راڻيءَ جو چچ تي عاشق ٿيڻ ۽ چچ جو سندس محبت ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ
شعر
هـيـچـــت افتد کاين دل من شاد کـني
و ز هجر و فـــــــــراق خويش آزاد کني
ورباز کشــــي اي صنـمـا! روي زمـن
فـريـاد کـنـم مها که بيداد کــنـي [21]
]ڇا ڪڏهن منهنجا پرين منهنجي هيءَ دل شاد ڪندين؟
۽ پنهــنــجــي هـجـــر ســنـــدي قــيـــد کـــان آزاد ڪندين؟
پر جي محبوب ٿو موڙين تــــون پنهنجو منهن مـون کان
ڪـنـدس فـــريـــــاد اي دلــــدار جــــي بـيــداد ڪـنــديــن[
پوڙهيءَ جڏهن هيءُ پيغام کيس پهچايو ته چچ انڪار ڪيو، ۽ پاڻ کي روڪڻ واجب ڄاڻي چيائين ته: راجائن جي حرمن ۾ خيانت ڪرڻ جان جو خطرو، آخرت جي گرفتاري ۽ دنيا جي بدنامي آهي، ۽ بادشاهن جي ڪاوڙ جڏهن جوش ۾ ايندي آهي ته ان کي ڪوبه پردو روڪي ۽ دفع ڪري نه سگهندو آهي، تنهن ڪري هيءُ خيال ڇڏي ڏي، خصوصاً اسان لاءِ، ڇاڪاڻ ته اسين برهمڻ آهيون ۽ منهنجو پيءُ ۽ ڀاءُ راهب آهن،جيڪي اڃا تائين پنهنجي عبادتگاهه ۾ گوشه نشين ۽ پاٺ ۾ ويٺل آهن. منهنجي لاءِ اهائي بيعزتي ڪافي آهي، جو بادشاهه جي نوڪريءَ ۾ آيو آهيان، جتي اميد ۽ خوف جي وچ ۾ حياتي گذارڻي پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته مخلوق جي نوڪري.
]هميشه[ غضب جي ڪڪر سان گڏيل آهي، ۽ دانائن کي ناپسند، چئن شين تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي. بادشاهه، باهه، نانگ ۽ پاڻيءَ تي. انهيءَ سان گڏ وري هيءَ گلا به اختيار ڪريان، سو مون وٽان هيءَ مراد پوري نه ٿيندي . هن پيغام پهچڻ تي ]راڻي[ نرم ۽ تمام ڍرو ٿي چوائي موڪليو ته: جيڪڏهن اسان جي ورونهن ۽ ميلاپ کان پرهيز ٿو ڪرين ته ]ڀلا[ هر روز وقت بي وقت پنهنجي خيال ۽ جمال کان اسان کي فيضياب ته ڪندو رهج، ته تنهنجي وصال جي اميد تي خوش رهندي اچان.
رباعي
خرســـــــنـــــــدم اگـــــــــر ســــــال بـــــسالت بينم
ور در عـــــمـــــــري شـــــــبي خــــــيـــــالـــت بـينم.
نوميد نگر دم از خـيـــــــالــــــت صــــــنـــــمــــــا!
آخــــر روزي شــــــــــــب وصــــــــالـــــــــــت بيـــنم:
]آهيان راضي مان ڏسان توکي اگر سال بسال
يا ڏسان عمر ۾ ڪنهن رات تنهنجو خــــــــــــواب خيال
ڪين اميد پليان تنهنجي خيالـــــــــــن کـــــــــــــان صنم!
نيٺ ڪنهن ڏينهن ٿيندو مون سان تنهنجو يار وصال. [
جڏهن اکيون اڙيون ته دل ]به[ يار جي وصال ۾ گرفتار ٿي[22]، ۽ نيٺ سندن وچ ۾وصال جا صبح اچڻ لڳا، جنهن ڪري روحاني موافقت محڪم ٿي، ۽ سندن محبت ۽ الفت مضبوط دستاويزن جي لسٽ ۾ شمار ٿيڻ لڳي.
راءُ کي هنن جي حال جي ڪابه خبر ڪانه هئي. مخالف ٽولو جيتوڻيڪ سندن حسن ]سان گڏ هڪٻئي ڏانهن[ سندن نگاهه ڏسي بدگمان رهيو ٿي، پر جنهن صورت ۾ ڪنهن به اکين سان نه ڏٺو هو، تنهنڪري ]هي راز[ مخفي رهندو آيو. ڪن دشمنن، راءُ کي هن حال کان واقف ڪري، اطلاع ڏنو ]پر[ راءُ قبول نٿي ڪيو، چئي: منهنجي حرمسراءِ کان اهڙو ڪم نه ٿيندو، ۽ چچ وزير اهڙيءَ بيحرمتي جو روادار هرگز نه ٿيندو. ٿوري وقت کان پوءِ، اهو ملڪ پورو سندس]چچ جي [ قبضي هيٺ اچي ويو، ۽ جيڪو به ڪم هو، سو راءِ کي پسند ايندو هو، ۽ راءُ ساهسي ڪابه مصلحت سندس صلاح کان سواءِ نه ڪندو هو. نيٺ سڄي ملڪ تي چچ جو حڪم جاري ٿي ويو.