ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

اي زمانا  

اي زمانا

اي زمانا مون کي ٻڌاءِ
منهنجو ڪهڙو قصور آ؟
منهنجي عمر اڃان گُڏين سان
کيڏڻ جي آهي.
مان ته معصوم آهيان
تو مون کي به
وحشين حوالي ڪري ڇڏيو.
ڇو هتي
نياڻين جو
تقدس پئمال ٿئي ٿو؟
اڃان مون کي
سوچڻ جي به خبر ناهي
ڇو منهنجي جسم کي،
ڪنهن بگھڙ جيان
حوس جو نشانو بڻائي
مون کي موت جي
بي رحم
وادي ۾
اڇلايو ويو.؟


(قصور جي معصوم نياڻي زينب کي جنسي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي افسوس ۾ هي نظم لکي )