آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

پونا کان بمبئي واپسي

جنگ جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وئي، مختلف ادارن ۾ انتظامي تبديليون ڪيون ويون، مينيجر بہ ڪم نہ پيو ڪرڻ چاھي. ھن مون کي مشورو ڏنو تہ تون بہ ھاڻي ھليو وڃ. ان وقت تائين آئون پنج هزار رپيا ڪمائي چڪو ھئس، ان زماني ۾ پنج هزار رپيا تمام وڏي رقم ھئي. رمضان جو مھينو شروع ٿي چڪو هو. منھنجي دل ۾ خيال آيو تہ بمبئي واپس ھليو وڃان. ڪم ڪرڻ، پنھنجي محنت سان پئسو ڪمائڻ ۽ عملي تجربي جي ڪري مون ۾ وڏي خوداعتمادي اچي چڪي هئي. ھاڻي آئون پنھنجي پاڻ کي ھڪ آزاد خيال نوجوان تصور ڪري رھيو ھئس. عيدالفطر ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ اچڻ واري ھئي، آئون بمبئي ھليو ويس.
منھنجي ڀاءُ ايوب کي منھنجي اچڻ جي خبر ھئي، پر ھن امان کي نہ ٻڌايو ھو، منھنجي گهر اچڻ جي باري ۾ ايوب، ناصر ۽ ھڪ ٻن ڀينرن کي ٻڌايو ھو. آئون جڏھن گهر جي ويجهو پھچي ڏاڪڻيون چڙھڻ لڳس تہ ڀينرن مون کي ڏسي ورتو ۽ امان کي وڃي ٻڌايائون. آئون امان کي ڀاڪر پائي مليس تہ سچ پچ اھو تہ فلمي سِين ھو، جيئن ڪو وڇڙيل خاندان ملي رھيو ھجي. امان مون کان پھريون سوال روزي جو ڪيو. فوجي ڪينٽين جي نظم ۽ ضبط جي ڪري روزو رکڻ مشڪل ھوندو ھو. ان وقت آئون تمام گهڻو جذباتي ٿي رھيو ھئس، يقين نہ اچي رھيو هو تہ امان سان گڏ ويٺل آھيان. امان جو رنگ ھيڊو ٿي چڪو هو ۽ ھُوءَ مرجهايل لڳي رھي ھئي. آئون امان جي ويجهو ويٺو ھئس ۽ ان وقت خيال آيو ڪمايل پئسا امان جي حوالي ڪريان. ٿيلھو کولي، پئسن جون ٿھيون امان جي ھٿن تي رکيم. امان ايترا پئسا ڏٺا تہ مون کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسڻ لڳي ۽ چيائين تہ، ”ايترا پئسا ڪٿان آندا اٿئي؟!“
امان جي اھڙي ردعمل لاءِ بلڪل بہ تيار نہ ھئس. امان کي چيم تہ، ”ھي پئسا مون سخت محنت ڪري ڪمايا آهن.“
امان اٿي ۽ وڃي قرآن مجيد کڻي آئي ۽ چيائين تہ، ”قسم کڻ تہ تو پئسا جائز طريقي سان ڪمايا آهن.“ مون قسم کنيو تہ امان مطئمن ٿي وئي.
آغاجِي شام جو روزي کولڻ وقت گهر آيو. امان ٻڌايس تہ يوسف آيو آهي. چيائين، ”مون کي خبر آھي.“ اھو آغاجِي جي طبيعت جو خاص انداز ھوندو ھو. ھُو ھميشہ سنجيدہ رھندو ھو. مون زندگيءَ ۾ صرف ھڪ دفعي آغاجِيءَ کي جذباتي ۽ فڪرمند ڏٺو ھو. ان ڏينھن امان کي ساھ کڻڻ ۾ سخت تڪليف ٿي ھئي. آغاجِي، امان کي پنھنجن ٻانھن ۾ ورتو هو ۽ وڏي رڙ ڪندي چيو ھئائين، ”آھي ڪو ڊاڪٽر کي وٺي اچي.“ آئون فلم ’مشعل‘ ۾ رات جو تيز برسات دوران گاڏين کان مدد وٺي رھيو ھوندو آھيان، جيڪا نہ ملندي آهي. اھو سِين مون ھڪ خاص ڪيفيت ۾ ڪيو ھو. اھو منظر ماڻھن جي دلين ۾ نقش ٿي ويو ھو ۽ ان سِينَ تي مون کي زبردست داد بہ مليو ھو. اھو سِين دراصل امان ۽ آغاجِي جي انھيءَ سين جو حقيقي نقل ھو.
آغاجِي ۽ آئون ڀاڪر پائي ملياسين، ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ ھو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ اسان گهر ۾ ڀرپور خوشي سان عيد ملھائي. ان ڏينھن آغاجِي مون کي چيو تہ، ”نيني تال ۾ ھڪ صوفن جو باغ وڪري لاءِ موجود آهي، تون وڃ ۽ باغ جي خريداري لاءِ ڳالھائي.“ منھنجي لاءِ اھو خوشيءَ جو لمحو ھو تہ آغاجِي پھريون ڀيرو مون سان ڪاروبار جي معاملن متعلق ڳالھائي رھيو ھو. حالانڪه ھن مون کان پونا ۾ گذاريل وقت جي باري ۾ ڪجهہ بہ نہ پڇيو ھو، پر ھاڻي سمجهي ويو هو تہ آئون ڪاروبار ۾ دلچسپي رکان ٿو. ان دوران مون وھاڻن وڪڻڻ جو ڪاروبار بہ ڪيو پر ان ۾ نقصان ٿيو. سمجهي ويس تہ ھي ڪم منھنجي واري ۾ ناھي.
آغاجِيءَ جي چوڻ تي آئون نيني تال ويس. باغ جو مالڪ زميندار ھڪ شريف النفس ماڻھو ھو. مون باغ جو جائزو ورتو، ڪيترن ئي وڻن تي ماڪڙ جي حملي جي ڪري نقصان ٿي چڪو هو، جيڪي بچيل ھئا انھن جي حالت بہ ڪافي خراب ھئي. زميندار باغ زمين سميت وڪڻي رھيو ھو، مون ان کان رقم بابت پڇا ڪئي تہ چيائين، ”مون کي زمين جي قيمت جو اندازو ناھي تہ ڪيتري جي آھي، آئون توکان ھڪ رپيا بيانُو وٺندس ۽ سودو ڪندس. خان صاحب (آغاجِي) جيڪا مناسب قيمت طئہ ڪندو، اھا مون کي منظور ھوندي.“ بمبئي واپس آيس تہ آغاجِي منھنجي زميندار سان ڳالھ ٻولھ تي بيحد خوش ھو. ھن کي لڳو ھو تہ آئون ھڪ سٺو بزنس مين ٿي سگهان ٿو. ڪاروبار ۾ دلچسپي ڏسي، آغاجِي مون کي چيو تہ منھنجا اڪائونٽ بڪ ۽ رجسٽر وغيرہ تون سنڀال. ھن کي ان ڳالھ تي خوشي ٿي ھئي، تہ ھڪ پٽ خانداني ڪاروبار ۾ دلچسپي رکي ٿو. آغاجِيءَ جي خواھش ھئي تہ سندس ڪاروبار آئون سنڀاليان. خانداني ڪاروبار جي سلسلي جو اڳتي وڌڻ منھنجي لاءِ وڏي خوشي ھئي، پر ٻئي پاسي منھنجي اندر مان ھڪ آواز اچي رهيو هو تہ ھي اھو ڪم ناھي، جنھن لاءِ آئون پيدا ڪيو ويو آھيان.