
اَعـَـاذِل ڪـَـيفَ لـِـي بهمـُـومِ نـَـفسـِـي
بـِـذِڪريٰ تـَــــــابـِـعا فـــِــــــيها سعيدا
واِخــــــوَانا لـہ ســـــلــفــوا جـَـمـِــــيعــــا
غطارفــة مــــن الادنــــين صــيــــدا
اِذَا مـا الدهر حــَـل فـَــلـَـم يـَـڪـُـونـُـوا
بـِـمـَـا قـَـــدحــَــل مــِـن اَمــــــر شـُـهـُـودا
بِقـَـندابـِـيل حــَــيـــــثُ تـَـري المـَـتـُـايا
و قـَـدلافت بـِـهــِــم ڪـــَــرمـَــا وَجـُـودا
وَلاَ تـُـشــمـِـت بـنا سـُـوقا (2) ستـُـلقيٰ
مـِـنَ الاَجـــالِ مـِـطرقة حـَـدِيــــدا[87]
]ٻڌاءِ عاذل ڪريــان مان ڇا غمن کي،
سعيد جي ياد ۾ جــن ڪيو آ بـيڪار.
۽ پڻ ڀائر سندس جــــــي ويــــا گذاري،
اقارب پڻ هئا جي جملي سردار.
زماني کان جي آئي ڪا مصيبت،
ڏسي رهيا نه سي خاموش هوشيار.
هو قندابيل ۾، جو موت جو گهر،
مليا وڃي موت سان سخين جا سردار،
کلائج ڪين ماڻهو تون جهليندين،
اجل جا مطرقا لوها خبردار![
مـَـجاَعـہ بن سعرِ بن يزيد بن حذَيفهَ ]التـَـمـِـيـمـِـي [ جو والي ٿيڻ
هن تاريخ جا سنواريندڙ روايت ڪن ٿا ته: بشر بن عيسيٰ صاحب الخلاط (1)فـَـرقد (2) بن مـُـغـِـيره ۽ عـَـمرو بن محمد التميمي کان بيان ڪيو ته: جڏهن حجاج مـُـجاعـة بن سـِـعر کي مڪران (3) ڏانهن موڪليو،] ڇاڪاڻ ته[ سن پنجاسي]هجري[ ۾ هـِـند ۽ قـَـندابيل جا ملڪ ]پڻ[ حـَـجاج جي ذمي ڪيا ويا هئا، عـِـلاَفـِـي، مـُـجاعـة جي پهچڻ کان اڳ ڀڄي ويا. مـُـجاعـة سندن ڳولا ڪئي، پر هو سنڌ جي راجا ڏاهر بن چچ وٽ هليا ويا. مـُـجاعـة هڪ سال مڪران ۾ رهي، جان خدا جي حوالي ڪئي.

محمد بن هارون بن ذراع النمرِيءَ جو والي ٿيڻ
جڏهن سال ڇهاسي ]هجري[ آيو، ]۽[ خلافت وَلـِـيد بن عبدالملڪ بن مروان کي ملي، تڏهن ]هـُـند جو[ مـُـلڪ محمد بن هارون جي حوالي ڪيائين. تاريخ جا مصنف هن طرح روايت ڪن ٿا ته: جڏهن مـُـجاعـة جي عمر پوري ٿي ته حجاج بن يوسف، محمد بن هارون(1) کي هندستان جي طرف مقرر ڪيو ۽ کيس حڪومت هلائڻ ۾ آزاد رکيائين، ۽ ديواني مال وصول ڪرڻ جو تاڪيد ڪري، چيائينس ته: عـِـلافيـِـن کي ڳولـج ۽ ڪيئن به ڪري کين هٿ آڻي، سعيد جو انتقام وٺج. پوءِ محمد، سن ڇهاسي جي اوائل ۾ هڪڙي عـِـلافي کي هٿ ڪيو ۽ خليفي جي فرمان مطابق انهيءَ کي قتل ڪري،سندس سر حجاج ڏانهن موڪليو، ۽انهيءَ متعلق حجاج جي خدمت ۾ هڪ خط لکيائين، [88] انهن ۾ ذڪر ڪيائين ته هڪ علافيءَ کي ترار جو کاڄ ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن عمر وفا ۽ بخت ياوري ڪئي ته ٻين کي پڻ گرفتار ڪيو ويندو. محمد بن هارون پنج سال ]رهي[، درياءُ ۽ بيابان فتح ڪيو.


انهن تحفن ۽ سوکڙين جو ذڪر، جيڪي سرانديپ کان وقت جي خليفي ڏانهن موڪليا ويا هئا
چون ٿا ته: سرانديپ جي راجا، جزيره يواقيت (1) مان حجاج لاءِ ٻيڙيءَ رستي تحفا ۽ سوکڙيون موڪليون، ]انهن سان گڏ[ عجيب موتي ۽ جواهر، حبشي ٻانها ۽ ٻانهيون، پڻ ٻيا لائق تحفا ۽ بيمثال ۽ سانڍڻ لائق سوکڙيون دارالخلافت ڏانهن به روانيون ڪيائين. ڪي مسلمان زالون پڻ ڪعبي ]شريف[ جي زيارت ۽ خلافت جي تختگاهه جي ڏسڻ لاءِ انهن سان گڏجي روانيون ٿيون.
جڏهن قازرون ملڪ ۾ پهتا ته مخالف واءُ اٿيو، ۽ جهازن کي توائي ڪري، وڃي ديبل جي ڪناري تي ڪڍيائين. هڪ چورن جو ٽولو جن کي نڪامره (2) چوندا هئا ۽ ديبل جا رهاڪو هئا، سي اٺن ئي جهازن کي پڪڙي، انهن ۾ پيل سامان کڻي، مردن ۽ زالن کي گرفتار ڪري، سامان ۽ جواهر سڀ ڍوئي کڻي ويا. سرانديپ جي بادشاهه جي ماڻهن ۽ عورتن گهڻوئي چيو ته هو، هيءُ مال وقت جي خليفي ڏانهن نيئي رهيا آهن، مگر انهن توجهه نه ڪيو، ۽ سڀني کي بند ڪري چيائون ته: جيڪڏهن توهان جو ڪو دادرسي ڪندڙ آهي ته پاڻ کي وري خريد ڪريو. ُاتي هڪڙيءَ زال دانهن ڪري [89] چيو ته: ”يا حجاجُ! يا حجاجُ! اَغثني اَغثني“ (او حجاج! او حجاج! منهنجي واهر ڪر، منهنجي واهر ڪر!). اها عورت بني عزيز(1) قبيلي مان هئي. حجاج هيءَ ڳالهه ٻڌي چيو: ”لبيڪَ لبيڪِ“ وسط اسعدي ٻڌايو ته: جڏهن ديبل فتح ٿيو. تڏهن انهيءَ زال کي ڏٺم: سندس چمڙي سفيد ۽ قد ڊگهو هو. ديبل جا واپاري آيا، ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ٻيڙي مان ڀڄي نڪتا هئا، تن اچي حجاج کي هن حال جي خبر ڏني ته: مسلمان زالون ديبل ۾ قيد آهن، ”يا حجاج! يا حجاج! اَغثني اَغثني“ چئي فرياد ڪري رهيون آهن. حجاج هيءَ ڳالهه ٻڌي چيو: ”لبيڪَ لبيڪِ“ (”حاضر آهيان، حاضر آهيان“). پڻ روايت ۾ آهي ته: حجاج کي جڏهن مسلمان عورتن جي خبر پهتي ته]هو چئي رهيون آهن[ ”اي حجاج اسان جي واهر ڪر،“ تڏهن چيائين ته ]انهنعورتن[ ڄڻ مون کي ننڊ مان بيدار ڪيو آهي ته ظالمن ۽ نالائقن کان اسان جي فريادرسي ڪر، جو قيد ۾ پيون آهيون.

حجاج جو ڏاهر ڪافر ڏانهن قاصد موڪلڻ
پوءِ حجاج، ڏاهر بن چچ ڏانهن هڪ قاصد موڪليو، ۽ محمد بن هارون ڏانهن]پڻ[ خط لکيائين ته: هن قاصد سان ڪو اعتماد جوڳو ماڻهو ساڻ ڏيئي، ڏاهر بن چچ ڏانهن موڪل ته وڃي کيس چوي ته مسلمان عورتن کي ڇڏي ڏئي، ۽ دارالخلافت جا تحفا واپس ڪري، پڻ زالن جي حالت به معلوم ڪري. هڪ خط ڏاهر ڏانهن پڻ لکيائين، جنهن تي پنهنجي هٿ مبارڪ سان صحي ڪري قاصد کي ڏنائين، جنهن ۾[90] نهايت تاڪيد سان دڙڪو داٻ لکيائين. جڏهن هيءُ خط ڏاهر بن چچ کي پهتو، ۽ ميدن جو ديبل پڻ ڏاهر بن چچ جي بادشاهيءَ ۾ هو، تڏهن خط پڙهي ۽ جيڪي پيغام موڪليل هئا سي ٻڌي، جواب ڏنائين ته: ”هيءُ ماڻهو چور آهن ۽ انهن کان وڌيڪ طاقتور ڪو ڪونه آهي: اسان جي پڻ تابعداري ڪونه ڪندا آهن.“

حجاج جي دارالخلافت کان اجازت گهرڻ
هن خبر پهچڻ تي حجاج، ]خليفي[ وليد بن عبدالملڪ جي خدمت ۾ اطلاع موڪلي، کانئس سنڌ ۽ هند جي جهاد جي اجازت طلب ڪئي. ]خليفي[ حجاج کي موڪل نه ڏني. ]جنهن تي حجاج وري[ ٻيو ڀيرو لکيو. آخر اجازت ڏني ويئي. پوءِ حجاج، عبيدالله بن نبهان السلمي کي مڪران ]جي جنگ[ تي مقرر ڪيو.]هوڏانهن[ بـُـدَيل ]ابن طهفة البجلي[ کي حڪم ڏنائين ته: محمد بن هارون وٽ وڃ. ۽ مڪران پهچي کيس ]دارالحڪومت مان[ لشڪر جي موڪلڻ جي خبر ٻڌائج، جيئن هو ]پڻ[ ٽي هزار ماڻهو توسان گڏي روانا ڪري، بـُـدَيل ٽيهن سون جنگي جوانن سان روانو ٿيو. عبيدالله پڻ ان سان گڏ(1) عمان جو سمنڊ (عربي سمنڊ) ٽپي، اچي ديبل (2) جي قلعي وٽ پهتو. ]طهفـة جي هٿان[ جڏهن محمد بن هارون کي حجاج جو خط مليو، تڏهن هن هڪ جماعت هن سان گڏي رواني ڪئي، ۽ هو اچي ديبل پهتو. ديبل جي رهاڪن، ڏاهر ڏانهن اروڙ ڏي ماڻهو موڪليو ته کيس بـُـدَيل جي ديبل اچڻ جي خبر ٻڌائي. ]اهو ماڻهو[ جيسينه(1) بن ڏاهر کي، جو نيرون ۾ هو، خبر ٻڌائيندو، ڏاهر ڏانهن ويو [91].

جيسينه بن ڏاهر جو نيرون کان پهچڻ
ڏاهر، جيسينه(2) کي چار هزار سوار، اُٺ ۽ هاٿي ساڻ ڏيئي جلدي روانو ڪيو، جو اچي بديل کي سامهون ٿيو. ]انهيءَ وچ ۾[ بديل، ديبل جي بهادرن کي شڪست ڏيئي چڪو هو. جيسينه (2) چار هاٿي ۽ ٻيو ساز سامان وارو لشڪر ساڻ ڪري آيو، ۽ اچي لڙائي ڳنڍيائين.
صبح کان شام ٽرڻ تائين ٻنهي طرفن ۾ لڙائي چالو رهي. عين لڙائي هلندي، سوارن جي غلبي ۽ هاٿين کان بديل جو گهوڙو ٽهڻ لڳو. بديل دستار لاهي، گهوڙي جون اکيون ٻڌي حملو جاري رکيو، ۽ تنهن کان پوءِ ]به[ اسي ڪافرن کي جهنم ۾ موڪلي، پاڻ شهيد ٿيو. پوءِ جيسـِـنه هڪ ٺـَـڪر کي مقرر ڪيو، ۽ ستر هاٿي سندس نگرانيءَ ۾ ڏيئي، ديهه بڪري کيس جاگير ڏنائين.


بـُـدَيل جي شهيد ٿيڻ جي خبر
روايت ڪئي اٿن ته: جڏهن حـَـجاج کي بـُـدَيل جي شهيد ٿيڻ جي خبر پهتي، تڏهن غمگين ٿي چيائين ته: ”اڙي بانگا،‍ جنهن وقت به نماز جي بانگ چوين ته دعا ۾ مون کي بديل جو نالو ياد ڏياريندو رهج، جيئن سندس بدلو وٺان.“ پوءِ انهيءَ لشڪر مان هڪ ماڻهو[92] آيو ۽ حجاج جي آڏو جنگ جو بيان ڪندي، بـُـديل جي بهادريءَ ۽ مردانگيءَ جو بيان ڪيائين، جا هن انهيءَ جنگ ۾ ڏيکاري هئي، جيستائين جو هو ڪسي ويو ۽ اسلامي لشڪر کي شڪست آئي] چيائين[ ته ”مان حاضر هوس ۽ سندس مردانگي ۽ همت ڏســـي رهيو هــــوس.“ جڏهن ڳالهه ڪري پوري ڪيائين، تڏهن حجاج چيو ته: ”جيڪڏهن تون بهادر مرد هجين ها ته بـُـدَيل سان گڏ قتل ٿين ها.“ ]ائين چئي،[ هن کي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنائين.
(بديل جو شهيد ٿيڻ:) عبدالرحمان بن عبدربه(1) کان روايتن ۾ آڻين ٿا ته: جڏهن بـُـديل قتل ٿي ويو، تڏهن ڪوٽ نيرون(2) جا ماڻهو اچي ڊنا ته عرب جو لشڪر هن ظلم جي بدلي وٺڻ لاءِ ضرور ايندو، ۽ اسين سندن لنگهه تي آهيون، ]جنهن ڪري[ پهرين اسان تي ڪاوڙ ڇنڊيندا، ۽ اسان برباد ۽ تباهه ٿي وينداسون. انهيءَ وقت نيرون جو حاڪم سندر نالي هڪ شمني هو، ]تنهن[ ڏاهر جي اطلاع کان سواءِ، پنهنجا معتبر ماڻهو حجاج جي خدمت ۾ موڪلي، امان نامو گهريو ۽ پاڻ تي ڍل مقرر ڪئي،] جنهن جي لاءِ انجام ڪيائين ته[ وقت تي ادا ڪندو رهندو. امير حجاج انهن کي امان جو پروانو لکي ڏنو، ۽ مضبوط انجام سان دلجاءِ ڏيئي چيائين ته: اهڙيءَ طرح بندوبست ڪيو، جيئن اسان جا قيدي آزاد ٿين، ۽ جيڪڏهن نه ته چين جي حد تائين ڪافرن کي نه ڇڏيندس، ]بلڪ[ اسلام جي ترار سان ]کين[ذليل ۽ خوار خراب ڪندس.“
اتي عامر بن عبدالله ]حجاج ڏانهن[ پيغام موڪليو ته هند جو ملڪ منهنجي حوالي فرماءِ. حجاج چيو ته تون طمع ٿو رکين، پر نجومين حساب ڪري فيصلو ڪيو آهي، ۽ مون پڻ ڪـُـڻو وڌو آهي، ته هند جو ملڪ امير عمادُالدين محمد بن قاسم ثقفي جي هٿان فتح ٿيندو[93].


________________________________________
(1) غالباً بهرج: ڏسو حاشيہ ص 117. (ن- ب)
(2) اصل جملي نسخن ۾ صرف هيٺيان چار شعر ڏنل آهن، فارسي ڇاپي ۾ انهن جي پڙهڻي هن طرح قائم ڪئي ويئي آهي:
سـَـقـَـي الله قبراً من سعيد فـَـاصبــَـحـَـتَ
نواحيه ارهـي عـــــــليـــــک تـُـــــرابـُـــــهـــــا
لقد ضـَـمــــــنـَـت ارض بــــــــــمـُـکرانَ سيدا
کـَـريماً جـَـــــــــــــواد لايـُـــــــوَاکـَـفُ سحابها
شديدا علي الادنـــــين مـِـنـــــــکَ احسـُـنوا
عـِـليک من الثوب المهــام حجابها(؟)
اذا ذُکـُـرت عـَـيني سعيدا تـَــــــــــجـَـددَت
لها عـَـبـَـراَت يـَـستـَـهـِـل انـــســــــــکا بها
اسان جي پڙهڻي جو مدار، علامه عبدالعزيز الميمني، سابق پروفيسر مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه جي ڪيل تصحيح تي آهي. (ڏسو فارسي ڇاپي ص 261). فرزدق جا اهي شعر سندس ديوان (طبع بيروت، طبع صاوي قاهره ص 102، ۽ هيل ميونچ سن 1900، رقم 3 و رقم 500) ۾ موجود آهن. مٿي چورس ڏنگين ۾ ڌنل مصرعون (نمبر 2 ۽ 4) ديوان تان ڀيٽي ڏٺيون ويون آهن. فتحنامي جي جملي نسخن ۾ اهي کٽل آهن. (ن-ب)
(1) فارسي ڇاپي ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي ”مجربـہ“ آهي مگر استاد علامه عبدالعزيز الميمني جي راءِ ۾ عربن ۾ ”مجريـہ“ نالو آهي ۽ نه ”مجربـہ“. انهيءَ لحاظ سان ”مجريـہ“ پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي. (ن-ب)
(2) فارسي ڇاپي ۾ ”سـَـوقـَـا“ آهي. ڪيل تصحيح استاد علامه الميمني طرفان آهي. (ن-ب)
(1) فارسي ڇاپي ۾ ”صاحب الخاط“ آهي. تصحيح استاد علامه عبدالعزيز الميمني طرفان آهي. (ن-ب)
(2) فارسي ڇاپي ۾ ”برقد“ آهي. تصحيح استاد الميمني طرفان آهي. (ن-ب)
(3) جملي نسخن ۾ ”خراسان“ آهي، مگر اهو غلط آهي جيئن اڳتي هلي واضح ٿئي ٿو. (ن-ب)
(1) تحفته الڪرام جي روايت موجب هيءُ ماڻهو بلوچن ۽ جتن جو ڏاڏو آهي. ڏسو تحفته الڪرام ص 28، ج 4. (مترجم)
(1) لفظي معنيٰ جي لحاظ سان ”ياقوتن جو ٻيٽ“.
(2) ن ب: ننکامره، م تنکامره، ح لگامره، س بکامره.
(1) پ بني عزيز.
(1) هت اصل متن ۾ ”باوي“ يعني ان سان گڏ، تاريخي تسلسل جي لحاظ کان ”ان سان گڏ“ لفظ هتي بي موقعي آهن ۽ سڄي مضمون کي خراب ڪري رهيا آهن. بلاذريءَ جي لکڻ موجب عبيدالله بن نبهان، بديل بن طهفـة کان اڳ ديبل ۾ لڙائي ڪندي شهيد ٿي ويو، تنهن کان پوءِ حجاج، بديل بن طهفـة کي ديبل روانو ڪيو، ڏسو بلاذري ص 36-435. (ن-ب)
(2) اصل جملي نسخن ۾”نيرون“ آهي جو غلط آهي. صحيح ديبل آهي. ڏسو بلاذري ص 435. (ن-ب)
(1) جملي نسخن ۾ هن نالي جي صورتخطي ”جيسنه“ آهي جو معنيٰ جي لحاظ سان جيسيـہ ٿيندو“دراصل ”جيسينہ “ (يعني ”سوڀارو شينهن“) آهي. هن کان اڳ ساڳي طرح ”ڏهرسينـہ“ جو نالو اچي چڪو آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان سڄي ڪتاب ۾ هن نالي جي پڙهڻي ”جيسينه“ قائم ڪئي وئي آهي. (ن-ب)
(1) فارسي ڇاپي ۾ ”عبدالله“ ن ۾ صاف طور ”عبدربه“ آهي ۽ پ،ر،م جي پڙهڻين مان به ظاهر آهي ته اصل لفظ ”عبدربه“ آهي. هي راوي ساڳيو ”عبدالرحمان بن عبدربه السليطي“ آهي،جنهن جو [81] تي ذڪر اچي چڪو آهي.(ن-ب)
(2) اصل عبارت: حصن ً نيرون
عمادالدين محمد بن قاسم ]بن محمد بن حــُـڪـَـم[ بن
اَبي عـَـقـِـيل ثـَـقـَـفـِـي جو والي ٿيڻ
خبرن ۾ تصرف ڪندڙ ۽ روايتن جا تفسير ڪندڙ هيئن ٿا چون ته: جڏهن دارالخلافت طرفان سنڌ جو ملڪ حجاج بن يوسف ثقفيءَ جي حوالي ٿيو، تڏهن محمد بن قاسم کي، جو سندس چاچي ]جي پٽ[ جو پٽ ۽ پڻ ناٺي هو ۽ حجاج جي ڌيءَ سندس گهر ۾ هئي، هند جو گورنر مقرر ڪيائين. هن جي عمر سترهن سال هئي. انهيءَ امارت جي مبارڪ باديءَ ۾ حمزه بن بـِـيض الحنفي هيءُ شعر چيو:
اِنَ الشـَـــجَاعـَـقـَــة وَالسمـَـاحـَــة وَالنهيٰ
لـَمـُـحـَـمد بـــــنِ القـَــاســم بـــنِ مـُـحـَـمـَـدِ
قـَـادَ الـُـجيـَـوشَ لـِـسـَـبع عـَـشرَة حـِـجَقـةَ
يـَـا قـُـربَ ذَالـِـــکَ سـُـؤددَ ا مـِـن مـَـولـِـد
]بيشڪ محمد ابـــن قاسم ساڻ خاص،
آهي سخا، عقل ۽ رعـــيت پـــــــــــروري.
سترهن ورهين جي عمر ۾ ســـردار ٿيو،
ڪيڏي نه آ ويجهي ڄمڻ کي سروري! [
ابوالحسن مـَـدائنـِـي. بشر بن خالد کان روايت ڪئي آهي ته: بـُـدَيل جي قتل ٿيڻ کان پوءِ حجاج، وقت جي خليفي وليد ڏانهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هندستان جي فتح ڪرڻ جي اجازت گهريائين. خليفي لکيو ته: ”اها جاهل قوم آهي، ۽ ملڪ تمام پري، پڻ لشڪر ۽ لڙائي جي هٿيارن وغيره جي تياريءَ ۽ بندوبست تي وڏيون رقمون خرچ اينديون ۽ ]بيت المال تي[ گهڻو بار پوندو، جا ڳالهه نهايت خراب آهي ۽ ]هي معاملو[ ترسائڻ گهرجي، ڇو ته جڏهن به لشڪر وڃي ٿو ته مسلمان هلاڪ ٿين ٿا، تنهنڪري ڪا مصلحت سوچج“.[94]

حجاج جو خط
پوءِ حجاج ٻيو دفعو خط لکي واضح ڪيو ته: اي ميرالمؤمنين! ڪيترو وقت گذري ويو آهي ته مسلمان قيدي، ڪافرن جي هٿن ۾ گرفتار ٿيل آهن، ۽ اسلام جو لشڪر هڪ ڀيرو شڪست کائي چڪو آهي، جنهن جو بدلو وٺڻ ۽ مسلمانن کي آزاد ڪرڻ ضروري آهي: ۽ خط ۾ جيڪو ارشاد ٿيو ته ]اها[ ولايت پري آهي ۽ لشڪر جي تياري ۽ انتظام ۾ بيفائدي رقم خرچ ٿيندي، ] تنهن لاءِ عرض[ ته اسان وٽ تياري ۽ هٿيار وغيره سڀڪجهه ]اڳيئي[ موجود آهن ۽ گهڻو تفاوت ڪونه ٿيندو، ۽ جيڪڏهن ڪو خرچ ، بار ۽ تڪليف ٿي ته ]انهيءَ لاءِ[ آءٌ جوابدار ٿو ٿيان ته دارالخلافت جي خزاني مان هن لشڪر تي جيتري رقم خرچ ٿيندي ته انهيءَ کان ٻيڻي-ٽيڻي رقم خزاني ۾، شال خدا تعاليٰ انهيءَ کي آباد رکي- داخل ڪرائي ويندي: انشا ِّ الله تعاليٰ.

دارالخلافت ۾ خط جو پهچڻ ۽ لشڪر لاءِ هندستان جي سفر جي اجازت وٺڻ
جڏهن هن خط خليفي جي مطالعي جو شرف حاصل ڪيو، تڏهن اجازت جو فرمان جاري ٿيو. (حجاج جو ٻيهر عرض ڪرڻ) تنهن تي حجاج وري ٻيهر عرضداشت موڪلي ته

: جنهن صورت ۾ اجازت جي فرمان سان مـُـشـَـرَف ٿيو آهيان، ته هاڻي شام جي سردارن مان ڇهن هزارن کي حڪم فرمايو ته جنگ جي هٿيارن ۽ ٻئي پوري ساز و سامان سان هن لشڪر ڏانهن روانا ٿين. ]اهي ماڻهو اهڙا ناليوارا هجن[ جن مان، لڙائي وقت، هر هڪ جو نالو مون کي معلوم هجي، ۽ هو مون سان موافق ٿي رهن، ۽ لڙائي کان منهن نه موڙين.[95]


حـَـجَاج جوشام ڏانهن لکڻ
ابوالحسن ]مدائني[، اسحاق بن ايوب کان روايت ڪئي ۽ چيائين ته: حـَـجـَـاج جي لکڻ تي شام جي رئيسن جي فرزندن مان اهڙا ڇهه هزار ماڻهو، جن جا پيءُ ماءُ جيئرا هئا، ۽ پوري تياري ڪري ٿي سگهيا، ۽ ناليرا بهادر، جيڪي پنهنجي ننگ ناموس خاطر لڙائي ]جي ميدان[ ۾ بيهي محمد بن قاسم سان وفاداري ڏيکاري ٿي سگهيا، اچي حاضر ٿيا. (روايت:) ابوالحسن کان روايت آهي ته: ڇهه هزار مشهور ناليرا ماڻهو آيا، انهن مان هڪڙي ماڻهو حـَـجـَـاج جي اڳيان اچي چيو ته مون وٽ سامان ڪونهي. حجاج کيس هڪل ڪري چيو ته: "مون وٽان نڪري وڃ، نه ته توکي ڪهندس.“ جنهن تي اهو شامي حـَـجـَـاج وٽان نڪري وٺي ڀڳو. واٽ تي ٻيا سوار ٿي آيا، جن کانئس پڇيو ته: هن تيزي سان ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ چيائين ته مون وٽ پورو سامان ڪونه هو ]جنهن ڪري[ حـَـجـَـاج دڙڪو ڏنو آهي ته توکي سزا ڏيندس. هو کيس موٽائي وٺي آيا، ۽ فرصت وقت چڱي نموني سان پيش ڪيائون ته جنهن وقت حڪم پهتو ته ]سامان خاطر[ دير ڪرڻ جي مجال نه هئي ۽ خدمت جي سعادت حاصل ڪئي ويئي!

جمعي جي ڏينهن حـجـَـاج جوخطبو ڏيڻ
پوءِ حجاج، جمعي جي ڏينهن خطبو ڏنو ۽ چيائين: ”انَ الاَ يـَـام ذَاتُ دُوَلِ وَ الحـَـربۡ سـِجال“ ( زمانو ڦرندڙ ۽ ٻه منهين ترار آهي). يـَـومُ لـَـنـَـا ويـَـومُ علـَـينـَـا (ڪو ڏينهن اسان لاءِ آهي ته ڪو ڏينهن اسان جي خلاف آهي). جيڪو ڏينهن اسان جو آهي، تنهن ۾ ]مخالف[ لشڪر کي قيد ڪرڻ گهرجي، ۽ جو ڏينهن اسان جي خلاف آهي، تنهن ۾ تحمل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان تي جيڪا نعمت آهي سا وڌي ۽ جيڪو حادثو ٿيو هجي، سو دفع ٿي وڃي.[96] ۽ نعمت ڪندڙ،]ساراهه جي[ لائق ۽ بيمثال خداوند عزوجل جا ٿورائتا آهيون، سندس تعريف اسان جي زبانن تي جاري آهي، ۽ سندس ڪرم ۽ نعمت ۾ اميدوار آهيون ته پنهنجي ڪامل نعمت هميشه جاري رکي ۽ ڪوبه دروازو اسان تي بند نه ڪري ۽ اسان کي انهيءَ شڪر جو ثواب عنايت ڪري. بـُـديـَل جي فراق کان ڏک جو آواز هر گهڙي منهنجي دل جي ڪنن ۾ پهچي رهيو آهي ۽ مان لـَـبيڪَ لـَـبيڪَ (حاضر آهيان، حاضر آهيان) چئي رهيو آهيان. خدا جو قسم ته جيڪڏهن عراق ۽] ٻيو[جيڪي به منهنجي قبضي ۾ آهي، تنهن جو سارو مال هن ڪم تي خرچ ڪريان ته به جيستائين هيءُ ٽڪو پاڻ تان نه لاهيندس ۽ بدلو نه وٺندس، تيستائين منهنجي غضب جي باهه ڄڀي ٿڌي نه ٿيندي.“

محمد بن قاسم کي هند ۽ سنڌ ڏانهن روانو ڪرڻ.
پوءِ حجاج ، محمد کي سوار ڪري، گهڻيون هدايتون ڏنيون، ۽ لشڪر کي گهڻي مال سان مضبوط ڪري، هند ۽ سنڌ جي جهاد واسطي مقرر ڪرڻ کان پوءِ حجاج هيءُ شعر پڙهيو:
دُعا الـحـَجَاجَ فـَـارِسہ بۡدَيــــــل
وَقـَـد مـَـالَ الـَـعدُ و عـَـلـَـيٰ بۡدَيلِ
وشـَـمـَـرَ ذَيلـہ الـحجَاجۡ لـَـمـَــــا
دَعـُـــــــاهُ اَن يـُـشـَـمـِــــرَه بِدَيلِ
فـَـديتُ الـمـَـالَ لـِـلعقاراتِ حـَـشوا
بـِـلا عـَـــدِ يـُـــعـَـــــــد وَ لاَ بِکـيـــــلِ
]سڏيو حجاج کي بۡدَيـل سوار،
جڏهن دشمن بـُـديل کي گهيريو،
کنيا حــجـاج هــن جي سڏ تي ور،
پڻ مـدد لاءِ واڳ کــي ڦيـــــــريـو.
ٻـُـڪَ ڀري مال، مون لٽيو لئــــه جنگ ،
نه ڳڻيو آهه مون، نه ٿم (اٿم) توريو. [
تنهن کان پوءِ حجاج ]محمد بن قاسم کي[ چيو ته: شيراز جي رستي کان نڪري آهستي آهستي منزلون ڪندو، روانو ٿيءُ، جيئن پورو لشڪر توکي پهچي وڃي.[97]

لشڪر جو شيراز پهچڻ
پوءِ محمد بن قاسم چڱي بخت جي مدد سان وڃي شيراز ۾ لٿو ۽ منزل ڪيائين، جيستائين عراق ۽ شام وارا سڀيئي پهچي ويا. ]هوڏانهن حجاج[ قلعي جي لڙائي لاءِ گهربل سامان جهڙوڪ مـَـنجـَـنـِـيقـُـون، رنبا، تبرون ۽ چلـِـتـَـهو(1) ڪـِـشتي ۾ رکي، ابن مـُـغيـِـرَه ۽ خـُـرَيم کي ڪـِـشتي جو نگران مقرر ڪري، کين تاڪيد ڪيو ته جيڪڏهن هنن ٻيڙين کي ڪو نقصان ٿيو ته انهيءَ لاءِ هو ئي جوابدار آهن، ۽ معاملو سزا تائين پهچڻ نه گهرجي.

حجاج جو محمد بن قاسم ڏانهن خط
پوءِ حـَـجاج ، محمد بن قاسم ڏانهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ ٻڌايائينس ته: مون خـُـرَيم ۽ ابن مـُـغيـِـرَه کي روانو ڪيو آهي. کين حڪم ڏنل آهي ته ديبل جي آسپاس ۾ اچي توسان ملن، تنهنڪري توکي ٻيڙين جي پهچڻ تائين اتي ترسڻ گهرجي. الله جي حفاظت ۽ امان ۾ روانا ٿيو- فـِـي حـِـفظِ الله وَ عـَـونـِہ.
(روايت:) اسحاق بن اَيوب ۽ هـِـلـُـوَاث(2) ڪـَـلبـِـي روايت ڪئي آهي ته: حـَـجاج پوري لشڪر جي ضرورتن جي تياري چڱيءَ طرح ڪئي هئي، بلڪ ڪوشش ڪري ضرورت کان وڌيڪ هٿيار ۽ سامان ڏنو هئائين.

اُٺن جي مدد ڏيڻ
پوءِ ]حجاج[ چيو ته: ”توهان جي تياري پوري ٿي چڪي، هاڻي چئن سوارن پٺيان هڪ اُٺ وٺو. توهان کي ڍوئيندڙ ڏاچيون ڏيان ٿو ته جيئن محتاج نه ٿيو ۽ اُٺن تي گهڻو بار نه رکو. خدا تعاليٰ کان ڊڄجو، صبر سان سينگاريل رهجو، ۽ جڏهن دشمن جي ملڪ ۾ پهچو [98] ته ڪشادي ميدان ۾ منزل ڪجو، جيئن خلاصا رهو. جنگ جي وقت ٽوليون ٽوليون ٿي جدا جدا طرفن کان اچجو، ڇاڪاڻ ته هاٿين جي جنگ به ڪا شيءِ آهي. ۽ جڏهن هو حملو ڪن ته هڪ جاءِ تي بيهي تير وسائجو، ۽ برگستوان(1) سامهون ڪري، جهنگلي مرن ۽ هاٿين جهڙيون سـِـريون ٺاهجو. ]هن کان اڳ[ درزين ۽ زرهدارن کي حڪم ڏنائين، جن برگستوانن جون سـِـريـُـون شينهن ۽ هاٿين جهڙيون ٺاهيون، ۽ اهي موڪلي ڏنائين. حــَـجاج جا خط ڇهن هزارن سوارن، ڇهن هزارن اُٺن ۽ ٽن هزار باربردار بـُـختي اُٺن سميت شيراز پهتا. محمد بن قاسم خط پڙهيا. ]انهيءَ وقت[هجرت کي 92 سال گذريا هئا(2).

محمد بن قاسم جو مڪران پهچڻ
خبرن جي مصنفن ۽ تاريخ جي مؤلفن، عبدالرحمان بن عبدربہ(1)کان هن طرح روايت ڪئي آهي. ۽ انهيءَ عبدالملڪ بن قيس کان روايت ڪئي، جنهن چيو ته: محمد بن قاسم جڏهن مڪران پهچي، محمد ]بن[ هارون سان ملاقات ڪئي، تڏهن آءٌ ان سان گڏ هئس. محمد ]بن[ هارون هن سان پيادو هلڻ لڳو، ]پر[ محمد بن قاسم، محمد ]بن[ هارون کي سوار ڪيو ۽ اچي منزل وٽ پهتا. پهچڻ تي هن]محمد بن هارون[ گهڻو سمر، تحفا ۽ سوکڙيون موڪلي چيو ته محمد بن قاسم هن نرمي ۽ تواضع ڪري نالو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ئي تياري ، سامان، عقل، استقلال، هنر ۽ دانائيءَ سان سنڌ ۽ هند جوملڪ فتح ڪندو.

محمد ]بن[ هارون جو محمد بن قاسم سان گڏجي روانو ٿيڻ
پوءِ، امن منظر بحري نقل ٿو ڪري ته: محمد بن قاسم اتان اَرمابيل ڏانهن روانو ٿيو، ۽ محمد ]بن[ هارون پڻ هن سان ]هلڻ جو[ پڪو ارادو ڪيو. هو جيتوڻيڪ[99] بيمار هو ته به محمد بن قاسم سان ]سفر ۾[ رفاقت ڪيائين ۽ رستي جي سختي سبب سندس بيماري وڌي ويئي، ۽ بيماريءَ ]جو دوري[ کان متاثر ٿيڻ لڳو. جڏهن ارمابيل جي منزل تي پهتو ته سندس عمر پوري ٿي ۽ پيارو ساهه حق تعاليٰ جي حوالي ڪيائين. کيس اتي دفن ڪيائون.
لشڪر جو ارمابيل کان اڳتي وڌڻ
پوءِ محمد بن قاسم لشڪر وٺي ، ديبل ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ وقت جـَـيسـِـينه بنڏاهر، نيرون ۾ هو، تنهن پيءُ ڏانهن لکيو ته: محمد بن قاسم عربستان کان لشڪر وٺي ديبل جي حدن ۾ پهتو آهي،] مون کي اجازت ڏيو[ ته مان انهيءَ سان جنگ ڪرڻ وڃان؟ ڏاهر، عـِـلافـِـينِ کي گهرائي انهن کان صلاح پڇي. عـِـلا فـِـينِ ڏاهر کي چيو ته: ”محمد بن قاسم، حجاج جو سؤٽ آهي. هن سان بهادر لشڪر ساڻ آهي، جي ناليرا بهادر، شريفزادا ۽ جنگي جوڌا آهن، ] جن[ چونڊ گهوڙن ۽ پورن هٿيارن سان توهان جي لڙڻ واسطي توجهه ڪيو آهي: خبردار! انهن سان سامهون نه ٿجو، ڇاڪاڻ ته هن وقت شام کان هڪ ماڻهو آيو آهي، جنهن ٻڌايو آهي ته عرب جي لشڪر جو هڪ-هڪ سوار ڏاهر کان انتقام وٺڻ لاءِ آيو آهي.“ ڏاهر پٽ کي، انهن سان وڙهڻ کان منع ڪئي.

حجاج بن يوسف جو فرمان، ارمابيل جي منزل تي
محمد بن قاسم کي پهچڻ
محمد بن قاسم جڏهن ارمابيل فتح ڪيو: تڏهن حـَـجاج جو خط ارمابيل پهتو، جنهن ۾ اشارو هو ته: ديبل جي حد ۾ جڏهن منزل ڪريو. [100]تڏهن منزل تي خبردار رهجو ۽ جڏهن لهو ]۽ آرام ڪريو[ تڏهن ]پنهنجي چوڌاري[ کاهي کوٽجو ته توهان لاءِ بچاءُ ۽ پناهه هجي، ۽ گهڻو ڪري بيدار رهجو، ۽ جيڪو ماڻهو قرآن پڙهندڙ (حافظ) هجي، سو هميشه قرآن جي تلاوت ۾ رهي ۽ ٻيا دعا ۾ مشغول رهن. ۽ نهايت ڪوشش سان هوشيار رهجو، ڌيرج کي پهنهجو سينگار بنائجو، خدا عزوجل جو ذڪر زبان تي جاري رکجو، ۽ الله تعاليٰ جي توفيق کان مدد گهرندا رهجو ته جيئن خدا تعاليٰ توهان کي فتحمند ڪري ۽ گهڻو ڪري لاَحـَـولَ وَ لاَ قـُـوَة اِ لا بِاللهِ العـَـليِ العـَـظـِـيمِ (1)(وڏي ۽ بزرگ الله تعاليٰ جي امداد کان سواءِ ٻي ڪابه واه ۽ قوت ڪانه آهي) جي قول کي پنهنجي واهر ۾ ڪم آڻجو. ۽ جڏهن ديبل جي حد ۾ پهچو، تڏهن ٻارهن وال ويڪري، ڇهه وال اونهي ۽ ڇهه وال اوچي کاهي کوٽجو. جڏهن دشمن جو مقابلو ڪريو ته خاموش رهجو، جيتوڻيڪ دشمن نعرا هڻي بيهودي بڪواس ڪن ۽ جنگ تي سنبري بيهن ته به جيستائين مان حڪم نه ڏيان، توهان جنگ نه ڇيڙجو. ۽ منهنجي خطن مان احوال معلوم ڪجو، ۽ جيڪا صلاح مان ڏيان، اها چڱي سمجهي انهيءَ تي عمل ڪجو ته انشا ِّ الله تعاليٰ توهان جي مشڪل حل ٿيندي.


________________________________________
(1) اصل لفظ ”خفتان“آهي، هيءُ هڪ ريشم جو جنگي لباس ٿيندو آهي، جنهن ۾ ريشم جو ڪپڙو هڪٻئي مٿان تهه ڪري سبيو ويندو آهي. سنڌ ۾ هن کي آڳاٽي وقت ۾ ”چلـِـتـَـهو“ (چهل+ تـہ يعني چاليهن تهن وارو ڪپڙو) چوندا هئا.(مترجم)
(2) اصل ۾ ”حلوان ڪلبي“ آهي.”حلوان“ نالو عربن ۾ گهڻو ڪري ڪونه آهي. صحيح ”هلواث ڪلبي“ آهي، جو تاريخ طبري(يورپ ايڊيشن جلد 2،ص 1275 )۾ پڻ فتوحات سنڌ جي سلسلي جو راوي آهي. (ن- ب)
(1) برگستوان هڪ هٿيار هوندو هو جو گهوڙن کي جنگ جي ميدان ۾ پهرائيندا هئا، جيئن هو ترارين جي زخمن کان محفوظ رهن.(مترجم)
(2) غالباً مراد ته گذرڻ وارا هئا. حقيقت ۾ سال 92 هجري جو اڌ مس گذريو هوندو، ڇاڪاڻ ته جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو، سال 93 هجري محرم مهيني ۾ ته محمد بن قاسم ديبل پهتو هو.(ن- ب)
(1) فارسي ڇاپي ۾ ”عبدالله“ پ جي پڙهڻي مطابق عبدربـ* ٿيڻ گهرجي. هن لفظ جي تصحيح لاءِ ڏسو هن اڳ حاشيه صفحو [81] ۽ صفحه [93]. (ن- ب)
(1) هي آيت ڪانهي. آيـت صرف ”لاحول ولاقوة الا باالله“ آهي.
عرب جي لشڪر جي تياري ۽ حجاج جوخط پهچڻ
پوءِ ]محمد بن قاسم[ جڏهن ارمابيل کان اڳتي روانو ٿيو، تڏهن ]محمد بن[مـُـصعب(2) بن عبدالرحمان کي لشڪر جي مقدمه (مهڙ) تي مقرر ڪيائين، جـَـهم بن زَحر الـُـجعفي کي ساقه(پڇاڙي) تي ڪيائين ، عـَـطـِـيـَـه بن سـَـعد العـَوفـِـي کي مـَـيمنـَـهَ (سڄي) تي مقرر ڪيائين. موسيٰ بن سـِـنان [101] بن سـَـلـَـمـَـه الـُـهذَ لي کي مـَـيسـَـرَه (کٻي) تي ڇڏيائين، باقي هوشيار، ترار جا ڌڻي ۽ خاص ماڻهو قلب (وچ) ۾ پنهنجي اڳيان ڪري اڳتي وڌو، ۽ نيٺ جمعي جي ڏينهن سن 93 هه جي محرم مهيني ۾ ]اچي ديبل پهتو،[ ۽ ٻيڙا ۽ هٿيار پڻ انهيءَ ڏينهن حريم بن عـَـمرو ۽ ابن مـُـغـِـيرهَ جي ]نگراني هيٺ[ کيس پهتا. هنن حجاج جا خط کيس ڏيئي، جنگ لاءِ کاهيءَ کوٽڻ جي صلاح ڏني. انهن خطن ۾ لکيل هو ته: تنهنجي خدمت ۾ مکيه ماڻهو مقرر ڪيل آهن: هڪ عبدالرحمان بن سـُـلـَـيم(1)اَلڪـَـلبـِـي، جنهن جي بهادري ۽ مردانگي ڪيئي دفعا آزمائي ويئي آهي، ڪوبه دشمن جنگ ۾ سندس مقابلو ڪري نٿو سگهي، ٻيو سـُـفيان بن الاَبرَد، جو دانائيءَ ۾ يگانو ۽ عقل ۾ امين ۽ پاڪدامن آهي، قيس بن برڪ الڪلابي، جنهن اسان کي مشڪلات ۾ مدد ڪئي آهي ۽ عزت جو لائق ۽ سچار آهي، ۽ جا مصلحت سندس حوالي ڪئي ويندي ان ۾ فرمانبرداريءَ جا شرط بجا آڻيندو ، ملامت کان پاڪ آهي، ۽ حجاج جو هميشه مددگار رهيو آهي ۽ جـَـر*اح بن عبدالله،جو تجربيڪار مرد آهي يعني جنگ آزمايل اٿس ۽ فضيلت وارن تي ترجيح رکي ٿو مجاشع بن نـُـوبہ اَزدِي، اِهي سڀ منهنجا اعتماد جوڳا صلاحڪار آهن، ۽ ڪنهن به هڪڙي کي ٻئي کان وڌيڪ امين ۽ پاڪدامن نٿو سمجهان. مون کي اميد آهي ته هو تو سان مخالفت ۽ دشمن سان ساز باز نه ڪندا، ۽ هن سڄي جماعت مان جن جو ذڪر خط جي شروع ۾ ٿيو آهي،مون کي ڪوبه ماڻهو خـُـريم بن عـَـمرو کان وڌيڪ پيارو نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو مردانو ۽ شيردل آهي. جنگ جي وقت بهادر[102] ]رهي ٿو[ ۽ ڳڻتيءَ ۾ نٿو پوي. هو چونڊ ماڻهن مان آهي ۽ عزت جي لائق: ۽ پيءُ ڏاڏي کان وٺي مخلص ۽ سچو آهي، ۽ جڏهن خـُـرَيم توسان همراهه آهي ته پوءِ مون کي ڪوبه ڊپ نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو سهڻين عادتن ۽ وڻندڙ اخلاقن سان سينگاريل آهي، ۽ ڪنهن به مخلوق کي تنهنجو مخالف ٿيڻ نه ڏيندو، هن کي پاڻ کان پري نه ڪج. ۽ هن خط پڙهڻ کان پوءِ جيستائين جيڪي وهي واپري رهيو آهي، سو ]اسان ڏانهن[ پورو کولي نه لکين، تيستائين کاڌو پيتو نه کائج.
حجاج جو امير محمد بن قاسم سان ڏاڍو پيار هو، سندس انتها محبت ۾ ڪئين دفعا خيراتون ڏيندو هو ۽ دعائون گهرندو هو. بـَـڪر بن وائـِـل ۽ عـُـدَيل بن فـَـرخ (1) محمد جي دوستن مان هئا، انهن سندس پرپٺ ڏاچيون قربان ڪيون، ۽ انهن جي بها ۾ پنهنجن زالن ۽ نياڻين جا ڳهه ڏنا ته جيئن شبهي کان خالي رهي، ۽ عديل هي شعر چيو:
سـَـلـَـبَت بَنـَـاتـِي حـَـلـُـيـَــــهـُـن قـَـلـَـم اَدَع
سـِـوَ اراَ وَ لاَ طـَـوقاَ وقـُــــــــــــوطـَـا مـُـذَهباَ
وَمـَــــــــــا غَرنـِـي الاذانُ حـَـتيٰ کـَـــــــاَنـمـاَ
تـُـعـَـطـَـلُ بِالبِيضِ(2) الاَ رانـِـب اَرنـَـــبـَـا
مـِـن اَلد ر وَ اليـَـا قـُـوتِ مـِـن کـُـل حـُـــرتِہ
تـَـريٰ سـِـمطـَـها فـَـوقَ الخِمـَـارِ مـُـثـَـقـبَا
دَ عـَـونَ اَمـِـير اِلمؤمـِـنـِـيـنِ فـَـلـَـم يـُـجِب
دَعاءَ ، فـَـلـَـــــــم يـُـسمـِـعن اُ مـَـا وَ لا اَبـَــا.
]کسيا مون پنهنجي نياڻين جا ڳهه، جو تان نه ڇڏيم،
ڪنگڻ، ڪٺمال، توڙي سون جا والا.
نه ڀـُـلايو مون کي ڪنن (جي ڳهن) به، تان جو ڄڻ،
نه آهن ڳورين کي پائڻا ڪي ڳهه ۽ ڳٺا.
۽ هر وَرنـَـهه جون (کنيم) دُر ۽ ياقوت سنديون،
لـَـڙهيون، جي مڙهيل تن مٿان جي مٿن ها روا.
ڪيو فرياد تن امير-مومنن کي مگر،
ٻڌائين ڪين: نه چوريائون پوءِ پيءُ ماءُ پنهنجا. [
دورانديش حڪيمن ۽ بهتري چاهيندڙ بزرگن، ابوالحسن کان روايت ڪئي، جنهن چيو ته: بـَـني تـَـميم جي آزاد ڪيل غلام، ابومحمد کان ٻڌم ته: محمد بن قاسم ديبل جي پسگردائيءَ ۾ اچي لٿو، ۽ کاهي کوٽي، جهنڊا کولي، نوبت وڄايائون. جو لشڪر جنهن جاءِ تي مقرر هو، سو اتي رهيو، ۽ مـَـنجَنـِـيقـُـون ٻاهر ڪڍي[103] سڌيون ڪيائون. هڪ مـَـنجَنــيق خاص اميرالمؤمنين جي هئي، جنهن جو نالو ”عـَـرُوسـَـڪ“ هو. هن جي نرماد جي ميلاپ کي پنج سؤ ماڻهو ڇڪيندا هئا، تڏهن هن مان پٿر نڪرندو هو.
ديبل جي وچ ۾ هڪ بلند ۽ وڏو بتخانو هو. انهيءَ جي مٿان هڪ گنبذ هو، جنهن تي پـَـٽ جو سائو جهنڊو ٻڌل هو. بتخاني جي اوچائي چاليهه وال هئي، گنبذ پڻ چاليهه وال اوچو هو. انهيءَ جهنڊي جي ڊيگهه هن طرح هئي، جو انهيءَ جهنڊي کي چار بيرقون (1) هيون ، ۽ کولڻ تي هرهڪ بيرق هڪڙي هڪڙي طرف پکڙجي ويندي هئي، ۽ بيرق جي چوٽي بـُـرجن جي لڙڪڻ وانگيان ٿي بيهندي هئي. اسلام جي لشڪر ڏسڻ شرط ، قلعي وارا بتخاني جوجهنڊو کولي لڙائي لاءِ سامهون ٿيا، ۽ اسان کي ]اندر وڃڻ جي[ اجازت نه ٿي (2).
اهڙيءَ طرح ست ڏينهن گذري ويا. هر روز خط ايندو هو. ۽ ترسڻ جو حڪم ٿيندو هو. آخر اٺين ڏينهن اجازت جو پروانو آيو. محمد بن قاسم لشڪر کي تيار ڪري حملو ڪيو، جنهن ڪري قلعي وارن وڃي قلعي ۾ پناهه ورتي. اوچتو هڪ برهمڻ قلعي جي اندران ٻاهر آيو، ۽ امانُ گهري چيائين: شال امير عادل سلامت رهي! اسان جي نجوم جي ڪتابن ۾ هن طرح حڪم آهي ته: سنڌ ملڪ، اسلام جي لشڪر جي هٿان فتح ٿيندو ۽ ڪافر شڪست کائيندا، پر هيءُ بتخاني جو جهنڊو طلسم آهي، ۽ جيستائين بتخاني جو جهنڊو برقرار آهي، تيستائين هيءُ قلعو هٿ آڻڻ امڪان کان ٻاهر آهي، تنهنڪري هن بتخاني جي چوٽيءَ ڊاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جيئن سندس جهنڊو ذرا ذرا ٿي وڃي، ۽ فتح حاصل ٿئي.[104]

جَعونہَ (1) جو منجنيق سان بتخاني جي جهنڊي کي ڀڃڻ
پوءِ محمد بن قاسم، جـَـعوَنـہ الـُـسلمي منجنيقيءَ کي گهرائي چيو ته: ”بتخاني جوهيءُ جهنڊو ۽ بيرق منجنيق جي پٿر سان ڀڃي سگهندين؟ جيڪڏهن ڪيرائيندي

ن ته توکي ڏهه هزار درهم انعام ڏيندس.“ جـَـعوَنـَـہ چيو: ”هيءَ دارالخلافت جي خاص منجنيق ]آهي[ جنهن کي ”عروسڪ“ چون ٿا، جيڪڏهن هن مان ٻه گز ڪپيا ويندا ته مان ٽن پٿرن سان جهنڊو ۽ بيرق ڪيرائي، بتخاني جي چوٽي ڀڃي وجهندس.“ محمد بن قاسم چيو ته: ”جيڪڏهن پٿر سان بتخاني جي چوٽي ۽ جهنڊو ڀڃيندين ته توکي ڏهه هزار درهم انعام ڏيندس: پر جيڪڏهن منجنيق برباد ڪرين ۽ بتخانو به نه ٽوڙين ته پوءِ ڪهڙو شرط آهي؟“ جـَـعوَنـَـه چيو ”جيڪڏهن]نشانو[ گسي ته پوءِ جـَـعونـَـه جو هٿ ڪپي ڇڏجو.“ محمد بن قاسم، مـَـلـِـڪُ الا ُمـَـرا ِّ (اميرن جي بادشاهه) حجاج بن يوسف ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ جـَـعوَنـَـه جا شرط داخل ڪيائين. نائين ڏينهن ڪرمان طرفان جــواب پهتو، فــرمــان ۾ به ساڳيو شرط لکيو ويـو هـو. ]وڌيڪ[ لکيائين ته: جڏهن جنگ لاءِ اڳتي وڌو ته مناسب ائين آهي ته سج کي پٺي ڏيو، جيئن دشمن کي چڱي طرح ڏسي سگهو ۽ جنگ جوٽڻ جي پهرين ڏينهن الله تعاليٰ کان امداد ۽ اعانت گهرجو، سنڌ جو ڪوبه ماڻهو جيڪڏهن امانُ گهري ته کيس امانُ ڏجو، مگر ديبل جي ماڻهن کي ڪنهن صورت ۾ پناهه نه ڏجو.

پوءِ قلعي جي ڪاهنن مان هڪ ماڻهو نڪري آيو ۽ چيائين ته: اسان جڏهن به پنهنجي ڪتاب مان نتيجو ڪڍندا هئاسون، تڏهن هميشه ظاهر ٿيندو هو ته هند جي بادشاهه جي بادشاهيءَ ]جي مدت[ پوري ٿي چڪي آهي، ۽ مسلمانن جو دور اچڻو آهي. ]تنهن ڪري[ قيدين کي اسلامي لشڪر جي اچڻ جي دلداري ڏني پئي ويئي. هينئر پڻ [105] امير منهنجي ٻارن ٻچن کي پناهه ڏيئي، اهڙو پروانو لکي ڏئي ته آءٌ واپس وڃي کين تسلي ڏيان . محمد بن قاسم انهيءَ کي امانُ ڏيئي واپس موڪليو ته جيئن پنهنجا پوئلڳ آڻي قيدين جي پاڙي ۾ گڏ ڪري ]ويهاري.[ پوءِ انهيءَ برهمڻ قلعي ۾ وڃي قيدين کي آزاديءَ جي خوشخبري ڏني،] ۽ ٻڌايائين[ ته محمد بن قاسم، حجاج جو عمزاده(1)] آيو[ آهي، ۽ سندس ]هٿان[ قلعو فتح ٿيندو ۽ توهان کي آزادي ملندي.

عمادالدين محمد بن قاسم جو جـَـعونـَہ منجنيقيءَ کي پاڻ وٽ سڏڻ
ٻئي ڏينهن، جو ديبل ۾ رهڻ جو نائون ڏينهن هو، جيئن سج مشرق کان اڀريو، تيئن محمد بن قاسم جـَـعوَنـَـه کي گهرايو. هن جتان چيائين اتان منجنيق کي ڪپيائون. پوءِ لشڪر تيار ڪري، قلعي کي چؤطرف ڦري اچي تير وسايائون. پڻ پنج سؤ رَسا ڇڪيندڙ ماڻهو آڻي بيهاريائون. جـَـعوَنـَـه پهريون پٿر اڇلايو ۽ مسلمانن تڪبير هنئي. پهرين ئي ڌڪ سان بيرق ڦاٽي پيئي ۽ لڪڙي جي چوٽي کان ڌار ٿي ويئي. ٻيو پٿر سڌو بيهاري، تول ڪري بتخاني جي چوٽيءَ تي هنيائين، ۽ چوٽي ڀڄي پيئي.] بس پوءِ[، جڏهن چوٽيءَ جو گنبذ ڊهي پيو ۽ جادو جا طلسم پريشان ٿي ويا، تڏهن ديبلي حيران ٿيا. ]هوڏانهن[ خداوند عزوجل جي حڪم سان قلعو به اچي پٽ پيو.
محمد بن قاسم لشڪر کي تيار ڪيو. پهريائين جـَـهم بن زَحر الـُـجـُـعـِـفـَـي کي مشرق ڏانهن مقرر ڪيائين، عـَـطا ِّ بن مالڪ القـَـيسيءَ (1) کي اولهه ڏانهن بيهاريائين، نـُـباتہ(2) بن حـَـنـُـظـَـلـہ ڪـَـلابيءَ کي اتر جي ديوار کان جنگ [106]جو حڪم ڏنائين. عـَـون بن ڪـُـلـَـيب (3) دِمشقيءَ کي ڏکڻ جي برج تي کڙو ڪيائين ۽ ذَڪوان بن عـَـلوان البڪرِي(4) خـُـرَيم ۽ ابن مـُـعـنيره کي قلب (لشڪر جي وچ) ۾ رکي، بصري جا هڪ هزار جنگي مرد سندن ڪمان هيٺ رکيائين. پوءِ جنگ جو نغارو وڄايائون. پهريون پهريون ماڻهو جيڪو قلعي تي چڙهيو، سو (شهر) ڪوفي جو صعدي بن خريمہ (5) ]نالي[ هو. ۽ تنهن کان پوءِ بصره جو عـِـجل بن عبدالملڪ بن قـَـيـُـس الدمي(1) ]العبدي؟[. جڏهن اسلام جو لشڪر قلعي مٿان چڙهي ويو، تڏهن ديبلين در

وازو کولي امانُ گهري، جنهن تي محمد بن قاسم فرمايو ته: مون کي امانُ جو حڪم ناهي. پوءِ هٿياربندن جو ڪوس ٽي ڏينهن جاري رهيو.

جاهين بن برسايد راوت راتو رات قلعي جي ديوار تان ٽپو ڏنو. ]هوڏانهن[ ڏاهر]بن[ چچ گهوڙا ۽ اُٺ موڪليا.(2) جيئن هو ٻاهر نڪتو ته سوار ٿيل هو ۽ پئي ويو، ]تان جو[ مهراڻ ندي تي انهيءَ جاءِ وٽ پهتو، جنهن کي ”ڪارمتي“ چون ٿا، ]جا[ اڀرندين مهراڻ جي طرف(يا مهراڻ جي اڀرندي طرف) آهي.(2) تڏهن اتان ڏاهر ڏانهن، خبر ڏيڻ واسطي، هاٿي روانو ڪيائين. ڏاهر پڇيو ته: جاهين ٻـُـڌ ڪٿي پهتو آهي؟ انهيءَ ماڻهو جواب ڏنو: ”ڪارمتي“ يعني ”کاري مٽي“ وٽ.]اتي[ ڏاهر چيو ته: تنهنجي مٿي ۾ ڌوڙ پوي شال! بادشاهن جي آڏو برو نالو وٺڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان بري فال وٺندا آهن. ائين ڇو نٿو چوين ته:”ندمتي“ يعني ”گـِـل سيمين“ (چاندي واري مٽي) وٽ پهتو آهي.
پوءِ محمد بن قاسم بتخاني ۾ آيو، ڪن ماڻهن بتخاني ۾ پناهه ورتي هئي، ۽ در بند ڪري پاڻ کي ساڙڻ چاهيائون ٿي. در تي جيڪي ٻه ماڻهو هئا، تن کي ٻاهر ڪڍي[107] قتل ڪيائون. ست سؤ سهڻيون ٻانهيون، جيڪي بت جي خدمت ۾ رهنديون هيون، تن سڀني کي جڙادار زيورن ۽ زرين لباسن سميت گرفتار ڪيائون، ۽ چئن هزارن ماڻهن ]قلعي[ ۾ اندر اچي انهن جا زيور لاٿا.

جنهن برهمڻ کي محمد بن قاسم امان ڏني هئي،
تنهن کي وٺي اچڻ
پوءِ محمد بن قاسم، جنهن ماڻهو کي امانُ ڏني هئي، تنهن کي وٺي اچڻ جو حڪم ڪيو. جڏهن هو آيو، تڏهن سندس چوڻ تي مسلمان زالون ۽ مرد جيڪي قيد ٿيل هئا،جيڪي سرانديپ جي ٻيڙين مان گرفتار ٿيا هئا، يا جيڪي بـُـدَيل جي لشڪر جا ماڻهو قيد ڪيا ويا هئا، تن سڀني کي ٻاهر آڻي آزاد ڪيائون. پوءِ جيڪو لشڪر ديبل جي قلعي ۾ هو، تنهن کي اتي ئي قائم رکي، اها جماعت ]پڻ[ ساڻن گڏ مقرر ڪيائين ته جنهن صورت ۾ گهڻو وقت جيل ۾ بند هئا، تنهنڪري انهيءَ تڪليف جي بدلي ۾ ڪجهه وقت کين آرام ملي، ۽ زماني غدار جي هٿ کان ڪجهه وقت آسودا رهن، ]پر[ کين گهرجي ته قلعي جي حفاظت ۾ نهايت ڪوشش ڪندا رهن.

قبلہ نالي جيلر کي وٺي اچڻ
ديبل جي قيدين جي مٿان مهترائج جو پٽ قبلـہ(1) نالي هڪ شخص مقرر هو. هو نهايت داناءُ، هوشيار ۽ هندستان جو اديب، ماهر لکندڙ ۽ چڱو علم وارو هو، ۽ بـُـدَيل جولشڪر خواه سرانديپ جا قيدي سندس نگراني هيٺ هئا. ]محمد بن قاسم انهيءَ کي[ گهرائي سزا ڏيڻ جو حڪم ڪيو. هن چيو ته ”اي امير، اسلامي قيدين کان[108] پڇ ته مون ساڻن ڪيئن گذاريو آهي، ۽ ]ڪيئن[ سندن آرام ۽ تخفيف ۾ بيحد امڪان ڪوشش ڪندو رهيو آهيان: جڏهن صاحب جي اڳيان اها حقيقت روشن ٿئي ته پوءِ مون کي ڪهڻ کان معافي ڏئي.“

محمد بن قاسم جو ترجمان کان پڇڻ
پوءِ محمد بن قاسم ترجمان کان پڇي چيو ته کانئس پڇ ته: ”قيدين سان تو ڪهڙي مهرباني ڪئي آهي؟“ هن چيو ته: ”]خود[ قيدين کان پڇا ڪريو ته پاڻهي هن حال جي ڪيفيت ۽ هن ڳالهه جو انداز امير کي معلوم ٿي ويندو.“

قيدين کان حال پڇڻ
محمد بن قاسم قيدين کي حاضر ڪرائي، کانئن پڇيو ته: ”هي قبلـہ جيلر توهان سان ڪهڙي همدردي ۽ رعايت ڪندو هو؟“ جنهن تي سڀني گڏجي چيو: ”اسان سندس شڪر گذار آهيون. هن اسان جي همدرديءَ ۾ ڪي به باقي نه ڇڏيو. هميشه اسان کي اسلام جي لشڪر پهچڻ جي دلداري ڏيندو، ۽ ديبل جي فتح ٿيڻ جو اميدوار ڪندو رهيو.“ محمد بن قاسم هن کي اسلام آڇي کيس اسلام جي عزت سان مشرف فرمايو ۽ هو شهادت جو اقراري ٿيو(1)، ] جنهن تي[ هن کي انهيءَ نواب جي حوالي ڪيائين، جو ديبل تي مقرر فرمايو هئائين، انهيءَ لاءِ ته ملڪ جي مصلحتن ۽ آمدني ۽ خرچ جي حساب ڪتاب چڪاسڻ ۾ سندس حاضري اعتبار جوڳي سمجهي وڃي. ۽ حـُـمـَـيد بن وداع النجدي کي اتي جو گورنر مقرر ڪري، انهيءَ ملڪ جي اِمارت جا ننڍا وڏا حق کيس عطا ڪيائين[109].

ديبل جي غنيمتن، غلامن خواهه روڪـڙ مان پنجون حصو وصول ڪرڻ

تاريخ نويسن حـَـڪـَـم بن عـُـرَ و َه کان هن طرح روايت ڪئي آهي ته: هن پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کان روايت ڪئي، ته جنهن برهمڻ امانُ گهري هئي، تنهن جو نالو سوديو(2) هو. منهنجي ڏاڏي چيو ته مون انهيءَ کان ٻڌو ته: جڏهن ديبل فتح ٿيو، ۽ مسلمان قيدي آزاد ٿيا، ۽ غلام ٻاهر ڪڍيائون، تڏهن محمد بن قاسم حڪم ڪيو ته. غنيمتن مان پنجون حصو ڪڍي خزاني ۾ پياريو وڃي: جنهن ڪري ديبل جو پنجون حصو پورو حجاج جي خزاني جي حوالي ٿيو، باقي ارمابيل(1) جي فتح جون غنيمتون ]پوريون[ حقداري جي مدنظر تي، سوار کي ٻه حصا ۽ اُٺ ۽ پيادي کي هڪ حصو ڪري ]تقسيم ڪيائون[ باقي رهيل نقدي، غنيمتون ۽ غلام گڏ ڪري رکيائون. ديبل جي راجا جون ٻه ڌيئرون به هيون، سي حجاج جي خدمت ۾ موڪليائون.

ديبل جي لٽجڻ جي خبر راجا ڏاهر کي پهچڻ
]هن[ حڪايت جي راوي حـَـڪـَـم کان نقل ڪيو آهي ته: جڏهن ديبل جي فتح جي خبر راجا ڏاهر ]بن[ چچ کي پهتي ته ديبل اسلامي لشڪر جي هٿ آيو، ۽ ديبل جو حاڪم(2) ڀڄي جـَـيسـِـينه وٽ نيرون ڪوٽ هليو ويو، ۽ ]انهيءَ ماڻهو[ شامين ۽ عربن جي بهادريءَ ۽ دليريءَ جون خبرون کيس کولي ٻڌايون، تڏهن ڏاهر نيرون ڪوٽ ڏانهن جـَـيسـِـينـُـه کي خط لکيو ته هن خط پڙهڻ شرط هڪدم مهراڻ ندي ٽپي. برهمڻ آباد قديم ۾ اچي ۽ نيرون ڪوٽ تي شمني کي مقرر ڪري، کيس قلعي جي حفاظت جو تمام گهڻو تاڪيد ڪري.[110]



________________________________________
(2) اصل ۾ ”صاحب“: صحيح ”مصعب“ آهي، جيئن اهو ساڳيو نالو فتحنامه ۾ 146، 155، 174 ۽ 180 صفحن تي آيو آهي، مگر انهن سمورن صفحن تي”مصعب بن عبدالرحمان“ آهي ۽ صحيح محمد بن مصعب بن عبدالرحمان آهي، جيئن ته بلاذري (فتوح البدان ص 428) جي روايت ۾ آهي ته: بـَـعـَـثَ محمد بن القاسم، محمد بن مصعب بن عبدالرحمان الثقفي اليٰ سدوسان.(ن-ب)
(1) فارسي متن ۾”مسلم“ جو صحيح نه آهي.ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [102] (ن-ب)
(1) اصل ۾ ”فرح“ مگر صحيح ”فرخ“ آهي.
(2) فارسي ڇاپي ۾ ”البيض“ ۽ ”يـَـسمعن“ پڙهڻيون آهن. تصحيح علامه استاد عبدالعزيز الميمني طرفان آهي،مترجم،هنن جملي شعرن ۾ مونجهاروسمجهي ان جو ترجمو ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ويو، هي ترجمو بنده پنهنجي ناقص عقل موجب ڪيو آهي.(ن-ب)
(1) اصل عبارت: چهار زبانه.
(2) هيءُ بني تميم جي غلام ابو محمد جو چوڻ آهي، جيئن مٿئين سلسلي مان ظاهر آهي.(ن- ب)
(1) اصل ۾ هن جاءِ تي توڙي اڳتي ”جعوبه“ آهي، جو نالو عربن ۾ غير معروف آهي. تصحيح علامه استاد عبدالعزيز الميمني طرفان آهي، جنهن جي تصحيح مطابق هر جڳهه ”جـَـعوَنہ“لـکيو ويو آهي. (ن-ب)
(1) اصل ۾: ابن عم حجاج
(1) اصل متن ۾ ”المشي“ آهي جو صحيح نٿو نظر اچي: غالباً اهو لفظ القـَـيسي يا القـَـيني جي بگڙيل صورت آهي. غور ڪرڻ گهرجي.(ن-ب)
(2) فارسي ڇاپي ۾ ”بنانہ“ آهي. ن جي پڙهڻي ”نباتہ“ آهي جا صحيح آهي.
(3) هي پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي، مگر مشڪوڪ آهي. مختلف نسخن ۾ مختلف بگڙيل پڙهڻيون آهن. مثلاَ.قليت، تليتـہ،تيسب، قليت.(ن-ب)
(4) فارسي ڇاپي ۾ ”ذکوان بن حلوان بکوي“ پڙهڻي ڏنل آهي، جا درست نه آهي ڇوته ”حلوان“نالو عربن ۾ غير معروف آهي. ن توڙي ر جي پڙهڻي”ذکوان بن علوان بکري“ آهي جا زياده صحيح آهي. پ ۾ آخري لفظ صاف طور ”البکري“ آهي، انهن پڙهڻين جي مدار تي نالو درست ڪيو ويو آهي.(ن-ب)
(5) هن نالي ۾ وڏو شڪ آهي. ڏسو آخر ۾ حاشيه صفحه [107].
(1) فارسي ڇاپي جي متن ۾ ”الدميني“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي. هي نسبت فتحنامي ۾ ٽي دفعا آئي آهي: هن [107] صفحي تي وري [123] ۽[218] صفحن تي. فارسي ڇاپي ۾ 123 صفحي تي”الدقيقي“ ۽ 218 صفحي تي ”الدمني“ لکيو ويو آهي: مگر پڇاڙيءَ ۾ ڏنل توضيحات ۾ ايڊيٽر جي راءِ ۾ هيءُ لفظ ”شايدالدمني يا الدهني صحيح ٿيندو“ (ڏسو فارسي ڇاپو صفحه 262). هيءُ لفظ نهايت مشڪوڪ آهي، جنهن جي تصحيح مشڪل نظراچي ٿي. مختلف نسخن جي پڙهڻين تي غور ڪرڻ مان هن لفظ جي عاري شڪل هن طرح بيهي ٿي”الدمي“ جا متن ۾ رکي وئي آهي. هن جڳهه تي مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن: ن، پ، ح: الديتي، پ: الديني، س: الاستي.”العبدي“لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [107] .(ن-ب)
(2) - (2) اصل عبارت:” چون بيرون آمد و سوار شده بود و ميرفت، بجوي مهران رسيد بموضع که آنرا کاِرمتي گويند از جانب مشرق مهران“. پڻ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص[107] .(ن-ب)
(1) پ: قلـہ
(1) يعني الله تعاليٰ جي هيڪڙائي ۽ رسول ڪريم جي رسالت جي شاهدي ڏنائين.(مترجم)
(2) پ،ن،ب،ح سود ديو.
(1) ن،ب،س:ارمن بيلہ-پ: ارمائيل: ڪ: ارمابيلہ.
(2) ن،ب،س:ارمن بيلـہ-پ: ارمائيل: ڪ: ارمابيلہ.
محمد بن قاسم جو ارمابيل ۾ منزل ڪرڻ(3)
(پوءِ محمد بن قاسم ديبل کان ارمابيل جي لڙائيءَ جو ارادو ڪيو، ڇاڪاڻ ته کيس انهيءَ رستي کان نيرون ڪوٽ وڃڻو هو. جڏهن منزل تي پهتو ته کيس راجا ڏاهر جو خط پهتو ، جو هن لکيو هو)(1).

راجا ڏاهر جو خط
بسم اللهِ العـَـظـِـيم ذِي الوحدانـِـيـَـة وَ رَبَ سيلائج (هڪڙائي واري وڏي ۽ سيلائج جي رب الله جي نالي سان) هي خط آهي سنڌ جي بادشاهه، هندستان جي راجا، بر ۽ بحر جي حاڪم ڏاهر بن چچ جي طرفان، مغرور ۽ ٺڳيل محمد بن قاسم ڏانهن، جو ڪوس ۽ لڙائيءَ جو ايترو شوقين ۽ بيرحم آهي جو]خود[ پنهنجي لشڪر تي به رحم نٿو ڪري، ۽ سڀني کي برباديءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلايو اٿس. هن کان اڳ ۾ ٻئي هڪ ]عرب[ جي مٿي ۾ پڻ اهڙو غرور پيدا ٿيو هو، ۽ سياست جو تير کڻي آيو هو، ۽ الحڪم بن ابي العاص(2) پڻ انهيءَ جي بيعت ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته دماغ ۾ سوداءُ هوس ته مان هند ۽ سنڌ کي فتح ڪري هٿ هيٺ آڻيان. اسان جوهڪ -ٻه ادنيٰ درجي جو ٺڪر ]فقط[ شڪار ڪرڻ جي طريقي سان ديبل ويو، ۽ کيس ڪٺائين، ۽ سندس سارو لشڪر ڀڄي ويو. هاڻي اهو ساڳيو سوداءُ محمد بن قاسم جي دماغ ۾ وڌي ويو آهي، ۽ نيٺ پاڻ کي [111] ۽ پنهنجي لشڪر کي انهيءَ خودسريءَ جي خيال ۾ ختم ڪندو. جيڪڏهن ديبل فتح ڪيو اٿيئي ته اهو نه مضبوط قلعو آهي، ۽ نه اتي ڪنهن طاقت واري لشڪر سان مقابلو ڪيو اٿيئي.اها هڪ اهڙي جڳهه فتح ڪئي اٿيئي، جتي ]فقط[ واپاري ۽ ڪارخانيدار رهن ٿا. جيڪڏهن انهن ۾ ڪو مشهور معروف ماڻهو هجي ها ته توهان جو ڪو نشان نه ڇڏي ها. جيڪڏهن راجا جـَـيسيـِـنه بن ڏاهر کي، جو روءِ زمين جي بادشاهن تي غالب، وقت جي زبردستن کان انتقام وٺندڙ، راهبن ۽ ڪشمير جي راجا جو مـَـٽ ۽ ثاني، نوبت، جهنڊي ۽ ڇـَـٽ جو مالڪ، جنهن جي درٻار جي چانئٺ تي هندستان جا راجا سر رڳڙي رهيا آهن، سڄو هند سنڌ جنهن جي حڪم جو تابعدار آهي، توران ۽ مڪران جي ملڪن لاءِ سندس حڪم ڳچيءَ جو هار آهي، جو سؤ مست هاٿين جو مالڪ ۽ سفيد هاٿيءَ جو سوار آهي، جنهن جي مقابلي ۾ ڪوبه گهوڙو نٿو اچي سگهي، ۽ نه وري ڪو مرد سندس سامهون بيهي سگهي ٿو، اجازت ڏيان ته اوهان کي اهڙي سيکت ڏئي ها جو قيامت تائين وري ڪنهن لشڪر کي سندس حدن جي نزديڪ اچڻ جي مجال نه ٿئي ها.] تنهن ڪري[ پاڻ کي غرور جي خواب ۾ مبتلا نه ڪر، نه ته تنهنجي عاقبت به اها ٿيندي، جا بـُـدَيل جي ٿي. توهان کي جنگ ۾ اسان سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانه آهي، ۽ نه اسان جي طاقت کان سلامت موٽي وڃي سگهو ٿا.
ڏاهر جو هيءُ خط جڏهن محمد بن قاسم کي پهتو، تڏهن منشي کي اهو ترجمو ڪري، کيس پڙهي ٻڌائڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ مضمون کان واقف ٿي جواب لکارايائين[112]

محمد بن قاسم جو ڏاهر ڏانهن خط.
بسم الله الرحمان الرحيم- هيءَ خط محمد بن قاسم ثقفيءَ جي طرفان، جو سرڪشن ۽ مغرورن کان مسلمانن جو بدلو وٺندڙ آهي، ڪافر، جاهل، منڪر، ۽ هٺيلي ڏاهر بن چچ برهمڻ غدار ڏانهن ، جو بيوفا زماني جي ڦير گهير ۽ ظالم وقت جي غرور تي مغرور ٿيو آهي. ان بعد معلوم هجيس ته نهايت جهالت ۽ بيوقوفيءَ کان جيڪي ڪجهه لکيو اٿس ، ۽ ]جيئن[ پنهنجي سست عقل تي مغرور ۽ مفتون ٿيو آهي، سو پهتو. ۽ جيڪي بيان ڪيو اٿس، تنهن جي مضمون کان واقفيت حاصل ٿي. ۽ طاقت، حشمت، هٿيار، بندوبست، هاٿي ۽ سوار، ۽ لشڪر متعلق جيڪي لکيو اٿس، سو ذري پرذي سمجهيو ويو. اسان جي ساري قوت ۽ امداد ]جو مدار[ خدا پاڪ جي ڪرم، تياري ۽ بندوبست ] ۽[ بادشاهه جي فضل تي آهي. ولاَ حـَـولَ قـُـوَة اِلاَ باللهِ العـَـلـِـي العـَـظـِـيم.(1) فـَيـکـِـيدُ وا لـَـکَ کـَـيدَا (2)ثـُـم لا يـُـنظـَـرُون (3) اِني توَ کـَـلتُ عـَـلـَـي اللهِ رَبِي وَرَبـُکۡـم(4) وَمکـَرَ اللهُ وَاللهُ خَيرَالـمـَـاکـِـرِينَ (5) وَلاَيـَـحـِـيق الـمـَـکرُ السيـئُـي اِلاَ بِاَهلہ(6) کم مـِـن فـِئةقـَـلـِـيلـَة غَلـَبَت فـِـئة کثـِـيرَة باِذنِ الله وَاللهُ مـَـعَ الصـَـابِرِيـِـنَ- (وڏي ۽ زبردست الله کان سواءِ ٻي ڪابه قوت ۽ امداد ڪانهي. هو تنهنجي لاءِ رٿون رٿين ٿا. پر انهن کي مهلت ڪانه ڏني ويندي. مون الله تعاليٰ تي توڪل ڪيو آهي، جو منهنجو ۽ توهان جو رب آهي. هنن رٿون رٿيون، هوڏانهن (الله) ]پاڪ[ به رٿ رٿي ، ۽ الله تعاليٰ سڀني کان سٺو رٿيندڙ آهي. بري رٿ، رٿيندڙ کي ئي گهيرو ڪندي آهي. ڪيتريون ٿوريون ٽوليون الله تعاليٰ جي حڪم سان وڏين ٽولين تي غالب پون ٿيون، ۽ الله تعاليٰ صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.) اڙي عاجز! سوار ۽ هاٿي، ۽ لشڪر تي ڪهڙو ناز ٿو ڪرين؟ هاٿي ته هڪ ذليل سموري سامان ۾ عاجز ۾ عاجز ۽ سڀني رٿن ۽ ٺڳين مان هيڻي ۾ هيڻي چيز آهي، جو مڇر جهڙي هڪ ننڍي ۾ ننڍي جيت کي به پاڻ کان تڙي نٿو سگهي: ۽ جن گهوڙن ۽ سوارن کي ڏسي، هٺ ۾ پيو آهين، اهي الله جو لشڪر آهن(قوله تعاليٰ:)(1) فـَـاِنَ حـِـزب اللهِ هـُـمُ الغـَـالِبونَ (1) وَخـَـيلُ اللهِ وَ فـُـرسـَـانـُـهاهـُـمَ المـَـنصـُـورونَ (بيشڪ الله جو لشڪر ئي غالب ٿيڻ وارو آهي ۽ الله جا گهوڙا ۽ سندن سوار ئي فتحياب آهن).[113] تنهنجي بد افعالي، برين عادتن ۽ تڪبر جي ڪري ئي اسان کي لشڪر ڪشي جو معاملو پيش آيو، ڇاڪاڻ ته تو سرانديپ جي مال جون ٻيڙيون روڪي، مسلمانن کي قيد ڪيو. حالانڪ دنيا جي سڀني ملڪن ۾ دارالخلافت، جو نبوت جو نائب آهي، جو حڪم جاري آهي ۽ سڀ فرمان بجا آڻين ٿا، فقط تون ئي سرڪشي ۽ شوخي ڪرين ٿو. ۽ ]پڻ[ بيت المال جي خزاني جا اهي مال جيڪي اڳيان حاڪم ۽ گذريل بادشاهه پاڻ تي لازم ۽ واجب سمجهي، ادا ڪندا رهيا هئا، سي ]پڻ[تو روڪي ڇڏيا آهن. ۽ جڏهن تو پاڻ کي هنن اڻوڻندڙ خصلتن سان خراب ڪري، خدمت کان انڪار ڪيو ۽ ههڙين برين ڳالهين کي جائز سمجهيو، تڏهن دارالخلافت جو فرمان، شال سدائين جاري رهي، هن طرف پهتو ته مان انهن ڪرتوتن جي بدلي وٺڻ لاءِ تنهنجي لڙائيءَ ڏانهن رخ ڪريان. ۽ جنهن به جاءِ تي منهنجو مقابلو ڪندين اتي خدا تعاليٰ، جو ظالمن کي مغلوب ڪرڻ وارو آهي، جي مدد سان توکي مغلوب ۽ خوار ڪندس، ۽ تنهنجو سر عراق ڏانهن موڪليندس، يا پنهنجي جان الله تعاليٰ جي راهه ۾ قربان ڪندس ۽ هيءَ جهاد ]الله تعاليٰ جي[حڪم، ”جـَـاهـِـدِ الڪـُـفـَـارَ والمـُـنافـِـقـِـينَ“(1) (ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر) موجب پاڻ تي واجب سمجهي خدا پاڪ جي رضامندي لاءِ قبول ڪئي اٿم، ۽ ]سندس[ عام احسان ۾ اميدوار آهيان ته اسان کي فتح ڪاميابي عطا ڪندو- انشاءَ الله تعاليٰ وَ ڪـَـتـَـبـَـہ فـِـي ثـَـلث وَ تـِـسعيـِـن (سنه 93 هه ۾ لکيو ويو)]114[.

ديبل فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم جو
نيرون ڏانهن وڃڻ
حديث جي راوين ۽ تاريخ بيان ڪندڙن، نـُـباتـہ بن حـَـنظلـَـہ ڪـِـلابـِـيءَ کان آندو آهي ته: ديبل فتح ڪرڻ ۽ بي انداز غنيمتن حاصل ڪرڻ کان پوءِ، محمد بن قاسم جي حڪم فرمائڻ تي منجنيقون ٻيڙن ۾ رکي، نيرون جي قلعي ڏانهن روانا ٿيا. ٻيڙا انهيءَ پاڻيءَ مان جنهن کي ساڪري جو نارو (1) چون ٿا، ٿي نيائون، ۽ پاڻ سيسم(2) جي رستي کان ٿي ويا. جڏهن سيسم(2) جي منزل وٽ پهتا ته اتي حـَـجاج کان انهيءَ خط جو جواب اچي پهتو، جيڪو پاڻ ديبل جي فتح بابت هن ڏانهن لکيو هئائين.

محمد بن قاسم کي حـَـجاج جو خط پهچڻ
بسم الله الرحمان الرحيم- حـَـجاج بن يوسف کان محمد بن قاسم ڏانهن. ڄاڻڻ گهرجي ته اسان جي دل جي ارادي ۽ همت جي تقاضا اهائي آهي ته توکي هر حال ۾ ڪاميابي حاصل هجي، ۽ ]انشاءَ الله تعاليٰ[ تون ڪامياب ۽ فتحمند هوندين، ۽ الله عزوجل جي احسان سان دشمن دنيا جي سزا ۽ آخرت جي عذاب ۾ هميشه گرفتار ۽ مغلوب رهندا. ]پر[ اهو گمان هرگز نه نج ته انهن جا اهي سڀ هاٿي، گهوڙا ۽ سامان اسباب توکي نيبهه ٿيندا. ]توکي[ دوستن سان چڱي طرح وقت گذارڻ ۽ هر هڪ جي عزت ۽ احترام ۾ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ۽ سڀني کــــي دلداري ڏيندو رهج، ڇاڪاڻ ته اهــا ســاري ولايت تنهنجي مــلڪيت ۾ اينــدي. جيڪو بــه قلعو فتح ٿيندو رهــي، تــه ] انهيءَ مان [ لشڪر جي ضـرورتن جــي جيڪا بــه شيءِ هـــٿ اچي، سا ]لشڪر جي[ خرچ ۽ تياريءَ ۾ صرف ڪج. کاڌي پيتي جي گهربل شين کان، جيترو ٿي سگهي، ]ڪنهن کي[ روڪ ۽ ٽوڪ نه ڪج. سـُـڪـَـر سڻائيءَ جي ]پيداڪرڻ ۾[ حد ۾ حد ڪوشش ڪج، ]115[ جيئن لشڪر ۾ اناج سستو رهي. ديبل ۾ جيڪي بچايو ويو آهي، سو به قلعي ۾ ذخيرو ڪري رکڻ بدران ماڻهن تي صرف ڪرڻ بهتر آهي، ڇو ته ملڪ فتح ٿيڻ ۽ قلعن جو قبضي ۾ اچڻ کان پوءِ رعيت جي آرام ۽ رهاڪن جي دلجوئي جي ڪوشش ڪرڻي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪڙمي، ڪاريگر ۽ واپاري آسودا هوندا ته ملڪ سر سبز ۽ آباد رهندو، انشاءَ الله تعاليٰ- کـَـتبَہ فـِـي العـِـشريـِـن مـِـن رَجب سنـة ثلاث و تِسعين:(1) يعني ويهين رجب، سنه ٽيانوي ۾ لکيو ويو(1).

ديبل جي خبر ۽ نيرون وارن جو حجاج بن يوسف
کان پروانو وٺڻ
اَبـُـوالليث التميمي کان هن طرح آڻين ٿا، ته هن جـَـعوَنہ(2) بن عـَـقـَـبـَہ سـُـلمـِـي کان روايت ڪئي ته: جڏهن محمد بن قاسم ديبل فتح ڪري نيرون ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن اسان ساڻس گڏ هئاسون. هنن ]نيرون وارن[ عرب جي لشڪر جي شڪست ۽ بـُـدَيل جي شهيد ٿيڻ وقت، حجاج سان عهد ڪري پاڻ تي ڍل مقرر ڪرائي ڇڏي هئي. محمد بن قاسم ديبل کان نيرون ڪوٽ (1) ڏانهن، پنجويهن فرسنگن تي آهي، ڪاهي، ڇهه ڏينهن پنڌ ڪري، ستين ڏينهن اچي نيرون ڪوٽ جي ٻاهران پهتو.(2) بروري، جي پٽ ۾ هڪ چراگاهه آهي، جنهن کي بلهار]يعني ولهار ياويءُ[ ٿا چون، ]اتي اچي منزل انداز ٿيو[(2). اتي اڃا مهراڻ جو پاڻي نه آيو هو، جنهن ڪري لشڪر اڃ کان دانهون ڪرڻ لڳو. محمد بن قاسم ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري جيئن جو عرض ڪيو: يـَـادَليـَـل المـُـتـَـحـِـرينَ وَ يـَـاغـَـيـَـاث اَلمـُـسقـَـِغيـِـثينَ اَغـِـثنـِـي بـَحقِ بِسمِ الله الرَحمان الرَحـِـيم (اي پريشانن جا رهنما! اي فريادين جا مددگار! بسم الله الرحمان الرحيم جي هحابي منهنجي واهر ڪر) تيئن ]هڪدم[ الله پاڪ جي حڪم سان رحمت جو مينهن وسڻ لڳو. انهيءَ شهر جي آسپاس جيڪي به تلاءَ يا حوض هئا، سي سڀ ڀرجي ويا. نيرون وارن ڪوٽ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. سندن سردار ۽ حاڪم شمني(3) ڏاهر ڏانهن ويل هو. محمد بن قاسم لشڪر جي گاهه جي تنگيءَ کان[116] ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. پنجن- ڇهن ڏينهن کان پوءِ شمني موٽي آيو، ۽ ٻه سردار حجاج جي پرواني سميت موڪلي، ساڻس گڏ سيڌو ۽ گاهه پڻ روانو ڪري، انهن جي واتان پيغام موڪليائين ته: ”مان خواه هيءُ سمورو لشڪر ۽ رعيت دارالخلافت جا آهيون، ۽ امير حجاج جي پرواني جي حڪم موجب هتي ٽڪيل ]آهيون[، ۽ سندس ٽيڪ، دلداري ۽ تربيت تي قائم آهيون، جنهن صورت ۾ مان غير حاضر هوس، تنهنڪري رعيت متردد ٿي دروازا بند ڪيا هئا.“شمني ]اچڻ سان[ ڪوٽ جا دروازا کولارايا، ۽ ]ماڻهو[ لشڪر سان خريد فروخت ڪرڻ لڳا. محمد بن قاسم، بروري(1) جي منزل کان، هن ]شمني[ جو شڪريو حـَـجاج ڏانهن لکي،نيرون وارن جي وفاداريءَ ۽ فرمانبرداريءَ جي خبر ڏني. حجاج انهيءَ خط جي جواب ۾ کين هنن جي دلداري ڏيڻ جي ڏاڍي پارت فرمائي، ۽ کين لکيائين ته: ”سندن آرام جي هر طرح ڪوشش ڪريو، ۽ کين اسان جي مهربانين جو اميدوار بنايو. الله پاڪ جي احسان ۾ اميد آهي ته تنهنجو قدم مبارڪ جتي به پهچندو ]تي[ فتح ۽ ڪاميابي ٿيندي. جيڪو به توکان امان گهري، تنهن کي امان ڏج، ۽ جيڪي به بزرگ ۽ مکيه ماڻهو تو سان اچي ملن، تن کي قيمتي خلعتن سان سرفراز ڪري، پنهنجي احسان جي زيربار ڪج ۽ لياقت اَهرَ هر هڪ کي انعام اڪرام ڏيڻ واجب ڄاڻج، ۽ عقل کي پنهنجو رهبر بنائج ته جيئن ملڪ جا امير ۽ مشهور معروف ماڻهو تنهنجي قول ۽ فعل تي پورو اعتماد رکن.“

محمد بن قاسم جو پنهنجا اعتماد جوڳا ماڻهو
نيرون ۾ موڪلڻ
پوءِ محمد بن قاسم پنهنجن خاص ۽ مکيه ماڻهن مان ڪي اعتماد جوڳا ماڻهو نيرون جي قلعي ۾ موڪليا ۽ چيائين ته: اسان تي قلعي جي دروازن بند ڪرڻ، ڏاڍو ]برو[ اثر ڪيو، پر جڏهن غير حاضريءَ جو عذر ٻڌو ويو، تڏهن ڪاوڙ ٺري ويئي ۽ توهان ڏانهن مهرباني ۽ عزت جو خيال ڪيو ويو آهي: تنهنڪري مقدم الدولة ڀنڊرڪو شمني(1) کي دلجاءِ ۽ تسلي سان حاضر ٿيڻ گهرجي، سندس حق ۽ مهربانيءَ ۽ تربيت جي ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي ]117[.

شمنيءَ جو سمر ۽ تحفن سميت محمد بن قاسم
جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ
ڏينهن، جڏهن صبح صادق اونداهيءَ جي پردي مان اطلس جو لباس پهري ظاهر ٿيو، تڏهن شمني پڻ بي انداز تحفن ۽ بيپايان نذرانن سان محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿي، رضامندي جي خلعت پهري، ۽ قلعي جو دروازو کولي، محمد بن قاسم جي مهماني ڪيائين، ۽ لشڪر کي اناج ڪشادو ملڻ لڳو.
محمد ]بن قاسم[ قلعي تي هڪ گورنر مقري ڪيو، ۽ ٻـُـڌ جي بتخاني جي جاءِ تي هڪ مسجد ٺهرائي ۽ بانگ، نماز ۽ امام مقرر ڪيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، سيوستان وڃڻ جو ارادو ڪيائين، اهو قلعو، مهراڻ جي مغربي ڪناري تي جبل جي مٿان آهي. محمد بن قاسم کي اميد پيدا ٿي ته سارو ملڪ اسلام جي لشڪر جي هٿان فتح ٿي ويندو، ۽ سيوستان جــي انــديشي لاهڻ کان پوءِ موٽڻ وقت، ڏاهر ڏانهن ]وڃڻ لاءِ[ درياءَ جي ٽپڻ جي صلاح ڪئي ويندي: شال خداوند ڪريم عربن جي اميد برصواب فتحمنديءَ جا امڪانات ميسر ڪري!

________________________________________
(3) ن،ب،س:ارمن بيله: پ،ارمائيل: ڪ،ارمابيلہ.
(1) هي سڄو عنوان ۽ بيان اسان اراد تاً ڏنگين ۾ رکيو آهي ۽ بالڪل بي معنيٰ آهي، جنهن لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [111] .(ن-ب)
(2) هن جاءِ تي جملي نسخن ۾ ”ابوالعاص بن الحکم“ آهي. ڪيل تصحيح لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [111] .(ن-ب)
(1) فارسي متن ۾ فـَـگـِـيدُ وا،ن: فـَـيـَـکيدُ وا، جا صحيح پڙهڻي آهي. هن عربي عبارت ۾ مختلف آيتون ملائي، موزون مضمون پيدا ڪيو ويو آهي. شروع واري جملي ۾ آية صرف "قوة الا با الله“(ڪهف! ر-ه)آهي.ان بعد (ا) آيت يوسف:ر-ا):
(2) آيت جو حصو(الانعام:ر-ا)
(3) آيت (هود:ر-ه):
(4) آيت (آل عمران: ر-5):
(5) آيت (فاطر: ر-5):
(6) آيت (البقره:ر-33).بشڪريه محترم قاضي احمد ميان اختر صاحب.(ن-ب)
(1) -( 1) آيت قرآن (المائده: ر-8).هي آيت فارسي متن ۾ ”الا ان“ سان شروع ٿئي ٿي، جا صحيح نه آهي: ”الا ان حزب الله هم المفلحون“ (المجادله:ر-3) هڪ ٻي جدا آيت آهي.(ن-ب)
(1) سورهِ التوبہ: ر-10
(1) فارسي متن جي اصل عبارت: ”نالہ سانکره“ آهي. مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن: ن، ب: نالـہ سانکره، پ: ساکر، م، ر دهند ساکره، س: دهند ساکره، ڪ: هند ساکره.
(2) فارسي ڇاپي ۾ ”سميم“ پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي مگر انهن ٻنهي جاين تي معتبر نسخن مثلاَ پ، م، ر، ن جي متفـقه پڙهڻي ”سيسم“ آهي ۽ اسان انهيءَ کي ترجيح ڏني آهي (ن-ب)
(1) هي اضافو ن ۽ ب مان آهي (ن-ب)
(2) اصل ”جعوية“ جو صحيح نه آهي. ڏسو هن کان اڳ، حاشيه ص [105](ن-ب)
(1) اصل ۾: حصار نيرون.
(2) فارسي متن جي اصل عبارت: ”مرغزاريست که اَنرا بلهار گويند، بزمين بردي“. هن جاءِ تي ۽ وري ص 117 تي ”بردي“ نالو آيو آهي. هن جاءِ تي م جي پڙهڻي ”بروزي“ ۽ ن جي پڙهڻي “بروي” آهي. ص ]117[ تي پ: بروري ۽ م، ن، ڪ: بروزي. انهن پڙهڻين جي مطابق هي لفظ ”بروري“ يا ”بروزي“ ٿي سگهي ٿو. مگر قديم نسخي پ جي پڙهڻي ”بروري“ آهي ۽ اسان انهيءَ کي ترجيح ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اڪثر ديهن ۽ ڳوٺن جي نالن جي آخر ۾ ”ري“ يا ”ڙي“ آهي. مثلاً ڪلري، هوسڙي، هٽڙي وغيره. (ن-ب)
(3) جنهن کي ڏاهر، ديبل جي فتح جو ٻڌي، نيرون جو حاڪم مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ڏسو مٿي ص ] 110[. (ن-ب)
(1) فارسي متن ۾ ”بردي“. هت اختيار ڪيل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]116[. (ن-ب)
(1) اصل ۾، هت سڀني نسخن ۾ ”بهند رکن سمني“. مگر ص ]131[ تي ساڳيو نالو سڀني نسخن مطابق ”سمني بهندرکو“، اسان پوئين پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي. (ن-ب)
سيوستان ۽ ان جي پسگردائيءَ جي فتح ڪرڻ ۽ قلعي وٺڻ جي خبر
محمد بن قاسم، نيرون جو ڪاروبار درست ڪري، ٺهي ٺڪي، شمنيءَ سان گڏ سيوستان ڏانهن رخ رکيو ۽ منزلون ڪندو ٿي ويو. نيٺ وڃي انهيءَ جاءِ وٽ پهتو جنهن کي موج ٿا چون ۽ جا نيرون کان ٽيهن فرلانگن تي هئي. اتي هڪ شمني رهندو هو، جو رعيت جو اڳواڻ هو، ۽ قلعي جو بادشاهه ڏاهر بن چچ جو سؤٽ بجهراء(1) بن چندر نالي هو. اتي سڀني شمـِـنيـُـنِ(2) گڏجي بجهراء ڏانهن پيغام موڪليو تــه: اسان زاهد (3) ماڻهو آهيون، اسان جو دين، امن ]پسندي[ ۽ مذهب، عافيت] پسندي آهي[.[118] اسان جي طريقي ۾ جنگ ۽ ڪوس جائز نه آهي، ۽ خون وهائڻ جي حق ۾ نه آهيون. تون بلند قلعي ۾ ويٺو آهين، ۽ اسين ڊڄون ٿا ته جڏهن هي ماڻهو ايندا ته اسان کي تنهنجا تابعدار سمجهي ڦريندا ۽ اسان جون جانيون ۽ مال کسي وٺندا. اسان کي ]هيءُ به[ معلوم ٿيو آهي ته کين دارلخلافت ۽ امير حجاج جو حڪم آهي ته جيڪو به ماڻهو امان گهري تنهن کي امان ڏني وڃي، جيڪڏهن ]توهان به اسان سان[ متفق ٿيندا ۽ صلاح قبول ڪري، اسان جي نصيحت وٺندا ته اسان وچ ۾ واسطو ٿي تنهنجي ۽ پنهنجي لاءِ امان گهرنداسون ۽ هڪٻئي سان پڪو عهدنامو ۽ مضبوط انجام ڪنداسون. عرب جا ماڻهو وفادار آهن ۽ جيڪو به قول سندن زبان مان نڪرندو سو پورو ڪندا ۽ ان جي مخالفت نه ڪندا. بجهراء سندن صلاح کان انڪار ڪيو، ۽ سندن چوڻ ڏانهن ڪوبه توجهه نه ڪيائين. پوءِ محمد بن قاسم هڪ جاسوس موڪليو ته هنن جي طبيعت معلوم ڪري ته هو پاڻ ۾ هڪٻئي سان موافق آهن يا منافق. هن ڏٺو ته ڪي لشڪري لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ٻاهر نڪري آيا آهن] .تنهن تي[ محمد بن قاسم ريگستان واري دروازي وٽ اچي لٿو، جو لڙائي لاءِ ٻي ڪابه جاءِ ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته برسات جو پاڻي وڌي ويو هو ۽ اتر کان (1) سنڌوندي، ارل ۾ وهي ويئي هئي(1).

لشڪر جي سيوستان سان جنگ ڪرڻ
محمد بن قاسم منجنيق کڙي ڪرڻ ۽ جنگ شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شـَـمـِـنيـُـن هن (بجهراء) کي گهڻو ئي روڪيو ته: ”هن لشڪر سان تنهنجي پڄڻ جي ڀيڻي نه آهي. تـــون انهن جو مقابلو ڪري نه سگهندين. تنهنجي خـــود ســريءَ ڪري]سڀني جو[ جان ۽ مال برباد نه ٿيڻ گهرجي“. ] آخر[ جڏهن رعيت جي نصيحت نه ٻڌائين، تڏهن ]لاچار ٿي[ شمـِـنيـُـن، محمد بن قسم ڏانهن پيغام موڪليو ته: ”سموري رعيت] 119[ جهڙوڪ هاري، ڪاريگر، واپاري ۽ عام ماڻهو بجهرا ِّ کان ڀڄي پري ٿيا آهن ۽ ساڻس بيعت ڪانه اٿن: بجهرا ِّ کي ايترو ساز سامان ۽ تياري پڻ ڪانهي جو تنهنجو مقابلو ڪري ۽ لڙائيءَ ۾ تو سان هٿ ڳنڍي سگهي“. اهو پيغام معلوم ڪري اسلامي لشڪر جي دل وڌي، ۽ محمد بن قاسم رات ڏينهن لاڳيتو جنگ جاري رکي. اٽڪل هڪ هفتي جي مدت اندر قلعي وارن لڙائيءَ مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. بجهراء جڏهن ڏٺو ته قلعي وارا تنگ ٿيا آهن، تڏهن ]رات جي وقت[ جڏهن دنيا ڏامر جهڙي پردي ۾ لڪي ويئي، اترئين دروازي کان درياءُ ٽپي، لڪي ڀڄي ويو ۽ وڃي ٻـُـڌيه(1) جي حد ۾ پهتو. انهيءَ وقت ٻـُـڌيه جو راجا ڪاڪو پـُـٽ ڪوتل(2) نالي شمني ڀـِـڪـُـو هو. سندس قلعو ڪـُـنڀَ نهر جي ڪناري (3) تي سيسم]نالي[ هو. ٻـُـڌيه جا رهاڪو ۽ اُنهيءَ طرف جا اڳواڻ سندس استقبال تي آيا ۽ کيس قلعي جي آڏو اچي لاٿائون.
سيوستان جو هٿ آڻڻ ۽ بجهراء جو هليو وڃڻ
جڏهن بجهراء ڀڄي ويو ۽ شمـِـنـُـين اطاعت ڪئي، تڏهن محمد بن قاسم سيوستان جي قلعي اندر آيو ۽ دلجاءِ ڪري، ڪاروبار مٿان پنهنجا ڪامورا ۽ نائب مقرر ڪري، پسگردائي سندن حوالي ڪيائين. پوءِ شمـِـنيـُـن کان سواءِ، جن ساڻس پڪو عهدنامو ڪيو هو،] ٻين کان[ جتي به سون چاندي ڏٺائين، پنهنجي قبضي ڪيائين، ۽ سموري چاندي، زيور ۽ روڪڙ ضبط ڪري، لشڪر جو حق لشڪر کي ڏيئي، باقي پنجون حصو حجاج جي خزانچيءَ جي حوالي ڪيائين، ۽ حجاج ڏانهن فتح جو احوال لکيائين، ۽ راءَ زادن(1) کي مقرر ڪري، غنيمت ۽ غلام موڪلي ڏنائين ۽ پاڻ اتي ترسيو. ]120[
ٻن- ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن] سرڪاري[ پنجين حصي ۽ لشڪر جي حصن ]جي تقسيم[ کان فارغ ٿيو، تڏهن سيسم جي قلعي ڏانهن رخ ڪيائين. ٻـُـڌيه جو لشڪر ۽ سيوستان جو بادشاهه لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي بيٺا. محمد بن قاسم، انهيءَ ٽولي کان سواءِ جيڪو سيوستان جي گورنر سان مقرر ڪيو هئائين، سمورو لشڪر وٺي،ڪنڀ جي ڪناري تي بندهان(2) نالي هڪ منزل وٽ اچي لٿو. آسپاس جا رهاڪوسڀ ڪافر هئا، اسلامي لشڪر ڏسي، سڀني راتاهو ڏيئي، کين منتشر ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيو.
مـُـکين جو ڪاڪي بن ڪوتل(1) وٽ اچڻ
]ا هــا صــلاح ڪـري،[ ٻـُـڌ(2) جــا مـُـکــي ڪـاڪــي ]بــن[ ڪـوتـل(1) وٽ آيا(3) جو ٻـُـڌيه جا راڻا سندس اولاد مان آهن ۽ جنهن جو وڏو آڪر گنگا جي انهيءَ گهير کان، جنهن کي اودند وهار ٿا سڏين، آيو هو(3) - ۽ ساڻس صلاح ڪيائون ته اسان هن عرب جي لشڪر تي راتاهي ڏيڻ جو ٺهراءُ ڪيو آهي. (ڪاڪي جو جواب:) ڪاڪي چيو ته، ”جيڪڏهن توهان کان ٿي سگهي ته ]ائين ڪرڻ[ چڱو ٿيندو، مگر ٻڌ وارن ۽ راهبن نجوم جي ڪتاب مان اسان کي ٻڌايو آهي ته هيءُ پاسو اسلام جي لشڪر هٿان فتح ٿيندو.“ ]ائين چئي[ ڀيمن(4) نالي هڪ مـُـکيءَ کي سندن مٿان سردار مقرر ڪري، چنن(5) کي سندس فوج ۾ رکي، هڪ هزار ترار جا ڌڻي ۽ دلاور مڙس سندس هٿ هيٺ ڏنائين. جڏهن ڏينهن جو رومي لشڪر رات جي حبشي لشڪر جي حملي کان شڪست کائي ڀڄي ويو ]121[ تڏهن اهي سڀئي تراريون، ڍالون،نيزا، بڙڇيون ۽ ڪٽاريون کڻي راتاهي (شبخون) مارڻ لاءِ روانا ٿيا. عربن جي لشڪر کي ويجهو پهچڻ وقت رستو ڀلجي ويا، ۽ پوري رات شام کان صبح تائين ڀٽڪندا رهيا، هو چئن حصن ۾ ورهائجي بيابان ۾ ڦرندا رهيا ۽ نه] لشڪر جو[ مقدمه، ساقه سان مليو ۽ نه مـَـيمنـَـه (وري) مـَـيسره کي ڏٺو.]رُلي رُلي[ جڏهن منهن ڪڍيائون ته پاڻ کي سيسم جي قلعي جي ٻاهران ڏٺائون. جڏهن رات جو سرمائي پردو ستارن جي بادشاهه (سج) جي روشنائي جي چوڪ سان ڦاٽي پيو،(1) تڏهن قلعي ۾ آيا، ۽]اچي[ ڪاڪي ]بن[ ڪوتل(2) کي سارو احوال ٻڌايائون ته اسان جي هيءَ رٿ ڪارگر نه ٿي. ڪاڪي وراڻيو ته: ”توهان کي معلوم آهي ته مان بهادريءَ، مردانگيءَ، همت ۽ دانائيءَ ۾ مشهور معروف آهيان، ۽ توهان وٽ رهي ڪيتريون مشڪلاتون حل ڪيون اٿم. پر ٻڌ مذهب وارن ڪتابن ۾ نجوم جي حساب سان ائين حڪم ٿيل آهي ته هندستان اسلامي لشڪر جي هٿان فتح ٿيندو، تنهنڪري مون کي سندن استقبال ڪرڻ جو ارادو آهي.“
ڪاڪي ]بن[ ڪوتل(3) جو نـُـباتـہ بن حَنظَلَہ سان گڏجي محمد بن قاسم جي خدمت ۾ وڃڻ ۽بيعت ڪرڻ
پوءِ ڪاڪي پنهنجي خاص ۽ ڀروسي وارن ماڻهن سان گڏجي، عربي لشڪر جو رخ ڪيو. ڪجهه پنڌ ڪيائين ته کيس نباتہ بن حـَـنظـَـلـَـہ مليو، جنهن کي محمد بن قاسم نگراني لاءِ ڇڏيو هو، جو کيس محمد بن قاسم وٽ وٺي آيو. جڏهن خدمت جي سعادت حاصل ڪيائين، تڏهن محمد بن قاسم ساڻس عزت سان پيش آيو ۽]مٿس[ مهرباني ڪيائين. ڪاڪي، چنن(1) جي راتاهي ۽ سندن دغابازيءَ جي رٿن جو احوال ڪيو، ۽ ڪيئن خدا تعاليٰ کين ڀلايو جو سڄي رات دربدري ۽ شرمندگيءَ ۾ ڦرندا رهيا، سو سڀ بيان ڪري، چيو ته: ”اسان جي نجومين ۽ معتبرن، علم نجوم ]جي حساب[ مان نتيجو ڪڍي، هيءُ حڪم ڪيو آهي ته]122[ هي پاسو اسلامي لشڪر جي حوالي ٿيندو. ]وري[ جڏهن هيءُ معجزو ڏٺو ويو ته يقين ٿيو ته ]برابر اهو[ الاهي حڪم آهي، ۽ ڪوبه ماڻهو ٺڳيءَ ۽ دغابازيءَ سان مقابلو ڪري نه سگهندو. تون هر طرح دلجاءِ ۽ تسلي ڪر ته انهن تي فتح لهندين، مون تنهنجي تابعداري قبول ڪئي آهي، ۽ توکي نصيحت ڪندو رهندس. ۽ جيترو ٿي سگهندو اوترو مددگار رهندس، ۽ دشمنن ۽ بدخواهن جي بيخ ڪـَـني ۽ مغلوب ڪرڻ ۾ رهبر ٿيندس.“ محمد بن قاسم کي جڏهن هن حال جي خبر پيئي ۽ سندس ڳالهه ٻڌائين، تڏهن الله تعاليٰ جي تعريف ڪيائين ۽ شڪراني جو سجدو بجا آندائين، ۽ ڪاڪي کي سندس سر، تابعدارن ۽ ڪٽنب سميت، امان ڏيئي کيس دلجاءِ ڏنائين. پوءِ ڪاڪي کي چيائين ته: ”هند جا امير! توهان جي سـَـروپا ڪهڙي ٿيندي آهي؟“ ڪاڪي عرض ڪيو ته: ”اسان جي سروپاءَ آهي ڪرسي، ۽ ريشم ۽ پٽ جو هندستاني ڪپڙو(1) جو پڳ وانگر مٿي تي ويڙهيندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي بزرگن ۽ شـَـمني(2) ڄامن جي اها ئي رسم آهي. پوءِ اها کيس پهرائي ويئي. ڪاڪي جي هن سروپا پهرڻ تي سڀني مـُـکين ۽ آسپاس جي سردارن سندس بيعت ڏانهن لاڙو ڪيو. جن ماڻهن سندس تابعداري قبول ٿي ڪئي، تن کي عربي لشڪر جي خوف کان امان ٿي ڏنائين، ۽ جنهن ٽولي خودسري ۽ سرڪشي ٿي ڪئي، تن ڏانهن ]اسلامي لشڪر جي[رهبري ڪيائين ٿي] . محمد بن قاسم[ عبدالملڪ بن قـَـيس الدمي (3) کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو. انهيءَ لاءِ ته جيڪو به سرڪشي ڪري تنهن کي سيکت ڏئي. ڪاڪي مخالفن تي حملو ڪري، ڏاڍا ڏوڪڙ، ڪپڙا، وهٽ، غلام ۽ اناج غنيمت ۾ هٿ ڪيو، جنهن ڪري لشڪر ۾ گوشت ۽ گاهه جي فراواني (گهڻائي) ٿي.
پوءِ محمد بن قاسم اتان منزل کڻي سيسم جي قلعي تي آيو. ٻن ڏينهن جي جنگ کانپوءِ خدا تعاليٰ کيس فتح ۽ ڪافرن کي شڪست ڏني. ڏاهر جو سؤٽ بجهرا ِّ بن چندر بن سيلائج ۽ راوت ۽ ٺـَـڪـُـرَ- جيڪي سندس تابعدار هئا،] 122[ ٻـُـڌيه کان مٿي ڀڄي ويا. بلڪ گهڻن ته پنهنجي پياري جان انهيءَ بيفرمانيءَ ۾ گنوائي، ۽ ڪي، سالوج ۽ قندابيل(4) جي وچ واري قلعي بهطلور(1) ڏانهن هليا ويا ۽ اتان وڃي امان نامي جي استدعا ڪيائون. ڇاڪاڻ ته هو ڏاهر جا مخالف هئا ۽ جيئن ته هن جي ڪن ماڻهن کي ڪـُـٺو هئائون، تنهن ڪري سندس فرمانبرداريءَ کان ڦريل هئا. هنن قاصد وچ ۾ آڻي. پاڻ تي هڪ هزار درهم تور چاندي (2) مقرر ڪري، پنهنجا ضامن سيوستان ڏانهن موڪليا.
حجاج بن يوسف کان مهراڻ ٽپي-ڏاهر سان جنگ جوٽڻ جو حڪم پهچڻ
محمد بن قاسم ڍل مقرر ڪري، سندن آرام لاءِ نئون پروانو جاري ڪيو، ۽ ]هن کان پوءِ[ آل جارُود مان ٻن اعتماد جوڳن ماڻهن ]عبدالملڪ بن[ القـَــيس(3) ۽ حـُـمـَـيـدُ بن وَدَاعَ النـَـجدِي کي مقرر ڪري، هي ڪم سندن حوالي ڪيائين. جڏهن سيسم جي ڪم کان واندو ٿيو، تڏهن حـَـجاج جو حڪم پهتس ته: ”ٻيون سڀ جايون ڇڏي نيرون ۾ موٽي اچ، ۽ مهراڻ ٽپڻ جي تجويز ڪري، ڏاهر جي جنگ ڏانهن رخ ڪر، ۽ موليٰ عزوجل کان مدد گهرج ته توکي فتح ۽ ڪاميابي بخشي. انهيءَ فتح ٿيڻ تي] ننڍا وڏا[ قلعا ۽ ساري پسگردائي هٿ اچي ويندي ۽ ڪوبه روڪيندڙ نه هوندو.“ محمد بن قاسم هيءُ حڪم پڙهي، سندس مضمون کان واقف ٿي نيرون ڪوٽ موٽي آيو ۽ اچي خط لکيائين.
عرب جي لشڪر جو نيرون ڪوٽ موٽي اچڻ
پوءِ] محمد بن قاسم لشڪر ساڻ[ منزلون ڪاٽي اچي قلعي ۾ لٿو، جو نيرونٽَڪر(1) تي آهي.] 124[ ان جي ويجهو هڪ تلاءُ آهي، جنهن جو پاڻي عاشق جي اکين کان وڌيڪ صاف، جنهن جو چراگاهه اِرم جي باغ کان وڌيڪ وڻندڙ آهي. انهيءَ تلاءُ وٽ اچي منزل ڪيائين، ۽ هيٺيون خط حجاج بن يوسف کي لکيائين.
محمد بن قاسم جو، خط لکي حجاج بن يوسف
کي احوال ٻڌائڻ
بسم الله الرَحمانِ الرَحيم- وڏي امير، زبردست عالم،دين جي تاج، عجم ۽ هند جي پناهه، حجاج بن يوسف جي شاندار درگاهه ۾ هن خدمتگار محمد بن قاسم جي طرفان. بندگي ۽ خدمت گذاريءَ کان پوءِ، عرض ٿو ڪري ته هي مخلص عرب جي سڀني اميرن، لشڪر، نوڪرن ۽ مسلمانن جي لشڪر جي سڀني جماعتن سميت صحيح ۽ سلامت آهي. ڪاروبار جي استقامت ۽ دائمي خوشي ۽ آرام حاصل آهي. ]اوهان جي[ روشن راءِ کي معلوم هجن گهرجي ته بيابان ۽ خطرناڪ منزلن ڪاٽڻ کان پوءِ، درياءُ جي ڪناري(1) جنهن کي مهراڻ چون ٿا، پهتاسون.
۽ بغرور(2) جي قلعي جي مقابل ٻـُـڌيه طرف جي اها ايراضي، جا مهراڻ جي ڪناري تي آهي، فتح ٿي آهي(3) ۽ اهو قلعو، اروڙ جي حد حڪومت ۾]آهي[(3)، سرڪش ماڻهن کي پنهنجي اقتدار هيٺ آندو ويو ۽ باقين کي حملو ڪري ڀڄايو ويو. جيئن ته امير حجاج جو حڪم پهتو جنهن ۾ موٽي اچڻ جو اشارو ڪيل آهي، تنهنڪري نيرون ٽڪر(4) واري قلعي ۾ موٽي اچڻ ٿيو، هيءُ قلعو دارالخلافت کي وڌيڪ ويجهو آهي. اميد ته الله تعاليٰ جي مدد، بادشاهه جي اعانت ۽ امير معظم جي بخت ]جي ياوريءَ[ سان ڪافرن جا سڀ مضبوط قلعا فتح ٿي ويندا،] 125[ ۽ شهر ۽ خزانا هٿ ايندا. في الحال سيوستان ۽ سيسم جا قلعا هٿ آيا آهن. ڏاهر جو سؤٽ، سندس بهادر ۽ مکيه ماڻهو ]ٻاهر[ ڪڍيا ويا، باقي ٻيا سقڀ ڪفار مغلوب ٿيا آهن. ڪافرن جي عبادت گاهن جي بجاءِ مسجدون ۽ عبادت گاهون ٺهرايون ويون آهن، ۽ بانگ نماز، خطبن ۽ منبرن جو بنياد رکيو ويو آهي، جيئن ماڻهو وقتن اندر خدا جو فرض ادا ڪندا رهن، ۽ صبح ۽ شام خدا تعاليٰ جو ذڪر ۽ تڪبير بجاءِ آڻيندا رهن. جهڙيءَ طرح قرآن جو نص ناطق آهي ته] قوله تعاليٰ[: اَقـِـمِ الصـَـلواة لـِـدُلـُـوکِ الشـَـمس اِليٰ غـَـسقَ الليلِ وَقـُـرآنَ الفجر- الايـَـة (1) ۽ اهي بتن جا نشان الله جي تائيد ۽ اِن يـَـنصرُ کـُـمُ اللهُ فـَـلاَ غـَـالبَ لکـُـم(2) (جيڪڏهن خدا تعاليٰ توهان جي تائيد ڪندو ته پوءِ ڪوبه توهان تي غالب ڪونه ٿيندو) جي تصديق مطابق صاف ڪيا وڃن، پوڄارين، ۽ شيطانن ۽ انهن جي جماعتن کي مغلوب ۽ خوار خراب ڪري جهنم ۽ سخت عذاب جي حوالي ڪيو وڃي. اسان ]هن وقت[ هڪ اهڙي قلعي جي پناهه ۾ رهيل آهيون، جو سڪندر روميءَ جي ٻنڌ تي پڻ فخر ٿو ڪري، ليڪن اسان جو ڀروسو ۽ پناهه الله عزوجل تي آهي. اوهان جي راءِ عاليءَ، سدائين عالي رهي، آڏو هيءُ خط پيش ڪري، جواب جو منتظر آهيان ته جهڙيءَ طرح فرمان ناطق ۽ مطلق جاري ٿئي، انهيءَ لاءِ تيار ٿيان، ۽ الاهي توفيق سان جهڙو ارشاد ڪندا، انهيءَ موجب عمل ڪيو ويندو. ڪريم حاڪم کي هيءُ ڳالهه به معلوم هئڻ گهرجي ته ڏاهر جي گورنرن مان هڪ گورنر مهراڻ جي اُڀرندي طرف انهيءَ (1) ماٿريءَ ۾، جا ڪشها (ڪڇ) جي سمنڊ جو ٻيٽ آهي(1)، ٻيٽ (2) جي قلعي جو والي آهي، جنهن کي بسامي ]پٽ[ راسل (3) چون ٿا. هن جو پٽ ڏاهر جي مکيه ۽ خاص ماڻهن مان آهي. هند خواهه سنڌ جي گهڻن بادشاهن جي ساڻس بيعت آهي، ۽ سندن وچ ۾ مضبوط عهدناما ٿيل آهن]126[، جي سندس صلاح کان ٻاهر نه ويندا: ۽ ديبل جا جيڪي ماڻهو اسان سان مليا آهن، تن کان معلوم ٿيو آهي ته هو اسان جو خيرخواه آهي. هر هڪ امير ۽ وڏيرو سندس تابعداريءَ ڏانهن راغب آهي. هن اسان ۾ اميد رکي التجا ڪئي آهي ته اسان هن سان پڪو عهدنامو ڪريون . جيڪڏهن خدا تعاليٰ اها تدبير پوري ڪئي ۽ ]هو سڀ[ سچائيءَ سان اسان جي فرمانبرداريءَ هيٺ آيا ته مهراڻ درياءَ جي ٽپڻ جي تدبير اسان لاءِ آسان ۽ سولي ٿي پوندي، ۽ الله تعاليٰ جي حڪم سان (سڀڪجهه) تيار ۽ مبارڪ ٿيندو.

________________________________________
(1) اصل ۾ هن جاءِ تي، توڙي اڳتي هر جڳهه ”بجهرا“ آهي- ترجمي ۾ هر جڳهه ”بجهراءُ“ ڪري لکيو ويو آهي. (ن-ب)
(2) اصل لفظ: “سميان”.
(3) اصل لفظ: ”ناسک“.
(1) - (1) فارسي ڇاپي جي عبارت هن طرح آهي: ”جوئي سند ور اول روان شد“ پ، ر، ن، ب، س ۾ ”ور اول“ جي جاءِ تي ”در اول“ آهي. گمان غالب آهي ته ”در اول“ ۾ ڪاتبن جي غلطي سبب ”ر“ کي ”و“ بنايو ويو آهي ۽ صحيح صورتخطي ”در ارل“ هئڻ گهرجي، يعني ”ارل ۾“. اهو بلڪل قرين قياس آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ به سنڌونديءَ جو پاڻي ارل يا اڙل کي ڀري ٿو، (ن-ب)
(1) اصل لفظ: بودهيـہ
(2) فارسي متن ۾ ”کوتک“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي، جا شايد پ مطابق آهي. مگر ر، م، ن جي پڙهڻي هت توڙي اڳتي ”کوتل“ آهي ۽ اسان اها اختيار ڪئي آهي. ڪوتل غالباً سنسڪرت لفظ ”ڪـُـتـُـوهـَـل“ جي بگڙيل صورتخطي آهي. سنسڪرت ۾ ”ڪتوهل“ ماڻهو جي نالي طور به ايندو آهي ۽ لفظي معنيٰ اٿس عجيب، نامور يا دلچسپ، (ن-ب)
(3) اصل عبارت: برلب اَب کنبـہ.
(1) اصل لفظ ”راوتان“ جنهن جو ترجمو ”راءَ زادن“ ڪيو ويو آهي. (ن-ب)
(2) ر، م: نيلهان، س: بدهان.
(1) فارسي متن ۾: ”کوتک“: ڏنل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]120[ (ن- ب)
(2) ر: بدهيہ
(3) -(3) متن ۾ هي عبارت نهايت منجهيل ۽ ناقص آهي. ترجمو فارسي متن ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي مطابق ڏنو ويو آهي، جا هن طرح آهي: ”که رانگان بودهيه از نسل اوانڊ، و اصل ايشان اکر از کداره کنک که اود دند وهار گويند آمده بود.“ ب، ن، م، ح جي پڙهڻي ”رانگان“ جي بدران ”راز کان“ آهي. ”اکر از“ ر، م مطابق آهي. مگر پ، ڪ، م ۾ ”اکر اره“ ، ن، ب ۾ ”اکرازه“ ۽ س ۾ ”اگرازه“ آهي. (ن-ب)
(4) پ: بهبين: ر: بيهن يا پهن، م: پهن ن، ب، ح: بهيسي. اسان جي پڙهڻي فارسي ڇاپي مطابق آهي جنهن جو مدار ڪ تي آهي. (ن-ب)
(5) هن جاءِ تي ۽ وري صفحي ] 121[ تي فارسي ڇاپي ۾ ”جتان“ پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي ٻنهي جاين تي ن، ب جي پڙهڻي صاف طور ”چنان“ آهي. س جي پڙهڻي هت ”جنان“ ۽ ص ] 21[تي م جي پڙهڻي به ”جنان“ آهي، جنهن مان پڻ ”چنان“ جو گمان نڪري ٿو. تحفة الڪرام (ج 3 ص 15) ۾ به ڄاڻايل آهي ته هي ڪاڪو ذات جو چنو هو. انهيءَ لحاظ سان اسان ”چنان“ واري پڙهڻي کي ”جتان“ تي ترجيح ڏني آهي. (ن-ب)
(1) يعني رات گذري ڏينهن ٿيو، (مترجم)
(2) فارسي متن ۾ ”کوتک“ ڏنل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ] 120[ (ن-ب)
(3) فارسي متن ۾ ”کوتک“ ڏنل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ] 120[ (ن-ب)
(1) فارسي متن ۾ ”جتان“ يعني جتن، ڪيل تصحيح لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]121[. (ن-ب)
(1) اصل عبارت: جامد هندوي ابريشم وحرير.
(2) اصل ۾: سمني.
(3) هيءُ لفظ مبهم آهي ڏسو مٿي حاشيه 107 ص ]107[. (ن-ب)
(4) ن، ب، ح: قندائيل، پ، ڪ: قندهائيل، ر، م،: قندهالہ
(1) ب: بهطلور، ڪ: بهطور.
(2) اصل عبارت: يکهزار درم سنگ فقره.
(3) سڀني نسخن ۾ ”عبدالقيس“ آهي، مگر اسلام بعد هڪ مسلمان جو نالو عبدالقيس هجڻ غيرممڪن آهي. البته ”عبدالقيس“ بطور هڪ قبيله جي نالي جي مشهور هو، مگر هن جاءِ تي ماڻهوءَ جو نالو آهي، جو ”آل جارود“ (جارود جي اولاد) واري قبيلي مان هو. انهيءَ ڪري هن نالي ۾ غلطي آهي ۽ هن شخص جو صحيح نالو غالباَ عبد ]الملڪ بن[ القيس آهي جنهن جو ذڪر مٿي ص ]99[ ۽ ]123[ تي اچي چڪو آهي، ۽ جو محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ موجود هو. (ن-ب)
(1) اصل ۾: ڪوه نيرون.
(1) اصل عبارت: برلب سيحون. اسان ”سيحون“ جي لغوي معنيٰ ورتي آهي جو (ساح، سـَـيحـاً ۽ سـَـيحانا) مصدرن مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”پاڻي جي زمين تي وهڪ“. (ن-ب)
(2) فارسي ڇاپي ۾ هن جاءِ تي ”راور“ پڙهڻي اختيار ڪيل آهي، مگر ايڊيٽر حاشيي ۾ ڄاڻايو آهي ته اها سندس پنهنجي گماني پڙهڻي آهي، (ڏسو فارسي ڇاپو ص 125، حاشيه 9). مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن: ر، م: بغرور، ن: اغرور، ب، ح، س، ڪ: اعرور: پ: مرور. اسان ”بغرور“ پڙهڻي کي ترجيح ڏني، جنهن لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ] 125[. (ن-ب)
(3) -(3) فارسي متن جي عبارت هن طرح آهي: ”و اَن حصار راور (که) در تمليک داهر راي بوَد“. هن عبارت ۾ ”حصار راور“ جي پڙهڻي فقط پ مطابق آهي، ٻين جملي نسخن،م، ر، ن، ب، س، ڪ، جي متفق پڙهڻي ”درالور“ آهي ۽ انهيءَ ڪري وڌيڪ معتبر سمجهڻ گهرجي. انهيءَ پڙهڻيءَ مطابق اصل عبارت هن طرح بيهندي: ”و اَن حصار، درالور در تمليک داهري راي بود“. اها عبارت تاريخي سياق ۽ سباق خواه جاگرافيائي اعتبار کان بالڪل صحيح آهي ۽ ترجبو به انهيءَ لحاظ سان ڪيو ويو آهي. (ن-ب)
(4) اصل ۾: کوه نيرون
(1) اَقـِـمِ الصـَـلوة لـِـدُ لـُـوکِ الشـَـمس اِلي غـَـسقَ الليلِ وَقـُـرآنَ الفجرَ اِن قـُـرآنَ الفجرَ کـَـان مـَـشهوداً: سج لڙڻ کان رات جي اونداهي ٿيڻ تائين نماز قائم ڪر ۽ پڻ فجر جي قرآن پڙهڻ جو پابند رهه، ڇاڪاڻ ته فجر جو قرآن ٻڌو وڃي ٿو. (مترجم)- سوره بني اسرائيل، رڪوع 8 (ن-ب)
(2) آل عمران: رڪوع-8 (ن-ب)
(1) -(1) اصل عبارت: ”در برجوي که جزيره کنبها است“. فاضل ايڊيٽر ”کنبها“ پڙهڻي اختيار ڪئي آهي جا پڻ ن جي پڙهڻي آهي. مگر پ ۾ کبها آهي ۽ ر، م جي پڙهڻي ”کشتيها“ آهي اسان ر، م جي پڙهڻي جي آڌار تي ”کشها“ پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي جنهن لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]126[. (ن-ب)
(2) اصل ۾: بيت
(3) اصل ۾: بساهي راسل. پ: بشامي راسل.
محمد بن قاسم وٽ، حجاج بن يوسف جو خط پهچڻ
بسم الله الرَحمانِ الرَحيم: پياري فرزند ڪريم عماد الدين محمد بن قاسم جو- شال خدا تعاليٰ سندس عزت برقرار رکي. قسمين قسمين تڪليفن ۽ طرحين طرحين تعظيمن سان سينگاريل خط پهتو، ۽ جيڪي حالات ان ۾ لکيل هئا، سي سڀ معلوم ٿيا. اي پٽ! آخر آهي ڇا؟ توکي ٿيو ڇا آهي جو پنهنجي تدبير، عقل ۽ سمجهه ڪم نٿو آڻين؟ اي ڪاش! تون لڙائيءَ ۾ مشرق جي سڀني بادشاهن کي مغلوب ڪرين، ۽ سڀني ڪافرن جي گهرن کي برباد ڪرين! تون هن ڪم تي غالب پوڻ کان ڇو عاجز آهين؟ ۽ دشمن جي شر سان ڇو نٿو پڄي پورو اچين؟ اميد آهي ته سندس رٿ دفع ٿي ويندي. هو لشڪر اسلام جي مدافعت جي رٿ رٿڻ ٿو چاهي. تون دل مضبوط ڪر ۽ جنهن حد تائين مال خرچ ڪري سگهين ڪر، ۽ سندس مخالفن جي حق ۾ تمام گهڻو انعام ۽ بخشش] 127[ خرچ ڪر. جيڪو به ڪا جاگير يا ملڪ گهري ته ان کي نااميد نه ڪر، بلڪ سندس عرض قبول ڪري، کيس پنهنجي فرمانن ۽ امن نامي سان دلجاءِ ڏي. ڇاڪاڻ ته بادشاهي وٺڻ جا چار طريقا آهن: پهريون صلح، همدردي، چشم پوشي، ۽ سڱابندي، ٻيو پئسو خرچڻ ۽ انعام ڏيڻ، ٽيون دشمنن جي مخالفت کي پوريءَ طرح سمجهڻ ۽ مخالفن جو مزاج معلوم ڪرڻ، چوٿون رعب، هيبت، دليري، قوت ۽ دٻدٻو. ]هر طرح سان[ انهن دشمنن جي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. (ننڍا ننڍا) بادشاهه جيڪو به عرض ڪن ته (انهن کي) پڪي انجام نامي سان دلجاءِ ڏي. جڏهن خدمت ۾ حاضرٿي پاڻ تي ڍل مقرر ڪن، ته پوءِ جيڪي به ڏوڪڙ يا سامان خزاني ۾ پهچائين، سو وٺندو رهه. سڀنيءَ کي تسلي ڏيندو رهه. جيڪڏهن ڪنهن کي قاصد ڪري موڪلڻ گهرين ته پوءِ ضروري آهي ته سندس عقل، مذهب، دورانديشي ۽ امانت تي توکي اعتماد هجي. ائين نه ٿئي ته سندس ڳالهائڻ ۽ وڃڻ ڪري اسلام کي ڪوبه نقصان پهچي. پاڻ کي دشمنن جي اوچتي حملي، حيلن، آفت، ٺڳيءَ ۽ مڪر کان حفاظت ۾ رکج. ضروري ڪمن جي پوئيواري ۾ دورانديشي ۽ هوشياريءَ جا شرط بجا آڻج، ۽ ڏاهر کان خبردار رهج، جيڪڏهين ڪو (پنهنجو) معتمد يا معتقد موڪلين (1)ته انهيءَ کي وصيت ڪج ته هن جي ميل جول ۽ همنشينيءَ کان بيخيالو نه ٿئي، ۽ ان کي خير خواهيءَ جو شرط کولي ٻڌائج ته جيڪڏهن پيغام پهچائڻ لاءِ راجا جي روبرو ويهي ته هن کي سڀني مکيه ماڻهن ۽ محفل جي بزرگن جي سامهون بيڊپائيءَ سان پيغام پهچائي. سندس جواب چڱيءَ طرح ٻڌڻ گهرجيس، ۽ ٻي ڪابه نرمي ۽ چشم پوشي نه ڪرڻ گهرجيس. قاصدن جي همت سهڻن واعدن سان وڌائج، (۽ کين ٻڌائج) ته: توهان ساري اسلامي لشڪر جا امام ۽ پيشوا آهيو، ۽ سڀني جون اميدون توهان جي گفتگو سان وابسته آهن، تنهن ڪري توهان کي گهرجي ته پيغام پوريءَ طرح ادا ڪريو. مسلمانن جو قاصد، پاڪ مذهب ]وارو[هئڻ گهرجي، ]128[ جيئن سخن دٻدٻي سان ۽ بنان گهٽ وڌائيءَ جي ادا ڪري. مخالفن کي توحيد تي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏج، ]۽ انهن کي ٻڌائج[ ته جيڪو الله جي هيڪڙائيءَ کي مڃي، تابعداري ڪندو ته انهيءَ کي مال، شهر، زمين ۽ ٻني عطا ڪئي ويندي، ۽ جيڪو اسلام جي آڏو سر نه جهڪائي ته انهيءَ کي ڪو دڙڪو ڏج، جيئن هو فرمانبردار رهي. جيڪڏهن ]انهيءَ هوندي به[ اطاعت کان سرڪشي ڪري ته پوءِ کيس ]صاف[ ٻڌائج ته جنهن صورت ۾ اطاعت کان منهن موڙيو اٿيئي تنهن صورت ۾ لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيءُ. پر کين مهراڻ نديءَ جي ٽپڻ جو اختيار نه ڏج، ]بلڪ[ چئج ته: جيڪڏهن توهان تيار آهيو ته پوءِ ]توهان کي[ڪابه روڪ ناهي، پر جيئن ته اسان هيڏو رستو طئي ڪري آيا آهيون، تنهن ڪري اسان کي ئي مهراڻ ٽپڻو ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي مقابلي ۾ اچڻو آهي، ته جيئن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ شڪ شبهي ۽ خار جي مجال نه رهي. جنهن به جاءِ تي دشمن جي سامهون ٿيو، اها جاءِ کليل ميدان هئڻ گهرجي، جيئن جاءِ جي ميدان ۾ مرد مرد ۽ سوار سوار جي برابر جولان ڏيئي سگهي. انهيءَ سڀ ڪجهه هوندي به جڏهن جنگ جوٽين، تڏهن الله پاڪ جي ڪرم تي توڪل رکج، ۽ (انهيءَ جي) مضبوط ڪڙي ۾ هٿ هڻج، ۽ ڏسج، ته قضا ۽ تقدير انهيءَ غيب جي پردي مان ڇا ٿي پيدا ڪري، ۽ اُتان ڪهڙيءَ پارٽيءَ جي بادشاهيءَ جي ختم ٿيڻ جو حڪم جاري ٿو ٿئي. ۽ جيڪڏهن هو پيغام موڪلين ۽ چون ته مهراڻ جي پاڻيءَ مان تون ٿو لنگهين يا اسان لنگهون؟ ته انهن کي اختيار نه ڏج، بلڪ چئج ته مان ٽپي ٿو اچان، ته تنهنجو رعب ۽ هيبت دشمن جي دل تي اثر ڪري، ۽ چون جيڪڏهن اسلام جي لشڪر کي قوت ۽ طاقت نه هجي ها ته ائين اسان جي سامهون نه اچي ها!
ٻيو ته عرب جي لشڪر جي جيڪا جماعت تنهنجي تابعداريءَ ۾ آهي اميد آهي ته اُهي موٽي نه ويندا ۽ لڙائي کان منهن نه ڦيرائيندا، بلڪ جند جان جي بازي لڙائيندا، ۽ خدا تعاليٰ تي توڪل رکي جنگ شوق سان ڪندا ۽ ثابت قدم رهندا، ۽ لڙائي خواهه تنهنجي اطاعت ۾ سندن نيت سچي رهندي، جيئن الله پاڪ عزوجل جو رضامندو حاصل ڪري سگهن. ]129[ درياءُ ٽپڻ لاءِ اهڙي جڳهه اختيار ڪج، جتي پير کوڙي سگهين ۽ سنئون سڌو لنگهه هجي. (پوءِ) جاچ جوچ ڪري اتان لنگهجو، ۽ دورانديشي ۽ خبرداريءَ کي هٿان نــه ڇڏج. لنگهــڻ وقت لشڪر کـــي تيار رکـــج، ۽ ]لشڪر جو[ مــيمنه (سڄو)، مـَـيسرَه (کٻو)، قلب (وچ)، مقدمه (اڳ) ۽ ساقه (پڇاڙي) سڌو رکج، ۽ پيادن ۽ اڪيلن کي اڳواٽ موڪلج. ڪنهن به برگستوانيءَ (1) کي وچ ۾ نه رکج.
حجاج جو خط پهتو ته محمد بن قاسم درياءُ ٽپڻ جي تدبير ڪرڻ لڳو، ۽ اهو پڪو ارادو ڪيائين.
محمد بن قاسم جي نيرون ڪوٽ ۾ پهچڻ جي
ڏاهر کي خبر پوڻ(2)
اتي راجا ڏاهر هند جي دانائن ۽ پنهنجي فيلسوفن ۽ نجومين کان پڇيو ته: ”هينئر خبر ٻڌي ويئي آهي ته ]محمد بن[ قاسم ظاهر ٿيو آهي، ۽ قلعي نيرون جي قريب زبردست لشڪر سان لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو بيٺو آهي. (ٻڌايو ته) توهان کي نجوم ۽ تاريخن جي ڪتاب مان ڇا ٿو معلوم ٿئي؟ ۽ وقت جي ستاري ۽ سال جي تقويم مان ڇا ٿو نڪري؟“ نجومين تعريف، وصف ۽ ثنا کان پوءِ عرض ڪيو ته: ”راجا سلامت رهي! گذريل تاريخ جي پراڻن ڪتابن ۽ جاماسپ حڪيم جي نجوم مان ائين معلوم ٿيو آهي ته سن 92 هجريءَ ۾ نيرون جو قلعو اسلامي لشڪر جي حوالي ٿيندو ۽ سن 93 هجري ۾ پورو هندستان. هيءَ قلعا جيڪي سڪندر جي ٻنڌ کان به وڌيڪ مضبوط آهن، مسلمانن جي ملڪيت ٿيندا، ۽ اها فتح محمد بن قاسم جي هٿان ٿيندي ۽ اهو واعدو پورو ٿيندو. پوءِ راجا ڏاهر ]130[ ڀنڊر ڪو شمني(1) کي، جنهن جي سنڀال ۾ نيرون جو قلعو هو، موڪليو ۽ چيو ته: توکي نيرون ڪوٽ ۾ وڃي انهن جي احوال کان اسان کي اطلاع ڏيڻ گهرجي. شمني انهيءَ اشاري تي نيرون ڪوٽ آيو ۽ پنج سردار ساڻ ڪري حجاج جا پروانا پاڻ سان کڻي عربن جي ڪئمپ ۾ محمد بن قاسم وٽ ويو. نـُـباتـہ ]بن[ حـَـنظـَـلـَـہ سندن وچان ٿيو. جڏهن درخواست ۾ نذرانو پيش ڪيائين، تڏهن محمد بن قاسم فرمايو ته: ”هن پرواني جي حڪم جي پيروي ڪرڻي اٿم، پر تو لشڪر جي پهچڻ وقت دروازو بند ڪيو هو، جنهن اسان تي وڏو اثر ڪيو. جڏهين توهان تابعداري ٿا ڪريو ته پوءِ قلعي جا دروازا بند ڪرڻ ۽ لشڪر کي روڪڻ چڱو ڪم نه هو، جو انهيءَ ڪري لشڪر ۾ اناج اڻلڀ ٿي ويو هو.“ اتي شمني معذرت ڪرڻ لڳو ته: جنهن صورت ۾ اسان جي ڪاروبار جون مصلحتون راجا ڏاهر سان تعلق رکن ٿيون ۽ مان هتي حاضر ڪونه هئس، تنهن ڪري توهان جي پهچڻ تي رعيت فڪرمند ٿي ۽ ڊني ته متان موٽڻ وقت قلعي وارن کي ڪو نقصان پهچايو. هاڻي جڏهن آءٌ خدمت ۾ پهتو آهيان ته فرمانبرداري ۽ اخلاص جو رستو بجا آڻيندو رهندس، ۽ جيڪا تنهنجي مرضي هوندي انهيءَ موجب عمل ڪندس.
محمد بن قاسم جي نيرون جي شمني کي
خلعت پهرائڻ
پوءِ محمد بن قاسم کيس سروپا پهرائي عزت افزائي ڪئي، ۽ مٿس گهڻيون مهربانيون فرمائي کيس واپس ڪيو. شمني موٽي وڃي قلعي جو دروازو کولي، تحفا ۽ سوکڙيون موڪليون ۽ سپاهي خريد فروخت لاءِ قلعي ۾ ويا. ٻئي ڏينهن جڏهن ستارن جي بادشاهه جو جهنڊو لاَجوَردي ڇت تي لهرائڻ لڳو(1) ته محمد بن قاسم گهوڙي تي سوار ٿي مکيه ماڻهن ۽ برگزيدن سان گڏجي قلعي ۾ آيو، ۽ بتڪده جي جاءِ تي مسجد ٺهرائي، انهيءَ ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙهيائين. (تنهن کان پوءِ) ذُهل جي قبيلي ۽ اهل بصره مان هڪ ماڻهو اتي] 131[ نائب مقرر ڪيائين.(2)
پوءِ اتان منزل ڪوچ ڪيائين ۽ مهراڻ ندي ٽپڻ لاءِ شمن کي به پاڻ سان کنيائين.]ايتري ۾[ شمني راسل رسني(1) جي بزرگن ۽ ڀـَـٽـِـين جي ڪن معززن حاضر ٿي آمان گهري، انهن کي جهڙيءَ طرح حجاج حڪم جاري ڪيو هو، جواب ڏيئي انجام پڪو ڪري، اشبهار جي قلعي تي (ڪاهي) ويو، ۽ محرم سنه 93 هجريءَ(2) ۾ انهيءَ قلعي جي آسپاس وڃي لٿو. اهو هڪ مضبوط قلعو ڏسڻ ۾ آيس. قلعي وارن لڙائيءَ جي تياري ڪري هڪ وڏي کاهي تيار ڪئي هئي، ۽ قلعي جي الهندي وارن جتن ۽ ڳوٺاڻن کي قلعي ۾ آندو هئائون. محمد بن قاسم جنگ شروع ڪئي. هڪ هفتو بيهڪ ڪري مقابلو ڪيائون، پر پوءِ اَمان گهري فرمانبرداري هيٺ آيا، ۽ پنهنجي گردن ۾ بندگيءَ جو طوق وڌائون. محمد بن قاسم، حجاج جي پرواني موجب انهن کي اَمان ڏني، ۽ جيڪي ماڻهو سندس فرمانبرداريءَ ۾ آيا تن]پنهنجي مٿان[ ڍل قبول ڪري، قلعي جو دروازو کولي ڇڏيو. محمد بن قاسم پنهنجي امينن سان گڏ اندر آيو، ۽ ڪنجي پنهنجن سچن اعتبار وارن ۽ تمام پڪن معتقدن جي حوالي ڪيائين، انهيءَ جاءِ جي حڪومت تي هڪ ايماندار (ماڻهو) مقرر ڪري انهيءَ قلعي جي فتح بابت حجاج ڏانهن لکيائين. (هي به لکيائين) ته انهن بهادر جتن کي اَمان ڏني اٿس، ۽ کيس (اُتي ٿيل) قتل ۽ خونريزيءَ جو (پڻ) اطلاع ڪيائين. انهيءَ قلعي ۾ ڳپل وقت ترسي، نائب مقرر ڪري، پاڻ راوڙ جي حد ۾ مهراڻ جي الهندي ڪناري تي اچي لٿو.]132[
مهراڻ جي ڪناري واري منزل تي محمد بن قاسم
جي لڙائي ڪرڻ
پوءِ جيئن محمد بن قاسم، مهراڻ جي پتڻ تي اچي لٿو، (1) ته ٻيٽ جي حاڪم جاهين ساڻس جنگ جوٽي(1).
روايت: (2) تاريخ جي مصنفن هن طرح روايت ڪئي آهي ته: جڏهن محمد بن قاسم جي راوڙ ۽ جيور جي حد ۾ پهچڻ جي خبر ڏاهر کي پهتي ۽ پڇيائين ته: عرب ڪٿي پهتا آهن؟ ۽ ٻڌايائونس ته جيورَ جي حد ۾ داخل ٿيا آهن. تڏهن چيائين ته: ”عربن جو چڱو غلبو ٿيو آهي، ۽ بخت ضرور سندن همراهه آهي.“ پوءِ محمد بن قاسم موڪي پٽ وسايي (3) ڏانهن قاصد موڪليو ته وجورته(4) قصبي وارو ملڪ توکي جاگير طور ڏجي ٿو ۽ انهيءَ ملڪ تي تنهنجو قبضو تسليم ڪيو وڃي ٿو.
موڪي ]پٽ[ وسايي جي عهدنامي جي خبر
ڏاهر کي پوڻ
پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ ڏاهر کي وڃي خبر ٻڌائي ته موڪي ]پٽ[ وسايي، محمد بن قاسم جي بيعت ڪئي آهي، ۽ قاصد موڪلي ]هڪٻئي[ سان عهدنامو ڪيو اٿن، ۽ قاصدن هٿ محمد بن قاسم ڏانهن جواب موڪليو اٿس ته: ”جيڪي تو فرمايو هو، سو صحيح معلوم ٿيو ۽ اسان تي جيڪا عنايت ڪئي اٿوَ، ان جو ٿورو مڃون ٿا. توهان جيڪي به واعدا فرمايا آهن، انهن جا اسان دل و جان سان شائق آهيون، ۽ توهان جي فرمانبرداري ڪرڻ ڏانهن دل تمام مائل آهي، توهان جي خوشي سڀني ڪمن کان مقدم رکنداسون، ۽ ]جيڪڏهن[ ڪو بهانو پيدا ٿيو ته ]پوءِ[ حڪم جو تابعدار رهڻ لازمي ڄاڻنداسون. پر جن بادشاهن جي نمڪ جو حق ]اسان جهڙن[خدمتگارن جي گردن تي لازم آهي، تن سان عهد ڀڃڻ ۽ بيوفائي ڪرڻ ]133[اهڙو گناهه ۽ خيانت آهي جو دورانديشي ۽ امانت کان دور آهي، ۽ جيستائين هن جي طاقت کان اهڙو ڪو خوف پيدا نه ٿئي جو نفس ۽ جان لاءِ خطرو هجي، تيستائين امانت ۽ دورانديشي ڇڏي ڏيڻ اڻوڻندڙ طريقو آهي.
(ملڪ موڪ ]پٽ[ وسايي جي درخواست:) پڻ سنڌ جو ملڪ اسان جو وطن آهي، ۽ اسان جن پيئن ڏاڏن جو ورثو ۽ ڪمائي. راجا ڏاهر سان اسان جي قرابت آهي، ۽ هو هندستان جي راجائن جو راجا آهي. هو جيتري به بلند درجي کي پهچندو ته انهيءَ مان اسان کي به وڏو نصيب ۽ مڪمل حصو ملندو. ]هن سان[هر حال، رنج خواهه راحت ۾ موافقت جا شرط بجا آڻڻ اسان تي لازم ۽ ثابت آهن. ڏک ۽ سک ۾ برابر، ۽ ملڪ ۾ ڀائيوار آهيون. پر عقل جي طريقي ائين معلوم ٿو ٿئي، ۽ حڪمت جي دلين مان اهڙيءَ طرح عيان آهي، ته هيءَ حڪومت اسان کان نڪري ٻئي جي حوالي ٿيندي.
موڪي ]پٽ[ وسايي جو ]محمد بن قاسم سان[ عهدنامو ڪرڻ
”سنڌ جا حڪيم ۽ هندستان جا فيلسوف جيڪي هن ملڪ جا رهاڪو آهن، تن اصطرلاب ۽ نجوم جي ذريعي قديم ڪتابن مان هي نتيجو ڪڍيو آهي ته هن بادشاهيءَ کي اسلام جو لشڪر فتح ڪري قبضي هيٺ آڻيندو. جنهن ماڻهوءَ جو بخت مددگار ٿيندو آهي ۽ ڪاميابي همراه، ۽ ]پڻ[ هو دورانديشي ۽ همت وارو هوندو آهي، ته جو واقعو پيدا ٿيندو تنهن مان هو تجربو پرائيندو ۽ وڌيڪ هوشيار ٿيندو ويندو آهي، جيئن ڇوٽڪاري جو رستو کانئس بلڪل نه رهي. ائين نه ٿئي جو جڏهن موقعو ۽ وقت نڪري وڃي تڏهن کيس اها تڪليف پهچي. تو جنهن صورت ۾ مون سان صلاح ڪئي آهي ۽ اسان جي طـــرف جي رعايـــت ڪرڻ واجب سمجهي اٿيئي ته ]اُها توهان جي[ امانت آهي، ۽ مان جيڪڏهن جواب با صواب نه ڏيندس ته مخالفت ٿيندي، ۽ جيڪڏهن مان خود راءِ ٿي جنگ ۽ لڙائيءَ کان سواءِ اچي خدمت ۾ حاضر ٿيندس ته دشمنن جي ملامت ۽ خاندان جي بدنامي]134[ جو باعث ٿيندس. ]تنهن ڪري صلاح هي آهي[ ته (1) هينئر ساڪري جي راڻي سان نياڻيءَ جي شادي ڪرائڻ جي بهاني سان وڃڻ ٿئي ٿو (1). امير محمد بن قاسم، شال سندس مرتبو قائم رهي، هزار سوارن کي حڪم ڪري ته فلاڻي رستي تي وڃي مون کي رستي مان پڪڙي، اچي خدمت ۾ حاضر ڪن، ته مون کي به بهانو ملي وڃي، ۽ خلق جي واتن ۾ گلا به نه ٿئي ته هن بيوفائي ڪئي، ۽ ڏاهر کي پڻ بدگماني نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ]ته ڏسندو ته[ مون کي مجبور ڪري زبردستيءَ سان وٺي ويا.“
موڪي ]پٽ[ وسايي جي چوڻ تي نـُـباتـہ بن حنـَـظلـَة کي موڪلڻ
پوءِ محمد بن قاسم کي سندس قول تي پورو اعتماد ٿيو. هن سندس چوڻ سچو سمجهي نـُـباتہ بن حنظلـة کي هڪ هزار پورن هٿيارن سان سينگاريل ۽ چونڊيل گهوڙيسوارن سان موڪي ]پٽ[ وسايي جي مقرر ڪيل انجام تي موڪليو، ۽ پاڻ پڻ انهيءَ جي ويجهو منزل ڪيائين.]هوڏانهن[ موڪو پڻ سئو سوار ساڻ ڪري روانو ٿيو ۽ اچي انهيءَ جاءِ تي رسيو.

________________________________________
(1) اصل متن ۾ هيءُ لفظ ”بفرستد“ آهي جو واحد غائب جو صيغو آهي. ۽ سندس ضمير ڏاهر ڏانهن وري ٿو، پر ائين ڪرڻ سان سڄي جملي جي معنيٰ ۾ خلل پيدا ٿي ٿو پوي. اسان جي خيال ۾”بفرستد“ لفظ ”بفرستي“ جي بگڙيل صورتخطي آهي، ۽ اسان ترجمي ۾ ”بفرستي“ خيال ۾ رکي، ترجمو ڪيو آهي. (مترجم)
(1) معنيٰ لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ] 99[
(2) هن باب جي مضمون مان اول اهو گمان ٿئي ٿو ته شايد ڏاهر کي محمد بن قاسم جي نيرون وٽ اچڻ جي خبرئي تڏهن پيئي آهي، جڏهن هو سيوستان ۽ ٻڌيه جي پر ڳڻي کان ٿي نيرون ڪوٽ موٽي آيو آهي. پر حقيقت ۾ ائين نه آهي، بلڪ مصنف هت ۽ هن کان پوءِ نئين عنوان هيٺ اهي ساڳيون حقيقتون ورائي لکيون آهن، جيڪي هن کان اڳ صفحي ]116[ کان ]118[ تائين اچي چـڪيون آهن. ٻيهر لکڻ جو سبب فقط اهو آهي جو لکندڙ ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي جنگ جي هتان کان تمهيد ٻڌڻ چاهي ٿو. (ن- ب)
(1) اصل ۾: سمني بهندرکو.
(1) يعني سج اڀريو. (مترجم)
(2) هن هنڌ تائين هن عنوان ۽ مٿئين عنوان هيٺ تقريباً اهو ساڳيو بيان ڏنو ويو آهي، جو هن کان اڳ ص ص ]8-116[ تي اچي چڪو آهي. هن بعد نئون بيان شروع ٿئي ٿو. (ن-ب)
(1) ن، ب: راسل رسي، ر، م: راسد رسن: س: راهل رسي
(2) مصنف مٿي ص ]102[ ۾ چئي آيو آهي ته محمد بن قاسم محرم 93 هجريءَ ۾ ديبل وٽ پهتو-ساڳئي مهيني ۽ سال ۾ ديبل، نيرون ڪوٽ، سيوهڻ وغيره قلعا فتح ڪري اشبهار قلعي تي ڪاهڻ ناممڪن آهي. تنهنڪري اُتي محرم سنه 94 هه هئڻ گهرجي يا محرم جي بدلي سنه 93 هه جو ڪو ٻيو مهينو. (ن-ب)
(1)-(1) فارسي ڇاپي جي عبارت شروع کان هن طرح آهي: پس چون محمد بن قاسم بر معبر مهراڻ نزول کرد، وبا جاهين، ملک بيت جنگ پيوست“ هيءُ جملو ڄڻ اڻپورو آهي. ر ۾ جملي جو پهريون حصو هن طرح آهي: ”باوي چاهين، ملک بيت جنگ پيوست“ جو هڪ ته سڄي جملي جي لحاظ سان پورو آهي ٻيو ته اڳتي ايندڙ حقيقتن مطابق آهي، جيئن ص ] 145[ تي ٻڌايو ويو آهي ته ڏاهر، جاهين کي ئي محمد بن قاسم سان جنگ جوٽڻ جو حڪم ڏنو: ”و (داهر) جاهين رافرمود که برلب مهراڻ بموضعي که اَب راجائي عبره بود برابر حصار بيت بايست“ (ڏاهر جاهين کي ٻيٽ جي قلعي جي سامهون، جتي پاڻيءَ جو گهيرو هو، اتي مهراڻ جي ڪناري تي بيهڻ جو حڪم ڏنو). اسان ترجمو ر جي پڙهڻي مطابق ڪيو آهي. (ن- ب)
(2) هي روايت ڄڻ معترضه آهي، جنهن ۾ محمد بن قاسم ۽ جاهين جي مقابلي کان اڳ جا حالات بيان ڪيا ويا آهن. انهيءَ لحاظ سان هن کان مٿئين جملي کي ڄڻ هڪ عنوان سمجهڻ گهرجي، جنهن جو خاص بيان اڳتي ايندو. (ن-ب)
(3) فارسي متن ۾: موکـہ بن بسايہ. ر،م ۾ ”يسايہ“ جي بدران هر جڳهه ”پسايه“ آهي. (ن-ب)
(4) هتي فارسي متن جي عبارت ”ولايت قصه و سورته“ (يعني سورٺ ۽ ڪڇ جي ولايت) آهي جا ايڊيٽر جي پنهنجي گماني پڙهڻي آهي. ر، م، ن، ب، س، ڪ ۾ ”ولايت قصبه و جورتـہ“ ۽ پ ۾ ”ولايت قصبه جورتـہ“ لکيل آهي. اسان پهرين پنجن نسخن جي متفقه پڙهڻي مطابق ”ولايت قصبه وجورتہ“ جي پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي ۽ ترجمو به انهيءَ مطابق ڪيو آهي. ”قصبه و جورتہ“ لاءِ وڌيڪ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ] 133[: (ن- ب)
(1)-(1) فارسي ڇاپي جي عبارت ”اکنون به بهانـہ تزويج دختر رانـہ ساکرا رفتـہ مي شود“. ”رانہساکرا“ جي عوض مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن: پ: رانـہ ساکرا، ر: راوساکرا، م: راوساکر ن، ب، س: دخترانـہ ساکرا، ڪ: دخترانـ* ساکران.
موڪي ]پٽ[ وسايي جي چوڻ تي نـُـباتـہ بن حنـَـظلـَة کي موڪلڻ
پوءِ محمد بن قاسم کي سندس قول تي پورو اعتماد ٿيو. هن سندس چوڻ سچو سمجهي نـُـباتہ بن حنظلـة کي هڪ هزار پورن هٿيارن سان سينگاريل ۽ چونڊيل گهوڙيسوارن سان موڪي ]پٽ[ وسايي جي مقرر ڪيل انجام تي موڪليو، ۽ پاڻ پڻ انهيءَ جي ويجهو منزل ڪيائين.]هوڏانهن[ موڪو پڻ سئو سوار ساڻ ڪري روانو ٿيو ۽ اچي انهيءَ جاءِ تي رسيو.
نـُـباتہ بن حـَـنظـَـلـَة جو وڃڻ ۽ موڪي ]پٽ[ وسايي کي ٺڪرن سميت گرفتار ڪرڻ
پوءِ نـُـباتـہ بن حنظلـة پنهنجن سوارن ۽ ترجمان سان اچي رستو روڪيو، ۽ موڪو ]پٽ[ وسايو ويهن ٺـُـڪـُـرن ۽ لشڪر سميت گرفتار ٿيو. کيس جڏهن محمد بن قاسم جي سامهون آندائون، تڏهن امير ساڻس عزت ۽ تعظيم سان پيش آيو، ۽ ٻيٽ وارو ملڪ هن جي حڪم هيٺ ڏنائين، ۽ سندس عرض تي انهن ٽڪرن جو پروانو صحيح ڪري کيس عطا ڪيائين، پڻ لکين درهم انعام طور بخشش ڪري، سائو طائوسي ڇٽ، ڪرسي ۽ سروپا عطا ڪيائين. ]تنهن سان گڏ[ سندس سڀني ٺڪرن کي خلعتن، سنجيل گهوڙن ۽ گهڻن انعامن سان سرفراز ڪيائين.
تاريخ جا مصنف ۽ دنيا گهمندڙ] 135[ سيلاني هن طرح روايت ڪن ٿا ته: اميريءَ جو پهريون ڇٽ] محمد بن قاسم[ موڪي کي ڏنو هو، ۽ سندس عرض تي قصبه ]وجورته[ (1) واري ايراضي پڻ ملڪيت طور کيس ۽ سندس فرزندن جي حوالي ڪري، پروانو لکي ڏنائين. ۽ ٻيٽ جو پورو علائقو، پسگردائي ۽ آباديءَ سميت کيس ڏيئي پڪو عهدنامو ڪري، ٻيڙين مهيا ڪرڻ جي پارت ڪيائينس.
محمد بن قاسم جو شامي قاصد ۽ مولاي اسلام (1)
کي موڪلڻ
پوءِ محمد بن قاسم مهراڻ جي ڪناري تي منزل ڪري، شام جي بزرگن مان هڪ بزرگ ۽ مولاي اسلام ديبلي کي، جو محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام جي عزت سان مشرف ٿيو هو، موڪليو ته: جيڪي شامي چوي سو ڏاهر ]بن[ چچ کي ۽ جيڪوڏاهر جواب ڏئي سو هن کي سمجهائج. پيغام ڏيڻ شروع ڪرين ته اهو درٻار ۾ مکيه ماڻهن جي مجلس ۾ ادا ڪج ۽ صاف لفظن ۾ جواب جي طلب ڪج، جيئن حجاج جي فرمان جي منڍ ۾ لکيل آهي.
شامي قاصد جو ڏاهر وٽ وڃڻ
جڏهن شامي قاصد ۽ ديبل جو مولاي اسلام ڏاهر وٽ ويا، تڏهن مولاي اسلام ديبليءَ مٿو نوڙائي خدمت بجا نه آندي. ڏاهر کيس سڃاڻندو هو، سو کيس چيائين ته: ”ڇا لاءِ قانون موجب خدمت جو شرط پورو نه ڪيئي؟ شايد توکي روڪيو اٿن؟“ مولاي اسلام جواب ڏنو ته: ”جڏهن مان توهان جي طريقي تي هئس، تڏهن بندگيءَ جا شرط بجا آڻڻ مون تي واجب هئا، ]136[ پر هاڻي جڏهن اسلام جي شرف سان مشرف ٿيو آهيان ۽ اسان جو تعلق اسلام جي بادشاهه سان قائم ٿي چڪو آهي، تڏهن ڪافر اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ واجب نه آهي.“
ڏاهر جو ڊيڄارڻ
(اهو ٻڌي) ڏاهر چيو ته: ”جيڪڏهين تون قاصد نه هجين ها ته توکي سزا طور حڪم ڪري ڪهائي ڇڏيان ها.“ مولاي ديبلي فرمايو ته: ”جيڪڏهن تون اسان جي ڪــهڻ تــــي تيار آهين ته انهيءَ ڪري عربن جو نقصان ڪونه ٿيندو، ۽ خون جي]عوض[ گهرڻ لاءِ بدلو وٺندڙ موجود آهن، جيڪي توسان پڄي پورا ٿيندا.“
شاميءَ جو پيغام ادا ڪرڻ
پوءِ شاميءَ زبان کولي ته: ”اسان امير جي پاران توڏانهن قاصد ٿي آيا آهيون، ۽ اسان کي هيءُ پيغام تنهنجي حاڪمن ۽ راڻن جي روبرو ادا ڪرڻ جو حڪم آهي.“ ڏاهر وراڻيو ته: ”چئي ڏي، ڇاڪاڻ ته قاصد پنهنجي مخدوم جو پيغام پهچائيندڙ ۽ فرمان ادا ڪندڙ آهي.“ چيائين: ”امير محمد بن قاسم هن طرح فرمايو آهي ته تون مختار آهين، جيڪڏهن ]درياءُ[ لنگهي اچين ته رستو کليل آهي ۽ ڪابه روڪ نه آهي. نه ته ٻيءَ صورت ۾ رستو کليل رکو ته عرب جو لشڪر درياءُ ٽپي توهان جي سامهون ٿئي.“
ڏاهر جي سياڪر وزير سان صلاح ڪرڻ
ڏاهر پوءِ سياڪر وزير سان صلاح ڪئي ته: هن باري ۾ تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟ سياڪر وزير چيو ته: ”مون ڪيئي دفعا،جن جن ڳالهين ۾ صلاح ڏيڻ مناسب سمجهي ]137[ تن سڀني ڪمن ۾ راجا جي خير خواهي ۽ نصيحت ڪرڻ لازم ٿي ڄاتم، ۽ راجا کي انهيءَ جو اثر به معلوم ٿيو. مون جيڪا راءِ نصيحت طور پتڻ ٽپي لشڪر کي سامهون ٿيڻ جي ڏني هئي، تنهن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڪيئي، ۽ قبول نه فرمايئي. هاڻي جڏهن حالت تنگ ٿي آهي، ۽ هن سان لڙائي ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهين، تڏهن ڇڏ ته سندس سارو لشڪر هن طرف ٽپي اچي، ۽ ٻئي لشڪر سامهون ٿين. هن طرف جو ملڪ تنهنجي هٿ ۾ آهي، شهر ۽ خزانا تنهنجي ضابطي ۽ قبضي هيٺ آهن. اناج، هٿيار، سامان ۽ لڙائيءَ جو اسباب موجود آهي. ]ٻئي طرف[ هن جي مدد ڪپجي ويندي، جنهن صورت ۾ سندن پويان مهراڻ جو پاڻي هوندو، تنهن صورت ۾ ڪوبه واهرو کين پهچي نه سگهندو، ۽ هو قيدين وانگر تنهنجي هٿ ۾ عاجز ٿيندا، ۽ مٿن حيلي جا سڀ دروازا بند رهندا. انهيءَ ڪري جنگ جو سامان، گهوڙا، هاٿي، لشڪر ۽ نوڪر چاڪر سڀ تنهنجي قبضي ۾ ايندا.“
پوءِ هڪ عـِـلافي، جو ]اصل[ شام جي لشڪر مان هو ۽ ]سنڌ ۾[ عرب جي لشڪر جي اچڻ کان اڳ ۾ ڪنهن گناهه سبب روپوش ٿي اچي راجا ڏاهر جي خدمت ۾ پهتو هو ۽ ساڻس تعلق پيدا ڪيو هئائين، تنهن کي ]راجا ڏاهر[ سڏي هن رٿ بابت صلاح ڪئي، ۽ چيائين ته: ”اي محمد! سياڪر وزير هيءَ تقرير ڪئي آهي، اها توکي پوري ڏسڻ ۾ اچي ٿي يا نه؟“ محمد علافيءَ چيو ته:
لاَتـُـقــــيـِـــمـَـن بـِـدَار لاَ انـِـتـَـــــــــفـَـــــاعَ بـِــــهاَ
فـَــــــــــالاَرضُ وَاسـِــــعـَـة وَالرزق مـَـبسوُط.
]نفعو جنهن نه گهر ۾، نه ٽڪ تنهن ۾ تون،
گهڻو رزق جـــــڳ ۾ زميـــــن پـــــڻ وسيع. [
هيءَ راءِ، ته هنن جي لشڪر کي هن طرف ٽپي اچڻ ڏجي، پوري نه آهي، مان انهيءَ سان شامل راءِ نه آهيان. ڇاڪاڻ ته هن جو لشڪر زبردست آهي. جنگي سوار ۽ ناليرا ]138[ مرد پنهنجي ننگ ناموس جي واسطي بيهي رهندا، ۽ خدا تعاليٰ جي خوشيءَ لاءِ الله جي واٽ ۾ پنهنجو نفس ۽ جان قربان ڪندا. جيئن ته هو الله جي ڪرم جي پناهه وٺي ]هيءُ خيال ڪندا[ ته هـِـن جهاد ۽ شهادت جي سبب دائمي جهان ڏانهن پهچنداسون، ته پوءِ هو تيستائين نه ڪـُـسندا، جيستائين اسان مان ٻيڻا ٽيڻا نه ڪهندا، ۽ جڏهن جنگ ڏانهن منهن ڪندا ته پوءِ تيستائين سندن موٽڻ ۽ منهن ڦيرائڻ ڏکيو آهي، جيستائين سڀئي خونخوار ترار جو کاڄ نه ٿيندا ۽ هو جڏهن هن طرف لنگهي، ملڪ جي دامن ۾ هٿ هڻي، بادشاهيءَ ۾ ڀائيوار ٿيا تڏهين وڏو فتنو پيدا ٿيندو ۽ سندن طاقت ۽ دٻدٻو هر روز وڌندو ويندو، ڇاڪاڻ ته تنهنجو گهڻو لشڪر ۽ رعيت هن جي ڦرلٽ کان امان گهرندا ۽ پنهنجي حياتيءَ جي بچاءَ لاءِ ساڻس همراهه ٿيندا، ۽ کيس پناهه جي جاءِ سمجهڻ لڳندا. انهيءَ ڪري صلاح هيءَ آهي ته کين الهندي ڪناري تي روڪي ڇڏ، ڇاڪاڻ ته هنن ۽ اسان جي وچ ۾ مهراڻ آهي ۽ سندن ڪنهن به طرح ٽپي اچڻ ۾ اسان لاءِ مصلحت نه سمجهڻ گهرجي. ٻيڙين جي ملاحن ۽ جهنگ جي جتن کي انهن تي بڇج ته گاهه، اناج، ڪاٺين ۽ ڍڳن جا، جي لشڪر لاءِ ضروري آهن، رستا روڪين ۽ بند ڪن ۽ جيڪو به لشڪر کان ڌار ٿئي تنهن کي تڪليف رسائين، جيئن تنگ ٿي ڪي بک جي وگهي نابود ٿين، ته ڪي اگهاڙپ ۽ اڻهوند کان (لاچار ٿي) ڀڄي وڃن، ۽ گهوڙا بنا گاهه، ۽ سوار بنا خرچ جي لاچار ٿي ٽڙي پکڙي وڃن، ۽ تنهنجي ملڪ ۾ ڪابه مداخلت نه ڪري سگهن. جڏهن سندن لشڪر پريشان ۽ منتشر ٿيندو ته پوءِ هو تنهنجي ملڪ ۾ ڪابه ڦرلٽ نه ڪري سگهندا ۽ تون آسودو رهندين.“ ]139[