ٻاراڻو ادب

ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ وحيد محسن جي ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جو مجموعو آھي. وحيد مُحسن ٻارن لاءِ ڪافي شاعري ڪئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ٻارن کي اتساھ ڏيندڙ جذبا موجود آهن. هن ٻارن جي وندر ۽ تفريح سان گڏ، انهن کي همت، جوش، جذبي سان اڳتي وڌڻ جو حوصلو بہ ڏنو آهي، تہ وري انھن جي نصيحت واري انداز ۾ سندن اخلاقي پرورش بہ ڪئي آهي. سندس ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جو مجموعو ”ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا“ اهڙن سڀني معيارن تي پورو لھي ٿو. جيڪا ڳالھ ٻارڙن جي شاعر لاءِ ضروري هوندي آهي تہ هو ٻارن جي معيار وٽان لکي وحيد محسن کي وري ٻارن تي لکڻ جو پورو پورو ڏانءُ آهي. هو ٻارن جو نمائندہ شاعر آهي.
  • 4.5/5.0
  • 698
  • 199
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وحيد محسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا

مهاڳ

جنهن قوم جا ٻار ايڏا سجاڳ هجن ۽ اهي پنهنجي ٻالڪپڻي ۾ ئي قوم جي مستقبل لاءِ سوچن ۽ لوچن ٿا اها قوم ڪڏهن به فنا ٿي نٿي سگهي، ۽ جنهن ٻوليءَ جو ٻاراڻو ادب ايڏو سگهارو هجي، جو ان ٻوليءَ جي ٻاراڻي ادب جا سرجڻهار به خود ٻالڪ هجن ته ان ٻوليءَ جي ٻاراڻي ادب جو معيار ڇا ته هوندو!
بهرحال هن حقيقت کان به ڪو ڪنڌ ڪڍائي نٿو سگهي ته، جيڪي ليکڪ ٻارن جي ادب کان لکڻ شروع ڪن ٿا، سي وڏا ٿي به ٻارن لاءِ بهتر، سٺو ۽ معياري ٻاراڻو ادب تخليق ڪندا آهن. اسان جي پياري سنڌ ڌرتي به اهڙن تخليقي صلاحيتن سان مالا مال آهي، جنهن وقت به وقت اسان کي ٻاراڻي ادب جا اهڙا سگهارا ۽ تخليقي ذهن پيدا ڪري ڏنا آهن، جن جون ٻاراڻي ادب ۾ خدمتون نمايان رهيون آهن، انهن ۾ مرزا قليچ بيگ، لطف الله بدوي، ڪشنچند بيوس، آغا تاج محمد خان، احسان بدوي، نثار بزمي، استاد بخاري، رحمت الله “شوق” شڪارپوري، عبدالرحمان جتوئي، ادل سومرو، عبدالجبار عبد، اياز پاٽولي، مقصود گل، ارباب علي “عادل” چوهاڻ، ايازگل، غلام محمد غازي، آصف مٺياڻوي، مشتاق بخاري، وفامنظور چوهاڻ (راقم الحروف) ۽ وحيد مُحسن وغيره اچي وڃن ٿا.
وحيد مُحسن جنهن لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي. هُو اڄ به ايترو ٻارن لاءِ گهڻو لکي رهيو آهي، جيترو هو ٻالڪ وَهيءَ ۾ ٻارن لاءِ لکندو هيو. توڙي جو اڄ هن ٻالڪ وَهيءَ کي پار ڪري جوڀَن جوانيءَ ۾ پير پاتو آهي، پر پوءِ به سندس لکڻين ۾ ٻالڪپڻي جي عڪاسي ٿيل هوندي آهي هُو بنيادي طور ٻارن جو ليکڪ آهي ۽ اهائي سندس سڃاڻپ به آهي. هن ٻارن لاءِ ڪهاڻيون به لکيون آهن ته انهن جي مسئلن تي مضمون ۽ ڪالم به لکيا آهن، جنهن ۾ ٻارن جي سماجي، معاشي ۽ اخلاقي پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. سندس ان روپ کي ڏسي حقيقت مڃيو ته هُو معاشري يا ٻارن جو اصلاح ڪندڙ رهيو آهي، جيڪا ڳالهه، وحيد مُحسن جي لاءِ محنتن جو هڪ سٺو نتيجو آهي جنهن ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي ٻارن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ بڻائي ورتي هئي .
وحيد مُحسن ٻارن لاءِ ڪافي شاعري به ڪئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ٻارن کي اتساهه ڏيندڙ جذبا موجود آهن. هن ٻارن جي وندر ۽ تفريح سان گڏ، انهن کي همت، جوش، جذبي سان اڳتي وڌڻ جو حوصلو به ڏنو آهي، ته وري انهن جي نصيحت واري انداز ۾ سندن اخلاقي پرورش به ڪئي آهي. سندس ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جو مجموعو “ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا” اهڙن سڀني معيارن تي پورو لهي ٿو. جيڪا ڳالهه ٻارڙن جي شاعر لاءِ ضروري هوندي آهي ته هو ٻارن جي معيار وٽان لکي وحيد محسن کي وري ٻارن تي لکڻ جو پورو پورو ڏانءُ آهي. هو ٻارن جو نمائنده شاعر آهي “ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا” ڪتاب جي شروعات الله سائينءَ جي ساراهه يعني حمد سان ٿيل آهي. الله تعالى جي تعريف ۽ وڏائي بيان ڪرڻ هر ڪنهن کي جُڳائي ٿو. هُو الله سائينءَ جي تعريف بيان ڪندي چوي ٿو ته:
لک وار وڃان صدقي، قادر جي رضا آهي،
دل صاف رکان هردم، جيئن چنڊ صفا آهي!
تعريف ڪئي احمد، ٻيو ڪير ڪري هتڙي،
سر جان فدا تنهن تان، مالڪ ئي خدا آهي.

الله تعالى جي ساراهه کان پوءِ نبي ڪريم ﷺ جي ثنا بيان ڪرڻ الله سائينءَ جي راضپي جو سبب به آهي. وحيد محسن به حمد کان پوءِ نعت هن ڪتاب ۾ ڏني آهي.
ڀلارو نبي جيئن نگهبان آيو،
۽ ڌرتيءَ تي سهڻو ٿي مهمان آيو.
اڳي زلف سُهڻا جنهن جا ڏند موتي،
مثل ڪونه اهڙو ڪو انسان آيو.

هر ڪنهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان پيار هوندو آهي. اها هڪ فطري محبت آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ کيس پنهنجو عڪس/ چهرو ۽ پنهنجائپ نظر ايندي آهي، جيڪا سندس ٻولي هوندي، ان ۾ کيس ماءُ جي ڏنل لولي به وڻندي آهي، هو پنهنجي سنڌي ٻوليءَ بابت چئي ٿو.
سنڌي ٻولي پياري آهي،
سڀني کان ته نياري آهي.
ننڍڙا وڏڙا خوب پڙهن ٿا،
ٻولي الفت واري آهي.

يا ڪنهن لوليءَ ۾ به اهڙا اجرا احساس ملن ٿا جنهن جي پڙهڻ کان پوءِ من ۾ ٻوليءَ ۽ لوليءَ جي پيار واري ڇڪ پيدا ٿئي ٿي.
لولي مٺڙي لولي آهي،
مٺڙي پنهنجي ٻولي آهي.
مرڪ پياري ٻالڪ جي آ،
ساگر جي ڪا ڇولي آهي.

شاهُه ڀٽائي انسانيت جو عِلمُبردار رهيو آهي، جنهن سان هر سنڌ واسيءَ جي محبت آهي، ۽ اها شاهه ڀٽائيءَ جي سنڌ شناسي آهي، جو شاهه ڀٽائي کان سنڌ جو هر شاعر متاثر آهي. وحيد مُحسن به شاهه ڀٽائيءَ کي ڪونه وساريو آهي، هو چئي ٿو:
سچ سگهارو شاهه ڀٽائي،
ڌرتي تارو شاهه ڀٽائي.
وحدت واري وائي اُن جي،
سهڻو سارو شاهه ڀٽائي.
سنڌي ٻوليءَ جو آ حامي،
لفظن وارو شاهه ڀٽائي.

وحيد محسن ٻارن جو نفسياتي پروفيسر آهي، جنهن ٻارن جي نفسيات کي ڄاڻي، سندس ئي ٻوليءَ ۾ انهن جي جذبن، احساسن، عادتن ۽ خصلتن کي بيان ڪيو آهي، سندس لکڻ جو هڪ پنهنجو ڍنگ آهي هن نظم ۾، هو ٻارن جي ڪيفيت کي ڪجهه هن طرح بيان ڪري ٿو ته:
ٻار وطن جا راڻا آهن،
موتين جا ڄڻ داڻا آهن.
مير نه هرگز دل ۾ رکندا،
من جا صافُ سياڻا آهن.
وڏڙن جي پوئواري ڪن ٿا،
نوڙت نياز نماڻا آهن.

گهر ۾ ٻار جڏهن ابا ۽ امان جهڙا لفظ ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي ته گهر ۾ پيءُ ماءُ لاءِ سندن معصوم مُرڪ ۽ مٺڙا مٺڙا ٻول، انهن جي دلين ۾ هڪ نئين بهار جهڙي خوشي آڻيندا آهن. هن وقت جي تقاضا آهي ته اسان اهڙن مستقبل جي معمارن جي صحيح پرورش ڪيون انهن جي گَهَر کان ئي سٺي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيون، تڏهن ئي هُو اسان جي مستقبل جا صحيح معمار بڻجي سگهندا. هُو ان لاءِ چئي ٿو ته:

پنهنجا ٻالڪ آهن پيارا،
ابي امڙ جا جيءَ جيارا.
اڳتي وڌندا تعليم پڙهي،
ڌرتيءَ جا پڻ ٿيندا سهارا،
پنهنجا ٻالڪ آهن پيارا!
جوتِ جلائي ٿيندا اَڪابر،
ڪريو تن جو خيال خدارا،
پنهنجا ٻالڪ آهن پيارا!

وحيد محسن ننڍپڻ کان ئي عِلمُي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي. هو ٻارن جي عِلمُي ۽ ادبي تنظيم “لطيف سنگت سنڌ” لاڙڪاڻو ڊويزن جو سال 1987ع ۾ آرگنائيزر رهيو آهي. جنهن ڪري سندس شاعريءَ ۾ ٻارن جي ايڪتا ۽ حقن جي ڳالهه به ٿيل نظر اچي ٿي هُو ٻارن سان جنسي ڏاڍاين ۽ بين الاقوامي وحشي قاتلن جي وحشي ڪارواين تي تڙپي پئي ٿو.
ٻارن جا ڪي مارا آهن،
ظالم وحشي سارا آهن.

سنڌ وارا سڀ جاڳي پئو .
ماني لاءِ ٿو ٻار ٻاڏائي،
تنهن کي ظالم ٿو تڙپائي
هي گيت انهن لئه سارا آهن،

سنڌ وارا سڀ جاڳي پئو .
يا هن نظم ۾ ٻارن جي بين الاقوامي حقن وارن تنظيمن کي شرم ڏياري ٿو ته، توهان اڃا ٻارن جي قتل عام تي ڪيستائين خاموش رهندؤُ.
ٻارن جي لاشن تي روئي جيجل ٿي،
ڌرتيءَ جي دانهن تي روئي جيجل ٿي.

بي وقت مُئا جيڪي، ٻالڪ پنهنجا هِن،
سڀني جي يادن تي روئي جيجل ٿي.

ظالم ٿو بم اُڇلائي ڪيئن بصره ۾،
جنگ واري راهُنِ تي روئي جيجل ٿي.

وحيد محسن ٻارن کي ڪائنات جي حسين نظارن کي ڏسڻ سان گڏ انهن کي محفوظ بنائڻ جو ڏس به ڏئي ٿو. هو پوپٽ نظم ۾ ٻارن کي هن ننڍڙي جيت ۾، مختلف حسين ۽ دل کي وڻندڙ رنگن تي غور ڪرڻ لاءِ چئي ٿو ته ڪيئن نه الله سائين هن ننڍڙي جيت کي سهڻو ۽ خوبصورت بڻائي، پنهنجي قدرت جو ڪمال ڏيکاريو آهي.
هو ڏس جاني پيارا پوپٽ،
رنگ برنگي سارا پوپٽ.
رنگ ڪيڏا ٿس پرڙن تي واهه،
اُڏرن جنهن پل نيارا پوپٽ.
دل کي لڳندا سهڻا آهن،
گل ڦل ٽڙيا جيارا پوپٽ.
جاني ان کي پڪڙين ڇوٿو،
ڪيڏا تنهن سان نظارا پوپٽ!

ٽيليويزن نظم ۾ هن ٻارن کي ان ۾ هلندڙ پروگرامن جي تعارف سان گڏ کين وقت تي ٽي.وي ڏسڻ ۽ ان مان سٺيون سٺيون ڳالهيون سکڻ جي تلقين ڪندي چئي ٿو.

ٽيليويزن ڏسن ٿا ٻارَ،
ڏاڍو خوش ٿين ٿا ٻارَ.
ساجهر اُن ۾ هلي تلاوت،
ان کي ٻُڌندي رَسي ٿي راحت.
ڊراما اُن ۾ خوب هلن ٿا،
ڪارٽون ڏسندي ٻارَ کلن ٿا.
سائنس جي پڻ ڄاڻ ملي ٿي،
معلومات جي ڀي کاڻ ملي ٿي.



وحيد محسن گُڏڙو گُڏِڙِيءَ نظم ۾ ٻارن، خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ تفريح جو سامان به فراهم ڪيو آهي ته ان سان گڏ هن ڇوڪرين لاءِ گُڏي گُڏِڙِيءَ جي سنڌي لوڪ راند جي ڄاڻ به ڏني آهي.


گُڏڙو گُڏڙيءَ کي پرڻايون،
الفت جا من سهرا ڳايون.

اوڙي پاڙي جا ڪُل ڄاڃي،
هتڙي آڻي ٿا جُهمرِ پايون.

تون ڀي پنهنجون سرتيون آڻ ني،
رانديڪن سان راند رچايون.

ڪاپي ڪلچر اسان جي تعليمي لياقتن کي وڏو ڇِيهو رسائي ٿو ته جنهن ڪري چٽا ڀيٽيءَ جي مقابلي ۾ ڪاپي ڪندڙ پٺتي رهجيو وڃي. وحيد محسن ڪاپي ڪلچر کان بچڻ ۽ عِلمُ سان دل لڳائڻ لاءِ چئي ٿو.
اچو ته ڪاپي ڪلچر مِٽايُون،
عِلمُ سان پنهنجو نينهن لڳايون.

جهالت مرده باد ئي آهي،
عِلمُ سان آهن ڀال ڀلايون.

سبق سڀئي ياد ڪريون ۽،
اُستاد پنهنجي کي ته ٻُڌايون.

هو سنڌ جي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن لاءِ دعاگو آهي شاعر سنڌ جي وسندڙ ڳوٺن کي آباد ڏسڻ چاهي ٿو ۽ هڪ اميد رکي ٿو ان لاءِ چئي ٿو ته:
ڌرتي تنهنجا ڳوٺ وسن ٿا،
ات مٺڙا مارو مرڪن ٿا.
ٻالڪ سڀئي مالڪ آڏو،
تنهنجو ڌرتي خير گُهرن ٿا.

مطلب ته وحيد مُحسن ٻارن جي هر ان موضوع تي لکيو آهي، جيڪي ڳالهيون ٻارن سان لاڳو هونديون آهين. هُو ٻارن جو من پسند شاعر آهي. هن مٿين نظمن کان علاوه ٻيا به ڪافي سٺا نظم ۽ گيت لکيا آهن، جنهن ۾ عيد مبارڪ، محنت، سکر شهر، استاد، معمار، اڀ تي تارا، بادل، جوت، چوڏيل، سائيڪل، لغڙ، اسڪول، طوطو، عِلمُ پرايون، سنڌ سونهاري، ميلا آهن هتڙي، لولي وغيره.
مان کيس ٻارڙن کي نظم جو ڪتاب ڏيڻ تي جَس ٿو ڏيان. اُميد ته هو اڃان گهڻو ٻارن لاءِ لکندو رهندو. ۽ آخر ۾ آءٌ ڪتاب جي ٽائيٽل نظم جون سٽون اوهان جي مطالعي لاءِ ڏيان ٿو جنهن ۾ شاعر سنڌ جي ٻارڙن کي ڌرتيءَ ٽانڊاڻا ڀانئيو آهي اهڙي ترڪيب ٻارن جي اهميت کي اُجاگر ڪري ٿي.

ٽِمڪي ٽِمڪي روشن ٿيندا،
ٻالڪ ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا،
ديس سڄي ۾ هو ٿا ڳائن،
ڌرتي تنهنجا گيت اُڏاڻا.


[b] ”وفا“ منظور چوهاڻ
[/b] ڪاليج روڊ شڪارپورسنڌ.
پهرين فيبروري 2016ع