آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

شاديءَ جون تقريبون

11 آڪٽوبر 1966ع جي شام جو اسان کي ڪنوار وٺڻ لاءِ وڃڻو ھو، صبح سوير ئي گهر ۾ اچ وڃ شروع ٿي وئي. ھر طرف خوشي جو ماحول ھو، شام جو منھنجي ڀاءُ نُور ۽ ناصر منھنجي مٿي تي موڙ ٻڌي ڇڏيو، منھنجي ليموزين ڪار کي سينگاريو ويو ۽ ان جي مٿان مڻن جي حساب سان گل رکيا ويا. ان ڪار ۾ ئي ڪنوار کي وٺي اچڻو هو، پر اوچتو ادي سڪينہ ۽ نُور ٻڌايو تہ مون کي ڪنوار جي گهر گهوڙي تي چڙھي وڃڻو پوندو. مون چيو تہ سائرا جي گهر جي گيٽ وٽ زمين لھواري آھي، گهوڙي ترڪي سگهي ٿي، آئون ڪرِي بہ سگهان ٿو، پر انھن منھنجي ڳالھ نہ مڃي. منھنجي ۽ سائرا جي گهر جي وچ ۾ مفاصلو فقط ٻن منٽن جو آھي، پر اتي پھچندي پورو ھڪ ڪلاڪ لڳي ويو، ماڻھن جي تمام گهڻي رش ٿي وئي. گهوڙي جي لغام ’پرٿوي راج‘ جي ھٿ ۾ ھئي. گهوڙيءَ جا کُر گسي ويا ھئا. ھُو وِک وِک تي ترڪي رھي ھئي پر شڪر آهي آئون ڪرڻ کان بچي ويس.
جڏھن ڪنوار جي گهر جو دروازو کُليو تہ ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد اندر ھليو ويو. منھنجو دوست مشھور پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر ناصر حسين شاديءَ جي تقريب جي ريڪارڊنگ ڪئي. ھُو ۽ ان جي ٽيم ھڪ وين جي ڇت تي ويٺل ھئا. ماڻھن جي رش ۽ ڌِڪ ڌِڪان جي ڪري ھُو ھيٺ ڪري پيا، پر شڪر آهي زخمي ٿيڻ کان بچي پيا. ماڻھن جي اڪثريت منھنجي شاديءَ تي حيران ھئي، ھُو سمجهي رھيا ھئا تہ آئون غلط ڪري رھيو آھيان، پر ڪنھن بہ ڪجهہ نہ چيو ۽ نہ ئي پڇيو سواءِ نوشاد صاحب جي، ھن چيو ھو تہ، ”پاڻ کان 20 سال ننڍي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ڇا تنھنجي غلطي ناھي؟ تنھنجو خاندان بہ تنھنجي ان فيصلي تي خوش آھي؟“
نہ سائرا تي ڪو دٻاءُ ھو تہ ھُوءَ مون سان شادي ڪري ۽ نہ ئي وري ڪا منھنجي مجبوري ھئي، ھي سڀ خدا جي مرضي هئي، جنھن اسان کي ھڪٻئي سان ملايو. مون کي حد کان وڌيڪ يقين ھو تہ اھا شادي دراصل جوتشيءَ جا اھي لفظ آھن، جيڪي درست ثابت پيا ٿين. راج ڪپور ھڪ دفعي پنھنجي ڪنھن انٽرويو ۾ چيو ھو تہ جنھن ڏينھن دليپ شادي ڪئي، ان ڏينھن آئون ريڙهيون پائيندس. راج کي اھا ڳالھ ياد ڏياري وئي. ھُو ان مھل ئي سڀني جي سامھون ريڙهيون پائڻ لڳو. ادي سڪينہ راج کي دڙڪا ڏنا، ”ھي ڇا پيو ڪرين!؟“ راج ڪپور مون کي پنھنجن ڀائرن جيان عزيز ھو.
شادي واري ڏينھن سائرا گهڻو تيار نہ ٿي ھئي، جيئن عام طور ڪنوار ٿيندي آهي. ھن جي لباس ۽ ميڪ اپ ۾ سندس والدہ جي مشوري جي اھميت ھوندي ھئي. ڪنوار جي حيثيت ۾ بہ ھُوءَ سادي لباس ۾ ھئي. اھو ئي سبب آهي جو ھُوءَ مصنوعيت کان بغير ڏاڍي خوبصورت لڳي رھي ھئي. نڪاح دوران منھنجا سڀ دوست ۽ عزيز منھنجي ويجهو ھئا. جنرل شاھنواز، راج ڪپور، ناصر سلطان، محمد عمر مڪري، ستيش ڀالا سميت منھنجا سڀئي پيارا ان وقت مون سان گڏ ھئا، پران تہ سرينگر مان جھاز ذريعي بمبئي ۾ خاص منھنجي شادي تقريب لاءِ آيو ھو. خدا ترس بزرگ قاضي ميورغي اسان جو نڪاح پڙھايو. مون ۽ سائرا نڪاح نامي تي صحيحون ڪيون. نڪاح کان پوءِ راج ڪپور مون کي ڪنوار وٽ وٺي ويو. آرسيءَ ۾ مُنھن ڏيکارڻ واري رسم کان پوءِ راج اسان جي شاديءَ جون منڊيون کير ۾ وڌيون ۽ پوءِ اسان کي پارايائين. وڏين اخبارن ۾ اسان جي شاديءَ جون شھ سرخيون لڳيون.
ٻئي ڏينھن شام جو مون پنھنجي گهر ۾ وليمي جي دعوت ڪئي. ان ۾ سڀني مٽن مائٽن، دوستن ۽ ساٿين ڀرپور شرڪت ڪئي. مھاراشٽر جي وزيرِاعليٰ وسنت رائو نائڪ خصوصي مھمان طور شرڪت ڪئي. سائرا ۽ مون شاديءَ جي پھرين رات بنگلي بجاءِ پائين باغ ۾ ٺھيل ھڪ ڪوٺيءَ ۾ گذاري، جتي آئون اڪثر رھندو ھئس.
فلم ’رام اور شيام‘ جو ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻئي صبح جو مون کي مدراس وڃڻو ھو. مدراس منھنجو ٻيو گهر ھو، آئون پھرين ئي ان پرسڪون ماحول ۾ گهر خريد ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هوس. سائرا کي بہ مغربي بنگال جي جابلو علائقي ’دارجلنگ‘ ۾ ’جهڪ گيا آسمان‘ جي شوٽنگ لاءِ وڃڻو ھو. آئون، سائرا کي پاڻ سان گڏ وٺي ويس. ھڪ ٻہ ڏينھن مون سان گڏ رھڻ کان پوءِ ھُوءَ اڳتي هلي ويندي. ھُوءَ مون سان گڏ ھلڻ ڪري ڏاڍي خوش هئي. ڇو تہ بمبئيءَ جي مصروف زندگيءَ کان پري اسان کي وقت گڏ گذارڻ جو موقعو ملي ويندو. اسان جڏھن ’مينمبڪم ايئرپورٽ‘ تي لٿاسين تہ ھڪ حيرت انگيز منظر ڏسڻ لاءِ مليو، جھاز جي گيٽ کان وٺي ايئرپورٽ تائين ايندڙ رستن تي گل وڇايل ھئا. ناگي ريڊي ۽ ان جي عملي جا ماڻھو ھٿن ۾ گلن جا هار کڻي بيٺل ھئا. انھن اسان کي ھار پارايا. اسان کي ٻڌايو ويو تہ ايئرپورٽ ٻاھران مداحن جو وڏو تعداد موجود آهي، تنھن ڪري ھتان خاموشيءَ سان نڪرڻو پوندو. اوشنگ ھوٽل پھتاسين تہ اتي اھو ڏسي حيراني ٿي تہ منھنجي پراڻي سنگل بيڊ جي بدران ھڪ نئون ۽ وڏو بيڊ پيل ھو. منھنجي بيڊ ۽ ڪمري کي چنبيليءَ جي گلن سان سينگاريو ويو هو. مون جڏھن اي سي ھلائي تہ سڄو ڪمرو ھڪ زبردست خوشبوءَ سان واسجي ويو. انھيءَ ماحول اسان کي ھڪ ٻيءَ دنيا ۾ پھچائي ڇڏيو.
مون ھڪ دفعي ريڊي صاحب جي پٽ پرساد کي ڀوڳ وچان چيو ھو تہ مون کي ھڪ وڏو بيڊ پسند آهي، جيڪو خوبصورت ھجي. پرساد مون کي چيو ھو جڏھن توھان شادي ڪندؤ تہ توھان کي اھڙو بيڊ گفٽ ڪندس. ان وقت شاديءَ جي ڪا بہ ڳالھ نہ ھئي. اسان جو ڪمرو اھڙي انداز سان سينگاريو ويو هو، جھڙو ڪنھن ملڪہ ۽ شھنشاھ جو ڪمرو ھجي. اھڙي قسم جو خوبصورت ماحول آئون پنھنجي گهر ۾ سائرا کي سھاڳ رات ۾ ڏيڻ چاھيندو ھئس، پر اتي ممڪن نہ ٿي سگهيو. ھوٽل وارن اھا ڪسر پوري ڪري ڇڏي.
مدراس ھڪ شاندار ثقافتي شھر آھي. ھن شھر ۾ اسان ٻنھي جي زندگيءَ جي نئين شروعات ٿيڻ منھنجي لاءِ ھڪ پسنديدہ سؤڻ ھو.