ٻاراڻو ادب

ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ وحيد محسن جي ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جو مجموعو آھي. وحيد مُحسن ٻارن لاءِ ڪافي شاعري ڪئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ٻارن کي اتساھ ڏيندڙ جذبا موجود آهن. هن ٻارن جي وندر ۽ تفريح سان گڏ، انهن کي همت، جوش، جذبي سان اڳتي وڌڻ جو حوصلو بہ ڏنو آهي، تہ وري انھن جي نصيحت واري انداز ۾ سندن اخلاقي پرورش بہ ڪئي آهي. سندس ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جو مجموعو ”ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا“ اهڙن سڀني معيارن تي پورو لھي ٿو. جيڪا ڳالھ ٻارڙن جي شاعر لاءِ ضروري هوندي آهي تہ هو ٻارن جي معيار وٽان لکي وحيد محسن کي وري ٻارن تي لکڻ جو پورو پورو ڏانءُ آهي. هو ٻارن جو نمائندہ شاعر آهي.
  • 4.5/5.0
  • 698
  • 199
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وحيد محسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا

سنڌي الفابيٽ تي ٽيڙو پٽي

ا: سان پڙهندا اک.
اسڪول وڃڻ کان اڳ ۾،
تيل وارن کي مَک.

ب: سان پڙهندا بدڪ.
ٻالڪ مرڪي ڳالهاءِ،
ڇاجي اٿئي اٽڪ.

ٻ: سان پڙهندا ٻُڪُ.
سرمد مرڪي چيو سائين،
پاڻيءَ جو پيئان ڍُڪُ.

ڀ: سان پڙهندا ڀت.
سنڌڙي وارا ڇا چوانءِ،
جيءُ ٻالڪ جت ڪٿ.

ت: سان پڙهندا تارو.
ٻالڪ ڪتاب کولي،
سبق کي ڏيو وارو.

ٿ: سان پڙهندا ٿيلهو.
ڪنڀر کولي آوي جيڪا،
گهڙو نڪتو ڀيلو.

ٽ: سان پڙهندا ٽوپي.
ڪچن گهرن کي هر ڪنهن
لڳائي آ پوچي.

ٺ: سان پڙهندا ٺونٺ.
ظلم جي آڏو ڪڏهن به نه،
اکيون پنهنجون ٻوٽ.

ث: سان پڙهندا ثواب.
سوچي سمجهي تون ٻالڪ،
ڏيندو ڪر جواب.

پ: سان پڙهندا پَڳَ.
عِلمُ سان ته حاصل ٿيندا،
سنوان سڌا ڪي دَڳَ.

ج: سان پڙهندا جُتي،
وڏيرو ويٺو محل اڏي،
هاريءَ جي جاءِ ڀُتي.

ڄ: سان پڙهندا ڄڀ.
مظلوم بکن ۾ گذارن،
ظالمن ڀريا ڀِڀَ.

جھه: سان پڙهندا جهرڪي،
مينهوڳي رُتِ ۾ ٻالڪ،
متان پوين ترڪي.

ڃ: سان پڙهندا ڄڃ،
پاڻيءَ بنا ٿر جي ڌرتي،
ڪيڏي آهي رُڃَ.

چ: سان پڙهندا چنڊ،
ديس واسي ڇو نه سڀئي،
ٿي پئون کير کنڊ.

ڇ: سان پڙهندا ڇٽي،
ڪپڙو واهه ته رنگي ڏنو،
مون کي عبيد کٽي.

ح: سان پڙهندا حَجَم،
دوست ڪجي سيرت وارو،
جهڙو آهي نَجمُ.

خ: سان پڙهندا خچرُ،
صفائي رک گهر محلي جي
اچي نه ڪو مڇرُ.

د: سان پڙهندا دَرُ،
اسڪول اسان جو آهي،
عِلمُ جو ئي گهر.

ڌ: سان پڙهندا ڌوٻي،
اسڪول کان ڪڏهن ٻالڪ،
هڻجي ڪين گهوٻي.

ڏ: سان پڙهندا ڏيڏر،
تيز هوا ۾ مٽي اڏامي،
اک ۾ پيو ڪَٽَرُ.

ڊ: سان پڙهندا ڊيل،
سنڌ جي مٿان آهي اڄ به،
ڌاڙيلن جي ڀيلَ.

ڍ: سان پڙهندا ڍڳو،
هوشو، هيمون آيا جڏهن،
ڌاريو وٺي ڀڳو.

ذ: سان پڙهندا ذرو،
مڙس ٿي هلجي هڪ واٽ،
انسان ٿجي کرو.

ر: سان پڙهندا ريَل،
عجيب دنيا آهي ڪا،
ٻارو ڏسو کيل.

ڙ: سان پڙهندا ماڙي،
سچ جو مانُ مٿانهون آهي،
ڀڄي ويو ڀاڙي.

ز: سان پڙهندا زنجير،
بابي آندو ڪوئٽا کان،
منهنجي لاءِ انجير.

س: سان پڙهندا سيٽي،
جسماني صحت لئه،
پير ڊُهو پي ٽي.

ش: سان پڙهندا شينهن،
موسم آئي بهار جي،
وسي پيو مينهن.

ص: سان پڙهندا صوف،
اسڪول جي ڇت ۾ ادل،
سهڻو لڳي ٿو روف.

ض: سان پڙهندا ضعيف،
ادب ڪر وڏڙن جو عادل،
عِلمُ پڙهه حنيف.

ط: سان پڙهندا طوطو،
پاڻيءَ ۾ وهنجندي ٻارن،
کاڌو آ غوطو.

ظ: سان پڙهندا ظالم،
ظلم کي ٽوڙيندا،
گڏجي سڀ عالم.

ع: سان پڙهندا عينڪ،
ڀري آيو کڻي ڇوڪر،
چانهه جي ته چينڪ.

غ: سان پڙهندا غاليچو،
صاف سٿرو آهي،
گهر جو باغيچو.

ف: سان پڙهندا فانوس،
ذهن رکجو روشن،
ٿيو نه ڪڏهن مايوس.

ڦ: سان پڙهندا ڦيٿو،
راڻي باغ ۾ ڏٺوسين،
رنگ برنگي چيتو.

ق: سان پڙهندا قلمُ،
لکي پڙهي ٻالڪ سڀئي،
حق جو کڻو عِلمُ.

ڪ: سان پڙهندا ڪتو،
چور به ڪري ويا چوري،
ڀاڳيو پيو هو سُتو.

ک: سان پڙهندا کَٽَ،
ايمان جو امتحان آ،
تارازي ۽ وَٽَ.

گ: سان پڙهندا گڏهه،
ڪمند مان ٺهي ٿو ٻارو،
مٺو آهي ڪَڪَهُه.
(ڪَڪَهُه: ڪمند جي پڪل گهاٽي چَاشِ)

ڳ: سان پڙهندا ڳئون،
ڀل ڪنهن کي ڪاوڙ لڳي،
چڱائي سڀ کي چئون.

گهه: سان پڙهندا گهوڙو،
سهڻو علي گل کي آهي،
ڏاندن جو جوڙو.

ڱ: سان پڙهندا سڱ،
هاريءَ ۽ ناريءَ جا،
لوها آهن لِڱَ !

ل: سان پڙهندا لَڪُڻ،
ڪاڇي مٿان ڪڪر،
ڪونجن جي ڪڻ ڪڻ.

م: سان پڙهندا مَسُ،
عِلمُ پرائڻ ۾ ڪاشف،
ناهي ڪائي ڪس.

ن: سان پڙهندا نَٿَ،
مالڪ پنهنجي مِهرَ ڪر،
دعا لاءِ کنيا هٿ.

ڻ: سان پڙهندا وڻ،
جيڪو توکي ماءُ ڏي،
کلي خوشيءَ مان کڻ.

و: سان پڙهندا واڍو،
محنت سان جيءُ جرڪي،
ٿيءُ نه ڪڏهن ڏاڍو.

هه: سان پڙهندا هاٿي،
پنهنجي ديس رهڻ وارا،
ٻالڪ سڀ ساٿي.

ء: ته آهي ننڍڙو،
حرف نه گهٽ چئبو ان کي،
ٽوپيءَ تي جيئن ڪنڊڙو.
(ڪنڊڙو: ڀرت جو قسم آهي)

ي: سان پڙهندا يڪو،
“محسن” آخري حرف آ،
سنڌيءَ جو سبق ٿيو پڪو.