خوشحال سنڌ, ليکڪ : دادا سنڌي

خوشحال سنڌ

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : خوشحال سنڌ
ليکڪ : دادا سنڌي
ڪيٽيگري : سنڌ شناسي
ڇپيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي
شايع ٿيڻ جو سال : 2008
شامل ڪيو ويو : 2018-01-14
ڏِٺو ويو : 5295 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1157 ڀيرا
سنڌ جي حيواني، معدني ۽ پيداواري وسيلن جي ڄاڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ قدرتي شاهوڪاريءَ جي تفصيلن سان ذڪر ڪيل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي.
هو منڍ ۾ لکي ٿو:
”سنڌ هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي. سنڌ جي معيشت هڪ تاريخي حقيقت آهي ۽ سندس عظمت فخر لائق آهي. مون ڏٺو آهي ته اسان جو نئون نسل ۽ نوجوان طبقو، پنهنجي جنم ڀوميءَ جي تاريخ سان محبت ڪرڻ ٿو چاهي، پر جيئن ته هي سائنسي ۽ معاشي د‌‌ور آهي ۽ هت هڪ هڪ سيڪنڊ ۽ هڪ هڪ منٽ جي پنهنجي اهميت آهي، ان ڪري وڏا وڏا ڪتاب ۽ ڊگها ڊگها مضمون پڙهڻ لاءِ وقت ملڻ مشڪل آهي، ويتر ٽي وي ۽ ڊش انٽينا جي ميسر ڪيل تفريح، واندڪائي ۾ پڙهڻ واري نظريي کي به گهٽائي ڇڏيوآهي. ان ڪري ئي مان نوجوانن لاءِ مختصر ۽ ننڍن مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ کي سموهي، پنهنجن ديس واسين آڏو پيش ڪريان ٿو.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري سنڌ شناسي مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ