ڪتاب جو ترجمو
وزيرن جي بادشاهه شرف الملڪ ضاعف جلاله (شال (خدا) سندس بزرگي ٻيڻي ڪري) جي مدح ، جنهن ڏانهن هيءُ ڪتاب منسوب ڪيل آهي.
پوءِ جڏهن هيءُ ديني داستان، عربيءَ جي پردي ۽ حجازي حجاب مان فارسي زبان ۾ نقل ٿيو ۽ عبارت جي هار ۽ ديانت جي سينگار سان مشرف ٿيندي نثر جي لڙهيءَ ۾ ترجمو ٿيو ته دل هن فڪر ۾ غوطا هڻڻ لڳي ته هيءُ عجيب نئون تحفو ۽ وڻندڙ فتحنامو ڪهڙي سردار ڏانهن منسوب ٿيڻ گهرجي. نيٺ بخت ، بندي جي رهنمائي ڪئي ۽ هيءَ سعادت ظاهر ٿي جو دل ۾ چيم ته: اي علي! گذريل ڏينهن ۽ سالن کان وٺي ڪيڏو عرصو گذريو آهي جو ماڻهن جي سردار، جهان جي صدر، صاحبقران جي وزير، وزيرن جي عزت، ترار ۽ قلم جي مالڪ، شرف الملڪ رضي الدولة والدين نـَـور اللهُ مـَـضجـَـعـَه وَ طـَـيب تـَـراهُ (شال الله تعاليٰ سندس آرامگاهه کي روشن ڪري ۽ هن جي خاڪ کي عمدو بنائي) جي مهربانيءَ جي پاڇي ۽ احاطي جي پناهه ۾ رهيو آهين، ۽ پنهنجي هن سينگاريل ]تصنيف[ کي انهيءَ جي احسان تي پلجي ترتيب ڏنو اٿئي ۽ سندس اولاد ”دَامَ علـُـوهـُـم و رحـِـمَ اَبـَـائـَـهـُـم“ (شال سندن بلندي دائم رهي ۽ سندس وڏن تي رحم ٿئي ) جي نعمت جا حق تنهنجي گردن تي لازم آهن، تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو ته هيءُ فتحنامو، جو ديني ثواب(1) ۽ دنيوي ڳالهين ]مان مرڪب[ آهي، جنهن تي دنيا جا محقق ۽ گهڻي احسان وارا بادشاهه فخر ڪندا ۽ سڀني کي عربن جي اعتقاد جي تصديق ۽ ادب ۽ ترقيءَ جي صاحبن جي خلوص سان نهايت اتفاق ٿيندو، ۽ هيءَ دولت]فتحنامو[ جا عرب ۽ شام وارن جي دٻدٻي ۽ رعب جو ]يادگار[ هوندي ]تنهن کي[پڻ عاليشان خاندان جو عرب جي حسب نسب مان آهي [11] ۽ جنهن جي بزرگ ڏاڏي- وڏي ۾ وڏي شان واري امير، ۽ خاص ۾ خاص لائق توقير ، دين جي عزت، عربن ۾ احترام جي لائق، ملت جي نظام ۽ امت جي قوام، قريشن جي فخر حضرت ابوموسيٰ اشعري رضي الله عنه جي هٿان، خراسان ۽ ايران جو وڏو حصو فتح ٿيو هو،“ سندس انهيءَ سپهه سالاري ۽ لشڪر ڪشيءَ بابت شرح ۽ تفصيل سان علحدا ڪتاب ]لکيل آهن[ ، جتي به ڪافرن کي شڪست ڏنائين ته اتي اسلام جا جهنڊا هميشه لاءِ بلند ٿيا ۽ اتان جي فتح جو خط اميرالمؤمنين عمر بن الخطاب کي پهچندو هو ۽ هو پاڻ مومنن جي اڳيان بيهي خطبو ڏيندو هو ]جنهن ۾ اسلام جي شان تي[ فخر ڪري ، تعريف ]الله تعاليٰ جي[ ڪندو هو، جي صاحب ]ڪمال[ ، نعمتن جي مالڪ، ترار ۽ قلم جي ڌڻيءَ وڏي ۾ وڏي امير، تائيد ڪيل. فتحمند، ڪامياب، ملڪ جي ڌُ ئل (چونڊيل) ، دولت ۽ دين جي فخر ، ولايتن جي نظام، وزيرن جي شان ، حسين بن ابي بڪر بن محمد الا شعر ضـَـاعـَـفَ اللهُ جـَـلا له فـِـي اَعزُ اَرومـَة وَ اَڪرمِ جـُـرثـُـومةِ مـَـا ڪـَـرَ الجـَـدِيدان واتـَـفقُ الفـَـر فـَـدانِ وَ اختـَـلـَـفَ العـَـصرانِ (شال الله تعاليٰ سندس عزت کي ٻيڻو ڪري، عزت ۾ عزت واري خاندان ۽ شريف ۾ شريف گهراڻي ۾، جيستائين رات ڏينهن مٽبا رهن، فرقدين(1) اتفاق ڪندا رهن ۽ زمانا هڪٻئي پٺيان ايندا رهن) جي گذارش ۾ آندو وڃي ته ملاحظي جي شرف ۽ مطالعي جي نظر سان مشرف ٿي، قبوليت جي عزت سان برڪت ڀريل ۽ مقبول بڻجي ، ۽ زماني جي بزرگين جي فهرست ۾ ]داخل[ ٿئي.(2)
مصنف جي معذرت
وقت جي بزرگن ۽ تاريخ جي مالڪن ڪيترين شين کي پنهنجي يادگار جو باقي رکندڙ ۽ پنهنجي نالي کي جٽاءُ ڏيندڙ بنايو آهي: پهريون ته هو انصاف، عدالت، نهٺائيءَ ۽ وقار کي پنهنجو لباس بڻائيندا آهن ، ٻيو ته نفس جي گذران کان پوءِ ، جو آدميءَ جو سرمايو آهي،] باقي بچيل[ مال کي آخرت جو ثمر ڪندا آهن، ٽيون ته پنهنجي اولاد کي عجيب هنرن سان سينگاريندا آهن، چوٿون ته وقت جي عالمن ۽ حڪيمن کي قيمتي ڪتابن جي تصنيف ۽ مفيد حڪمتن جي تاليف [12] جي ترغيب ڏيندا آهن، ۽ انهيءَکي پنهنجن مقصدن جي ڏاڪڻ ۽ مطلبن جا ذريعا سمجهندا آهن، ڇاڪاڻ ته حڪمت جا سخن ۽ نصيحت جا قسم هميشه لاءِ ڪتابن ۽ اخبارن جي پنن تي يادگار رهندا.
________________________________________
(1) مطلب هيءُ آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن محمد رسولﷺ جن جي مناقبن ۽ خصوصيتن جو ذڪر هوندو ته اهو هن ڪتاب لاءِ سينگار ۽ سونهن ٿيندو.
(1) يعني هيءَ سڄي آيت ته: مـُـحـَـمد رَسـُولُ الله وَ الذِينَ مـَـعـَـہ اَشـِـداءُ عـَـلـَـي الڪـُـفارِ وُحـَماءُ بـَـينـَـهـُـم تـَـراهـُـم رُڪعاَ سـُـجداَيبـَـتـَـغـُـونَ فـَـضلاَ منَ اللهِ وَرِضو انـَـاط سـِـيمـَــاهـُـم فـِـي وجـُـوهـِهـِـم مـِن اَثرِ السجـُود (سوره فتح رڪوع-4) (محمد رسول الله ۽ سندس ساٿي، ڪافرن تي سخت ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي تي ٻاجهارا آهن . تون هنن کي رڪوع ۽ سجدو ڪندڙ ڏسندين. هو پنهنجي رب جو فضل ۽ رضامندو گهرن ٿا. هنن جي پيشانين ۾ سجدي جي اثر کان نشانيون آهن)(مترجم).
(1) اصل متن ۾ ”محمد رسول الله خاتم النبيين“ آهي، جو صحيح نه آهي.(مترجم)
(1) هن سڄي ڊيگهه جو مطلب هيءُ آهي ته هيءُ لطيف داستان انهيءَ وقت لکيو ويو، جنهن وقت سلطان محمد بن سام بالقابہ جي بادشاهيءَ جي تخت کي ناصرالدين قباچه بالقابہ پنهنجي جلوس سان سينگاريو هو ۽ سندس حڪومت اهڙي ته پڪي پايي تي بيٺل هئي جو جنهن به ملڪ تي ڪاهيائين ٿي ته اهو ملڪ سندس اڳيان ٻانهون ٻڌي ٿي بيٺو.(مترجم)
(1) اصل فارسي عبارت ”و استقامت بندمت سرور متواتر شد“ اسان جي خيال ۾ عبارت ۾ خلل آهي ۽ مطلب اهوئي ٿي سگهي ٿو جو ترجمي ۾ ڏنل آهي. خود فارسي ڇاپي جي علامه ايڊيٽر کي پڻ هن عبارت ۾ شبهو آهي ، جيئن ته حاشيي ۾ چوي ٿو ته”عبارت در اين جا مختل است.“
(1) پ جي پڙهڻي مطابق "ارور" يعني" اروڙ" . مگر ٻين جملي نسخن ۾ ويندي ن ۽ ر تائين هن لفظ جي پڙهڻي "الور" آهي.
(1) ب : شهاب.
(1) اصل متن ۾ ”صواب“ لکيل آهي جو غلط آهي. (مترجم)
(1) فيروز اللغات، ص185 ۾ ”فرقدان“ يا ”فرقدين“ جي معني هيءَ ڏني وئي آهي: اتر قطب جا اهي ٻه تارا جيڪي قطب وٽ آهن، ان جي چوڌاري گردش ڪندا رهن ٿا، ۽ شام کان وٺي صبح تائين ظاهر رهن ٿا، ۽ ڪڏهن به نظر کان غائب نٿا رهن. (مترجم)
(2) عنوان کان وٺي، هن هندسه تائين سڄي ڊيگهه جو مطلب هيءُ آهي ته ”جڏهن هيءُ ڪتاب عربيءَ ّکان فارسيءَ ۾ ترجموٿي چڪو ، تڏهن مان پنهنجي دل ۾ ويچار ڪرڻ لڳس ته هيءُ ڪتاب ڪهڙي امير ڏانهن منسوب ٿيڻ گهرجي! آخر بخت رهنمائي ڪئي ۽ دل ۾ چيم ته اي علي! تون جنهن صورت ۾ وزير شرف الملڪ مرحوم بالقابه جي نعمتن جو پاليل آهين، ته سندس ۽ سندس اولاد جا حق تنهنجي گردن تي واجب آهن، تنهنڪري مناسب ائين آهي ته هيءَ ڪتاب، جو هنن ، هنن خوبين جو حامل آهي .۽ جنهن جي پڙهڻ سان عرب ۽ شام جي رهاڪن جي عظمت دلين ۾ گهر ڪري ويندي وغيره وغيره، کڻي وڃي وزير حسين بن ابوبڪر بن محمد اشعري بالقابه جي خدمت ۾ پيش ڪر، ڇاڪاڻ ته هو به عرب جي خاندان مان آهي، ۽ پڻ سندس وڏي ڏاڏي حضرت ابو موسيٰ اشعري بالقابه جي هٿان ايران ۽ خراسان جو وڏو حصو فتح ٿيو هو، ته هن جي مطالعي جو شرف حاصل ڪري ۽ هي ڪتاب برڪت ڀريو ۽ مقبول ٿئي.“ (مترجم)