سچ ۽ سپنو
ها مان ڏسندو آهيان. اها انصاف جي عمارت جڙي راس ٿي وئي آهي. باغ ۾ مکڙين مان گل ٽڙي پيا آهن عمارت جي اندر ۽ ٻاهر ماڻھن جي چرپر ۽ چوٻول آهي.... پر ٿورو ويجهو وڃي ڏسندو آهيان تہ اهو سڀ ڪجهہ طلسم لڳندو آهي. انصاف جي عمارت ۾ اوچتو وڏا ڏار پوندي محسوس ٿيندا آهن ۽ واريءَ جي ڪنھن محل وانگر ڀرندي ذرا ذرا ٿيندي ويندي آهي. گلن کي غورَ سان ڏسندو آهيان تہ ٽانڊا لڳندا آهن ۽ عمارت جي اندر ۽ ٻاهر گهمندڙ ماڻھو سڀ ڪنڌ ڪٽيل ۽ گهمندڙ ڦرندڙ لاشا نظر ايندا آهن. اهو سڀ ڪجهہ ڏسي آئون ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي پوندو آهيان ۽ روز اهوئي سوچيندو آهيان تہ منھنجو سپنو سچ آهي يا سچ ڪوئي سپنو.