سائرا بانو جي آمد
1966ع جي ھيءَ ئي منھنجي اُها فلم آھي، جنھن دوران منھنجي سائرا سان شادي ٿي هئي. ماڻھو اسان جي شاديءَ متعلق ڪيتريون ئي فرضي ڪھاڻيون ڪندا آهن. اسان جي پھرين ملاقات ان وقت ٿي ھئي، جڏھن ھُوءَ ۽ ان جو ڀاءُ سلطان احمد لنڊن ۾ پڙھي رھيا ھئا، سائرا جي والدہ نسيم بانو فلمي صنعت جو ھڪ اھم نالو ھو. ھن ’پڪار‘ فلم ۾ مغل بادشاھ جھانگير جي زال نورجھان جو ڪردار ڪيو ھو. سائرا جو پيءُ محمد احسان بہ ھڪ بھترين انسان ھو. منھنجي ڀاءُ ايوب ھڪ فلم ٺاھي ھئي، ان ۾ نسيم بانو ڪم ڪيو ھو، منھنجي ڀيڻ اختر سندس وڏي مداح ھئي. پالي ۾ اسان جي بنگلي تي موسيقيءَ جون محفلون ٿينديون هيون، جن ۾ مشھور ستارہ نواز استاد ولايت خان ۽ استاد بڙي غلام علي خان شريڪ ٿيندا هئا. اھڙي ھڪ محفل ۾ سائرا پنھنجي والدہ سان گڏ آئي. انھن ڏينھن ۾ سائرا لنڊن مان موڪل تي آيل ھئي. منھنجي فلم ’آن‘ سائرا لنڊن جي هڪ ٿيٽر ۾ ڏٺي هئي. مسز محبوب خان، مسز بھار، ايس مکرجي صاحب ۽ ٻين ذريعن کان معلوم ٿيو تہ ھُوءَ ننڍڙي ڇوڪري (سائرا) منھنجي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي آهي. خبر پئي تہ ھُوءَ لنڊن مان پنھنجي والدہ کي خط لکي منھنجي پسند، ناپسند ۽ منھنجي مصروفيت متعلق پڇندي رھندي آھي،
ھن کي اھا بہ خبر ھئي تہ آئون فارسي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ کي پسند ڪيان ٿو. بعد ۾ خبر پئي تہ ھُوءَ جڏھن لنڊن مان واپس آئي تہ والدہ کي چئي پنھنجي لاءِ ھڪ عالم مقرر ڪرايائين، اھو عالم صاحب ’دربار نظام حيدرآباد دکن‘ سان لاڳاپيل رهيو ھو. اھو عالم، سائرا کي اردو ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏيندو هو. سائرا جو گهر بمبئيءَ ۾ نِپِيَن سِي روڊ حيدرآباد اسٽيٽ ۾ ھو، جتي مولوي صاحب روز ان کي پڙھائڻ ايندو هو. سائرا، اھو مون کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪري رھي ھئي، پر مون سائرا کي گهڻي اھميت نہ ڏني. آئون کيس غير سنجيدہ سمجهي رھيو ھئس. ڪجهہ وقت کان پوءِ خبر پئي تہ سائرا فلمن ۾ ڪم ڪرڻ گهري ٿي. ڪجهہ مسلمان خاندانن ۾ ان وقت ڇوڪرين جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ خراب ڳالھ سمجهيو ويندو ھو. سائرا جي خاندان جو ايس مکرجي تي وڏو اعتماد ھوندو ھو. مکرجي انھن جو خيرخواھ ھو. ھن جڏھن مون کي سائرا جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو ٻڌايو تہ مون چيومانس، ”ھن کي فلمي دنيا ۾ نہ اچڻ گهرجي.“ اي آر ڪاردار جي فلم ’دل دِيا درد ليا‘ جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ محبوب خان جي گهر ۾ ھڪ تقريب ٿي رھي ھئي. سائرا بہ اتي موجود ھئي. ايس مکرجي چيو، ”يوسف ھن ڇوڪريءَ کي تو سان ڪم ڪرڻ جو وڏو جنون آهي.“
وارن کي ھٿ سان مٿي ڪندي چيم، ”ھي مٿي جا وار ڏسين ٿي، اڇا ٿي ويا آھن، آئون تو کان ڄمار ۾ گهڻو وڏو آھيان ۽ کائڻ جو کڏو آھيان، سوئر وانگر کائيندو آھيان.“ مون کي اڃا تائين ياد آهي تہ، منھنجي ڳالھ ٻڌي سائرا کِلي ھئي ۽ چيو ھئائين، ”منھنجي خيال ۾ اڇا وار توھان کي سٺا ٿا لڳن.“
سائرا جي پھرئين فلم ’جنگلي‘ نھايت ئي ڪامياب ٿي، ان کان پوءِ ڪاميابي ڄڻ ھن جا ڏينھن رات قدم چمڻ لڳي ھئي. ھُوءَ مشھور ھيروئين ٿي وئي. راج ڪپور، ديوآنند، سنيل دت، شمي ڪپور، راجندر ڪمار سميت ھر مشھور ھيرو سان گڏ ھن فلم ڪئي، سواءِ دليپ ڪمار جي. ڏسندڙن طرفان اھو مطالبو سامھون آيو تہ دليپ ۽ سائرا کي فلم ۾ ھاڻ گڏ اچڻ گهرجي. ان دوران سائرا طرفان وقت جي بھترين پروڊيوسرن ذريعي مون کي پيغام ملندا رھيا، ’اچڻ واري ڪنھن فلم ۾ مون سان گڏ ڪم ڪيو.‘
مون کي انھن ڏينھن ۾ فلمن جي مھورتن جون ڪيتريون ئي دعوتون ملنديون هيون. سائرا جي فلمن جي تقريبن ۾ بہ سڏيو ويندو هو. ھڪ ڏينھن آئون فلم ’ساز اور آواز‘ جي تقريب ۾ ويس. سائرا مون کي چيو، ”توھان رڳو تقريبن ۾ ايندؤ يا ڪڏھن فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو بہ موقعو ڏيندؤ.“
دراصل سائرا جي باري ۾ منھنجو ذھن اھو قبول نہ ڪري رھيو ھو تہ ھُوءَ ھاڻ وڏي ٿي چڪي آهي. آئون ھمعمر اداڪارائن سان گڏ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو ھئس. طويل عرصي جي انتظار کان پوءِ ھُوءَ ھاڻ مون کان ناراض رھڻ لڳي ھئي. مون محسوس ڪيو تہ ھن جو مون سان رَوَيو ڪاوڙ وارو ٿي ويو ھو. ڪڏھن ڪڏھن تہ ھُوءَ نفرت ڪرڻ لڳندي هئي. شايد ھُوءَ اھو محسوس ڪرائي رھي ھئي تہ منھنجي عدم دلچسپي ھن جي عزتِ نفس کي مجروح ڪيو آهي. ’فلمايا فلم اسٽوڊيو‘ ۾ سائرا ۽ امان جِي (سائرا جي ناني شمشاد عبدالوحيد خان) سان ملاقات ٿيندي رھندي ھئي، آئون امان کي سلام ڪندو ھئس، ھُوءَ مون سان تمام گهڻي محبت ڪندي هئي. سائرا جو ردِعمل بہ سٺو ھوندو ھو، پر ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ سائرا جي رَوَيي ۾ تبديلي اچي وئي. سلام ڪرڻ وقت ھُوءَ مغروريءَ مان مُنھن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيندي هئي، ڄڻ ھُوءَ مون کي سڃاڻندي ئي نہ ھجي. سائرا جي اھڙي رَوَيي تي آئون حيران ھئس. ھن جو خيال هو تہ ان رَوَيي سان مون تي اثر پوندو.
فلم ’رام اور شيام‘ جي شوٽنگ شروع ٿيڻ واري ھئي. پروڊيوسر تجويز ڏني تہ سائرا کي مون سان گڏ ھيروئين جو رول ڏنو وڃي، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. منھنجو انڪار جھڙوڪر ’ککر کي کڙو‘ ھڻڻ هو، بس پوءِ تہ ھن جي ڪاوڙ جي حد نہ رھي، مختلف طريقن سان ھُوءَ ڪاوڙ جو اظھار ڪندي رھي.
’رام اور شيام‘ فلم تي تيزيءَ سان ڪم ھلي رھيو ھو ۽ آئون ڪم ۾ مصروف ھيس. انھن ئي ڏينھن ۾ 23 آگسٽ 1966ع تي نسيم آپا، سائرا جي سالگره جي دعوت ڏني. مون کي اندازو ئي نہ ھو تہ منھنجي زندگيءَ ۾ فيصلائتو موڙ اچڻ وارو آهي. جنھن ڏينھن مون کي دعوت ملي، ان ڏينھن آئون مدراس ۾ ھيس. سالگره جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ خصوصي جھاز وسيلي بمبئي اچڻو پيو. پالي ھل ۾ ھن جو نئون بنگلو، اسان جي گهر جي ويجهو ھو، پر آئون ڪار ۾ انھن جي گهر ويس. بنگلي ۾ داخل ٿيندي ئي منھنجي نظر سائرا تي پئي. ھن جو حسن ۽ خوبصورتي ڏسي آئون ششدر ٿي ويس. مون ھن کي ھٿ ڏنو تہ ھن مسڪرائي پنھنجائپ جو اظھار ڪيو. ھي اھي ئي لمحا ھئا جڏھن مون سوچيو ھو تہ قسمت منھنجو جِيوَن ساٿي چونڊي ڇڏيو آهي.
ان تقريب ۾ فلم جون وڏيون شخصيتون شامل ٿيون ھيون، خوشيءَ جو ماحول ھو، سائرا سڀني سان عزت ۽ احترام سان پيش اچي رهي هئي. پنھنجي والدہ جي ساھيڙين سان سندس رَوَيو ڏاڍو احترام وارو نظر اچي رهيو هو. ان دوران آئون ماضيءَ ۾ ھليو ويس. ’ڪوئمبُتُور‘ (ھاڻي تامل ناڊو) ۾ 1955ع جي ٺھيل فلم ’آزاد‘ جا منظر ياد اچي ويا. شوٽنگ دوران ايس ايس وسن صاحب جي معرفت سچين اڳڪٿين جي حوالي سان ھڪ مشھور جوتشيءَ سان ملاقات ٿي. ھُو ھڪ عجيب ماڻھو ھو، ھن جي پيشانيءَ تي ٽڪو لڳل ھو. ھن منھنجي ھٿن ۽ منھن کي غور سان ڏٺو، پوءِ ھڪ جَدوَل ٺاھيائين. مون کي غور سان ڏسندو ۽ مُرڪندو رھيو. ھن اسان جي پشاور واري گهر، والدين، ڏاڏي، ڏاڏو، ٻارن، گهر جي پاسي مان وھندڙ چشمي جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو. آئون حيران ٿي ويس، ڪجهہ گهڙيون ترسي ٻڌايائين تہ ھن کي اھا خبر قديم ترين ڀريگو سترہ وسيلي پوندي آھي. ھن اھو بہ ٻڌايو تہ، ”تنھنجي شادي 40 سالن جي ڄمار کان پوءِ ٿيندي. زال جي ڄمار تنھنجي عمر جي اڌ جيتري ھوندي، زال خوبصورتيءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھوندي، اھا مائي تو سان بي انتھا محبت ڪندي. ھن جو تعلق فلمي دنيا سان ھوندو. تنھنجي غلطين جي ڪري ھُوءَ سخت بيمار ٿيندي. ھُوءَ تنھنجي محبت ۾ ھر تڪليف برداشت ڪندي.“ جوتشيءَ جي ڳالھين تي مون کي حيرت تہ ضرور ٿي، پر سچي ڳالھ اھا آھي تہ اھڙي قسم جي اڳڪٿين ۽ علم نجوم تي مون کي اعتقاد نہ ھو. جوتشيءَ جون ڳالھيون، مون ھڪ ڪَنَ کان ٻڌي ٻئي ڪَنَ مان ڪڍي ڇڏيون.
مصروف ترين زندگيءَ جي ڪري مون جوتشيءَ جون ڳالھيون وساري ڇڏيون ھيون. اڄوڪي سالگره تقريب ۾ جوتشيءَ جون اھي ڳالھيون ياد اچڻ لڳيون. منھنجي دل ۽ دماغ چيو تہ ڪنوار جو ننڍو ھجڻ، خوبصورتي، منھنجي لاءِ ھن جو بيحد پيار، ھي تہ اھي ئي ڳالھيون آھن، جيڪي گهڻو عرصو پھرين جوتشيءَ ٻُڌائي ڇڏيون هيون. سالگره جي تقريب کان پوءِ آئون سڌو مدراس ھليو ويس، جتي منھنجي شوٽنگ ھلي رھي ھئي.
ٻئي ڏينھن صبح مون سائرا جي امان کي مھرباني چوڻ لاءِ فون ڪيو تہ فون سائرا کنيو. مون چيو، ”يوسف ٿو ڳالھايان.“ ھُوءَ شرارت مان چوڻ لڳي، ”ڪھڙو يوسف؟ ڪنھن سان ڳالھائڻو آھي؟“ ھن مون کي سڃاڻي ورتو هو ۽ شرارت ڪري رھي ھئي. مون دعوت ڏيڻ جي مھرباني مڃي. ھاڻي آئون سائرا کي بار بار فون ڪرڻ لڳس ڇو تہ ھُوءَ مون کي گهڻو ياد ايندي هئي. ھن جي ياد ايترو ستايو جو ھن سان ملڻ لاءِ بمبئيءَ ھليو ويس. بمبئي پھچڻ وارو ئي ھئس تہ ھڪ دوست جي فون اچي وئي، ھو ڪنھن ٽئڪس جي مسئلي ۾ ڦاٿل هو. سائرا ان وقت فلم ’جهڪ گيا آسمان‘ جي شوٽنگ ۾ مصروف ھئي. آئون ان سان ملڻ اسٽوڊيو ھليو ويس، ھُوءَ پُسيل ڪپڙن سان منھنجي سامھون اچي وئي. پُسيل بدن سان ڪو گيت فلمايو پئي ويو. مون هن کي ٻڌايو تہ، ”دوست جي مسئلي جي ڪري شام جو نہ ملي سگهندس“ تہ ھُوءَ ناراض ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي تہ، ”پوءِ مون سان ملڻ جي ڪوشش نہ ڪجو.“
”ٺيڪ آ دوست جي مدد ڪرڻ کان پوءِ توکي وٺڻ ايندس.“ دوست جي ڪم کان واندو ٿي سائرا کي تاج سِي لائونج وٺي ويس، پر اتي ھڪ مسئلو ٿي پيو. منھنجي ھڪ اڳوڻي دوست جو بار بار فون اچڻ لڳو. سائرا منھنجي پاسي ۾ ويٺي ھئي. ان عورت سان ڪافي وقت پھرين منھنجو تعلق ٽُٽِي چڪو هو. ان عورت سان منھنجا تعلقات جُڙڻ ۽ پوءِ ٽُٽڻ، منھنجي لاءِ ھڪ ڏکيو دؤر ھو. بار بار فون اچڻ جي ڪري سائرا جو موڊ خراب ھو. تاج سِي لائونج ھوٽل مان نڪتاسين تہ مون ڊرائيور کي چيو تہ سمنڊ تي ھل. ڪافي وقت سمنڊ تي ويٺي، اسان ھڪٻئي سان نہ ڳالھايو، فقط سمنڊ جي ڇولين جو آواز ٻڌندا رھياسين. سائرا جو موڊ اڃا تائين ان عورت جي فون جي ڪري خراب ھو. مون خاموشيءَ کي ٽوڙيندي سائرا کي چيو، ”سائرا تون اھڙي ڇوڪري ناھين جو توسان رڳو وقت پاس ڪيان، مان توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان. ڇا تون مون سان شادي ڪندينءَ؟“
چيائين، ”اھا ڳالھ تون ڪيترين ڇوڪرين سان ڪري چُڪو آھين؟“
عام حالتن ۾ اھڙي قسم جي ڳالھ خراب لڳي ھا، پر سائرا جي صاف گوئيءَ جي ڪري مون کي خراب نہ لڳي. مون چيو، ”سائرا تون محبت ۽ شادي ڪرڻ جي قابل آھين، اھو آئون سچ ٿو چوان، شاديءَ لاءِ مون کي تو جھڙي ڇوڪريءَ جي ڳولا ھئي بلڪہ منھنجي امان کي بہ مون لاءِ تو جھڙي ڇوڪريءَ جي ڳولا ھئي.“ اھو ٻڌي سائرا مرڪي مون ڏي نھاريو ۽ مون کي پنھنجي سحر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيائين.
نپين سي روڊ تي اسان آھستي آھستي ڊرائيونگ ڪندي، ھن جي ماءُ جي فليٽ تي وياسين. منھنجي خواھش ھئي تہ مون سائرا جي ٻانھن گهري آھي تہ امان جِي، نسيم آپا، سلطان ۽ ان جي زال راحت بيگم کان بہ اجازت وٺان. سائرا مون کي ٻڌايو ھو تہ ھُوءَ روزانو سمھڻ کان پھرين ﷲ کان اھا دعا گهرندي آھي تہ آئون وڏي اداڪارہ ۽ دليپ ڪمار جي زال ٿيان. حالانڪہ ان وقت تائين ھُوءَ پاڻ کي ھڪ وڏي اداڪارہ طور ثابت ڪري چڪي هئي.
سائرا جي پراڻي گهر پھتاسين تہ سائرا جي ناني ۽ ان جي ڀيڻ خورشيد بيگم بہ اتي موجود ھيون. مون انھن سان سائرا جي رشتي جي ڳالھ ڪئي. امان جِي منھنجي پيشانيءَ تي چمي ڏني ۽ دعا ڏنائين، ”ياﷲ ھنن جي جوڙي کي سلامت رکجان.“ سائرا جي ناني سان ملڻ کان پوءِ اسان پالي ھل واري بنگلي تي ھليا وياسين. نسيم آپا اسان جي ڀرپور آجيان ڪئي، ھُوءَ مون سان ھميشہ پيار، محبت ۽ شفقت سان پيش ايندي هئي... پوءِ تہ نسيم آپا ۽ ان جو پٽ سلطان منھنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ منھنجي لاءِ اھم ٿي ويا. رشتي جي ڳالھ ٻڌي، آپا مون کي مبارڪون ڏنيون ۽ ڪنھن رسم تحت مون کي ڏھي ۽ مٺو کارايو ۽ پوءِ ھڪ لذيذ کاڌو کارايو. سائرا ان وقت تمام گهڻي خوش ھئي ۽ شايد بکايل بہ ھئي، پر گهڻي جذباتي ٿيڻ جي ڪري صحيح طريقي سان ماني نہ پئي کائي سگهي. ننڍڙو گرھ وات ۾ وجهڻ کان پوءِ يڪو پئي چٻاڙيائين، ان تي مون ھن کي چيو، ”سائرا پنھنجو ئي گهر سمجهو، کائڻ ۾ حجاب نہ ڪيو.“
ٿوري ئي دير گذري ھئي جو، سائرا پنھنجي ماءُ کان مون کي پنھنجي گهر تائين ڇڏڻ لاءِ اجازت ورتي. لنڊن ۾ رھڻ، پڙھڻ ۽ وڏي ٿيڻ کان پوءِ بہ امان جِي ۽ نسيم آپا، سائرا کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو ھو. منھنجو گهر انھن جي گهر کان ٿوري ئي فاصلي تي ھو، پر اسان ڪارٽر روڊ تي ٻہ منزلہ عمارت جي پاسي ۾ بيھي رھياسين، جتي منھنجو ڀاءُ ناصر پنھنجي اداڪارہ زال پارہ ۽ ٻارن سان گڏ رھندو ھو. انھيءَ عمارت ۾ منھنجو دوست اداڪار گوبندو ڀٽاچاريہ بہ رھندو ھو. زور سان ھارن وڄائڻ جي ڪري گوبندو پريشانيءَ وچان ڀڄندو، دريءَ وٽ اچي بيٺو. مون کيس چيو تہ، ”ٿڌي پاڻيءَ جي بوتل جلدي کڻي ھيٺ اچ.“ ھُو ڪار جي ويجهو آيو ۽ مون سان ڳالھائڻ لاءِ جيئن ئي ڪنڌ جهڪائي اندر مون سان ويٺل سائرا کي ڏٺائين تہ ذري گهٽ بيھوش ٿيو ھو. ان وقت گوبندو، آصف جي فلم ’سستا خون مھنگا پاني‘ ۾ سائرا سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو. ٻين ڪيترن ئي دوستن کان علاوہ گوبندو، نذر حسين صاحب ۽ سنجيوِ ڪمار ذريعي منھنجي ۽ سائرا جي وچ ۾ نياپا پھچندا ھئا. ڇو تہ اھي ھڪ ئي وقت مون سان بہ گڏ ڪم ڪري رهيا هئا. مون کي ٻڌائيندا رھندا ھئا تہ سائرا منھنجي لاءِ پريشان رھي ٿي. اسان پسار لاءِ سمنڊ تي ھليا وياسين. آھستي آھستي ھلندي اسان ڳالھائي رھيا ھئاسين، آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا، اوچتو ھلڪي ھلڪي بونداباندي شروع ٿي وئي. اسان سمجهيو تہ قدرت اسان جي ملڻ تي مھربان ٿي وئي آهي. مون پنھنجي جيڪيٽ لاھي سائرا کي پارائي. منھنجيون ھزارين شيون سائرا سنڀالي رکيون آھن، انھن ۾ اھا جيڪيٽ بہ آھي.
اسان جڏھن واپس اچي رھيا ھئاسين تہ، منھنجي گهر جي دروازي تي منھنجي ڀاءُ ناصر جي ڪار بيٺل ھئي. ناسيڪ ۾ اسان جو پولٽري جو ڪاروبار ھو، جيڪو ناصر سنڀاليندو هو. ان سلسلي ۾ ھُو مون سان رابطي ۾ رھندو ھو. سائرا سان شادي ڪرڻ واري خوشيءَ جي خبر سڀ کان پھرين ناصر کي ٻڌائڻ چاھيم. ناصر مون کان پوءِ ڄائو هو. هُو نھايت ئي پيارو، کِلمُک ۽ منھنجو دوستن جھڙو ڀاءُ ھو. آئون سائرا کي مٿي وٺي ويس، ھُوءَ پريشان ٿي رھي ھئي. مون کيس تسلي ڏيندي چيو، ”پريشان ٿيڻ جي ڪا بہ ڳالھ ڪونھي.“
ناصر حسبِ معمول پيار ۽ محبت سان پيش اچي رهيو هو. ڪجهہ منٽن کان پوءِ مون هن کي ٻڌايو تہ اسان شادي ڪرڻ وارا آھيون. ھن خوشيءَ مان وڏو ٽپ ڏنو ۽ مون کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتائين ۽ چيائين، ”يار اھڙو ڀوڳ نہ ڪر، ھي سڀ ڪجهہ ڪيئن ٿيو؟ مون کي تہ يقين ئي نہ پيو اچي. اھا تہ وڏي خوشيءَ جي خبر آھي.“
ناصر کي خوش ڏسي مون پنھنجي پاڻ کي چيو تہ ھاڻي منھنجي خوشي جي پُورڻتا ٿي وئي آهي. ھاڻي آئون ھر ٻئي ڏينھن شام جو جھاز وسيلي مدراس کان بمبئي ايندو ھئس. نپين سي روڊ واري گهر ۾ سائرا، ھن جي والدہ ۽ ناني سان گڏ ماني کائيندو ھئس. انھن سان زبردست وقت گذرندو هو. شاديءَ کان ڪيترائي سال پوءِ سائرا مون کي ڀوڳ ۾ ڳائي ٻڌايو تہ ھڪ گهر ٺاھيو آھي، تنھنجي گهر جي سامھون، ھن تفصيل سان ٻڌايو تہ ھُوءَ منھنجي گهر جي ويجهو پنھنجو گهر ٺاھڻ چاھيندي ھئي. اھو ئي سبب آهي جو وڏي ڳولا کان پوءِ ھن کي پالي ھل ۾ منھنجي گهر جي ويجهو پلاٽ مليو ھو، جتي ھن بنگلو ٺھرائي رھائش اختيار ڪئي. اسان جي ميلاپ جي خبر جهنگ ۾ باھ وانگر پکڙجي وئي ۽ خبرن جو ھڪ تسلسل وڏي تيزيءَ سان رونما ٿيڻ لڳو.