قـَـباجـَـَتُ السلاطـِـين خـَـلدَ الله مـُـلڪـَـہُ جي تعريف
شعر
خسروا ملک بر تو خرم باد
نخل گيتي ترا مسلم باد
از توآباد ظلم ويران شد
بـہ تو بنياد عدل محکم باد
خطبه تعظيم يافت از نامت
همچنين سال و مـہ معظم باد
و آنچه در ملک جم نبود ترا
همه زير نگين مختم باد
چتر ميمون همت عاليت
سايه دار سپهر اعظم باد
هر دلــ کر تو حال عصيان است
هم کارش چو زلف درهم باد
تاکم و بيش در شمار آيد
دولتت بيش دشمنت کم باد
به يمينت چو ملک داد يسار
در يسار تو خاتم - جم باد
]بادشاها! تون ملڪ ماڻ ڀلي
ساري دنيا هٿ ۾ آڻ ڀلي
توڪيو ظلم جو بنياد ختم
عدل جي پاڙ تو ڪئي محڪم
خطبه کي نان ِّ تنهنجي کان عزت
تو ڏني سال و ماه کي عظمت
نه ملڻ جنهن جي کان هو جم غمگين
سو سڀيئي هجئي زير نگين
تنهنجي همت جي ڇٽ سندو سايو
شل ڪري آسمان تي پايو
جا به دل توکان ٿي رهي برهم
شل نه ٿئي بر صواب تنهن جو ڪم
گهٽ ۽ وڌ جو شمار ٿئي جيسين
هجي دشمن کان دوست وڌ تيسين
کاٻي جڏهن ملڪ ڪيو سڄي جي وس
زيب کاٻي جو جم جي خاتم بس[
شال الله تعاليٰ هن ملڪ ۽ هن بادشاهيءَ جي رونق کي مضبوط بنيادن تي [7] دائم ۽ قائم ۽ هن بادشاهيءَ جي مضبوط محل ۽ هن نعمت، شال سندس طرف سدائين آباد رهن، جي محڪم قلعي کي بد انتظاميءَ جي حادثن جي آسيب کان محفوظ رکي، ۽ سندس خطبو ۽ سـِـڪو، سندس لقبن ۽ اعليٰ درجي جي خطابن سميت دنيا جي ختم ٿيڻ تائين شال منبرن ۽ درهمن کي سينگاريندڙ هجي، ۽ جيسين جهان قائم آهي ۽ جيسين آسمان جي گردش برقرار آهي، تيسين شال سندس بادشاهيءَ جي شان و شوڪت جو سج ۽ حڪومت جي اقبال جو چنڊ بزرگيءَ جي ڪناري ۽ ڪمال جي آسمان مان حضرت محمد ۽ سندس سموري آل جي محابي چمڪندو ۽ اڀرندو رهي.
علي ڪوفي هن ڪتاب جوڙڻ جو سبب ٻڌائي ٿو:
هن ڪتاب ”تاريخ هند“ جو لکندڙ ۽ ”سنڌ جي فتح“ جي تقرير ڪندڙ ، محمدي شهنشاهت جو بندو علي بن حامد بن ابي بڪر ڪوفي جڏهن پنهنجي عمر جو هڪ عرصو آرام ۽ نعمت ۾ گذاري چڪو ۽ ڪميني دنيا مان وڏو نصيب ۽ مڪمل حصوکڻي چڪو، تڏهن حادثن جي مصيبتن ۽ زماني جي اوچين آفتن کان]مجبور ٿي[ پنهنجي اصلوڪي وطن ۽ پيدائش جي جڳهه کان جدا ٿي، ڪي ڏينهن اچي اُچ مبارڪ ۾ سڪونت ڪري آرام ورتائين. وري ”تـِـلڪَ الاَ يامُ نـُـدَ اوَ لـُـهاَ بـَـينَ الناس“( انهن ڏينهن کي ماڻهن ۾ ڦيرايون ٿا) جو حڪم پهتو، ۽ تقدير جي آبدار خوشيءَ جي پيالي کي ايذا ِّ جي ]ڪڙي[ ٽوهه سان بدلايو ۽ خوشيءَ کان محرومي جاري رهي (1).“ غدار ڦرندڙ آسمان جي سختين سببان زهر جا ڍڪ ڀريندو ۽ قهر جا ڌڪ جهليندو آيو. اٺونجاهه سالن جي عمر ۾ سنه 613 (ڇهه سو تيرهن) ۾، سڀني ڪمن مان هٿ ڪڍي ، قيمتي ڪتابن کي پنهنجو وندرائيندڙ ۽ همنشين بنايائين: ۽ پنهنجي دل ۾ خيال ڪندو رهيو ته جنهن صورت ۾ لکندڙ جي دل تي [8]سڀ ڪنهن علم مان ڪجهه اشارو نقش ٿيل آهي، ۽ هر هڪ وقت جي عالم ۽ يگاني حڪيم پنهنجي زماني ۾ پنهنجن مخدومن ۽ مـُـربـِـيـَـنِ جي مدد سان ڪانه ڪا تاريخ يا تصنيف زماني ۾ يادگارڇڏي آهي، جيئن ته اڳيان مصنف خراسان، عراق، ايران، روم ۽ شام جي فتحن مان هرهڪ جو بيان تفصيل سان نظم خواه نثر ۾ لکي ويا آهن. هندوستان جي فتح، جنهن ۾ محمد بن قاسم ، ۽ شام ۽ عرب جي اميرن جي هٿان هن ملڪ ۾ اسلام ظاهر ٿيو ۽ سمنڊ کان وٺي ڪشمير ۽ قنوج تائين مسجدون ۽ منبر ٺهيا، ۽ اروڙ جي تختگاهه ۾ رهندڙ راجا ڏاهر بن چچ بن سيلائج، جنهن کي شاندار امير عمادُ الدَولة والـَـديـِـن (دين ۽ حڪومت جي ٿنڀ) محمد بن قاسم بن ]محمد بدابي[عقيل الثقفـِـي رحمة الله قتل ڪيو. ]جنهن ڪري[ هيءُ سارو ملڪ پسگرداين سميت سندس حوالي ٿيو. سو مون چاهيو ته هن ملڪ جو بيان، خلق جي ڪيفيت ۽ انداز ۾ هن ]ڏاهر[ جو ڪسڻ معلوم ٿئي ۽ ]اهڙي هڪ [ تاريخ تيار ڪئي وڃي. جڏهن انهيءَ جي ڳولا لاءِ نفس اماري کي تڪليف ڏنم ۽ اُچ مبارڪ کان اروڙ (1) ۽ بکر جي شهرن ڏانهن رخ رکيم، ڇاڪاڻ ته اتان جا امام عربن جي خاندان ۽ بنياد مان هئا، ۽ جڏهن انهيءَ شهر ۾ پهتس ته وڏي امام، زبردست عالم، دين ۽ مذهب جي ڪمال ۽ حاڪمن جي سردار مولانا قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن يعقوب بن طائي بن محمد بن موسيٰ شـَـيبان(1) بن عثمان ثقفي، آدَامَ اللهُ فـَـضلـہ و رَحـِـم آباءَ [9] وَ اَسلاَ فـَــہ بـِـحـَـقِ مـُـحـَـمد وَ اَلـِـهـہ اَجمـَـعـِـيـن، جو فصاحت ۾ فضيلت جي کاڻ آهي ۽ نمڪينيءَ ۾ عقل جي جان: علم زهد جي سڀني فنن ۾ بينظير آهي، ۽ بلاغت جي ]سڀني[ قسمن ۾ بي مثال، تنهن سان ملاقات ٿي. کانئس پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته هن فتح جي تاريخ سندس ابن ڏاڏن جي هٿ اکرين حجازي ٻوليءَ ]عربي[ ۾ هڪ ڪتاب]جي صورت[ ۾ لکيل آهي، جا هڪٻئي کان ميراث ٿيندي ورثي ۾ ايندي ٿي رهي، مگر جيئن ته اها عربي جي پردي ۽ حجازيءَ جي حجاب ۾ ڍڪيل هئي، تنهن ڪري عجمين ]غير عربن[ ۾ مشهور نه ٿي.