ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

مان اوهان جو دشمن

مون ڪجھ ڏينهن پهريان
شيطان کي
ڏند ٽيڙي کلندي ڏٺو
هن چيو، جيڪو مون
تنهنجي رب سان
واعدو ڪيو هو
اهو پاڙيان پيو.
مون پڇيو ڪهڙو؟
چيائين ته
ڇا توکان تانيه
وسري وئي؟
مون چيو نه نه،
هن چيو مان ئي آهيان
هن کي مارائڻ وارو.
چيائين ته
مان لوئي ۽ لڃ کي
ليڙون ڪرڻ پئي چاهيو
پر انڪار تي هي انجام،
مون چيو پو ته هو
تنهنجو دوست آهي،
هن چيو انسان
۽ منهنجو دوست،
مون چيو ها ها
هو تنهنجي نقشي قدم
تي هلي
تانيه جو قتل ڪيو.
چيائين ته
ڀلين قاتل هجي يا مقتول
مان آدم جو دشمن آهيان،
جنهنجي ڪري مان
عزازيل مان شيطان ٿيس.
هو وڏا ٽهڪ ڏيندي
مان اوهان کي
ماڊرن ڪريان پيو،
جي مون کي نه روڪيو ويو ته
اڃان ڪئي تانيه وڏيرن هٿان مرنديون،
جنهن ۾ اوهان کي
الجھائي ڇڏيندس
ته قاتل ڪير آهي.
مان هاڻي
ميدان تي لهي آيو آهيان
مان اوهان ۾
فرقيواريت جي
جنگ ڇيڙيان پيو
مسجدن کان ڏور ڪري
ڪلبن تائين پهچايو،
بم بلاسٽ ڪرايا
مان مسلمانن جو
کليو دشمن آهيان.
هاڻي اوهان
سست آهيو
ڇوجو اوهان جي
حڪمرانن کي
پاڻ سان ملائي
منهگائي جي
چڪي ۾
پسيان پيو.
جنهن سان اوهان
دولت خاطر
پنهنجي حفاظت ڪندڙ
رب کي به
وساري ڇڏيو آهي.
اوهان سڀ
منهنجا دوست آهيو
۽ مان،
اوهان جو
دشمن.



ياد توکي ڪري رات روئندو رهيس
حال منهنجو ڏسي چنڊ به روئي پيو