آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

زندگيءَ جو اهم ترين موڙ

1942ع جي ڳالھ آهي، خميس جو ڏينھن ھو. مھينو ۽ تاريخ ياد ڪونھيم. دادر وڃڻ لاءِ آئون چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تي بيٺو ھئس، آئون اتي ڪنھن سان ٺيڪي بابت ڳالھائي رھيو ھئس. ٺيڪو فوجي ڇانوڻيءَ کي ڪاٺ جون کٽون سپلائي ڪرڻ جو ھو ۽ انھيءَ لاءِ دادر ۾ ڪنھن شخص سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو ھئس. مشھور سائيڪالاجسٽ ’ڊاڪٽر مساني‘ منھنجي پاسي مان لنگهيو تہ اڳيان وڌي، مون ان سان پنھنجو تعارف ڪرايو. ھُو بارلوسن ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ آيو ھو. آغاجِيءَ سان ڊاڪٽر مساني جي سٺي عليڪ سليڪ ھوندي ھئي. مون کان پڇيائين، ”يوسف اڄڪلھ ڇا پيو ڪرين؟“ ٻڌايومانس تہ نوڪري ڪرڻ چاھيان ٿو، پر نوڪري نہ ملي تہ ڪاروبار ڪندس.
چوڻ لڳو تہ، ”آئون ھن وقت ’بمبئي ٽاڪيز‘ (مشھور فلم اسٽوڊيو) جي مالڪن سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو آھيان، جيڪڏھن تون چاھين تہ مون سان گڏ ھلي سگهين ٿو، متان اتي توکي ڪو ڪم ملي پئي!“
آئون ڏاڍو خوش ٿيو ھئس. بمبئي ٽاڪيز شھر کان ٻاھر ھئي. اسان ريل ذريعي اتي پھتاسين، بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو خوبصورت ۽ پرڪشش اسٽوڊيو ھو، جيڪو ڪيترن ئي ايڪڙن تي پکڙيل ھو. اتي باغ ۾ مختلف قسمن جا وڻ ھئا. اسٽوڊيو جي عمارت ھڪ بنگلي وانگر لڳي رهي هئي. انتھائي وڻندڙ ۽ شاندار ماحول ھو. بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو ڏسي منھنجي دل باغ بھار ٿي وئي.
بمبئي ٽاڪيز جي مالڪياڻي ’ديويڪا راني‘ ھڪ انتھائي خوبصورت عورت ھئي، ھن ڊاڪٽر مساني جو ڀرپور استقبال ڪيو ۽ پوءِ مون ڏانھن ڏٺائين، ڊاڪٽر مساني منھنجو تعارف ڪرايو تہ ھن مون کي نمستي چيو ۽ ويھڻ لاءِ چيائين. ھُوءَ مون کي مسلسل ڏسي رھي ھئي، مون کي محسوس ٿيو تہ ھُوءَ منھنجي متعلق سوچي رھي آھي. ڊاڪٽر مساني سان ڪجهہ معاملن تي گفتگو ڪرڻ کان پوءِ ديويڪا راني مون ڏانھن نھاريو ۽ ويجهي ويٺل ’اميا چڪر ورتي‘ مشھور فلم ڊائريڪٽر سان منھنجو تعارف ڪرايو ۽ مون کان پڇيائين: ”توھان جي اردو ڪيئن آهي؟“
منھنجي جواب کان پھريان ڊاڪٽر مساني منھنجي خاندان، اسان جي پشاور واري رھائش ۽ ھاڻي بمبئيءَ جي رھائش جو تفصيل سان ديويڪا راني کي ٻڌايو. منھنجو تفصيلي تعارف ٻڌڻ کان پوءِ ھُوءَ سمجهي وئي تہ منھنجي اردو سٺي ھوندي. ديويڪا راني مون کي مخاطب ٿيندي چيو تہ، ”ڇا توهان اداڪار ٿيڻ پسند ڪندؤ؟ اسان جي اسٽوڊيو طرفان توھان کي 1250 رپيا پگهار ملندو.“ انھيءَ زماني ۾ 1250 رپيا تمام وڏي رقم ھئي. ھڪ لمحي لاءِ تہ مون کي ڪجهہ سمجهہ ۾ ڪونہ آيو. مون ڊاڪٽر مساني ڏانھن ڏٺو، جيڪو ڄڻ چئي رهيو هو تہ پيشڪش قبول ڪر، موقعو نہ وڃائي.
مون ديويڪا رانيءَ کي چيو تہ، ”اھا توھان جي مھرباني آھي جو توھان منھنجي باري ۾ سوچيو، پر اداڪاريءَ ۾ منھنجو تجربو بلڪل بہ ڪونھي.“
پڇيائين تہ، ”واپار ۾ توھان جو ڪيترو تجربو آھي؟“
چيومانس تہ، ”تجربو تہ واپار ۾ بہ ڪونھي پر محنت ڪرڻ سان تجربو ٿي ويندو.“
چيائين تہ، ”محنت تہ ڪرڻي ئي پوندي پوءِ اُھا محنت فلم ۽ اداڪاري ۾ ڪيو. مون کي ھڪ پڙھيل لکيل خوبصورت نوجوان اداڪار جي ضرورت آھي. آئون ڏسان پئي تہ توھان ۾ سٺي اداڪار ٿيڻ جون صلاحيتون موجود آھن.“
ھڪ ٿي ويو ھو، ديويڪا راني، ڊاڪٽر مساني کي مانجهاندي جي دعوت ڏني، پر ڊاڪٽر منع ڪيو. اسان واپس وڃڻ لاءِ اٿياسين. ديويڪا راني جي ڏنل پيشڪش بابت ڊاڪٽر مساني سان ڳالھ ٻولھ نہ ٿي سگهي. ريل جو گوڙ گهڻو ھو، جيڪڏھن ڳالھايون بہ ھا تہ ھڪٻئي جو آواز نہ سمجهي سگهون ھا. گهر پھچي ايوب کي سڀ ڪجهہ ٻڌايم، ھن کي يقين نہ پئي آيو، مون کي چيائين تہ، ”توکي خبر آهي تہ مشھور اداڪار راج ڪپور کي ماھوار 170 رپيا ملندا آهن ۽ توکي ھڪ مھيني جا 1250 رپيا پيا ملن، ائين نہ ھوندو! ھن 1250 رپيا مھيني جا نہ پر سال جا چيا ھوندا.“
ايوب جي ڳالھ ۾ وزن ھو ۽ مون کي بہ محسوس ٿيو تہ پگهار بابت مون کي غلط فھمي ٿي آھي. انھن ڏينھن ۾ 100 رپيا بہ وڏي رقم ھئي، پر انھن پئسن سان آغاجِيءَ جي مدد نہ ڪري سگهان ھا. آئون سڌو ڊاڪٽر مساني وٽ ويس ۽ ان کي چيم تہ، ”1250 ساليانو پگهار منھنجي لاءِ گهٽ آھي.“
ھن کي حيرت ٿي ۽ چيائين، ”اھو ساليانو نہ پر مھيني جو پگهار آھي، پر پوءِ بہ پڪ ڪريون ٿا.“ ھن انھيءَ مھل ئي ديويڪا راني کي فون ڪئي، ٽيليفون تي ڳالھائڻ دوران ھن جي کلڻ مان سمجهي ويس تہ 1250 ماھوار پگهار آھي. فون رکڻ کان پوءِ ڊاڪٽر مساني مون کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيائين، ”جلدي وڃي ڪم سان لڳ.“
جمعي جو ڏينھن ھو، نماز پڙهڻ کان پوءِ آئون فل سوٽ ۾ بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو ويس. ديويڪا راني، پنھنجي آفيس ۾ اڪيلي ويٺي ھئي. مرڪندي منھنجو استقبال ڪيائين ۽ چيائين تہ، ”توھان منھنجي اسسٽنٽ مسٽر آئر سان ملو ۽ نوڪريءَ بابت لکپڙھ ڪيو ۽ ھا جلد کان جلد ڪم جي شروعات ڪيو. توھان سڀاڻي اچو تہ دوستن سان ملاقات ڪرايان.“
گهر رات جو دير سان موٽيس تہ امان پڇا ڪئي تہ، ”ايتري دير ڪٿي ھئين؟“
امان کي ٻڌايم تہ، ”1250 روپيا مھيني جي پگهار تي نوڪري ملي آھي، ھاڻي گهر جون سڀ پريشانيون ختم ٿي وينديون، ڀائرن ۽ ڀينرن جي تعليم، گهر جي سيڌو سامان وٺڻ کان پوءِ بہ ڪافي رقم بچي پوندي.“
امان بہ ڄاڻڻ گهريو ٿي تہ اھا ڪھڙي نوڪري آھي، جنھن ۾ ايڏو پگهار ٿي مليو. آزاديءَ لاءِ مختلف تحريڪون ھلي رھيون ھيون، ماڻھو پنھنجي ٻوليءَ سان بيحد محبت ڪندا هئا. جڏھن امان کي مون اھو يقين ڏياريو تہ نوڪري منھنجي اردوءَ ۾ بھتر ھجڻ ڪري ملي آھي تہ ھُوءَ ڏاڍي خوش ٿي.
منھنجي نوڪريءَ جي خبر صرف ايوب کي ھئي. آغاجِي کي شروع کان ئي فلمي دنيا کان نفرت ھئي. ھن پيشي تي ھُو ھميشہ طنز ڪندو ھو. ھڪ دفعي راج ڪپور جي ڏاڏي کي چيائين تہ، ”يار افسوس آھي تنھنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻيو ڪو ڍنگ وارو ڌنڌو ڪونہ مليو ۽ ھُو اداڪاري پيا ڪن.“
ٻئي ڏينھن آئون پوري تياريءَ سان بمبئي ٽاڪيز ويس. ديويڪا راني، راج ڪپور ۽ اشوڪ ڪمار سان منھنجو تعارف ڪرايو. راج ڪپور مون سان ملندي چيو، ”يوسف، تنھنجي پيءُ کي تنھنجي ھن ڪم جي خبر آھي؟“ بمبئي ٽاڪيز ۾ نوڪري ملڻ منھنجي لاءِ وڏي خوش قسمتي ھئي. پھرين ٻڌائي آيو آهيان تہ اسٽوڊيو جو ماحول ڏاڍو وڻندڙ ھوندو ھو. بلڊنگ، گهٽيون، باغ، آرٽ گئلريءَ سميت ھر شئي موجود ھوندي ھئي. اھي سڀ شيون مصنوعي ھونديون ھيون ۽ فلمن جي لاءِ استعمال ٿينديون هيون. انھن جو استعمال ڪھڙي طرح ٿيندو هو، اھا خبر مون کي نہ ھئي. مون کي سڀ ڪجهہ ھتي اسٽوڊيو ۾ سکڻو ھيو. ديويڪا راني مون کي شوٽنگ دوران موجود ھجڻ جو پابند ڪيو ھو. آئون صبح جو سوير اسٽوڊيو کان پوءِ شوٽنگ واري ھنڌ پھچي ويندو ھئس. منھنجي فلمي دنيا ۾ اچڻ جي ڪري راج ڪپور ڏاڍو خوش ھو، پر منھنجي شرميلي ھجڻ ڪري ھُو پريشان ھو تہ آئون پنھنجي پاڻ کي ڪيئن ايڊجيسٽ ڪري سگهندس. اشوڪ ڪمار کي آئون اشوڪ ڀاءُ چوندو ھئس، ان سان منھنجو تعلق ھميشہ پيار، محبت، عزت ۽ احترام وارو ھوندو ھو. ھُو 2001ع ۾ وفات ڪري ويو.
اسٽوڊيو ۾ شاھنواز خان سان ملاقات ٿي، ھن مون کي ڏسڻ سان ئي چيو تہ، ”تون پٺاڻ آھين.“ بغير ڪنھن سبب جي ھروڀرو ٽھڪ ڏيندو هو، شاھنواز خان جي انھي انداز تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. ٻئي ڏينھن ھن ساڳيون حرڪتون ورجايون ۽ مون کان پڇيائين تہ، ”گهڻا ڀائر آھيو؟“
مون جڏھن ٻڌايو، ”پنج...“
تڏھن هڪدم وراڻيائين، ”کڻي ڇھہ بہ ھجو مون کي ڇا ڪندؤ.“
مون کي ھن تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي. مون ھن جي ديويڪا راني سان شڪايت ڪئي تہ ھي جاھل ھن نموني سان مون کي مسلسل تنگ ڪري رهيو آهي. ھن منھنجي شڪايت ٻڌڻ کان پوءِ ڪجهہ نہ چيو، فقط منھنجي پٺي ٺپيندي چيائين، ”ڪا ڳالھ ڪونھي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ پر سمجهان ٿو تہ منھنجي غيرموجودگيءَ ۾ ھن شاھنواز خان کي ڇنڊ پٽي ھوندي. ڇو تہ ٻئي ڏينھن شاھنواز خان مون کي ڀاڪر پائي معافي گهري ھئي. ھن اھو بہ چيو ھو تہ، ”ڏس ميان! فلمي دنيا ۾ اھو سڀ ڪجهہ ٿيندو آهي ۽ اسان سڀ ھڪ ئي تہ آھيون.“ ٻين لفظن ۾ اهو تہ ھاڻي اھو سلسلو ھلندو رھندو پٽ.