اُميدون ۽ تجربا
ملڪ آزاد ٿي چڪو هو، تخليقي سرگرمين ۾ تيزي اچي چڪي هئي. انقلابي سوچ رکندڙ ماڻھو سينيمائن ذريعي قوم کي پيغام ڏيئي رھيا ھئا. سماج جي بھتري ۽ حب الوطنيءَ جي موضوعن تي فلمون ٺھي رھيون ھيون. ’بمبئي ٽاڪيز‘ سان منھنجو معاھدو ختم ٿيڻ تي ھو. اسٽوڊيو ۾ ڪافي تبديليون اچي چڪيون هيون. اشوڪ ڀاءُ ۽ ايس مکرجي بہ ادارو ڇڏي چڪا هئا. ايس مکرجي ’فلمستان‘ نالي پنھنجو ادارو ٺاهيو ھو. ’بمبئي ٽاڪيز‘ جو وڏو معيار ھوندو ھو، ھتي ڪم ڪندڙن کي ٻئي ھنڌ وڏي خوشيءَ سان کنيو ويندو هو. ھاڻي ڪنھن جو ذاتي ملازم ٿي ڪم ڪرڻ واري روايت ختم ٿي چڪي هئي. ھاڻي ايئن نہ ھو تہ توھان ھڪ اداري ۾ ڪم ڪيو ٿا تہ ٻئي ۾ نٿا ڪري سگهو. اسان جو خاندان بہ وڏو ھو، ٻہ پڦيون اسان سان گڏ رھنديون ھيون، پشاور کان بہ مھمان ايندا رھندا ھئا، ان ڪري پئسي جي سخت ضرورت هئي، گهر جا خرچ بہ وڌي ويا هئا، پر انھن سڀني مجبورين جي باوجود مون اھو طئہ ڪيو تہ رڳو پئسن لاءِ فلم ۾ ڪم نہ ڪندس. ڪيترن ئي جاين کان مون کي ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي رھي ھئي ۽ ڪيترائي پروڊيوسر مون سان رابطي ۾ ھئا. انھن حالتن ۾ ڪو مشھور اداڪار مشڪل ۾ اچي ويندو آهي تہ ھُو ڇا ڪري ۽ ڇا نہ ڪري؟ پر مالڪ سائينءَ جو شڪر آهي، ڪنھن غير ضروري خوش فھميءَ جو شڪار نہ ٿيس. منھنجا فيصلا صحيح ثابت ٿيا. مون ايس مکرجي جي اداري ۾ ڪم ڪرڻ بھتر سمجهيو. ھن تمام گهڻي عزت ڏني. ايس مکرجي، 1948ع ۾ فلم ’شھيد‘ ٺاھي. جنھن ۾ مون حب الوطنيءَ جو ڀرپور ۽ قلبي اظھار ڪيو. ھن فلم ۾ مون سان گڏ ’ڪامني ڪوشل‘ ھئي. ھن جو اصل نالو اوما (ڪشيب) ھو. پھريون دفعو جڏھن فلم ڊائريڪٽر ’رميش سيگل‘، ڪامني ڪوشل کي سندس اصلي نالي سان سڏيو تہ پوءِ خبر پئي. ھُوءَ انگريزي روانيءَ سان ڳالھائيندي ھئي ۽ پنھنجي ڪم ۾ ماھر ھئي. پنھنجن ڪردارن ۾ گم ٿيڻ ھن کي ايندو هو، ھُوءَ پھرين بہ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي هئي. ايس مکرجي ھن جي صلاحيتن کان گهڻو متاثر ھو. فلم ’شھيد‘ زبردست ثابت ٿي ۽ تمام گهڻو ڪمايو.
ڏسندڙن منھنجي ۽ ڪامني ڪوشل جي جوڙيءَ کي ساراهيو. ان کان پوءِ ٻہ ٻيون فلمون ’نديا ڪي پار‘ ۽ ’شبنم‘ بہ اسان گڏ ڪيون. ان زماني ۾ انھن اداڪارن کي ھيرو ۽ ھيروئن ٺاھيو ويندو هو، جن جو فلم جي دنيا کان ٻاھر بہ تعلق ۽ واسطو ھوندو ھو، پر اڄ جي دؤر وانگر ڪير بہ پنھنجي تعلقاتن کي اخبارن ۽ رسالن ۾ نہ ڇپرائيندو ھو. انھن ڏينھن ۾ ھڪٻئي جو احترام ھوندو ھو. ذڪر ڪيل ٽي فلمون جڏهن ٺھيون، تڏھن آئون عمر جي ٽئين ڏھاڪي ۾ ھئس. ان وقت تمام گهٽ پڙھيل لکيل عورتون فلمن ۾ ڪم نہ ڪنديون هيون ۽ مرد فلمي ھيرو ۾ بہ عورتون دلچسپي نہ وٺنديون هيون. پڙھيا لکيا دوست منھنجي ترجيح ۾ شامل ھوندا ھئا. ڪنھن جو اسٽار ھجڻ منھنجي لاءِ خوشي بدران پريشانيءَ جو سبب ھوندو ھو. آئون سمجهان ٿو تہ ڪامني ڪوشل جي ويجهو وڃڻ منھنجو جذبات کان وڌيڪ عقلي فيصلو ھو. اوما (ڪشيب) يا ڪامني ڪوشل پڙھيل لکيل ھئي ۽ آئون ان سان پنھنجن پسند جي موضوعن تي ڳالھائي سگهندو ھئس. جيڪڏهن انھيءَ کي محبت چئبو آهي تہ پوءِ ٿي سگهي ٿو اھا ئي محبت ھجي. ڪجهہ اھڙين حالتن کان پوءِ مون ۽ ڪامني ڪوشل ھڪٻئي سان گڏ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ھو. ان جو سبب اهو هو تہ ڪجهہ فلمن کان پوءِ ھيرو ۽ ھيروئين جي جوڙي عام طور ڏسندڙن لاءِ بور ٿي ويندي آهي. ان ڪري ھڪ ئي جوڙي جو مختلف فلمن ۾ بار بار اچڻ ڪاروبار لاءِ سٺو ثابت نہ ٿيندو آهي. مون کان سدائين ھڪڙو ئي سوال پڇيو ويندو آھي، ’جيڪڏھن ھيرو ۽ ھيروئين حقيقي زندگي ۾ بہ محبت ڪندا ھجن تہ ڇا فلمن جي عشقيہ منظرن جي عڪسبندي تي ڪو اثر يا فرق پوندو آهي؟‘ انھي سوال جو مون وٽ جواب ھا بہ آھي نہ بہ. نمبر ھڪ تہ فلم جي هدايتڪار کي عشقيہ منظرن ۾ ھيرو ۽ ھيروئين جي محبت ڏيکارڻي ھوندي آھي. مصنوعي ۽ فرضي منظرن ۾ حقيقت جا منظر ڏيکارڻ کي اداڪاري چئبو آهي. اھڙي طرح منظر ۾ حقيقي ڪيفيت پيدا ڪرڻ لاءِ اداڪارن جو ھڪٻئي جو سڃاڻو ھجڻ ضروري نہ آهي. نمبر ٻہ اھو تہ اھو بہ ممڪن آهي تہ اداڪارن جي حقيقي زندگيءَ ۾ دوستي ڪنھن جذباتي منظر کي تقويت ڏيئي، شدت ۾ اضافو ڪري. جيڪڏهن ائين آھي تہ پوءِ مسودي کان بہ بھتر ڪري سگهجي ٿو. فلم ’مغلِ اعظم‘ ۾ منھنجي (شھزادو سليم)، مڌو بالا (انار ڪلي) سان ڪيل ڪردار بابت ذڪر ڪيل سوال خاص طور ڪيو ويندو آهي. (مڌو بالا جو اصل نالو ممتاز جھان بيگم ھو ان جو اڳتي ذڪر ايندو.) ان زماني ۾ فلمي اسٽوڊيو گهڻو ڪري گوري گائون (بمبئي جو ھڪ علائقو) ۾ ھوندا ھئا ۽ ھاڻي بہ آھن، ان ڪري منھنجي لاءِ اھو ضروري ھو تہ ان جي ويجهو رھائش ڪيان. منھنجي آمدني بھتر ٿي وئي ھئي ۽ گهر جي خرچ کان تمام گهڻي ھئي، پر آغاجِي خوددار شخص ھو، گهر جا سڀ خرچ مون تي ڇڏڻ جي سخت خلاف هو. ھن جو اھو خيال ھوندو ھو تہ ھُو بہ گهر جي خرچن ۾ پنھنجو حصو شامل ڪندو رھي. ھُو واپار جي سلسلي ۾ ھفتي ۾ ھڪ دفعو مارڪيٽ ضرور ويندو هو ٻيو تہ دوستن سان بہ ڪچھري ڪري وٺندو هو. دوستن سان ملڻ، ھن جي لاءِ سڀني کان اھم ھوندو ھو. فلمن جي ڪمن ڪارين جي ڪري مون کي باندرہ منتقل ٿيڻو پيو. پالي مالا ۾ ھڪ خوبصورت بنگلو ورتم.
منھنجو ڀاءُ ايوب سڀني کي ڏکارو ڪري ويو هو، پر سڀني کان وڌيڪ ڏک امان کي ٿيو ھو. پٽ جي جدائيءَ جو صدمو ھن کي اندران ئي اندران کائي رهيو ھو. امان، اسان ڀائرن ۽ ڀينرن جي سامھون وڏو حوصلو ۽ ھمت ڪري ھلندي ھئي، اسان جي سامھون ڪڏھن بہ نہ رُني، پر حقيقت اها آهي تہ اڪيلائيءَ ۾ ھُوءَ روئندي رھندي ھئي. مون سان اڪيلائيءَ ۾ اڪثر امان موت جي باري ۾ ڳالھائيندي ھئي ۽ چوندي هئي تہ، ”موت کان وڌيڪ ڪا بہ سچائي ناھي، خبر ناھي آئون بہ ڪڏھن ھلي وينديس.“
امان جون اھي ڳالھيون ٻڌي، آئون ڏکارو ٿي ويندو ھئس. امان مون کي غمگين ڏسي موضوع مٽائي ڇڏيندي هئي. مڪمل صحتمند ھُوءَ پھرين بہ ڪونہ ھئي، پٽ جي وڇوڙي جي ڏک ۾ ڏينھن رات روئڻ جي ڪري، امان جي صحت تي تمام گهڻو اثر پيو. ڪافي علاج ڪرايو ويو پر امان جي حالت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي وئي.