درد لادوا
آفيس جي وال ڪلاڪ ۾ ڏھہ لڳي پنج منٽ ٿي رهيا هئا، سيڪنڊ ڪانٽو انگن مٿان ننڍيون ننڍيون ٻرانگهون پائي رهيو هو. منھنجو قلم ڪاغذ جي سيني مٿان تيزيءَ سان تِرڪندو رهيو. ڪم ۾ مصروف رهڻ ڪري ٽائيم گذرڻ جو احساس ئي ڪونہ پئي ٿيو. شام جا چار ٿيا تہ ٻئي ٻانھون مٿي ڪري آرس ڀڳم. ائين ٿي لڳو جيئن جسم مان هلڪيون لھرون اُڀري هٿن جي آڱرين مان نڪرنديون هجن.... آفيس ۾ هاڻي ٽائيپ جي ٽڪ ٽڪ کانسواءِ ڪوبہ آواز نہ هو. هرڪو پنھنجو ڪم وائينڊاپ ڪري رهيو هو. مان بہ پنھنجا رجسٽر ۽ فائيل سھيڙڻ لڳس. سڀ شيون گڏ ڪري ٽيبل جي پويان رکيل سيف ڏانھن اڃا مڙيس ئي مس تہ هڪ معصوم آواز ۽ سھڻي صورت واري ناري منھنجي سامھون اچي بيٺي. هن منھنجي آڏو هٿ ڊگهو ڪري چيو "او سائين! ﷲ جي نالي تي منھنجي مدد ڪر، مان غريب مسڪين آهيان."
مان هن کي ڏسي بت بڻجي ويس. سندس ميڪ اپ کان عاري مکڙو ڏاڍو من موهيندڙ هو. ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن ۾ بہ هوءَ حسين لڳي رهي هئي. سندس گهاٽن وارن ۾ مٽي پيل ۽ چڳون الجهيل هيون پر ها! هن جو نڪ نقشو ڪنھن شھزاديءَ کان گهٽ نہ هو. مان سندس هلڪين نيرين ۽ آلين اکين ۾ ڪجهہ ڳولھڻ لڳس ۽ ها! سندس لڙڪن ۾ مون کي ماضيءَ جي هڪ ڌنڌلي تصوير نظر آئي.
سال کن اڳ معمول مطابق آفيس ۾ آئون پنھنجي ڪم ۾ مشغول هئس تہ ڪو معصوم ۽ پيارو آواز منھنجي ڪنن سان ٽڪرايو هو، "او سائين! ﷲ جي نالي تي منھنجي مدد ڪر! مان غريب مسڪين آهيان."
مون ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو هو، سندس ميڪ اپ کان عاري مکڙو من موهيندڙ هو، ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن ۾ بہ هوءَ چنڊ جو ٽڪرو لڳي رهي هئي. سندس عمر ٻارنھن تيرنھن سال کن هئي. هن جي آواز مان اڃا معصوميت جي خوشبوءِ ڪونہ اڏامي هئي. سندس جملي منھنجي جيءَ کي جُهٻو ڏنو هو. مون کيسي مان پنج روپيا ڪڍي هن جي تريءَ تي رکيا هئا، پوءِ هوءَ ڪيترائي ڏينھن مون کان خيرات پنندي رهي. مان هڪ غريب ڪلارڪ هوندي بہ هن کي ڪڏهن خالي هٿين ڪونہ موٽايو هو. درد جا ڪارا ڪبوتر مون کي سندس اکين جي آڪاس تي ڦڙڪا ڏيندي نظر ايندا هئا. مان انھن ڪبوترن کي ڦاسائي ڪُھڻ چاهيو هو، ها! مون هڪ ڏينھن کانئس پڇڻ چاهيو هو هن جي درد جو داستان. کيس پنھنجي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويھاري ڏاڍا ايلاز ڪيا هئا تہ پنھنجي متعلق ڪجهہ ٻڌاءِ پر ٻڙڪ ٻاهر نہ ڪڍي هئائين. نيٺ ڪرسيءَ تان اٿي لڙڪ لاڙيندي ٻاهر نڪري وئي هئي. آفيس وارن منھنجي مٿان الائي ڪھڙيون ڪھڙيون ڳاليھون ٺاهيون. پرپٺ چون، "لڳندو تہ شريف آ پر هاڻي خبر پئي تہ وڏو کڙپيل آ...."
"لڪل ٿئي لڪل.... ايئن ميسوڻو نہ سمجهينس، وڏو عاشق جيئڙو ٿئي...."
پرپٺ تہ ٺھيو پر سامھون بہ ڪوئي نہ مڙيو. ڪنھن چيو: "اها فقيرياڻي تہ الائي ڪھڙو جادو ڪري وئي اٿئي، جو مٿس لک ٿو لٽائين."
منھنجي جواب ڏيڻ کان اڳ ۾ ٻئي چيو، "يار سڌي سنئين ڳالھہ آهي، هوءَ هِن جي دل کسي وئي آهي."
"يعني لو افيئر.... او....!"
ڪنھن چيو، "لو افيئر سو بہ فقيرياڻيءَ سان. Imposible، ايئن ٿي ئي نٿو سگهي."
هڪڙي ڪلارڪ ڀرون ڇڪي چيو هو"ها يار! مونکي بہ ڪو ٻيو چڪر ٿولڳي."
جڏهن اُبتيون سُبتيون ڳالھيون ٻڌي منھنجي صبر جو پئمانو لبريز ٿيندو هوتہ مٿن گرم ٿيندو هئس ۽ پاڻ کي ڪليئر ڪرڻ لاءِ چوندو هئس. "اهڙي ڪا بہ ڳالھہ ڪونھي، توهان کي غلط فھمي آهي، مون کي فقط هن سان همدردي آهي بس ۽ جيڪڏهن ڪنھن سان همدردي ڪرڻ ڏوھہ آهي تہ ٺيڪ آهي، توهان مونکي ڏوهي چئي سگهو ٿا."
پر منھنجي صفائيءَ کانپوءِ بہ هو ڪونہ مڙندا هئا ۽ مڙيئي ابتيون سبتيون ڳالھيون پيا ڪندا هئا. جنھن ڏينھن مون کيس ڪرسيءَ تي ويھاري کانئس پڇيو هو، تنھن ڏينھن کان پوءِ هوءَ وري ڪڏهن نہ آئي هئي. مان سندس ائين اوچتو غائب ٿي وڃڻ تي حيران ٿي ويو هئس.
"تون... تون شبو آهين نہ.... شبنم؟" مون پنھنجا سھيڙيل رجسٽر ۽ فائيل ٽيبل تي رکندي پڇيومانس ها! هڪ ڏينھن مون کانئس نالو پڇيو هو، چيو هئائين، "شبو نالو آهي.... شبنم."
"ها....! پر....." هوءَ پر چئي چپ ٿي وئي.
"ها مان توکي سڃاڻان ٿو." مان سندس ٻن لفظن جي سوال جو جواب هڪ جملي ۾ ڏنو. ڪجهہ پريان پيل ڪرسيءَ کي سوري چيومانس، "ويھه" منھنجا ڪليگ مون کي ۽ شبو کي ڏسي وائڙا ٿي ويا.
هن ڪرسيءَ تي ويھندي چيو، "تون....." الائي ڇو آئون سندس چيل مختصر لفظن مان آسانيءَ سان معنى ڪڍندو ويس. ها! هن مون کي ڪجهہ دير سان ئي سھي پر سڃاڻي ورتو تہ مان آصف آهيان. هن ڪرسيءَ تي ويھڻ کانپوءِ ڪجهہ دانھن ڪئي، "او...." اوچتو منھنجي نظر سندس پيٽ تي پئي. جيڪو گول مٽول ۽ اڀريل هو، کيس پاتل چولو سوڙهو ٿي لڳو.
"هي....!!" مون کان هلڪي دانھن نڪتي، "شبو، ڇا تنھنجي شادي ٿي وئي آهي؟" هن جو ڪنڌ جهڪي ويو. منھنجا ڪليگ ڪم مان ڪنڌ ڪڍي ڪنھن ڪنھن پل اسان ٻنھي ڏانھن گهوري رهيا هئا ۽ شايد پاڻ ۾ سس پس بہ شروع ڪيائون ٿي.
"مون کي ٻڌاءِ، ڇا تنھنجي .....!"
منھنجي جملي جي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي هن چيو، "نه". مان چپ ڀڪوڙي ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏئي سانت ٿي ويس. هوءَ بہ خاموش هئي ۽ آفيس ۾ هلندڙ ٽائيپ جي ٽڪ ٽڪ جو آواز منھنجو ميڄالو چِٿي رهيو هو ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ اجهو منھنجو ميڄالو ٻاهر نڪري پوندو. اکين کي زور سان بند ڪري هڪ وڏو ساھہ کنيم، پوءِ لڱ ڍلا ٿيندي محسوس ٿيا. تارن تان پنبڙيون هٽايم تہ سامھون انڌيرو ٿي لڳو، پوءِ هلڪا هلڪا ترورا ۽ پوءِ شبو جو چھرو. الائي جي ڇو مونکي هن جو درد پنھنجو محسوس ٿي رهيو هو، سندس چھري تي ڏاڍ جا آثار صاف صاف ظاهر هئا. مان سڌو ٿي کيس چتائي ڏٺو. هن جي جهڪيل نيڻن مان وهندڙ لڙڪ هن جي بيگناهيءَ جي گواهي ڏئي رهيا هئا.... منھنجا ڪليگ آهستي آهستي آفيس مان وڃڻ لڳا.
"شبو اهو سڀ ڪجهہ ڪيئن ٿيو؟" جواب نہ مليو. "ٻڌاءِ شبو..... مون کي ٻڌاءِ، مان تنھنجو همدرد آهيان، مان...."
"صاحب هن دنيا ۾ ڪو بہ ڪنھن جو همدرد نہ آهي، منھنجو سڀني تان ويساھہ کڄي ويو آهي، سڀني تان..... هونئن بہ ڇا رهيو آهي ٻڌائڻ لاءِ جيڪو توکي ٻڌايان." هن جو روئڻھارڪو آواز دل کي وڍ وجهي رهيو هو. سندس لفظَ درد جي زهر ۾ ٻڏل هئا.
"جيڪڏهن ڪجهہ پڇڻو اٿئي تہ انھن درندن کان پڇ، جيڪي انسانن جو روپ وٺي مون جهڙين هزارين نياڻين کي پنھنجي هَوَس جو کاڄ بڻائي رهيا آهن. "مون کي يقين نہ پئي آيو تہ هي شبو پئي ڳالھائي پر.... شايد زماني جي ظلمن کيس گهڻو ڪجهہ سيکاري ڇڏيو هو.... ها، ڳالھائڻ بہ....
"هاڻي تہ مان ان کوٽي سڪي وانگر آهيان جيڪو ڪڏهن بہ اَگهي ڪونہ ٿو سگهي. صاحب جڏهن مان توکان پنڻ ايندي هئس تہ تون اڪثر مون کان منھنجي ڪھاڻي پڇندو هئين. مان پئي نٽائيندي هيس پر صاحب اڄ مان توکي سڀ ڪجهہ ٻڌائينديس، سڀ ڪجهہ.... هن بي رحم دنيا ۾ اهڙا ماڻھو ڪٿي آهن جيڪي ٻئي جي درد کي پنھنجي دل جو سور بڻائين پر تنھنجي همدرديءَ منھنجو دنيا وارن تان کڄيل ويساھہ واپس آڻي رهي آهي. مان اڄ تنھنجي آڏو پنھنجي اندر جو اوٻر ضرور ڪڍندس."
هوءَ ڳالھائيندي رهي ۽ آئون چپ چاپ ٻڌندو رهيس. هن جا اجهل جذبا لاوا بڻجي سندس اندر مان نڪرندا رهيا.
"سائين مان گهمڻ مس سکي هوندس جو امڙ موڪلائي وئي هئي. بابو ڀنگ ۽ چرس پيئڻ کانپوءِ هيروئن جھڙي زهر پيئڻ جو عادي ٿي ويو. پوءِ بابا مونکي آڱر کان جهلي شھر ۾ پنائڻ شروع ڪيو. منھنجو سھڻو ۽ معصوم مکڙو ڏسي ماڻھن کي رحم اچي ويندو هو. بابا کي پُڙيءَ جيترا پئسا ٿيندا هئا تہ پنھنجي نشي جي ٻاڙ پوري ڪندو هو. پاڙي جي ڪن ماڻھن ﷲ جي نالي تي ماني ڏيڻ شروع ڪئي ۽ مڙئي گذارو ٿيندو رهيو. بابو بہ ڏينھون ڏينھن ڳرندو پئي ويو ۽ آخر هلڻ کان هلاڪ ٿي پيو. هيروئن جي پُڙيءَ کانسواءِ مان بابي جو ڦتڪڻ ڏسي نہ سگهيس. بس.... بغير ڪجهہ سوچڻ جي گهر کان پھريون ڀيرو اڪيلي پنڻ نڪتيس، گهر موٽيس تہ منھنجو جهول پئسن سان ڀرجي چڪو هو. عام ڏينھن کان وڌيڪ پئسا مليا. پر ها! انھن پئسن جي عيوض ڪن ماڻھن منھنجن ڳلن تي هٿ ڦيريا، ڪن اکيون ٿي هنيون تہ ڪن وري ٻانھن کان جهلي سيني ڏي ڇڪيو. بابا پئسا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. مون کي ڏاڍو پيار ڪيائين پر منھنجين اکين ۾ ترندڙ ڳوڙهن کي نہ ڏٺائين. ائين مان بابي جي نظر ۾ جيڪا زندگي هئي اهو زهر خريد ڪرڻ لڳيس."
ڪجهہ گهڙين لاءِ هوءَ خاموش ٿي وئي. سندس خاموشيءَ ۾ بہ ڄڻ ڪو طوفان لڪل هو. چيومانس "شبو.... تنھنجي اندر ۾ جيڪي ڦٽ آهن، تن جو درد مون محسوس ڪري ورتو آهي، تنھنجين ڳالھين مان. شبو.... شبو مون کي ٻڌاءِ، اهو شيطان ڪير هو، جنھن تنھنجي حسن تي حملو ڪري تنھنجن معصوم جذبن جو قتل ڪيو. مون کي ٻڌاءِ..... اهو ڪير هو؟" منھنجو بدن لوھہ جيان تپڻ لڳو.
"سائين....!" شبو هڪ ڊگهو ساھہ ڀري چيو، ائين لڳو ڄڻ پنھنجي اندر جو سمورو اوٻر ٻاهر ڪڍڻ ٿي گهريائين "مان توکي ڪھڙن ڪھڙن ظالمن جا نالا ٻڌايان، ڪو هڪ هجي تہ چوان. هاڻي تہ مون کي هي سڄي دنيا وحشي پئي لڳي. صاحب، جڏهن منھنجو سڀ ڪجهہ لٽجي ويو تہ مان حياتيءَ مان بيزار ٿي پيس پر وري بہ بابا جو بي ڪفن لاش آڏو اچي ويو، منھنجن چپن تي چُپِ جو تالو لڳي ويو. اکين مان ڳوڙها سڪي ويا. خبر ناهي ڪيترا ڏينھن گهر کان پير ٻاهر نہ ڪڍيم. منھنجي اندر ۾ اوندھہ پکڙجي وئي. دنيا سڄي دوکو پئي ڀائنيم..... بابا جي خوراڪ ختم ٿي تہ بيقراري شروع. وري ساڳي ائي لي گهوڙا. گهر کان پير ٻاهر ڪڍيم تہ زمين ٽامي وانگر لڳي. هر ماڻھو شڪاري ڪتي وانگر ڄڀ لڙڪائيندي نظر آيو. ها!.... پوءِ تہ مان ڪيترن ئي وحشين هٿان لٽبي رهيس. سال کن اڳ جڏهن تو وٽ تنھنجي اڳين آفيس ۾ آخري دفعو پنڻ آئي هيس تہ ان کانپوءِ مون تي اهو ظلم ٿيو. ها! پوءِ مون پاڻ کي تو جھڙي ڀلي ماڻھو، اڳيان اچڻ لائق نہ سمجهيو. تون يقين ڪر صاحب، جيڪڏهن مون کي پتو هجي ها تہ تون هن آفيس ۾ آيو آهين تہ مان هتي ڪڏهن بہ نہ اچان ها. آصف صاحب مان.....“
ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽيندي چيومانس "شبو، آصف صاحب نہ، مون کي آصف چئہفقط آصف."
"آصف." هن هلڪي آواز ۾ اچاريو ۽ ائين لڳو ڄڻ پنھنجي اندر ۾ هڪ عجيب سڪون محسوس ڪيائين.
"شبو، صاحب ڌارين کي چئبو آهي، تون مون کي پنھنجو سمجهہ. مان تنھنجو همدرد ۽ دوست آهيان. تنھنجن لفظن جي درد منھنجي دل کي زخمي ڪري وڌو آهي. توسان جيڪو ڪجهہ هن وقت تائين ٿيو آهي، هاڻي آئون ايئن ٿيڻ نہ ڏيندس."
"سائين، توهان اڃا ويھندئو؟ مون کي ٻھاري ڏيڻي آهي." سوئيپر آفيس ۾ گهڙندي مون کي چيو.
"بس اسان هلون ٿا." چيومانس.
مون پنھنجو سامان ٽيبل تان کڻي ڪٻٽ ۾ رکيو.... سج بہ ٻڏي رهيو هو ۽ ها! پوءِ شبو سڌي روڊ تي ويندي رهي، بغير ڪنھن جي آڏو هٿ جهلڻ جي. تنھن ڏينھن منھنجي اندر ۾ عجيب ڪيفيتون ڪر موڙي اٿيون هيون. رات ٿي تہ اکين تي ننڊ جون پريون لھي آيون ۽ سڄي رات خوبصورت خوابن جي کٿوري ذهن کي واسي ڇڏيو هو. نيڻن جا دروازا کوليا هئا تہ صبح جا اجرا ڪرڻا من ۾ ڪتڪتايون ڪڍڻ لڳا هئا.
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ منھنجو لاڙڪاڻي کان ڪراچي بدليءَ جو آرڊر نڪتو هو. منھنجي اندر جو آئينو چور چور ٿي ويو هو.... ڪڇان تہ ڪافر. من تي ڳرو پٿر رکندي وڃڻو پيو. ڀلا اڪيلو سر منٿن سان نوڪري ملي، سا ڪيئن ڇڏيان. پوءِ مسلسل بدليون ٿينديون رهيون. ڪراچيءَ کان بدين، بدين کان ٺٽي. پنجن سالن جي سروس ۾ ستن شھرن ۾ ٽرانسفر ٿي آهي. اڄ ٺٽي مان حيدرآباد بدلي جو آرڊر مليو. هاڻي تہ اهي آرڊر ڏسي ڏسي هري ويو آهيان... انھيءَ افراتفريءَ ۾ دل جي تھہ خاني ۾ رکيل يادن جا ڪيئي ورق سڙي رک ٿي ويا آهن. سمورا خواب درد نگر ڏي اڏري ويا آهن ۽ اندر ۾ بيچينيءَ جو سمنڊ ڇلي رهيو آهي. شبو سان هن زماني ڪھڙي حالت ڪئي هوندي. اهو سوچي سچ پچ دل ۾ درد جي هڪ سٽ اڀري وڃي ٿي. منھنجي آٿت کانپوءِ هن جي من ۾ اميدن جي جيڪا ننڍڙي لاٽ ٻري هوندي. سا بہ منھنجي وڃڻ کانپوءِ اجهامي وئي هوندي. سندس دل جو درد لادوا ٿي چڪو هوندو. هوءَ وري اداسيءَ ۽ بيقراريءَ جي آويءَ ۾ پچڻ لڳي هوندي ۽ ها هاڻي تہ هوءَ هڪ ماءُ بہ بڻجي چڪي هوندي. اهڙي ماءُ جيڪا پنھنجي ٻار کي پيءُ جو نالو ڪڏهن بہ نہ ڏئي سگهندي.