فلمسازيءَ جون مشقون ۽ ’گنگا جمنا‘
فلم ’گنگا جمنا‘ کان ڳالھ نڪتي ھئي، مون شپور مستري کي ٻڌايو تہ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان پھرين آئون اتر پرديش، مڌيه پرديش ۽ مھاراشٽر جو تفصيلي دورو ڪرڻ چاھيان ٿو. آئون ’گنگا جمنا‘ فلم جا مڪالما گنگا جمني لھجي ۽ ٻوليءَ ۾ ئي پيش ڪرڻ چاھيندو ھئس. ننڍپڻ ۾ جڏهن اسان ديولالي ۾ رھائش اختيار ڪئي هئي، تڏھن مون گهر جي باغ ۾ رھندڙ مالي ’بھاري‘ ۽ ان جي زال ’ڦُولِ وا‘ کي يُوپِي ۽ بھار جي لھجي ۾ ڳالھائيندي ٻڌو ھو. خاص طور جڏھن ھُو پاڻ ۾ وڙھندا ھئا تہ صورتحال انتھائي مزيدار ٿي ويندي ھئي، خبر نہ پوندي هئي تہ ڇا پيا ڳالھائين! ذاتي ۽ عملي طور مون کي اھو لھجو ويجهي کان ٻڌڻ جو اشتياق ھو. فصلن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ محنت ڪشن جي تڪليفن جو عملي طور مشاھدو ڪرڻ چاھيندو ھئس. منھنجي سوچ اھا ھئي تہ ماڻھو منھنجو ڪم ڏسن ٿا، نقاد تہ ھر شئي ڏسن ٿا، ان ڪري ننڍين ننڍين شين کي نظر انداز ڪرڻ سان ڪم بھتر نہ ٿئي ھا، ڪم کي سخت محنت سان مثالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس.
’گنگا جمنا‘ جي ذڪر وقت مون کي منھنجو ڀاءُ ايوب بہ ياد اچي ويو، جنھن جي علاج لاءِ اسان ھتي ديولالي آيا ھئاسين، ايوب اسان ڀائر ڀينرن ۾ سڀ کان وڌيڪ ذھين ھو، جيڪڏهن ھُو جسماني طور معذور نہ ھجي ھا تہ ھُو ھڪ وڏو آفيسر ھجي ھا، چوڻ جو مقصد تہ ’گنگا‘ منھنجي لاءِ اجنبي ڪردار نہ ھو. منھنجين ٻين فلمن وانگر منھنجي ذات ھڪ طرح تہ منھنجو ڪردار ٻي طرح جو ھوندو ھو. ذات ۽ ڪردار کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ بہ ضروري ھوندو آھي. ويجهڙ ۾ مشھور اداڪار اميتاڀ بچن سان ملاقات ٿي، ھن ٻڌايو تہ، ”ھن شاگرديءَ واري زماني ۾ منھنجي فلم ’گنگا جمنا‘ ڪيترائي دفعا ڏٺي ھئي.“ اميتاڀ، مون کان پڇيو تہ، ”ھڪ يُوپِي ڳوٺاڻي جو ڪردار ۽ لھجو ايڏي شاندار ۽ خوبصورتيءَ سان ھڪ پٺاڻ کان ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو؟“
اميتاڀ بلڪل صحيح چيو ھو تہ ھڪ پٺاڻ لاءِ اھو مشڪل آهي تہ ’گنگا‘ جي شخصيت ۽ ڳالھ ٻولھ ايترو سوَلائيءَ سان ڪري سگهي. ھا ھن پٺاڻ، جنھن جي توھان ڪھاڻي پڙھي رھيا آھيو، ھن سڀ ڪجهہ ڪري ڏيکاريو. ھن پٺاڻ ڳوڙهي مطالعي ۽ اڻٿڪ محنت سان اھي بہ ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن، جيڪي خواب خيال ۾ بہ نہ ھيون. ڪھاڻي جڏھن لکجي رھي ھئي تہ منھنجي ھمدردن ۽ دوستن ’گنگا جمنا‘ ۾ تبديلين جون تجويزون ڏنيون. اھو آئون ٻڌائي چڪو آهيان تہ منھنجو ڀاءُ ناصر جنھن جي ڪيريئر کي بھتر ڪرڻ لاءِ ھيءَ فلم ٺاھي رھيو ھئس، سو سمجهي رھيو ھو تہ فلم ٺاھي آئون وڏي غلطي ڪري رھيو آھيان. پھرئين ئي ڏينھن ھن جو اھو چوڻ هو تہ ڏسندڙ مون کي قانون شڪن جي روپ ۾ بلڪل بہ پسند نہ ڪندا. مون سڀني جون ڳالھيون ٻڌيون پر مسودي ۾ بنا ڦيرڦار جي فلم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنم.
’گنگا جمنا‘ جڏھن رليز ٿي تہ سڀني تعريف ڪئي. 1960ع ۾ اسان فلم ’گنگا جمنا‘ کي برطانيا جي ’پائِن وُوڊ اسٽوڊيو‘ مان ’ٽيڪني ڪلر‘ ڪرايو ھو، پروسيسنگ ڪرڻ وارا ٽيڪنيشنز فلم مان متاثر ٿيا ھئا، انھن مشورو ڏنو تہ فلم کي ’آسڪر ايوارڊ‘ لاءِ رجسٽر ڪرايو وڃي. چيڪو سلوواڪيا جي شھر ڪارلووي، بوسٽن، قاھرہ ۽ ٻين ملڪن جي شھرن ۾ جڏهن ’گنگا جمنا‘ ڏيکاري وئي تہ تمام گهڻي پسند ڪئي وئي ۽ منھنجي اداڪاري جي بہ تعريف ڪئي وئي. مغرب جا فلمي صحافي اھو ڄاڻڻ چاهيندا هئا تہ فلم لاءِ ايڏي محنت ڪيئن ڪئي وئي آهي؟ ڇو تہ انھن مطابق اھڙي قسم جي فلم ٺاھڻ لاءِ طويل تحقيق جي ضرورت پوندي آهي. ’گنگا جمنا‘ جي ھڪ ٻي خاص ڳالھ نوشاد ميان جو ميوزڪ ھو. ھن فلم ۾ نوشاد ميان جون ترتيب ڏنل ڌنون اڄ بہ ماڻھن ۾ مقبول آھن.
1954ع ۾ ٺھيل محبوب خان جي فلم ’امر‘ ۽ ان کان پھرين جي 1953ع ۾ ٺھيل ضياء سرحدي جي فلم ’فٽ پاٿ‘ ۾ اينٽي ھيرو رول ڪري چُڪو ھئس، پر اھي فلمون ايڏيون مشھور نہ ٿيون ھيون. ’گنگا جمنا‘ ۾ ھڪ ڏوھاريءَ جي حيثيت ۾، ڏسندڙن جون ھمدرديون ھيرو سان ھيون. ’گنگا جمنا‘ جي ڪلائمڪس جي لاءِ مون ھفتن جا ھفتا غور فڪر ڪيو ھو، ان جو اھو نتيجو نڪتو تہ گنگا جي مرڻ جو منظر ماڻھن جي دلين ۽ ذھنن ۾ ھميشہ لاءِ نقش ٿي ويو. اڄ بہ ماڻھو ان منظر کي ياد ڪن ٿا. ’گنگا جمنا‘ جي لوڪيشن ڪيترائي مھينا رلڻ کان پوءِ ڳوليسين. اها جڳھ ’اگت پوري‘ ۾ ھئي، جيڪا رياست مھاراشٽر ۾ آھي. بمبئيءَ کان تقريباً 120 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ھي لوڪيشن مون بدرالدين قاضي (جنھن کي توھان جوني واڪر جي نالي سان سڃاڻو ٿا) سان گڏ گهمڻ دوران ڏٺي هئي. ھن جڳھ جي چونڊ منھنجي پنھنجي ھئي، جيڪا منھنجي فلم ’گنگا جمنا‘ جي رليز ٿيڻ کان پوءِ ڪيترين ئي فلمن ۾ ڏيکاري وئي.
’گنگا جمنا‘ جي شوٽنگ دوران آصف پنھنجي فلم ’مغلِ اعظم‘ جي عڪس بندي ڪري رھيو ھو. راجسٿان جي شديد گرمي ۾ مون کي وزني ۽ ٿلھا ڪپڙا پائي سين ڀرائڻا پوندا هئا، جسم تي نشان ٿي ويندا هئا، جيڪي آئون ’گنگا جمنا‘ جي شوٽنگ دوران وڏي محنت سان لڪائيندو ھئس. انھن ڏينھن ۾ ميڪ اپ جو سھوليتون اڄ وانگر نہ ھيون ۽ نہ ئي وري سامان ۽ ٽيڪنڪس ھوندي ھئي. راجسٿان ۾ ’مغلِ اعظم‘ فلم جي شوٽنگ کان پوءِ ھيلي ڪاپٽر ذريعي بمبئي ايندو ھئس. بمبئيءَ کان ڪار ذريعي ’گنگا جمنا‘ جي لوڪيشن تي ويندو ھئس. ٻنھي فلمن لاءِ ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ وڃڻو پوندو هو ۽ سخت محنت ڪرڻي پوندي هئي. شپورجِي مستري ’مغلِ اعظم‘ جو شريڪ پروڊيوسر ھو. ھُو پنھنجن پٽن ۽ آفيس جي ملازمن کي چوندو هو تہ، ”محنت ڪيئن ڪجي، اھو دليپ ڪمار کان سکو.“ منھنجي محنت ۽ مشقت کي ڏسندي، ھُو منھنجي لاءِ وڌ کان وڌ آرامدہ سفر جو انتظام ڪندو هو. شپورجِي مون سان پٽن جھڙي محبت ڪندو ھو. ھن سان ھر موضوع تي طويل گفتگو ٿيندي ھئي.
پالي ھل باندرہ ۾ اوچي جڳھ تي مون ھڪ وڏو ۽ انتھائي خوبصورت بنگلو خريد ڪيو هو، پر ان بنگلي بابت ڀائرن ۽ ڀينرن کي نہ ٻڌايو ھئم. ھڪ ڏينھن انھن کي سرپرائز ڏيڻ لاءِ گاڏيءَ ۾ ويھاري بنگلي تي وٺي ويس. کيسي مان چاٻي ڪڍي بنگلي جو تالو کولڻ لڳس تہ سڀ حيران ٿيا. چوڻ لڳا، ”ڪنھن جو بنگلو آهي؟“ مون چيو، ”اڄ کان پوءِ اھو منھنجو آھي.“ افسوس ان وڏي بنگلي ۾ بہ ڀائرن ۽ ڀينرن جي جهيڙي مون کي سڪون سان رھڻ نہ ڏنو. ھُو ننڍين ننڍين ڳالھين ۾ مون کي وچ ۾ آڻيندا ھئا. ھنن کي پنھنجي عيش و آرام ۽ آسائشن جو فڪر ھوندو ھو. ھنن جو خيال هو تہ ھر آسائش آئون انھن کي ميسر ڪري ڏيان. انھيءَ مطالبي تي ھنن کي ڪجهہ بہ محسوس نہ ٿيندو ھو. ان جو اھو نتيجو نڪتو جو آئون ڀائرن ۽ ڀينرن کان پري ٿي ويس. تنگ ٿي آئون بنگلي جي ھڪ ننڍڙي ڪوٺي ۾ الڳ رھڻ لڳس.
1960ع جي ڏھاڪي ۾ ’بمبئي پروڊيوسرز ايسوسيئيشن‘ اداڪارن جي ھڪ وقت ۾ ھڪ کان وڌيڪ فلمن تي پابندي لڳائي ڇڏي. آئون تہ عام طور ھڪ وقت تي ھڪ ئي فلم ۾ ڪم ڪندو ھئس. منھنجي لاءِ اھا پابندي مسئلو نہ ھئي، پر مون ايسوسيئيشن جي ان عمل کي اداڪارن جي آزاديءَ جي خلاف سمجهيو. ٻئي طرف منھنجي گهر ۾ ھر وقت ٿيندڙ جهيڙي بہ منھنجو سڪون برباد ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري مدراس ھليو ويس. مدراس ۾ بي ناگي ريڊي جي فلم ’رام اور شيام‘ کان سواءِ پي ايس ويرپا جي ’آدمي‘ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيم. رام شيام ۾ وجنتي مالا منھنجي ھيروئين ھئي پر اوچتو ھڪ اھڙو واقعو پيش آيو، جنھن کان پوءِ ھن کي فلم مان ٻاھر ڪيو ويو. چڱي طرح ياد نہ آهي، شايد ساڙھيءَ جو معاملو ھو يا ڪنن جون واليون ھيون، وجنتي مالا پسند ڪيون ھيون. اسسٽنٽ ڄاڻي ٻجهي ٻي فنڪارہ کي اھي شيون ڏيئي ڇڏيون ھيون. وجنتي جهيڙو ڪيو ھو، ان حرڪت تي بي ناگي ريڊي شائستہ طريقي سان کيس فلم مان ڪڍي ڇڏيو. ان جي جڳھ تي وحيده رحمان کي کنيو ويو. غلطي وجنتيءَ جي پنھنجي ھئي، پر ھُو سدائين مون تي فلم مان ڪڍائڻ جو الزام ھڻندي ھئي.