1
ڪٿي ٿو ڳولين ڪجھ من اندر ۾ به جھاتي پاء هو ويجھو آهي ساھ کان به
هر دور ۾ هو آهي، ڪئي دور آيا، ايندا پر هو ته هو آهي
درجا دلين تي هوندا آهن پاڻ کي ڪهڙي درجي تي ٿو رکين اها توکي ئي خبر
انسان کان نفرت ڪندڙ انسان مان ابليس ٿو بڻجي پوي
هو ويجھو آهي تنهنجي جسم تي پاتل ڪپڙن کان به
درويشي مان ڪجھ به هٿ نه ٿو اچي جيستائين مخلوق سان تنهنجو ڪانٽيڪٽ ناهي
جسم ڪيڏو به صاف هجي جي اندر ميرو آهي ته روح گدلو رهندو ۽ تون پاڻ کي سڃاڻي نه سگھندين
فصل اهو ئي ڪٽيندين جيڪو پوکيندين پوءِ تنهنجي مرضي آهي تون ڇا ٿو پوکين
توکان برداشت نه ٿيو ڪنهن جو عيب ۽ ماڻهن ۾ هل پئجي ويو هو ته هر ڪنهن جا عيب ڏسي ٿو ۽ لڪائي ٿو
دُلدُل به ڇرڪ ڀريو پاڻي ۾ منهن هڻڻ کان پوء هو ته جانور هيو تون اشرف المخلوقات آهين هر دم وٽو تنهنجي منهن تي آهي
تنهنجو دماغ ئي تنهنجو سڀ ڪجھ آهي پاڻ کي جاهل ۾ شمار ڪرين يا عالمن ۾
جيڪي ڪتاب کان پري ويا انهن جي بربادي جو ڪارڻ به اهو ئي هوندو
ميڙڻ وارا، ڀلين ڪيڏو به ميڙين پر تون ويندين هٿين خالي
تون مسڪينن تي رحم ڪر ته توتي به ڪا ٻاجھ ٿئي
هو هر ڪنهن جي دل ۾ وسي ٿو جي نظر هجي تو وٽ ڏسڻ واري
ڪنڌ کي هيٺ رک ته رحمت ٿي اوچائي تان ڪرڻ واري کي سنڀارڻ به مشڪل هوندوآهي
ڪڏهن ڪڏهن انسان ايڏو ته مجبور هوندو آهي جو ظلم ڏسي به لب چوري نه ٿو سگھي
ماء جي پيار جو مثال ملڻ مشڪل آهي پر مالڪ جي پيار جي ته ڪا انتها ناهي ستر دفعا وڌيڪ پيار ڪري ٿو ماء جي پيار کان
سوچ کي وسيع ڪرڻ سان منزلون آسان ٿي پون ٿيون
انڌيري رات ۾ ڏيئي بنا هلڻ تمام مشڪل آهي
جسم کي ايڏو مضبوط ڪر جو پاڻ سان گڏ وڌ کان وڌ مال کڻي سگھين اڳتي ڪجھ به ناهي
مهمان ڪڏهن مالڪ ناهي هوندو پوءِ مان ۽ ايڏو حرص ڇو؟
جسم مٽي جو ۽ خيالن جي اُڏام وري آسمان کان به بلند
تبديليءَ لاءِ پاڻ کي تبديل ڪريو.
فرقن کي ڇڏي مسلمان ٿي پئو
ڇا صوفي ازم ۽ اسلام الڳ عقيدا آهن؟
درگاهن ٻاهران سلفي ۾ چرس وجھي چرس پيئڻ وارو صوفي ناهي، صوفي اهو هوندو آهي جڏهن نماز نيتي ته روحاني ڪنيڪشن الله سان هجي
مونکي پاڻ مٿي ويهي ٻين کي هيٺ ويهارڻ وارا ٻڌائين ته ٻنهي جهانن جي سردار به ڪڏهن ايئن ڪيو هو؟
مونکي سنڌين جي حال تي روئڻ ايندو آهي ڪنهن نه ڪنهن نا انصافي جي ور ڪو نه ڪو چڙهيل آهي
چون ٿا سنڌين ۾ سوشل ميڊيا سجاڳي آندي آهي بلڪ غلط اڃان به ڪنهن ڏاڍي کي مٿي ويهاري، اسان هيٺ ويهون ٿا
اڳي سنڌ کي ارغون، ترخان، منگولن تباه ڪيو هوهاڻي هي ڪير آهن جيڪي سنڌڙي جي مٿان ٿا وار ڪن
تاريخ جا ورق کوليو جڏهن به سنڌ مٿان ڪاهون ٿيون انهن جا گھر ڊراهيا ويا هاڻي ڪنهن جي ڪاھ سمجھون.
شاعر، اديب، صحافي، استاد ۽ سڀني قلمڪارن تي اهي فرائض لاڳو ٿين ٿا ته هو پنهنجي تعليمي تباهي تي ڀرپور قلم کڻن.
اسان وٽ شاعرن، اديبن، قلمڪارن جا ٽولا آهن انهن کي عرض ڪندس ته ٽولا بنديون ۽ نفرتون ڇڏي هڪ ٿي پئو.
جي قلمڪار ٽولن جي ور چڙهي وڃن ته عام ماڻهو جو درد ڪير لکندو.
سڄي عمر ڀٽڪياسين رستو نه مليو پوئتي هٽيا سين ڪجھ به نه بچيو
هلندي هلندي رستو کٽي ويندو ۽ پوئتي به ڪجھ نه رهندو.
جڏهن اسان پنهنجي بناوٽ تي غور ڪريون ته غرور پاڻ ئي هليو ويندو.
قبر ڪاري ڪوٺڙي آهي هن لاءِ روشني جو بندوبست پاڻ کي ئي ڪرڻو پوندو.
اسان ميڙڻ وقت اهو وساري ويهندا آهيون ته اسان کي ميڙڻو ڇا آهي گلن کي ڇڏي ڪنڊا ميڙيون ٿا.
اسان پاڻ کي اهل علم سمجھون ٿا پر بي علم اسان جهڙو ڪوئي به ناهي رب جو ڪتاب کي سمجھي نه سگھيا سين.
مون کي محلن ۾ رهڻ جي تمنا رهندي آهي ڇو مان اهو نه ٿو سوچان ته جنهن ڪريم صه جي ڪري هي دنيا ٺهي ته هو پاڻ تڏي تي سمهندا هئا.
جيڪا پوک پوکڻي اٿئي پوکي وٽ وقت ٿورو آ بچيو موسم بدلجڻ ۾
جنهن ڪم ۾ من کي سڪون اچي اهو ڪم اوهان جو بهترين ثمر هوندو آهي
ٻن قسمن جو دنيا تي ثمر ڇٽيل آهي ۽ اسان پاڻ سمجھدار آهيون ته ڪهڙي قسم جو ثمر کڻي اڳتي هلڻو آهي
جيڪو پاڻ کي ڪجھ سمجھي ان کان وڌيڪ ڪم ظرف ڪوئي به ناهي.
وقت گھوڙي سوار آهي ۽ مان ٻارڙن واري ٽور پيو هلان الاءِ وقت ڪهڙو ويڌن ڪندو.
اسان جا ٿڪل جسم نه پر ذهن آهن تڏهن ته وقت اسان جو ساٿ نه ٿو ڏي.
هر ڪو وقت جي آڌار تي ساٿ ڇڏي ويندو، اهو ايستائين جو روح جسم کان وقت جي آڌار تي منهن مٽي ٿو وڃي.
انسان جي سوچ انسان کان سوين ڪوھ اڳتي سفر ڪري وئي آهي تڏهن ته جائز ۽ ناجائز ۾ فرق نظر نه ٿو اچي
ڪجھ وڏڙا به انا پسند هوندا آهن انهن کي گھرجي ته پاڻ کان ننڍن تي شفقت وارو هٿ رکي پنهنجي تجربي مطابق اڳتي وڌڻ جو رستو ڏسين
هميشه پاڻ کان وڏڙن سان وقت گذاريندا ڪريو ڇو جو، جيڪا اوهان عمر گذاري رهيا آهيو اهي گذاري ويا آهن اوهان جي عمر انهن جو تجربو
اڄ جيڪي منهنجي لکڻين تي طنز ڪن ٿا سڀاڻي منهنجي وڃڻ کان پوءِ اهي ئي تبصرو ڪندا
منهنجي راهن ۾ ڪئي ڪنڊا وڇايا ويا پر مان هلندو رهيس ۽ نيٺ مون منزل ماڻي ورتي
اسان جنهن ماحول ۾ رهون ٿا اتي شاعر کي غلط چون ٿا
ڇو ٿا ڪڏهن شاعر جي فطرت کي اهي سمجھي نه سگھيا آهن
پنهنجي مرضي کان بغير ٻئي ڪنهن جي مڙهيل ڳالهه دل جو نقصان ڪري ٿي ۽ طبيعت بي مزو ٿي پوي ٿي
وزن ايترو کڻو جيڪو برداشت ڪري سگھو وڌيڪ وزن کڻڻ سان گڏھ به جھڪي پوي ٿو
جيڪو سچ واري واٽ تي هلڻ وارو هوندو ان کان اڻ وڻندڙ ڳالھ ڪڏهن به برداشت نه ٿيندي
اوهان جون يادون پرين ٿيون ستائين
هن گھر لاءِ مون هر آسائش خريد ڪئي پر هن گھر لاءِ هڪ کٽولو به نه
خاڪ هئين ٿيندين به خاڪ ته پوءِ آسمان سان ڪنڌ اها سوچ کان به مٿي جي ڳالھ
مون هميشه پنهنجي پيار جي زمين کي لڙڪن سان سيراب ڪيو
جي اچي ڏين ها آٿت ته زندگي پوي ها بچي
مون هزارن کي هن دنيا مان ويندي ڏٺو آهي جن زماني کي پئي سڀ ڪجھ سمجھيو
مان هميشه دل تي لڳل بي وفائي جي داغ کي ڳوڙهن سان ڌوئڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو
وقت هميشه پنهنجا پير ڊاهي ٻين جا نشان ظاهر ڪري ٿو
اي سمنڊ تنهنجي گھرائي منهنجي اندر کان وڌيڪ ناهي تو وٽ پاڻي مون وٽ درد آهن
منهنجي جھرندڙ هڏڙن نه پر مهنجي جذبن کي ڏس تنهنجي هر سڏ تي لبيڪ هوندو
جن جذبن کي جوان رکيو انهن طوفانن جو رخ به موڙي ڇڏيو
مان پنهنجي وجود کي ٿو ڳوليان پر نه ٿو لڀجي
مون جڏهن به ڪنهنجي اکڙين جي ڪتابچي کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، هزارين درد لکيل ملن ٿا ۽ پوءِ مان پنهنجو درد وساري ويهان ٿو.
منهنجي قلم صرف درد لکي ٿي پر مان هزارن کي ان ڪيفيت مان گذرندي ڏسان ٿو
منهنجي سچائي پنهنجن کان پري رکيو منافقن هميشه دلين ۾ جايون ٺاهيون
مٺي زبان هيٺيان هزارين ڇريون لڪل هونديون آهن ڪاوڙ ۾ سچائي هوندي آهي پر ڪو پرکي سگھي
وقت به استاد آهي هر موڙ تي هڪ نئون سبق سيکاري ٿو
جي ملن ها خوشيون خريدڻ سان ته مان به خريديان ڪريان ها پاڻ وڪڻي
هر ڪو هت بيوس آهي جي ڪنهن جو وس هلي ها ته دردن جو نالو ئي نه هجي ها
هڪ پل جي خوشي ۾ هزارين درد، اهو ڪڏهن مون سوچيو نه هو
غيرن جي هٿان ڪير ٿو زخم کائي، پنهجن جا ستم انسان کي بي ساهتو ٿا ڪري وڃن
مان وقت جي نزاڪت کي ڏسي پنهنجن زخمن تي مرحم ٿو رکان نه ته هن دنيا کان پاسو ڪري وڃجي
مون جڏهن به ڪجھ لکيو قلم کي ميڻ ڪري لکيو، نه ته قلم جي ڪت تلوار جي ڌار کان به تيز هوندي آهي
هرڪو اڳتي وڌڻ جي ڊوڙ ۾ آهي پر منزل جي ڪنهن کي به ڪا خبر نه آهي
هلندي هلندي اماس راتين ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا رستا به وڃائي ٿو ويهان
جسم ڀل جھرندو وڃي پر ڪڏهن جذبا جھريا ناهن، رستن تي پيل ڪنڊن کي مات ڏيندو هلندو رهان ٿو
دردن تي مرڪن جي چادر وجھي ۽ لبن تي ٽهڪ رکي ٿو گھمان، ۽ پاڻ سان پاڻ ٿو منافقت ڪريان
لڙڪن جو طوفان سامونڊي طوفان کان به وڌ خوفناڪ آهي
زهر جسم کي هڪ ڀيرو مرده ڪري ٿو ۽ بيوفائي هر پل ماري ٿي هي اڏاڍي ڀيانڪ آهي
بيوفائي جو داغ ڪڏهن به نه ٿو ڌوپجي ڀلين مڻ خار جا وجھجن
وفا وڪڻي مون جفائون خريد ڪيون
بد نسل مان وفا جي اميد رکڻ اعليٰ نسل کي به بد نسل ٿي ڪري وڃي
جي بلبل نه هجي ڪنهن گل جي ويجھو ته، گل بلبل بنا اڌورو اڌورو ٿي پوي
جسم ڀل زخمن سان چور چور ٿي پوي پر روح تي ڪو زخم نه رسي
روح تي رسيل زخم ايڏا درد ناڪ ٿين ٿا جو جسم سان روح جو ميلاپ مشڪل ٿي پوي ٿو
منهنجو وجود اڃايل ٿر وانگر آهي ۽ تنهنجون اکڙيون ڪڪرن وانگر، جي کڻين نظر ته هريالي ٿي وڃي ٿي
دل، دماغ، جذبا، حسرتون، سوچون ۽ هي منهنجي جان به هن وٽ قيد آهن بلڪ روح به هن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن
هي تنهائي ماڻهو کي شاعر ٿي بڻائي ڇڏي
شرابي نگاهون حسين شام ساقي پيار ڪجھ اسان کي تون جام ساقي
جن مون کي پڙهائي لکڻ جوڳو ڪيو انهن سڀني استادن کي سلام
• اگر پنهنجي ماضي کي ياد ڪندا هلون منزلون آسان
ٿي پونديون
صرف سينا زن نه پر پيرو ڪار حسين ٿيو هن جي نقشه قدم تي هلو، سر ڪٽجي ويو پر نماز نه ڇڏي.
جنهن گھر ۾ نه هجي غم حسين خدا جو قسم هو گھر آهي يزيد جو
اکيون آهن نم ۽ دل ۾ آهي غمِ حسين
سر ڏيئي ٻاربو ڏيئو اسلام جو نه ڪندس بعيت تنهنجي ڪڏهن به يزيد
اها دل مرده آهي جنهن ۾ غمِ حسين ناهي
منهجي قلم به روئي ڏنو جڏهن لکيم واقعو ڪربلا جو
جيڪو حسين جو ٿيو جنت به ان جي ٿي وئي
دل ۾ آهي حسين جو غم تڏهن ته اکيون روئن پيون
اهي قومون جلد تباھ ٿي وينديون آهن جن جي تعليم تباھ هجي
مون کي پنهنجي قوم جي ٻچڙن تي ترس ايندو آهي جن جا مڪتب تباهي جي ڪنڌي تي آهن
زندگي ڏيئي جي تيل وانگر آهي جهڙي مهل تيل ختم ٿيو ڏيئو اجھامي ويندو
جي چاهين منهجو ڏينهن بهتر گذري ۽ هر ڪم با آساني ٿئي ته پوء صبح جو قرآن پاڪ جو معنيٰ سان ورد ڪري پوءِ ٻاهر ڪم تي نڪرندو ڪر
زندگي ۾ ڪو اهڙو ڪم ڪري وڃ جيئن تون مرڻ کانپوءِ به زندھ رهين
اي زندگي منهنجو ان وقت تائين ساٿ ڏجان جيستائين منهنجو اکيون مدينو ڏسن
جڏهن سامهون مدينو هوندو ان وقت دل جو تڙپڻ به ڏاڍو عجيب هوندو
مارو لڏيو ٿا وڃن مولا منهنجي ٿر مان هاڻي ته وساٰءِ ڪو بادلڙو
جي پنهنجي اولاد کي ڪجھ سٺو ڏيڻ چاهيو ٿا ته هن کي تعليم ڏيو باقي رستا پاڻ ڳولي لهندو
نبي ڪريم ﷺ جو فرمان عاليشان آهي ته مان علم جو شهر آهيان ۽ علي ڪرم الله وجه ان جو دروازو
افسوس ان تي اسان عمل نه ڪري سگھيا سين
اسان جا هزارين ٻار اسڪول يا ديني تعليم کان گھڻو ڏور آهن
علم انسان جي ٽين اک آهي علم سوا انسان جانور مثل آهي
پنهنجي ٻارن کي قرآن پاڪ جي معنيٰ سان تعليم ڏيو جي انهن کي ڪامياب ڪرڻ ٿا چاهيو
شهر جي ڀيڙ م پکين جي مٺڙي لات الاءِ ڪٿي گم ٿي وئي
اهو نه سمجھو ته اسان ڪنهن جانور کي ذبح ڪري قرباني ڪئي آهي
هن سان گڏ قرباني غرور جي ڪجي جنهن سان انسانيت جو قدر ٿي
هي اسلامي رياست آهي جڏهن اسان جا مذهبي ڏينهن اچن ٿا ته سامان جا ريٽ ٿا وڌي وڃن
اوهان جو قرب مون کان ڪڏهن وسريو ئي ناهي
جڏهن اوهان ڪنهن ڀلائي جي ڪم تي نڪرندو ته شيطاني طاقتون اوهان جو رستو روڪينديون پر اوهان جا جذبا پختا هئڻ کپن
ڪنهن ڪم ڪرڻ سان اطمينان ٿي وڃي ٿو سڪون ملي ويو ته اوهان سمجھو حق سچ جي راھ تي آهيو
خوشي دولت سان نه پر انسانذات جي خدمت ڪرڻ سان ملندي آهي
اي نوجوانو جاڳو پنهنجي مڪتبن ۽ لائبررين کي بچايو
جڏهن تو ڪو نئون درد ڏنو ته مون کان غزل ٿو لکجي وڃي
سڀني شاعرن اديبن جو حق آهي ته هو تعليم کي هٿي وٺرائين
جنهن سنڌ ۾ هزارين درسگاهون هيون اڄ ان سنڌ جي اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي حالت بدتر آهي
بس تنهنجي در جي گدائي ملي مون کي آقاﷺ پنهنجي غلامن ۾ لکيو منهنجو به نالو
جيڪو توکي پيار ڏي تون به ان جو ئي ٿي پئو
هن موبائل اسان کي سست ڪري چڏيو آهي ۽ هر ڪم کان ويا سين
دوست اهو هوندو آهي جيڪو هر موڙ تي ساٿ ڏي جيڪو ڏُکي وقت ۾ پري ٿي وڃي اهو ڪڏهن به دوست ٿي نه ٿو سگھي
جنهن سنڌ ۾ هزارين درسگاهون هيون ان سنڌ جي اسڪولن جي حالت ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئيندي آهي
نه بجلي آ ۽ نه پاڻي آ دل پوءِ به آ پاڪستاني
ماڻهو ته گھڻا گھمن ٿا تون پنهنجي پاڻ کي سٺو انسان ڪر” احسن“
اسان اتان جا رهواسي آهيون جتي ظلم خلاف ڳالهائڻ سان زبانون ڪٽيون وينديون آهن
مون کي شهرت جي ڪابه ضرورت ناهي اي پرين صرف تنهجي در جي گدائي ٿو گھران
وقت جا چڪر عجيب آهن ڪڏهن گدا مان بادشاھ ته ڪڏهن بادشاھ مان گدا ٿو ڪري ڇڏي
منهن تان نه ڪر پري پردو چنڊ کي گرهڻ ٿو لڳي
هي عجيب زمانو آ منهن تي مٺيون ڳالهيون پويان خنجر جا وار
نظرن جي تير سان گھايل ڪيو تو صنم آ هر وار تي لٽيم مان پر ڪوبه گٿو نه هو
ماڻهو کوڙ ٿا گھمن پنهنجي پاڻ کي انسان بڻايو
ووٽ هميشه وڏيرا کڻندا آهن ۽ اسان بي وقوفي مان هڪ ٻئي سان وڙهندا رهون ٿا آخر ڇو؟
ووٽ ضمير جو هوندو آهي ان جو حساب به ڏيندڙ کان ٿيندو
جنهن سنڌ جو جيڏو وڏو نعرو هنيو ان اوترو ئي لٽيو
اسان وٽ تعليم سون جي ملھ وڪامي ٿي صرف پيسي وارا خريد ڪن ٿا عام ماڻهن جو مقدر صرف ٻڪريون چارڻ
اسان جي حڪمرانن جي جتيءَ 73350 جي ۽ عوام وٽ هڪ ويلي جي ماني به مشڪل
اسان هميشه ڪنڊن جي حفاظت ڪئي ماڻهو گلن کي لتاڙي ڇڏين ٿا
اڄ ڪلھ پرين پيارن جون ڳالهيون به سياسي لڳن ٿيون
ڪجھ ماڻهن ۾ شعور به آهي باقي ساڳيو وڏيرن پويان ٿا ڀٽڪن خوشامد تي
جنهن سياست کان حسين عليه السلام منهن موڙيو وقت جي حاڪم ڪربلا ۾ ڪيس ڪيو اڄ به سائي حڪومت هلي پئي
جن حڪمرانن اڳيان ڪئي نوڪر هجن هنن جي اڳيان ڪئي قسم جا طعام هجن انهن کي ڪهڙي خبر ڪنهن غريب جي بک جي
لڳي ٿو ته هي زندگي مون کان رسڻ ٿي چاهي او پرين هڪ ڀيرو منهنجي اڱڻ تي قرب وارا قدم گھمائي وڃ
آ شوق فقيري جو مون کي تنهنجي در جو يار گدا مان هجان
عاشق جو هر وقت روزو هوندو آهي جيڪو صرف محبوب جي اکڙين جي جام سان ٿو کلي ۽ هن جي چهري کي ڏسي عيد ٿو ڪري نه منهنجو افطار ٿيو ۽ نه مون چنڊ ڏٺو پر زماني کي ڏکائڻ لاءِ هن لمحات ۾ شرڪت ڪرڻي پوندي آهي
ها مان به خريديان ها خوشيون جي هجن ها سودو دڪان جو
تنهنجو ديوانو تنهنجي راهن ۾ پيو آهي اچ ته منهنجي عيد ٿي پوي
نه شڪوه نه گلا ڪندس تنهنجي ڪنهن سان جيترا به زخم ڏي او پرين
مون دردن کي لائي رکيو سيني سان اوهان جون ڏنل هي ته نشانيون آهن پيارا
حسرت آ توکي ڏسان هڪڙو ڀيرو هن اميد تي زنده آهيان اڄ تائين
هو پاڻ به ڪيڏو حسين هوندو جيڪو ايڏا حسين چهرا ٿو ٺاهي
اسان هڪ حڪومت جي وڃڻ تي خوشيون ملهايون ٿا مگر ايندڙ حڪومت ان کان به وڌ سور ڏي ٿي
ڪيئن ووٽ وٺڻ ايندين تون سڀ ڪجھ کائين وئين، هي روڊ به کائي وئين، رستا به کائي وئين، جيڪي فقط ٺهيل آهن فائلن ۾
تاريخدانن به اسان کي منجھايو آهي ڪي محمد قاسم جا حامي ته ڪي راجه ڏاهر جا
اٿو پنهنجن حقن کي سمجھو ۽ انهن کي وٺڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃو
اسان قران پاڪ صرف پڙهندا آهيون پر ڪڏهن سمجھڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، مشعل راھ تڏهن آهي جڏهن حرف حرف کي سمجھون ۽ ان تي عمل ڪريون
دل ڪيڏي باغ بهار ٿيندي جڏهن آقاﷺ جي روضي تي نظر وڃي پوندي
وڏي شان واريون آهن مديني جون گھٽيون جٿان منهنجي آقاﷺ جي خوشبوءِ آهي ايندي
هن رب ڪريم جل جلاله کي هردم ياد ڪندا ڪريو جنهن اسان کي اشرف المخلوقات ڪري موڪليو
ڪجھ ماڻهو پري کان سٺا لڳندا آهن جڏهن ڪجھ وقت انهن سان گذارجي انهن جي اصليت جي خبر پئجي ويندي آهي
تون زلفن کي سنوارڻ جو ٿي چوين هت سنڌ کي بي آبرو ٿا ڪن
هاڻي وقت اچي ويو مان به هوشو يا هيمو ٿيان
هي ليڙون ليڙ ڪپڙا ڪنهنجا وحشت جو ڇو وار وڌي ويو نياڻي جا هئي ست قرآن تنهن لاءِ ڇو آزار وڌي ويو
محبت جسم جو ملن نه پر روح جي ملن جو نالو آهي
روز مون کي احساس جو درس ڏيندي آهي ڪنهن غريب جي بک
هي نفرتن جا ڪيڙا ڪٿان نڪري آيا آهن جيڪي محبتن جي گلن کي نقصان پهچائن پيا
پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن جي دفتري ٻولي به پنهنجي زبان ناهي 70 سالن کان مٿي آزاد ٿئي اسان کي ٿيو آهي پر اڃان تائين انگريزن جي نقشي قدم تي آهيون
منهنجي جان منهنجو سڀ ڪجھ تون آهين
روشنين جي شهر ۾ روشنيون ٿو ڳوليان هو وڃايل پنهنجو چمن ٿو ڳوليان
سنڌ جا مالڪ فٽ پاٿن تي ۽ ڌاريا محلن ۾
سنڌ جي دل جي ڌڙڪڻ سان، جا سنڌو جو جل ڪراچي تائين پهچي ٿو
ڇو ڌڙڪن بند آهي، جل رڳن ۾ گردش نه ٿي ڪري
سنڌ جي دل ڪراچي ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي جو نه هجڻ افسوس ۾ وجھي ڇڏي ٿو
هي نيڻ تنهجا نشيلا مست نگاهون ڪنهن شاعر جو تون غزل ٿو لڳين
مون کي حيرت آ انهن جي حال تي جيڪي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي به پنهنجي حقن لاءِ جدو جهد نه پر مزدوري ڪرڻ ۾ رڌل آهن
اسان جي شاعر، اديب، قلمڪار هجڻ جو ڪهڙو فائدو جي ڪنهن غريب کي ان مان لاڀ حاصل نه ٿئي
جي اسان لالچ کي ڇڏيون ته اسان چڱائي جي رستي تي آساني سان هلي سگھو ٿا ان لاءِ پنهنجي خواهشن جو گلو دٻائڻو پوندو
انسان اگر سچي نيت سان ڪم ڪندو رهي هڪ ڏينهن ان کي منزل ضرور ملندي آهي اڳتي وڌندا رهو
يا رب ڪريم جل جلاله ڪرم ڪر اهڙا ڪڌا ڪم اسان مان نه ٿين جنهن سان انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جھڪي وڃي
اگر ڪنهن ۾ ڪنهن غريب جي مدد ڪرڻ جو جذبو هجي اهو مدد ڪندو رهي اجر پاڻ اهو ڪريم ڏيندو
اسان سنڌي هن عظيم قوم مان آهيون جنهن کي گھڻين ٻولين تي عبور آهي باقي ٻيا ته اسان سان اسان جي به ٻولي نه ٿا ڳالهائي سگھن
توسان ٺاھ نه ٿيندو ڪڏهن به جي تو سنڌ کي ٽوڙڻ چايو
پري ڪر پير پليت منهجي پويتر سنڌ مان
ڇو ايمان وڪامي ويندو آ ماڻهن جو چند ڏوڪڙن تي
پنهنجا زخم ڪنهن کي ڏيکاريان ڏسيو هرڪنهن جو ٻڪ آ لوڻ سان ڀريل
منصور کي سولي تي چاڙهن پيا حق دانهون ڪري روئي پيو بي درد زماني نه هڪ به ٻڌي سچ صفا ڇو اڄ خاموش آ
هٿ کڻي ڪو منهنجي لاءِ به گھري دعا شايد منهنجي بخشش جو سامان ٿي پوي
خوشيون ڪيو آيو آ ملڻ جو وقت وٺي براق هليو آ آقاﷺ معراج تي
انسانيت روئيندي آ انسانن ۾ حيوانيت ڏسي
اسان جاهلن جي تقدير بدلڻ ڏکي ڳالھ آهي ڇو جو اسان تعليم جا به دڪان کولي ڇڏيا آهن