مذهب

چچ نامو

تقريبن ڏيڍ هزار سال اڳ جي سنڌ بابت جيڪا به اهم معلومات آهي، سا انهيءَ ڪتاب منجهان ئي حاصل ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ بـُـنيادي طرح هيءُ ڪتاب عربن جي سنڌ ۾ آمد ۽ اُن جي پس منظر ۽ پيش منظر جي هڪ مختصر جهلڪ ڏئي ٿو، پر تڏهن به انهيءَ کي سنڌ سان گڏ ننڍي کنڊ جي اهم ترين ماخدن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو
Title Cover of book چچ نامو

چچ جو برهمڻ آباد طرف لوهاڻي جي]بادشاهه[ اگهم(1)ڏانهن قاصد موڪلڻ

جڏهن سيوهڻ جي مـُـهـِـم پوري ٿي، تڏهن ”برهمناباد واري لوهاڻي جي بادشاهه اگهم“ (2) يعني لاکن، سمن ۽ سهتن جي حاڪم ڏانهن فرمان موڪلي، کانئن پنهنجي تابعداريءَ جي گهر ڪيائين. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، جيڪي رستن تي جاسوس مقرر ڪيا هئائين. تن مڪران مان هڪ ماڻهوءَ کي اگهم جي خط سان پڪڙيو، جو سيوستان جي بادشاهه متي ڏانهن لکيو هئائين، جنهن ۾ لکيل هو ته: مان هميشه تنهنجو دوست ۽ خيرخواهه ٿي رهيو آهيان، ۽ ڪنهن به وقت تنهنجي مخالفت نه ڪئي اٿم، ۽ نه لڙائيءَ جو روادار ٿيو آهيان. تو جيڪو دوستاڻو خط لکيو هو، سو پهتو ، ۽ ان ڪري وڏي عزت حاصل ٿي. جيستائين اسان جي طاقت مضبوط هوندي ، تيستائين ڪوبه مخالف اسان جي ويجهو نه اچي سگهندو. مان تنهنجي التماس جو پابند آهيان، ۽ هر هڪ ]التماس[ پورو ڪندس. تون بادشاهه ۽ بادشاهزادو آهين، تنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ دوستي آهي. ههڙيون حالتون گهڻن سان ٿيون آهن، جيڪي هن مصيبت کان پناه ڳولي رهيا آهن. منهنجي ملڪ ۾ برهمناباد کان ديبل تائين، ملڪ جي جنهن جاءِ تي رهڻ مناسب سمجهين [40] ، اتي رهڻ جي توکي اجازت آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيو اٿئي ته به ڪو ماڻهو روڪ ڪرڻ وارو ڪونه آهي، ۽ جيستائين ڪنهن جاءِ تي تون دلجاءِ ڪري ويهين، تيستائين مددگار رهندس. مون وٽ ايترا گهوڙا ۽ لشڪر ٿي سگهي ٿو، جو تنهنجي مدد ڪري سگهان.
آخر متي کي هند جي ريگستان جي بادشاهه (1) ڏانهن، جنهن کي ڀـَـٽي به چوندا آهن، وڃڻ بهتر ڏسڻ ۾ آيو.

چچ جو لوهاڻي جي ]حاڪم[ اگهم کي گهرائڻ لاءِ فرمان موڪلڻ
پوءِ چچ راجا اگهم لوهاڻي ڏانهن حڪم موڪليو ته: توهان پاڻ کي شان، شوڪت، اصل ۽ نسل جي خيال کان وقت جو بادشاهه ٿا سمجهو. ۽ مون کي جيتوڻيڪ هيءُ ملڪ، بادشاهي، مال، دولت ۽ طاقت پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کان ورثي ۾ نه ملي آهي، ۽ اسان جي] اصلي[ ملڪيت نه آهي، ته به هيءُ منهنجا آسان ۾ آسان اسباب ۽ بهترين انتظام خداوند تعاليٰ جا بنايل آهن. منهنجي لشڪر ڪري نه بلڪ دنيا جي پيدا ڪندڙ، بيمثال ۽ يگاني خدا، سيلائج جي دعا سان هيءُ ملڪ مون کي عطا ڪيو آهي، ۽ هر حال ۾ اهو منهنجو مددگار آهي. مون کي ڪنهن ٻئي ۾ مدد جي اميد نه آهي، منهنجي سڀني مشڪلن کي پورو ڪندڙ ۽ منهنجي چرپر ۾ مدد ڪندڙ اهو آهي، ۽ اهوئي سڀني دشمنن ۽ مخالفن تي ڪاميابي ۽ فتح بخشيندڙ آهي. اسان کي ٻنهي جهانن جون نعمتون حاصل آهن. توهان کي جيڪڏهن پنهنجي مٿان شوڪت ۽ دٻدٻي، جنگي سامان ۽ وڏائيءَ تي ڀروسو آهي ته پوءِ يقين ڄاڻو توهان جي نعمت تي زوال ايندو، ۽ اوهان جي بربادي ٿيندي [41].

چچ جو برهمڻ آباد شهر وٽ اچڻ ۽ لوهاڻي جي ]حاڪم[اگهم سان جنگ ڪرڻ
پوءِ راجا چچ، لوهاڻي جي ]حاڪم[ اگهم ڏانهن روانو ٿيو. اگهم برهمڻ آباد کان ٻاهر ملڪ ]جي گشت [ ڏانهن ويل هو. چچ جي اچڻ جي خبر ٻڌڻ تي برهمڻ آباد موٽي آيو، ۽ اچي لڙائيءَ جو سامان ۽ هٿيار تيار ڪيائين. راجا چچ برهمڻ آباد جي شهر ۾ پهتو ته ]هوڏانهن[ اگهم لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي سامهون ٿيو. ٻنهي طرفن کان نامي گرامي بهادرن جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، ]آخر[ اگهم جو لشڪر ڀڳو ۽ قلعي ۾ گهڙي ويو. چچ ان جو گهيرو ڪيو. هڪ سال جي عرصي تائين سندن وچ ۾ لڙائي جاري رهي. انهيءَ وقت هندستان يعني ڪنوج جو راجا ستبان بن راسل هو(1). اگهم خط موڪلي ۽ انهيءَ کان مدد گهري، پر جواب ملڻ کان اڳ اگهم مري ويو، ۽ سندس پٽ پيءُ جو جانشين ٿيو.
اگهم جو،هڪڙو ٻڌمت جو شمني(پروهت) پوڄاري(2) دوست هوندو هو، جنهن کي ”ٻـُـڌ رکـُـو“(3) جي نالي سان سڏيندا هئا. هن کي هڪ بتخانو هو، جنهن کي”ٻـُـڌنو وهـِـار"(4) چوندا هئا، ۽ ڪنوهار(5) بت جو راهب پڻ اهو هو، ۽ پنهنجي بندگيءَ ۽ ڀڳتيءَ(6) ۾ مشهور هو. انهيءَ طرف جا ماڻهو سندس تابع هوندا هئا. اگهم پڻ سندس ڌرم تي هو، ۽ کيس پنهنجو آڌار سمجهندو هو. اگهم جي قلعي ۾ بند ٿيڻ ۾ هن پروهت پڻ ساڻس موافقت ڪئي، پر جنگ ڪانه ٿي ڪيائين، بلڪ پنهنجا ڪتاب کڻي، پنهنجي مندر ۾ ويهي پڙهڻ لڳو. جڏهن راجا اگهم مري ويو ۽ سندس پٽ گادي تي ويٺو، تڏهن پروهت ڊنو ته متان منهنجي ملڪيت، اسباب ۽ زمينون هٿ کان نڪري وڃن، [42] ، تنهن ڪري پنهنجو اصطرلاب کڻي، ڏسي، حساب ڪري، قطعي فيصلو ڪيائين ته هيءُ ملڪ راجا چچ جي حوالي ٿيندو، ۽ هو مون سان موافق ٿيندو ]آخر اگهم جو[ پٽ جڏهن تنگ ٿيو، ۽ سندس لشڪر وڙهڻ کان جواب ڏنو، تڏهن قلعو چچ جي حوالي ۽ ضابطي هيٺ اچي ويو.

چچ جو فرمان
جڏهن چچ کي معلوم ٿيو ته اگهم ۽ سندس پٽ جي انهيءَ پروهت سان بيعت هئي، ۽ ان جي جادو، صلاح ۽ مڪاريءَ کان ئي ]ايترو وقت[ جنگ قائم رهي ۽ هڪ سال تائين ڊگهي ٿي آهي، تڏهن چچ قسم کنيوهو ته جيڪڏهن مون هيءُ قلعو فتح ڪيو ته پروهت کي پڪڙي، سندس کل لاهي، دَئيتن کي ڏيندس ته نغارن تي لڳائي، ڪٽي ڪٽي، ذرا ذرا ڪن. هن قسم جي خبر پروهت کي پهتي ته کلي ڏنائين ۽ چيائين ته: چچ کي ايتري طاقت ڪانهي جو مون کي برباد ڪري سگهي.]خير[ جڏهن برهمڻ آباد جي قلعي تي گهڻو وقت لڙائي ۽ مقابلو ٿيو ۽ گهڻا ماڻهو هلاڪ ۽ برباد ٿيا، تڏهن ]قلعي وارن[لڙائي بند ڪري امان گهري ۽ صلح جي آڇ ڪيائون، ]آخر[ مکيه ماڻهن ۽ اڳواڻن جي معرفت ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿيو، ۽ قلعو چچ جي حوالي ڪيائون. چچ اندر اچي چيو ته: جيڪڏهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا ته ڀلي وڃو، ڪو به ماڻهو توهان کي روڪي نه سگهندو، ۽ جيڪڏهن توهان رهڻ جو فيصلو ڪيو هجي ته ] ڀليل[ ويٺا رهو. اگهم جي پٽ ۽ سندس تابعدارن پنهجي مٿان چچ جي مهرباني ڏٺي، سو رهي پوڻ پسند ڪيائون. چچ ڪجهه وقت ترسي سندن مزاج معلوم ڪيو[43]

چچ جو اگهم جي زال سان شادي ڪرڻ، ۽ پنهنجيڀائٽـِـي سندس پٽ سربند کي ڏيڻ
پوءِ چچ سربند جي ماءُ ڏانهن ماڻهو موڪلي ساڻس شادي ڪئي، ۽ سندس پٽ کي گهرائي پنهنجي ڀائٽي ڏَهسـِـيي(1) جي ڌيءَ کيس ڏيئي، رنگارنگي سروپا پهرايائين ۽ اتي هڪ سال رهي ڍل وصول ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪامورا مقرر ڪيائين، پڻ آسپاس جي راجائن کي پنهنجو تابع بنايائين.
پوءِ پڇيائين ته اهو جادوگر پروهت ڪٿي آهي ته کيس ڏسان. چيائون ته اهو ڀڳت آهي ۽ ڀڳتن وٽ هوندو. هو هندستان جي دانائن ۽ ڪنوهار(2) جي مجاورن مان آهي. پروهتن وٽ سندس وڏي عزت آهي، ۽ هو سندس ڪمال جا قائل آهن. سندس جادو ۽ شعبده جي هيءَ حد آهي، جو هڪ دنيا کي تابعدار ۽ زيردست بنايو اٿس. سندس هر قسم جا مقصد طلسم جي زور تي حاصل ٿين ٿا. پڻس جي دوستيءَ خاطر ٿورو وقت سربند سان شامل رهيو، ۽ سندس ٽيڪ تي برهمڻ آباد جا سپاهي لڙائيءَ ۾ ثابت قدم رهي مقابلو ڪندا رهيا.

چچ جو پروهت وٽ وڃڻ ۽ کانئس احوال پڇڻ
پوءِ چچ سڀني هٿيار بند ماڻهن ۽ محافظن کي سوار ڪري ]پاڻ سان وٺي[پروهت کي قتل ڪرڻ لاءِ ٻڌ (جي مندر) ڪنوهار(1) ڏانهن روانو ٿيو. ]رستي ۾[هٿياربندن کي سڏي حڪم ڏنائين ته: جنهن وقت مان هن سان ملاقات ۽ ڳالهيون ڪندي چپ ڪريان ۽ توهان ڏانهن نهاريان ته ]هڪدم[ تراريون ڪڍي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏجو. پوءِ ]چچ[ ٻـُـڌ ڪنوهار(2) ۾ پهچي، هن ]پروهت[ڏانهن هليو ته کيس ڪرسيءَ تي ويٺل ۽ پنهنجي عبادت ۾ مشغول ڏٺائين37].[سندس هٿ ۾ سخت ] ڳوهيل[ مٽي هئي، جنهن مان بت ٺاهي مـُـهر جهڙي هڪ شيءِ انهن بتن تي هڻندو ٿي ويو، جنهن ڪري انهن تي ٻڌ جي تصوير چٽجي ٿي پيئي ۽ هو مڪمل ٿي ٿي پيا. تنهن کان پوءِ انهن کي هڪ جاءِ تي رکندو ٿي ويو. چچ سندس مٿان بيٺو رهيو: هن ڏانهنس ڪوبه توجهه نٿي ڪيو. هڪ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ بت پورا ڪري ڪنڌ مٿي کڻي، چيائين ته: ”سيلائج ڀڳت جو پٽ آيو آهي؟“ چيائين: ”هائو ،اي عبادت گذار پروهت“، چيائينس ته ”ڪهڙي ڪم سان آيو آهين؟“ وراڻيائين ته: ”تو ۾ عقيدو هئم، تنهن ڪري توکي ڏسڻ آيو آهيان.“ چيائين ته:” ]چڱو[ لهه.“ چچ هيٺ لٿو، ۽ پروهت ، گاهه جي مٺ پٿاري، چچ کي تنهن تي ويهاري، پڇيو ته: ”اي چچ ! ڪهڙو ڪم اٿئي؟“ چچ عرض ڪيو ته: ”آءٌ چاهيان ٿو ته اسان جو چوڻ وٺي برهمڻ آباد جي قلعي ۾ وري موٽي اچين ته توکان ڪم وٺي، وڏا وڏا ڪم توکي سپاريان، جيئن تون سربند سان هڪ هنڌ رهي، کيس صلاح مشورو ڏيندو رهين.“ پروهت چيو ته: ”مون کي تنهنجي حڪومت جي ڪابه ضرورت نه آهي، ديواني ڪمن جو شوق ڪونه اٿم، ۽ دنياوي ڪم نٿو چاهيان“. چچ چيو ته: ”]ڀلا[ برهمڻ آباد جي قلعي ۾ ڇو سامهونٿئين؟“ چيائين ته: ”جڏهن لوهاڻي جو (حاڪم) اگهم گذاري ويو ۽ هيءُ ڇوڪرو پيءُ جي جدائي ۾ تنگ دل ٿيڻ لڳو، تڏهن ]مجبورًا[ کيس صبر جي تلقين ڪندو رهيس ۽ خدا جي درگاهه ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ صلح ۽ موافقت پيدا ٿيڻ جي دعا ڪندو رهيس. باقي منهنجي لاءِ دنياوي سرداريءَ ۽ سڀني ڪمن کان، ٻـُـڌ جي خدمت ڪرڻ ۽ آخرت جي نجات گهرڻ بهتر آهي: ۽ تون جنهن صورت ۾ هن ملڪ جو راجا آهين، تنهن ڪري تـنهنجي فرمان عالي موجب سموري قبيلي سميت قلعي جي ڀر ۾ لڏي هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر ڊپ اٿم ته قلعي وارا ٻـُـڌ ]مندر[جي آباديءَ کي ايذاءُ [45] ۽ نقصان نه پهچائين، ]جو[ چچ اڄ وڏي حڪومت جو مالڪ آهي.“ چچ چيو ته: ”ٻڌ جي بندگي وڌيڪ سٺي، ۽ هن ڪم جي هميشه تعظيم ڪرڻ تمام چڱي آهي، پر جيڪڏهن توکي ڪو ڪم يا عرض هجي ته چئو ته انهيءَ سعادت جي پوري ڪرڻ ۽ انهيءَ عزت افزائي جي سرانجام ڪرڻ تي عمل ڪريان.“ پروهت چيو ته: ”مون کي تو ۾ دنياوي ڪوبه ڪم ۽ غرض ڪونهي. شال ڌڻي توکي آخرت جي ڪمن جي توفيق عطا ڪري“. چچ چيو ته: ”منهنجو عرض پڻ اهو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي ئي بدلي ۾ نجات ۽ بلند درجا حاصل ٿي سگهندا. حڪم ڪر ته انهيءَ باري ۾ مدد ڪرڻ واجب سمجهي، شريڪ ٿيان.“ ڀڳت پروهت وراڻيو ته: "جڏهن مقصد رڳو خير جا ڪم ڪرڻ ۽ نيڪين ۾ وک وڌائڻ آهي، تڏهن ] ٻڌ ته [، نوو هار جو مندر، جو قديمي عبادتگاهه آهي ۽ گهڻي وقت کان زماني جي گردشن سبب انهيءَ کي نقصان پهتل آهي، انهيءَ جي ]نئين سر[ عمارت ٺاهي وڃي، ۽ پنهنجا مال هن جـي اڏاوت تي خرچ ڪــر. تـون اسان جـي امــداد هــن طريقي سان ڪري سگهين ٿو.“ ]تنهن تي[ چچ چيو ته: ”شڪر گذار آهيان.“

چچ جو برهمڻ آباد ڏانهن موٽي وڃڻ
پوءِ چچ اتان سوار ٿي موٽي ويو. وزير عرض ڪيو ته: ”راجا! هڪ عجيب واقعو ڏٺم.“ چيائين: ”ڇا ڏٺئي؟“ چيائين: ”ڇاڪاڻ ته راجا کي پروهت جي ڪهڻ لاءِ جلادن کي حڪم ڏيڻ جو پڪو ارادو هو، پر سندس سامهون ٿيڻ تي کيس راضي ڪرڻ ۾ لڳي ويا، ۽ سندس عرض قبول فرمايو؟.“ چچ وراڻيو ته: ”هائو! مون اهڙي شيءِ ڏٺي جنهن ۾ ڪوبه جادو [46] ۽ شعبدو ڪونه هو. ]غور سان[ڏٺم ته مون کي ڪي ]خاص[ نشان ]پڻ[ ڏسڻ ۾ آيا. جڏهن سندس آڏو ٿيس، تڏهن هڪ ڀيانڪ ۽ خطرناڪ صورت سندس سر تي بيٺل ڏٺيم. هن جون اکيون باهه جهڙيون ۽ ڪاوڙيل، چپ ڊگها ۽ ٿلها ۽ ڏند نيزن جهڙا هئا، سندس هٿ ۾ الماس جهڙيون لٺون هيون ۽ ائين پيو ڀانئجي ته ڪنهن کي هڻندو. انهيءَ کي ڏسي ڊڄي ويس، طاقت نٿي ٿيم ته ساڻس اهڙو ڳالهايان جو توهان ٻڌو. مون کي اچي پنهنجي سر جي لڳي، ]سو[ کيس رعايتون ڏيئي اٿي کڙو ٿيس.“

چچ جو برهمڻ آباد ۾ منزل ڪري، اتي جي رهاڪن تي ڍل مقرر ڪرڻ
پوءِ چچ برهمن آباد جي قلعي ۾ ترسي، ملڪ جي ڪاروبار ۽ آمدني ۽ رعيت جي آرام جا ذريعا درست ڪيا ۽ لوهاڻي جي جتن(1)کي ذليل ڪري، انهن جي اڳواڻ کي سزا ڏيئي کانئن ضمانـَـت وٺي، قلعي ۾ بند ڪري مٿن هيٺيان شرط پڪا ڪيائين ته: سواءِ ڪن خاص حالتن جي ترار نه کڻندا، بخمل ۽ ريشم جا ڪپڙا نه پهريندا، سندن مٿين چادر کڻي سوٽي به هجي، پر سندن هيٺين چادر ]ضرور[اوني ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جي هوندي، گهوڙي تي هـَـنو نه رکندا،مٿو ۽ پير اگهاڙا رکندا، گهر کان ٻاهر نڪرندا ته ڪـتا پاڻ سان کڻندا، برهمڻ آباد جي گورنر جي بورچيخاني لاءِ ڪاٺيون پهچائيندا رهندا، رهبر خواه جاسوسيءَ لاءِ پڻ انهن کي موڪليو ويندو. جڏهن هو پاڻ ۾ اهي خاصيتون پيدا ڪندا، تڏهن اسان کي سندن سچائي تي ڀروسو ۽ اعتماد ٿيندو. ]ٻيو ته[ اگهم جي پٽ سربند سان موافق ۽ سچا رهندا، ۽ جيڪڏهن ڪو دشمن لڙائيءَ لاءِ [47] هن ملڪ ڏانهن رخ رکندو ته مدد ڪرڻ پاڻ تي لازمي سمجهي، اهڙو انتظام ڪندا.
پوءِ سڀ ڪم پورا ڪري، ملڪ کي ٺيڪ ڪيائين، ۽ جنهن به مخالف سرڪشي ٿي ڪئي، تنهن کان ضمانت وٺي، کيس قابو ٿي ڪيائين، ۽ ]کيس سزا ڏيئي[سندس مثال ٿي قائم ڪيائين، جنهن ڪري سڀ ڪاروبار ٺيڪ ٿي ويو.

راجا چچ جو ڪرمان وڃي مڪران جي حد ظاهر ڪرڻ
ضروري ڪمن کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، چچ جي دل ۾ ڪرمان جي سرحد جو خيال غالب پيو، انهيءَ لاءِ ته هيءُ پاسو هندستان جي بادشاهن سان ڳنڍيل آهي، تنهنڪري اها ظاهر ٿيڻ گهرجي.انهيءَ وقت رسول الله ﷺ جن جي هجرت کي ٻه سال گذري چڪا هئا. ايران جي بادشاهه ڪـِـسريٰ بن هـُـرمـُـز جي مرڻ کان پوءِ ملڪ دربدر ٿي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته بادشاهيءَ جو ڪاروبار هڪ عورت جي هٿ ۾ اچي ويو هو. سو چچ کي جڏهن اها خبر پهتي، تڏهن وڏي تياريءَ سان ڪرمان ڏانهن رخ ڪيائين، ۽ نجومين جيڪو وقت ڪڍي ڏنس، انهيءَ وقت اَرمابـِيـل روانو ٿيو. اهو هنڌ ٻـُـڌ جي شمني ]يعني پروهت[ جي هٿ ۾ هو، جو هندستان جي راجا راءُ سيهرس جي گورنرن جي اولاد مان هو، جنهن کي سچائيءَ ۽ خصوصيت جي مدنظر مقرر ڪيو ويو هو. اهو ]ساڳيو پروهت[زماني جي ڦير گهير ڪري مخالف ٿي پيو هو ۽ خدمت کان سرڪشي ڪئي هئائين. ]اهو پروهت[ چچ جي استقبال لاءِ آيو، ۽ جڏهن کيس ]چچ کي[ سندس واعدي ۽ دل جي سچائيءَ تي اطمينان ٿيو ۽ ]هڪٻئي جي[ دوستيءَ ۽ محبت ٻنهيءَ جي دل ۾ قرار ورتو، تڏهن ]چچ[ اتان مڪران جي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ڏٺائين ته هر هڪ ماڻهو فرمانبرداريءَ کان پاسو ڪري رهيو هو. نيٺ [48]مڪران جي لڪ ۽ جبل(1) کان ٻاهر نڪري، وڃي ٻين شهرن ۾ پهتو. اتي پنجپور(2) نالي هڪ پراڻو قلعو هو. سندس حڪم سان انهيءَ کي نئين سر ٺاهيو ويو، ۽ اتي شام ۽ باک ڦٽڻ جي شروعات وقت هندن جي پنجتوري يعني پنجن سازن واري نوبت جي رسم مطابق نوبت مقرر ڪيائين. ]پوءِ[ انهيءَ سڀني واهڻين کي گڏ ڪري، عمارت جي پوري ڪرڻ جو حڪم ڏيئي،اتان منزل کڻي، ڪرمان پهتو، ۽ اچي انهيءَ نهر تي لٿو، جا مڪران ۽ ڪرمان جي وچ تي آهي.]اتي پهچي[ اڀرندي جي حد ظاهر ڪيائين، ۽ نهر جي ڪناري تي کجين جوهڪ وڏو جهڳٽو لڳائي، ]اعلان ڪيائين[ ته مڪران ۽ ڪرمان جي وچ جي حد هي کجين جا وڻ آهن، ۽ اتي نشان ڪري ڇڏيائين ته هي اها حد آهي، جا چچ بن سيلائج بن بساس سنڌ جي راجا جي وقت ۾ هئي. اها ساڳي حد اسان جي هن وقت تائين قائم آهي(3).


________________________________________
(1) اصل عبارت: ”اگهم لوهانه“ جو فارسي جي زير اضافت سان ”اگهم- لوهانه“سمجهڻ گهرجي، يعني ”لوهاڻي ملڪ جو (حاڪم) اگهم“. هيٺ فارسي عبارت به انهيءَ دليل جي پڪي تاڪيد ڪري ٿي.(ن -ب)
(2) اصل عبارت: ”لوهانہ ِّ برهمناباد“
(1) اصل عبارت : مــَــلڪ رمل.
(1) پ: سيار بن راسل. ر: شتبان بن راسل. ن ب ح : سيار بن راءُ بدل.
(2) اصل عبارت: ناسک سمني (شمني لاءِ وڌيڪ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ُ42).
(3) اصل عبارت: بده رکو.
(4) ر م: نوهار.
(5) ر: ولهار، م: دلسها، ن: وکسها، پ: وکسا، ڪ: وکها. هت صفحه 44 تي ڏنل پڙهڻي مطابق”ڪنوهار“ لکيو ويو آهي. فارسي ڇاپي ۾ ”وکسها“ ڏنل آهي.
(6) اصل عبارت: ناسکي وبهکي.
(1) اصل عبارت: دَهسه.
(2) هي پڙهڻي پ م ح س ڪ مطابق آهي ۽ اها ساڳئي پڙهڻي هيٺ ٻن جاين تي قائم رکي وئي آهي. فارسي ڇاپي ۾ ”نووهار“ ڏنل آهي.(؟). ر: کنورهار،ن:کتوهار.(ن- ب)
(1) پ ڪ م ر جي پڙهڻي ”کينهار“ آهي، جا ”کنبهار“ (يعني ڪنوهار) جي بگڙيل صورت آهي. سڄو لفظ ”بده کنوهار“ آهي، جنهن مان مراد ”ٻڌ ڌرم جو ڪنوهار“ آهي.(ن- ب)
(2) پ ن ب ڪ جي پڙهڻي هن جاءِ تي به ”بنده کنوهار“ آهي.(ن- ب)
(1) فارسي ڇاپي ۾ "جتان ولوهانه" پڙهڻي اختيار ڪيل آهي. پ جي پڙهڻي "جتان لوهانه" يعني"(پرڳڻي) لوهاڻي جا جت" جا وڌيڪ قياس ويجهو آهي ۽ انهيءَ کي ئي قائم رکيو ويو آهي. صفح 214 تي به عبارت صاف طور "جتان لوهانه" آهي.(ن- ب)
(1) اصل عبارت: عـُـقبه مکران وکوه
(2) اصل عبارت سڀني نسخن ۾ ”ڪنزبور“ يا ان لفظ جي ذرا بگڙيل صورتخطي آهي. ڪيل اصلاح لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]49[ .(ن- ب)
(3) اصل عبارت: ”وامروز همان حد بما رسيده“. ظاهر آهي ته اهي لفظ مترجم جا آهن ۽ سندس اشارو مڪران ۽ ڪرمان جي انهيءَ سرحد ڏانهن آهي، جا ناصرالدين قباچه جي وقت ۾ قائم هئي.(ن- ب)
چچ بن سيلائج جو ارمابيل وڃڻ ۽ انهيءَ تي ڍل مقرر ڪرڻ
]چچ[ پوءِ اتان ارمابيل ڏانهن موٽي آيو، ۽ تـُـوران جي ملڪ منجهان]ٿيندو اچي[پـُـورالي ]ندي[(1) وٽان مٿي چڙهيو، ۽ ڪنهن به ساڻس لڙائي ڪانه ڪئي. نيٺ قـَـندابـِـيل (يعني قنڌار) جي علائقي ۾ پهتو. انهيءَ بيابان جي ماٿريءَ کان”حصار“ طرف رخ رکيائين، جتي ماڻهو قلعي ۾ بند ٿي ويٺا. پوءِ سيبي(2) جي نهر جي ڪناري تي پهچي، لهي ويهي رهيو، تان جو ماڻهو تنگ ٿيا، ۽ پاڻ تي هڪ سئو جابلو گهوڙا ۽ لک درهم [49] سالياني ڍل مقرر ڪيائون. هڪ سال جو مال کانئن اڳواٽ وصول ڪيائين ۽ مثال قائم ڪري، اروڙ جي تختگاهه ڏانهن موٽي ويو، ۽ ]تيستائين اتي رهيو[ جيستائين ساهه کان موڪلائي، جهنم ڏانهن روانو ٿيو. سندس حڪومت جو عرصو چاليهه سال رهيو.

اروڙ جي تختگاهه ۾ چندر بن سيلائج جو ويهڻ
چچ بن سيلائج جي مرڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ چندر، اروڙ جي تختگاهه ۾ ]گاديءَ تي[ويٺو، ۽ ڀڳتن ۽ پروهتن جي ڌرم کي ٽيڪ ڏيئي زور وٺايائين ۽ تبليغ(3) ڪيائين، ۽ پنهنجي دين ڏانهن رجوع ٿيو، ۽ هندستان جي بادشاهن سان خط و ڪتابت جاري ڪيائين(4).

سيوستان جي بادشاهه متي جو وڃڻ
]اِهوحال ڏسي،[ سيوستان جو راجا مـَـتو، ڪنوج جي راجا ڏانهن ويو. انهيءَ وقت ۾ هندستان جو بادشاهه بارانسي هو، ۽ ڪنوج سيهرس بن راسل جي حڪم هيٺ هو. متي، هن جي خدمت ۾ پهچي، ظاهر ڪيو ته چچ بن سيلائج مري ويو ، هاڻي هن جو ڀاءُ چندر راهب تخت تي ويٺو آهي: هو هڪ ڀڳت ماڻهو آهي، ۽ سارو ڏينهن ڀڳتن سان مندر ۾ پنهنجي علم پڙهڻ ۾ مشغول رهي ٿو، کانئس بادشاهي ڦري وٺڻ آسان آهي. جيڪڏهن بادشاهه اهو ملڪ فتح ڪري، منهنجي حوالي ڪندو ته مان انهيءَ طرف جي عوض پاڻ تي ڍل مقرر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، جا راجا جي خزاني ۾ پهچائيندو رهندس. [50]

سيهرس جي طرفان هن ڳالهه جو جواب
جنهن تي سيهرس، متي کي چيو ته: چچ هڪ وڏو بادشاهه ۽ ڪشادي ملڪ جو مالڪ هو. سندس مري وڃڻ کان پوءِ جڏهن اها بادشاهي وٺي پنهنجي حڪم هيٺ آڻيندس، تڏهن اسان جي ملڪ جي ڏاڍي مشهوري وڌندي، ۽ توکي پڻ انهيءَ جي هڪ حصي تي مقرر ڪندس. ]ائين چئي[ سيهرس پنهنجي ڀاءُ برهاس بن ڪسائس کي روانو ڪيو. وڏي چچ(1)جو ڏهٽو(2)، جو ڪشمير ۽ رسل جو راجا هو، تنهن سندس بيعت ڪئي، ] جنهن کان پوءِ ٻيئي[ پنهنجو لشڪر وٺي روانا ٿيا، ۽ هاسي نديءَ وٽ پهچي منزل ڪيائون. دِيوَ هپـُـور(1)قلعي ۾ جيڪي چندر جا ڪامورارهندا هئا، سي لڪي ويا. ]انهن جاين تي پنهنجا ماڻهو[ مقرر ڪري، اڳتي روانا ٿيا. نيٺ اچي بند ڪاهويه وٽ پهتا. ]اتي[ هڪ مهينو ترسي، ٻڌ جي پوڄا ڪيائون. ]هوڏانهن[ چندر بن سيلائج ڏانهن ماڻهو ۽ خط موڪليائون ته اچي فرمانبرداريءَ جا شرط پورا ڪري ۽ امان گهري. چندر هيءُ ٻڌي انڪار ڪيو، ۽ قلعي بند ٿي، لڙائيءَ جي تياري ڪرڻ لڳو ۽ ڏهرسينه بن چچ کي برهمناباد موڪليائين، اُتان جي لوهاڻي جي ماڻهن ۽ لوهاڻن اچي خذمت ۾ مٿو ٽيڪيو، پاڻ ڏاهر بن چچ سان گڏ اروڙ جي قلعي ۾ استقلال سان سامهون ٿيو. سيهرس جي لشڪر گهڻو وقت گهيرو ڪرائي لڙائي ڪئي، پر هو لڙائيءَ ۾ قلعي وارن سان پڄي نه سگهيو، تڏهن صلح جو در کڙڪايائين، ۽ ڪنهن اٽڪل سان ڏاهر کي ٻاهر آڻي، قيد ڪرڻ چاهيائين، ۽ ]ڀانيائين ته هو[ کيس هٿ ڪندو يا قتل ڪندو ته پوءِ قلعو سندس هٿ اچي ويندو ۽ بادشاهي ]پڻ[ ضابطي هيٺ ٿيندي.[51]

سيهرس جو ڏاهر بن چچ ڏانهن قاصد موڪلڻ
پوءِ راسل ۽ برهاس قاصد موڪليو ته: اسان کي موٽي وڃڻ جو ارادو آهي، تنهن ڪري توهان سان مضبوط عهدنامو ڪرڻ گهرون ٿا، جيئن هيءُ ملڪ توهان سان قائم رهي، ۽ ملاقات کان پوءِ ڏاهر کي نهايت عزت سان واپس ڪنداسون. ڏاهر مشهور معروف ٺڪرن مان پنج سؤ هٿيار پنوهار پهريل چونڊ بهادر ساڻ وٺي، ڌرين جي وچ ۾ مضبوط عهدنامو ۽ صلح پڪي ڪرڻ لاءِ نڪتو ]ٻاهر نڪري[ پنهنجن سڀني خاص ماڻهن کي چيائين ته: اسان جو ڀروسو توهان جي بهادريءَ ۽ هوشياريءَ تي آهي، ۽ سڀنيءَ جي دلين کي ٽيڪ ڏيئي، چڱن واعدن سان همت ڏياريائين، ۽ هلندا وڃي راسل جي سراءِ جي در تي بيٺا. راسل کين در تي روڪڻ جو حڪم ڏنو، ۽ پنهنجي هڪ وزير کي سڏي چيائين ته: هيٺ لهي وڃي ]ڏاهر جي[ سپاهين کي چئو ته توهان جون تراريون جوهردار آهن، تنهنڪري هٿيار مٿي موڪليو ته توهان جي ترارين مان هڪ چونڊي پاڻ وٽ نشاني ڪري رکون. پوءِ جڏهن سڀ هٿيار ڏيئي چڪن، تڏهن سڀني کي قيد ڪريو، ۽ ٻيءَ صورت ۾ ڪهي ڇڏيو. وزير هن بهاني سان هيٺ آيو ۽ هڪ ونگ جي هيٺان اچي بيٺو، ۽ جيئن هنن کان هٿيار وٺڻ گهريائين، تيئن اوچتو ونگ هيٺ ڪـِـري پئي ۽ وزير ونگ هيٺ رهجي ويو. ] اهو حال ڏسي[ راجا راسل پاڻ هيٺ لهي آيو، ۽ سڀنيءَ کي سڏي هرهڪ کان هٿيار وٺي، ڏسي، سندن اڳيان اڇلائيندو ويو، ۽ نيٺ اچي ڏاهر بن چچ وٽ پهتو. ڏاهر کي چيائين ته: پنهنجي ترار مون کي ڏيکار. ڏاهر وراڻيو ته اي بادشاهه، هيءُ خنجر پنهنجي ڀاءُ جو آهي، جو پاڻ کان [52] جدا نه ڪندس، ]جيڪڏهن ڏسڻو اٿئي ته[ منهنجي هٿ ۾ چڱيءَ طرح ڏس. جڏهن ڏاهر جي ويجهو پهتو ته ڏاهر جي طرفان هڪ بهادر اڳتي وڌي چيو ته: اي بادشاهه، هنن سڀني ترارين کان منهنجو خنجر سٺو آهي. راسل جيئن هن کان ترار وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته بهادر، مست شينهن وانگيان، ٽپو ڏيئي، راسل جي ڏاڙهيءَ مان وٺي، کڻي کيس زمين تي دسيو، ۽ سندس سيني تي ويهي چيائين ته: چاهين ٿو ته تو کي فنا ڪريان؟] ايتري ۾[ ڏاهر ۽ ٺڪر به تراريون ڪڍي چوڌاري ڦري آيا. راسل لاچار ٿي چيو ته: ]آخر[ توهان جي ڪهڙي مرضي آهي؟ مان توهان سان پڪو عهدنامو ڪريان ٿو جو سچو هوندو، ۽ مخالفت نه ٿيندي. ڏاهر چيو ته: اسان کي معلوم ٿي چڪو ته توکي اسان سان ٺڳي ڪرڻ جو خيال هو، تنهن ڪري اسان کي تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪونهي. ٺڳيءَ ۽ بد اعتقادي جي سزا پهريائين تنهنجي وزير کي ملي، جو ونگ هيٺان دٻجي هلاڪ ٿيو، ]پوءِ[ وري تون اسان جي هٿان گرفتار ٿيو آهين. هاڻي ضمانت ڏي ته ديوهپور جو قلعو ۽ جيڪا اسان جي ضمانت تو وٽ آهي، سا واپس ڪندين، تنهن کان پوءِ تنهنجي ضمانت واپس ڪنداسون.راسل پنهنجا ضامن اروڙ موڪليا، جن مان پنج ڄڻا مشهور اڳواڻ اروڙ جي قلعي ۾ جهليائون، تنهن کان پوءِ انجام وٺي کيس ڇڏيائون. ڏاهر انهن ]راسل جي ضامنن[ کي پنج سؤ بهادرن سان برهمڻ آباد موڪليو. راسل، ڏاهر جا اعتماد جوڳا ماڻهو پاڻ سان وٺي ويو، ۽ وڃي قلعو سندن حوالي ڪيائين، ۽ جيڪي ماڻهو وٽس رهيل هئا، تن کي پڻ آزاد ڪيائين. جڏهن قلعي مان معتمدن جو خط ڏاهر کي پهتو، تڏهن راسل جي ضامن کي باعزت واپس موڪليائين، ۽ سندن وچ ۾ صلح ۽ موافقت ٿي.

چندر جو چچ بن سيلائج جي گاديءَ تي ويهڻ
پوءِ بادشاهي چندر جي حوالي ٿي. رعيت سندس همدردي ڪرڻ ڪري آرام سان گذارڻ لڳي، ۽ بادشاهيءَ جو ڪاروبار ٺيڪ ٿيو. چندر جي بادشاهي ست سال هلي، ۽ اٺين سال [53] ۾ مري ويو. ]سندس مرڻ کان پوءِ[ ڏاهر، اروڙ جي تخت تي ويٺو، ۽ چندر جو پٽ راڄ برهمڻ آباد ۾ جانشين ٿيو. راڄ جي بادشاهي، هڪ سال کان وڌيڪ نه هلي. کانئس پوءِ ڏهر سينه بن چچ برهمڻ آباد کي قبضي ۾ آندو، ۽ سندس ڀيڻ مايين پڻ ساڻس ٺهراءُ ڪري، سندس بيعت ڪئي. پوءِ ڏهر سينه، اگهم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، ۽ پنج سال اتي رهيو، ۽ چؤطرف پروانا موڪليائين، جنهن تي سڀني فرمانبرداري ڪئي. ]هن کان[ پوءِ ڏهر سينه وڃي ڪجهه وقت راوڙ(1) جي قلعي ۾ رهيو، جنهن جو بنياد چچ رکيو هو ۽ پوري ٿيڻ کان اٰڳ ۾ ئي مري ويو هو. انهيءَ ]قلعي[ جي عمارت پوري ڪري، آسپاس جي واهڻين کي سڏي، ]منجهانئن[ ڏسڻا وائسڻا ماڻهو انهيءَ ]قلعي[ ۾ رهايائين. آباد ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ جو نالو راوڙ رکي،پاڻ برهمڻ آباد جي قلعي ۾ موٽي آيو، ۽ بادشاهي جا ڪم ٺيڪ هلندا رهيا.


]ڏهرسينه جو پنهنجي[ ڀيڻ کي ڀاٽيا جي راءُ جي حواليڪرڻ لاءِ اروڙ موڪلڻ
]ٿوري وقت کان[ پوءِ ڏهرسينه کي خبر پيئي ته سندس ڀيڻ بالغ ٿي آهي، جنهن ڪري کيس ڳڻتيءَ ورتو ته مايين وڏي ٿي آهي. هوڏانهن نجومين سندس ]مايين جي[ ڇٺي ڏسي ٻڌايو ته: سندس ستارو بختاور آهي (1) اڃا انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ هو ته رمل جي راجا سوڀن راءَ ڀاٽيا، جا قاصد ان جي سڱ گهرڻ لاءِ اچي پهتا. ڏهرسينه جيتوڻيڪ وڏو ڀاءُ هو، ]پر تنهن هوندي به[ ڀيڻ جو ڏاجو شاهاڻو تيار ڪري، ست سؤ گهوڙا ۽ پنج سؤ ٺڪر ماڻهو هن سان گڏ موڪلي، ڏاهر ڏانهن لکيائين ته: مايين کي ڀاٽيا جي راجا جي حوالي ڪر، ۽ راءَ سوڀن جو شرط هيءُ آهي ته سندس مهر ۽ ڏاج ۾ هڪ قلعو حوالي ڪيو ويندو، جنهن جو هو مالڪ رهندو [54] .
قاصد اروڙ پهتو، ۽ ]مايين جي حوالي ڪرڻ ۾[ باقي هڪ مهيني جي مدت وڃي رهي ته ]اوچتو[ راجا جي ڪنهن خاص ماڻهوءَ هڪ ڏينهن هندستان جي هڪ حڪيم کان، جنهن کي علم نجوم ۾ ڪامل مهارت هئي. ڪو سوال پڇيو، جنهن متعلق هن جو ڪڍيل جواب پورو نڪتو. اهو ماڻهو راجا ڏاهر وٽ آيو ته راجا کانئس پڇيو: ”ٺڪر اڄ ڪهڙي مهم ۾ مشغول هو، جو دير سان آيو آهي. ڇا اهو ڪم اسان جي خدمت کان به مقدم ٿي ويو؟“ ٺڪر چيو ته: ”راجا سلامت رهي! مون کي هڪ ضروري ڪم پيش آيو هو، جنهن ڪري منهنجي دل پريشان ۽ متفڪرٿي پيئي هئي. برهمڻن مان هڪ نجومي آهي، جو عالم ۽ علم نجوم جو ڄاڻو آهي. حڪمي نتيجو ٻڌائيندو آهي، ۽ سندس دليل تجربي سان ٺهڪي اچن ٿا ]مطلب ته حقيقت[ کولي بيان ڪيائين، ۽ جيئن صحيح هو، تيئن ٻڌايائين. جنهن تي ڏاهر فرمايو ته: ”اسان جي سفر، حضر، بادشاهيءَ جي رونق، ۽ حڪومت جي انتظام متعلق انهيءَ کان وڃي پڇا ڪر.“ هن ماڻهو اٿي عرض ڪيو ته ”راجا سلامت رهي! ڪاميابيءَ جي وقت راجائن کي حڪيمن سان صحبت ڪرڻ، ۽ عالمن، اديبن ۽ برهمڻن سان سنگت رکڻ کان عار نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هو اسان جا امام آهن. سندن خدمت ۾ وڃڻ ۽ سندن تعظيم بجا آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لازمي ڄاڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو رضامندو عزت ۽ مرتبي جو واڌارو ۽ بلندي ۽ حشمت لاءِ دوام آهي. تنهن کان سواءِ فال اها چڱي جيڪا واقعي جو صاحب پاڻ روبرو حاضر ٿي ]معلوم ڪري[، ۽ نجومي جواب ڏين.“

ڏاهر جو ڀيڻ بابت حڪم پڇڻ لاءِ نجومي وٽ وڃڻ
ڏاهر کي هيءَ تقرير پسند آئي. هاٿيءَ تي پالڪيءَ ٻڌڻ جو حڪم ڪيائين، ۽ پاڻ]ان ۾[ ويهي نجوميءَ جي اوطاق تي پهتو. نجوميءَ راجا[55] کي ڏسي، استقبال ڪيو ۽ چيو ته: "راجا سلامت رهي! ڪهڙي ڪم سان اچڻ ٿيو آهي؟ ڏاهر وراڻيو ته: ”اسان جو لشڪر جي مصلحت متعلق سوال آهي، جنهن لاءِ آيا آهيون، پڻ ملڪ جي ڀلائيءَ، بادشاهيءَ جي قاعدي قانون ۽ ٻين سڀني ضروري ڪمن لاءِ حساب ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪمن جا نتيجا اسان تي روشن ٿي سگهن ته نتيجو ڇا ٿيندو؟“ نجوميءَ چيو ته: ”سڀ بختاور ستارا تنهنجي طالع ڏانهن ڏسندڙ آهن، ۽ تربيع (1) خواه مقابلي جي مدنظر ڪوبه نحس ]ستارو[ ناموافق ڪونهي. هيءُ قلعو ۽ بادشاهي گهڻن سالن تائين تو لاءِ مقرر ۽ مضبوط آهي، ۽ جيڪڏهن راجا لاءِ سفر جو اتفاق ٿيندو ته به مبارڪ ۽ بخت وارو ٿيندو، ۽ پنهنجي عزت ۽ بزرگيءَ واري مسند ڏانهن سلامت موٽي ايندو.“ پوءِ چيائين ته: ”اسان جي ڀيڻ مايين جو طالع ڪيئن آهي؟“

نجوميءَ جو ارشاد
نجوميءَ چيو ته: ”حساب جو زائچو ائين ٿو ڏيکاري ته هيءَ اروڙ جي قلعي کان ٻاهر نه ويندي، سندس سڱ اهو راجا گهرندو، جنهن جي هٿ ۽ حڪم هيٺ هندستان جي بادشاهي هوندي، ۽ هيءَ ڇوڪري انهيءَ جي نڪاح ۾ ايندي.“
نجومي جڏهن کيس هيءَ حقيقت کولي ٻڌائي، تڏهن ڏاهر ويچار ۾ پئجي ويو ته اهو ڪيئن ٿيندو. گهر موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي وزير ٻڌيمن کي هيءَ حقيقت کولي ٻڌايائين.

ٻڌيمن وزير جي راجا ڏاهر کي صلاح ڏيڻ
وزير چيو ته: ”بادشاهيءَ جو ڪم نهايت نازڪ آهي، ۽ مختلف ملڪن، حدن، لشڪر ۽ نوڪرن چاڪرن جو شهنشاهه لاءِ پنهنجي ملڪ سان ناتا ٽوڙڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، (مثال) [56] ڇاڪاڻ ته پنج شيون پنهنجي جاءِ ڇڏي سرسبز نه رهنديون آهن: 1. بادشاهيءَ کان بادشاهه، 2. وزارت کان وزير، 3.عمل کان عالم، 4. وار ۽ ڏند، 5. عورت جو اُره] هي شيون[ جڏهن پنهجي جاءِ کان هٽي وينديون ته سهڻيون نه لڳنديون. بادشاهه، بادشاهيءَ خاطر ڀائرن ۽ عزيزن جو ساهه وٺندا آهن، نه ته به ملڪ کان اوس ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن، ۽ پنهنجي مقربن ۽ تعلقدارن جي پڻ ملڪ ۾ ڀائيواري يا مداخلت روا نه رکندا آهن. بادشاهه جڏهن بادشاهي کان گوشو ڪندو ته پوءِ عام ماڻهن جي برابر آهي. ]هاڻي[ جڏهن نجوميءَ اهو حڪم ڪيو آهي، تڏهن ڀيڻ کي نڪاح ۾ آڻي، زال بنائي، پاڻ سان گڏ تخت تي ويهارڻ گهرجي. جيتوڻيڪ سندس صحبت کان پاسو ڪندو رهندين. تاهم] مٿس[ زال جو نالو هوندو ۽ تنهنجي بادشاهي تو وٽ رهندي.“
راجا ڏاهر انهن پنج سؤ ٺڪرن کي گهرايو، جيڪي سندس خاص ماڻهو ۽ معتقد هئا، ۽ چيو ته: ”هر حال ۾ منهنجو ڀروسو ۽ اعتقاد توهان جي سمجهداريءَ ۽ بهادري تي آهي. ]توهان جي[ صلاح ۽ نصيحت ]کان سواءِ[ ڪو چارو نه آهي، ۽ ساري ملڪ ۾ منهنجو فرمان توهان جي ٽيڪ تي جاري آهي. هينئر نجومين هن طرح نتيجو ڪڍيو آهي ته مسمات مايين هن قلعي کان ٻئي پاسي نه ويندي، ۽ سندس مڙس اهو ٿيندو، جنهن جي هٿ ۾ هن بادشاهيءَ جو اڪثر حصو رهندو. مون کان بادشاهي وڃڻ نه گهرجي، انهيءَ لاءِ ويچار ڪرڻ گهرجي. بادشاهيءَ کان تعلق ڇنڻ ڏکي ڳالهه آهي. ٻڌيمن وزير هڪ صلاح رٿي آهي، ]پر [اها وڏي شرم جهڙي، اڻوڻندڙ [57] ۽ برهمڻن جي خاندان لاءِ بدنامي آهي، ۽ هيءَ خراب ڳالهه وقت جي بادشاهن جي ڪن پوندي، ۽ عام ماڻهن جي واتن تي ايندي، تڏهن هو اسان کي پنهنجي نيات مان ڪڍي ڇڏيندا، جنهن ڪري اسان جي طريقي ۾ خلل پيدا ٿيندو.“

ٻڌيمن وزير جو طلسم
ٻڌيمن وزير گهر وڃي، هڪ گهيٽو آڻي، ان جي پشم ۾ واريءَ ۽ آهر ڇٽي مٿانس پاڻي ڇٽڪائڻ شروع ڪيو ۽ اٺ پهر گهر ۾[ رکيائينس، جيستائين ٿلهو ٿيو، پوءِ ٻاهر هڪلي ڇڏيائينس. ننڍا، وڏا، شهري خواه واهڻي، ماڻهن جا انبوهه انهيءَ ڏانهن تعجب سان ڏسڻ لڳا، جيستائين جو هن ڳالهه کي ٽي ڏينهن گذريا. تنهن کان پوءِ اهو گهيٽو سڄي شهر ۾ ڦرندو رهيو، پر ڪنهن به ان ڏانهن نٿي واجهايو، ۽ اها ڳالهه وساري ڇڏيائون. وزير چيو ته: ”اي بادشاهه! جيڪا به چڱي يا بڇڙي ڳالهه ٿيندي آهي ته ٽي ڏينهن ماڻهن جي واتن ۾ رهندي آهي. تنهن کان پوءِ ڪوبه ان جي نيڪيءَ يا بديءَ کي ياد نه ڪندو آهي. تون ڪنهن به صورت ۾ بادشاهيءَ کان تعلق ٽوڙڻ وارو نه آهين، ۽ پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪيو اٿيئي. هيءَ جماعت تنهنجي حڪم کان ٻاهر وڃڻ واري نه آهي، ]تنهنڪري اهو ڪم[ ڪرڻ گهرجي.”پوءِ ڏاهر انهن پنج سؤ ٺڪرن کان رايو پڇيو، جن جي قول تي هميشه اعتماد ڪندو هو، ۽ جن جي بهادري ۽ دٻدٻي تي اعتماد رکندو هو، ۽ هو پڻ سندس حڪم جا منتظر رهندا هئا، ۽ سندس سڀني قولن ۽ فعلن سان متفق هوندا هئا. سڀني اتفاق ڪيو ته راجا جو حڪم اسان جي جان تي جاري آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته بادشاهن جي طراوت بادشاهيءَ سان آهي، جيڪڏهن هيءَ بادشاهي هلي وڃي ته پوءِ ڀاءُ جي هٿ اچي يا ڌاريي جي ]ڪوبه فرق نه آهي[. جڏهن هن ڳالهه تي سڀ متفق ٿيا، تڏهن ويو ۽ وڃي پنهنجي ڀيڻ مٿان چادر وڌائين، ۽ کيس منڊي ۽ ٻيا زيور پهرائي، پنهنجي ترار سندس پاسي ۾ رکيائين.]تنهن کان پوءِ[ ترار سميت ٻاهر نڪتا ۽ هن جي چادر جو پلؤ پنهنجي چادر سان ٻڌي، کيس بادشاهيءَ جي تخت تي [58] پنهنجي پاسي ۾ ڇٽ هيٺان ويهاريائين، ۽ هي ڳالهه عام خاص ماڻهن جي واتن ۾ پئجي مشهور ٿي.

ڏاهر جو ڏهرسينه ڏانهن تعظيم سان خط لکي موڪلڻ
پوءِ ڏاهر پنهنجي ڀاءُ ڏهرسينه ڏانهن تعظيم سان خط موڪليو، جنهن ۾ مايين جي ستاري جو احوال داخل ڪيائين ته: ”نجومين هن طرح نتيجو ڪڍيو ته هيءَ ڇوڪري اروڙ جي راڻي ٿيندي ۽ هن جو مڙس راجا ٿيندو، جنهن جي هٿ هيٺ هيءُ ملڪ ايندو. تنهن ڪري ]سڀنيءَ جي[ صلاح سان بادشاهيءَ خاطر هيءُ عار اختيار ڪيو اٿم، جنهن ڪري معذرت ڪئي وڃي ٿي ته هيءُ مصلحت مجبوريءَ کان، نه خوشيءَ کان منظور ڪئي ويئي آهي، معاف ڪج.“

ڏاهر جو خط ڏهرسينه کي پهچڻ
ڏهر سينه کي جڏهن هيءُ خط پهتو، تڏهن جواب لکيائين ته ”هيءَ ڳالهه بري هئي، ۽ هيءُ ڪم اڻوڻندڙ، لاچار هو يا اختيار، ڪنهن به حالت ۾ تون معذور نه آهين. جيڪڏهن هيءُ ممنوع ۽ اڻوڻندڙ ڪم راجائي لاءِ جائز سمجهيو اٿئي ته جيئن دنيوي بادشاهي تنهنجي قائم رهي ]ته به[ تولاءِ ڪو چارو ڪونه هو. پر جيڪڏهن، شيطاني وسوسن کان هن باب ۾ شروع ٿيو آهين ]ته پوءِ ته[ توکي]هڪدم[ رجوع ڪرڻ، توبهه تائب ۽ پشيمان ٿيڻ گهرجي: ائين نه ٿئي جو اسان جي دين کان نڪري وڃين ۽ اسان کي توسان بيعت ڀڃڻي پوي. ۽ جيڪڏهن هنن نصيحتن سان هن نامعقوليءَ کان باز نه ايندين ته باز پرس جو [59] حقدار ٿيندين، جنهن ڪري توکي تڪليف پهچندي، ۽ توکي تنهنجي اڻوڻندڙن ڪمن جي جيڪا به سزا ملندي سا پاڻ ڏانهن سمجهج.“
جڏهن ڏهرسينه جو خط ڏاهر کي پهتو ته دل ۾ پاڻ پنهنجي ڀاءُ ڏهرسينه وٽ وڃڻ جو خيال ڪري، وزير کان صلاح پڇيائين ته: برهمڻ آباد وڃان پر تنهنجي نظر ۾ چڱو ڪيئن ٿيندو؟

ٻڌيمن وزير جو ڏاهر کي روڪڻ
ٻڌيمن وزير چيو: ”راجا سلامت رهي! هن خيال ڪرڻ ۾ تو وڏي خطا ڪئي آهي، جنهن جي ڪنهن به بهاني سان تلافي نه ٿيندي، ۽ جنهن جي نتيجي کي جنهن به رستي سان روڪبو ته جان جي هلاڪت جو باعث ٿيندو. جيڪڏهن تون ڀاءُ جي روبرو ٿيندين ته پوءِ ساهه کان هٿ ڌوئڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن تون ائين ٿو سمجهين ته تنهنجو ڀاءُ توسان مخالف نه ڪندو، ته هيءُ هڪ وڏو محال ]خيال[پنهنجي دل ۾ آندو اٿيئي، ڇاڪاڻ ته ملڪ، زمين ۽ زال جهڙي ڪم ۾ ڀائيواري ۽ حصيداري نه ٿي سگهندي، بلڪ ]ان ۾[ جان جو خطرو انهيءَ حد تائين آهي، جو پيءُ پٽ لاءِ روادار نه ٿيندو آهي، ۽ نه پٽ پيءُ تي اعتماد ڪندو آهي. ۽ جيڪڏهن]هروڀرو[ هن ڳالهه جو توکي پڪو ارادو آهي ته پوءِ حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ڇڏڻ گهرجي، مون کي ڪنهن به طرح چڱو ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“ ڏاهر چيو ته: ”پوءِ اسان جي ڀلائي ڇا ۾ آهي؟“ چيائين: ”تنهنجي لاءِ چڱي صلاح هيءَ آهي ته ڀاءُ جي لهه وچڙ ۽ گڏ ويهڻ کان پاسو ڪندو رهج، ۽ سندس ملاقات جو اشتياق نه رکج، ۽ قلعي بنديءَ کي لازمي سمجهج، ۽ جيڪي به نجومي ۽ ڀوپا فرمائين انهيءَ تي عمل ڪندو رهج ۽ انهن جي نصيحت جو تابع رهج، نه ته هن بابت ٻيو ڪوبه حيلو ڪارگر نه ٿيندو.“ پوءِ ڏاهر انهيءَ صلاح تي محڪم ٿي بيٺو، [60]۽ قلعي بندي لازمي سمجهي قلعي بنديءَ جي ضروري سامان جهڙوڪ: اناج، گاهه ۽ ڪاٺين جو ويچار ڪرڻ لڳو ۽ ذخيرو ڪري رکيائين. ]تنهن کان سواءِ ٻيو به[ جنگي سامان، هٿيار وغيره مهيا ڪري تيار ۽ منتظر ٿي ويٺو.


________________________________________
(1) فارسي ڇاپي غلطنامه ص290 مطابق صحيح پڙهڻي ”بردست يوراني“ هئڻ گهرجي. ن جي پڙهڻي ”بردست تورائي“ آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان ”بردشت توراني“ به قرين قياس معلوم ٿئي ٿو. (ن- ب)
(2) م: سپسي، ن: سيني، ب س: سمني. ڪ: رسنين.
(3) ن مطابق پڙهڻي ”تبليغ“ آهي. فارسي ڇاپي جي عبارت هن طرح آهي ”وتيغ بسيار فراهم اَورد“.
(4) اصل عبارت: ”ومڪتوبات و مراسلات از ملوڪ هند باز گرفـت“ جنهن جي معنيٰ مقصد جي لحاظ سان ڪئي وئي آهي. لفظي معنيٰ ٿيندي: هندستان جي بادشاهن کان خط پٽ واپس ورتائين“. ممڪن آهي ته ”ڪيل عهدناما واپس ورتائين“؟(ن-ب)
(1) هتان معلوم ٿو ٿئي ته هن چچ کان اڳ ڪو ٻيو چچ به هندستان جو راجا ٿي گذريو آهي، جنهن ڏانهن هت اشارو ڪيو ويو آهي. (مترجم)
(2) هن جو نالو به راسل هو، جيئن ص]52[ مان ظاهر آهي.(مترجم)
(1) اصل فارسي متن ۾: ديودهنوز.(وضاحت لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ]51[
(1) اصل صورتخطي: راؤر.
(1) اصل متن جي عبارت هن طرح آهي: ”و ميلاد اورا منجمان بر طالع سعد نهادند“، جنهن جو ترجمو ٿيندو، ۽ ”نجومين سندس ڇٺي بختاور ستاري تي رکي“، پر جنهن صورت ۾ هيءُ ترجمو پنهنجو مطلب ادا ڪرڻ ۾ واضح نه هو، تنهنڪري ڪتاب ۾ آزاد ترجمو ڪري، مطلب واضح ڪيو ويو آهي.(مترجم)
(1) تربيع علم نجوم جو اصطلاحي لفظ آهي، جنهن جو مطلب هوندو آهي ته: چار ستارا هڪ چوڪنڊي جي صورت ۾ بيٺل هجن ۽ هڪٻئي ڏانهن نهاريندڙ هجن.(مترجم).
ڏاهر جو ڏهرسينہ ڏانهن لکيو موڪلڻ
پوءِ ڏهرسينہ ڏانهن تعظيم ۽ تڪريم سان هڪ خط لکيائين ”جيتوڻيڪ مايين کي اسان جي پيءُ ڏانهن نسبت آهي، پر ]حقيقت ۾[ هوءَ جتن جي ڌيءَ آهي(1)،جيڪي اصل ۾ مخالف ۽ جرائم پيشه آهي: خصوصاً جتن جون زالون. جيڪڏهن حقيقت کان واقف ٿيندين ته هو اعتماد ۽ اعتقاد جا لائق نه آهن، ۽ امانت ۽ پرهيزگاريءَ کان پري آهن. هندي پهاڪو مشهور آهي ته ”جيڪو رڍ جي ٽنگ وٺندو سو ڏهندو، ۽ جيڪو جتڻي زال جي ٻانهن کان وٺندو سو انهيءَ تي چڙهندو.“ جنهن صورت ۾ هن جو مزاج اجنبي آهي، تنهنڪري ان سان نڪاح جائز هو. هيءَ نصيحت ڇڏي ڏي، جيڪڏهن توکي ]اڃا به[ هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ شبهو هجي ته پوءِ مان سخت قسم کڻان ٿو ۽ پڪو انجام ڪيان ٿو ته مان هر حالت ۾ تنهنجو فرمانبردار رهندس، ۽ مان اروڙ جي قلعي ۾ تنهنجي گورنرن مان هڪ گورنر جي طور آهيان، ۽ توسان مخالفت نه ڪندس ۽ نه وري ڪو مقابلو ڪندس، وڌيڪ ادب.“

ڏهرسينه جو ڏاهر کي هٿ ڪرڻ لاءِ اروڙ وڃڻ
جڏهن ڏاهر جو لکيو سندس ڀاءُ ڏهرسينه کي پهتو ۽ سمجهيائين ته ڏاهر پاڻ کي هن ٺڳيءَ سان خوش ڪري اچڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڀاءُ جي نصيحت مٿس اثر ڪونه ڪيو، تڏهن سامان ۽ سواريءَ جي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، [61] ۽ سوڀارو تارو ڏسي جلدي روانا ٿيا. ڪيترا ڏينهن خطرناڪ بيابان جي رستي ۽ نئن ۾ هلندو رهيو، ۽ هرهڪ منزل تي کوهيون کوٽارائي، پنهنجون مشڪون ۽ ٿانءُ پاڻي سان ڀريل رکندو هو، جيئن لشڪر ڍاول رهي ۽ اُڃ نه مري. اهڙيءَ طرح گهڻا ڏينهن رستي ۾ گذاريائون، ۽ ترسندا ۽ نرمي ڪندا رهيا. ]ائين ڪرڻسان هن[ ڏاهر کي ٺڳڻ ٿي چاهيو، ۽ اٽڪل ۽ رٿ سان ڪنهن طرح ڏاهر کي هٿ ڪرڻ ]گهريائين ٿي[. جاسوس موڪليندو، رستن ۽ شڪار گاهن ۾ جاچ ڪرائيندو ٿي رهيو، جيئن هن کان ڀڄي نه وڃي. ]هوڏانهن[ ڏاهر ]جيتوڻيڪظاهر ۾[ سارو ڏينهن عيش ۽ خوشيءَ ۾ رهي، پاڻ کي مشغول رکندو رهيو، ]پراندران ئي اندران[ رستن ۽ شڪارگاهن تي جاسوس موڪلي خبر رکندو ٿي آيو، ۽ اعتماد جوڳن ماڻهن ۽ جنگي جوڌن کي پورن هٿيارن سان چؤطرف مقرر ڪري، قلعي جي چئني دروازن تي ايماندار ۽ قابل اعتماد چوڪيدار ويهاريا هئائين، ته جيئن نهايت ڪوشش سان قلعي جي دروازن جي حفاظت ڪن ۽ هروقت ويٺا رهن. هوڏانهن ڏهرسينه گمان ڪندو رهيو ته شايد ڏاهر پنهنجي ڪئي کان پشيمان ٿيو آهي. آخر جڏهن ٽن ڏينهن جي پنڌ تي پهتو، تڏهن سندس جاسوسن موٽي اچي خبر ڏني ته ڏاهر بن چچ ۽ سندس لشڪر سارو ڏينهن عيش عشرت ۽ راند روند ۾ مشغول آهن، ۽ ڏهرسينه جي طرف جو ڪوبه فڪر ڪونه اٿن.

ڏهرسينه جي ڏاهر کي وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ
]هيءَ خبر ٻڌي،[ ڏهرسينه کي لالـچ ٿي ته جڏهن هو غافل آهي، تڏهن شايد هيءُ قلعو ]آسانيءَ سان[ هٿ چڙهي ويندو. تنهن ڪري ڪوشش ڪري يلغار ڪرڻ شروع ڪيائين، ۽ هڪ ڏينهن رات ۾ ويهه فرلانگ پنڌ ڪري صبح جي وقت[62] اروڙ پهتو. ڏاهر انهيءَ وقت شڪار تي وڃڻ لاءِ تيار هو. گهوڙو سندس اڳيان آندائون ته ايتري ۾ اوچتو هڪ سوار ظاهر ٿيو، جنهن ڪي سوار آسپاس پڻ ويهاريا هئا. سوار جي قلعي جي دروازي تي پهچڻ سان قلعي جا دروازا بند ڪيائون، ۽ ماڻهو هٿيار کڻي ڪـُـنگرن تي چڙهي آيا. هوڏانهن ڏهرسينه ]به[ اچي قلعي جي دروازي تي بيٺو، ۽ دربان کي چيائين: ”دروازو کول ته مان اندر اچان.“ مگر قلعي وارن دروازو نه کوليو، ۽ جنگ لاءِ تيار ٿيا. ڏهرسينه ڏاهر ڏانهن ماڻهو موڪلي، پيغام روانو ڪيو ته: ”مان لڙائي ۽ جهڳڙي لاءِ نه آيو آهيان، ]پر حقيقت هي آهي تهل[ هيءُ قلعو منهنجي پيءُ جو تختگاهه هو، ۽ انهيءَ کان مون کي ]ورثي ۾[ مليو آهي، ۽ توکي منهنجي هٿان. راجائي منهنجي آهي، ۽ تون منهنجي طرفان هن جاءِ جو گورنر آهين. هڪ ملڪ ۾ ٻه ڇٽ نه ٿيندا آهن. ]تنهن ڪري توکي[ هن بادشاهيءَ تان هٿ کڻي، قلعو منهنجن اعتماد جوڳن ماڻهن جي حوالي ڪرڻ گهرجي.“ ڏاهر وراڻيو ته: ”تون ويجهو نه اچ، ۽ وڃي ٻاهر ڪئمپ ڪري، پنهنجا اعتماد جهڙا ماڻهو موڪل ته مون کي ڀروسو ٿئي، ۽ ٻاهر نڪري قلعو تنهنجي حوالي ڪريان.“ ڏهرسينه جڏهن ڏٺو ته هو ]ڏاهر[ مقابلي لاءِ تيار آهي، ۽ هي حيلو ڪارآمد نه ٿيو، سو مهراڻ ٽپي وڃي]ٻئي ڪپ تي[ منزل ڪيائين، ۽ ڏاهر جي پڪڙڻ لاءِ سودا پچائيندو ۽ دل ۾ سٽون سٽيندو رهيو. پهريائين ته هن سان صلح ۽ نرمي اختيار ڪري، برادريءَ ۽ قرابت جي رستي تواضع ڪندو رهيو، ]انهيءَ خيال کان[ ته مون قلعي کان ٻاهر نڪري اچي. ٻئي پاسي اروڙ جي مکيه ۽ وڏن ماڻهن ڏانهن ماڻهو موڪليندو رهيو ته مون]انهن جي ذريعي[ سندس بيعت ڪري، ]پر ڪي به[ حاصل نه ٿيو.

ڏاهر جي وزير سان صلاح ڪرڻ
پوءِ ڏاهر، ٻڌيمن وزير کي گهرائي چيو ته: ”ڏهرسينه خط و ڪتابت ۾ هيڏي[63] نرمي ۽ نوڙت بجا ٿو آڻي، تنهنڪري منهنجو عقل تقاضا ٿو ڪري ته ٻاهر نڪري پنهنجي بزرگ ڀاءُ جو رضامندو حاصل ڪريان، ۽ ڀانيان ٿو ته هو مون سان ٺڳي نه ڪندو.“ ٻڌيمن وزير چيو: ”اي راجا! هن قول تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي، ۽ هن ٺڳيءَ ۽ مڪر تي ٺڳجي، سندس چوڻ قبول نه ڪر. ڇاڪاڻ ته بادشاهن کي گهڻيون ئي رٿون هونديون آهن، ۽ اقرار ۽ قسم ته سندن ٺڳيءَ جا دام آهن. هو صلح ۽ اٽڪل سان دشمن کي دام ۾ ڦاسائيندا آهن، ۽ پنهنجي مطلب برصواب ٿيڻ لاءِ قسمين قسمين تواضع سان سخن چوندا آهن. بادشاهي آداب ۾ ته دشمن کي مڪر ۽ حيلي سان هٿ ڪري سگهجي ٿو، رڳو ]انهيءَ تي[ عمل ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪو مصيبت جي دام ۾ گرفتار ٿيندو ته پوءِ انهيءَ کي ڪوبه حيلو ڪم نه ايندو. ٺڳي ۽ مڪر ته رڳو بادشاهن جي انتقام وٺڻ لاءِ بنايا اٿن. سو مان ڊڄان ٿو ته ]متان[ توکي ڏهرسينه طرفان ڪا تڪليف پهچي، يا ٺڳيءَ جي دام ۾ ڦاسي تڪليف جي پڃري ۾ گرفتار ٿئين، جتان آزاد ٿيڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو ٿي پوي.“ ڏاهر چيو ته: ”جيتوڻيڪ ]هيءُ[ خوف بجا آهي، ۽ بيپرواهه نٿو ٿي سگهجي، تاهم سڳو ڀاءُ آهي، ۽ آءٌ کانئس ڀڄي نٿو سگهان، ۽ جيڪي فرمايو اٿس سو قبول ڪرڻو آهي. ]تنهن ڪري[ مان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندس،]بشرطيڪ[ مون کي اهڙو اعتماد ڏياريو وڃي، جنهن کان منهنجو کٽڪو لهي وڃي.“ جنهن تي راجا ڏهرسينه پڪو انجام ڪري، قسم نامو لکيو ۽ چيو ته: ”مان تنهنجي ڀروسي ڏيارڻ خاطر اڪيلو ايندس ۽ تون لشڪر سميت ٻاهر اچ ته توکي ڏسان.“
انهيءَ انجام تي ٻنهي اتفاق ڪري وقت مقرر ڪيو. ٻئي ڏينهن جيئن آسمان جي سج اڀرندي جي اُفق کان ڪني ڪڍي، ۽ دنيا سـُـرمائي لباس ڪلهي تان لاهي ڇڏيو(1) ته ڏهرسينه هاٿيءَ تي چڙهي اروڙ جي اولاهين دروازي کان آيو. قلعيدار ڏاهر ڏانهن معتبر ماڻهو موڪليو ته: ڏهرسينه قلعي جي دروازي تي آيو آهي، ]تنهن لاءِ[ ڪهڙو حڪم آهي[64] ؟ ڏاهر فرمايو ته: ”دروازو کولي کيس اڪيلو اندر آڻيو.“ ]جنهن تي[ ڏهرسينه کي اندر وٺي آيا. ڏاهر ٻڌيمن وزير کي سڏي چيو ته: ”ڏهرسينه قلعي ۾ آيو آهي، ۽ جيئن ته هو هلي آيو آهي، تنهن ڪري مون کي ضرور انهيءَ وٽ وڃڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن هو ٻاهر اچڻ لاءِ حڪم فرمائيندو ته به سندس حڪم عدولي نه ڪندس. هن بابت تنهنجي راءِ ڪهڙي آهي؟“ وزير چيو ته: ”توکي سندس قول تي اعتماد نه جڳائي، هن جي لشڪر جي واتان جيڪي ٻڌجي ٿو ]تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته[، هو ٺڳيءَ جو ويچار ڪري رهيو آهي. پهريائين ته هن کي قلعي ۾ آڻڻ مصلحت جي خلاف هو، پر جيڪڏهن آيو آهي ته جنهن صورت ۾ اڪيلو آهي ۽ سندس قتل ڪرڻ ۾ مصلحت نٿو سمجهين، ته جيستائين توهان جي وچ ۾ ڪو اعتماد ۽ ڀروسي جوڳو عهدنامو ٿئي تيستائين کيس قيد ڪر، ٻيءَ صورت ۾ هيءَ بادشاهي تنهنجي مراد موجب ]نه[هلندي. منهنجي نصيحت ٻڌ ۽ تنهنجي سمجهه جي تقاضا درست نه آهي.“

ڏهرسينه جو هاٿيءَ تي ويهي اروڙ جي قلعي ۾ اچڻ
نيٺ ڏاهر وزير جي اها صلاح نه ٻڌي، ۽ ڏهرسينه هاٿيءَ تي سوار ٿي، سندس محلات جي دروازي تائين آيو. ڏاهر پيادو سندس استقبال لاءِ ڊوڙيو، ۽ خدمت بجا آڻي چيائين ته: ”محلات ۾ اندر اچ.“ ڏهرسينه وراڻيو ته: ”لهندس ڪين“، ۽ چيائين: ”تون هاٿيءَ تي سوار ٿيءُ ته ٻاهر هلون ۽ گهڙي کن ويهي هڪٻئي سان ڏک ۽ خوشيءَ جا حال اوريون، جيئن عام خاص ماڻهن کي معلوم ٿئي ته اسان جي وچ ۾ ٺهراءُ ٿي ويو، ۽ ]هاڻي[ مخالفت ۽ جهڳڙو ڪونه آهي، ۽ ڪوبه دشمن يا چغل اسانجي وچ ۾ نه اچي سگهي، هيءَ ڳالهه دنيا ۾ چؤطرف پکڙجي وڃي، ۽ اسان جا سڀ دشمن سرنگون ۽ شرمندا ٿين، ۽ دوستن جي خوشي وڌي، مجلس ۽ ورونهن ڪرڻ کانپوءِ صحيح سلامت [65] پنهنجي جاءِ ڏانهن واپس ورج.“ ڏاهر سندس حڪم اکين تي رکي، فرمان بجا آندو. هوڏانهن ٻڌيمن وزير افسوس ڪندو ۽ هن ٺڳيءَ جي نتيجي کان متفڪر ٿيندو رهيو.
ڏهرسينه فيلبان کي حڪم ڪيو ته: هاٿي اڳيان آڻ ته ڏاهر ويهي. ڏاهر هاٿيءَ تي ٻيلهه چڙهي ويٺو. ]فيلبان[ هاٿيءَ کي هڪليو ۽ ٻيئي روانا ٿيا. ٻڌيمن وزير گهوڙي تي چڙهي سندس پاسي سان وڃي رهيو هو، نيٺ وڃي دروازي کي ويجهو ٿيو. ]اتي[ ڏاهر پشيمان ٿيو ۽ ڊنو. ٻڌيمن وزير ڏانهن منهن ڪري چيائين ته:] هاڻي[ اسان لاءِ ڪهڙي صلاح آهي؟ ڇاڪاڻ ته اسان کي ٻاهر وڃڻ چڱو ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟“ وزير ورندي ڏني ته: ”راءَ کي سراءِ ۾ ڇڏيئي(1) يعني، گڏهه قسطنطنيه ۾ وڃايو اٿيئي ۽ ڳولي ڪنوج ۾ رهيو آهين.“ چيائين ته: ”آخر ٻڌاءِ ته]هن وقت[ مون لاءِ ڪهڙو حيلو آهي؟ ڇاڪاڻ ته وڃڻ تي دل باور نٿي ڪري.“چيائين ته: ”هن کان سواءِ ٻي ڪا صلاح ڪانه آهي ته جڏهن دروازي وٽ پهچين ته دروازي جي سـَـردري(2) ۾ چنبڙي، تيستائين هاٿيءَ کان مٿي لڙڪي پئج، جيستائين هاٿي ٻاهر نڪري وڃي. اسين پوءِ دروازو بند ڪري توکي هيٺ لاهينداسين.“ ڏاهر کي هيءَ صلاح پسند آئي. جڏهن دروازي وٽ آيو، ۽ هاٿيءَ جو اڳيون اڌ ٻاهر نڪري ويو، تڏهن ڏاهر دروازي جي سردري ۾ چنبڙي پيو ۽ پاڻ کي هاٿيءَ کان ڌار ڪيائين. هاٿيءَ جي ٻاهر نڪري وڃڻ کان پوءِ ٻڌيمن ڪوٽ جو دروازو بند ڪري، ڏاهر کي آهستي آهستي هيٺ لاٿو. ]ٻاهر نڪري[ ڏهرسينه جڏهن پٺـتي نهاريو ۽ ڏاهر کي نه ڏٺائين، بلڪ قلعي جو دروازو پڻ بند ڏٺائين، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس، ۽ بيمار ٿي موٽي اچي ڪئمپ ۾ پهتو. هڪدم هاٿيءَ تان لهڻ سان ] [66]مٿس[ گرميءَ اثر ڪيو، ۽ ٻئي ڏينهن سندن بدن تي ڦوڪڻا ٿي پيا. آخر چوٿين ڏينهن مري ويو، ۽ پنهنجو پيارو ساهه برباد ڪري، ملڪ الموت جي حوالي ڪيائين، ۽ لشڪر ڳڻتيون کائڻ لڳو.

ڏاهر کي ڏهرسينه جي موت جي خبر پوڻ
ڏاهر کي هن واقعي جي خبر پهتي. تڏهن پنهنجي ڀاءُ جي ساڙڻ ۽ دفن ڪرڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ چاهيائين، ]جنهن تي[ ٻڌيمن وزير چيو ته: ”راجا سلامت رهي شال! تڪڙ ڪرڻ نه گهرجي. راجا هن قسم جا مڪر ڪندا آهن، پاڻ کي مرده بنائيندا آهن. تون جڏهن سندس دفن ڪرڻ لاءِ ويندين، تڏهن ٺڳي ڪندو، ۽ تون مصيبت ۾ گرفتار ٿيندين. ]تنهن ڪري[ ويچار ڪرڻ گهرجي، ]ڇاڪاڻ[ ته پوءِ افسوس ۽ ارمان فائدو نه ڏيندو. مثال ڏيندا آهن ته جڏهن لومڙ ڊوڙڻ کان ٿڪجي پوندو آهي، تڏهن پاڻ کي مئل ظاهر ڪندو آهي، جنهن ڪري ڍونڍ کائيندڙ ]پکي[ سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيندا آهن، اتي اوچتو ٽپ ڏيئي، انهن کي جهلي کائيندو آهي. بادشاهه کي دشمن کان بيپرواهه نه ٿيڻ گهرجي. ڪنهن اعتماد جوڳي ماڻهوءَ کي سندس پڇا ۽ جاچ لاءِ موڪليو ته اهو راز کلي پوي.“ انهيءَ جاسوس هن جي مکيه ۽ وڏن ماڻهن کي غمگين، ۽ عزاداريءَ جي رسمن ۾ رڌل ڏٺو ]سو[ اڳتي وڌي چيائين: ”مون کي راجا ڏاهر ڏهرسينه جي پڇڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ توهان کي غمگين ڏسان ٿو: ]ٻڌايو[ ڇا خبر آهي؟“ انهن عزت وارن مان ٻه ماڻهو اٿيا، ۽ ڏسڻ لاءِ کيس ڏهرسينه جي مٿان وٺي ويا. ]هن پڪ ڪري[ تعزيت بجا آندي.]پوءِ[ هن خبر جي تصديق لاءِ ڏهرسينه جي منڊي انهيءَ قاصد کي ڏيئي، هڪدم واپس ڪيائون. [67]
قاصد جڏهن اها خبر ڏاهر کي پهچائي، ۽ منڊي سندس حوالي ڪئي، تڏهن ڪنهن به سوچ ۽ دير کان سواءِ پنهنجن سڀني معتبرن ۽ وڏن ماڻهن سميت هڪدم ٻاهر نڪتو، ۽ مهراڻ ندي ٽپي، ڪئمپ ۾ وڃي، ڀاءُ جي تنبوءَ ۾ داخل ٿيو. کيس ڏسڻ شرط ڪپڙا ڦاڙي، پڳڙي مٿي تان لاهي، روئڻ پٽڻ ۽ روڄ راڙو شروع ڪيائين.

ڏهرسينه کي ساڙڻ
پوءِ صندل جي ڪاٺين گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ ڏهرسينه کي ساڙي، تعزيت جون رسمون بجا آندائين. ٻئي ڏينهن ڀاءُ جو خزانو کڻي، سندس لشڪر ۽ نوڪرن کي پنهنجي بيعت ۽ حڪم هيٺ آندائين، ۽ هڪ مهيني تائين اروڙ ۾ ترسي سندس زال، جا لوهاڻي جي ]حاڪم[ اگهم(1) جي ڌيءَ هئي، تنهن کي پنهنجي نڪاح ۾ آندائين. ]پوءِ[ برهمڻ آباد جي قلعي ۾ ويو ۽ وڃي اتي رهيو. راجا ڏهرسينه جي عمر ٽيهه سال هئي(1) .

ڏاهر جو برهمڻ آباد جي قلعي ڏانهن وڃڻ
ڏاهر برهمناباد جي قلعي ۾ هڪ سال رهيو، جيستائين ملڪ جي اوسي پاسي جي سڀني ماڻهن سندس فرمانبرداري قبول ڪئي. ڏاهر، ڏهرسينـہ جي پٽ چچ کي گهرائي کانئس بيعت وٺي، پاڻ سيوستان جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو، ۽ اتان وري راوڙ جي قلعي ۾ آيو. انهيءَ قلعي جو بنياد سندس پيءُ چچ رکيو هو، ۽ ان جي پوري ٿيڻ کان اڳ مري ويو هو. ڏاهر اتي ترسي ان کي اڏائي پورو ڪيو(2) . هو گرميءَ جا چار مهينا [68] راوڙ ۾ ترسندو هو، ڇاڪاڻ ته اها وڻندڙ جڳهه هئي، ۽ سندس هوا موافق ۽ پاڻي خوشگوار هو. سياري جا چار مهينا برهمڻ آباد ۾ گذاريندو هو، ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو. اهڙيءَ طرح اٺ سال گذاريائين ۽ سندس بادشاهيءَ ]جي هاڪ ۽ ڌاڪ[ انهيءَ حد کي پهتي، جو سندس شهنشاهيءَ جي تعريف دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي، ۽ سندس حڪومت جي تنبوءَ جون طنابون سنڌ ۽ هندستان جي ملڪن ۾ مضبوط ٿيون، ۽ چئني طرفن جي بادشاهن ]کي عموماً[ ۽ رمل جي راجا کي ]خصوصاً[ سندس مال ۽ هاٿين جي ]حقيقت[ معلوم ٿي.

رمل جي بادشاهه جو راجا ڏاهر جي جنگ تي اچڻ
پوءِ رمل جو بادشاهه وڏو ڪٽڪ، مست هاٿي ۽ سوار خواه پيادا ۽ دلير بهادر وٺي لڙائي واسطي روانو ٿيو، ۽ ٻـُـڌيه جي طرف کان اروڙ(1) جي پسگردائيءَ ۾ پهتو، ۽ سندس ڪيترا علائقا قبضي ۾ آڻي، اتان درياءُ ٽپي اروڙ تي ڪاهيائين. جڏهن رمل جي بادشاهه جي خبر ڏاهر کي پهتي، تڏهن ٻڌيمن وزير کي سڏي چيائين ته: ”زبردست دشمن اسان جي ملڪ جي حدن ۾ آيو آهي، اسان کي ٻڌاءِ]ته ڇا ڪريون؟[“ ٻڌيمن وزير چيو: ”راجا سلامت رهي! جيڪڏهن لڙائي ۽ جنگ ۾ سندس مقابلو قوت ۽ دٻدٻي سان ڪري سگهين ٿو ته لڙائيءَ جي تياري ڪري، سندس سامهون ٿيءُ ۽ پنهنجي عزت ۽ ننگ خاطر ترار هڻي، دشمن کي دفع ڪر، ]ته تنهنجو[ ملڪ تو وٽ سلامت رهندو، نه ته صلح ۽ موافقت سان سندس بيعت ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن مال ڏيڻو پوي ته راجا خزانا ۽ دفينا هن وقت [69] لاءِ گڏ ڪري دفن ڪندا آهن، انهي لاءِ ]ته غنيم جي چڙهي اچڻوقت[ مال جي مدد سان لشڪر قائم ڪري، لشڪر جي ذريعي دشمن سان سامهون ٿي، ملڪ خاطر، نانءُ نيڪي سان جان قربان ڪن، ٻيءَ صورت ۾ مال خرچ ڪري، دشمن کي دفع ڪن. ڇاڪاڻ ته مال جي ڪري مرد جو هرڪو دنيوي ڪاروبار سرسبز رهي ٿو، ۽ هر دشمن کي ان جي ذريعي دفع ڪري سگهجي ٿو، آخرت جو سامان پڻ انهيءَ جي مدد سان ٺاهي سگهجي ٿو.“ ڏاهر چيو ته: ”منهنجي نزديڪ ٻئي جي خدمت ۾ ذلت جي نموني سرجهڪائڻ کان موت پيارو آهي، ۽ هيءَ ذلت آءٌ ڪيئن کڻي سگهندس؟“


________________________________________
(1) هيءُ به هڪ عجيب تضاد آهي، خود مصنف، ڪتاب جي شروع ۾ صفحه 72 تي چئي آيو آهي ته چچ کي راڻي سونهن ديوي مان ٻه پٽ، ڏاهر ۽ ڏهرسينه، ۽ هڪ ڌيءَ مايين نالي ڄائي. (مترجم)
(1) يعني رات گذري ڏينهن ٿيو. (مترجم)
(1) يعني صلاح کي گهر کان نڪرڻ وقت ڇڏي ڏنئي. (مترجم)
(2) اصل متن ۾ آهي ”دست در پيشاني درزن“ اسان جي خيال ۾ پيشانيءَ مان مراد دروازي جي مٿين چانئٺ يا سـَـردرو آهي. (مترجم)
(1) اصل عبارت ”دختر اگهم لوهانه“ آهي. ”اگهم لوهانه“ ۾ ترڪيب سمايل آهي يعني ”لوهاڻي جو اگهم“ جنهن جون ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون: لوهاڻي جو پٽ اگهم يا لوهاڻي جو حاڪم اگهم. هن کان اڳ ]متن صفحه 40-41[ جي تاريخي تسلسل جي لحاظ سان پوئين معنيٰ کي ترجيح ڏني وئي آهي. (ن- ب)
(1) فارسي ڇاپي ۾ اختيار ڪيل پڙهڻي ”ملک دهرسينه سي سال بود“ آهي جنهن جو ترجمو ٿيندو ڏهرسينه جي بادشاهي ٽيهه سال هئي“ اهو صحيح نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هي واقعو چندر جي مرڻ کان يڪدم پوءِ جو آهي، ترجمي جو مدار نسخي پ جي پڙهڻي (ملک دهرسينه سي ساله بود) تي آهي، جا وڌيڪ قياس ويجهو آهي. (ن- ب)
(2) مصنف مٿي صفحه ]54[ ۾ چئي آيو آهي ته راوڙ جي قلعي کي ڏهرسينه پورو ڪرايو. وري هتي چوي ٿو ته ڏهرسينه جي مرڻ کان پوءِ انهيءَ ساڳئي قلعي کي ڏاهر پورو ڪرايو. شايد ائين هجي ته ڏاهر انهيءَ ساڳئي قلعي ۾ ڦيرڦار ڪرائي هجي يا ڪا اهڙي تڪميل ڪرائي هجي، جنهن کي ڏهرسينه غيرضروري سمجهي ڇڏي ڏنو هجي. (مترجم)
(1) فارسي ڇاپي ۾هن جاءِ تي “راؤر” يعني راؤڙ آهي. جو هيٺ ايندڙ تسلسل جي لحاظ کان صحيح نه آهي. (ن- ب)
محمد علافي عرب جو رمل جي بادشاهه جي جنگ تي وڃڻ
بـَـني سامه مان هڪ علافي عرب مرد ]سنڌ ۾ رهندو هو[ جنهن عبدالرحمان بن اَشعـَـث کي جنگ مان ڀڄي وڃڻ سبب قتل ڪيو هو، ۽ ڊڄي اچي ڏاهر سان مليو هو ۽ پنج سؤ عربن سان سندس بيعت ڪئي هئائين. ٻڌيمن وزير چيو ته: ”جنگ جو طريقو جهڙو عرب ڄاڻن ٿا، اهڙو ڪو ڪونه ڄاڻي. تنهنڪري علافي کي گهرايو ۽ صلاح طور کانئس پڇا ڪريو ته ]هن معاملي ۾[ هو رهبري ڪري.“ڏاهر هاٿيءَ تي چڙهي هن وٽ ويو ۽ وڃي چـيائينس: ”اي عرب جا سردار! توسان رعايتون ٿو ڪريان ۽ توکي پيارو ٿو ڀانئيان، انهيءَ لاءِ ته ههڙي وقت ۾ تون اسان جي مدد ڪرين. هن وقت هڪ زبردست دشمن ظاهر ٿيو آهي. تنهنجو صحيح عقل ڪهڙي تقاضا ٿو ڪري؟ اسان کي ٻڌاءِ، ۽ تون جيڪي ڄاڻين ٿو يا ڪري سگهين ٿو سو چئو.“ علافيءَ چيو: ”راجا کي هن ڳالهه بابت تسلي ڪرڻ گهرجي، ۽ ڪوبه فڪر [70] پنهنجي دل ۾ نه آڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته منهنجي موزون تدبير انهن لاءِ ڪافي آهي. پنهنجي لشڪر جي ”قلب“ جا خاص چونڊيل سوار منهنجي حوالي ڪر. ]پهريائين[ ته مان هڪ دفعي سندن چوڌاري چڪر لڳائي، سندن دورانديشيءَ ۽ همت جو طريقو معلوم ڪري ٿو وٺان، ]هوڏانهن[تون ٽن ميلن پنڌ تي کاهي هڻي تيار ٿي بيهه.“ ڏاهر کي اها مصلحت پسند آئي، ۽ پاڻ اتي ترسي پيو. علافي جاسوسيءَ طور سندن چوڌاري چڪر لڳائي، معلوم ڪيو ته رات جي وقت بالڪل بيپرواهه رهن ٿا، ڪنهن به قسم جو ڊپ ڪونه اٿن، ۽ نه وري ڪو چوڪي ۽ پهري جو انتظام اٿن. علافي پنج سؤ عرب ۽ هندستاني بهادر ساڻ وٺي، مٿن شبخون (راتاهو) هنيو ۽ چئني طرفن کان نعرا هڻي، رمل جي راڻي جي لشڪر ۾ ڪاهي پيا، جنهن ڪري انهن ۾ گوڙ ۽ پريشاني اچي پيئي ۽ هو هڪٻئي کي ڪهڻ لڳا. انهن مان ڪسي ويلن کان سواءِ به اسي هزار جنگي جوان ۽ پنجاهه هاٿي پڪڙيا ويا. ]تنهن کانسواءِ ايترا ته[ بي انداز هٿيار ۽ گهوڙا هٿ آيا، جي ڳاڻاٽي کان ٻاهر هئا. ڏينهن ٿيو ته ]ڏاهر[ قيدين کي گهرائي، کين ڪهڻ جو ارادو ڪيو، ]پر[ وزير چيو ته ”الله تعاليٰ توکي فتح عطا ڪئي آهي، تنهن جو احسان مڃ ۽ شڪر بجا آڻ. ]هيءُ[ پڻ لازم آهي ته جڏهن بادشاهن ۽ بزرگن کي فتح حاصل ٿئي، ۽ دشمن جي طرف جا مکيه ماڻهو ۽ اڳواڻ سندن هٿان گرفتار ٿين، تڏهن کين معافي ڏين، سو تنهنجي لاءِ به چڱي صلاح اها آهي ته قيدين جي جان بخشي فرمائي، کين آزاد ڪر.“ انهيءَ صلاح تي لڳي راجا ڏاهر قيدين کي آزاد ڪيو، ۽ سندس صلاح مبارڪ سمجهي فرمايائين: ”اي سهڻي صلاح ڏيندڙ وزير ۽ مبارڪ مـُـشير! جيڪي گهرڻو هجيئي سو مون کان گهر.“ وزير عرض ڪيو: ”مون کي اولاد [71] ڪونه آهي، جنهن کان منهنجو نالو دنيا ۾ زنده رهي. تون حڪم ڪر ته تنهنجي شاهي ضربخاني ۾ جيڪي چانديءَ جا سـِـڪا تيار ٿين ٿا، ۽ شاهه جي نالي جو شرف حاصل ڪن ٿا، انهن جي ٻئي طرف تي بندي جو نالو اُڪيريو وڃي، جيئن راجا جي چانديءَ جي سڪن جي طفيل بندي جو نالو باقي رهي، ۽ هند سنڌ جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين قائم هجي، ۽ ان جي ياد نه ميٽجي.“ راجا ڏاهر جي حڪم سان ]سـِـڪو،[ جيئن وزير عرض ڪيو هو تيئن، تيار ڪيائون.
اهڙيءَ طرح راجا ڏاهر جا پير کپي ويا، ۽ ]ايڏي ته[ وڏي طاقت ۽ شان شوڪت حاصل ڪيائين، جو خلافت جي تختگاهه جو مال ڦـُـري سرڪشي ۽ بيپرواهي ڏيکاريائين.

خلفاء ِّ راشدين کان وليد تائين تاريخ
هنن خبرن جي راوين ۽ هنن روايتن جي ڄاڻن، هن طرح بيان ڪيو آهي ته هند ۽ سنڌ جي شهرن تي اسلام جي لشڪر جي پهرين لڙائي رسول الله صلي الله عليه وسلم جي هجرت کان پندرهن ورهيه پوءِ اميرالمؤمنين حضرت عمر رضي الله عنه جي خلافت ۾ واقع ٿي. ]حضرت عمر[ پهريائين عثمان بن اَبـِـي العاص ثـَـقـَـفي کي بحرين موڪليو. هو لشڪر وٺي عمان روانو ٿيو، ۽ جنگي ٻيڙا درياءُ جي رستي مقرر فرمائي، مـُـغـِـيرهَ بن ابي العاص جي سرداريءَ هيٺ بحرين موڪليائين، انهيءَ لاءِ ته هو انهيءَ رستي کان ديبل روانا ٿين. انهيءَ وقت سنڌ جو راجا چچ بن سيلائج هو، ۽ سندس حڪومت کي 35 سال گذري چڪا هئا. ديبل جا رهاڪو واپاري ماڻهو هئا. [72]راجا چچ جي طرفان سامه بن ديوائج نالي ]اتي[ حاڪم هو. لشڪر جڏهن ديبل پهتو ته هن قلعي کان ٻاهر نڪري، لڙائي شروع ڪئي. ثـَـقفـِـين مان هڪ ماڻهوءَ ڳالهه ٿي ڪئي ته جڏهن ٻيئي لشڪر هڪٻئي جي سامهون ٿيا، تڏهن مغيره بن ابي العاص ترار ڪڍي ۽ بـِـسـِـم اللهِ وفـِـي سـَـبيـِـل الله (الله جي نالي سان ۽ الله جي واٽ ۾) چوندو شهيد ٿيو. کانئس پڇيو ويو ته تو جنگ ٿي ڪئي، توکي اها خبر ڪيئن پئي؟ وراڻيائين ته هٿن سان جنگ ٿي ڪيم ۽ دل ۽ ڪنن سان هيءُ احوال ٿي ٻڌم.
(۽ پڻ) حضرت عمر بن الخطاب رضي الله تعاليٰ عنه جي خلافت ۾ حضرت ابو موسيٰ اَشعرَي رضي الله عنه عراق تي عامل مقرر ٿيو هو، جنهن ربيع بن زيـِـاَد حارثـِـي کي پنهنجن ماڻهن سان مڪران ۽ ڪرمان تي مقرر ڪيو. ايتري ۾ دارالخلافہ مان ابو موسيٰ اشعري ڏانهن لکيائون ته هند، ڪرمان ۽ عراق جي خبر ڏي. جڏهن ابوالعاص جي پٽ جو حال معلوم ٿيو، ۽ ]اهو به معلوم ٿيو[ ته هند ۽ سنڌ ۾ هڪ اهڙو راجا پيدا ٿيو آهي، جو سرڪشي ۽ بيپرواهي ڪري ٿو، ۽ دل ۾ بيفرمانيءَ جو ٻج پوکيو اٿس، ته ابو موسيٰ اشعري اهو احوال اميرالمؤمنين عمر رضي الله عنه ڏانهن لکي ]کيس[ واقف ڪيو. ]پاڻ[ کيس هند جي لڙائيءَ کان سخت منع ڪيائون.
(۽ پڻ) انهيءَ وقت ]حضرت[ عمر بن الخطاب رضي الله عنه جي شهادت جو واقعو ٿي پيو، ۽ خلافت اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه کي ملي، جنهن هند ۽ سنڌ جي لڙائيءَ تي لشڪر موڪلڻ گهريو. ]انهيءَ وقت[ لشڪر قـَـندابـِـيل ۽ مڪران ۾ هو، [73] ۽ لشڪر جو سردار عبدالله بن عامر ]بنڪرَيز[ بن رَبيعه مقرر ٿيل هو. ]آخر حضرت عثمان پهريائين[ سنڌ جي شهرن جو ]ڪجهه[ احوال معلوم ڪرڻ گهريو، تنهنڪري ]حڪم ڪيائين[ ته: ڪو صالح، پاڪدامن ۽ عقلمند ماڻهو مقرر ڪر، ته هو سنڌ ۽ هند جو پورو احوال سچو ۽ تجربي هيٺ آيل معلوم ڪري، کولي کولي اچي ٻڌائي. انهيءَ تي عبدالله بن عامر، حـُـڪـَـيم بن جـَـبـَـلـَـه عـَـبدِيءَ کي موڪليو. (روايت)...... عبدالله بن عمر بن عبدالقيس کان روايت ڪن ٿا ته حـُـڪـَـيم ڳالهائيندڙ ماڻهو هو، ۽ نظم ۽ شعر جي فن ۾ ڪامل هو، جيئن ته هڪ جاهل ماڻهو عـَـلـِـي بن طـُـفـَـيل غـَـنـَـويِ جي مدح ۾ چيو اٿس:
شعر
وَ اَهلـَـڪـَـنـِـي لـَـڪـُـــــــم فـِـي ڪـُـل يـَـومِ
تـَـعـَـوجـُـڪـُـم عـَـــــلـَــــــــــــــي وَ اَستـَـقـِـيم
رِقـَــــــــاب ڪالمـَـوا جـِــــــــــن خـَـاظـِـيـَـات
وَ اَستـَـاه عـَـلـَـي الاَ ڪــــــــوَارِ ڪـُـــــــــومُ
]ڪيو برباد مون کـــــــــي سڀــــڪـــــــنهين ڏينهن،
توهان جي ڏنــــــگ جــــڏ آهيان ســــــــڌو مـــــــان.
توهان جا ڪنڌ ٿلها هــــــــن (آهن) مطرقن جئن،
۽ پولهيون پاکـــــــــڙن تــــــي ڍيــــر وانـــــــــــگيان. [
(۽) ]حضرت[ علي بن ابي طالب رضي الله عنه جي بصره ۾ اچڻ وقت سندس تعريف ۾ چيائين:
شعر
لـَـيـــــــــس الرزِيةَ بـِـالـِـدينــــــاَرِ نـَـفـــــــفـِـدُه
اِن الرزِيـَـةَ فـَـقدُ العـِـلمِ وَالحـِـڪـَـــم[74]
وَ اِن اَشـــــــــــــرَفَ مـَـــــــــن اَودَي الزَمـَـان بـِہ
اَهلُ الـَـعـَـفـَـافِ وَاَهـــــــل الجـُـــــــودِ وَالکـَـرَمِ
]مصيبت نــــاهه وڃــــــــــائـــــڻ ڏوڪــــــڙن جو،
مصيبت ٿي، ويــــــــو جــــــــي علم و حڪمت،
مــــــــرڻ وارن سڀني ۾ ســــــــوئـــــــي افــــــضل،
هجي جو صاحبِ احـــــــــســـــان و عــــــفـــــت.[
(۽) هن روايت جي ڪن راوين ۽ هن داستان جي ڪن لکندڙن بيان ڪيو آهي ته اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه، عبدالله بن عامر کي لکيو آهي ته حـُـڪـَـيم بن جـَـبـَـله کي سنڌ ۽ هند ڏانهن موڪلي، ملڪ جون حالتون معلوم ڪري. تنهن ڪري عبدالله کيس مقرر ڪيو. جڏهن حالتون سمجهڻ کان پوءِ عبدالله بن عامر وٽ واپس آيو، ۽ اچي انهيءَ ملڪ جي رهاڪن جي حملي، لڙائي ۽ سزائن جون حالتون کيس تفصيل سان ٻڌايائين ته عبدالله هن کي اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه ڏانهن موڪليو، ۽ جڏهن هو خدمت ۾ حاضر ٿيو ته امير کانئس پڇيو ته: اي حڪيم! هندستان ڏسي آئين؟ حالتون معلوم ڪري آئين؟ جواب ڏنائين: نـَـعـَـم يـَـا اَمـِـير المـُـؤمـِـنـِـينَ (هائو اي اميرالمؤمنين). چيائين: بيان ڪر. چيائين: مـَـاءُ هـَـاوَ شـَـل وَنـَـمـَـرُ هـَـادَقـَـل وَ اَرضـُـهـَـاجـَـبـَـل وَ اَهلـُـهـَـابـَـطـَـل اِن قـَـل الجـَـيشُ بـِـهـَـاضـَـاعـُـوا وَ اِن ڪـَـثـُـرُ واجـَـاعـُـوا، يعني”اُتي جو پاڻي ميرو آهي، ميوو نـِـڙِ گهٽ وٺندڙ ۽ کـَـٽو آهي، زمين پٿريلي آهي، ۽[75] ٽي ڪلراٺي آهي، ۽ رهاڪو بهادر آهن، جيڪڏهن ٿورو لشڪر ويندو ته جلدي تباهه ٿيندو، ۽ جيڪڏهن گهڻو ويندو ته بک مري پاهه ٿيندو.“ پوءِ اميرالمؤمنين عثمان بن عفان رضي الله عنه پڇيو ته: ”انجام ۽ اقرار ۾ ڪيئن آهن؟ وفادار آهن يا بيوفا؟“ حڪيم چيو ته: ”خيانت ڪندڙ ۽ غدار آهن.“ انهيءَ تي عبدالله کي سنڌ ڏانهن لشڪر موڪلڻ کان منع ڪري، ڪوبه ماڻهو نه موڪليائون.