احسان دانش سنڌي ڪھاڻي کيتر جي سرجڻھارن مان پاڻ کي پوئين صف ۾ شمار ڪندڙ ۽ خاموشيءَ سان ڪھاڻي ڪاڪ ۾ پنھنجي موھہ جي مومل سان پنھنجي هنئين جون هيکلائيون، سماجي وارتائون ۽ اکين جا اوسيئڙا اوريندڙ آهي. احسان دانش جون ڪھاڻيون پنھنجي فڪري اظھار، فني اسلوب ۽ احساساتي تاڃيپيٽي ۾ پنھنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ رکندڙ آهن. احسان دانش جون ڪھاڻيون هڪ طرف موضوعن جي ورائٽي ۽ فني ندرت رکندڙ آهن تہ ٻي طرف پختي، تز ۽ شاعراڻي ٻولي جي حسن سان آراستہ آهن.
ڪھاڻيون
بي سڪون خوابَ جو سچُ
- 5.0/5.0
- 112
- 18
- ھڪ ھفتو اڳ
- 2

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، محقق ۽ ڪھاڻيڪار احسان دانش جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”بي سڪون خوابَ جو سچُ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.احسان دانش سنڌي ڪھاڻي کيتر جي سرجڻھارن مان پاڻ کي پوئين صف ۾ شمار ڪندڙ ۽ خاموشيءَ سان ڪھاڻي ڪاڪ ۾ پنھنجي موھہ جي مومل سان پنھنجي هنئين جون هيکلائيون، سماجي وارتائون ۽ اکين جا اوسيئڙا اوريندڙ آهي، پر حقيقت ۾ هن جي ڪلا، ڪھاڻيءَ کانسواءِ شاعري، تحقيق، تنقيد، لطيفيات، ڪالم نگاري، ڪمپيئرنگ ۽ علم تدريس جي شعبن ۾ هڪ ئي وقت ڳتيل ۽ سلھاڙيل رهي آهي. احسان دانش جون ڪھاڻيون پنھنجي فڪري اظھار، فني اسلوب ۽ احساساتي تاڃيپيٽي ۾ پنھنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ رکندڙ آهن.
احسان دانش جون ڪھاڻيون هڪ طرف موضوعن جي ورائٽي ۽ فني ندرت رکندڙ آهن تہ ٻي طرف پختي، تز ۽ شاعراڻي ٻولي جي حسن سان آراستہ آهن، انھيءَ ڪري پڙهڻ ۾ رواني ۽ رس چس جو روح رکندڙ بہ آهن تہ ذهن تي انوکو تاثر ۽ ڀرپور احساس ڇڏيندڙ بہ.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ سچل ادبي مرڪز پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون احسان دانش جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف احسان دانش
- ڇپيو ويو 2005
- ڇپائيندڙ سچل ادبي مرڪز پبليڪيشن لاڙڪاڻو
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 23/Jul/2025
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 18 ڀيرا