ٻار اسان جا مورَ ٻار اسان جا مورَ لڳن ٿا، سهڻا ڄڻ شهزور لڳن ٿا. اوچا جن جا ڳاٽ سدائين، ڪارونجهر جي ڪور لڳن ٿا. دولهه واري هشمت جن جي، دودي واري ٽور لڳن ٿا. عِلمُ پرائي عالم ٿيندا، ترقيءَ وارا دور لڳن ٿا.