ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

رب جي ڳولا (2)

رب جي ڳولا (2)

تون ڪنهن کي ڳولين ٿو
بيابانن ۾،
صحرائن ۾،
جنگلات ۾ ،
ڪتابن ۾،
ڪنهنجي صورت ۾،
ڪنهن ڪليسائن ۾،
مڙهي۾،
مندر ۾،
گرجا ۾،
پيو ڀٽڪين ٿو.
جي ڳولڻو اٿئي ته
هن کي پنهنجي من ۾ ڳول
هو ويجھو آهي
ساھ جي شاھ رڳ کان به
پاڻ ۾ هن کي ڳول
پهرين تون پنهنجو
وجود ڳول
هن جو ملڻ پوءِ
مشڪل ناهي
پنهنجي اندر جو سفر
جاري رک،
هو توکي اتي ملندو.