خوابَ ٻارن جا هِنِ خواب سائين، هٿڙن ۾ هجن ڪتاب سائين تنهنجي نانوَ کڻڻ کي مالڪ، سمجهن ٿا سڀ ثواب سائين. مڪتب ۾ ٿا عِلمُ پرائن، ٿيندا نيٺ نواب سائين. ڪيڏي تنهنجي نعمت آهي، ٻارَ لڳن ٿا گلاب سائين. استادن کي ڏيندا آهن، اجرا سهڻا جواب سائين.