ڪجهہ پنھنجي طرفان
مون کي ٽي پٽ عبدالقيوم، ڊاڪٽر عبدالسميع جيڪو 13 جون 2007 تي ﷲ کي پيارو ٿيو. عبدالصمد ۽ ڊاڪٽر مومل هڪ ڌيءُ آهي. سندس وَرُ منھنجو ڀائيٽيو ثناءُ ﷲ سول ايوي ايشن ۾ آفيسر آهي.
منھنجا ٻئي پٽ فرمانبردار ۽ هميشہ منھنجو ۽ پنھنجي والدہ جو خيال رکڻ وارا آهن.
منھنجي گهرواري، سگهڙ، ديندار ۽ هميشہ گهر ۽ گهروارن جي خيرخواھہ آهي ۽ هر ڏک ۽ سک ۾ همسفر ۽ هم رڪاب رهي آهي.
عبدالقيوم جي گهرواري ارجمند بانو بہ منھنجي ڀائيٽي آهي ۽ پڙهيل لکيل ۽ سلڇڻي آهي. صائما منھنجي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالجبار جي نياڻي آهي ۽ ڊاڪٽر عبدالسميع جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ مون سان گڏ آهي ۽ عبدالسميع جي ڏنل نشاني اسفند جي تعليم ۽ تربيت ۾ مون سان ساٿ ڏيو بيٺي آهي.
عبدالمعز منھنجو ٻيو پوٽو ۽ ڄامزادي رابيل جنھن تي مون پنھنجي امڙ جو نالو رکيو آهي. عبدالقيوم جي اولاد آهن.
منھنجا ٻہ ڏوهٽا شھر يار ۽ شھزاد مومل ۽ ثناءُ ﷲ جي اولاد آهن.
”جيڪي ياد پيوم“ ڪجهہ يادگيريون آهن ڪجهہ پنھنجي متعلق آهي. زندگيءَ جو ڪافي سفر ڪٽجي چڪو آهي. باقي اچي بچيو آهي سوبہ ڪٽجي ويندو. شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ڪافي ارڏايون ڪيم. پنو عاقل، پير ڳوٺ ۽ خيرپور ناز هاءِ اسڪولن ۾ پڙهيس. ڊرامن، مشاعرن، هڙتالن، ڊبيٽ، سنڌي ادبي سنگت ۽ ان جي هلايل تحريڪن ۾ سرگرم رهيس. ننڍپڻ جون دوستيون اڄ توڻي ويٺو نڀايان. ڪجهہ امر جليل مان متاثر ٿي سندس ڪھاڻين جي عنوانن تي شعر لکيم، جھڙوڪ ”جڏهن مان هوندس“ ۽ ”لھندڙ سج وڌندڙ پاڇا“.
شيخ اياز، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، علي بخش ميمڻ، حبيب ﷲ شيخ، سليم خواجا، ڊاڪٽر محمد عمر جاگيراڻي، عبدالقادر صديقي، نور الدين سرڪي، سراج ميمڻ، عبدالحميد سنڌي، امر جليل ۽ ٻيا تمام گهڻا دوست هُيا ۽ آهن، جن مان ڪيترا هِنَ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن.
منھنجن ڪالمن جو هڪ مجموعو اڳ ڇپجي چڪو آهي، ان کان پوءِ ٻيو چاپو مارڪيٽ ۾ آيو ۽ هينئر ٽئين ڀيري پيو اچي. ٻنھي ڇاپن ۾ جسٽس سيد ديدار حسين شاھہ صاحب ۽ برادرم حميد سبزوئي صاحب مدد ۽ رهنمائي ڪئي آهي جنھن لاءِ آءُ دل سان سندن ٿورائتو آهيان.
فتاح ملڪ