آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

والد جي دڙڪن تي گهر ڇڏيم

چڱي طرح ياد نہ آهي پر سمجهان ٿو تہ ڦوھ جواني جا ڏينھن ھئا، ھڪ ڏينھن آغاجِي ڪنھن غير ضروري ڳالھ تي ڪاوڙ ۾ اچي ويو. اسان جي ھڪٻئي سان جملن جي گهڻي ڏي وٺ بہ نہ ٿي. آغاجِي ڪاوڙ جو سخت ھوندو ھو، جڏھن ھُو ڪاوڙ ۾ ايندو ھو تہ گهر جو ڪوبہ فرد ان سان اکيون نہ ملائي سگهندو ھو. مون دل ۾ ڪاوڙ ۽ ڪينو رکڻ بدران پنھنجي بي عزتي محسوس ڪئي، ھي اھي ئي لمحا ھئا جڏھن مون گهر ڇڏڻ جو پڪو پھ ڪري ورتو هو. ٻي جنگِ عظيم پنھنجن زورن تي هئي، ريل، جنگي ساز و سامان، ھٿيار ۽ فوجين جي نقل و حرڪت تي مڪمل پابندي مڙهي وئي ھئي. جنھن ڪري گلن جو واپار سخت متاثر ٿيو ھو، پشاور مان گل اچڻ بند ٿي ويا هئا. پٽ ۽ ڌيئرن تي مشتمل اسان جو وڏو خاندان مالي بحران جو شڪار ٿي ويو ھو. آغاجِي مستقبل لاءِ پريشان ٿي ويو. اھو احساس آئون بہ محسوس ڪري رهيو ھئس. امان دم جي مرض ۾ مبتلا ھئي، ايوب، معذوريءَ جي ڪري بستري حوالي ھو. مون ڪو ڪم ڪري آغاجِي جو ٻوجهہ ھلڪو ڪرڻ ٿي چاهيو، پر ڇا ڪيان؟ منھنجي ذھن ۾ ڪوبہ خيال نہ ھو. حيرت آهي تہ وڏو ڀاءُ نُور صاحب سڀني معاملن کان بلڪل آزاد ۽ بي فڪر ھو ۽ آغاجِي جي پريشانين کان لاتعلق ھو. بس پيءُ جو ڪم آھي تہ ھميشہ آرام ۽ آسائشون مھيا ڪندو رھي. نُور صاحب جو بہ اھو ئي خيال هو تہ والد صاحب ھميشہ سُک ۽ آسائشون ڏيندو رھندو. نُور صاحب، ڀينرن جي تعليم جي بہ خلاف ھو. آغاجِي جي مالي حالت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي وئي. ٻہ پڦيون بہ ھتي بمبئي ۾ اسان سان گڏ رھنديون ھيون. انھن جو رَوَيو ھتي بہ پشاور وارو ئي هو تہ گهر جي ڪم ڪار لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪرڻو.
امان کي دم جي تڪليف ھجڻ ڪري ساھ کڻڻ ۾ سخت تڪليف ٿيندي ھئي. تڪليف ۾ بہ امان ڪم ڪندي رھندي ھئي پر پڦين ڪڏھن بہ امان سان ڪم ۾ ھٿ نہ ونڊايو. ادي سڪينہ شاديءَ جي لائق ٿي چڪي هئي. ھن ۾ عورتن وارين خوبين بجاءِ مردن وارو ضد، ڳالھ ڳالھ تي ٻين سان اَٽڪڻ واريون عادتون گهڻيون ھيون، امان، ادي بابت سخت پريشان رھندي ھئي. ان جو خيال هو تہ اھڙين ڇوڪرين جو سڱ وٺڻ ڪير ايندو. گهر ڇڏڻ کان پوءِ بہ منھنجو ذھن گهر جي معاملن ۾ اٽڪيل رھيو. آغاجِي ايتري ڪاوڙ ڇو ڪئي؟ منھنجي گهر مان بنا ٻڌائڻ جي نڪرڻ تي امان مٿان ڇا گذرندي ھوندي! جڏھن تہ ھُوءَ ٺيڪ بہ نہ آھي. ڪيترائي خيال ذھن ۾ اچي رھيا ھئا. سوچيم تہ ھاڻ گهر کان نڪري آيو آھيان، جيڪو قسمت ۾ ھوندو اھو ئي ملندو. مون اھو پڪو پھ ڪري ورتو هو تہ آغاجِي کي اھو ثابت ڪري ڏيکاريندس تہ آئون ان جي آسائشن ۽ سُکن کي ڇڏي، مشڪل وقت کي بہ منھن ڏيئي سگهان ٿو.
گهر مان نڪرڻ وقت منھنجي کيسي ۾ چاليھ روپيا ھئا. بمبئي کان پونا وڃڻ لاءِ مون بوري بندر اسٽيشن تان ٿرڊ ڪلاس جو ٽڪيٽ خريد ڪيو، مون آغاجِي سان گڏ ھميشہ فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪيو ھو. سفر دوران اھو اطمينان ھو تہ جيڪو بہ ڪم مليو اھو ڪندس. بمبئيءَ ۾ ڪم ڪرڻ منھنجي لاءِ ممڪن نہ ھو، ڇو تہ اتي ماڻھو مون کي سرور خان جي پٽ طور سڃاڻيندا هئا، سماجي مرتبي کان گهٽ ڪوبہ ڪم ڪرڻ ناممڪن ھو، ڇو تہ ان سان آغاجِي جو معاشرتي وقار مجروح ٿئي ھا.
آئون پونا ريلوي اسٽيشن تي لھڻ کان پوءِ ھڪ ايراني ڪيفي تي ويس، چانھ ۽ نمڪين بسڪوٽن جو آرڊر ڏنم، ڪيفي جي مالڪ سان جڏھن فارسي ۾ ڳالھايم تہ ڏاڍو خوش ٿيو، مون ان کي چيو تہ، ”اھڙي ماڻھو جو ڏس ڏيو، جنھن کي ملازم جي ضرورت ھجي.“
ھن مون کي ويجهو ئي ريسٽورنٽ جي مالڪ اينگلو انڊين جوڙي سان ملڻ لاءِ چيو. اھو سردين جو انتھائي خوبصورت ۽ وڻندڙ صبح ھو، سج چمڪي رهيو هو، آسمان تي ڪڪر ھلي رھيا ھئا، ڪيفي مان نڪري ٿوري دير لاءِ ٻاھر بيھي رھيس، شاندار رنگين صبح ۽ خوشگوار موسم مان لطف اندوز ٿيندو رھيس. ايراني ڪيفي جي مالڪ جي ٻڌايل ايڊريس تي پھتس. زال مڙس ڪائونٽر تي ويٺا ڪچھري ڪري رھيا ھئا. ڪجهہ گهڙيون تہ ھُو مون کان بي خبر رھيا، جڏھن انھن مون ڏانھن ڏٺو تہ مون انھن کي پنھنجو ڪم ٻڌايو، زال مڙس کي چيو تہ، ”ڇوڪرو انگريزي ڏاڍي سٺي ٿو ڳالھائي، ھن کي ڪينٽين ڪانٽيڪٽر ڏي موڪليو.“
زال جي سفارش ٻڌڻ کان پوءِ مڙس جنھن جو نالو شايد ويزلي ھو، مون کان پڇيو تہ، ”ڇا تون اين ڊبليو ايف پي (اتر اولھ سرحدي صوبي ھاڻ خيبر پختونخواه) کان آيو آھين؟ آرمي ڪينٽين جو ڪانٽيڪٽر منھنجو دوست آهي اھو بہ پشاور جو آھي، پر ھاڻ پونا ۾ رھندو آھي.“
پشاور جو نالو ٻڌندي ئي منھنجا ڪَنَ کڙا ٿي ويا، اھو ئي تہ ڊپ ھو، ھن وڌيڪ چيو تہ، ”اھو ڪانٽيڪٽر ڀلو ماڻھو آھي.“
مون ويزلي کي چيو تہ، ”ھُو منھنجي سفارش ڪندو تہ احسانمند رھندس.“ ھُو مون کي ڪانٽريڪٽر ڏانھن موڪلڻ لاءِ راضي ٿي ويو. ويزلي مون کي صبح جو ڪانٽيڪٽر سان ملڻ لاءِ چيو. رات گذارڻ لاءِ مون ويزلي کان سستي ھوٽل جي پڇا ڪئي. اھو ڏينھن ھيڏانھن ھوڏانھن رلندي گذاريم. ڏينھن ۾ رلڻ دوران تہ ڪا خبر نہ پئي پر جڏهن رات جو ستس تہ امان، آغاجِي ۽ گهر بابت مختلف خيال اچڻ لڳا. پھريون دفعو امان کان جدائيءَ جو وڏي شدت سان احساس ٿي رهيو هو. آغاجِي جو مون تي ڪاوڙجڻ، امان کي ڏک ٿيو ھو، پر ھن منھنجي طرفداري نہ ڪئي، امان جي اھا روايت نہ ھئي تہ ھُو پنھنجي مڙس کي غلط چوي، ھن جو مزاج ئي پنھنجو ھو.
مون امان ۽ آغاجِي کي ڪڏھن بہ پاڻ ۾ ڪچھري ڪندي نہ ڏٺو، ھنن جي پاڻ ۾ انتھائي گهري محبت ۽ عزت احترام وارو تعلق جڙيل ھو. ھُو ھڪٻئي کي چڱي طرح سمجهندا ھئا. گهر جي ضرورتن کان وٺي ٻيو ڪو معاملو امان کي ٻڌائڻ جي ضرورت ئي نہ پوندي هئي. آغاجِي پاڻھي سمجهي ويندو هو، ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ مون کي ننڊ جو جهوٽو آيو.
صبح جو اٿي وھنجي، صاف سٿرا ڪپڙا پائي ڪينٽين ڪانٽيڪٽر ڏي ويس، رستي ۾ دعائون گهرندو ويس تہ سڃاڻو نہ نڪري پوي. ڪانٽيڪٽر کي ڏسندي منھنجي حيرت جي حد نہ رھي، ڇو تہ اھو ڪانٽيڪٽر تاج محمد، آغاجِي جي ھڪ بھترين دوست جو ننڍو ڀاءُ ھو. ڪانٽيڪٽر تاج محمد جي وڏي ڀاءُ آفيسر آف برٽش ايمپائر OBE فتح محمد خان جي خانداني پسمنظر کان واقف ھئس. مون پنھنجو تعارف لڪل نموني ڪرايو. ھن کي ٻڌايم تہ بمبئي کان ملازمت لاءِ آيو آھيان. تاج محمد خان مون کان ڪو سوال نہ ڪيو. ڪاغذ قلم ڏيندي ڪينٽين مينيجر جي نالي درخواست لکڻ جو چيائين. مون درخواست لکي ڏني. تاج محمد منھنجي صلاحيت کان متاثر ٿيو، پر ان جو اظھار نہ ڪيائين.
آئون ڪينٽين مينيجر وٽ ويس، جتي ڪم تمام گهڻو ھو، ڪينٽين مينيجر کي اسسٽنٽ جي ضرورت ھئي. مينيجر کي اھو ٻڌي خوشي ٿي تہ مون کي انگريزي سٺي اچي ٿي. ھن مون کي ھٿ ڏنو ۽ پوءِ مون کي پنھنجو ڪمرو ڏيکاريائين. مون کي لڳو تہ منھنجي نوڪري پڪي آھي، پگهار بابت ڳالھ ٻولھ نہ ٿي سگهي، پر منھنجو خيال اھو ھو تہ پگهار جيترو بہ ھوندو، منھنجي لاءِ ڪافي آهي، مينيجر مون کي جنرل مينيجمينٽ جي نالي سان تمام گهڻو ڪم ٻڌائي ڇڏيو. اٽو، دال، بيضا، کير، پنير، مکڻ وغيرہ جو اسٽاڪ چيڪ ڪرڻو پوندو. تازيون شيون مارڪيٽ مان خريد ڪرڻيون پونديون، شيون خريد ڪرڻ مھل خاص خيال رکڻو پوندو. دڪاندار رشوت ڏيئي پاروٿين شين کي تازيون شيون ڪري لکرائيندا آھن. ڪِچن جي صفائي جو خاص خيال رکڻو پوندو. سوئمنگ پُول جي پاڻي ۽ آسپاس جي صفائي جو بہ خاص خيال رکڻو پوندو. آرمي ڪلب جي ميمبرن جون سرگرميون بار ۾ ٿينديون آهن، مردن لاءِ الڪوحل، بيئر ۽ ٻين شربتن جو بندوبست ڪرڻو پوندو. عورتن لاءِ مختلف فروٽ جو اسٽاڪ وافر مقدار ۾ ھجڻ گهرجي... ايترا ڪم... مون دل ۾ چيو تہ مينيجر صاحب ڪجهہ پنھنجي لاءِ بہ ڪم ڇڏيو.
مون رقم جي آمدني ۽ خرچ لاءِ رجسٽر ۽ اڪائونٽ بڪ پاڻ وٽ رکيا. ميون ۽ سبزين وغيرہ جي معيار جي مون کي خبر پوندي ھئي. مون خود اعتماديءَ سان پنھنجي ڪم جي شروعات ڪئي. مون جڏھن گهڻي قيمت تي غير معياري شيون خريدڻ کان انڪار ڪيو تہ خبر پئي تہ مينيجر ۽ سپلائير جي وچ ۾ مشڪوڪ معاملا ھلي رھيا ھئا. بيئر ۾ برف ۽ ٿڌو پاڻي وجهي ملاوٽ پئي ڪئي وئي، مون جڏھن نشاندهي ڪئي تہ مينيجر چيو تہ، ”ڇڏ انھي ڳالھ کي.“ مينيجر جي حرڪتن کي مون نظرانداز ڪري ڇڏيو، ان جو اھو نتيجو نڪتو تہ ھن جو مون سان رويو بھتر ٿي ويو، پر ھن منھنجي انگريز آفيسرن سان ڏيٺ ويٺ نہ ڪرائي. ڪلب ۾ ڪيپٽن کان وٺي برگيڊيئر تائين آفيسر گهڻو ايندا ويندا هئا. منھنجي سڀني سان سٺي دعا سلام ٿي وئي. ھُو منھنجي لباس ۽ وارن جي تعريف ڪندا هئا ۽ انگريزي رواني سان ڳالھائڻ کان بہ متاثر ھئا. ھُو مون کان خاندان بابت پڇندا هئا، ٻڌائيندو ھئس تہ حيران ٿي چوندا ھئا تہ تنھنجي ماءُ ايترا ٻار ڄڻڻ کان پوءِ بہ زندہ آھي.
آفيسر مون کي ’چِيڪُو‘ سڏيندا هئا، پوءِ خبر پئي تہ ھسپانوي ٻوليءَ ۾ ڇوڪري کي چيڪو سڏيندا آهن. منھنجي زال سائرابانو ھن وقت بہ جڏهن پوڙهو ٿي چڪو آھيان، تڏھن بہ پيار ۽ محبت ۾ مون کي ’چيڪو‘ سڏيندي آھي.
برٽش آرمي جي سپاھين جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي ھوندي ھئي، ٻئي طرف انگريز آفيسر پاڻ کي الڳ رکندا هئا، پر انھن جو روَيو بھتر ھوندو ھو، ڪلب جو ھڪ حصو صرف آفيسرن لاءِ ۽ پٺئين پاسي وارو حصو ٽامِيز يعني سپاھين لاءِ مختص ھوندو ھو. سپاھي جلدي نشي ۾ ڌُت ٿي ويندا هئا، انھن کي اھا خبر ئي نہ پوندي هئي تہ ھُو ملاوٽ وارو بيئر پي رھيا آھن. ٽاميز جي وھنجڻ لاءِ باٿ روم ٺھيل ھئا، اھي غسل خاني ۾ اگهاڙا ٿي وھنجدا ھئا ۽ دروازو کولي ڇڏيندا هئا. ھڪ دفعي نشي ۾ ڌُت ھڪ ٽامي مون کي ٻانھن کان جهليو ۽ چيائين تہ، ”مون سان گڏ اگهاڙو ٿي وھنج.“ مون ھن کان پاڻ کي ڇڏايو، ڇو تہ منھنجي جسم تي وار گهڻا آھن. وارن وارو جسم ڏيکارڻ منھنجي لاءِ شرمندگي ھئي. ان ڪري آئون ان سان گڏ نہ وھنتس. گهڻن وارن جي ڪري مون اڄ ڏينھن تائين اڌ ٻانھن واري شرٽ نہ پاتي آهي. منھنجي ٻانھن تي ايترا وار آھن جو مڇر بہ چڪ نٿا پائي سگهن.
انگريز آفيسرن سان گڏوگڏ منھنجي سپاھين سان سٺي دعا سلام ٿي وئي ھئي. سوئمنگ پول ۾ انگريز عورتون بہ وھنجنديون ھيون، شروع شروع ۾ ھنن کي ڏسڻ سان مون کي شرم ايندو هو. منھنجو تعلق ھڪ اھڙي معاشري سان ھو، جتي عورتون پنھنجو پورو جسم ڍڪينديون آھن، ھتي تہ عورتون پنھنجا ڪپڙا بہ سوئمنگ پول تي بدلي ڪنديون هيون ۽ ھڪ مختصر نڪر ۾ وھنجنديون ھيون. مون کي محسوس ٿيو تہ اھي انگريز عورتون سوئمنگ پُول ۾ وھنجڻ مھل، منھنجي موجودگيءَ کي خراب نٿيون سمجهن. ھڪ ڏينھن ھڪ انگريز ميجر جرنل کي پنھنجن خاص مھمانن سان اچڻو هو، ان ڏينھن اتفاق سان بورچي بہ موجود نہ ھو.
مينيجر مون کي چيو تہ، ”مھمانن لاءِ ڪجهہ ڪري سگهين ٿو؟“
مون چيو، ”سينڊوِچ ڏاڍو سٺو ٺاھيندو آھيان.“
ھن مون کي تاڪيد ڪندي چيو، ”مکڻ ۽ پنير سميت ھر شئي تازي ھجڻ گهرجي، احتياط ڪجان.“ مون دل ۾ چيو تہ مينيجر صاحب تنھنجي ۽ سپلائير جي وچ ۾ جيڪي معاملا ھلن پيا، ڪا شئي تازي ڪيئن ٿي ملي سگهي! بھرحال مون چيو تہ، ”فڪر نہ ڪيو.“ خوشقسمتيءَ سان منھنجي ٺاھيل سينڊوِچن جي تعريف ڪئي وئي. جنرل صاحب جي دوستن بہ تعريف ڪئي ۽ مينيجر کي شاباس ڏنائون. ان کان پوءِ منھنجي دل ۾ اھو خيال پيدا ٿيو تہ ڇو نہ ڪلب ۾ سينڊوِچ لاءِ الڳ ڪائونٽر ٺاھيان. سينڊوِچ ڪائونٽر لاءِ مينيجر معرفت درخواست ڏنم، جيڪا منظور ڪئي وئي. اھڙي طرح مون ڪلب ۾ سينڊوچ ڪائونٽر بہ کولي ڇڏيو. پھرئين ڏينھن ھڪ ڪلاڪ اندر منھنجا سڀ سينڊوچ کپي ويا، دير سان اچڻ ڪري ڪيترائي ماڻھو واپس ھليا ويا. ٻئي ڏينھن مون وڌيڪ سينڊوچ ٺاھيا، گراھڪن کي ٿڌي ليمون پاڻي جي سھوليت ڏني، ٽئين ڏينھن تي مون اڃا وڌيڪ سينڊوچ تيار ڪيا، اھي بہ جلدي کپي ويا. ھڪ ھفتي ۾ مون سينڊوچ جي ڪاروبار ۾ تمام گهڻو ڪمايو.
ھڪ ڏينھن مون پنھنجي ڀاءُ ايوب کي ٽيليگرام ڪيو تہ، ’پوني ۾ آھيان، آئون ٺيڪ آهيان، ھتي برٽش آرمي جي ڪينٽين تي ملازمت پيو ڪيان.‘ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ايوب بغير اطلاع جي مون وٽ اچي پھتو. ھُو منھنجي لاءِ امان جي ھٿ جي ٺھيل سُوجي، خشڪ ميوا ۽ ڪجهہ پئسا کڻي آيو ھو، جيڪي امان آھستي آھستي گڏ ڪيا ھئا. ايوب کي ڏسي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، مون سان ملڻ وقت ھن جون اکيون آليون ٿي ويون هيون. ان مھل شام ٿي رھي ھئي، پکي واپس پنھنجن آکيرن ڏانھن وڃي رھيا ھئا. انھن جي ٻولين منھنجي ڏک ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو هو. اسان ٻئي ڀائر ھڪ بينچ تي ويھي رھياسين ۽ دل جا احوال ڪرڻ لڳاسين.
مون ھن کي ٻڌايو تہ، ”مونکي ھتي ھر سھوليت مليل آهي، آئون ھتي خوش آھيان فقط گهر وارن جي سِڪَ ستائيندي آھي.“ گهر جي معاشي حالتن جي ابتري، منھنجي دل ۾ آغاجِي جي مدد ڪرڻ جو خيال، امان، ڀائر، ڀينرون، پشاور، بمبئي ڇڏڻ وقت امان ۽ ايوب کي نہ ٻڌائڻ، ڪيتريون ئي ڳالھيون مون ڀاءُ سان ڪيون، ايوب فقط ٻڌندو رھيو پر ڳالھايائين صفا گهٽ. ٻئي ڏينھن ايوب بمبئي ھليو ويو، آئون هُن کي اسٽيشن تي ڇڏي آيس. مون تان وڏو ٻوجهہ لھي ويو، ھلڪو ٿي پيس، اطمينان محسوس ڪيم. ڪلب واپس آيس تہ ڪائونٽر تي ھڪ ماڻھوءَ کي بيٺل ڏٺم، جنھن کي مون پھرئين دفعي ديولالي ۾ ڏٺو ھو تہ ڏاڍو ڊپ ٿيو ھئم.
ھي مارلو انگريز سپاهي هو، ديولالي ۾ ھن کي ماڻھو ’ڊاگ مين‘ چوندا ھئا، ھن جو اھم ترين مشغلو اھو ھو تہ ڪتن کي ماري انھن جو پڇ ڪٽي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هو. اسڪول جا ٻار ان انگريز کي انسان نہ پر جن سمجهندا ھئا، خبر پئي تہ ھتي پونا ۾ ئي ھُو ساڳي ڪرت سان لڳل آھي. مارلو جي ھڪ ڌيءُ ھوندي ھئي، جنھن جو ھڪ جونيئر آفيسر سان عشق ھلي رھيو ھو. ھُو ٻئي راتين جو دير تائين گهمندا رھندا ھئا. ڪلب جي سڀني ماڻھن کي انھن جي عشق جي خبر ھئي، ماڻھو سندن باري ۾ ٻيون بہ ڪافي ڳالھيون ڪندا هئا. مون انھن سان ڪڏھن دعا سلام نہ ڪئي.
مون کي رھائش لاءِ ڪلب ۾ ئي ڪمرو مليل ھو. ڪمري جي اندران آئون ايندڙ ويندڙ کي ڏسي سگهندو ھئس. انگريز آفيسرن ۽ انھن جي زالن کي موسيقيءَ تي مدهوش ٿي نچندي ڏسندو رھندو ھئس. آفيسرن جا خوبصورت سُوٽ ڪوٽ ۽ ٽايون ڏسي منھنجي دل ۾ بہ اھا خواھش سَٽَ ڏيئي اڀرندي ھئي تہ ڪاش آئون بہ اھڙا سُوٽ پايان!! اھا ڪنھن کي خبر ھئي تہ ھڪ اھڙو وقت ايندو جڏهن مھانگا ترين سُوٽ پائيندس. ھن وقت بہ مون وٽ الماڙين ۾ ڪيترائي قيمتي ۽ مھانگا سوٽ پيا آھن.
ھڪ شام جو آئون ڪم کان فارغ ٿي ڪمري ڏي وڃي رهيو ھئس تہ پري کان دروازو ٿورو کُليل نظر آيو. سمجهي ويس تہ ڪو چور آيو ھو ۽ جيڪو منھنجي سينڊوِچن مان ڪمايل پئسا ٻھاري ويو ھوندو، ڪجهہ ڏينھن پھرين بہ ڪلب مان چوري ٿي ھئي، پوليس اڃا تائين جانچ ڪري رھي ھئي. ٿڪل قدمن سان جيئن ئي ڪمري جي ويجهو پھتس تہ حيران ٿي ويس. مارلو جي ڌيءَ منھنجي بيڊ تي بلڪل اُگهاڙي سُتي پئي آهي، ھُو ان وقت منھنجي ڪمري ۾ غلط ڪم واسطي آئي ھئي، آئون ان کي ڏسندي ئي واپس مينيجر ڏي ويس ۽ ان کي پنھنجي ڪمري تي وٺي آيس، پر تيستائين ھُوءَ وڃي چڪي هئي. مينيجر منھنجي شخصي ڪردار کان واقف ھو، ھُو سمجهي ويو تہ آئون ڪوڙ نہ پيو ڳالھايان. مارلو جي ڌيءَ نشي ۾ ھئي، ڪجهہ وقت پھريان ان کي نشي جي حالت ۾ سوئمنگ پُول ۾ ڏٺو ويو ھو، جتي ھُوءَ سوئمنگ پُول جي جهنگلي تي ويٺي ھئي. ٿورو ئي ترڪڻ سان ڪرِي پئي سگهي، ھيٺ ڪرڻ سان مٿو ڦاٽي ھا. مينيجر ڪلب جي عورت ملازمن جي مدد سان ان کي اتان لاٿو ھو ۽ ان جي اوگهڙ ڍڪائي ھئي.
ٻي مھاڀاري جنگ ھلي رھي ھئي، ڪلب ۾ انگريز آفيسر انڊيا جي جنگ متعلق غير جانبدارانہ پاليسيءَ تي گفتگو ڪندا هئا. ھڪ شام ھڪ آفيسر مون کان پنھنجي راءِ پڇي تہ، ”توهان برطانيا کان آزاديءَ لاءِ ايترو ڇو وڙھي رھيا آھيو؟ جڏھن تہ انڊيا جي گورنمينٽ جنگ ۾ غير جانبدار رھڻ پسند ڪيو آهي.“
مون پنھنجي خيال کان ان کي جواب ڏنو، آفيسر مون کان پڇيو تہ، ”ڇا تون انھي موضوع تي ڪلب جي ميمبرن اڳيان تقرير ڪندين؟“
مون تقرير ڪرڻ لاءِ ’ھا‘ ڪئي، رات جو دير تائين مون تقرير جي تياري ڪئي. ’انجمنِ اسلام اسڪول‘ ۾ مون برطانوي آئين جو مطالعو ڪيو هو، اتي پڙھيل موضوع منھنجي ڪم اچي ويو. ٻئي ڏينھن مون تقرير ڪئي، تقرير ۾ مون چيو تہ اسان ھندستاني ھڪ محنتي، ايماندار ۽ پُرامن قوم آھيون، برطانوي منتظمين آزاديءَ لاءِ اسان جي جائز ۽ قانوني جدوجھد کي غلط رنگ ڏيئي رھيا آھن، آئيني حوالا ڏيئي مون پنھنجي تقرير کي اثرائتو بڻايو، تاڙيون وڳيون، تقرير ڪري ئي رھيو ھئس تہ مون کي گرفتار ڪيو ويو. ھٿڪڙيون ھڻي مون کي يراودا جيل وٺي ويا. جيل ۾ داخل ٿيندي ئي جيلر مون کي چيو تہ، ”گانڌي واد آھين؟“
آئون ان جي ڳالھ نہ سمجهي سگهيس. مون کي ھڪ ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ويو، جتي اڳ ۾ ئي ڪيترائي شريف ۽ معزز ماڻھو واڙيل هئا، خبر پئي تہ اھي ماڻھو سرڪار مخالف ’ستياگره‘ يعني مھاتما گانڌيءَ جا پيروڪار آهن، انھن ٻڌايو تہ سردار ولڀ ڀائي پٽيل بہ ھن جيل ۾ آھي. اسان ان سان گڏ بک هڙتال تي آھيون. اھو ٻڌي مون بہ جيل ۾ ملندڙ کاڌو واپس ڪري ڇڏيو. ڇو تہ اھو ھڪ گندي پليٽ ۾ آندو ويو هو. منھنجي خيال ۾ اھو کائڻ جي قابل ئي نہ ھو.
اھڙي طرح آئون بہ آزاديءَ جي متوالن سان بک هڙتال ۾ شامل ٿي ويس. قيدين سان حال احوال ٿيندا رھيا. مون کي فخر آھي تہ مون بہ وطن جي آزاديءَ لاءِ ھڪ رات جيل ۾ گذاري آھي. رات وڏي ھئي، بک جي ڪري مون کي ننڊ نہ آئي. صبح سوير ڪجهہ فوجين جي بوٽن جو آواز ٻڌم. جيلر اسان جي ڪوٺڙيءَ جي سامھون بيھي، آرمي ميجر کي چئي رهيو هو تہ، ”ھي آھي توھان جو گانڌي واد.“
ميجر منھنجي آزاديءَ لاءِ آيو ھو. ڪلب ۾ ھُو مون سان ڪيترائي دفعا بيڊمنٽن کيڏيو هو. ھُو مون کي جيپ ۾ ويھاري ڪلب وٺي آيو. بک کان بي حال ٿي ويو ھئس. ڪلب ۾ پھچندي ئي مون ماني گهري. مون پنھنجن دوستن کي جيل ۾ گذاريل رات ۽ بک جو سبب ٻڌايو تہ سڀ حيران ٿيا.