مذهب

چچ نامو

تقريبن ڏيڍ هزار سال اڳ جي سنڌ بابت جيڪا به اهم معلومات آهي، سا انهيءَ ڪتاب منجهان ئي حاصل ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ بـُـنيادي طرح هيءُ ڪتاب عربن جي سنڌ ۾ آمد ۽ اُن جي پس منظر ۽ پيش منظر جي هڪ مختصر جهلڪ ڏئي ٿو، پر تڏهن به انهيءَ کي سنڌ سان گڏ ننڍي کنڊ جي اهم ترين ماخدن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو
Title Cover of book چچ نامو

ساهسي راءُ جو دارالفنا مان لاڏاڻو ڪرڻ

آخر خدائي قضا مخفي پردي جي پويان ظاهر ٿي. راءُ بيمار ٿيو ۽ بيماري ڊگهي ٿي پيئي، ۽ موت جي نشانين هن جي حياتيءَ جي چهري کي ڦيرائي ڇڏيو. راءُ جي زال ڳڻتي ۾ پئجي، چچ کي گهرايو ۽ چيائينس ته: اي چچ! راءُ جي عمر پوري ٿي چڪي آهي، ۽ موت جون نشانيون هن جي جسم ۾ ظاهر ٿي ويون آهن. راءُ کي ڪو فرزند ڪونه آهي، جو سندس مرڻ تي ملڪ جو وارث ٿئي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته راءُ جا مائٽ ملڪ ۽ ملڪيت تي قابض ٿيڻ سان، ضد سبب، اسان کي ڌڪارڻ ۽ ڏکوئڻ شروع ڪندا، بلڪ جيئن ته راءُ جي حياتيءَ ۾ ئي طعنن جي زبان کولي هئائون [23]، ته پوءِ هينئر اسان کان جان ۽ مال کسي وٺندا.مون کي هڪ رٿ خيال ۾ اچي ٿي، پڪ اٿم ته درست ثابت ٿيندي، اسان جي مراد بلڪل پوري ٿيندي، ۽ هيءُ ملڪ وري توّکي ملندو. ڇاڪاڻ ته منهنجو عقل تقاضا ٿو ڪري ته اسان جي همت سان ڌڻي پاڪ هيءُ ملڪ تنهنجي حوالي ڪندو، هيءَ بادشاهي ۽ عزت توسان قائم رهندي، ۽ سڀيئي تنهنجي تابعداري ڪندا. چچ چيو ته: تنهنجو حڪم منهنجي اکين تي آهي، ۽ تنهنجو فرمان ]ضرور[عين مصلحت هوندو، پر مخلص خدمتگارن سان صلاح ڪرڻ ]پڻ[ فرض آهي،]تنهنڪري[ اسان کي به هن حال کان واقف فرمائج ]تنهن تي[ راڻي سونهن ديوي چيو ته: پنجاهه ڪڙولن ۽ ڳٽن تيار ڪرڻ جو حڪم ڏي، ۽ رات جو مخفي طور آڻي اندر تهخاني ۾ تيار رک. ]پوءِ[ چچ حڪم ڪيو، جنهن تي ڳريون ٻيڙيون ۽ زنجير تيار ڪري، راتو رات محلات ۾ آڻي تهخاني جي هڪ ڪنڊ ۾ تيار ڪري رکيائون.
جڏهن راءُ جو پويون وقت ٿيو ۽ سڪرات جي حالت پهتي، ۽ ويڄن اٿي ٻاهر وڃڻ جي ڪئي، تڏهن راڻي سونهن ديوي چيو ته: گهڙي کن گهر ۾ اندر ترسو، ۽] پنهنجي[ هڪ ايجنٽ کي حڪم ڏنائين ته: سڀني کي گهر ۾ پوري دروازو بند ڪري ڇڏ، جئن راءُ ساهسي جي موت جي خبر شهر ۾ نه پوي، ۽ جيڪي تنهنجا ۽ منهنجا تابع آهن، تن سڀني کي محلات ۾ آڻ. ]بس پوءِ ته[ پنهنجن سڀني تابعدارن کي محلات ۾ آندائون، پوءِ چيائين ته: فلاڻو فلاڻو، جيڪي راءُ جا عزيز آهن ۽ ملڪ جا دعويدار آهن، تن سڀنيءَ کي هڪ هڪ ڪري سڏ. اهڙيءَ طرح هڪ هڪ کي، انهي بهاني سان ته راجا اڄ البت خوش آهي، ۽ هن سان ڪا صلاح ڪرڻي اٿس، آندائون ٿي. ۽ جڏهن حاضر ٿيا ٿي [24]، تڏهن کين اندر ٿي موڪليائون، جتي خاص ڀروسي جوڳن ماڻهن کين قيد ٿي ڪيو، نيٺ سڀني مخالفن کي بند ڪري، ٻيڙين ۽ ڳٽن ۾ قيد ڪيائون. پوءِ راءُ جي مائٽن مان ٻئي ٽولي کي، جيڪي غريب هئا، سڏي ٿي چيائين ته: اڄ راءُ تنهنجي فلاڻي عزيز تي، جنهن جي ڏمر کان توکي رات جو ننڊ ڪانه ايندي هئي،ڪاوڙ جي کيس قيد ڪيو آهي. تون جيڪڏهن فقر فاقي کان نجات چاهين ٿو، ۽ شان شوڪت ۽ مال حاصل ڪرڻ، گهرين ٿو ته قيد خاني ۾ گهڙي، پنهنجي دشمن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري، هن جو گهر، سامان سڙو، نوڪر ۽ زمين وڃي پنهنجي قبضي ۽ تصرف ۾ آڻ. اهڙيءَ طرح هرهڪ ويو ٿي ۽ پنهنجي مخالف کي ڪـُـهي، هن جي گهر، وهٽن، ڪپڙن، سامان، دولت ۽ عيال تي وڃي قابض ٿيو ٿي. انهيءَ نموني هڪ ئي رات ۾ مخالفن کي خونخوار ترار جي خوراڪ ڪيائون، ۽ کين دشمن کان دلجاءِ ٿي، ڇو ته انهيءَ ملڪ ۾ ڪوبه مخالف ڪونه رهيو، جو ميراث جي دعويٰ ڪري.

چچ بن سيلائج جو راجا ساهسي راءُ جي تخت تي ويهڻ
پوءِ جڏهن موافق لشڪر ۽ نوڪرن کي پنهنجي تابعداريءَ هيٺ آندائون، ۽ مفلس ٺـَـڪر، جن سندس تابعداري قبول ڪئي هئي، سي سڀ هٿيار پنوهار پهري، بلڪل تيار ۽ هوشيار ٿي، درٻار ۾ صفون ٻڌي اچي بيٺا، ۽ سڀني واپارين، ڪاريگرن، مـُـکين ۽ وڏن ماڻهن کي حاضر ڪري بادشاهيءَ جو تخت سينگاريائون، تڏهن راڻي سونهن ديوي پردي پٺيان اچي، ٻـُـڌِيمـَـن وزير کي انهن ڏانهن پيغام ڏنو ته [25]: درٻار جي اڳواڻن ۽ مکيه ماڻهن کان خير عافيت پڇڻ کان پوءِ کين راجا جو حڪم پهچائي ٻڌاءِ ته، جيتوڻيڪ سندس بيماري صحت ڏانهن رخ رکيو آهي ۽ تندرستي حاصل ٿي چڪي اٿس، پر هيءُ جيڪو انتقامي ڪاروائيءَ جو حادثو ٿي چڪو آهي، تنهن جي صدمي کان راءُ ساهسيءَ کي درٻار ۾ اچڻ جي طاٰقت ڪانهي، ۽ ]ڊپ آهي[ ته ماڻهن، شريف خواه رذيل، طاقتور خواه ضعيف، جو ڪاروبار مهمل رهي، تنهنڪري پنهنجي حياتيءَ ۾ حاجب چچ کي پنهنجو نائب مقرر ڪري ٿو ته متان رعيت، جا خدا جي امانت آهي، تنهن سان بي انصافي ٿيڻ ڪري ، ملڪ ۾ ڪو خلل پيدا ٿي پوي.
]اهو پيغام ٻڌي[ سڀني ادب کان گوڏا کوڙيا ۽ زمين تي مٿا ٽيڪيا ۽ چيو ته: راءُ جي حڪم جا تابعدار آهيون، ۽ چچ وزير ]پڻ[ بهرحال سهڻين ۽ وڻندڙ عادتن سان سينگاريل آهي، ۽ سندس عقل جي بدولت ملڪ جو ڪاروبار درست ]هلي رهيو[آهي. تنهن کان پوءِ راڻي سونهن ديوي هڪ هزار تابعدارن ۽ مخلص رئيسن، اڳواڻن، سپهه سالارن ۽ اميرن کي قيمتي، رنگا رنگي ۽ جڙاءُ دار انعام اڪرام ڏيئي، ملڪ جو ڇـَـٽ چچ جي سر تي رکي، کيس تخت تي ويهاريو. سڀني انهيءَ تي فخر ڪري، نئين سر خدمتگاري جا شرط بجا آندا. پوءِ سندس فرمائڻ تي وزير ]ٻـُـڌيمن[ نئين سر وزارت جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، ۽ خاص ماڻهن کي وڏن انعامن سان سرفراز ڪري، اميرن کي جاگيرن جا نوان پروانا عطا ڪيائون ]اهڙيءَ طرح[ بادشاهي پڪيءَ طرح چچ جي هٿ آئي.
هن ڳالهه کي ڇهه مهينا گذري ويا. آخر ساهسي راءُ جي موت جي خبر سندس ڀاءُ مـَـهرَٿ(1) کي پهتي، جو چترور(2) جو بادشاهه هو. ]تنهن تي[ هو وڏو ڪٽڪ، مست هاٿي ۽ دلير بهادر ساڻ وٺي لڙائي لاءِ تيار ٿي، چچ تي ڪاهي آيو، ۽ اروڙ کان ٽي ميل پري اچي ڪئمپ ڪيائين. هن پنهنجن وزيرن [26] ۽ خاص ماڻهن جو هڪ ٽولو وفد طور ]چچ ڏانهن[ روانوڪيو، ۽ پيغام موڪليائين ته: هن ملڪ جو وارث مان آهيان، هيءُ ملڪ منهنجي پيءُ ڏاڏي جو آهي، تنهنڪري ڀاءُ جي ميراث جو آءٌ وڌيڪ حقدار آهيان. ]جيڪڏهن ملڪ منهنجي حوالي ڪندين ته[ توکي تنهنجي ساڳيءَ وزيريءَ ۽ نائبيءَ جي عهدي تي قائم رکيو ويندو، ۽ تو سان هميشه مهربانيءَ ۽ احسان جي روش ڪئي ويندي.

چچ جي مهرٿ سان جنگ ڪرڻ ۽ کيس ٺڳيءَ سان قتل ڪرڻ
پوءِ چچ راڻيءَ وٽ آيو ۽ اچي ٻڌايائينس ته: هيءُ دشمن گهر جي در تي اچي پهتو آهي، ۽ ملڪ ۽ ميراث جي دعويٰ ڪري ٿو، هاڻي ڪهڙي صلاح آهي؟ ساهسيءَ جي زال کلي چيو ته: مان پرده نشين عورت آهيان، جيڪڏهن مون کي جنگ ڪرڻي آهي ته پوءِ تون منهنجا ڪپڙا پائي ]گهر ۾[ ٿي ويهه ۽ پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي ته ٻاهر نڪري وڃي جنگ ڪريان. بزرگن جو چوڻ ڪونه ٻڌو اٿئي ته ڪنهن ڪم لاءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مقرر ٿئي، ۽ ]مقرر ٿيڻ کان پوءِ[ اهو ماڻهو عقل ۽ تجربي کان ڪم وٺي ته هو ]ضرور[ انهيءَ ۾ ڪامياب ٿيندو ۽ وڃي پورو ڪندو. جڏهن بادشاهي تنهنجي حوالي ۽ تو ڏانهن منسوب ٿي چڪي، ته پوءِ منهنجي صلاح جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ تيار ٿيءُ ۽ گجندڙ شينهن وانگيان ميدان ۾ وڃي، دشمن جي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، ڇاڪاڻ ته عزت ۽ نالي سان مرڻ، پاڻ جهڙي آڏو، ذلت برداشت ڪرڻ کان بهتر آهي.

بيت
هم فيل داري، هم چشم- هم خيل داري هــم خدم
مردانه بيرون نـِـه قدم- زير و زبر ڪـُـــــــــن خـَـصم را
]گهوڙا ۽ هاٿي تو ڪڻيا- لشڪر ۽ نوڪــر اڻڳڻيا،
تو ۾ وڌي موليٰ مڻيا- ڪر خصم کي زيـــــر و زبر.[
چچ، راڻيءَ جو جواب ٻڌي شرمندو ٿيو ۽ لڙائيءَ جا هٿيار پهري، لشڪر سينگاري، صفون ٻڌي، سامهون ٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو اڃا قيد ۾ هئا، تن سڀنيءَ کي پڻ ٻاهر ڪڍي، عزت ڏيئي، نئين سر انجام اقرار وٺي، پنهنجو احسانمند بنائي، اڪرام۽ واعدن سان سرفراز ڪري، دشمن جي جنگ لاءِ ميدان ۾ آندائين.]هوڏانهن[ راءُ مهرٿ پڻ لشڪر جو قلب، ميمنه، ميسره، مقدمه ۽ ساقه(1) تيار ڪيو. ]بس پوءِ ته[ ٻنهي طرفن کان بهادر لڙائيءَ[27] ۾ جنبي ويا، ۽ ٻنهي طرفن کان ڳپل بهادر ڪـُـسي ويا. راءُ مهرٿ جڏهن ڏٺو ته ٻنهي طرفن کان دلير مرد خونخوار ترار جو لقمو ٿي رهيا آهن، تڏهن ]چچ کي[ چيائين ته مان ۽ تون ٻيئي ملڪ جا دعويدار آهيون ]اچ ته[ هڪٻئي سان لڙائي ڪريون، جيڪو اسان مان ]غالب پئجي ميدان مان[ ٻاهر اچي، ملڪ انهيءَ جو آهي. چچ سندس سامهون ٿيو ۽ چيائين ته مان برهمڻ آهيان، سوار ٿي جنگ ڪونه ڪري سگهندس، پيادو ٿي اچ ته پوءِ مڙس مڙس جو مٽ آهي. چترور جي راجا کي پنهنجي همت ۽ بهادريءَ تي پورو ڀروسو هو، سو دل ۾ چيائين ته برهمڻ کي ڪهڙي طاقت آهي، جو لڙائي ۾ مون سان هٿيار کڻڻ جي دعويٰ ڪري، پکيءَ وانگيان سندس منڍي مروٽي بدن کان ڇني وٺندس] اهو خيال ڪري[ گهوڙي تان لهي پيادو ٿي روانو ٿيو. چچ پڻ پيادو ٿيو، پر سئيس کي حڪم ڪيائين ته گهوڙو منهنجي پويان وٺيو اچ. جڏهن هڪٻئي کي سوڙها ٿيا، تڏهن چچ هڪدم گهوڙي تي چڙهي حملو ڪيو، ۽ وار ڪندي، راجا مهرٿ جو سر بدن کان ڌار ڪري ڇڏيائين.] هيءُ ڏسي[ چچ جي لشڪر حملو ڪيو، ۽ چترور جي لشڪر کي شڪست آئي. انهن مان ڪن مهرٿ کي ڪسندو ڏسي، امان گهري اطاعت اختيار ڪئي، ۽ ڪي خونخوار ترار جو کاڄ ٿي ويا.چچ فتح جون خوشيون ڪندو اروڙ جي قلعي ۾ موٽي آيو، ۽ شهر ۾ قبي ٺاهڻ جو حڪم ڪيائين ۽ ملڪ جي تخت تي ويهي، جشن [28] ملهائي، اميرن ۽ جنگي جوڌن تي مهرباني ڪيائين. هاڻي چئني ملڪن ۾ ڪوبه سرڪش ڪونه رهيو.

چچ جي راڻي سونهن ديوي سان شادي ڪرڻ
هن داستان جو مصنف ۽ هن بوستان جو لکندڙ هن طرح روايت ٿو ڪري ته: جڏهن اها فتح حاصل ٿي، تڏهن راڻي سونهن ديوي جي حڪم تي شهر جا مکيه ۽ وڏا ماڻهو حاضر ٿيا. (انهن کي) فرمايائين ته: جنهن صورت ۾ راءُ ساهسي گذاري ويو، ۽ مون کي منجهانئس ڪوبه فرزند ڪونهي، جو ملڪ جو وارث ٿئي ها، ۽ هيءُ ملڪ راجا چچ جي هٿ آيو آهي، تنهنڪري مون کي صحيح ويڏيءَ ۽ چٽي ڏاج سان چچ جي حوالي ڪريو. رئيس ۽ بزرگ گڏ ٿي درٻار ۾ آيا ۽ راڻي سونهن ديوي جي ويڏي چچ سان پڙهيائون. چچ کي انهيءَ مان ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ پيدا ٿي: هڪ پٽ جو نالو ڏاهـَـر، ٻئي جو ڏ َهـَـرسـِـينـُـه(1) ۽ ڌيءَ جو نالو مايين (2)رکيائين. هرهڪ جي ڄمڻ وقت نجومين کان سندن طالع بابت پڇا ڪيائين، ۽ هنن سندس حڪم تي هر هڪ جي طالع بابت ستارن جي برجن ۾ منزل، نيڪبختي، عزت ۽ ذلت جو نقشو ڪڍي تيار ڪيو. ]تنهن کان پوءِ[ چوڻ لڳا ته راجا جا ٻيئي پٽ بادشاهه رهندا، ۽ سنڌ گهڻو وقت سندن قبضي هيٺ رهندي. ]باقي[ نياڻيءَ جي بخت لاءِ هي فيصلو ڪيائون ته هوءَ سنڌ کان ڪيڏانهن ٻاهر ڪانه ويندي، ۽ جيڪو سندس مڙس ٿيندو، سوئي اتي جو راجا ٿيندو، ۽ پوري سنڌ [29] هن جي قبضي ۾ رهندي، ]جنهن مان[ هو فائدو ۽ لطف حاصل ڪندو. نجومين جڏهن ڇٺي هن طرح مقرر ڪئي، تڏهن ]چچ[ حڪم ڪيو ته: هيءُ ]راز[ مخفي رکو ۽ ڪنهن کي به نه ٻڌايو.

________________________________________
(1) فارسي ڇاپي ۾”مهرت“ آهي ۽ نسخي ن جي به اهائي پڙهڻي آهي. پ ۾ ”مهترين“ ۽ ر ۽ م ۾ هر جڳهه ”مهرب“ لکيل آهي. هت ”مهرت“ نالي جي اصليت کي مدنظر رکندي، ”مهرٿ“ڪري لکيو ويو آهي.
(2) پ،ڪ،ر۽ م جي اڪثر اهائي پڙهڻي آهي ۽ شهر چتور جو آڳاٽو نالو به اهو آهي (ڏسو آخر ۾ حاشيه ص76) ۽ انهيءَ ڪري اها پڙهڻي قائم رکي وئي آهي. فارسي ايڊيشن ۾ ”چتور“ رکيو ويو آهي.(ن- ب)
(1) پراڻي زماني ۾ جڏهن لڙائيءَ واسطي لشڪر تيار ڪري، ميدان ۾ بيهاريندا هئا، تڏهن لشڪر کي پنجن حصن ۾ ورهائي ٺاهي بيهاريندا هئا، جن جا نالا قلب، ميمنو، ميسرو، مقدمو ۽ ساقو هوندا هئا. يعني وچيون، ساڄو، کاٻو، اڳيون، ۽ پويون حصو. هر هڪ حصي جي مٿان هڪ يا گهڻا سپهه سالار هوندا هئا، خود بادشاهه يا مکيه سپهه سالار قلب ۾ بيهندو هو.(مترجم)
(1) ن ۽ ب ۾ هر جگهه ”ڏهرسين“ ۽ باقي سڀني نسخن ۾ "دهرسـِـيـنـ*" آهي ۽ فارسي ڇاپي ۾ به اها پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي. ”سيـِہ“ دراصل ”سيـنہ“ آهي، يعني شينهن. نسخه ڪ جي پڙهڻي به ”دهرسينه“ آهي. نالي جي اصليت جي لحاظ سان ”ڏهرسينـہ“ واري پڙهڻي کي قائم ڪيو ويو آهي.(ن-ب)
(2) ن ۽ ب ۾ هر جڳهه ”مائن“، س: بائي. ڪ: مائني.
چچ جو پنهنجي ڀاءُ چـَـندرکي اروڙ جي شهر ۾ آڻڻ ۽ انهيءَ کي مقرر ڪرڻ
پوءِ پنهنجي ڀاءُ چندر ڏانهن اعتماد جوڳو ماڻهو موڪلي چيائين ته: ”اسان جا وڏا راهب آهن ۽ هميشه بتن جي مندرن سان سچو شوق رکندڙ آهن. سندن بندگي ۽ آتش پرستيءَ جو نالو ۽ رسم مشهور ۽ پکڙيل آهي. اسان جو پيءُ سيلائج هن رستي ۾ اِنـَـا وَ حـَّـدُ نا آباءَ نا (1) جي قول تي عمل ڪندڙ آهي، جا ڳالهه اسان جي عالمن ۽ حڪيمن کي پسند آهي. پر هندن جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڻ کي پرهيزگاريءَ ۽ رياضت جي حوالي ڪندو ته جڏهن سندس ساهه بدن کان جدا ٿيندو، تڏهن انهن چگـَـن ڪمن جي بدلي ۾ سندس ساهه ڪنهن بادشاهه جي پٽ يا ڪنهن سردار جي جسم ۾ پوندو، جتي هو دل جو آرام، مال ۽ دولت جو تجمل، ۽ پوري پوري فراغت حاصل ڪندو. سيلائج جي خدا، اسان کي هن دفعي راجائي ڏني آهي، ۽ وڏي بادشاهت منهنجي حڪم هيٺ آئي آهي. تنهن ڪري منهنجي مرضي آهي ته توکي اروڙ جي تختگاهه ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪري، پنهنجو ولي عهد بنايان، ۽ توکي پڻ حڪومت ۾ دينداري، امانت، پرهيزگاري ۽ عبادت ڪرڻ ڪري ، ٻيڻو- ٽيڻو ثواب ملندو“. جيتوڻيڪ هو پاسو ڪندو رهيو، پر آخر هن کي آڻي ”اپيلن جي ڪورٽ“(2) تي مقرر ڪيائين، ۽ اروڙ جو مڪمل ضابطو سندس هٿ ۾ ڏيئي، پنهنجو ۽ بادشاهيءَ جو ڪاروبار سندس حوالي ڪيائين. [30]
چچ جي پنهنجي ڀاءُ چـَـندرکي پنهنجي نائب بنائڻ بابت پرواني جو بيان
]۽ هن مضمون وارو پروانو جاري ڪيائين ته:[ جڏهن سيلائج جي خدا، اسان کي تاج ۽ تخت جو لائق بنائي اسان جي بادشاهيءَ جو حڪم جاري ڪيو، تڏهن واجب آهي ته رعيت، جا خدا تعاليٰ جي امانت آهي ۽ اسان جي هٿ هيٺ آهي، تنهن جي نگرانيءَ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وڃي، ۽ عدل ۽ انصاف جي رستي سان سندن خوشحالي ۽ سندن حالتن سڌارڻ لاءِ گهڻو سعيو عمل ۾ آندو وڃي، جيئن ڪوبه طاقتور، هيڻي تي ظلم نه ڪري، ۽ اسان کي خداتعاليٰ جي درٻار ۾ بدتميزيءَ ۽ بي تدارڪيءَ جي ڪري وٺ پڪڙ نه ٿي سگهي. تنهن ڪري هيءُ وڏو ڪاروبار ۽ نازڪ ڪم منهنجي ڀاءُ ”راهبن جي ڇٽ“ چندر جي ذمي لڳايو ويو آهي ته هو روبرو خواه پرپٺ انهيءَ کي سنڀالي، ۽ پوري سپاهه، ڏسڻن وائسڻن ماڻهن خواه رعيت تي لازم آهي ته سندس فرمانبرداري لازمي سمجهن.

چچ جو ٻـُـڌِيـمـَـن وزير کان ولايت جي احوال ۽ سيهرس راءُ جي ملڪ جي حدن بابت پڇڻ
پوءِ وزير ٻڌيمن نيڪي کي سڏي کانئس سيهرس راءُ جي ملڪ جون حدون پڇيائين ۽ چيائينس ته: اي لائق وزير ۽ مضبوط صلاحڪار! انهيءَ سنڌ ملڪ جون حدون توکي معلوم آهن، جو راءُ ساهسي وڏي جي اقتدار ۽ حڪم هيٺ هو، ۽ اهي چار بادشاهه جي چئني طرفن جي حڪومت جا جوابدار هئا، ڪير آهن؟اسان کي انهن جي واقفيت ڪراءِ ته جيئن مان انهن وٽ وڃان، ۽ مون کي موافقت خواه مخالفت ۾ هر هڪ جي طبيعت معلوم ٿئي. پوءِ جيڪو اسان جي حڪمن جو[31] پابند هجي، تنهن جي تربيت ڪئي وڃي، ۽ جيڪو اسان جي فرمان کان سرڪشي ڪري، تنهن جي دفع ڪرڻ لاءِ تدارڪ ڪيو وڃي. جيئن سڀئي فرمانبرداريءَ هيٺ داخل ٿي وڃن، ۽ اسان جي ملڪ ۾ ڪوبه مخالف يا ڇڪتاڻ ڪندڙ نه هجي، ۽ ڪوبه اسان جي حڪم کي ٽاريندڙ يا روڪيندڙ نه رهي.

ٻــُـڌِيمــَـن جي تقرير ڪرڻ
وزير زمين تي مٿو ٽيڪي عرض ڪيو ته: راجا چچ سلامت رهي! کيس معلوم هجڻ گهرجي ته هيءُ تختگاهه ۽ بادشاهي هڪڙي ئي راجا جي سنڀال هيٺ هئي، ۽ سندس ]زيردست[ حاڪم هميشه فرمانبرداريءَ ۽ تابعداريءَ لاءِ تيار ۽ منتظر هوندا هئا. هيءُ ملڪ جڏهن راءُ سيهرس وڏي(1) بن ديوائج جي هٿ هيٺ آيو، ۽ هو ايران جي لشڪر کان شڪست کائي فنا ٿيو، تڏهن کانئس ]پوءِ[ ساهسي جي حوالي ٿيو، هن چئني حاڪمن ]مان هر هڪ[ کي هڪ هڪ طرف جي سنڀالڻ جو ذميدار ٺهرايو ته هو خزاني جي مال وصول ڪرڻ ۽ ملڪ جي سنڀال ڪرڻ ۾ نهايت ڪوشش ڪندو رهي. ڇاڪاڻ ته راجا انهيءَ ڪري متفڪر ٿو رهي، تنهنڪري هيءُ فڪر پنهنجي دل مبارڪ تان دور ڪرڻ چاهي ٿو. ۽ هن ۾ لشڪر لاءِ ]پڻ[ ترغيب آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هيءُ حاد ثو دفع نه ٿيندو ته ممڪن آهي ته زماني جي ڦير گهير ڪري، ڪو اهڙو خوفناڪ حادثو پيش اچي، جنهن جو ٽارڻ ناممڪن ٿي پوي. پر جيڪڏهن ولايت مضبوط هوندي ۽ دل جو آرام موجود هوندو ته پوءِ آسپاس وارا دنگئي بادشاهه پڻ توجهه ڪندا ۽ خدمت ۾ حاضر ٿيندا ۽ سچ پچ آهي به ائين ته جنهن وقت بهادر لشڪر ۽ مست هاٿين جي ذريعي دل کي اطمينان ۽ قوت هوندي، تڏهن مـُـسـَـببُ الاَ سباب (سبب پيدا ڪندڙ) به فتح ۽ ڪاميابيءَ جا سبب بنائيندو ۽ توکي مخالفن تي فتح حاصل ٿيندي. مون کي اميد آهي ته الله تعاليٰ ملڪ جا ڀاگـَـا ۽ طرف [32] مضبوط ڪندو ۽ ]چئني[پاسن جا چارئي حاڪم تنهنجي بندگيءَ جو طوق پنهنجي گردن ۾ وجهندا. جملي پريشانيون دفع ٿي وينديون ۽ مخالف، جوهردار ترار جي خوف کان، فرمانبرداريءَ جو ڳٽ پنهنجين ڳچين ۾ وجهندا، ۽ عاليشان ملڪ ۽ مشتريءَ جي ولايت هميشه شان ۽ نيڪي سان توسان ]نه فقط[ قائم رهندي،] بلڪ[ هر روز وڌندي رهندي. بهرحال هن مقصد لاءِ بادشاهه کي همت ۽ دليري ڌارڻ ۽ ڌڻي پاڪ جي حڪم تي توڪل رکڻ گهرجي ته خدا تعاليٰ ]پڻ[ راجا جي ارادي ۽ همت مطابق مقصد پورو ۽ اميد برصواب ڪندو.

چچ جو اروڙ جي حڪومت جي حدن جي باري ۾ فيصلو ڪرڻ ۽ حدون نروار ڪرڻ
چچ جڏهن ٻڌيمن وزير کان هيءُ گفتگو ٻڌي ۽ وزير جي ڳالهه سندس دل تي ويهي ويئي، ته کيس خوشي ۽ فرحت حاصل ٿي، ۽ انهيءَ صلاح تي سندس شڪرانا مڃي، هن خوشخبريءَ مان ]چڱي[ فال ورتائين، ۽ انهيءَ موجب هڪ مناسب فرمان چؤطرف پنهنجن اعتماد جوڳن ماڻهن ڏانهن موڪليائين، ۽ آسپاس وارن بادشاهن کي ]پڻ[ استدعا ڪري، هڪ وڏو لشڪر تيار ڪرڻ لڳو ته جيئن هندستان جي انهيءَ سرحد تي وڃي، جا ترڪن سان لاڳو آهي. نيٺ سعد ستاري جي وقت، جيڪو نجومين حساب ڪري معلوم ڪيو هو، منزل پٽيائين ۽ آخر گهڻيون منزلون طيءِ ڪري، اچي قلعي ڀاٽيا وٽ پهتو، جو بياس نديءَ جي ڏاکڻي ڪپ تي آهي. انهيءَ قلعي جي واليءَ جنگ شروع ڪري ڏني. نيٺ لڙائيءَ ۽ خونريزيءَ کان پوءِ ڀاٽيا جو راجا شڪست کائي وڃي قلعي ۾ بند ٿي ويٺو، ۽ راجا چچ غالب ٿيو. انهيءَ جنگ ۾ ڪيترو وقت ترسڻو پيس، جنهن ڪري اناج جي قلت ٿي ويئي، گاهه، ڪاٺيون ]ملڻ[ پڻ مشڪل ٿي پيون. ]نيٺ[ جڏهن ]قلعي وارا[ تنگ ٿيا، ۽] رات جي وڳڙي ۾[ جڏهن دنيا ڪاري گودڙي ڍڪي ۽ ستارن جو بادشاهه ]سج[ رات جي [33] ڪارنهن واريءَ چادر ۾ لڪي ويو، تڏهن ]ڀاٽيا جو راجا[ اهو قلعو ڇڏي اسڪلنده جي قلعي ڏانهن هليو ويو ۽ وڃي ان جي آسپاس لٿو. اهو قلعو پڻ سندس هٿ ۾ هو ۽ وڌيڪ محڪم هو. انهيءَ ڳوٺ جي چراگاهه ۾ رهي، احوال معلوم ڪرڻ لاءِ جاسوس موڪليائين، جن اچي خبر ڏنس ته چچ ڀاٽيا جي قلعي اندر وڃي لڪو آهي.

چچ جو اسڪلندهه جي قلعي ڏانهن وڃڻ
جڏهن چچ کي معلوم ٿيو ته هو ]ڀاٽيا جو راجا[ اسڪلنده قلعي ۾ بند ٿيو آهي، تڏهن هن خبر ٻڌڻ شرط پنهنجي خاص ماڻهن مان هڪ امين کي ڀاٽيا جي قلعي تي مقرر ڪري، اسڪلنده ڏانهن رخ رکيائين، ۽ وڃي ان جي ٻاهران ڪئمپ ڪيائين. اسڪلنده جي قلعي ۾ شجاع نالي سپهه سالار رهندو هو، جو هميشه چچ جي تابعداري ڪندو هو، ۽ قلعي جي رهاڪن تي سندس ڏاڍو اثر هو، ننڍو خواه وڏو سندس صلاح کان ٻاهر نه ويندوهو. چچ انهيءَ ڏانهن ماڻهو موڪلي، کيس حڪومت ۽ بادشاهيءَ جي آڇ ڪئي، ۽ سندس ]چچ جيل[ حڪم تي انهيءَ قلعي جي بادشاهيءَ جو پروانو پڪن انجامن ۽ اقرارن سان لکيو ويو ته ]هو[ جنهن وقت ڀاٽيا جي راجا چتر کي ڪـُـهندو يا قيد ڪندو ته ]سندس بدران[ هو پاڻ راجا ٿيندو، ۽ اهو شهر ڀاٽيا سميت سندس هٿ هيٺ ڏنو ويندو. هن پڻ ]اها آڇ[ قبول ڪئي، ۽ انهيءَ مضبوط شرط جي آسري تي پنهنجي ضمانت ۽ پٽ، چچ ڏانهن موڪلي، پاڻ وقت ناوقت انهيءَ حاڪم ]چتر[ جي خدمت ۾ وڃڻ لڳو، اهڙيءَ طرح جو رات يا ڏينهن ]۾ ڪنهن به وقت[ کيس درٻار ۾ وڃڻ کان روڪ نه ٿيندي هئي. اوچتو اڌ رات جو وجهه وٺي، [34] راجا چتر کي ڪـُـهي ان جو سر چچ ڏانهن موڪليائين. راجا چچ قاصد سان مهربانيون ڪيون، ۽ خوشي ظاهر ڪري، انعام اڪرام ڏئي، انهيءَ قلعي جي خودمختار حڪومت جو فرمان عطا ڪيو. شهر جي چڱن ۽ مکيه ماڻهن اچي سوکڙيون ۽ تحفا هن جي ]چچ جي[خزاني ۾ پياريا. هن، شهر جي وڏيرن ۾ مشهور ماڻهن جي پنهنجي روبرو ڏاڍي عزت ڪئي، ۽ کين ”شجاع منهيه“ جي فرمانبرداريءَ جي پارت ڪيائين ته جيئن هميشه هن جي فرمانبرداري لازم ڄاڻندا رهن ۽ سندس صلاح کان ٻاهر نه وڃن.

چچ جي سـِـڪـه ۽ ملتان جي طرف منزل ڪرڻ
راجا چچ اسڪلنده جي ڪاروبار کان فارغ ٿي، سڪه ۽ ملتان ڏانهن منهن ڪيو. ملتان جي شهر ۾ راءُ ساهسيءَ جي مائٽن مان بجهراءُ (1) نالي هڪ راجا هو، جنهن وٽ وڏو ملڪ ۽ ]جنگ جو[ تمام گهڻو سامان ۽ اسباب هو. جڏهن کيس چچ جي پهچڻ جي خبر پهتي، تڏهن پاڻ راوي نديءَ جي ڪپ تي آيو، سندس ڀائيٽو سيهول(2) ملتان جي سامهون اڀرندي طرف کان سـِـڪه جي قلعي جو ڪمانڊر هو، بجهراءُ جو سؤٽ اجسين وڏو لشڪر وٺي اچي سامهون ٿيو. بياس نديءَ جي لنگهه وٽ ] چچ ۽ سندس لشڪر[ ٽي مهينا ويٺو رهيو، ۽ تنهن کان پوءِ جڏهن پاڻي لهي ويو، تڏهن انهيءَ لنگهه جي مٿان هڪ اهڙي جاءِ چونڊيائون، جتي ڪوبه روڪيندڙ ڪونه هو، ۽ اُڪري، سـِـڪه جي شهر ۾ اچي سيهول سان جنگ ڳنڍيائون. ڪيترو وقت انهيءَ قلعي تي ويٺا رهيا. جڏهن قلعي وارن جي حالت تنگ ٿي، ۽ ]چچ جي[ پنهنجي طرف جا ڪي نالي وارا دوست شهيد ٿيا ۽ دشنمن جا پڻ بي انداز ماڻهو برباد ٿيا [35] ، تڏهن سيهول اتان ڀڄي، ملتان جي قلعي ۾ هليو ويو، ۽ سڀيئي گڏجي راويءَ جي ڪناري تي جنگ جي هٿيارن سان تيار ٿي بيٺا. راجا چچ سڪه جي قلعي کي هٿ ڪري پنج هزار جنگي سپاهي، جيڪي قلعي ۾ هئا، سي سڀ قتل ڪري، شهر وارن ماڻهن کي غلامن ۽ غنيمت طور قيد ڪري، امير عين الدوله ريحان مدنيءَ کي سڪه جي قلعي تي مقرر ڪيو، ۽ پاڻ ملتان جي طرف ٽپيو، جتي ٻئي لشڪر دوبدو ٿيا. راجا بجهراءُ زبردست لشڪر، جنگي هاٿي ۽ بهادر مرد ساڻ وٺي ٻاهر نڪتو ۽ اچي چچ جي سامهون ٿي، خطرناڪ لڙائي ڪيائين. ٻنهي طرفن کان بي انداز ماڻهو قتل ٿيا.]آخر[ بجهراءُ قلعي ۾ بند ٿي،ڪشمير جي بادشاهه ڏانهن خط موڪلي کيس چچ جو اطلاع موڪليو ته: چچ بن سيلائج برهمڻ اروڙ جي تختگاهه جو والي ٿي،گهڻو لشڪر ساڻ وٺي اچي سهڙيو آهي ۽ سڀ ننڍا وڏا قلعا فتح ڪري، هٿ ڪيا اٿس. اسان کي ساڻس مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانه رهي آهي، مضبوط قلعا سندس حڪم هيٺ اچي چڪا آهن، ۽ ڪوبه راجا مقابلي ۽ لڙائي ۾ مٿس فتح حاصل نه ڪري سگهيو آهي. هو ]هينئر[ ملتان اچي پهتو آهي، توهان اسان جي امداد فرض سمجهي ڪا مدد موڪلڻ فرمايو.

قاصد جو ڪشمير کان هٿين خالي موٽڻ
قاصد جڏهن ڪشمير پهتو ته انهيءَ وقت ڪشمير جو راجا فوت ٿي ويو هو، ۽ سندس ننڍڙو پٽ تخت نشين ٿيو هو. وزيرن ۽ صلاحڪارن، خاص ماڻهن، حاجبن، وڏيرن ۽ مکيه ماڻهن صلاح ڪئي، ۽ هن خط جو سهڻي نموني جواب لکيائون ته: ڪشمير جو راجا دارالبقا ڏانهن روانو ٿي ويو، سندس پٽ اڃا ننڍو ۽ نوعمر ٻار آهي. سندس امير اڃا ته پنهنجين پنهنجين جاگيرن ۾ سرڪشي ۽ بغاوت اختيار ڪري [36] ۽ ڪنڌ مٿي کڻي رهياآهن: ]پهريائين ته[ پنهنجي آسپاس جو بندوبست ٺيڪ ڪرڻ گهرجي، تنهن ڪري هن وقت اسان مدد ۽ اعانت نٿا ڪري سگهون، اسين پنهنجي ڪم جي ڳڻتيءَ ۾ گرفتار آهيون.
جڏهن قاصد موٽي اچي بجهراءُ کي هيءَ خبر پهچائي، ۽ ڪشمير جي راجا جي مدد کان نااميد ٿيو، تڏهن چچ راجا سان پڪو انجام ڪري، صلح جي درخواست ڪري، امان نامي جو عرض ڪيائين، جيئن هو قلعو خالي ڪري، سلامتي سان ٻاهر نڪري وڃي، ۽ ڪوبه ماڻهو تيسين ساڻن ڇيڙ ڇاڙ نه ڪري، جيسين بجهراءُ پنهنجن تابعدارن، تعلقدارن، ۽ پوئلڳن سميت ڪنهن امن واري جاءِ تي وڃي پهچي. چچ اهو انجام قبول ڪري، کيس امان ڏني ]جنهن تي[ هو قلعي مان نڪري،پنهنجن تابعدارن ۽ لاڳاپيدارن سان گڏ ڪشمير جي جبل ڏانهن روانو ٿيو.]پوءِ[ چچ قلعي ۾ داخل ٿي ملڪ جو قبضو ورتو.

چچ جو ملتان جي قلعي ۾ پنهنجو نائب ويهاري، مٿي وڃڻ
ملتان جي قلعي حوالي ٿيڻ تي، چچ هڪ ٺڪر کي ملتان ۾ نائب مقرر ڪري، پاڻ، منروي جي بتخاني ۾ ويو، ۽ بت کي سجدو ڪري. خيراتون ڏيئي، مٿي وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. برهمپور، ڪرور ۽ اشهار(1) جي راجائن خدمت جا شرط بجا آندا. اتان ]اڳتي وڃي[ تاڪيہ(2)ڪشمير جي حد تائين پهتو. واٽ تي ڪِنهن به بادشاهه سامهون ٿي کيس روڪ يا جهڻڪ ڪانه ڪئي. مثال: الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن کي وڏو ڪندو آهي ، تڏهن انهيءَ جي مٿان سڀ تڪليفون آسان ڪندو آهي،“ سندس سڀ مرادون کيس عطا ڪندو آهي ]ڏسو ته چچ[ جنهن جاءِ هي پهتو ٿي ته اهو ملڪ فتح ٿيو ٿي. [37] نيٺ شاڪلهار(3) جي قلعي وٽ پهتو. ۽ اها جاءِ تاڪيـہ(4) کان مٿڀرو چون ٿا، جتي ڪشمير جي سرحد آهي، اتي منزل ڪيائين، ۽ هڪ مهيني تائين ترسي، انهيءَ پاسي جي بادشاهن مان ڪن کي مغلوب ڪيائين، ڪن کي حڪم ۽ آڻ هيٺ آندائين ، ۽ انهيءَ پاسي جي اميرن ۽ بادشاهن سان پختا عهدناما ڪري، ملڪ ]جو انتظام[ پڪو ڪيائين. پوءِ ٻه چڪيون، هڪ بيد جي ۽ ٻي صنوبر جي، گهرائي پنج ماهيات نديءَ جي ڪناري تي، ڪشمير جي انهيءَ جبل، جنهن جي چشمن مان سندس وهڪرو آهي، تنهن سان لڳ اهي ٻئي لڳائي، تيستائين اتي ترسيو، جيسين انهن ٻنهي وڻن جون ٽاريون هڪٻئي سان وڃي مليون. پوءِ انهن تي نشان ڪري چيائين ته: ڪشمير جي راجا سان اسان جي هي حد آهي ۽ هن کان اڳتي لنگهڻو نه آهي.

ڪشمير سان حد مقرر ڪري چچ جو موٽڻ
هن فتح جي ڳالهه لکندڙ هن طرح چيو آهي ته: جڏهن ڪشمير جي طرف کان حد مقرر ٿي، تڏهن چچ موٽي اروڙ جي تختگاهه ۾ آيو، ۽ هڪ سال آرام ڪري، سفر جي تڪليف جو ٿڪ لاٿائين، ۽ سندس ]زِيردست[ بادشاهن جنگ جو سامان ۽ هٿيار تيار ڪيا.
پوءِ فرمايائين ته: ”اي وزير! مشرق جي طرف کان دلجاءِ ٿي، هاڻي اسان کي مغرب ۽ ڏکڻ جي طرف جو سماءُ رکڻ گهرجي.“ وزير وراڻيو ته: ”بادشاهه جي سڀ کان وڌيڪ سٺي خوبي هيءَ آهي ته ملڪ جي احوال جي خبر چار وٺندو رهي، ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته مٿي وڃڻ واري غير حاضريءَ جي عرصي ۾ ]ٻين [ طرفن وارن اميرن ۽ بادشاهن جي دماغ ۾ غرور[38] پيدا ٿيو هجي،]۽سمجهندا هجن[ ته راءُ ساهسيءَ کان پوءِ اسان کان خزاني جي مال بابت ڪا به تقاضا نه ٿي آهي، ] تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هو[ ضرور ضعيف ۽ ڪمزور ٿي چڪو آهي.“
سو چگـَـو ستارو ڏسي،] چچ[ ٻـُـڌِيـَـه(1) سيوستان جي قلعن ڏانهن روانو ٿيو. سيوستان جي قلعي ۾ متي(2) نالي بادشاهه رهندو هو. هن ]چچ اوڏانهن وڃڻ جو[ پڪو ارادو ڪيو ۽ انهيءَ جاءِ کان درياءُ ٽپيو، جنهن کي دهتايت (3) چوندا آهن، جا سمن ] جي قوم[ ۽ اروڙ جي وچ وارو دنگ آهي. اتان ٻـُـڌِيـَــہ ڏانهن روانو ٿيو. سندن حاڪم سرڪـُـونڌَ پٽ ڀـَـنڊرُ کـُـو قـِـَڪـُـو هو(4) ۽ سندن تختگاهه ڪاڪي راڄ هو. اتي جي رهاڪن کي سيويس چوندا هئا. چچ انهن تي حملو ڪري سيويس جو قلعو فتح ڪيو. ڪاڪي جي پٽ وڪيي(5) اڳيان اچي، پنهنجي پيءُ ۽ تابعدارن لاءِ امان گهري، ۽ ڍل مقرر ڪري تابعداري ]اختيار[ڪيائون.


________________________________________
(1) اِنـَـا وَ جدُ نا آباءَ نا عـَـليٰ اُ مـَـته وَ اِنـَـا عـَـليٰ آ ثارِهـِـم لــَمـُـققـَـِـدُونً اسان پنهنجي ابن کي هڪ طريقي تي ڏٺو ۽ اسان انهن جي نشانن جي پيروي ڪندڙ آهيون.
(2) اصل ۾”ديوان مظالم“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اهڙي ڪورٽ جنهن ۾ هلندڙ سڄي شهنشاهت ۾ ڪنهن به وڏي ماڻهوهٿان ٿيل ظلم جي برخلاف شڪايت ٻڌي، انهي جو داد ڪيو وڃي. (مترجم)
(1) هيءُ راءُ سيهرس بن ديوائج وڏو، راءُ سيهرس بن ساهسيءَ ، جنهن جو ذڪر مٿي ص 62 تي ٿي آيو آهي، ۽ جو پڻ ايران جي لشڪر هٿان قتل ٿيو هو، کان غالباً ٻيو آهي.(ن- ب)
(1) اصل لفظ: بجهرا
(2) م: سهيول.
(1) ن: اشيهار
(2) (1) فارسي ڇاپي ۾ ”کنبہ“ لکيو ويو آهي جا صرف گماني پڙهڻي آهي، مگر شايد ڪنهن به نسخي ۾ موجود ڪانهي، هن جاءِ تي ن ۽ ڪ جي پڙهڻي صاف طور ”تاکيه“ آهي ۽ ٻين نسخن جون پڙهڻيون ”تاکيہ“ جون ئي غلط ۽ بگڙيل صورتون آهن. صحيح پڙهڻي”تاکيہ“ ئي سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ملتان کان اڳتي يا ان جي آسپاس واري ملڪ تي ئي ”تڪا ديس“ جو نالو پيل هو.(ن- ب)
(3) فارسي ڇاپي جي پڙهڻي ”شاکلها“ آهي ”شاڪلهار“ پڙهڻي ن مطابق آهي.(ن- ب)
(4) مٿي ڏنل نوٽ(2) جي لحاظ سان.
(1) هن پڙهڻي جو مدار فارسي ڇاپي ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي”بودهيه“ تي آهي، جا غالباً فقط جهوني نسخي پ جي پڙهڻي آهي.ن ب ج م س جي پڙهڻي”بـُـداپور“ ۽ ر جي پڙهڻي ”پـُــڌاپور“ آهي. انهيءَ لحاظ سان ”ٻڌيه“ جي بدران ”ٻڍاپور“ پڙهڻ به قابل غور آهي.(ن- ب)
(2) هن پڙهڻي جو مدار فارسي ڇاپي ۾ اختيارڪيل پڙهڻي ”مته“ تي آهي، ب س ڪ نسخن جي پڙهڻي ”مهته“ آهي.(ن- ب)
(3) فارسي ڇاپي ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي ”دهتايت“ آهي. ”دهتايت“ پڙهڻي ن ب ح نسخن مطابق آهي.(ن- ب)
(4) معتبر نسخن مان ن ب پ جون پڙهڻيون انهيءَ طرح آهن. ن ب: ”وعهد ايشانرا بسر کوند بن بهندر کو بهکو بود." پ: "وعهد ايشانرا بسر کوند بن بهندرکور هکو بود“ هاڻي بر تقدير ” وعهد ايشانرا بغلان بود“، ”فلان“ جي جاءِ تي ”سرکوند بن بهندر کو بهکو“ ايندو، جنهن کي اسان سنڌي نالي جي قالب ۾ آڻي، سرڪوند پٽ ڀنڊرَ کـُـوڀڪو ڪري لکيو آهي. فارسي ايڊيشن ۾ هن سڄي جملي جي هيءَ پڙهڻي اختيار ڪئي ويئي آهي: ”وعهد ايشانرا پسر ڪول بن بهندر کو بهکو بود“.(ن- ب)
(5) اصل عبارت: ”وکيہ بن کاکـہ“. فارسي ايڊيشن ۾ ”و“ کي حرف جملو سمجهي، هن شخص جو نالو ”کيہ بن کاکہ“ تعبير ڪيو ويو آهي. (ڏسو فارسي ايڊيشن صفحه 257 تي ڏنل صفحه 29 جو حاشيه).
لشڪر جو سيوستان وڃڻ
پوءِ] چچ[ اتان سيوستان ] ڏانهن[ رخ رکيو. جڏهن ويجهو پهتو ته انهيءَ شهر جي واليءَ نهايت دٻدٻي ۽ پوريءَ تياري سان سامهون ٿي جنگ شروع ڪئي. چچ مٿس غالب پيو ۽ مـَـتو پنهنجي لشڪر سميت شڪست کائي قلعي ۾ ڀڄي ويو. [39] چچ قلعي کي گهيرو ڪري، لڙائي لاءِ ]تيار[ ٿي بيٺو. هڪ هفتي کان پوءِ قلعي وارا عاجز ٿي پيا، ۽ امان گهري، پڪو انجام ٻڌي ٻاهر نڪتا، ۽ قلعي جون ڪنجيون چچ جي اميرن جي حوالي ڪيائون. چچ کين امان ڏيئي نوازيو، اتي جي حڪومت پڻ سندس ]متي جي[ حوالي ڪري، مٿس اعتماد جوڳو هڪ نگران مقرر ڪيو، ۽ ]تيستائين[ ڪجهه ڏينهن ٽڪي پيو، جيستائين ملڪ ۽ شهر جو ڪاروبار درست ٿيو.