پنهنجي پاران
مون جنهن گهراڻي ۾ جنم ورتو اُتي مذهبي تعليم سان گڏ تدريسي تعليم کي پڻ اهميت ڏني ويندي هئي ۽ اسان جي تربيت سهڻي نموني سان ٿيندي رهي. مان اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس ته منهنجو وڏو ڀاءُ محمد شريف “شاد” سومرو اسان کي گهر ۾ ٽيوشن پڙهائيندو هيو ۽ اسان شوق سان پڙهندا هئاسين. پڙهائيءَ جي وقت پڙهائي ۽ راند جي وقت راند کيڏندا هئاسين جنهن ۾ ڪرڪيٽ اسان جي محبوب راند هوندي هئي. اسڪول جي دور ۾ ڊسٽرڪٽ ليول تي ليڌر واري بال سان ٽورنامينٽ شڪارپور جي هاءِ اسڪول نمبر 2 ۾ ٿيندي هئي ۽ مون اٺين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين پنهنجي اسڪول، گورنمينٽ هاءِ اسڪول رستم طرفان نمائندگي ڪئي.
ادا محمد شريف “شاد”، گوهر سنڌي، عبدالمنان “عاجز” مهر ۽ ٻين دوستن گڏجي رستم ۾ شاهه عبداللطيف لائبريري 1983ع ۾ قائم ڪئي ۽ مون کي ان لائبريري مان آسانيءَ سان ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملندا هئا. شروعات ۾ مون ماهوار گل ڦل ۽ ٻارن جون ڪهاڻيون پڙهندو هيس. جنهن مان مون کي تمام گهڻو اُتساهه مليو ۽ روزانو لائبريري وڃڻ جي تانگهه من ۾ هوندي هئي ۽ دل چوندي هئي ته جيڪر آءٌ به اهڙا شعر ۽ ڪهاڻيون تخليق ڪيان.
اُن دور ۾ سنڌ اندر ٻارڙن لاءِ عِلمي ادبي تنظيمون ڪم ڪنديون هيون ۽ اسان وٽ رستم ۾ به ٻارڙن جي عِلمي ادبي تنظيم، لطيف سنگت شاخ رستم جو بنياد محمد شريف “شاد” سومرو، آزاد بخاري، گوهر سنڌي، جن جي محنت سان پيو جنهن ۾ اسان جيڪي دوست شامل ٿيا هئاسين تن ۾ در محمد مهر، صدرالدين منگي، نور محمد منگي، واحد ڪلهوڙو، عبدالغفور سومرو، عبدالواحد زاهد سومرو، جميل احمد سومرو، فيض احمد مهر، اسد الله سومرو ۽ ٻيا شامل هوندا هئا. مون کي ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو هو. منهنجي ادبي سفر جي شروعات به اتان ئي ٿي هئي، مون شروعات ۾ مضمون، ڪهاڻيون ۽ ٻارن لاءِ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي هئي. انهيءَ ڪرت کي اڄ تائين قائم رکيو آهي. هي منهنجو ڪتاب: “ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا” ٻارن لاءِ ٽيون تحفو آهي ان کان اڳ ۾ منهنجا ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب: “برائيءَ جو بدلو” ۽ “مهمان جهرڪي” شايع ٿي چڪا آهن. ٻارن لاءِ هن وقت گهڻا ڪتاب ڇپجي رهيا آهن اڳ ۾ خوبصورت ماهوار رسالا نڪرندا هئا جيڪي هن وقت شايع نٿا ٿين انهن جي کوٽ شدت سان محسوس ٿي رهي آهي، جنهن جي پورائي ڪرڻ ممڪن ناهي بهرحال منهنجي ٻاراڻي ادب سان جيڪا وابستگي رهي آهي ان جذبي تحت هي ڪتاب اوهان جي آڏو آڻيندي خوشي محسوس ٿئي ٿي جيئن شاعريءَ جو تعلق اسان سان زندگيءَ جيان جڙيل آهي ان کان ڌار ٿي نٿا سگهون، ان ۾ زندگيءَ جا سڀئي رنگ شامل هوندا آهن. ٻار جڏهن پنهنجي معصوم انداز سان اسڪول ۾ نظم ۽ گيت پڙهن ٿا، جهونگارين ٿا انهيءَ وقت پکي فضا ۾ لاتيون لنون ٿا انهيءَ وقت ڪائنات به جهومي پوي ٿي. امن، سلامتي ۽ سُکَ جون باکون ڦُٽن ٿيون اهڙن لمحن جو قدر ڪرڻ ۽ آئيندي جو اونو ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.
آءٌ ٻارن لاءِ ان ڪري لکان ٿو ته مان جڏهن ٻار هوندو هيس ته اسان جا وڏڙا شاعر، اديب اسان لاءِ لکندا هئا ۽ اهي هن ڌرتيءَ جا ذميوار فرد هئا، انهيءَ ذميواريءَ کي مون محسوس ڪندي شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ وندر، ڄاڻ، عِلمُ، ادب ۽ نصيحت ڀريا گڻ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ان ۾ آءٌ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهيان اهو اسان جا ٻار ۽ اسان جا شاعر، اديب ٻُڌائي سگهن ٿا.
مون کي پنهنجي قوم جي ٻارن جو سدائين اونو رهندو آهي ۽ انهن جي لاءِ فڪرمند هوندو آهيان، مان چاهيان ٿو ته جيڪا مون کي زندگي ملي آهي اها انهن جي خدمت ڪندي گذاريان، انهن جي معصوم ادائن ۾ سندن دنيا کي روشن ڪرڻ لاءِ ڪو اُجالو بڻايان ۽ انهن جي سوچ کي سهڻي بڻائڻ لاءِ اهڙو ڪارائتو ڪردار ادا ڪيان جنهن سان منهنجي مَنَ کي به شانتي ملي.
آءٌ ٿورائتو آهيان پنهنجي ڀائٽيي جبران علي سومري جو جنهن هن ڪتاب کي سهڻي نموني سان ڪمپوز ڪرڻ جي ذميواري نڀائي ۽ پنهنجي پياري دوست محترم عبدالجبار “عاجز” منگي ۽ فيض سومري جو به ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب جي پروف ريڊنگ ڪئي ۽ بيڪ ٽائيٽل لاءِ پنهنجي لکڻيءَ سان نوازيو ان کان علاوه بيوس بهار سومري جو پڻ ٿورائتو آهيان جن ڪتاب جي ڇپائي بابت پنهنجا سهڻا رايا ڏنا ۽ ٻيو خاص ڪري “مرڪ پبليڪيشن” ڪراچي جي سرواڻ محترم مرتضيٰ لغاري جو ڀي ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي هن ڪتاب: “ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا” کي خوبصورت نموني سان ڇپائي پڌرو ڪيو.
[b] وحيد مُحسن
[/b] 5 سيپٽمبر 2017ع
مسڪين شاهه محلو
بيگاري روڊ شڪارپور
03073529117