ڪتاب جو نالو: ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات
مصنف: فريڊرڪ اينگلس / ابوبڪر خان مگسي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 22 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1072 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 585 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ” ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب مشهور سوشلسٽ ۽ ڪارل مارڪس جي ديرينه ساٿي ۽ رفيق فريڊرڪ اينگلس (1895-1820) جو تصنيف ٿيل آهي ۽ جنهن علم الانسان جي ماهر ۽ مشهور آمريڪي مصنف مارگن صاحب جي مختلف تحريرن کي بنياد بنائي لکيو هو. هي نهايت اهم موضوع آهي ۽ منهنجي معلومات مطابق ان موضوع تي سنڌي زبان ۾ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي محترم ۽ مربي ڀاءُ ابوبڪر خان مگسي (مرحوم) ترجمو ڪري ۽ ان تي هڪ عالمانه مقدمو لکيو آهي. هن، هي ڪتاب 1981ع ۾ مڪمل ڪيو هو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • حرف آغاز
  • مقدمو
  • پيش لفظ
  • ڪٽنب، ذاتي ملڪيت۽ رياست جي اداري جي شروعات
  • ڪٽنب
  • ايروڪواس قبيلن جون نياتون
  • يوناني نياتون
  • اٿينس جي رياست واري اداري جو عروج حاصل ڪرڻ
  • نياتون ۽ رومن رياست
  • جرمن قبيلن ۽ ڪيلٽ لوڪن جو نياتي نظام
  • جرمن قومن ۾ رياست جي اداري جو پيدا ٿيڻ
  • غيرمهذبيت ۽ تهذيب

  • حق ۽ واسطا

    سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
    نئون ڇاپو: 2010ع
    ڪتاب جو نالو : ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات
    ليکڪ: فريڊرڪ اينگلس
    سنڌيڪار: ابوبڪر خان مگسي
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ:نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 250/= رپيا

    “KUTUMB, ZATI MILKIAT AEN RIYASAT”
    (The Origin of the Family, Private Property and State)
    By: Friedrich Angles
    Translated by: Abu Bakar Khan Magsi
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone:021-32737290
    www.sindhica.net
    Email:sindhica_academy@yahoo.com
    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، روم نمبر1، مهراڻ هوٽل، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻوفون: 03468960942
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار فون: 0212214521، 0300-343115
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،
    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
    ڪراچي74400


    انتساب

    محترم مولوي حاجي عبدالرحيم مگسي
    (سابق معلم الفقه سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي)
    جي نانءِ، جنهن اسان جي خاندان ۽ مگسي قبيلي سميت
    سنڌ جي ڪيترن ئي ٻين خاندانن ۾ علم جو چراغ روشن ڪيو
    ۽ کين علم ۽ نيڪي جي دڳ لاتو.

    ابوبڪر مگسي


    سنڌ سلامت پاران

    ڪتاب ” ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب مشهور سوشلسٽ ۽ ڪارل مارڪس جي ديرينه ساٿي ۽ رفيق فريڊرڪ اينگلس (1895-1820) جو تصنيف ٿيل آهي ۽ جنهن علم الانسان جي ماهر ۽ مشهور آمريڪي مصنف مارگن صاحب جي مختلف تحريرن کي بنياد بنائي لکيو هو. هي نهايت اهم موضوع آهي ۽ منهنجي معلومات مطابق ان موضوع تي سنڌي زبان ۾ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي محترم ۽ مربي ڀاءُ ابوبڪر خان مگسي (مرحوم) ترجمو ڪري ۽ ان تي هڪ عالمانه مقدمو لکيو آهي. هن، هي ڪتاب 1981ع ۾ مڪمل ڪيو هو.

    هي ڪتاب 2010ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    حرف آغاز

    هي ڪتاب مشهور سوشلسٽ ۽ ڪارل مارڪس جي ديرينه ساٿي ۽ رفيق فريڊرڪ اينگلس (1895-1820) جو تصنيف ٿيل آهي ۽ جنهن علم الانسان جي ماهر ۽ مشهور آمريڪي مصنف مارگن صاحب جي مختلف تحريرن کي بنياد بنائي لکيو هو. هي نهايت اهم موضوع آهي ۽ منهنجي معلومات مطابق ان موضوع تي سنڌي زبان ۾ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي محترم ۽ مربي ڀاءُ ابوبڪر خان مگسي (مرحوم) ترجمو ڪري ۽ ان تي هڪ عالمانه مقدمو لکيو آهي. هن، هي ڪتاب 1981ع ۾ مڪمل ڪيو هو.
    ابوبڪر خان مگسي، تاريخدان، عربي ادب جو ڄاڻو، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو شيدائي، پنهنجن ۽ پراون جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان هو. هو، هڪ ئي وقت اديب، عالم، صحافي ۽ تاريخدان هو، سندن فلسفو پڻ پسنديده مضمون هو. طبيعت جي لحاظ کان هو هڪ آزاد فلسفي انسان هو. هو، مذهبي گهراڻي ۾ ضرور پيدا ٿيو هو، پر ظاهري مذهبي رسمون گهٽ سرانجام ڏيندو هو. ان جي نتيجي ۾ ڪيترن ماڻهن کي سندن طرز زندگي پسند نه هو. هو ڪڏهن به ٻين جي ذاتي طرز زندگيءَ ۾ دخل اندازي ڏيڻ پسند نه ڪندو هو. هن ڪتاب ۾ سندن طرفان لکيل مقدمي پڙهڻ کان پوءِ لائق پڙهندڙن تي واضح ٿيندو ته هو سچو عاشق اسلام۽ عاشق رسول هو. سندن ٻيون ڪيتريون تحريرون ۽ تقريرون وقت جي طوفان ۾ لڙهي چڪيون آهن پر جيڪي ڪجهه مون کي هٿ اچي سگهيون آهن، اهي آهستي آهستي سنڌ جي عوام اڳيان جيترو جلد ممڪن ٿي سگهيو آنديون وينديون. ابوبڪر خان مگسي ڪو پيشه ور اديب ۽ صحافي نه هو، جيڪي فقط لکڻ ڄاڻندا آهن، باقي ٿيو خير. هن درويش صفت انسان جيڪي ڪجهه لکيو سو نهايت سنجيده ادب آهي ۽ جنهن جي مطالعي سان پڙهندڙن کي گهڻو لاڀ حاصل ٿي سگهي ٿو.
    ابوبڪر خان مگسي پنهنجي هي تصنيف ۽ ٻيون تحريرون منهنجي حوالي ڪري ويو هو، ان اميد تي آءٌ انهن تحريرن کي جلد از جلد ڇپائي پڌرو ڪندس پر وسيلن جي گهٽتائي جي نتيجي ۾ سندن هي اهم تصنيف ايترو دير سان ظاهر ٿي رهي آهي، ان جو مون کي انتهائي افسوس آهي، پر چوندا آهن تي دير آيد درست آيد! مان هن ڪتاب ۽ لائق مترجم جي لکيل مقدمي تي پنهنجي طرفان ڪوبه تبصرو نه ڪندس، پر ايترو ضرور چوندس ته اهي ٻئي پڙهڻ ۽ دل سان هنڊائڻ جي لائق آهن. اميد ته لائق پڙهندڙ هن ڪتاب مان سٺو لاڀ حاصل ڪندا.

    والسلام
    زاهد علي مگسي
    ڪراچي
    23/05/1996


    مقدمو

    واديءِ سنڌ ۾ اوڏن کي ڪير نه سڃاڻي؟ آلي مٽيءَ جي چاڻن مان ڀتيون ٺاهڻ سندن قومي پيشو آهي. ان ڪري سنڌي زبان ۾ محاورو آهي ته، ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ!“ اوڏڪي اڏاوت ڪرڻ جو طريقو ساري برصغير مشرق وسطيٰ يعني سنڌ جي ٿر کان وٺي صحراءِ اعظم آفريڪا جي ڪنارن جي ملڪن تائين عام آهي. ان ڪري وڏي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته، جڏهن آدم ذات تاريخ جي قديم شڪاري دور مان نڪري، يعني غارن ۽ چُرن مان نڪري، سمنڊن، دريائن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي آباد ٿيڻ شروع ڪيو هو ته حضرت انسان پاڻ کي جهنگلن ۽ ٻيلن ۾ رهندڙ شڪاري جانورن جي حملن کان بچائڻ ۽ پنهنجي شڪار ڪيل جانورن جي گوشت کي سانڍي رکڻ لاءِ ڇپرن جي بجاءِ ڳوهيل مٽيءَ مان گهرن ٺاهڻ جو هنر ايجاد ڪيو هو. جنهن درجي کان اڳتي هلي حضرت انسان سرون ٺاهڻ ۽ باهه کي ڳولي لهڻ ۽ ان کي استعمال ڪري سرن کي پچائي پختن ۽ ديرپا گهرن ٺاهڻ جا هنر ايجاد ڪري ورتا هئا ۽ هو هينئر واهڻن جي بجاءِ ڳوٺن ۽ وڏن واهڻن ۽ شهرن ۾ رهڻ لڳو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اوڏڪي اڏاوت ڪرڻ جو هنر، غارن ۾ رهڻ ۽ پڪي اڏاوت ڪري گهر جوڙي رهڻ جي وچ وارو عبوري دور آهي.
    علم الانسان جي عالمن جي تحقيق موجب اوڏ قبيلا روزگار جي سلسلي ۾بحيره روم جي ڏاکڻي ڪنارن وارن ملڪن مان هجرتون ڪندا اچي واديءِ سنڌ ۾رهيا هئا. سندن قد ڪاٺ، چهرو مهرو ۽ خد و خال ڏيکاري ٿو ته سندن نسلي تعلق آسٽريلوي يا آريه نسلن سان نه پر سامي نسل سان آهي. منجهن اڄ به سامي نسل وارين قومن واريون عادتون ۽ اطوار، رسمون ۽ رواج موجود آهن.
    اوڏ هندن جي رواج جي خلاف مسلمانن وانگر گهڻيون شاديون ڪندا آهن. منجهن ماءُ، ڀيڻ، ناني، ڏاڏي، سَس، پڦي، ماسي، ڀائٽين ۽ ڀاڻيجن سان شاديون نه ڪندا آهن، پر ماساتن، پڦاٽن، ماروٽن، سوٽن سان شاديون ڪرڻ وٽن مباح آهي. ودوائن کي شادي نه ڪرائڻ جو وٽن رواج نه آهي ۽ نه وري هندن وانگر سندن محرمن جو دائرو ستن گوترن (پيڙهين) تائين وڃي ٿو. اوڏ مرد ۽ زالون پاڻ ۾ گڏجي پورهيو ڪندا آهن. مرد فقط مٽي گُڏين ۽ ڀتين جي اوساري ڪن. باقي ٻيو سمورو گهرو خواهه ٻاهريون ڪم ڪار عورتون ڪنديون آهن. اوڏ عورت جي سخت جاني ۽ مڙس سان جنسي وفاداري ضرب المثل آهي. اوڏ مرد ڌوتي ۽ انگرکو پائين ۽ مٿي تي پڳ پائيندا آهن. عورتون وڏو جهولدار پڙو ۽ ڪنجري پائينديون آهن. هو سون جا زيور ورلي پائين. سندن ڳهه (زيور) گهڻو ڪري چاندي جا هوندا آهن.
    اوڏ نه مال جا ڌڻ ڌارين ۽ نه وري هارپو ڪن. ان ڪري منجهن زمين حاصل ڪرڻ جو ڪوبه خيال پيدا نه ٿيو آهي. ڪاشت ڪاري ۽ ڌڻن ڌارڻ کان پري رهڻ جي ڪري منجهن چوري ۽ زوري ڪرڻ جو ڪوبه رواج پيدا نه ٿيو آهي. البته مسلمان سندن چوريون ڪندا آهن ۽ ڀُنگ وٺي کين موٽائي ڏينداآهن. پڪا گهر ٺاهي ڳوٺ ٻڌي ويهڻ جو رواج پڻ منجهن نه پيو آهي. هو پکن ۾ رهندا آهن. ان ڪري سندن گهرو سامان پڻ مختصر هوندو آهي. ان ڪري کين ڌنڌي ڪرڻ خاطر هڪ هنڌان لڏي وڃي ٻئي هنڌ رهڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿيندي آهي. منجهن ڪورٽن ۾ وڃي مقدمي بازي ڪرڻ جو رواج نه هجڻ جي برابر آهي. سندن فيصلا پنچائت ڪندي آهي. پنچائت جي فيصلي کان منهن موڙڻ جي مجال اڃا ڪنهن اوڏ ڪٽنب ۾ پيدا نه ٿي آهي. پنچائت وقت مرد ۽ عورتون پاڻ ۾ گڏجي وهندا آهن ۽ عورتن کي ان ۾ ڳالهائڻ جو پورو پورو اختيار حاصل هوندو آهي. سندن نياتن ۾ مرد مکي هوندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري موروثي هوندا آهن.
    وٽن زمين ۽ مال جي ڌڻن جي نه هجڻ ڪري منجهن عورت کي غلام ڪري رکڻ، ان لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ تڪرار ڪرڻ جا مثال ورلي ٿيندا آهن. زمين ۽ مال جي ڌڻن جي نه هجڻ ڪري وٽن مڪمل مساوات آهي. ان ڪري مٿن نيڪ مرد يا مُکي جي هٿان ظلم ڪرڻ جو ڪوبه رواج پڻ پيدا نه ٿيو آهي. زمين جي نه هجڻ ڪري سندن قومي روايتن ۾ عورت کي وڏو احترام ۽ عزت حاصل هوندي آهي. سندن معاشري ۾ سماجي آزادي هجڻ جي ڪري سندن گهر تي مرد جي نه پر عورت جي حڪمراني هوندي آهي. مرد جو عورت تي ضابطو نه هجڻ جي برابر محض زباني طور تائين محدود هوندو آهي. عورت جي مرد سان مساوات جي ڪري وٽن شاديون به سوليون ۽ طلاقون به سوليون هونديون آهن. انهيءَ ڪري اسان واري معاشري جي بلڪل برخلاف ڪنهن اوڏڻ جو پنهنجي مڙس جي هٿان قتل يا زخمي ٿيڻ جا مثال پڻ اڻلڀ هوندا آهن. وٽن ڪنهن نوجوان عورت جو غير شادي شده ۽ انهيءَ برک عورت جي مرضي ۽خواهشن موجب سندس زير اثر ڪٽنبن کي خرچ پکو ۽ قرض ڏيندا آهن. جيڪڏهن اها برک عورت ڪنهن سبب کان انهيءَ زميندار کان ناراض ٿي پوندي آهي يا سندس زمين کي ڇڏي وڌيڪ سهولت واري زميندار جي آبادي ڪرڻ گهرندي آهي ته سمورا ڪٽنب ۽ ويڙهو سندس حڪم تي انهيءَ زميندار جي زمين ڇڏي ڪنهن ٻئي زميندار جي وڃي زمين آباد ڪندا آهن. منجهن مستقل طور تي ڳوٺ ٻڌي ويهڻ جو رواج نه پيو آهي، ان ڪري هو پڪيون جايون نه اڏائيندا آهن. انهن قبيلن ۾ اسين گهرن جي اندر يا گهرن کان ٻاهر جي معاملن ۾ عورت جي حڪمراني ڏسون ٿا.
    دراوڙ قبيلن ۾ پڻ اوڏن وانگر مردن ۽ عورتن ۾ مساوات هوندي آهي. عورت جي آزادي ۽ حڪمراني جي ڪري، وٽن عورتن تان پاڻ ۾ يا ٻين سان وڙهڻ، تڪرار ڪرڻ ۽ مقدمي بازي جو رواج نه آهي. اوڏن وانگر منجهن به پنچائت جو رواج آهي. جنهن ۾ عورتن کي مردن سان گڏجي بهرو وٺڻ جو حق آهي. مسلمانن ۾ مرد جو فيصلو حرف آخر هوندو آهي. دراوڙ قبيلن ۾ عورت جو فيصلو حرف آخر هوندو آهي، عورتن جي آزاد هجڻ ڪري دراوڙ عورتن جي بهادري مشهور آهي. اوڏن وانگر هو جهيڙي جهٽي کان پري رهندا آهن. پر ڪنهن جهيڙي جي حالت ۾ دراوڙ قبيلن جون عورتون، اسان جي عورتن وانگر گهرن ۾ ويهي مردن جي فتح لاءِ دعائون نه گهرنديون آهن، پر وڏي همت ۽ بهادريءَ سان مردن سان ساٿ ڏينديون آهن. جيڪڏهن دشمن کانئن هٿيارن ۾ اڳرو نه هوندو آهي يا تمام وڏي انداز ۾ نه هوندو آهي ته دراوڙ عورتن جي لٺ وهائڻ جو نظارو ڏسڻ لائق هوندو آهي.
    دراوڙ معاشري ۾ عورت ۽ مرد ۾ مساوات هجڻ جي ڪري سندن شاديون به سوليون ۽ طلاقون به سوليون ٿينديون آهن. ڪنهن بيوه يا مطلقه عورت جو غيرشادي شده حالت ۾ رهجي وڃڻ جو مثال ورلي ملندو آهي. طلاق جي حالت ۾ ٻارن تي ماءُ جو حق تسليم ڪيل هوندو آهي. پر گهرو سامان، مال ملڪيت مرد کي ملندا آهن. ان ڪري ٻارن جي پالنا ڪرڻ لاءِ دراوڙ عورت کي هڪدم ٻيو نڪاح ڪرڻو پوندو آهي. معاشري ۾ عورت جي حڪمران هجڻ جي ڪري عورت کي قتل ڪرڻ، کين وڪرو ڪرڻ يا سندن مرضيءَ کان سواءِ پرڻائڻ جو وٽن ڪوبه رواج نه آهي. جنسي حسد جو جذبو وٽن نه هجڻ جي برابر هوندو آهي. گهڻن عورتن سان شاديون ڪرڻ وٽن هڪ عام ڳالهه هوندي آهي ۽ ان ۾ مٽي مائٽي ڪرڻ يعني شادي ڪرڻ لاءِ خون جي رشتن واريون بندشون تمام نرم ۽ گهٽ هونديون آهن. سواءِ سڳين مائرن ڀينرن جي باقي ٻيا سمورا سڱ وٽن مباح هوندا آهن.
    سنڌ ۾ عام طور تي مشهور آهي ته، سندن رواج موجب زال جي ڀينرن ۽ مڙس جي ڀائرن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ کي برو نه ليکيو ويندو آهي. ساڳيءَ ريت سهرن لاءِ نهرون ۽ ناٺين لاءِ سسن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ تي ڪوبه خاص اعتراض نه واريو ويندو آهي. بشرطيڪ اهڙيون عورتون ان کي پاڻ پسند ڪنديون هجن ۽ اعتراض نه ڪن.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مسلمان معاشري جي زيردستي هيٺ اچي وڃڻ بعد هو ظاهري طور تي انهن حقيقتن جي برملا طور تي اعتراف ڪرڻ کان نٽائين ٿا. پر سندن مجيجي دوستن جي چوڻ موجب اهڙا مثال ۽ رواج حقيقتون هونديون آهن، شادين ۽ ٻين خوشين جي موقعن تي هي قبيلا ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ سان خوشيون ملهائيندا آهن.
    مون کي منهنجي هڪڙي ڪولهي هاري هڪڙي شادي ۾ شريڪ ٿي جنسي ميلاپ جي مزن وٺڻ جي دعوت ڏني هئي. دعوت ڏيڻ کان اڳ ۾ هو سمورين عورتن جي اجازت ۽ راضپو وٺي آيو هو. مون کانئس پڇيو هو ته، انهيءَ جنسي ميلاپ ڪرڻ وقت عورتن جا پيئر، ڀائر يا مڙس يا سندن عورتون ڇو اعتراض نه ڪنديون آهن؟ هن جواب ڏنو ته، اسين سڀ پاڻ ۾ مائٽ آهيون. اسان وٽ مائٽن ۾ اعتراض نه ٿيندو آهي. اسان فقط ڪنهن ڌارئي يعني غير مائٽ تي فقط دل ۾ رنج ٿيندا آهيون، پر هن سان وڙهندا نه آهيون، بشرطيڪ عورت پاڻ راضي هجي. اهي رواج ڏيکارين ٿا ته وٽن اڃا مادرانه حق وارو نظام گهڻي قدر قائم آهي.
    اسان جي فاضل مصنف مسٽر اينگلس دنيا جي ٻين قومن جا ڪيترائي مثال ڏنا آهن. مثلن، آسٽريليا بحرالڪاهل جي جزيرن، اتر قطب جي اسڪيمو قبيلن ۽ آمريڪا جي ريڊ انڊين قبيلن ۾ مادرانه حق جي ڪري معاشري ۾ عورت جي حڪمراني جو رواج آهي. منجهن نه رڳو ويجهن رشتن، مثلن اولاد ۽ پيءُ ماءُ جي وچ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ جو رواج آهي. پر هندوستان ۾ ٿٻيٽ ۾ هڪ عورت گهڻا مرد واري شادي به رائج آهي. انهن سمورن قبيلن ۾هڪ ڳالهه مشترڪ طور تي ملي ٿي ته هي قبيلا اڃا به شڪاري ۽ نيم زرعي دور ۾ هلندڙ قبيلا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اسان وارو معاشرو پڻ شڪاري ۽ نيم زرعي دورن ۾ انهيءَ رواج مان ضرور لنگهيو هوندو ۽ زراعت جي پيدا ٿيڻ بعد مادرانه شجري کي ترڪ ڪري پدرانه شجره ۾ داخل ٿيو آهي ۽ مادرانه شجري جي جاءِ تي پدرانه شجري ۾ مرد جي حڪمراني پيدا ٿي آهي.
    ملڪ ۽ معاشري جي ٻولي ثقافت جي ارتقا جي درجن جي عڪاسي ڪندي آهي. ٻولي کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه تاريخي رڪارڊ نه هوندو آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ ان جا آثار موجود آهن. مثلن ڏير معنيٰ مڙس سان شامل ٻيو مڙس يا ور. خود ور لفظ جي معنيٰ آهي وري وري اچڻ وارو. يعني گهڻن مڙسن مان وري وري اچڻ وارو مڙس يعني سڀني کان وڌيڪ پيار ڪندڙ مرد ۽ ڏير ٻيو مڙس هوندو آهي. مڙس جو ڀاءُ ۽ جمع ۾ ڀائر. ساڳيءَ طرح هڪ مڙس جون گهڻيون زالون هڪ ٻئي کي ساهيٿيون يعني هڪڙي ساهڙ جون زالون سڏينديون هيون. هينئر سنڌي زبان ۾ سنڌي زالون محاوري طور فقط دوست زالن کي ساهيڙيون سڏين ٿيون. سريت جو لفظ خاص زراعت پيشي يعني زميندار جي هاري يا پورهيت جي زال لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيڪي پنهنجي شادي ڪيل زال يا زالن سان گڏ محض جنسي عياشي لاءِ پورهيت طبقي جي زالن کي پنهنجون سريتون ڪري رکندا آهن ۽ کين باقاعده طور کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، گهر گهاٽ مهيا ڪندا آهن. سريتن جا زميندار ۽ جاگيردار سريتن جي پنهنجن مڙسن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ تي ڪوبه اعتراض نه ڪندا آهن. ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ڀائي ڀائي ٿي رهندا آهن. ساڳي ريت سريت جي مڙس کان سواءِ ساڻس جنسي ميلاپ ڪندڙ دلپسند مرد کي يار چئبو آهي ۽ هو به يار تان قربان ٿيڻ لاءِ تيار هوندي آهي.
    جاگيردار طبقي جي ٻنهي مرد خواه عورت لاءِ هڪ ٻئي سان جنسي وفاداري جي لوڙهي ۾ رهڻ جو جذبو عبث هوندو آهي. هي هڪ عالم آشڪار سماجي ادارو آهي. هن اداري ۾ زمين جي غلامي جي ڪري عورت کي به غلام ليکيو ويندو آهي. ان ڪري جاگيردار طبقي جو مرد بنا حجاب ۽ خوف جي سريتون رکي سگهندو آهي. ڇاڪاڻ ته هو زمين جي مالڪ هجڻ ڪري عورت جو پڻ مالڪ هوندو آهي. پر سندس زال غلام هجڻ جي ڪري کانئس لڪي ڇپي درپرده پنهنجي پسند جي ڪنهن مرد يعني يار سان جنسي ميلاپ جي عياشي ڪندي آهي ۽ پڪڙجي پوڻ جي حالت ۾ کيس طلاق نه ڏني ويندي آهي، بلڪ کيس قتل ڪيو ويندو آهي. طلاق فقط تڏهن ٿيندي آهي جڏهن مرد ۽ عورت جي سماجي حيثيتن ۾ مساوات (هڪجهڙائي) هوندي آهي. انهيءَ رقابت جي وحشي جذبي کي سنڌي زبان ۾ ”غيرت“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. جنسي بي وفائي ڪرڻ تان ڪاوڙجي عورت ۽ سندس يار جي قتل ڪرڻ جي ارادي کي ڪارو ڪاري چئبو آهي. انهيءَ اداري ۾ اهو غيرت جو حق فقط مرد کي مليل هوندو آهي. عورت پنهنجي مڙس کي ڪارو ڪري ماري نٿي سگهي. سنڌ، بلوچستان ۽ پختونستان ۾خاص طور تي ۽ باقي برصغير هند جي مسلمان معاشري ۾ عام طور تي جتي جتي وڏيون مسلمان رياستون، جاگيرون ۽ زمينداريون هونديون آهن، اتي ڪارو ڪاري وارو ادارو تمام ڀلا فصل ڏيندو آهي.
    دراوڙ معاشري وانگر مشرقي دنيا جي ٻنهي عظيم معاشرن آرين خواه سامين پڻ پنهنجي ثقافتي دورن جي ابتدا مادرانه شجري سان ڪئي هئي. پر جغرافيه جي مخصوص حالتن مثلن فرات، دجله ۽ نيل درياهن جي زمينن جي آرين جي وطن آمو ۽ سير درياهن جي زمينن جي ذرخيزي وڌيڪ هجڻ ڪري آرين جي مقابلي ۾ سامي قومن جي معاشري مال جي ڌڻن ڌارڻ، ان بعد ٽنهي درياهن جي ڪنارن تي ڪاشت ڪاري ڪري، درياهن تي ٻيڙيون تاري هلائڻ، (خليج فارس- بحيره روم ۽ احمر ٻين سمنڊن جي مقابلي ۾ درياهه آهن) صحرائن ۽ اُٺن وسيلي واپار ۽ سفر ڪرڻ، آب هوا جي هڪ جهڙائي ۽ قدرتي گرمي جي وڌيڪ هجڻ جي ڪري سفر ڪرڻ سولو هوندو هو. (پر آرين جي وطن آمو ۽ سير درياهن ۽ سياري جي برفباري جي ڪري ٻيڙيون هلائڻ ڏکيون هيون).
    سامي قومن رسم الخط جي ايجاد ڪرڻ، کاڻيون کوٽڻ ۽ ڌاتن کي استعمال ڪرڻ، رياستون برپا ڪري پاڙيسري ملڪن کي فتح ڪري سامراج ٿي پوڻ، خام مال جي ٺهيل سامان سان مٽا سٽا ڪرڻ سان سمورا دور وڏي تڪڙائيءَ سان پورا ڪيا هئا. رياستن جي وجود ۾ اچڻ سان معاشري ۾ طبقا پيدا ٿي پيا هئا. زمين کي ذاتي ملڪيت بنائڻ کان پوءِ کين انهن سمورن ڪمن کي پوري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ هٿن جي ضرورت پئي. جنهن کي پاڙيسري ملڪن کي فتح ڪري غلامن هٿ ڪرڻ سان پوري ڪئي ويئي هئي. ان ڪري سامي قومون آرين کان گهڻو اڳ ۾ مادرانه شجري کي ترڪ ڪري پدرانه شجري ۾ داخل ٿي پيون هيون. انهي ثقافتي برتري جي ڪري سامي قومن وڏي سولائيءَ سان پاڻ کان نسبتن گهٽ مهذب آريه قبيلن کي شمالي ايران مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي کين واديءِ سنڌ، واديءِ گنگا ۽يورپ ڏانهن هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. يا آرين سامي قومن جي علائقن ڏانهن نه وڌي سگهڻ ڪري برصغير هند ۽ يورپ جو رخ ڪيو هو.
    جيئن ته آرين جي انهن تاريخي هجرتن کان گهڻو اڳ ۾ سامي قومون سنڌ، مصر، عراق، شام ۽ اتر آفريڪا ۾ عظيم سلطنتون قائم ڪري چڪيون هيون. ان ڪري هنن ملڪن جا آثار قديمه، زبانون ۽ معاشرا ۽ سندن ثقافتون ڀارتي ۽ يورپي قومن کان برتر ۽ وڌيڪ قديم آهن. اهوئي سبب آهي ته ڀارتي ۽ يورپي عالم آرين جي تاريخي هجرتن جو ذڪر وڏي تفصيل سان بيان ڪرڻ ۾ نٿا ڍاپن، پر انهن تاريخي هجرتن ڪرڻ تي کين ڪنهن مجبور ڪيو هو؟ انهيءَ امر کي سامي عوام جي نظرن کان لڪائي رکڻ جون پوريون ڪوششون ڪري رهيا آهن، روئڻ ۽ ڏيهه ڇڏڻ ڪنهن خارجي مجبوريءَ کان سواءِ نه ٿيندو آهي.
    اصول آهي ته هڪ ادنيٰ شيءِ پاڻ بچائڻ خاطر يا ته اعليٰ شيءِ جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪندي آهي يا ان کان ڀڄي جان بچائيندي آهي. آرين قومن سامين جي اڳيان پيش پوڻ کان ڀڄي جان بچائڻ کي بهتر سمجهيو هو. ان ڪري سندن آزادي جي شمع اڄ به روشن آهي، پر اسان گذريل 5 صدين ۾ خاص طور تي آريه قومن جي ذهني، مادي، روحاني، نظرياتي، سياسي، سائنسي ۽ ثقافتي دٻاءَ جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجي آزادي ۽ عزت نفس جي جذبي ۽ حق کان دستبردار ٿي چڪا آهيون. آرين جو وجود خاص طور تي يورپي قومن جو وجود ڪڏهن به سامي قومن جي رحم و ڪرم تي نه رهيو هو ۽ نه ئي اڄ آهي. پر اسين موجوده دور ۾ سندن مڪمل رحم و ڪرم تي رهيا آهيون.
    ”اسان“ مان منهنجي مراد آهي افرو- ايشيائي قومون ۽ معاشرا. ڪامريڊ اينگلس تاريخ جي مادي تصور جي وضاحت ڪرڻ سان اسان يعني افرو ايشيائي قومن کي هڪ نئين واٽ ڏيکاري آهي. اسان يورپي قومن جي دٻاءَ جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪري چڪا آهيون؟ آخر ڇو؟ اسان ان جي سبب ڳولڻ جي وڏي حد تائين ڪوشش به پئي ڪئي آهي، پر بي سود. ان جو بنيادي سبب هي آهي ته اسان مادي حقيقتن کي روحاني دوائن پيارڻ سان جيارڻ گهريو آهي. مادي جي شفا مادي ۾ سمايل هوندي آهي. انڪري حڪيم مريضن کي دوائون پياري خوش ڪندو آهي. پر هڪ ڏٽئي ۽ ڦورو ٺڳ قسم جو انسان مريض کي سوڻن ساٽن، دعا ۽ وظيفي يعني دوا يعني مادي وسيلن کان سواءِ کيس پهريائين پنهنجي چرب زباني. لفاظي ۽ خرچن، دوا جي ڪوڙاڻ، ڪري ۽ پرهيز جي جهنجهٽن جو خطرناڪ نقشو پيش ڪري، پنهنجي ڪم خرچ بالانشين روحاني نسخي جي سچائيءَ ۾ ويساهه ويهاريندو آهي، مريض انهيءَ ويساهه کي پاڻ سان گڏ کنيو قبر داخل ٿيندو آهي. اسان جي به ساڳي حالت آهي.
    اسان جي حڪيمن اسان کي فقط روحاني غذا جي وسيلي دنيا جي امامت ڪرڻ جا سونهرا خواب پئي ڏيکاريا آهن. پر اسان جي جسم کي ڪنهن مادي نسخي ڏيڻ جي ڪڏهن ڪابه ڪوشش نه ڪئي آهي، جڏهن کين ڪا ٻي واهه نظر نه آئي هئي ته هنن نااميديءَ مان اعلان ڪري ڇڏيو هو ته، ڦَڪيون تڏهن فرق ڪن جڏهن امر ٿئي ان کي. کين هن حقيقت جي خبر نه پئجي سگهي هئي ته، اهو ”امر“ مريض کي نه ڪيل هوندو آهي، بلڪ ذات باري تعاليٰ پنهنجو امر ان وقت ئي ڪري ڇڏڻ فرمايو هو، جڏهن هن پنهنجي حڪمت (امر) سان انهيءَ شيءِ (مادي) جي وجود ۾ اچڻ وقت ئي يعني ازل کان ئي ان جي نفس ۾ شفا ڪرڻ واري اها مقرره خاصيت وضع ڪري ڇڏي هئي ۽ کيس وڌيڪ ڪنهن نئين امر ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي ۽ سندس اهو امر مادي جي وجود ۾ رهڻ جي حالت تائين زنده ۽ جاويد رهندو.
    تاريخ جي مادي تصور مطابق انساني زندگيءَ جا ٻه مکيه پهلو آهن: پهريون زندگي جا وسائل يعني کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، گهر گهاٽ ۽ انهن ضرورتن جي پوري ڪرڻ لاءِ اوزار ٺاهڻ ۽ ٻئي طرف خود انساني نسل کي قائم رکڻ لاءِ جنسي ميلاپ يعني شاديءَ جو ادارو. ڪنهن خاص تاريخي عهد يا ڪنهن خاص ملڪ يا معاشري جي حالت ۾ اهي سماجي ادارا جن جي تحت هو هن ڌرتيءَ تي زندگي بسر ڪري ٿو، انهن جي ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ انهن ٻنهي عناصرن جو وڌ ۾ وڌ عمل دخل هوندو آهي. انهن جي صحيح اندازي ڪرڻ لاءِ اسان کي ٻنهي انساني محنت ۽ ڪٽنب جي ارتقا کي نظرن ۾ رکڻو پوندو آهي. اهي ٻئي عناصر تهذيب جي ارتقائي عمل جا بنيادي پهلو هوندا آهن. ان ڪري انهن جي تحقيق ۽ کوجنا کي پڻ بنيادي اهميت حاصل هوندي آهي. هنن ٻنهي پهلوئن مان جنسي ميلاپ ڪرڻ وسيلي نسل انسانيءَ کي قائم رکڻ کي اولين حيثيت حاصل آهي. اهوئي سبب آهي جو الله تعاليٰ نبي ﷺ تي وحي جي نزول جي پهرئين ۽ پهرئين آيت ڪريمه اقرائ باسم ربڪ الذي خلق خلاق الانسان من علق0 يعني پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان، جنهن پيدا ڪيو. پيدا ڪيو انسان کي منيءَ جي دڳ مان، چئي سندن ڌيان انساني معاشري جي اهم ترين امر يعني انساني نسل جي تخليق ڏانهن ڇڪايو آهي. جيڪو جنسي ميلاپ جي عمل کان سواءِ ڪڏهن به وجود ۾ نه اچي سگهندو آهي. ڇاڪاڻ ته انساني معاشري جي آزادي ۽ غلامي، مساوات ۽ عدم مساوات، انساني اقدارن جي اعلائيت ۽ ادنائيت جو سمورو راز هنن ٻنهي بنيادي ادارن جي آزادي ۽ صحت تي مبني رهندو آهي.
    ڪامريڊ اينگلس پنهنجي تحقيق کي يورپي معاشرن جي دائرن تائين محدود رکيو آهي. اسين ڪامريڊ اينگلس واري عينڪ سان ايشيائي معاشرن خاص طور اسلام کان اڳ ۾ ۽ اسلام کان بعد ايندڙ دورن ڏانهن ڏسنداسين ته، اهو تاريخ جو مادي نظريو انهيءَ ڏس ۾ اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهي ٿو. مادرانه شجري جي رواج بابت مون تمهيدي طور سنڌ ۾ اوڏن ۽ دراوڙ قبيلن جا مثال پيش ڪيا آهن. ته ڪيئن اسان جي معاشري ۾رياستي نظام جي موجودگيءَ جي باوجود به اهي قبيلا اڄ ڏينهن تائين ڪنهن نه ڪنهن حد تائين مادرانه شجري هيٺ پُرامن زندگيون گذري رهيا آهن ۽ ان جي برخلاف اسان وارا زمينن تي قابض معاشرا ڪهڙين ابتر قسم جي سماجي حالتن مان گذري رهيا آهن. اسين ٿورو وڌيڪ تفصيلي ذڪر ڪنداسين.
    اسين ڪامريڊ اينگلس جي تحقيق موجب ڏسون ٿا ته سمورن يورپي قديم معاشرن يونان، روم، ڪيلٽ لوڪن، جرمن قبيلن وغيره ۾ زمين جي ذاتي ملڪيت بنجي پوڻ. خود معاشري جي وڏي ۾ وڏي اڪثريت جيڪا بي زمين پورهيتن، مزدورن ۽ هارين تي مشتمل هئي، جي حالت قياس جوڳي نظر اچي ٿي. زمين جي ذاتي ملڪيت جي شعور جي پيدا ٿيندي ئي سڪو وجود ۾اچي وڃي ٿو ۽ ذاتي ملڪيت جي اداري کي استحڪام بخشڻ لاءِ پورهيت، بي زمين عوام ۽ غلامن کي قبضي هيٺ رکڻ ۽ ذاتي ملڪيت جي جواز کي قائم رکڻ لاءِ رياست جو ادارو خودبخود وجود ۾ اچي وڃي ٿو ۽ بي زمين پورهيت طبقو خود رياستي اداري جي رعب ۾ اچي ذاتي ملڪيت جي جواز جو قائل ٿي پوي ٿو ۽ رياست جي اداري سان وفادار رهڻ جي ڪري هو پنهنجي عوامي ملڪيت سان گڏ پنهنجي وجود کي به غلاميءَ کان بچائي نه سگهيو هو. جڏهن سندس وجود غلام ٿي پيو هو تڏهن هو پنهنجي معاشري ۾ به ڪنهن عزت آبرو، مروت، لحاظ رحم ۽ همدرديءَ جو به مستحق نه رهيو هو. سندس وجود کي ايتري قدر ته نيچ ۽ خسيس، بيوس ۽ ڪمينو شمار ڪيو ويو هو، جو سندس شاديءَ کي طبقاتي سماج ۽ قانون ۾ به ڪا حيثيت نه ڏني ويندي هئي. بي زمين ۽ غلام ٿي پوڻ جي ڪري هاري هينئر هڪ انسان نه پر هڪ حيوان بڻجي چڪو هو. هڪ حيوان جي مادي ٻين حيوانن جي نظرن ۾ سندس زال نه هوندي آهي. ان ڪري هاري جي همشريڪ عورت جو سماجي ۽ قانوني درجو به هڪ زال جو نه پر هڪ سريت جو درجو هوندو هو. جيئن ته بادشاهه، جاگيردار، زميندار ۽ وياج خور واپاري زمين جو مالڪ بڻجي ويو هو. ان جي ذاتي ملڪيت جي تصور جي جواز جي ڪري اهڙي مالڪ جي زمين تي هر اڀرندڙ، رهندڙ، هلندڙ چلندڙ شيءِ، جانور، چرند پرند ۽ خود هاري ۽ سندس زال اولاد کي پڻ زمين جي مالڪ جي ملڪيت تصور ڪيو ويندو هو. ان ڪري هڪ هاري يا پورهت مرد خواه عورت کي زمين جي مالڪ جي مرضيءَ ۽ اجازت کان سواءِ پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ۽ حق حاصل نه هوندو هو. زمين جي ڪنهن نئين مالڪ جي هٿ وڪرو ٿي ويل شمار ڪيو ويندو هو. انهيءَ زمين جي مالڪ جي هجڻ جي حق ۽ علامت طور هاريءَ جي ڪنهن عورت سان شادي ڪرڻ جي حالت ۾ سندس ڪنوار کي پهرين رات (شب عروسي) يا راتيون زمين جي مالڪ بادشاهه، جاگيردار، زميندار يا سندن عيوضي سان بسر ڪرڻيون پونديون هيون. جيڪڏهن ڪو گهوٽ يا ڪنوار ان تي اعتراض ڪندو هو يا بادشاهه، جاگيردار يا سندن عيوضي ڪنهن ڪنوار سان سمهڻ پسند نه ڪندو هو ته اهڙي ڪنوار جي گهوٽ کي بادشاهه، جاگيردار يا سندن عيوضي کي نذارنو، ڏنڊ يا ڏن ڏيئي کانئن اهو حق خريد ڪري، ڪنوار جي جان آزاد ڪرائڻي پوندي هئي. يورپ ۾ اهو رواج عيسائيت جي باوجود به قائم رهيو هو ۽ اسپين جي بادشاهه فرديننڊ 1420ع ۾ ان کي ختم ڪيو هو.
    اهو ساڳيو رواج اسان کي سنڌ ۽ ڀارت ۾ به نظر اچي ٿو. اهو رواج سنڌي ادب ۾ هڪ ڏندڪٿا جي صورت ۾ موجود آهي ته برهمڻ آباد جو تاريخي شهر جنهن کي عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد عباسي خليفي، خليفي منصور جي نالي پويان منصوره به سڏيو ويو هو، جي برباد ٿيڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتي جي راجا دلوراءِ جو پڻ ساڳيو دستور هوندو هو ۽ هڪ مسلمان عرب واپاري جي انهيءَ رسم جي خلاف بددعا جي ڪري برهمڻ آباد يا منصوره جو شهر ظالم راجا ۽ مظلوم رعيت سميت برباد ٿي ويو ۽ هينئر آثارقديمه جي کاتي جي حوالي آهي. منصوره جي برباد ٿيڻ جا ٻيا ڪهڙا به سبب هجن، پر انهيءَ ڏندڪٿا جي پويان هي تاريخي حقيقت صاف ظاهر بيٺي آهي ته ڪارو قانون ۽ طبقاتي ظلم اسان جي قديم معاشري ۾ پڻ موجود هوندو هو. اها ڏندڪٿا وڌيڪ هن حقيقت کي به ظاهر ڪري ٿي ته، اهو ڪارو قانون ۽ قبيح رسم عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد به ختم نه ٿي سگهي هئي. هن حقيقت کان پڻ انڪار ڪري نٿو سگهجي ته محمد بن قاسم سنڌي معاشري ۾ اسلامي قانون کي رائج ڪرڻ جي بجاءِ مقامي رواجن، رسمن، سماجي سرشتي ۽ ملڪي نظام ۾ ڪابه خاص تبديلي نه آندي هئي. هن راجا ڏاهر جي بيواهه زال سان شادي ڪري سنڌي معاشري ۾ راجا ڏاهر جي جاءِ والاري هئي. هن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي طبقن جي اقتدار جي توازن بگاڙڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي هئي. کانئس اڳ ۾ چچ پڻ ساڳي ريت راءِ سهاسي جي راڻي سهندي سان شادي ڪري مير منشي مان سنڌ جو راجا بڻيو هو.
    ان ڪري چئبو ته مصري معاشري وانگر، سنڌ جي معاشري ۾ پڻ، هي رواج هوندو هو ته جيڪو شخص سنڌ جي راڻيءَ سان شادي ڪندو اهو ملڪ جو راجا ٿيندو ۽ رعيت سندس راجائپ کي قبول ڪندي. انهيءَ رسم کان مجبور ٿي راجا ڏاهر کي پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪرڻي پئي هئي. ايران ۾ مزدق پڻ پدرانه شجري جي جاءِ تي مادرانه شجري کي جاري ڪرڻ جي تبليغ ڪئي هئي. انهيءَ مادرانه شجري جي اثر هيٺ ايرانين عربن جي پدرانه شجري جي برخلاف خلافت جي جاءِ تي امامت جي مادرانه شجري کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اميرالمومنين عمر ابن الخطاب ايراني شهزادي شهربانو جو نڪاح حسين بن علي رضي الله سان ڪرايو هو. ان ڪري ايرانين پدرانه شجري جي برخلاف امامت جي سلسلي کي حسن بن علي رضي الله جي بجاءِ حسين بن علي رضي الله جي اولاد ڏانهن منسوب ڪيو آهي.
    محمد بن قاسم اوچ ذات جي هندو قبيلن کي ملڪي سياست، اقتدار، اقتصاديات ۽ معيشت تي قابض رهڻ ڏنو هو. اوچ ذات جي هندو قبيلن ۽ سندن سردارن، محمد بن قاسم جي انهيءَ پاليسيءَ کي منصب مزاجي سان تعبير ڪندي کيس هڪ ڌڪاريل فاتح نه پر هڪ ديوتا جو درجو ڏنو هو. ساڳيءَ طرح سڪندر مقدونيءَ کي پڻ مصري اقتدار تي قابض پورهيتن ۽ جاگيردارن ديوتا جو درجو ڏنو هو. سنڌي ۽ مصري معاشرن محمد بن قاسم ۽ سڪندر مقدوني جا بت ٺاهي مندرن ۾ رکيا هئا ۽ سندن پوڄا ڪندا هئا. محمد بن قاسم جي دمشق موٽي وڃڻ تي سنڌ جي اوچ ذات هندن وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهارڪيو هو.
    سنڌ ۾ اسلام جي آمد جي باوجود بي زمين ٿي ويل دراوڙ قبيلن جي سياسي سماجي حالتن ۾ ڪوبه انقلاب نه آيو هو. راءِ گهراڻو دراوڙ هو. جنهن جي اثر کي زائل ڪرڻ لاءِ چچ بن سلائج فرمان جاري ڪيو هو ته. دراوڙ (لوهاڻي) قبيلن جو ڪوبه شخص گهوڙي تي زين وجهي سواري نه ڪري ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت سڃاڻپ لاءِ (ٺهيل آٿر استعمال ڪن، جنهن کي لوهاڻا چئبو هو. هندو قبيلا پاڪستان تائين گهوڙي سواريءَ لاءِ هني ۽ زين بجاءِ ڪکن مان ٻڙهو چئبو آهي.) پاڻ سان ڪتو ڪاهي نڪري.
    اوچ ذات جا هندو قبيلا عربن سان ميل ميلاپ ڪندا اسلام قبوليندا ويا، پر دراوڙ ۽ نيچ ذاتين جا هندو قبيلا عربن ۽ اسلام کان پري رهندا آيا. جن کي غوث بهائ الدين ذڪريا ملتاني تبليغ ۽ محبت وسيلي اسلام ۾ داخل ڪيو. انهيءَ خدمت جي ڪري کيس عجم جي غوث جو لقب ڏنو ويو آهي. اها قبيح رسم اوچ ذات جي هندن جي مسلمان ٿي وڃڻ بعد خودبخود ختم ٿي ويئي ۽ هينئر هڪ تاريخي ڏندڪٿا جي صورت ۾ رهجي ويئي آهي.
    عرب گورنرن ۽ مسلمان سلطانن جي عهد حڪومت ۾ انهيءَ رسم سنڌ ۽ ڀارت ۾ هڪ ٻيو روپ اختيار ڪيو هو. اوچ ذات جا هندو قبيلا ۽ سندن سردار عرب گورنرن ۽ مسلمان سلطانن کي سڱ ڏئي ساڻن پنهنجي اطاعت ۽ بيعت جو اظهار ڪندا هئا. پر غريب، پورهيتن ۽ بي زمين هارين کي قديم دستور موجب مسلمان سلطانن، سندن گورنرن، قبائلي سردارن ۽ جاگيردارن کي هر شادي تي نذارنو يا ڏن ڏيڻو پوندو هو. انڪري هر مسلمان سلطان، جاگيردار، گورنر ۽ سردار جي گهر ۾ مسلمان بيگمات سان گڏ ڪانه ڪا هندو زال به موجود هوندي هئي، پر مسلمان سلطان، گورنر، جاگيردار ۽ سردار هندن کي سڱ نه ڏيندا هئا. انهيءَ رسم تي عمل ڪندي، سومرن جي دور ۾ علائ الدين خلجي جي گورنر علائ الدين گجر پڻ سومرن کان اطاعت ۽ بيعت طور ٻاگهي جي سڱ جي طلب ڪئي هئي، پر سومرن سڱ ڏيڻ (بيعت ڪرڻ) کان ساڻس جنگ ڪرڻ کي ترجيح ڏني. ٻاگهي سنڌ جي اقتدار جي علامت هئي. سومرن سردارن ڀونگر راءِ جي وفات ڪري وڃڻ بعد ٻاگهي کي تخت تي ويهارڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو. پر ٻاگهي پنهنجي وڏي ڀاءُ چنيسر جي حق ۾ تخت تان دستبردار ٿي وئي هئي.
    هيءَ روايت ڏيکاري ٿي ته سومرن ۾ اڃان به مادرانه شجرو يعني عورت جي سربراهي جا آثار موجود هئا. سنڌ ۾ ٿر جا راجپوت راڻا غريب راڄن کان هر شادي تي ڏن وٺندا هئا ۽ ڏن نه ڏئي سگهڻ جي حالت ۾ غريب هاري جي ڪنوار کي پاڻ وٽ زوريءَ روڪي ويهاري ڇڏيندا هئا. انهيءَ رسم ۽ ظلم کي بند ڪرائڻ لاءِ ٿر ۽ ڪڇ جي انگريز پوليٽڪل ايجنٽ مسٽر ٽروٽ صاحب جي سفارش تي راجپوت سردارن کي ٿر ۾ جاگيرون ڏئي خوش ڪيو ويو هو ۽ اها رسم سنڌ ۾ بند ٿي وئي.
    نارمن سردار وليم فاتح انگلينڊ فتح ڪيو هو ۽ اتي جي رائج نياتي آئين کي منسوخ ڪري ان جي جاءِ تي رياستي نظام کي برپا ڪيو. هن انگلينڊ جي سموري آباد زمين کي انگريز راڄن کان ڦري، نارمن سردارن ۽ غدار انگريزن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. انهيءَ ورهاست جي رڪارڊ کي (Dooms day Book) يعني اڳئين نظام جي بربادي (قيامت) ۽ نئين نظام جي ابتدا سڏيو وڃي ٿو، يعني نياتي آئين جو خاتمو ۽ رياستي آئين جو اجرا سڏيو ويو آهي. انهيءَ نظام هيٺ انگريز عورت زمين جي غلام ٿي پوڻ جي ڪري پنهنجي آزادي وڃائي ويٺي ۽ انگلينڊ ۾ اهي حالتون پيدا ٿي پيون هيون، جيڪي يوناني معاشري جي رياستي دور ۾ پيدا ٿيون هيون.
    جڏهن وليم فاتح وانگر انگريز جنرل سر چارلس نيپئر ميرن کي مياڻي ۽ ناريجا جي جنگين ۾ شڪستون ڏنيون ته هن پڻ سنڌ جي نياتي دستور کي تبديل ڪري رياستي نظام قائم ڪيو هو. هن سنڌ جي معشيت کي قطعي طور تي ذاتي ملڪيت ۾ تبديل ڪرڻ خاطر 1845ع ۾ حيدرآباد ۾ درٻار منعقد ڪري، سنڌ جي راڄن جون موروثي زمينون راڄن کان ڦري غدار وڏيرن، وفادار ميرن، بلوچ سردارن، پيرن ۽ سيدن کي جاگيرن ۽ زميندارين جي صورت ۾ مفت ۾ ورهائي ڏنيون هيون. سنڌ جي زمين کي انگلستان جي بادشاهه جي زمين قرار ڏنو ويو هو ۽ سر چارلس نيپئر سندس عيوضي طور ورهاست ڪري ڇڏي.
    زمين جي ذاتي ملڪيت ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ قديم رسم هڪ نئون روپ اختيار ڪيو هو. سنڌ جو معاشرو مادرانه شجري مان نڪري پدرانه شجري جي صورت اختيار ڪري ويو. هندستان ۾ پدرانه شجرو مغلن رائج ڪيو هو. انڪري شاهجهان پنهنجي بيگم ممتاز محل تي تاج محل تعمير ڪرايو هو. پر سنڌ ۾ ميرن صاحبن جا مقبرا سندن بيگمات تعمير ڪرايا هئا. اهو فرق نياتي ۽ رياستي دستور سببان هو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد زمينن جي نئين قابض طبقي انگريزن جي رياستي آئين جي مدد سان وڏيرن، بلوچ سردارن ۽ جاگيردارن، ميرن، پيرن، سيدن به زمين پورهيت ۽ هاري طبقن جي عورتن کي پنهنجي عياشي ۽ هوس پرستيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ظاهري طور تي انگريزن غلامي جي اداري تي بندش وڌي هئي پر عملي طور تي سنڌ جي بي زمين هاري ۽ پورهيت طبقن جي حالت قديم يونان، مصر، ڀارت، ايران ۽ رومن غلامن کان ڪنهن به صورت ۽ حالت ۾ بهتر نه هئي. غلامي جي اداري ۾غلام کي ڪم ڪرڻ جي لائق حالت ۾ رکڻ مالڪ جو فرض هوندو آهي، پر انگريز جي پيدا ڪيل پورهيت ۽ هاري طبقي کي ته ملڪي جاگيردار ۽ زميندار تي اهو به حق نه رهيو هو. سنڌ جو مسلمان معاشرو جنهن ۾ شراب نوشي، جوابازي، چوري ڪرڻ. ڌاڙا هڻڻ، زنا ڪاري ۽ وياج وٺڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، فوج ۽ پوليس ۾ پگهار تي نوڪري ڪرڻ جهڙا ڪم ناپيد هوندا هئا. هينئر نون اقتصادي حالتن جي پيدا ٿي پوڻ ۽ رياستي نظام جي قيام جي ڪري هي مفت ۾ مليل زمين جو مالڪ جاگيردار ۽ زميندار طبقو خوب د ل کولي داد عيش ڏيڻ لڳو هو. سندن انهيءَ سفلي جذبي کي وڌيڪ اڀارڻ ۽ پختي ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار طرفان ملڪ اندر زنا ڪاري ۽ چڪلن جي رواج کي عام ڪرڻ لاءِ ڇانوڻي جي شهرن مثلن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، ڪوئٽه، ملتان، سيوهڻ ۽ شڪارپور ۾ سرڪار جي سرپرستي ۽ حفاظت هيٺ باقاعده طور تي چڪلا قائم ڪرايا ويا هئا. جن ۾ پهريان عراق جي عرب يهودياڻين ۽ هندستان جي هندو ۽ مسلمان طوائفن، ڪسيبياڻين، رنڊين کي گهرائي آباد ڪرايو ويو. انهن ۽ ٻين اهميت جي شهرن ۾ شراب ۽ ڀنگ جا گتا ۽شراب خانا قائم ڪرايا ويا هئا.
    انگريزن جي آمد کان اڳ ۾ سنڌي مسلمانن ۾ چڪلن ۽ شراب نوشيءَ جو رواج نه هوندو هو. سنڌي هندو ڏياري ۽ ٻين ڏڻن تي گهرن ۾ لڪي ديسي شراب واپرائيندا هئا. شراب جي نالي وٺڻ کان ڊڄي ان کي دارون چوندا هئا. پر هندستان ۾ چڪلن ۽ شراب نوشي جو رواج مذهبي ادارن جي صورت ۾ موجود هو. انهيءَ رواج کي مغلن مندر مان کڻي پنهنجي درٻارين ۽ محلاتن ۾ آندو هو. موسيقي به مندر مان نڪري درٻار ۾ پهچي وئي هئي. اڪبر ته مورڳو راڳ موسيقي ۽ آرٽ لاءِ هڪ جدا وزارت قائم ڪئي هئي، ان کان سواءِ خالص بادشاهن ۽ شهزادن، راجائن، مهاراجائن جي عياشي ۽ عشق بازي لاءِ مينا بازاريون منعقد ڪيون وينديون هيون. جن ۾ بادشاهن جون راڻيون، شهزاديون ۽ وڏن اميرن راجائن جون زالون ۽ ڌيئر حصو وٺنديون هيون. مغلن جي آخري دور حڪومت ۾ يوناني معاشري وانگر، ڪنهن حسين ۽ سياڻي عورت کي راڻي ٿيڻ جي درجي تائين پهچڻ لاءِ پهريائين رنڊي يا طوائف، ان بعد بادشاهه، شهزادي، راجا مهاراجا، گورنر، سپه سالار جي منظور نظر بنجي محلات ۾ داخل ٿي، ارتقا ڪندي ڪندي پهچڻو پوند هو.
    هينئر هندستان جي مغل بادشاهن، سندن گورنرن، يورپي آفيسرن. وڏن ديسي واپارين وانگر سنڌي مسلمان وڏيرن ۽ جاگيردارن جي عياشيءَ جو غوغاءُ پڻ ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو هو ۽ ٻئي طرف سنڌي مسلمان بي زمين ٿي ويل هاري جي مفلسي، جهالت ۽ مظلوميت جا قصا ۽ افسانا عالم آشڪار ٿيڻ لڳا هئا. انگريزن سنڌي معاشري جي جڳ مشهور پاڪدامنيءَ کي مجروح ڪرڻ لاءِ سنڌي پيرن، فقيرن جي ميلن ملاکڙن، زناڪاري، شراب نوشي ۽ جوابازي کي عام ڪرڻ تي پورو پورو زور ڏنو هو. آخر انگريزن کي سنڌي معاشري سان ايتري خصومت جو ضرور ڪهڙو هو؟ ان جو مکيه سبب هي هو ته ولايت سنڌ ۾ عربي معاشري وانگر نياتي آئين تي ايتري قدر زور سان عمل ڪيو ويو هو، جنهن جيترو هندستان ۽ عجم ۾ ڪٿي به عمل نه ڪيو ويو هو. انهيءَ نياتي آئين تي عمل ڪندي سوڊان ۽ بنگال وانگر سنڌين انگريز سامراج کان شڪست کائڻ بعد به رياستي آئين سان تعاون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. سنڌي معاشرو انگريزي فو ج ۽ پوليس کي سخت نفرت جي نگاهه سان ڏسندو هو ۽ ان ۾ شامل ٿيڻ کان بنهه نابري واري ڇڏي هئي. ان ڪري سنڌ ۾رياستي آئين کي هلائڻ ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ انگريزن کي غير سنڌي مسلمانن کي ڀرتي ڪرڻو پئجي ويو. بي زمين ٿي ويل سنڌي هارين جي مفلسي، جهالت ۽ مجبوري مان فائدو وٺندي، سيدن، پيرن، ميرن، بلوچ سردارن ۽ وڏيرن کين پنهنجا غلام ۽ سندن زالن کي سريتون ڪري رکڻ جو رواج پيدا ڪيو. سنڌي عوام کي مرعوب ڪرڻ ۽ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي زمين تي قابض رکڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪارن قانونن کي نافذ ڪيو ويو هو.
    قديم سنڌ ۾ نياتي آئين جي ڪري چڪلا ڪونه هوندا هئا. ان ڪري مفلسي جي باوجود به سنڌي مسلمان عورت چڪلن جو رخ نه ڪيو پر هندستان ۾ چڪلا هڪ وڏو سماجي ۽ تهذيبي ادارو هئا. جتي هندو ۽ مسلمان نواب، سردار ۽ جاگيردار تعلقدار ۽ زميندار پنهنجي اولاد کي نشست برخواست ۽ آداب مجلس ۽ زبان دانيءَ لاءِ موڪليندا هئا. رياستي آئين مغلن جي محلاتن کي وڏن چڪين ۾تبديل ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري انگريز دور اقتدار ۾ شاهي محلا ڦري باقاعده ظاهر ظهور چڪلا بنجي ويا هئا. اڄ به مغلن جي سابق تخت گاهه شهرن مثلن دهلي، اجمير، حيدرآباد دکن. آگره، مرشد آباد، ڍاڪا، لاهور، احمد نگر، سورت، الهه آباد ۽ ٻين شهرن ۾ جامع مسجدن سان گڏوگڏ چڪلا موجود آهن، جن کي اڄ به شاهي محلا سڏيو وڃي ٿو. 1857ع جي غدر جي ناڪامي بعد مغل شهزادين ۽داشتائن لاءِ سواءِ چڪلن ۾ رهي روزگار ڪمائي سگهڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه هنر ۽ روزگار باقي نه رهيو هو.
    سنڌ ۽ هند بلڪ سمورن افرو ايشيائي ملڪن ۾ يورپي سامراج جي قائم ڪل چڪلن ۽ رنڊين ۽ طوائفن جو وڏي ۾ وڏو تعداد بي زمين پورهيت هارين جي عورتن جو ۽ گراهڪن جو وڏي ۾ وڏو تعداد زميندارن ۽ جاگيردارن جو هوندو آهي. رياستي نظام تي بيٺل سمورن قديم خواه جديد معاشرن جي تاريخ طبقاتي ظلم استبداد، نسل ڪشي، ڏڪر، مار ڌاڙ، بادشاهه گردي، چورين، چڪلن، زناڪاري فحاشي سان ڀريل آهي. جنهن کي سياسي زبان ۾ رياستي آئين ۽ مذهب جي زبان ۾ ڪفر ۽ شرڪ سڏيو ويندو آهي.
    ڪامريڊ اينگلس زمين جي ذاتي ملڪيت ٿي پو ڻ۽ رياست جي وجود ۾ اچڻ، غلاميءَ جي اداري جي قائم ٿيڻ جي ذڪر کان اڳ ۾ بني نوع انسان جي ارتقائي عمل ۽ سندس ڪٽنبي حالت، سندس شادي نڪاح، جنسي ميلاپ جي عمل مان پيدا ٿيندڙ مٽين مائٽين ۽ انهن جي سماجي اثرن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. بيشڪ! بني آدم ۾ نه رڳو مرد پاڻ ۾ مساوات جو درجو رکن ٿا، بلڪ خود عورت سندس زيردست ۽ٻانهي نه پر ساٿي هوندي هئي. ٻئي صنفون آدم ۽ حوا  مان پيدا هجڻ جي ڪري پاڻ ۾ مساوي درجو رکن ٿيون. انهيءَ مساوات تي عمل ڪندي ٻنهي آدم ۽ حوا گڏجي عناصر قدرت کان پاڻ کي بچايو هو ۽ جنسي لاڳاپن وسيلي پنهنجي نسل کي قائم رکيو هو، بلڪ خود عناصر قدرت تي قبضو ڪيو هو. الهامي ڪتابن آدم جي عناصر قدرن کي قبضي ڪرڻ کي جدا جدا قسمن جي تشبيهن ۽ استعارن وسيلي ظاهر ڪيو آهي. آدم ۽ حوا جي پاڻ ۾ هڪ ٻئي مان پيدا ٿيڻ ۽ عورت جي مرد جي ساٿي ۽ رفاقت جي ويجهڙائيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ بائيبل ۾ چيو ويو آهي ته، حوا کي آدم جي پاسيري مان پيدا ڪيو ويو هو. اهو اشارو حوا جي غلامي ۽ زيردستيءَ ڏانهن ڪوبه اشارو نه ٿو ڪري بلڪ سندن پاڻ ۾ يڪ وجوديءَ کي ظاهرڪري ٿو.
    بني نوع انسان جي شڪاري دور مان نڪري مال جي رکڻ، ڌارڻ ۽ زراعت جي هنرن جي ايجاد کان پوءِ، پورهئي جي نئين ورهاست ۾ عورتون گهرن جون ڌياڻيون ٿي پيون هيون ۽ مرد گهرن کان ٻاهر جي معاملن مال جي ڌڻن، زمينن، چراگاهن ۽ اوزارن جو مالڪ بنجي ويو هو. مرد پاڻ کان گهٽ طاقتور مردن ۽ عورتن کي غلام ڪري رکڻ به سکيو هو. انهي دولت ۽ طاقت مرد کي عورت جي مقابلي ۾ وڌيڪ اهميت وارو هجڻ جو احساس پيدا ڪيو ۽ ڌڻن ۽ ٻانهن جي قبضي هيٺ وڃڻ بعد عورت جي حيثيت مرد جي حيثيت جي مقابلي ۾ گهٽجي ٻڙي جي برابر رهجي وئي هئي.
    هينئر مرد عورت کي پنهنجو ساٿي ۽ رفيق نه پر محض اولاد پيدا ڪرڻ ۽ عياشي جي وٿ سمجهڻ لڳو هو. عورت پڻ استعمال ٿي سگهڻ لاءِ پاڻ کي مرد جي نظرن ۾ پرڪشش بنائڻ خاطر پاڻ کي سينگارڻ شروع ڪري ڏنو هو. گهرن جي لوڙهن اندر بند ٿي ويهي رهڻ جي ڪري، عورت مان شڪاري دور واري ڦڙتي، مضبوطي، مرد ۽ اولاد تي حڪمراني ڪرڻ وارو جذبو ۽ ملڪو پڻ آهستي آهستي گهٽجڻ شروع ٿي ويو هو. عورت جي ٻاهرين دنيا سان تعلقاتن جي گهٽجي وڃڻ جي ڪري، عورت مان پراڻي عقلمندي، اخلاقي ۽ جسماني جرئت پڻ گهٽجڻ شروع ٿي وئي هئي. مرد عورت ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين کي پوري غور سان جاچيندو رهيو هو ۽ منجهس پيدا ٿيل مرد پرستي جي جذبي کي اڀاريندو رهيو. ايتري قدر جو هينئر خود عورت کيس هڪ ساٿي نه پر هڪ ديوتا يا فوق الفطرت مخلوق سمجهڻ لڳي هئي. هن کان اڳ ۾ مرد عورت جي پيار ۽محبت کي ديوي جو درجو ڏئي ان جي پوڄا ڪندو هو. هينئر ديوين جي جاءِ مرد ديوتائن اچي والاري هئي. مرد کي ديوتا سمجهڻ بعد عورت پاڻ کي سندس ٻڌل ٻانهي تصور ڪرڻ لڳي هئي. جنهن کي ريجهائي راضي رکڻ خاطر هر قسم جا ناز نخرا ڪرڻ ۽ مرد جي هر ڏاڍائي کي صبر سان برادشت ڪرڻ ۾ پنهنجو روحاني ۽ مادي ڇوٽڪارو سمجهڻ لڳي هئي.
    عورت تخليق جو سرچشمو آهي پر مرد جي پيداوار جي ذريعن تي قابض ٿي وڃڻ بعد هو پاڻ کي محض اولاد پيدا ڪرڻ لاءِ مرد جي ٻني سمجهڻ لڳي هئي. انهيءَ مرد پرستي جي جذبي کان سرشار ٿي عورتن پاڻ کي گوپيون ۽ مرد کي ڪرشن مهاراج جو روپ ڏئي سندس پرستش ڪرڻ لڳيون هيون. رگ ويد ۾ عورت کي ندي سان ڀيٽيو ويو آهي. جنهن مان ملڪ فيض حاصل ڪري ٿو پر مهاڀارت جي جنگ دوران مرد کي سمورين صفات سان نوازيو ويو. انهيءَ مرد پرستي جي جذبي سان سرشار ٿي عورت، مرد سان مساوات جي درجي تان دستبردار ٿي سندس زيردستي ۽ محتاجيءَ ۾ رهڻ لاءِ پاڻ کي ايتري قدر ته ڪيرائي ڇڏيو هو جو هوءَ هينئر مرد مک جي بجاءِ سندس لُنگ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي وئي هئي ۽ سچ پچ ان لاءِ مندر ٺهرائي عبادت ڪرڻ شروع به ڪري ڏني هئي. مرد جي مال جي ڌڻن ۽ زمين تي قابض ٿي وڃڻ بعد عورت شڪاري دور واري مساوات، خودداري ۽ عزت نفس تان پاڻ کي محروم ڪري هڪ بيوس ڪٺل جانور وانگر پاڻ کي سندس قدمن ۾ اڇلائي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. اهو ڪارنامو زمين ۽ ڌڻن جي ذاتي ملڪيت هجڻ جي جواز بعد ئي پيدا ٿيو هو پر عورت ان حقيقت جو ڪوبه اندازو نه لڳايو هو. مرد کيس اهو احساس ٿيڻ ئي نه ڏنو هو ته مال جي ڌڻن کي پالڻ يعني گوپال ٿيڻ ۽ ڪاشت ڪاري جي ڌنڌن، اولاد ڄڻڻ، گهر هلائڻ، ٻارن کي نپائڻ، کين ڪم ڪار جي لائق بنائڻ، مردن کي تندرست ۽ من درست حالت ۾ رکڻ، مرد کي پيار وسيلي دنياوي ڪاروبار ۽ مڙس ٿي منهن ڏئي سگهڻ لاءِ اڀارڻ ۽ سندس همت افزائي ڪرڻ. گهرن، اولاد ۽ مڙس کي صاف سٿري حالت ۾ رکڻ، محض گوپال ٿيڻ کان وڌيڪ اتم ۽اعليٰ ڪم آهي. مطلب ته، مرد پنهنجي هر ڪم ڪار پورهئي ۽ محنت کي عوامي ۽ عورت جي هر ڪم ڪار کي گهر جي چوديواريءَ جي اندر هجڻ جي ڪري غير عوامي خانگي ۽ غير اهم نوعيت جو قرار ڏئي عورت کي سخت احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. مرد پنهنجي هر ڪم ڪار کي اهميت ڏني هئي. ان ڪري سندس اهميت وڌي وڃي آسمان سان لڳي هئي ۽ عورت جي هر ڪم ڪار کي گهرو ۽ خانگي هجڻ جو ٺپو هڻي ان کي عوامي ڪمن مان خارج ڪري، غيراهم قرار ڏئي خود اڻ سڌو عورت کي غيراهم چئي سندس اهميت کي بلڪل ڪيرائي مسمار ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ نظرئي ۽ سماجي حيثيتن ۾ فرق جي پيدا ڪرڻ سان مرد پنهنجي ساٿي عورت جي ڄڻ ته نسل ڪشي ڪئي هئي. مرد وڏي اٽڪل حرفت ۽ چالاڪيءَ سان پنهنجي عياشي جي حد تائين مفيد هجڻ جو خيال پيدا ڪرائي، ان کي مذهب جو رنگ ڏئي ان جو معاشري ۾ جواز به پيداڪري ڇڏيو هو. ان ڪري مندرن ۽ ديوتائن جي ميلن ۽ ايام جاهليه ۾ مرد عورتن سان ڇڙواڳ جنسي ميلاپ وسيلي خوشين جو اظهار ڪندا هئا. انهيءَ ڇڙواڳ جنسي ميلاپ جي عمل کي عبادت جو درجو ڏنو ويندو هو. جنهن کي رومانوي رنگ ڏنو ويو. جنهن کي رومانوي رنگ ڏيڻ خاطر نچڻ. ڳائڻ وڄائڻ، شعر و شاعري ڪرڻ، پهلواني جي ڪرتبن ڏيکارڻ کي شامل ڪيو ويو.
    هندستان ۾ اجنتا جي غارن ۾ ٺاهيل بت انهيءَ دور جي علامت آهن، جنهن ۾ راڻي کي کليل درٻار ۾ راجا جي لنگ ۾هٿ وڌل ڏيکاريو ويو آهي ۽ راجا جا هٿ سندس ببن ۾ وڌل ڏيکاريل آهن ۽ سامهون ٻانهيون ۽ نوڪر انهيءَ جنسي ميلاپ جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ گلن جا هار کنيو بيٺا آهن. اها ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي رسم ايتري قدر ته پختي ٿيل آهي جو باوجود موجود سڌريل دور جي مذهبي ماڻهن جي مخالفت ڪرڻ جي، ان ۾ ڪابه خاص ڪمي نه آئي آهي. انهيءَ ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل يا آسري کان سواءِ ڪنهن به پير، ولي، مرشد، مندر ديول، ڪليسا، ديوي ۽ ديوتا جو ڪوبه ميلو ۽ عرس ڪامياب ٿي نٿو سگهي. ظاهرداري رکڻ خاطر ڪي سوڻ ساٺ، بندشون ۽ ڇڙواڳيون، رسمون ۽ رواج قائدا ۽ قانون ايجاد ڪيا ويا آهن، پر ان هوندي به سندن روح وري به اهو آزاد ۽ ڇڙواڳ قسم جو جنسي ميلاپ ڪرڻ جو عمل ئي هوندو آهي.
    مطلب ته هر ادب، ثقافت، شعر و شاعري، فنون لطيفه، موسيقي، آرٽ جماليات، جداليات ۽ ڪماليات جو روح روان جذبو مرد ۽ عورت جو پاڻ ۾ هوندو آهي، جنسي ميلاپ ڪرڻ جو فطري جذبو هوندو آهي. فرق فقط هي ته ذاتي ملڪيت مان آزاد معاشري ۾ انهيءَ جذبي ۾ آزادي ۽ مساوات موجود هوندي آهي. پر رياستي آئين هيٺ مرد عورت جي بيوسي، مظلومي، اقتصادي ناهمواري۽ غلاميءَ جو فائدو وٺي عورت کي محض جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ زر يا زور وسيلي استعمال ڪندو آهي ۽ عورت انهيءَ عمل ۾ سندس آزاد ساٿي نه هوندي آهي، بلڪ هڪ ٻانهي هوندي آهي. انڪري سندن اهو جنسي ميلاپ زناڪاري ۽ فحاشيءَ ۾ داخل آهي. ٻنهي عملن جا نتيجا مختلف پيدا ٿيندا آهن. هڪڙي جنسي عمل مان آزاد فرد پيدا ٿيندا آهن، جيڪي معاشري کي نيڪي ۽ انصاف جي واٽ ڏيکاريندا آهن ۽ ٻئي قسم جي جنسي ميلاپ مان ظالم، جابر، چور ۽ رهزن پيدا ٿيندا آهن. جيڪي بني نوع انسان جي برباديءَ جو سبب بڻجندا آهن.
    معاشري ۾ ذاتي ملڪيت جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري، هينئر عورت ۽ ڪمزور بي زمين مرد انسانن مان ڦري زمين ۽ مال جي ڌڻن وانگر شي ٿي پيا هئا. جن تي زوريءَ قبضو ڪرڻ جائز تصور ڪيو ويو هو. ان ڪري عورتن کي زوري اغوا ڪري سندن مرضيءَ جي خلاف ساڻن شادي ڪري يا محض جنسي ميلاپ ڪرڻ جو رواج پئجي ويو هو. هندو قانون انهيءَ اغوا ڪري آيل عورت سان شادي ڪرڻ کي به هڪ جائز شادي جو درجو ڏئي ڇڏيو هو. اهڙي قسم جي شادي کي هندو قانون راڪشا شادي جو نالو ڏنو آهي. انهيءَ راڪشا شادي جي باقيات جون رسمون اڄ به سنڌي معاشري ۾ سوڻن جي صورت ۾ موجود آهن. مثلن شادي وقت گهوٽ کي تلوار يا خنجر ٻڌو ويندو آهي ۽ هڪ همراهه گهوٽ جو ساٿي ٿي هلندو آهي. انهيءَ ساٿيءَ کي ارهڻ چئبو آهي. گهوٽ ۽ ارهڻ جي وچ ۾ سڃاڻپ پيدا ڪرڻ لاءِ گهوٽ جي ٻانهن ۾ ڳاڙهي رنگ جو ڳانو ٻڌو ويندو آهي. شاديءَ جي رات ڪنوار کي کهنبي جو وڳو ڍڪايو ويندو آهي ۽ سندس سلوار ۾ڪچي ڌاڳي جو اڳٺ وڌو ويندو آهي ته جنسي ميلاپ ڪرڻ وقت گهوٽ سولائيءَ سان ڌاڳي کي ڇني سگهي.
    اسين انهيءَ ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي رسم کي قديم دنيا جي سڀني کان وڏي سالياني ميلي، عربن ۽ سامي قومن جي حج جي ميلي تي به رائج ڏسون ٿا. ڪعبت ا• سامي قومن جي وحدت جو نشان هو. ايام جاهليه يعني اسلام جي آمد کان اڳ ۾ حج جي موقعي تي مرد عورتون اگهاڙا ٿي ڪعبت ا• جي چوگرد ڦيرا پائيندا هئا ۽ ظاهر آهي ته جتي اگهاڙي حالت ۾ طواف ڪرڻ کي سعادت ليکيو ويندو هو ۽ ڪعبت ا• جي اندر وڃي ٻار ڄڻڻ کي تبرڪ سمجهيو ويندو هو. اتي مردن ۽عورتن جي وچ ۾ ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ کي ڪنهن به صورت ۽ حالت ۾ برو نه سمجهيو ويندو هو. عرب شاعر عورتن جا نالا وٺي جسمن جي خوبصورتي ۽ ساڻن جنسي ميلاپ ڪرڻ جي خوشين، مزن لذتن ۽ چسڪن وٺڻ جو پنهنجن شعرن ۽ مجلسن ۾ کليو اظهار ڪندا هئا. اهڙي تعريف ڪيل عورت، سندن مٽ مائٽ، مڙس، ڀائر ۽ پيئر ان تي ڪوبه اعتراض يا نفرت نه ڪندا هئا. بلڪ اهي ڀينرن ۽ ڌيئرن لاءِ وڏو اعزاز سمجهندا هئا. عرب مڙس هڪ نامور سورمي يا پٽ جي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي زال يا زالن کي ڪنهن نامور عرب سورمي يا شاعر جي حوالي ڪندا هئا. يعني منجهن هندن ۽ يونانين وارو نيوڳ جو رواج هوندو هو. فرق فقط اهو هوندو هو ته ذاتي ملڪيت کي ڪٽنب جي اندر رکڻ لاءِ نريني اولاد ڪرڻ لاءِ ڪندا هئا ۽ عرب ناموس لاءِ ڪندا هئا.
    ايام جاهليه جي عرب معاشري ۾ کين انهيءَ قسم جي ڇڙواڳ جنسي ميلاپ جي عمل يا ان جي بيان ۽ تعريف ڪرڻ ۾ کين ڪنهن به قسم جي بد اخلاقي، بي حيائي ۽ فحاشي جو هرگز ڪوبه خيال پيدا نه ٿيندو هو. الحماسه ۾هڪ عرب شاعر هڪ عرب سورمي جي بهادري ۽ شجاعت جو سبب سندس ماءُ سان زوري زنا ڪرڻ جي نتيجي ۾ پنهنجي پيدا ٿيڻ کي ڄاڻايو آهي. اسلام جيآمد کان پوءِ سندن قديم روايتي معيار بلڪل تبديل ٿي ويو. هينئر حيا ۽ تقويٰ کي ايمان جو بنياد قرار ڏنو ويو هو. آزاد جنسي ميلاپ ڪرڻ ۽ اگهاڙپ کي فحاشي ۽ بداخلاقي قرار ڏئي ان جي کليل تعريف ۽ بيان ڪرڻ کي لغويات ۾ شامل ڪيو ويو. زنا کي فخر جي بجاءِ واجب القتل ڏوهه قرار ڏئي مجرمن کي سنگسار ڪري ماري ڇڏڻ جهڙي ڳري ۽ عبرت ناڪ سزا مقرر ڪئي وئي.
    پر اسلام جي آمد کان گهڻو وقت اڳ ۾ شاديون ڪرڻ (نڪاح) جو رواج پئجي چڪو هو. زالن عام طور تي هڪ مڙس تي قناعت ڪئي هئي. پر عرب مرد اڃا به گروهي شادين جا مزا ماڻيندا رهيا هئا. يعني عرب مرد لاءِ شاديون ڪرڻ لاءِ عورتن جي تعداد تي ڪابه شرعي يا اخلاقي بندش پيل نه هئي. هڪ عرب مرد هڪ ۽ ساڳي وقت تي ڪيترين به ڀينرن سان شاديون ڪري سگهي ٿو. عرب مرد پنهنجن ويڳين ڀينرن سان به شاديون ڪندا هئا. پيءُ جي زالن (سڳين مائرن کان سواءِ) به شاديون ڪري سگهندا هئا. هڪ عورت گهڻا مڙس واري شادي جي قديم رسم به وٽن موجود هوندي هئي. پر اهڙي عورت کي پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ انهيءَ قسم جي شادي جي نشان طور علم يا اننگاس کوڙڻو پوندو هو. گهرن ۽ پاڙن ۾ علم کوڙڻ جو قديم رواج اڄ به عجم ۾ موجود آهي. اهڙي شادي مان پيدا ٿيل ٻار لاءِ عورت کي اعلان ڪرڻو پوندو ته کيس اهو ٻار سندس فلاڻي مڙس مان پيدا ٿيو آهي، پر جيڪڏهن کيس پڪ نه هوندي هئي ته سندس قبيلي جو ڪاهن (ملو) ٻار جو مهانڊو ڏسي سندس پيءُ جي مقرري جو اعلان ڪندو هو. انهيءَ اعلان بعد اهو ٻار اعلان ڪيل پيءَ جو اولاد سڏيو ويندو هو. ٻيءَ صورت ۾ کيس فلان ابن ابيه سڏيو ويندو هو. مثلن زياد بن ابيه جنهن کي بعد ۾ اميرالمومنين معاويه رضه پنهنجو ڀاءُ ظاهر ڪري زياد بن ابي سفيان بنائي قريش جي شجري ۾ داخل ڪري ڇڏيو هو.
    ايام جاهليه جي عرب معاشري ۾ مرد تي شاديون ڪرڻ لاءِ سندس زالن جي ساڻس مٽي مائٽي يا هڪ ٻئي سان مٽي مائٽي تي ڪا خاص بندش پيل نه هوندي هئي. سواءِ سڳين مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جي ٻيا سمورا س ۾ سندس لاءِ مباح ۽ جائز هوندا هئا. پيءُ جي مرڻ جي حالت ۾ جيڪڏهن سندس پٽ، سندس سڳي ماءُ کان سواءِ نڳين مائرن تي پوتي يا چادر وجهندو هو ته اهي ڦري سندس زالون ٿي پونديون هيون پر جيڪڏهن نڳيون مائرون چادر پوڻ کان اڳ ۾ کسڪي وينديون هيون ته کين آزاد شمار ڪيو ويندو هو. اهو ساڳيو قديم عربي رواج هڪ ٻي شڪل ۽ صورت ۾ سنڌ ۾ ڪنوار تي مڱڻي وقت پوتي وجهڻ اڄ به موجود آهي.
    قرآن مجيد نڪاح ڪرڻ لاءِ گهوٽ ڪنوار جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي جي بنيادن تي بندشون وڌيون. يعني محرم ۽ غيرمحرم مائٽ مقرر ڪيا. نون قانونن موجب گهوٽ جون ڏاڏيون، سندن ڀينرون،نانيون ۽ سندن ڀينرون، مائرون ۽ سندن ڀينرون، ماميون، پڦيون، ڀائٽيون، ڀاڻيجون، پوٽيون، ڏهٽيون سسون ۽ هڪ وقت تي ٻن ڀينرن سان نڪاح ڪرڻ کي حرام قرار ڏنو ويو. اهي سمورا سڱ سڳا- ويڳا ۽ رضاعي ڇو نه هجن.
    هڪ ۽ ساڳي وقت تي زالن جو تعداد چار مقرر ڪيو ويو. پر انهن مان هر هڪ زال سان نڪاح ڪرڻ لاءِ سندن ارادي، خواهش، شوق ۽ رضامندي کي هر حالت ۾ آزاد رکيو ويو آهي، ۽ نڪاح ڪرڻ بعد ساڻن کاڌي خوراڪ، گهر گهاٽ، جنسي تعلقاتن ۾ انصاف ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن ڪو مرد انصاف ڪري نٿو سگهي ته انهيءَ صورت ۾ کيس فقط هڪ زال سان نڪاح ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
    عورت جي مرد سان مساوات کي قائم رکڻ لاءِ سندن يعني گهوٽ ۽ ڪنوار جي طرفان آزاد ۽ بلاشرط شروط جي رضامندي جي اظهار لاءِ ايجاب ۽ قبول کي فرض قرار ڏنو ويو آهي، ان ڪري زوري زبردستي، ٺڳي ۽ دولاب سان حاصل ڪيل ايجاب ۽ قبول کي باطل ۽ حرام قرار ڏنو ويو آهي. اهڙيءَ باطل نڪاح مان پيدا ٿيل اولاد کي ولدالزنا قرار ڏنو ويو آهي ۽ اهڙي نڪاح مان پيدا ٿيل اولاد کي ۽ خود زال مڙس کي هڪ ٻئي جي ورثي ترڪي مان خارج رکيو ويو آهي. پر حرامي اولاد کي فقط ماءُ جي ملڪيت جو وارث قرار ڏنو ويو آهي.
    عورت ۽ مرد ۾ مساوات کي قائم رکڻ لاءِ مرد کي طلاق ۽ عورت کي خلع جو حق ڏنو ويو آهي. طلاق ۽ خلع ۾ فقط هي فرق آهي ته خلع جي حالت ۾ عورت مهر تان دستبردار ٿي ويندي آهي ۽ کيس مليل مهر مڙس کي موٽائي ڏيڻو پوندو. انهن حقن ازدواجي حياتيءَ ۾ مرد جي مقابلي ۾ عورت کي پختو مقام ڏنو آهي. طلاق جي حالت ۾ صغير اولاد جي حضانت ماءُ وٽ رهندي ۽ پي اولاد جي خرچ ڏيڻ لاءِ ٻڌل هوندو آهي. هڪ مسلمان عورت کي مڙس، پي ۽ ڀاءُ کان جدا ملڪيت رکي سگهڻ ۽ روزگار ڪرڻ جو حق حاصل آهي. ان هوندي به سندس نان نفي، گهر گهاٽ ٻارن جي سار سنڀال تعليم ۽ روزگار جو بار زال بجاءِ مڙس تي رکي عورت جي شرعي ۽ سماجي حيثيت کي مرد جي مقابلي ۾ وڌيڪ مستحڪم بنايو ويو آهي پر انهن سمورين شرعي حقن ۽ سهوليتن جي باوجود به جيڪڏهن ڪو پرڻيل مرد ۽ عورت زنا ڪن ٿا، يعني ڄاڻي ٻجهي ڪنهن ٻئي ڪٽنب جو گهر ناموس ۽ عزت برباد ڪن ٿا ته، کين معاشري جو بدترين دشمن سمجهندي کين بر سرعام پٿر هڻي ماري ڇڏڻ جي عبرتناڪ سزاجو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. ايڏي وڏي سزا ڏيڻ کان اڳ ۾ زنا جي ڏوهه ۾ ملوث مرد ۽ عورت جي ڏوهه جي ثابتي لاءِ ٻن معزز ۽ سچار مردن يا چئن سچار عورتن جي عيني شاهدي وٺڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ڪنوارن مردن ۽ عورتن جي زنا ڪرڻ جي حالت ۾ کين فقط ڦٽڪا هڻڻ جي سزا ڏني ويندي. جيڪڏهن اهڙو جوڙو سماج ۾ پڌرو ڪري انهيءَ جنسي عمل کي پاڻ ۾ نڪاح ڪرڻ جو درجو ڏئي ٿو ۽ هڪ ٻئي کي زال مڙس طور ظاهر ڪري ٿو ته ان صورت ۾ کين ڪابه سزا نه ايندي. ڇاڪاڻ ته ٻئي پنهنجي جسمن ۽ خواهشن جا مالڪ آهن ۽ سندن اهڙي ارادي جي ظاهر ڪرڻ وقت ٻڌندڙ شخص سندن شاهد ٿي پون ٿا. ايجاب ۽ قبول لاءِ شاهدن جو موجود هجڻ فرض نه آهي ۽ مهر ايجاب قبول کان پوءِ مقرر ڪري سگهجي ٿو.
    قرآن مجيد ۾ هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندڙ مرد لاءِ انصاف ڪرڻ جي لازمي شرط جي موجودگي جي ڪري 90 سيڪڙو مسلمان ڪٽنب هڪ مڙس هڪ زال واري شادي تي قانع رهن ٿا.
    اسلام نڪاح کي ٻين دنيوي معاملات وانگر هڪ معاملو قرار ڏنو آهي. ان هوندي به کيس سعيد ۽ متبرڪ عمل قرار ڏئي ان کي عبادت جو درجو ڏنو آهي. عورت جي مڙس ۽ معاشري ۾ توقير مان ۽ مرتبي وڌائڻ لاءِ مڙس تي زال کي مهر ڏيڻ جو بار رکيو ويو آهي. مهر ڪنهن به صورت ۽ حالت ۾ زال جي بها يا قيمت نه آهي. پر اها رقم هڪ پيار ڪندڙ ۽ اعليٰ مزاج مڙس جي طرفان سندس حضور عاليه ۾ هڪ نذرانو آهي. جنهن کي قبول ڪري حوا، آدم جي عزت افزائي ڪندي ۽ کيس پنهنجي ازدواجي جنت ۾ داخل ڪري جسماني ۽ روحاني لذتون ۽ موجن ماڻڻ جي اجازت ڏيندي آهي. اسلام مڙس تي مهر ڏيڻ جو بار رکي مرد جي عورت تي بالادست هجڻ جي نظرئي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. عورت کي اهو اعزاز فقط اسلام ۾ حاصل ٿي سگهيو آهي.
    اسلام جي شروعاتي دور ۾صحابه ڪرام زالن کي پنهنجي حال سارو مهر ڏيندا هئا پر فتوحات جي ڪري عر ب معاشرو درجي بدرجي امير ٿيندو ويو ته مهر جي رقم ۾ پڻ واڌرو ايندو ويو. اميرالمومنين عمر ابن الخطاب رضي الله مهر جي حد مقررڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي. ته صحابيات ڪرامن ان تي ايتري قدر سخت احتجاج ڪيو هو جو کين مجبور ٿي تجويز کي ترڪ ڪرڻو پئجي ويو. صحابيات ڪرام جي حجت هئي ته، جيڪو حق اسان کي الله تعاليٰ جي طرفان عطا ڪيو ويو آهي. ان ۾ ابن الخطاب کي ترميم ڪرڻ جو ڪوبه حق حاصل نه آهي. عورتن جي انهيءَ دليل جي سامهون اميرالمومنين عمر ابن الخطاب رضي الله کي مجبور ٿي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پئجي ويا هئا.
    نڪاح هڪ خانگي عقد آهي، پر ان جي پاڪائي کي ايتري قدر ته اعليٰ ۽ متبرڪ شمار ڪيل آهي جو طلاق ۽ خلع کي قانوني طور تي جائز هجڻ جي باوجود هڪ ناپسنديده عمل قرار ڏنو ويو آهي. ازدواجي رشتن کي قائم ۽ دائم رکڻ خاطر مڙس لاءِ ٽي دفعا طلاق ڏيڻ جو شرط لازمي رکيو ويو آهي ته جيئن ٻئي ڌريون ٿڌي سيني سان سوچي سمجهي طلاق ڏين ۽ انهيءَ دوران پاڻ ۾ ٺهي وڃن. ٻي سبب طلاق ڏيندڙ مڙس يا خلع وٺندڙ زال لاءِ وري هڪ ٻئي سان نڪاح ڪرڻ لاءِ حلالي جهڙي سخت سزا مقرر ڪئي وئي آهي.
    طلاق يا مڙس جي فوت ٿي وڃڻ جي حالت ۾ زال تي 4 مهينا عدت ۾ رهڻ يعني نئين شادي نه ڪرڻ جو شرط رکيو ويو آهي. انهيءَ عدت جي عرصي ۾ پڻ عورت جي نان نفقي جو بار مڙس تي يا سندس وارثن تي رکيو ويو آهي. جيئن ته دنياوي لحاظ کان مرد عورتن کان ڏاڍا آهن. انڪري سمورو شرعي بار عورت بجاءِ مردن تي رکيو ويو آهي. پر حقن جي معاملي ۾ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ڪوبه فرق موجود نه رکيو ويو آهي.
    اسلام ۾ مهر جو بار مڙس تي رکيل آهي، پر هندو قانون ۾مڙس تي ڪوبه وزن نه رکيو ويو آهي. ان جي برعڪس هندو قانون موجب ڪنوار گهوٽ کي استري ڏن (ڏاج) ڏئي ساڻس شادي ڪندي آهي. جيئن ته هندو قانون ۾ عورت کي مرد سان مساوات جو درجو حاصل نه هوندو آهي، انڪري ان ۾ طلاق ڏيڻ جو ڪوبه جواز موجود نه آهي. مڙس جي موت جي حالت ۾ هندو بيواهه عورت کي وري شادي ڪرڻ جوڪو به حق حاصل نه هوندو آهي. خواهه اها عورت ڪيتري به ننڍي عمر جي ڇو نه هجي! بيوه عورت جي ٻيهر شادي نه ڪري سگهڻ جي ڪري عورت کي فوتي جي ميت سان گڏ ساڙيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن سندس جان بچي ويندي هئي ۽ جيڪڏهن بيوه جي اولاد هوندي هئي ته کيس گهران ڪڍي مندر ۾ داسي ڪري موڪليو ويندو هو، جتي برهمڻ ۽ مندر جي خدمت ۾حياتي جا ڏينهن پورا ڪندي هئي. مندر جي زندگيءَ ۾ کيس ديوداسي سڏيو ويندو هو. ديوداسي هجڻ جي حالت ۾ هو ظاهري طور تي غيرشادي شده حالت ۾ رهندي هئي، پر عملي طور تي هو هڪ زال گهڻن مڙسن واري حياتي گذاريندي هئي.
    هندو مذهب موجب اهڙي قسم جي بندش مرد تي لاڳو نه هوندي هئي. هندو مرد ڪيترين زالن سان شاديون ڪري سگهيو ٿي، پر انهن ۾ اهو شرط رکيل هوندو آهي ته، خون جي رشتي جي نسبت ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي وچ ۾ ستن گوترن (پيڙهين) ۾ ڪابه مائٽي ۽ خون جو رشتو نه هجي. هندو مرد ۽ عورت ۾ مساوات جي نه هجڻ ڪري ڪنهن رنڙ مرد تي ٻي شادي ڪرڻ تي ڪابه بندش پيل نه آهي. انهن سمورين ڳالهين جي ڪري هندو سماج ۾ مڙس جو مرتبو ڪنوار کان وڌ هوندو آهي.
    اسلام ۾ ڪنوار تي ڪنهن به ڏاج يا استري ڏن جو وزن نه رکيل هوندو آهي. پر کيس پيڪن، مڙس۽ اولاد جي ورثي ترڪي تي پورو پورو شرعي حصي موجب حق هوندو آهي گهوٽ ۽ ڪنوار جي حيثيتن ۾ عدم مساوات جي موجودگيءَ جي ڪري هندي سنڌي شاعري ۾ عورت کي مرد لاءِ پريشان ڏيکاريو ويندو آهي. پر عربي شاعريءَ ۾ مرد کي عورت جي فراق ۾ سرگردان ڏيکاريو ويندو آهي. عربي شاعريءَ ۾ عورت کي معشوق جو ۽ مرد کي عاشق جو درجو ڏنل هوندو آهي.
    اسلام مرد خواه عورت لاءِ بنان ڪنهن واجبي ۽ جائز عذر جي مجرد حالت ۾ رهڻ کي هڪ بي شانو عمل ۽ شادي ڪرڻ کي هڪ لائق احترام ۽ افتخار عمل قرار ڏنو آهي. نبي ڪريمﷺ جو جڳ مشهور قول آهي ته، ”نڪاح ڪرڻ منهنجي سنت آهي، جنهن کان بي سبب منهن موڙڻ وارو انسان منهنجي امت مان نه آهي.“ ان ڪري سندن سنت تي عمل ڪندي سمورا صحابه ڪرام ۽ مسلمان بزرگ، علماءِ، وڏا عيالدار ۽ ڪثيرالاولاد انسان هئا.
    نبي ڪريمﷺ جي حڪم تي عمل ڪندي صحابه ڪرامن پاڻ به گهڻا نڪاح ڪيا ۽ صحابيات ڪرام پڻ طلاقن ملڻ يا مڙس جي وفات ڪرڻ يا شهيد ٿي وڃڻ بعد ڪيترائي دفعا شاديون ڪيون هيون. عرب معاشري ۾ اڄ به ڪنهن بيواهه يا مطلوقه عورت سان شادي ڪرڻ تي عيب يا ميار شمار نه ڪيو ويندو آهي. هڪ حديث شريف موجب نڪاح کي اڌ ايمان شمار ڪيو ويو آهي. شادي ڪرڻ لاءِ قرض وٺڻ کي جائز ۽ اسراف ۾ شامل نه ڪيو ويوآهي. انڪري حڪم آهي ته انهيءَ عمل تائين نڪاح ڪندا رهو جيستائين توهان ۾ ازدواجي جوابدارين کڻڻ جي طاقت ۽ اهليت موجود آهي. پر عجمي ۽ غيرعرب مسلمان معاشرن ۾، غير اسلامي روايتن جي موجودگيءَ جي ڪري اڄ به مجرد حالت ۾ رهڻ تي يا بيوه يا رنڙ ٿيڻ بعد شادي نه ڪرڻ کي خاص طور تي صوفين وٽ وڏو درجو حاصل آهي. عجمي تصوف ۾ مجرد رهڻ کي نفس سان جنگ ڪرڻ سڏيو ويندو آهي، جيڪو رويه حقيقت ۾ بزدلي ۽ قانون ايزدي کان فراريت تي ٻڌل نظريو آهي. فراريت بزدلي آهي ۽ بزدلي حرام آهي. ان جي برعڪس ازدواجي زندگي گذاريندي پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل ۽ اولاد کي عزت ڀرئي مقام ۽ حالت ۾ رکڻ کان وڌيڪ ٻي ڪابه حقيقي بزرگي، خدمت خلق، سعادت، دين سان وفاداري ۽ الاهي حڪمن جي بجاآوري نه آهي.
    قرون اوليٰ جي فتوحات جي دور ۾ جڏهن سوين بيواهه ۽ ڪنواريون غير عرب عورتون، شهزاديون ۽ اميرزاديون مال غنيمت سان گڏ مديني پهتيون هيون ته سندن غم غلط ڪرڻ ۽ کين معاشري ۾ ضم ڪرڻ، کين سندن سماجي درجي آهر باوقار ۽ بامقصد زندگيون گذارڻ خاطر سندن شاديون هم مرتبي صحابه ڪرامن ۽ سندن اولاد سان ڪرايون ويون. جن مان هڪڙي شهزادي شهربانو کي حسين بن علي رضي الله سان پرڻايو ويو هو. غريب ڪوجهين ۽ عيبدار عورتن ۽ مردن کي دنيا ۾ ازدواجي حقن ماڻن لاءِ فقهه جعفري (شيعن) موجب عارضي طور تي شادين ڪرڻ (متع) جي اجازت پڻ ڏني ويئي آهي. متع جي نڪاح ۾ صحيح نڪاح وارا سمورا شرط ايجاب ۽ قبول، مهر موجود هوندا آهن ۽ ان مان پيدا ٿيل اولاد کي جائز شمار ڪيو ويندو آهي. ۽ اهڙي اولاد کي فوتي مائٽن جي ورثي ترڪي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. متع جي ميعاد گذري وڃڻ کان پوءِ انهيءَ کي نڪاح جو درجو ڏنو ويندو آهي ۽ متع جي ميعاد کان پوءِ يا مڙس جي وفات بعد عورت کي عدت جو عرصو پورو ڪرڻو پوندو آهي. مطلب ته اسلامي شريعت معاشري ۾ زناڪاري ۽ فحاشي جي روڪڻ لاءِ هر قسم جا اپاءَ ورتا آهن. ازدواجيت انسان جو هڪ اعليٰ ترين ۽ بنيادي حق آهي، جنهن کي سالم ۽ صحتمند حالت ۾ رکڻ لاءِ اسلام پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي.
    اسلام ازدواجيت کي هڪ سعيد عمل قرار ڏيندي، انساني معاشري ۽ ڪٽنب کي بنيادي سماجي وحدت قرار ڏنو آهي. ان ڪري مرد ۽ سندس نرينه اولاد سان گڏ عورت کي زال، ماءُ، ڀيڻ ۽ پيءُ جي حيثيت ۾ ڪٽنب جو معزز ڀاتي شمار ڪندي کين مردن سان گڏ هر فوتي مائٽ جي ورثي ترڪي ۾ ڀاڱي ڀائيوار شمار ڪيو آهي. اسلام عورت کي فوتي عزيز جي ملڪيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنائڻ سان ڪٽنب جي هڪ اقتصادي وحدت هجڻ کان انڪار ڪري ٿو.
    اسلام جي ظهور کان اڳ ۾ دنيا جي سمورن قديم غيرالهامي مذهبن ۽ رياستي معاشرن انساني ڪٽنب کي محض هڪ اقتصادي وحدت ۾ شمار ڪندي عورت کي مرد سان ملڪيت ۾ ڪنهن به صورت ۽ حالت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جي اجازت نه ڏني هئي. ڪٽنب انهيءَ اقتصادي وحدت هجڻ واي نظرئي ۽ قانون جي معاشري ۾ ڪارفرما هجڻ جي ڪري ڪٽنب جي فقط ڪمائي سگهندڙ فردن کي فوتي جي ملڪيت جي ورثي ترڪي ۾ حصيدار شمار ڪيو ويندو هو. اهي ڪمائي سگهندڙ فرد فقط مرد ۽ سندن نرينه اولاد ٿي سگهيا ٿي. سندن انهيءَ اقتصادي وحدت هجڻ واري نظرئي موجب عورتن جي گهرو ڪم ڪار ڪرڻ، اولاد ڄڻڻ، کين نپائي وڏو ڪري ڪم ڪار ڪري سگهڻ جي لائق بنائڻ، ڪوبه ڪم يا پورهيو هرگز نه هو. ان ڪري ڪٽنب جي ملڪيت ۾ عورتن جو ڪوبه حصو ڪونه هوندو هو. پر اسلام ڪٽنب کي سماجي وحدت قرار ڏئي مرد ۽ عورت ۾ پورهئي جي ورهاست واري نظرئي جي اهميت کي ختم ڪري ڇڏيو. اسلام عورت کي نه رڳو سندس گهر ڀاتين سان ملڪيت ۾ حصيدار بنايو آهي، بلڪ کيس مڙس، پي ۽ پٽ کان جدا ملڪيت رکي سگهڻ جو پڻ اختيار تفويض ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ملڪيت رکي سگهڻ جي حق ڪري عوامي ڪمن جا دروازا پڻ عورتن لاءِ کليل رکيا ويا آهن. هڪ عورت مرد وانگر ڪنهن به عوامي عهدي تي ڪم ڪري سگهي ٿي، بشرطيڪ هوءَ اها اهليت رکندي هجي.
    امام اعظم نعمان بن ثابت جي خيال موجب عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ حقن جي لحاظ کان مڪمل مساوات آهي، سندس خيال موجب شادي، طلاق ۽ ازدواجي تعلقاتن جي ختم ڪرڻ جي معاملي ۾ عورت جي شاهدي کي مرد جي شاهدي جيتري اهميت حاصل آهي. سندس خيال موجب هڪ عورت قاضي ٿي سگهي ٿي. سندس اجتهاد آهي ته مٿين معاملن ۾ جيئن ته عورت ۽ مرد کي پاڻ ۾ گڏجي حياتيون گذارڻيون آهن، ان ڪري منجهانئن هڪڙي ڌر کي حق هجن ۽ ٻي ڌر حقن کان خالي رهي اها ڳالهه حق ۽ انصاف جي خلاف ٿيندي، ان ڪري جائز نه آهي. (سيرت نعمان بن ثابت- علامه شبلي نعماني)
    عورت کي فوتي جي ملڪيت مان حصي وٺڻ کان سواءِ هڪ زال جي حيثيت ۾ مهر تي سندس خالص حق کي تسلم ڪيو ويو آهي. مهر جي رقم سندس ذاتي ملڪيت آهي. مهر موجد جي حالت ۾ فوتي مڙس جي ملڪيت مان پهريائين مهر جي رقم ٻين قرضن وانگر ڪاٽي ويندي، ان بعد هو باقي ملڪيت مان پنهنجو مقرر حصو پڻ وٺندي. مهر موجد هڪ واجب الادا قرض آهي، جنهن جي ادائگي فوتي جي وارثن تي فرض آهي.
    مڙس جي سماجي ۽ اقتصادي بالادستيءَ کان آزاد هجڻ جي ڪري زال کي شادي ڪرڻ بعد، پنهنجي شخصيت جي عرفيت کي مڙس جي عرفيت جي ڇانوَ ۾ لڪائڻ خاطر پنهنجي ذاتي نالي جي پويان مڙس جي نالي جي پڇ ڳنڍڻ جي ڪابه ضرورت نه هوندي آهي. موجوده دور ۾ مڙس جي عرفيت جي پويان زال جي عرفيت کي ڳنڍڻ جو رواج رومن معاشري کان ورتل آهي. رومن معاشري ۾ ڪٽنب هڪ اقتصادي وحدت آهي. ان ڪري ان ۾ شامل زالن، ڌيئرن، نوڪرن چاڪرن کي پنهنجي عرفيت کي ڪٽنب جي سربراهه يعني مالڪ جي نالي سان ظاهر ڪرڻو پوندو.
    رومن معاشري ۽ قانون ۾ ڪٽنب جي سربراهه کي ڪٽنب جي ڀاتين، نوڪرن، زيردستن تي موت ۽ حياتي جو اختيار حاصل هوندو هو. سربراهه ڪٽنب جي ڪنهن ڀاتي يا ٻانهي کي قتل به ڪري ڇڏيندو هو ته به کانئس قانوني ۽ سماجي طور تي ڪنهن کي به پڇا ڪرڻ جو ڪوبه حق حاصل نه هوندو هو. ڪٽنب جي ڀاتين کي پڻ سربراهه جا ٻانها شمار ڪيو ويندو هو. پر اسلام ۾ ڪٽنب جي سربراهه کي اهڙي قسم جي ڪابه رعايت ۽ حق نه ڏنو ويو آهي. ڪٽنب جي ڪنهن ڀاتي يا ٻانهي يا زيردست کي قتل ڪرڻ ته پري رهيو پر مٿن ڪنهن لوهه جي شيءِ جي الارڻ کان به منع ڪيل آهي. ڪٽنب جي ڪنهن ڀاتي مرد خواه عورت يا نوڪر ٻانهي کي جسماني ايذاءُ رسائڻ شرعن ڏوهه آهي.
    نبي ڪريمﷺ جن پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ ڪنهن به انسان کي ڪوبه جسماني ايذاءُ نه پهچايو هو. هڪ دفعي اميرالمومنين عثمان بن عفان رضي الله ڪاوڙ ۾ اچي ٻانهي جو ڪن مروٽيو هو ته کيس ان تي ايتري ندامت ٿي هئي جو پاڻ سڳورن کانئس ايذاءُ رسائڻ لاءِ معافي گهري ۽ قصاص طور کيس سندس ڪن مروٽڻ جي اجازت ڏني هئي پر ٻانهي اميرالمومنين رضي الله کي معاف ڪري ڇڏيو. قرآن مجيد ۾بي فرمان زال کي سزا ڏئي سڌارڻ لاءِ فقط چند ڏينهن تائين سندس بستري تي نه وڃڻ جي هدايت ڪيل آهي. زال کي منهن تي چماٽ هڻڻ کان منع ٿيل آهي. عورت جو منهن ۽ سندس سونهن سندس قيمتي سرمايو آهي.
    ايلاءِ يعني زال سان مڙس جي رسڻ جي حالت ۾ مقرر ٿيل ميعاد کان وڌيڪ عرصي تائين نه وڃڻ کي طلاق جو درجو ڏنو ويو آهي. شرعي قانون موجب قاضي ڪنهن ڪٽنب جي نااهل سربراهه کي سندس سماجي درجي آهر ڪٽنب جي پالنا ڪرڻ ۽ کين نان نفقه ۽ ازدواجي حقن جي ادائگي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري سگهي ٿو.
    ڪٽنب جي هڪ سماجي وحدت هجڻ ڪري اسلام ۾ گڏيل ڪٽنب جو ڪوبه تصور ۽ نظريو موجود نه آهي. ان ڪري ڪٽنب جو سربراه صحت مند ۽ عاقل بالغ نرينه اولاد جي نان نفقه مهيا ڪرڻ لاءِ شرعي طور تي ٻڌل ۽ جوابدار نه آهي. البته بالغ پر اپاهج ڀاتين جي بارکڻڻ لاءِ ڪٽنب جا سمورا عاقل بالغ ۽ صحتمند مرد جوابدار هوندا آهن.
    ايام جاهليه ۾ هڪ غريب ڪٽنب اقتصادي وحدت هوندو هو. انڪري ڪٽنب جي صغير ٻارن ۽ عورتن کي فوتي مرد جي ملڪيت مان ڪوبه حصو نه ڏنو ويندو هو پر اسلام ڪٽنب کي هڪ سماجي وحدت قرار ڏنو، ماءُ جي پيٽ ۾ سمايل ٻار کان وٺي ڪٽنب جي هر بالغ خواه صغير ڀاتي جو، هر فوتي ڀاتيءَ جي ملڪيت جي ورثي ترڪي ۾ قرآن مجيد جي حڪمن موجب مقرر ڪيل حصو هوندو آهي، پر هڪ اقتصادي ڪٽنب ۾ فقط ڪمائي سگهندڙ مرد ڀاتين کي اهميت ۽ حيثيت حاصل هوندي آهي. نه ڪمائي سگهندڙ ڀاتي سندس رحم و ڪرم تي هوندا آهن.
    هندو معاشري ۾ پرڻجي ويل عورت جو پيڪن جي ملڪيت تي ڪوبه حق تسليم ڪيل نه هوندو آهي ۽ ساهري آڪهه ۾ پڻ هو پنهنجي مڙس جي سماجي درجي آهر فقط نان نفقه جي ملڻ جي حقدار هوندي آهي، پر اسلام ۾ هڪ پرڻجي ويل عورت جو مڙس ۽ اولاد جي ملڪيت سان گڏ سندس پيڪن يعني پيءُ، ڀائرن، ڀينرن ۽ ماءُ جي ملڪيت تي پڻ شرعي حق تسليم ڪيل هوندو آهي. مطلب ته اسلام عورت کي ٻنهي پيڪن خواه مڙس ۽ اولاد جي ملڪيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنائي، سموري معاشري جي ماڙي کي اقتصادي بنيادن تي نه پر سماجي بنيادن ۽ ضرورتن تي استوار ڪيو آهي. هڪ اقتصادي ڪٽنب جو بنياد احتياج تي مبني هوندو آهي، پر سماجي ڪٽنب جو بنياد باهمي پيار محبت ۽ صله رحمي جي جذبن تي استوار ٿيل هوندو آهي. ان ڪري اقتصادي ڪٽنب جي نسبت ۾ سماجي ڪٽنب پاڻ ۾ وڌيڪ متحد هوندو آهي. سماجي ڪٽنب هجڻ جي ڪري ڪمائي سگهندڙ ڀاتين سان گڏ، نه ڪمائي سگهندڙ ڀاتين ٻارن، عورتن، بيمارن، اپاهجن، معذورن ۽ پيرسن بزرگن کي ڪمائي سگهندڙ ڀاتين سان برابري ۽ مساوات حاصل هوندي آهي، انهيءَ نسبت جي ڪري فوتي شخص جي ملڪيت جي ورثي ترڪي ۾ حصيدار هجڻ لاءِ ڪنهن وارث جي ڪمائي سگهندڙ ۽ نه ڪمائي سگهندڙ صغيرخواه ڪبير، مرد خواه عورت، پرڻيل خواه ڪنواري، بيمار خواه صحتمند جو ڪوبه تفاوت نه رکيو ويو آهي ۽ هر ڀاتيءَ کي فوتيءَ سان خون جي رشتي جي ويجهاڻ ۽ دوري جي لحاظ کان ورثي ترڪي ۾ داخل يا خارج ڪيو ويندو آهي. انهيءَ رشتي جي ڪري فوتي جي اولاد کي سمورن ٻين خون جي مائٽن جي نسبت ۾ وڌيڪ فوقيت حاصل هوندي آهي ۽ پدرانه رشتيدار مادرانه رشتيدارن کي ملڪيت مان بي دخل ڪري ڇڏين ٿا.
    اسلام نه رڳو قديم عرب کي بلڪ سموري همعصر دور جي رائج نظامن کي جاهليه ۾ شمار ڪري ٿو، جاهليه معنيٰ غيرمهذب. پر اسين ڏسون ٿا ته نبي ڪريمﷺ جي دور تائين پهچندي پهچندي مختلف انساني معاشرا تهذيب ۽ تمدن جا اوچا مرحلا طئي ڪري چڪا هئا. منجهن ڪيترائي انبياءِ ڪرام عليهم السلام، وڏا وڏا عالم، سائنسدان، اديب، فيلسوف، جرنيل، فاتح، منتظم، بادشاهه، سندن عالي دماغ وزير ۽ سياستدان پيدا ٿي چڪا هئا، جن وڏيون وڏيون سلطنتون برپا ڪيون هيون ۽ فنا ٿي ويون هيون. ان هوندي به نبي ڪريمﷺ جن جو پاڻ کان اڳ ۾ گذري ويل دورن ۽ همعصر دورن جي مهذب معاشرن کي جاهليه سڏڻ مان مراد ڇا هئي؟ ۽ منجهن ڪهڙن ڪهڙن سياسي، سماجي ۽ اقتصادي نظرين ۽ اصولن جي رائج هجڻ جي ڪري کين جاهليه ۾ شمار ڪرڻ فرمايو اٿن؟
    اسين پنهنجي جڳ مشهور عالم ڪامريڊ اينگلس جي ڪتاب خاندان، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي آغاز ۾ پڙهون ٿا ته، ڪيئن يونان، روم، جرمن قبيلن، فرانڪن ڪيلٽ لوڪن ۾ زمين جي ذاتي ملڪيت ٿي پوڻ واري نظرئي جي معاشري ۾ پيدا ٿي پوڻ ۽ سڪي جي ايجاد ۽ رياست جو وجود ۾ اچڻ انهن سمورن يورپي معاشرن ۾ طبقاتي ظلم ۽ انسان جي وچ ۾ عدم مساوات جو بنياد قائم ڪري انهن معاشرن کي بربادي ۽ تنزل جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڦٽو ڪيو هو. اسين ساڳي قسم جي هوبهو تصوير کي سندس همعصر ۽ قديم ڀارتي، سنڌي، چيني، ايراني ۽ مصري معاشرن ۾ پڻ رائج ڏسون ٿا. اهي سمورا معاشرا پڻ يونان، روم، جرمن، فرانڪن ۽ ڪيلٽ لوڪن وارا سمورا سماجي ۽ سياسي مرحلا طئي ڪري سامراج جي دور ۾ داخل ٿي چڪا هئا. انهن سمورن معاشرن پنهنجن پاڙيسري ملڪن کي فتح ڪري وڏيون عظيم الشان سلطنتون برپا ڪيون هيون. انهن سمورن معاشرن ۾ نه فقط ٻانها ۽ پورهيت طبقا ظلم ۽ ضلالت جي اوڙاهه ۾ پئجي چڪا هئا، بلڪ خود سندن پنهنجي طبقي جي عورت جي صنف کي پڻ ذليل ۾ ذليل حيثيت ڏني وئي هئي. جنهن صورت حال کي وري نئين سر عمل ۾ اچي سگهڻ کان روڪڻ لاءِ اسلام وڏي ۾ وڏا اپاءَ هي ورتا هئا ته، زمين يعني پيدائش جي ذريعن ۽ وسيلن کي ڪنهن خاص طبقي جي نه پر الله تعاليٰ جي ملڪيت يعني زمين کي سندس خليفي حضرت انسان جي گڏيل ۽ غير متفرقه ملڪيت قرار ڏئي ان کي قديم ۽ همعصر معاشرن ۾ رائج ذاتي ملڪيت هجڻ واري نظرئي ۽ تصور مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. زمين جي وصف ۾ اهي سمورا قدرتي وسيلا اچي وڃن ٿا. جن مان انسان محنت ڪري رزق پيدا ڪري ٿو ۽هڪ ڪٽنب وانگر پاڻ ۾ گڏجي کائين ۽ استعمال ڪن ٿا. جنهن تي هر انسان، صغير توڙي ڪبير، مرد توڙي عورت، بيمار توڙي صحتمند جو مساوي حق تسليم ڪيو ويو آهي.
    الله تعاليٰ زمين کي پنهنجي يعني سندس سموري مخلوق انسان خواه حيوان جي ملڪيت قرار ڏئي ان کي فقط پورهيت ۽ پوکيندڙ طبقن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. الله تعاليٰ جي ملڪيت هجڻ جي ڪري نه فقط ڪنهن انسان جي ان تي حق هجڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، بلڪ خود حيوانن کي به ان تان بي دخل ڪرڻ يعني انهن جي بي جا ۽ غيرضروري نسل ڪشي ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.
    انهيءَ لحاظ کان نبي ڪريمﷺ جن کي اها سعادت حاصل آهي ته پاڻ سڳورن خود حيوانن جي نسل ڪشي يعني تفريحا شڪار ڪرڻ جهڙا اجايا ڪم به نه ڪيا هئا. سندن هٿن کان نه فقط انسانن کي ڪو صدمو نه پهتو هو، بلڪ خود جهنگلي حيوان به سندس ايذاءَ رساني کان محفوظ رهيا هئا. سندن انهيءَ مثالي رحمدلي کي علامتي طور هرڻي جي معجزي ۾ ڳايو ويو آهي. انهيءَ اسلامي نظريه زمين کي ذاتي ملڪيت هجڻ واري نظرئي جي گرداب مان ڪڍي خدائي يعني سندس عوام (بني نوع انسان) جي گڏيل ملڪيت بنائي ڇڏيو. جڏهن زمين ذاتي ملڪيت نه رهي ته ان کي زمين جي صورت ۾ زڪوات جي ادائگي کا ن ٻاهر رکيو ويو آهي. زمين کان سواءِ باقي ٻي زر، دولت، جانورن، سون، چاندي، اناج، سڪي مان انهيءَ صورت ۾ زڪوات جي ادا ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو ويو. البت زمين مان پيدا ٿيندڙ اناج وغيره تي زڪوات، خمس، عشر ۽ ٻيا لوازما ڍل طور مقرر ڪيا ويا آهن ۽ انهن جي ادائگي زمين جي صورت ۾ نه پر سڪي، جانور يا اناج جي صورت ۾ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
    زمين جي ذاتي ملڪيت نه هجڻ جي ڪري ان کي گروي طور رکي سگهڻ جو ڪوبه سوال پيدا نٿو ٿئي. ساڳي ريت عوام کي سڪي جي بالادستيءَ کان آزاد رکڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۽ حالت ۾ وياج وٺڻ کي پڻ شرعي طور تي حرام قرار ڏئي هڪڙ ن انسانن کي ٻين انسانن جي سامهون مجبور ٿي پوڻ ۽ ٻين انسانن کي کين مجبور ڪري سگهڻ بعد، کين ناجائز طور تي استعمال ڪري سگهڻ، يعني اقتصاديات جي زبان ۾ طبقاتي طور تي مظلوم طبقن جي استحصال ڪري سگهڻ کان پڻ روڪيو ويو آهي. انهيءَ انساني مجبوري ۽ طبقاتي استحصال ۽ ظلم کي نظرن ۾ رکندي قرآن مجيد ظاهري توڙي مخفي صورتن ۾ وياج جي وٺڻ ۽ ڏيڻ جي منحوس ۽ مڪروهه گناهه کي الله تعاليٰ ۽ سندس رسول ﷺ سان جنگ ڪرڻ قرار ڏنو آهي. مخفي صورت ۾ وياج وٺڻ لاءِ قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته، (1) ”اهي چون ٿا ته، تجارت وياج وانگر آهي، الله تعاليٰ تجارت کي جائز قرار ڏئي ٿو ۽ وياج وٺڻ جي منع ڪري ٿو.“ Chapter XI Page 275. (2 ) قرض ڏنل رقم تي گڏيل وياج نه وٺو. Chapter XI Page 129 هي آيت وياج جي قطعي طور تي حرام ٿيڻ کان اڳ جي آهي. وياج خورن تي الله تعاليٰ جي رحمت نه آهي (پر) هو نيڪ ڪمن ۾ برڪت وجهي ٿو. ڀرت ڪرڻ وقت پورو ڀريو ۽ سڌي ساهمي سان تور ڪريو.
    پهرئين آيت ڪريمه ۾ نه فقط وياج جي ڪاروبار ڪرڻ جي ممانعت ڪيل آهي، پر معاشري ۾ وياج خور طبقن کي ختم ڪرڻ لاءِ ساڻن جنگ ڪرڻ جو واضح ثبوت آهي. وياج ۽ وياج خوري جي ڪاروبار کي حرام قرار ڏيڻ جي ڪري ئي ابولهب، ابوجهل ۽ ٻيا قريش سردار جيڪي پاڻ وڏا وياج خور ۽ وياج جو ڪاروبا ڪندڙ سردار ۽ واپاري هئا. نبي ڪريمﷺ جن جي جان جا دشمن ٿي پيا هئا. انهي وياج خوري جي برخلاف پرچار ڪرڻ کي روڪڻ لاءِ ٻيو ڪوبه رستو نه ڏسي، کين شهيد ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي ويئي هئي. ان ڪري نبي ڪريمﷺ جن کي مڪي شريف مان هجرت ڪري مديني اچڻو پيو هو. مديني ۾ پڻ کين وياج خور بٽئي وٺندڙ يهودي زميندارن سان مقابلوڪرڻو پئجي ويو، پنهنجن طبقاتي مفادن کي بچائڻ خاطر، مديني جا وياج خور ۽ زميندار يهودي، ظاهري طور تي ساڻن دوستيءَ جا عهدنامه ڪندا رهيا هئا پر اندروني طور تي اسلام کي ختم ڪرڻ لاءِ مڪي شريف جي وياج خور قريش سردارن سان ساز باز ڪندا ٿي رهيا. نبي ڪريمﷺ مڪي شريف جي حمله آور قريش سردارن کي شڪستون ڏئي کين پنهنجي غيرطبقاتي نظام جي تابع ڪري ڇڏيو ۽ يهودي وياج خورن ۽ زميندارن کي، سندن شرارتن کان تنگ اچي، عهدنامن جي خلاف ورزي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مٿن فوجي ڪارروايون ڪري، کين شڪستون ڏئي جزيرت العرب مان تڙي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
    انهيءَ غيرطبقاتي نظام کي پاڙيسري ملڪن ۾ پکيڙڻ لاءِ نبي ڪريمﷺ جن همعصر بادشاهن ڏانهن اسلام قبول ڪرڻ لاءِ خط لکيا هئا. جن جي موٽ ۾ جزيرت العرب جي سردارن اسلام قبول ڪيو. يعني پنهنجي طبقاتي نظام تان دستبردار ٿي غيرطبقاتي معاشري (اسلام) ۾ داخل ٿيا هئا، پر ايراني ۽ رومن سلطنتن جي حڪمرانن سندن پيغام ۽ نظام کي ختم ڪرڻ جو سعيو شروع ڪري ڏنو هو. ايران جي شهنشاھه سندن گرفتاري لاءِ ماڻهو موڪليا هئا ۽ روم، عرب تي حملي ڪرڻ لاءِ فوجون جمع ڪيون هيون.
    سندن وفات بعد سندن خليفن سندس عمل کي جاري رکيو. خلفائ الراشدين جي طرف کان همعصر شهنشاهن ۽ بادشاهن کي ٽي شرط پيش ڪيا: (1) اسلام قبول ڪريو يعني پنهنجي طبقاتي ۽ رياستي آئين تان دستبردار ٿي برادريءَ ۾ شامل ٿيو. اسلام قبول ڪرڻ سان کين زمين جي ذاتي ملڪيت هجڻ ۽ رياستي آئين جي خاتمي جي ڪري انساني مساوات کي قبول ڪرڻو هو. (2) اطاعت ڪريو يعني ذاتي طور تي پنهنجي مذهبن تي رهندي، رياستي نظام تان دستبرداري يعني وياج جي خاتمي، جاگيرداري ۽ سرمائيداري تان دستبرداري، (3) جنگ!
    طبقاتي نظام ۽ رياستي آئين تي ڪاربند مغرور بادشاهن سندن چالاڪ ۽ رشوت خور وزيرن جاگيردار اميرن ۽ وياج خور سرمائيدارن لاءِ ٽئي شرط موت جو پيغام هئا. متڪبر بادشاهن ۽ سندن پيدا ڪيل جاگيردارن ۽ وياج خور سرمائيدارن جن پورهيت عوام کي حيوان سمجهي، سندن ڪلهن تي چڙهي سواريون ڪيون هيون، سندن زالن کي سريتون ۽ داشتائون ڪري رکيو هو،جن ملڪ ۾ غربت پيدا ڪرائي، چڪلا قائم ڪرايا هئا. سندن نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ کين علم ۽ هنر کان وانجهو رکيو هو. جن کين جانور سمجهي کين پاڻ ۾ يا خونخوار شينهن سان ويڙهائڻ ۾ سندن موت جي تماشي مان پنهنجي وحشي دلين لاءِ تفريح جو سامان مهيا ڪيو هو، جن جي ڪٺور دلين ۾ عورت جي فطري عصمت جو ڪوبه قدر ۽ احساس باقي نه رهيو هو. جن جي سون ۽ هيرن جواهرن سان سينگاريل تختن، فلڪ بوس قلعن، وسيع محلاتن، پگهاردار فوجن، نوڪرن چاڪرن، دلن ۽ دلالن خوبرو ڇوڪرن، نازڪ اندام ٻانهن، ماهه وش راڻين. سُرور ۽ موسيقي، شراب ۽ ڪباب جي محفلن، درٻارن جي شان ۽ شوڪت جي هيبت ۽ جلال کان پورهيت عوام جا ڪنڌ سندن اطاعت ۾ جهڪيل ۽ ٻانهون سينن تي ٻڌل رهنديون هيون، جن جي ڀاڙتو اديبن، لغو گو شاعرن ۽ پالتو عالمن جن سندن نسلي شجري کي مٽي ۽ خون مان پيدا ٿيل آدم ۽ حوا عليهم السلام سان ملائڻ جي عيوض، کين سج ۽ چنڊ، ديون ۽ ديوتائن سان ملائي ڇڏيو هو، انهن لاءِ اهي مٿيان ٽئي شرط موت جي پيغام کان گهٽ نه هئا.
    صحابه ڪرامن سان جنگ ڪرڻ جي حالت ۾ کين خبر هئي ته سندن رياستي نظام جو پيڙيل ۽ ڪچليل عوام سندن اقتدار جي بيمار جسم کي پنهنجي تازي خون سان جيارڻ جي بجاءِ صحابه ڪرامن جي مدد ڪري، پنهنجي گردنن ۾ غلامي، مفلسي ۽ عدم مساوات جي پيل ڳٽ کي لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيندو ۽ ٿيو به ائين! صحابه ڪرامن جي فتوحات جهڙي تيز رفتاري اڄ ڏينهن تائين دنيا جي ڪنهن به انقلابي تحريڪ يا اڳواڻ کي حاصل نه ٿي سگهي آهي.
    قديم يونان وانگر انهيءَ رياستي آئين هڪ صنف جي حيثيت ۾عورت ذات کي بقول اينگلس ”هڪ ذليل وٿ، محض هڪ اولاد پيدا ڪرڻ جي بي جان مشين، شهوت پرستي جو هڪ ذريعو ۽ مرد جي هٿن ۾ هڪ بيوس رانديڪو بنائي ڇڏيو هو.“ اسلامي نظرئي ۽ صحابه ڪرامن جي فتوحات ۽نياتي نظام (اسلام) انهيءَ صورتحال کي بلڪل بدلائي ختم ڪري ڇڏيو هو.
    زمين جي ذاتي ملڪيت هجڻ ۽وياج ۽ ان مان پيدا ٿيل رياستي نظام يعني ملوڪيت کي ڇو حرام قرار ڏنو ويو آهي؟ انهي سموري نظام کي حرام قرار ڏيڻ جو مکيه ۾مکيه سبب هي آهي ته انهن جي نافذ ٿيڻ سان بني نوع انسان ۾ عدم مساوات پيدا ٿئي ٿي؟ جيڪا ڳالهه توحيد جي عملي پهلو جي نفي ڪري ٿي. زمين جي ذاتي ملڪيت هجڻ۽ وياج مان رزق حلال جا ٻئي بنيادي پهلو محنت ۽ جوکم ناپيد هوندا آهن. زمين جي ذاتي ملڪيت بنجڻ بعد دولت زمين جي مالڪ طبقن وٽ گڏ ٿيڻ شروع ٿئي ٿي ۽ معاشري ۾ زمين تي قابض ۽ غيرقابض طبقا پيدا ٿين ٿا. زمين تي قابض طبقا ذاتي ملڪيت کي جواز ڏيڻ ۽ ان جواز کي قائم رکڻ لاءِ رياست جي ادارن کي وجود ۾ آڻين ٿا. جيڪا پگهاردار پوليس ۽ فوج جي ادارن وسيلي زمين تي قابض ٿيل طبقن جو بچاءُ ڪرڻ ۽ بي زمين پورهيت عوام کي پيڙڻ ۽ کين مغلوب رکڻ لاءِ ڪتب آندي وڃي ٿي. سڪو، پيدا ٿيندي هر شيءِ، ۽ هر انسان ۽ سندس پورهئي ۽ حيثيت کي قيمت ڏئي ٿو. خود زمين کي قيمت ملي ٿي ۽ سڪي جي آمد سان واپاري طبقو پيدا ٿئي ٿو. جيڪو زمين جي پيدائش جي مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ ڪتب اچي ٿو. واپاري ٻن مٽا سٽا ڪندڙ فردن يا ادارن ۾ دلال طور ڪم ڪندي ڪندي سموري ملڪي پيدائش تي قابض ٿيڻ بعد خود پيدائش ڪندڙ وسيلن تي قابض ٿي وڃي ٿو.
    ان ڪري معاشرو ڦري ٻن مکيه طبقن کائو (ڦورو) ۽ ڪمائو يعني ڦريل طبقن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. کائو طبقو پنهنجي لوٽ کسوٽ کي قائم ۽ دائم رکڻ خاطر رياست جي اداري کي پيدا ڪري ٿو ۽ فوج ۽ پوليس کي منظم ڪري ڪمائو طبقن تي کائو طبقي جي حڪمراني کي مضبوط ڪري ڇڏي ٿو. اها رياست پهريائين ملڪي حدن ۾ رهي ڪمائو طبقي جي پگهر ۽ خون تي نپجي ملوڪيت جو روپ اختيار ڪري ٿي ۽ اڳتي هلي پاڻ کان گهٽ مهذب ۽ ڪمزور پاڙيسرين ۽ معاشرن، قومن ۽ ملڪن کي فتح ڪري مٿن پاڻ وارو رياستي نظام نافذ ڪري سامراجي ديو يعني شهنشاهيت جو روپ اختيار ڪري ٿي.
    قديم زماني ۾ يعني ايام جاهليه ۾ يورپ، يونان، روم، ايران، چين، هندستان، مصر ۽ عراق پڻ رياستي نظام هيٺ زمين جي ذاتي ملڪيت جي ملڪيت ٿي پوڻ، ٻانهپ جي ادارن کي قائم ڪرڻ بعد، سڪي ۽ واپار ۽ وياج خوري (سرمائيداري) ۽ جاگيرداريت کي قائم ڪرڻ بعد شهنشاهيت ۽ سامراج جو روپ اختيار ڪري هڪ ٻئي کي فتح ڪري انساني معاشري کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو هو.
    نبيﷺ جن رياست جي نظام جي ٻنهي بنيادن (وياج، سرمائيداري ۽ زمين جي ذاتي ملڪيت هجڻ جي نظرئي جاگيرداريت) کي پاڙون پٽي ٻنهي استحصالي نظرئي ۽ سندن علمبردارن بادشاهن، سردارن جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سندن رياستي نوڪر شاهيت کي ختم ڪري ڇڏڻ سان سماج ۾ ڦورو (کائو) ۽ ڦريل (ڪمائو) طبقن کي مساوات جي درجي تي بيهاري هڪ غيرطبقاتي يعني نياتي آئين جي نظام کي قائم ڪيو هو. سماج ۾ طبقن جي خاتمي سان عالمي تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ غيرطبقاتي نظام جو بنياد وڌو ويو هو. جنهن کي ثابت ڪرڻ لاءِ سندن حيات طيبه شاهد آهي. پاڻ نه ڪنهن زمين تي قبضو ڪري ان کي پنهنجي ذاتي ملڪيت بنايو هو ۽ نه وري دولت، سون، چاندي، هيرن، جواهرن، ڪوٽن ۽ قلعن محلاتن کي پنهنجي ورثي ۾ ڇڏيو هو. انهيءَ غيرطبقاتي نظام عربن کي هڪ متحد معاشرو بنائي ڇڏيو هو. جنهن جي هڪڙي ئي ٽڪر دنيا جي ٻن وڏن طبقاتي نظامن ايران ۽ روم جي شهنشاهن کي ختم ڪري ڇڏيو هو. جڏهن حق ظاهر ٿيو ته باطل (ڪوڙ يعني ڪوڙو نظام) ڀڄي ويو. بيشڪ! باطل کي ڀڄي وڃڻو آهي. مذهبي زبان ۾ باطل نظام يعني عدم مساوات تي ٻڌل رياستي طبقاتي نظام کي ڪفر ۽ غيرطبقاتي ۽ غيررياستي نظام کي اسلام (سلامتيءَ) جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي.
    ابوسفيان، ابوجهل، ابولهب ۽ سندن ساٿين ڪفر جي دور ۾ پنهنجي اقتدار، سرداري ۽ وياج خوريءَ جي ادارن کي بچائڻ خاطر ئي نبي ڪريمﷺ جي پُرزور مخالفت ڪئي هئي. سندن مڪي شريف مان هجرت ڪري مديني کي پنهنجي تبليغ ۽ نظام کي مرڪز بنائڻ جي ڪري ئي هنن ساڻن جنگيون ڪيون هيون پر ڪامياب نه ٿي سگهيا هئا. اهي مخالفتون، جنگيون ۽ تنازعات طبقاتي مفادن کي بچائڻ خاطر ئي ڪيون ويون هيون، نه ته ذاتي طور تي منجهن ڪابه ظاهري خواه باطني عداوت ۽ ڪدورت نه هئي. نبي ڪريمﷺ جن سندن لخته جگر سندن معزز سردار عبدالمطلب جا پوٽا ۽ ابولهب جا سڳا ڀائٽيا هئا. نبي ڪريمﷺ نبوت جي اعلان کان اڳ ۾ به سندن نظرن ۾ امين هئا ۽ نبوت جي اعلان کان پوءِ به مٿن ڪنهن به عرب ڪوڙ ڳالهائيندڙ، ظالم هجڻ ۽ خيانت ڪندڙ جو الزام نه ڌريو هو.
    مديني شريف کي تحريڪ جي مرڪز بنائڻ وقت سڀ کان پهريائين مهاجر قريش ۽ مديني جي انصارن جي وچ ۾ قبائلي نظام هيٺ برادري جو رشتو قائم ڪيو ويو هو. يعني مهاجرن کي انصارن جي قبيلن ۾ داخل ڪيو ويو ۽ ٻيو اقتصادي طور تي سمورن صحابه ڪرامن کي پنهنجي ملڪيت جو اڌ بيت المال ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. اڌ ملڪيت جو ڏيڻ رضاڪارانه طور رکيو ويو هو. يعني رياستي نظام جي بلڪل برعڪس ڪابه ڍل نه رکي وئي هئي ۽ زڪوات جي اداري کي فقط صاحب، صاحبن تائين محدود رکيو ويو هو.
    ايام جاهليه ۾ بنو اميه عربن جا سردار ۽ قومي جهنڊي جا پاسبان هئا. هينئر انهيءَ نظام کي ختم ڪري قديم روايتي سربراهي کي ختم ڪري ان جاءِ تي گڏيل شوريٰ يعني صحابن جي اجتماعي ليڊرشپ کي قائم ڪيو ويو ۽ انهيءَ ۾ صحابن جي اسلام قبول ڪرڻ ۾ سبقت ۽ خدمتن جي بنيادن تي صحابه جي اهميت کي مقرر ڪيو ويو هو. جنهن موجب انهن ڏهن صحابه ڪرامن جي راءِ کي وڏي ۾ وڏي اهميت ڏني ويندي هئي، جن کي عشرة المبشرين جي نالي سان ياد ڪيو ويو هو. جن ۾ زيد بن ثابت جهڙو آزاد ڪيل غلام به شامل آهي. انهيءَ اقتدار جي ورهاست بعد ۾ اسلام قبول ڪندڙ صحابه ڪرامن کي ٻئي نمبر جي اهميت تي رکيو ويو هو. انهيءَ ثانوي اهميت وارن صحابن ۾ عرب جي روايتي سردار اعليٰ يا شيخ العرب ابوسفيان بن حرب به شامل هو.
    نبي ڪريمﷺ ۽ سندن مخالفن جي وچ ۾ جنگيون ۽ قتل ڪنهن ذاتي عداوت، ملڪ گيري ۽ مفاد لاءِ نه هئا، ان ڪري مڪي شريف جي فتح کان پوءِ ڪنهن به سابق مخالف کان ڪوبه وير نه ورتو ويو هو ۽ نه وري ڪنهن شخص کي سندس ڪفر جي حالت ۾ ڪيل ڪارنامن جي پاداش ۾ سزا ڏني وئي هئي. فتح مڪي کانپوءِ باقي جزيرة العرب جي قبيلن تي فوج ڪشي نه ڪئي وئي بلڪ انهن قبيلن ۽ سردارن وفدن جي صورت ۾ پيش خدمت اچي نبي ڪريمﷺ جي هٿن تي نئين غيرطبقاتي نظام (اسلام) سان پنهنجي وفادارين جو اعلان ڪري بيعت ڪئي هئي ۽ اسلام ۾ داخل ٿيا هئا. فوج ڪشي وسيلي ڪنهن ملڪ يا معاشري کي تابع ڪرڻ رياستي نظام تي عمل ڪندڙ نظام وارن جو طيره امتياز هوندو آهي.
    ايام جاهليه ۾ بنو اميه جي قومي جهنڊي جا پاسبان هئا. اسلا م ۾ داخل ٿيڻ بعد هينئر هو اسلامي جهنڊي ۽ نظام جا سرگرم علمبردار بنجي ويا هئا. اسلام سان سندن وفاداريون ايتري قدر ته مضبوط هيون جو جڏهن نبي ڪريمﷺ جن وفات ڪرڻ فرمائي ۽ عرب سردارن موقعي جو فائدو وٺي عرب جي اقتدار تي قبضي لاءِ زڪوات ڏيڻ کان انڪار ڪري بغاوت جو اعلان ڪيو هو ته انهيءَ بغاوت يا ارتداد کي ختم ڪرڻ ۾ بنو اميه سردار ابوسفيان، عڪرمه بن ابي جهل، عمرو بن عاص، خالد بن وليد جو وڏي ۾ وڏو هٿ هو.
    اسلام جي آمد کان پوءِ عرب جو قديم نيم رياستي ادارو پنهنجي افاديت وڃائي خودبخود ختم ٿي ويو هو. جنهن جي جاءِ تي جمهوري قوتون زور وٺي ويون هيون. نبي ڪريمﷺ جن پنهنجي قول ۽ فعل سان عالمي تاريخ ۾ پهريون دفعو جمهوريت کي قائم ڪري پاڻ عرب جي رياست جا نه پر عرب جي معاشري جا سربراهه ٿيا هئا. جنهن کي جاري ۽ باعمل رکڻ لاءِ سندن وفات بعد صحابه ڪرامن جي گڏيل اڳواڻيءَ هيٺ خلافت جي جمهوري اداري کي قائم ڪيو ويو هو ۽ سموري جزيرة العرب جي عوام صحابه ڪرامن جي منتخب ڪيل خليفة المسلمين ابوبڪر رضي الله بن ابي قحافه جي خلافت جي توثيق ڪئي هئي. انهيءَ توثيق ۾ مسلمان عربن سان گڏ عرب جي غيرمسلمان رعايا، مثلن نجران جي عيسائي عربن، يمن جي انباء ۽ جنوبي عرب ۽ يمن جي يهودي عربن به ابوبڪر رضي الله جي خلافت جي توثيق لاءِ بيعت ڪئي هئي. انهيءَ کان اڳ يونان ۾ ووٽ جو حق فقط اٽيڪا جي اصلوڪن يونانين يعني آزاد ۽ صحاب نصاب (ملڪيت رکندڙ) يونانين ۽ روم جي اميرزادن کي حاصل هوندو هو پر ابوبڪر رضي الله جي پاران اهو حق عرب مسلمانن خواه غيرمسلمانن کي ڏيڻ سان معاشري جي نظام جي نه فقط غيرطبقاتي بلڪ غيرمذهبي يعني سيڪيولر هجڻ جو بنياد رکيو هو.
    انهيءَ انقلاب جو نتيجو ڇا نڪتو؟عالمي تاريخ يعني مهذب دور جي عالمي رياستي نظام هيٺ هلندڙ معاشرن ۾ پهريون دفعو حوا (عورت) پنهنجي عليه السلامي جو وڃايل مرتبو ۽ مقام وري ٻيهر حاصل ڪري ورتو هو. سرمائيداريت، جاگيرداريت ۽ ملوڪيت جي طبقاتي نظام عورت کي هزارها برا لقب ڏنا هئا. مٿس هر قسم جا ظلم روا رکيا ويا هئا. سندس وجود کي ناپاڪي ۽ نحوست جو مجسمو قرار ڏنو هو. اسلام عورت تان سمورا پليدائي جا تهه لاهي ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا. رياستي آئين جي خاتمي هڪ طرف ملڪي دولت ۽ اقتدار کي بادشاهن ۽ سندن ڪارندن کان کسي عوام جي هٿن ۾ ڏنو هو، جنهن مظلوم ۽ بي وس پورهيت کي الڪاسب حبيب الله بنائي ڇڏيو هو ۽ ٻئي طرف عورت ذات کي مرد سان مساويانه درجو ڏئي کيس مرد جي غلامي ۽ بالادستيءَ کان آزادي ڏياري هئي.
    هينئر مرد ۽ عورت جي شادي ۽ نڪاح، سماجي ۽ ازدواجي حيثيت مساويانه درجو حاصل ڪيو هو. زمين ۽ عورت جي آزاديءَ سان انساني معاشرو انهيءَ منزل تي پهتو هو جنهن منزل تي هو نه وحشي دور جي گروهي شادين واري دور ۾ پهچي سگهيو هو ۽ نه وري غيرمهذبيت جي دور جي، جفتي شادين ۾ ۽ نه وري خود نام نهاد مهذب دور يعني رياستي آئين واري طبقاتي نظام جي هڪ مڙس هڪ زال واري درجي تي پهچي سگهيو هو. پنهنجي نظرئي دور ۽ سماجي انقلاب ۽ غيرطبقاتي نياتي آئين جي ترجماني ڪندي، نبي ڪريمﷺ جن عمرو بن عاص جيڪو ذات السلاسل جي غزوه تان فتحياب ٿي موٽيو هو ۽ نبي ڪريمﷺ کان سوال ڪيو هو ته، توهان کي دنيا ۾ ڪهڙي پياري ۾ پياري شيءِ آهي؟ جنهن جي جواب ۾ پاڻ سڳورن بلڪل واضح، صاف ۽ غيرمبهم لفظن ۾ اعلانيه طور تي چيو هو ته، ”مونکي دنيا ۾ پياري شيءِ (اُم المومنين) عائشه آهي“ اهو عورت ذات جنهن تي بقول اسان جي فاضل مصنف ڪامريڊ اينگلس پليدائي جا تهه چڙهي چڪا هئا، انهيءَ عورت يعني ام المومنين عائشه صديقه  جي لحاف ۾ هڪ موقعي تي جبرائيل امين نبي ڪريمﷺ تي وحي نازل فرمايو هو. يعني ام المومنين عائشه صديقه  جو لحاف اها پڪ جاءِ هئي جنهن ۾ اهو ڪلام نازل فرمايو ويو هو، جنهن کي نور جي نالي سان سڏيو ويو آهي.
    اسلام جي نياتي آئين ۽ نظام ام المومنين عائشه صديقه  ۾ ايترو حوصلو ۽ جرائت پيدا ڪئي وئي هئي جو هن هڪ عورت ٿي ڪري، پاڻ سان راڄ ساڻ ڪري امير المومنين علي ابن ابي طالب کان جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ عظيم جرنيل، شجاع ترين انسان، اسد الله الغالب هو شهيد خليفي اميرالمومنين عثمان بن عفان رضي الله جي قاتلن کي هٿ ڪري کانئن قصاص وٺڻ لاءِ جنگ جمل ۾ فوجن جي اڳواڻي ڪئي هئي. هيءَ جنگ جمل انهن عرب فاتحن جي پهرين گهرو لڙائي هئي. جن جي هڪڙي يلغار سان هزارين سالن جي قائم ڪيل رياستي آئين وارين قديم سلطنتن ايران ۽ روم کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو هو. هن جنگ جي اڳواڻي مشهور فاتح ۽ جرنيل ابوموسيٰ اشعري، معاويه بن ابي سفيان ۽ عمرو بن عاص، سعد بن ابي وقاص نه ڪري رهيا هئا، بلڪ هڪ عورت، نبي ڪريمﷺ جن جي پياري زوجه اسلامي معاشري ۽ نظام جي خاتون اول، اڌ دين جي سيکاريندڙ، سابق خليفي اول ابوبڪر رضي الله جي نياڻي عائشه صديقه  ڪري رهي هئي. زبير بن عوام ۽ طلحه جهڙا متبرڪ مجلس شوريٰ جا رڪن عشرة المبشرين جي درجي جي صحابن سندن اڳواڻي هيٺ وڙهڻ کي هڪ سعادت سمجهيو هو.
    اسين جيڪڏهن ام المومنين جي ميدان جنگ تي ڏنل خطبي کي غور سان پڙهنداسين ته، معلوم ٿيندو ته ڄڻ ڪو عظيم جرنيل پنهنجي فوج کي خطاب ڪري رهيو آهي. ميدان جنگ ۾ ام المومنين جي ثابت قدمي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ لاجواب مثال آهي. اهڙي عظيم عورت لاءِ ميدان جنگ تان ڀڄي وڃڻ يا بزدلي ڏيکارڻ جو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. ام المومنين جو بنفس نفيس ميدان جنگ تي نڪري اچڻ جي عمل امير المومنين علي ابن ابي طالب رضي الله جي خلافت جي موقف کي ايتري قدر ته عوام جي نظرن ۾ لوڏي ڇڏيو هو جو ان جا قدم آخري وقت تائين پختا ٿي نه سگهيا هئا. اها ئي حالت ٻين صحابيات جي پڻ هئي. جن ۾ صفيه بنت عبدالمطلب، اسماء بنت ابي بڪر، هنده زوجه ابي سفيان ۽ ٻيون پڻ شامل آهن.
    اسلام پاڻ کان سواءِ دنيا جي باقي ٻين سمورن نظامن ۽ نظرين کي جاهليه ۾ شمار ڪري ٿو. هو پنهنجي پيش ڪيل نظام ۽ نظرين کي مڪمل ۽ سندس اشاعت ڪندڙ نبي کي آخرالزمانﷺ شمار ڪري ٿو ۽ عقيدو رکي ٿو ته کانئس بعد ڪوبه ٻيو نبي اچڻو نه آهي. ان وقت جي دنيا ۾ چار مکيه معاشرا ۽ تهذيبون موجود هيون: (1) رومن تهذيب (عيسائي)، (2) ايراني (زرتشت)، (3) هندو (آريه)، (4) چيني تهذيب (ٻُڌ).
    انهن چئن تهذيبن کان اڳ ۾ مصري، يوناني، ڪلداني، اشوري. بابلي، حميرائي ۽ سنڌي معاشرا ۽ تهذيبون فنا ٿي چڪيون هيون يا مٿن تهذيبن ۾ ضم ٿي چڪيون هيون.
    مٿي ذڪر ڪيل سمورن قديم خواه اسلام جي همعصر معاشرن ۽ تهذيبن جي تاريخ جي مطالعي مان هڪ حقيقت مشترڪ طور تي ملي ٿي ته، اهي سمورا معاشرا سلطنتون ۽ تهذيبون انهيءَ دور تي پهچي رو زوال ٿيون هيون، جنهن دور کي اسان جو فاضل عالم ڪامريڊ اينگلس ۽ ٻيا يورپي عالم مذهب دور جو نالو ڏين ٿا، يعني تهذيب جو اهو دور جنهن ۾ انساني مهذب معاشرا ۽ تهذيبون رياستي نظام ۾ داخل ٿي پنهنجن معاشرن کي طبقن ۾ ورهاست ڪري ڇڏين ٿا. اها ورهاست خودبخود هڪ عظيم سياسي ۽ سماجي بحراني ڪيفيت ۽ ڪشمڪش جي دور ۾ داخل ٿيڻ جي ڪري وجود ۾ آئي هئي ۽ انهيءَ بحراني ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ معاشرن ايتري قدر ته سخت ڪشمڪش ڪئي هئي جو انهن جون سموريون طبقي، اخلاقي، سماجي، سياسي، فوجي ۽ اقتصادي قوتون ضايع ۽ ختم ٿي ويون هيون. جنهن جي نتيجي ۾ ڪي معاشرا ۽ تهذيبون بلڪل فنا ٿي آثارقديمه جي صورت وٺي بيهي رهيون هيون ۽ جيڪي اڃا زنده رهجي ويون هيون، اهي به موت ۽ حياتيءَ جي سڪرات جي ڇڪتاڻ ۾ مشغول ٿي چڪيون هيون. رياست جي اداري جي ٺاهڻ جي نڪتي تي پهچندي ئي سندن عروج جي نه پر سندن زوال جي دور جي شروعات ٿي وڃي ٿي.
    ان ڪري چئبو ته معاشري يا تهذيب ۽ رياست جي اداري جو پيدا ٿي پوڻ ئي سندن زوال جي دور جي شروعات ٿيڻ جي هڪ چٽي علامت هوندي آهي. جڏهن ڪو معاشرو پنهنجون وطني حدون ٽپي رياستي نظام جي سهاري پاڙيسري ملڪن کي فتح ڪري سامراج ٿيڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندو آهي ته اها حقيقت خود هن امر جو واضح ثبوت پيش ڪري ٿي ته اهو معاشرو پاڻ ۾ پيدا ٿيل طبقاتي ڪشمڪش جي منهن موڙڻ لاءِ سامراج ٿي پوڻ جي راهه وٺي ٿو. جيڪا کيس موت سان همڪنار ڪرڻ لاءِ وڏي تيزي سان عمل ڪندي آهي. ان ڪري هر قوم ۽ معاشري جي سامراجي دور جو عرصو سندس نياتي دستور واري دور جي مقابلي ۾ تمام ننڍو ٿيندو آهي. جنهن بعد انهيءَ قوم جو سج ٽٻي هڻي وڃي ٿو ۽ اها وري ڪڏهن به دنيا جي تاريخ ۾ ٻيهر عظمت جو مقام حاصل نه ڪري سگهندي آهي، بلڪ غلام ٿي پوندي آهي ۽ ڪڏهن ته مورڳو پنهنجو وجود وڃائي آثارقديمه جي صورت وٺي سامان عبرت مهيا ڪندي آهي. اهڙي زوال جي ابتدائي دور کي اسين غيرمهذب دور مان نڪري مهذب يعني ان کان بهتر ۽ افضل دور ۾ داخل ٿيڻ هرگز سڏي نٿا سگهون. بلڪ اسان کي چوڻ گهرجي ته انهيءَ رياستي يعني طبقاتي نظام جي نافذ ٿيڻ سان معاشرو هڪ غيرطبعي، غير مهذب ۽ وحشي دور ڏانهن موٽ کائي ٿو.
    ڪامريڊ اينگلس جي تحقيق موجب گروهي شاديون وحشي دور جون حفتي شاديون غيرمهذب دور جي ۽ هڪ مڙس هڪ زال واريون شاديون مهذب يعني رياستي آئين واري دور جون علامتون آهن، پر اسين ڏسون ٿا ته مهذب دور جي پرهه ڦٽي سان معاشري ۾ زمين ذاتي ملڪيت هجڻ جو نظريو پيدا ٿئي ٿو ۽ زمين تي قابض گروهه معاشري کان هڪ ڌار ۽ جدا طبقي جي صورت وٺي پنهنجي مفادن ۽ حاصلات کي بچائڻ خاطر هڪدم رياست جي اداري کي پيدا ڪري کيس مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جنبي وڃي ٿو ۽ اهو زمين ۽ دولت تي قابض طبقو خودبخود ڪٽنبي طور تي هڪ مڙس هڪ زال وارين شادين جي دور ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. انهيءَ دور ۾ داخل ٿيندي ئي اهو طبقو پاڻ سان معاشري ۾ معاشي بدحالي، طبقاتي لوٽ کسوٽ، رياستي نوڪرشاهي، عورت جي بيوس ۽ ذليل حالت، غلامي، چڪلا ۽ زناڪاري، ويا ج خوري ۽ گروي، فحاشي ۽ بي حيائي، ظلم ۽ استبداد گڏايو کنيو اچي ٿو. انهيءَ رياست جي اداري جي وسيلي، ذاتي ملڪيتن تي قابض اقليتي طبقو ملڪ ۽ معاشري جي غالب ترين اڪثريت يعني ذاتي ملڪيتن کان محروم ٿيل پورهيت طبقن تي هر قسم جو ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ ذاتي ملڪيتن جي بچاءَ لاءِ هڪ مڙس هڪ زال واريون شاديون رواج ۾ اچن ٿيون. پهريائين ذاتي ملڪيتن تي قابض طبقي ۾ ۽ انهن جي اثر هيٺ پورهيت طبقن ۾ يعني الناس علي دين ملوڪهم- عوام حڪمرانن (طبقن) جي دين تي هلندو آهي.
    رياستي ۽ طبقاتي نظام جي نافذ ٿيندي ئي عورت مرد جي غلام ٿي پوي ٿي، ونيون ٻنيون آهن. ٻنين جي غلام ٿيندي ئي ونين جي شادين مان پڻ شوق ارادو-عشق ۽ محبت ايجاب ۽ قبول جي اعليٰ ترين انساني اقدار جو قتل عام ٿئي ٿو. منجهائن جذبو ۽ روح نڪري وڃي ٿو. انسانن جي جاين تي ٻن بي روح جسمن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هينئر ٻئي، گهوٽ خواهه ڪنوار عشق ۽ محبت جي محور جي چوگرد نه پر ذاتي ملڪيتن ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي هوس جي محور جي چوگرد ڦرڻ لڳن ٿا. ان ڪري رياستي ۽ طبقاتي نظام هيٺ عورتن ۽ مردن جون شاديون خانه آباديون نه پر سندن عصمت جونيلام شروع ٿيڻ لڳي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ معاشري ۾ هڪڙ امجبوريءَ کان بي زمين پورهيتن جا اگهاڙا ۽ کليل چڪلا ۽ ٻيا اقتدار ۽ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ذاتي ملڪيتن تي قابض طبقن جاگيردارن، زميندارن، وياج خور واپارين ۽سرمائيدارن ۽ راشي نوڪرشاهي طبقن جا گهرن جي پردي جي اندر لڪل، ظاهري طور تي نڪاح جي باريڪ چادر ۾ ويڙهيل چڪلا وجود ۾ اچي وڃن ٿا. اکين وارا زنده انسان انڌي دولت جي جانڊاهه ۾ پيڙجڻ شروع ٿي وڃن ٿا، ذاتي ملڪيتن تي قابض ٿي ويل طبقا رياست جي مدد سان اقتدار تي قابض ٿي وڃڻ بعد دولت ۽ طاقت جي نشي ۾ بدمست ٿي ضمير وڃائي ويهن ٿا ۽ بي زمين ۽ اقتدار کان محروم طبقا ظلم جي جانڊاهه ۾ پيڙجي بي وس ٿيڻ بعد بي ضمير ۽ بزدل ٿي پون ٿا.
    ان ڪري اهڙي معاشري ۾ انساني اقدار اعليٰ، مثلاً عزت نفس، غيرت، صله رحمي، شجاعت، سخاوت، شرم ۽ حيات جو برسر نيلام ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو. معاشري ۾ انسان جي فطري منزلت ڪري مسمار ٿي وڃي ٿي. مطلب ته حضرت انسان جيڪو اشرف المخلوقات ۽ زمين تي الله تعاليٰ جو نائب آهي، ان ڪري هن ڪائنات تي سندس نالي ۾ حڪمراني ڪرڻ جي هام هڻي ٿو. ذاتي ملڪيت (زمين) وياج خوري ۽ رياست جي اداري جي معاشري ۾ پيدا ٿيندي ئي الله تعاليٰ جي نائبي جي مرتبي تان ڪري دولت ۽ اقتدار جي هوس ۾گرفتارٿي ڪائنات جي ٻين مادي شين وانگر خود سندس وجود، خدمات، اهليت، عزت ۽ وقار عصمت ۽ شرافت جي پڻ قيمت ڪٿجڻ شروع ٿئي ٿي.
    ان ڪري چئبو ته، سماجي طور تي هڪ مڙس هڪ زال وارو نام نهاد مهذب نه پر جفتي شادين واري سماجي دور يعني غيرمهذبيت جو ٽيون درجو، انساني معاشري جي حقيقي عروج جو دور آهي. جنهن ۾ ٻني جي آزاد هجڻ جي ڪري وني پڻ آزاد ۽ باوقار هوندي آهي. مرد جي حڪمراني ۽ بالادستي کان آجي هوندي آهي، ان ڪري ٻنهي انسانن جي وچ تي صنفن جي وچ ۾ مساوات هوندي آهي، ان ڪري جيڪڏهن اسين چئون ته، نام نهاد مهذب يعني رياستي آئين واري طبقاتي دور واري درجي تي پهچي معاشرو مهذب وحشي دور ڏانهن موٽ کائي ٿو ته وڌيڪ موزون ۽ صحيح ٿيندو. فرق فقط هڪڙو آهي ته تاريخ جي وحشي دور ۾ انسان لاشعوري طور تي وحشي هوندو آهي. سندس طبيعت ۾هڪ معصوم ٻار وانگر جبلتي طور تي انصاف، حياء ۽ عصمت موجود هوندا آهن، پر کيس شعوري طور تي انهن جذبن جي موجودگيءَ جو ڪو به احساس ۽ خبر نه هوندي آهي. پر نام نهاد مهذب يعني رياستي آئين واري دور ۾ دخل ٿيندي ئي کيس پنهنجي وجود جي بقا کي قائم رکڻ لاءِ بي حيا، بي رحم ۽ بي عصمت بنجڻو پوي ٿو. جيتوڻيڪ هو فطري ۽ جبيلاتي طور تي پنهنجن انهن سفلي جذبن کي غلط به سمجهندو آهي. يعني ڪل مولود يولد علي الاسلام هر ڄمڻ وارو شخص اسلام (سلامتي ۽ مساوات) ۾ پيدا ٿئي ٿو. يعني کيس معاشري جو رائج غلط ۽ غيرفطري رياستي ۽ طبقاتي نظام بي حيا، بي رحم، لالچي ۽ بي عصمت ٿي پوڻ تي مجبور ڪري وجهندا آهن ۽ کيس خود پنهجن فطري جبلياتي ڪيفيت يعني ضمير جي خلاف عمل ڪرڻو پئجي ويندو آهي.
    حضور ڪريمﷺ ۽ سندن دوست صحابه ڪرامن خلفائ راشدين ۽ بنواميه واري قرون اوليٰ جي دور ۾ هڪ مڙس هڪ زال وارين شادين جو دور وجود ۾ آيو هو.سندن معاشرو زناڪاري ۽ فحاشي، ظلم ۽ استبداد کان پاڪ هو. معاشري جي پاڪائي، مساوات ۽ انساني اقتدار اعليٰ جي موجودگي قرون اوليٰ جي معاشري ۾ ذاتي ملڪيت (زمين ۽ وياج) رياستي ۽ طبقاتي آئين جي پيدا نه ٿيڻ جي ڪري هو نه ته هو پڻ اسان وانگر خاڪي آدم زاد هئا.
    نبي ڪريمﷺ جن جي ولادت باسعادت کان پنج هزار کن ورهيه اڳ ۾ حضرت انسان رياستي آئين واري طبقاتي دور ۾ داخل ٿي چڪو هو. جنهن کي سڌاري سنواري نياتي ۽ غيرطبقاتي نياتي آئين واري صراط المستقيم تي موٽائي وٺي اچڻ لاءِ وقت بوقت انبيائ ڪرام ايندا رهيا هئا. جيڪي کين موٽائي وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجي وقت جي حالتن پٽاندر تبليغ ڪندا رهيا هئا پر سندن ڪوششن ۾ اها همه گيري پيدا ئي نه ٿي سگهي هئي، جيڪا نبي ڪريمﷺ جي اسوه حسنه، قول ۽ فعل ۾ موجود هئي. ان ڪري سندن گذري ويل ۽ همعصر دورن کي ايام جاهليه سڏڻ بلڪل موزون ۽ صحيح هو. کانئن اڳ ۾ آيل انبياء ڪرامن نياتي ۽ غيرطبقاتي آئين کي زندگي جي مقصد ۾نصب العين بنائڻ جي باوجود به هنن ڪنهن نه ڪنهن حد تائين وقت جي رياستي ۽ طبقاتي آئين سان تعاون ڪيو هو. مثلن گوتم ٻڌ رياستي آئين سان مقابلي ڪرڻ جي بجاءِ دنيا کي تياڳ ڪري رياستي آئين سان اڻ سڌو تعاون ڪيو هو. هن غريب کي هن حقيقت جي خبر نه پئجي سگهي هئي ته معاشري ۾ ظلم ۽ استبداد، بي حيائي ۽ فحاشي جو بنياد سندس خانداني راجائپ ۽ رياستي آئين هو. ان ڪري ابدي نريوان حاصل ڪري سگهڻ جو راز انهيءَ راجائپ واري اداري ۽ طبقاتي نظام جي خاتمي ۾ آهي ۽ نه رهبانيت، تياڳ يا جيو رکيا ۾ يا گوشت نه واپرائڻ ۾ سمايل آهي. گوتم ٻڌ جي گيان مان انسان فقط انفرادي طور تي لاطمع ٿيڻ سکيو هو. پر زنده رهڻ لاءِ بکشن کي ٻين جي درن تي پنڻ کان نه روڪيو ويو. گوتم ٻڌ جي تعليمات سان بني نوح انسان کي اجتماعي طور تي منصف مزاج ٿيڻ ۽ ظلم سان مقابلوڪري ان کي ختم ڪري سگهڻ جو ڪوبه نسخو حاصل نه ٿيو هو.
    موسيٰ  يهودين کي فقط قبائلي خدا ۽ کين بني نوع انسانن ۾ چونڊيل قوم هجڻ جو تصور پيش ڪيو هو. جنهن نسخي عارضي طور يهودين کي فلسطين ۽ آس پاس جي علائقن ۽ قبيلن کي فتح ڪرڻ جو موقعو عطا ڪيو هو، پر انهيءَ چونڊيل قوم هجڻ جي نظرئي کين انساني برادري جي نظرن ۾ايتري قدر ته ڌڪاريل بنائي ڇڏيو جو يهودي دنيا جي ڌڪاريل قوم بنجي وئي. هن برابر يهودين کي وڏي ڪاميابيءَ سان مصر مان فرعون جي غلامي ۽ طبقاتي نظام کان ڇوٽڪارو ڏياريو هو، پر هنن سندس زندگيءَ ۾ ئي هڪ سرمائيدار جي اثر ۾ اچي سوني گابي جو بت ٺاهي ان جي پوڄا ڪئي ۽ سندس ڪيل محنت تي پاڻي ڦيرائي ڇڏيو هو.
    يوسف  هڪ رياستي نظام جي بادشاهه جي زيردستيءَ ۾ وزير ٿي ڪم ڪيو هو. عيسيٰ  روح الله هجڻ جي دعويٰ جي باوجود چيو هو: جيڪو الله تعاليٰ جو هجي سندس سپرد ڪريو ۽ جيڪي ڪجهه بادشاهه جو هجي، سندس سپرد ڪيو. دائود  ۽ سليمان  پاڻ بادشاهت جو ڇٽ پائي بادشاهت ۽طبقاتي نظام جو جواز مهيا ڪيو. ابراهيم  نمرود سان فقط نظرياتي جنگ لڙيو هو. پر انهيءَ نظام کي ڊاهڻ لاءِ ڪوبه عملي قدم نه کنيو هو. مطلب ته ڪائنات جي خالق ۽ مالڪ الله تعاليٰ جي وحدانيت ۽ ان ڪري بني نوع انسان جي مساوات (نياتي آئين) جي نظرياتي ۽ عملي پهلوئن کي جيتري چٽائي، بيباڪي، محبت، شجاعت ۽ سياڻپ سان دنيا جي سامهون پيش ڪيو هو، ان جو مثال کانئن اڳ واري خواه همعصر دنيا ۾ خواه کانئن بعد ۾ ايندڙ مصلحن مان ڪوبه پيش نه ڪري سگهيو آهي.
    جڏهن قريش سردارن ۽ وياج خورن جون سموريون تدبيرون ناڪامياب ثابت ٿيون ته هنن کين عرب جي بادشاهه ٿيڻ جي آڇ ڪئي هئي.
    نبي ڪريمﷺ جن عرب جي بادشاهه ٿيڻ يا بي انداز دولت قبول ڪرڻ يا ڪنهن پري پيڪر عورت سان شادي ڪرڻ وارين آڇن کي قبو ل نه فرمائي، ذاتي ملڪيت ۽ ان مان پيدا ٿيل بادشاهيت، جاگيرداريت، سرمائيداريت جي طبقاتي نظام حيات جي نظريي ۽ فلسفي کي رد ڪندي ۽ طبقاتي نظام جي سببان مرد جي عورت تي بالادستي ۽ عدم مساوات کي نيست ونابود ڪندي زمين مان پورهيو ڪري پيداڪيل رزق تي فقط پورهيت جي حق کي تسليم ڪندي وياج کي حرام قرار ڏيندي، سمورن گذري ويل انبيائ ڪرامن جي نصب العين، مقصد، مدعا ۽ پيغام کي پنهنجي مزاج، قول. فعل، عمل ۽ اسوه حسنه جي وسيلي سچو ثابت ڪندي، نبي ڪريمﷺ جو اعليٰ مرتبو حاصل ڪري ورتو. ان ڪري انساني معاشري ۽ فطرت ۾ ڪوبه اهڙو انساني قدر باقي نه رهيو هو، جنهن جي تڪميل ڪرڻ لاءِ ڪنهن نئين نبي جي بعثت جي بني نوع انسان کي ضرورت پوندي هجي.
    ان ڪري نبي ڪريمﷺ کان پوءِ ڪنهن به نالي ۽ لقب هيٺ ڪنهن نبي جي ظهور جو نظريه باطل ۽ ڪوڙ آهي. رياستي آئين جي طبقاتي نظام جتي غلط، ناڪاره، ظالمانه ۽ غيرفطري هجڻ جو خود ان ۾ اعتقاد رکندڙ حضرات ۽ ان تي عمل ڪندڙ بادشاهن ۽ سندن ڇاڙتن کي ايتري قدر ته سخت احساس هوندو آهي جو سياست جو علم ۽ عمل سندن ئي رياستي لغت ۾”بدمعاشن جي راند“ جي لفظن ۾ هڪ مشهور محاورو آهي ۽ ٻئي هٿ تي نياتي آئين جي مساوات عدل، سچ ۽حق، نيڪ نيتي ۽ خدمت خلق جي جذبي ۽ اصولن تي ٻڌل هجڻ جي ڪري، ملڪ ۽ قوم جو سياسي معاشري جي نظرن ۾ رسول الله، خليفة المسلمين، اميرالمومنين، جهڙن پيارن نالن سان ياد ڪيو ويندو آهي.


    ابوبڪر خان مگسي
    15/02/1981


    پيش لفظ

    (چوٿين اشاعت بابت)

    منهنجو ”ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات“ لکيل ڪتاب گذريل ڇهن مهينن کان وٺي مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ ٿي ويو هو. مون واري ڪتاب جو ناشر مون کي ساڳئي ڪتاب کي وري نئين سر تاليف ڪرڻ لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، پر منهنجون ٻيون مصروفيتون مون کي انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ وقت نٿيون ڏين، اڳين ڪتاب جي تاليف ۽ اشاعت کي پورا ست ورهيه گذري چڪا آهن.انڪري وقت جي گذرڻ سان گڏ ڪٽنب جي ساخت، نوعيت ۽ نظرئي ۾ پڻ اصلاح ۽ واڌارو ٿيندو رهيو آهي. انهيءِ واڌاري جي اچڻ جي ڪري مون کي به انهيءَ موضوع تي وري نئين سر وڌيڪ تفتيش ۽ کوجنا ڪرڻي پئجي وئي آهي.
    ان ڪري مون کي به ڪتاب جي سابق مسودي تي وري ٻيهر نئين سري سان اونهي نظر وجهڻي پئجي ويئي ۽ مون ڪيترين ئي جاين تي گهربل واڌارو ڪري سابق مسودي کي موجوده سائنسي حالتن سان ٺهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    هن نئين مسودي واري ڪتاب جي پيش لفظ لکڻ لاءِمون باڪوفن کان مارگن تائين واري دور ۾ ڪٽنب جي تاريخ ۾ آيل واڌاري جو تفصيلي جائزو ورتو آهي. مون کي اها ضرورت ان ڪري به پيش آئي آهي ته انگريزي زبان ۾ ”قبل تاريخي دور جي مڪتبه فڪر“ ۾ ”جنگ بازي“ واري نظرئي ۽ عقيدي مٿس پنهنجو وڏو اثر وڌو آهي. انهيءَ مڪتبه فڪر وارن عالمن وڏي چالاڪي ۽حرفت سان هڪ طرف مارگن واري قبل تاريخي معاشري لاءِ پيش ڪيل انقلاب آفرين نظريات کي ”خاموش رهڻ“ جي تلوار سان قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ٻئي طرف وڏي بي شرمائي ۽ دليريءَ سان سندس پيدا ڪيل اثر مان فائدو وٺڻ جون ڪوششون به ڪندا رهيا آهن. پر انهيءَ ميدان ۾ انگريز مورخين حضرات اڪيلا نه آهن.
    معاشري ۽ منهنجي ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو هن امر مان لڳائي سگهجي ٿو ته مون واري ڪتاب جا يورپ جي بيشتر زبانن ۾ ترجما ٿي چڪا آهن، مثلن انهيءَ ڪتاب جو سڀ کان اول اطالوي زبان:“Le' Origine delln famiglia delln proprieta privita leldalla statver sione revi duta deil outore. dispasquate mar ignetti- Benevento 1885.” جي نالي سان ترجمو شايع ٿيو آهي.
    انهيءَ ترجمي جي اشاعت کان پوءِ رومانين زبان ۾:”Origina familei, proprietetei privaten statuli traducere de joan Nedejde”. جي عنوان سان ياسي شهر جي “Contamporenal” نالي هڪ رسالي ۾ ماهه سيپٽمبر 1885ع کان 1888ع تائين قسطوار شايع ٿيندو رهيو ۽ان کان پوءِ ڊينش زبان ۾ Familia prevatej endammens og Statens O pridelse Dansk of furfalern gennemg aetudgare basarget of Gerson Frier Kobonhavn 1880 جي نالي سان Henri Revi's (هينري ريو) نالي هڪ عالم ان جي جرمن واري زبان واري نسخي واري ڪتاب جو فرينچ زبان ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو.
    1860ع کان اڳ ۾ ڪٽنب جي تاريخ جي متعلق ڪو به ڪتاب نه لکيو ويو هو. انهيءَ ڪمي ۽ خيال جو وڏ ۾ وڏو سبب هي هو ته سمورا يورپي مورخ انهيءَ موضوع تي انجيل مقدس ۾ موسيٰ  وارن پنجن بابن جن ۾ پدرانه قسم واري ڪٽنب جو ايترو ته تفصيلي ذڪر موجود آهي، جنهن جيترو تفصيلي ذڪر مذڪوره ماضي جي ڪنهن به ٻئي الهامي خواه دنياوي تاريخي ڪتابن ۾موجود نه هو. انهن پنجن بابن کي انجيل مقدس ۾ نه رڳو ڪٽنب جي تاريخ ۾ هڪ حتمي حيثيت ڏنل آهي. بلڪ ڪثرت ازواج جي هڪ اداري ۽ نظام جي طور تي کين خارج از امڪان ڪندي، پدرانه ڪٽنب جو محض هڪ اهڙو قديم ترين نمونو تسليم ڪيو ويو هو، جنهن مان موجوده دور وارو بورزوا قسم وارو ڪٽنب پيدا ٿيو آهي. ٻين لفظن ۾ بورزوا طبقو ۽ سندس عالم سڳورا ته ماڳهين ڪٽنب جي اداري جي تاريخي ارتقائي عمل کان ئي انڪار ڪندا رهيا آهن. ڄڻ ته ڪٽنب واري تاريخي ارتقائي عمل ۾ سچ پچ ته ڪا به تاريخي ارتقا عمل ۾ ئي نه آئي آهي. ڪٽنب جي تاريخ جا اهي علماءَ سڳورا انهيءَ واضح تاريخي حقيقت کي فقط ايتري قدر مڃڻ لاءِ تيار هئا ته قديم ترين زماني ۾، برابر هڪ منجهيل سنجهيل بي ترتيبي قسم جي جنسي لاڳاپن جي دريافت ٿي سگهڻ جا امڪان، جيڪي ”هڪ مڙس هڪ زال“ وري اداري سان گڏ قائم هئا ۽ اڃا تائين به ڪن ملڪن ۽ قومن ۾ موجود آهن. مثلن انهن عالمن کي مشرقي قسم جي ”هڪ مڙس گهڻين زالن“ ۽ ٿٻيٽ ۽ هندستان جي ڪن علائقن ۾ وري ”هڪ زال گهڻن مڙسن“ وارن ادارن جي پڻ خبر هوندي هئي، پر کين انهن موجود، زنده ۽ حاضر ادارن کي تاريخي طور تي هڪ سلسلو ڏئي لکڻ ۽ منجهانئن پيدا ٿيندڙ نتيجن جي ڪابه پروڙ نه هوندي هئي. سندن خيال موجب اهي سمورا ادارا ڄڻ ته پاڻ مرادو بنا ڪنهن تاريخي تسلسل جي پيدا ٿي پيا هئا. ان ڪري انهن عالمن به انهيءَ قسم جي شادين کي ڪنهن قسم جي ڪارآماد تاريخي سلسلي ڏيڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي هئي. هنن صاحبن انهن ٽنهي سلسلن کي محض هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ڪري ڏيکاريو هو. ان جي باوجود به هن حقيقت کي مڃيو به ويو هو ته قديم ترين زمانن کان وٺي موجوده جديد دور واري دنيا ۾ڪن قديم خواه موجوده دور جي وحشي قبيلن ۾نسل ۽ پيڙهين جو تعين اڄ به پيءُ جي بجاءِ ماءُ جي طرف کان ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري اهڙن قبيلن ۾ اڄ به فقط مادرانه شجري کي صحيهح تسليم ڪيو ويندو آهي.
    موجوده جديد دور ۾ به اهي وڏا انساني گروهه جن کي قومون ۽ معاشرا سڏيو وڃي ٿو، انهن ۾ به شادين ڪرڻ لاءِ ڪي بندشون (محرمات ۽ غيرمحرمات) مقرر ڪيل هونديون آهن. سندن نظامن جي به پوري ريت کوجنا نه ڪئي ويئي آهي. انهن بندشن وارن قسمن واريون رسمون دنيا ۾گهڻو ڪري سمورين قومن ۽ ملڪن ۾ موجود آهن پر عالمن کي انهن حقيقت ۽ تفصيلات جي پوري خبر نه هوندي آهي. اهڙين رسمن بابت اسان کي روز بروز نت نوان مثال ملندا رهن ٿا. ايترين معلوم حقيقتن جي باوجود به موجوده دور جا عالم ۽ محققين حضرات انهن ادارن کي سلسليوار بيهاري ڪا مقرر ترتيب ڏئي نه سگهيا آهن. ايتري قدر جو مسٽر اِي- بي ٽيلر E.B.Taylor جهڙو وڏو مورخ به پنهنجي ڪتاب Reserches into the Eerly historly of Mankind and the Development of Civilisation-18 ۾ انهيءَ ساڳي حقيقت کي ڪنهن سلسلي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو.
    هي صاحب انهن حقيقتن کي فقط ”عجيب رسمون“ جو نالو ڏئي ماٺ ڪري ويهي رهيو آهي. ٽيلر صاحب انهن عجيب رسمن کي وحشي قبيلن ۾ رائج بدسوڻ قرار ڏيندي کين رسومات جي زمري ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. انهن رسمن مان هڪڙي رسم هيءَ به آهي ته وٽن ڪنهن ٻرندڙ ڪاٺي کي لوهي اوزار سان چورڻ به هڪ بدسوڻ هوندو آهي. سندس خيال موجب اهي عجيب رسمون مذهب جي پيدا ڪيل خرافات ۾ شامل آهن. ڪٽنب جي تاريخ جو باقاعده مطالعو ۽ تفتيش 1861ع کان پوءِ شروع ٿي آهي. انهيءَ سال ۾ باڪوفن Backafan جو جڳ مشهور ڪتاب Mother Right (مادرانه حق) شايع ٿيو هو. انهيءَ ڪتاب ۾ فاضل مصنف هيٺين مسئلن تي طبع آزمائي ڪئي آهي:
    1- ته قديم ترين زماني ۾ بني نوع انسان هڪ اهڙي عام جنسي ميلاپ ڪرڻ جي هڪ اهڙي دور مان گذري هئي، جنهن کي فاضل مصنف(Hataerism) ”سريت بازي“ جو نالو ڏنو آهي.
    2- ته انهيءَ ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ جو نتيجو هي نڪتو هو ته ڪنهن به شخص کي پيءُ جي سڱ جي ڪابه خبر نه هوندي هئي. ان ڪري نسلي شجرو مادرانه طور تي ياد ڪيو ويندو هو. اهو مادرانه شجري جو رواج گهڻو ڪري قديم دور جي سموري بني نوع انسان ۾ عام طور تي رائج هوندو هو.
    3- ته ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته عورتون مادرانه حق واري حيثيت ۾ نسل جون مورث عاليه شمار ڪيون وينديون هيون. ان ڪري پنهنجي نوجوان نسل وٽ وڏو احترام حاصل ڪنديون هيون. انهيءَ احترام جو نتيجو هي نڪرندو هو ته خود ملڪي انتظاميه (حڪومت) هلائڻ به وٽن مادرانه نظام Gynecocracy هلندو هو.
    4- ته هڪ مڙس هڪ زال جي درجي تائين پهچڻ ۾ جتي هڪ وقت تي هڪ مڙس جي فقط هڪ زال هوندي آهي، ٻين اکرن ۾ هڪ وقت ئي فقط هڪ مرد جي زال ٿئي ٿي. اها رسم ڄڻ ته انهيءَ قديم مذهب کان هڪ کليل بغاوت هوندي هئي، جنهن ۾ گهڻن مڙسن کي هڪ ئي زال تي ساڻس جنسي ميلاپ ڪرڻ جو حق هوندو هو. انهيءَ مذهب جي ڀڃڪڙي ڪرڻ لاءِ هي ڪفارو مقرر ڪيل هوندو هو ته عورت جي هڪ کان وڌيڪ مڙسن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ واري حق (فرض) کان بچي فقط هڪ مڙس جي زال بنجي رهڻ واري فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس انهيءَ حق کي (قبيلي کان ۽ بعد ۾ معاشري کان) خريد ڪرڻو پوندو هو. يعني انهيءَ عورت (زال) کي پاڻ(پنهنجي بدن) کي عارضي طور تي ڪنهن مقرر ڪيل ميعاد لاءِ ڪنهن (غير مرد يا ڪن (غير) مردن) جي حوالي ڪرڻ ذريعي اهو حق حاصل (خريد) ڪرڻو پوندو هو.
    انهيءَ نتيجي تي پهچڻ ۾ قديم ڪلاسيڪي ادب، باڪوفن جي گهڻي مدد ڪئي آهي. قديم ڪلاسيڪي ادب ۾ سوين نه بلڪ هزارين اهڙا مثال ۽ حوالا ملن ٿا جيڪي باڪوفن واري پيش ڪيل دليل کي صحيح ثابت ڪن ٿا. باڪوفن به انهن مثالن ۽ حوالن کي گڏ ڪري پيش ڪرڻ لاءِ وڏي جان فشاني ۽ عرق ريزي کان ڪم ورتو آهي.
    سندس نظريه ۽ تحقيق موجب سريت بازي جي اداري (ٻنهي مرد توڙي عورت جي طرف کان) ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي درجي تائين پهچڻ واري عرصي ۾، خاص طور تي قديم يوناني معاشري ۾ مذهبي طور تي ارتقا ڪئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ قديم يوناني معاشري ۾ مذهبي طور تي ديوين جي جاين تي نوان (مرد) ديوتائون براجمان ٿيندا آيا هئا. انهيءَ امر مان معاشري جي تبديل ٿيندڙ مزاج جي ڀلي ڀت پروڙ پئجي سگهي ٿي. انهيءَ ارتقائي عمل ۾ قديم دور واريون ديويون آهستي آهستي گهٽبيون گهٽبيون نظرن کان اوجهل ٿي ويون هيون ۽ سندن جاين تي نوان نوان (مرد) ديوتائون آهستي آهستي نڪرندا نروار ٿيندا ويا هئا. پر جيڪڏهن ڪن حالتن ۾ ديويون بلڪل غائب نه به ٿي ويون هيون ته به، اهي هڪ آزاد مرتبي تان لهي، ديوتائن جي تابع ٿينديون ويون هيون. اهو امر معاشري جي انهيءَ بدليل فقط نگاهه جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن ۾بدلجي ويل سماجي حالتن جي ڪري اهو معاشرو قديم رواياتي نقطه نظر کان بدلبو آخرڪار پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو ۽ هڪ تازو سڄر ۽ نئون نڪورو نقطه نظر اچي سندس جاءِ والاري ٿو. ڇاڪاڻ ته روايتون اصل ۾ زندگيءَ جون اهي حالتون ۽ ماحول هونديون آهن، جيڪي انسانن جي دلين ۾ مروجه مذهبي لاڙن جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪن ٿيون. معاشري ۾ نون سماجي حالتن ۽ ماحول جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري، مرد خواهه عورت جي گڏيل حيثيتن ۾ به تاريخي تبديليون رونما ٿيون هيون.
    انهيءَ نقطي کي نظرن ۾ رکندي، باڪوفن اسان جو ڌيان Oresteia of Aeschyles ايسڪيليس واري آريسيطا نالي ڪتاب جي واقعي ڏانهن هڪ پراثر ڊرامائي اندز ۾ ڇڪائي ٿو. انهيءَ قصي ۾ مادرانه حق کي زوال پذير حالت ۾ ۽ پدرانه حق کي فاتحانه انداز ۾ظهور ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. قديم يونان جي انهيءَ دور کي تاريخ ۾ سورمائي دور سڏيو ويو آهي.
    هن قصي ۾ ڪليتم نستر Clytem Nertra پنهنجي مڙس اگاميمنان Agamemnon کي پنهنجي عاشق (آهر يا يار) Augisthus آگسٿوس جي ڪري قتل ڪري ٿي. اگاميمنان ٽروجن جنگين مان تازو فاتح ٿي موٽيو هو. ڪليتم نسترا جو اگاميمنان مان ڄاول پٽ آرسطس Orests پنهنجي پيءُ جي خون جي پلاند ۾ پنهنجي ماءُ ڪليتم نسترا کي قتل ڪري ٿو ڇڏي. انهيءَ قتل جي ڏوهه جي پاداش ۾ ايرنيس ديوتا جيڪو مادرانه حق جو محافظ آهي. آرسطس کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ايرنيس جي نظرن ۾ آرسطس سڳي ماءُ کي قتل ڪري هڪ ناقابل معافي شيطاني ڏوهه ڪيو هو. Appollo اپولو ديوتا جنهن پنهنجي طرفان القاءِ وسيلي آرسطس کي ماءُ کي قتل ڪرڻ تي آماده ڪيو هو. اٿينا Athena ديوي کي وچ ۾ پئي فيصلي ڪرائڻ لاءِ زور ڀري ٿو. هي ٻي ديوي ۽ ديوتا جيڪي پدرانه حق واري نظام جا تائيد ڪندڙ ديوتائون آهن، آرسطس کي قصاص طور قتل ٿي وڃڻ کان بچائين ٿا، انهيءَ ڪارروائي جي دوران آرسطس ۽ ايرنيس ديوتائن جي وچ ۾ وڏو تڪرار ۽ بحث مباحثو ڇڙي پوي ٿو. آرسطس پنهنجي مقتولا ماءُ تي ٻٽي قتل ڪرڻ جو الزام ڌري ٿو، يعني سندس نظرن ۾ ۽ عقيدي موجب ماءُ پنهنجي مڙس کي قتل ڪرڻ سان گڏ آرسطس جي پيءُ کي به قتل ڪرڻ جو ڏوهه ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته ايرنيس ديوتا ڪليتم نسترا جهڙي خونڻ ۽ ڏوهارڻ کي ڇڏي فقط اڪيلي آرسطس تي مقدمو داخل ڪري هڪ وڏي ناانصافي ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته سندس ڏوهه جي ڏٺي، ماڻس کانئس به وڌيڪ سنگين قسم جو ڏوهه ڪيو هو. ارنيس ديوتا انهيءَ الزام جو هڪ خوبصورت جواب ڏئي ٿو:
    هو چوي ٿو ته: ”جنهن شخص (اگاميمنان) کي سندس زال ڪليتم نسترا قتل ڪيو آهي، انهيءَ جو ڪليتم نسترا سان ڪوبه خون جو رشتو ڪونه هو.“ يعني ته هن جو هڪ اهڙي شخص کي قتل ڪرڻ سان، جنهن جي ملزم ڪليتم نسترا سان ڪوبه خون جو رشتو نه هجي، خواه اهو شخص سندس مڙس به ڇو نه هجي، سندس نظرن ۾ سندس عقيدي موجب ڪو به ڏوهه ڪونه ڪيو آهي. ان ڪري ايرنيس ديوتا انهيءَ ڏوهه کي ڪابه اهميت نه ٿو ڏئي ۽ پلاند طور قتل ڪرڻ جو مقصد ۽ مطلب ئي هوندو آهي، فقط خون جي رشتي وارن ۽ مائٽن جو پلاند وٺڻ. انهيءَ حساب سان پنهنجي ماءُ کي ڪنهن هڪ غير (رشتيدار) شخص جي قصاص ۾ قتل ڪرڻ هڪ بدترين قسم جو ڏوهه آهي، پر اپولو ديوتا آرسطس جي طرف کان مداخلت ڪري ٿي. اٿينا ديوي Areopagites ايريوپيگاٽيز ديوتا کي امين مقرر ڪري ٿي.
    هينئر آرسطس جي فائدي ۾ مخالفت ۾ امينن جا هڪ جيترا ووٽ ٿي پون ٿا. اٿينا ديوي عدالت جي صدر جي حيثيت ۾ پنهنجو صدارتي ووٽ به آرسطس جي حق ۾ ڏئي ٿي ۽ آرسطس قتل جي ڏوهه مان آزاد ٿي وڃي ٿو. ايرنيس جي طرف وارا ديوتائون جيڪي ثانوي درجي جا ديوتائون آهن، خود ايرنيس ديوتا تي فتح حاصل ڪن ٿا. يعني هن ڪلاسيڪي افسانوي مقدمي ۾ پدرانه حق کي مادرانه حق تي غالب پوندو ڏيکاريو ويو آهي ۽ ديوتائون مقدمي هارائي پنهنجي شڪست کي قبول ڪري معاشري جي نئين رائج الوقت آئين موجب پنهنجي ثانوي درجي جي حيثيت کي قبول ڪن ٿا.
    آرسطس واري انهيءَ ڏندڪٿا کي قديم يوناني ڪلاسيڪي ديومالائي ادب ۾ هڪ بهترين قصو شمار ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ ڏندڪٿا جو پنهنجي ڪتاب ۾ حوالو ڏيڻ خود هن امر کي ظاهر ڪري ٿو ته باڪوفن پاڻ به آرسطس جي سچائيءَ ۾ ايترو ئي ايمان رکي ٿو جيترو اوپولو ۽ ايسڪليس ديوتائون پنهنجي دور ۾ رکندا هئا، سندس عقيدو آهي ته قديم يونان واري سورمائي دور ۾ديوين ۽ ديوتائن طرفان مادرانه حق کي رد ڪري پدرانه حق کي رائج ڪرڻ وارو انقلابي عمل خود هڪڙو وڏو ڪمال ۽ معجزو هو.
    مٿئين ڏندڪٿا مان هيءَ حقيقت به ظاهر ٿئي ٿي ته اهو نظريو جنهن موجب مذهبي يعني انساني عقلن ۽ اعتقادن جن عالمي تاريخ ۾ هڪ فيصله ڪن ڪردار ادا ڪيو آهي، اڳتي هلي پوڙها ٿي آخرڪار تصوف جو رنگ اختيار ڪري وڃن ٿا. ان ڪري باڪوفن واري ضخيم صوفيانه ڪتاب کي پڙهڻ به هڪ مشڪل ڪم آهي ۽ ان جي پڙهڻ ۽ مطالعي ڪرڻ مان ڪو وڏو لاڀ به حاصل ٿيڻو نه آهي. پر ان هوندي به انهيءَ موضوع تي باڪوفن جي هڪ اوائلي مفڪر هجڻ واري حيثيت تي ڪوبه اثر نه ٿو پوي. ڇاڪاڻ ته هي شخص ئي پهريون عالم آهي، جنهن قديم ترين زماني جي انهيءَ سماجي حالت، جنهن ۾ ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ جو عام رواج موجود هوندو هو، جي باري ۾ محض زباني جمع خرچ ڪرڻ کان ڪم نه ورتو آهي، بلڪ هن صاحب واضح طور تي ثابت به ڪري ڏيکاريو آهي ته قديم ڪلاسيڪي ادب ۾ انهيءَ سماجي حالت جا آثار جابجا پکڙيا پيا آهن. جن مان انهيءَ حقيقت جي خبر پوي ٿي ته يوناني ۽ ايشيائي قومن ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي رسم رواج ٿيڻ کان گهڻو اڳ ۾ اها حالت موجود هوندي هئي، جنهن ۾ نه فقط هڪ مرد جو هڪ کان وڌيڪ عورتن سان جنسي تعلق هوندو هو، بلڪ هر عورت جو پڻ هڪ کان وڌيڪ مردن سان تعلق هوندو هو. اهڙي قسم جي جنسي ميلاپ ڪرڻ سان، ڪنهن به مروج الوقت اصول ۽ قانون (شريعت) جي خلاف ورزي نه ٿيندي هئي.
    باڪوفن پڻ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته، جيتوڻيڪ اهو رواج اڄ موجود نه آهي، پر ان هوندي به معاشري ۾ سندس اثر اڃان به موجود آهي. فقط هڪ مڙس سان شادي ڪرڻ واري ازدواجي حق کي حاصل ياخريد ڪرڻ خاطر عورتن کي (معاشري جي رسم مطابق) مجبور ٿي پاڻ (جسم) کي هڪ محدود دائري جي اندر غيرمردن جي حوالي ڪرڻو پوندو هو. ان جو بنيادي سبب هي هو ته شروعاتي دور ۾ معاشرو مادرانه حق تي هلندو هو ۽ سندن شجرو ڌيءُ کان نانيءَ کان پڙنانيءَ کان تڙ ناني وغيره ۽ هيٺ ناني جي ڌيءُ (ماءُ) ان جي ڌيءُ (ڏوهٽي) ۽ ان جي ڌي وغيره تائين هلندو هو. اهو مادرانه حق جو نظريو ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري دور تائين قائم رهندو آيو هو. حالانڪ انهيءَ دور ۾هيءَ ڳالهه يقين سان چئي نه سگهبي هئي يا گهٽ ۾ گهٽ قبول نه ڪئي ويندي هئي، اولاد جو پيءُ ڪير شخص آهي؟ ۽ ڇاڪاڻ ته فقط اولاد جي ماءُ بابت يقين سان ڳالهه ڪري سگهبي هئي. ان ڪري انهيءَ دور جي ابتدائي زماني ۾ماءُ جو ۽ ان ڪري عورت ذات جو سماجي مرتبو تمام اوچو ۽ مٿاهون هوندو هو. ايتري قدر جو عورتن کي انهيءَ جهڙو سماجي مرتبو وري ڪڏهن به نصيب ٿي نه سگهيو آهي. يعني معاشري ۾ پدرانه شجري جي اجرائ ۽ عام ٿي وڃڻ بعد عورتن جو سماجي درجو خودبخود گهٽجي ويو آهي، پر انهيءَ شجري جي موجودگيءَ جي باوجود به، انهيءَ دور ۾ جڏهن پدرانه حق کي پڻ تسليم به ڪيو ويو هو، ماءُ جي، اولاد جي حتمي والده ماجده هجڻ واري نوعيت کي به معاشري ۾ پوري ريت تسليم ڪيو ويندو هو. معاشري ۾انهيءَ حق (والده ماجده هجڻ) جي موجودگي عورت ذات جي سماجي درجي کي بلند رکندي آئي هئي. پر بعد ۾ آخرڪار هلندي هلندي، سندس اهو توقير وارو درجو به ختم ٿي ويو هو.
    پر باڪوفن پنهنجي انهيءَ نظرئي جي پوري ريت وضاحت نه ڪري سگهيو آهي. انهيءَ حقيقت جي وضاحت ڪرڻ ۾ سندس صوفيانه نقطه نگاهه حائل رهي آهي، پر جيڪا هڪ ڳالهه هي صاحب ڪامياب طور تي ڪري ويو آهي، اها هيءَ هئي ته اهي قديم نظريا پنهنجي تاريخي صحت جي لحاظ کان بلڪل درست ۽ صحيح هئا.
    سندس انهيءَ نئين تحقيقات ۽ کوجنا 1861ع ۾ همعصر تاريخ جي عالمن ۾ هڪ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو هو. باڪوفن صاحب وارو ڪتاب جرمن زبان ۾ لکيل آهي. هي زبان انهيءَ قوم جي زبان آهي جيڪا قوم انهيءَ دور ۾ موجوده دور واري ڪٽنب جي تاريخي حيثيت ۾ ڪابه دلچسپي نه رکندي هئي. انهيءَ زبان ۽ سماجي ماحول ۾ ڪتاب لکڻ جي ڪري ئي باڪوفن گمنام رهندو آيو هو. خوش قسمتيءَ سان انهيءَ ميدان ۾ 1865ع ۾ سندس هڪ جانشين به پيدا ٿيو، پر هن کي باڪوفن جي محبت ۽ جاکوڙ جي ڪابه خبر ڪانه هئي.
    سندس اهو جانشين هو مئڪلينن صاحب جيڪو پنهنجي مزاج ۽ طبيعت جي لحاظ کان باڪوفن کان بلڪل اُلٽ قسم جو انسان هو. مئڪلينن هڪ ناميارو وڪيل هو، انڪري منجهس باڪوفن واري شاعرانه رنگيني ۽ تصوف وارو رنگ موجود نه هو. هن عالم هڪ پيشه ور وڪيل وانگر انهيءَ موضوع جي هر پهلوءَ تي دليل بازي ڪرڻ کان ڪم ورتو آهي. انهيءَ ساڳي حثيت کي ڌيان ۾ رکندي مئڪلينن چوي ٿو ته: ”موجوده خواه قديم دورن ۾ مهذب خواه غيرمهذب معاشرن ۾ شادي ڪرڻ جي هڪ اهڙي به رسم موجود هوندي هئي، جنهن ۾ گهوٽ کي اڪيلي سر يا ساٿين سان گڏجي پنهنجي ٿيندڙ ڪنوار کي سندس پيڪن مان زوري زبردستي کڻي وڃي ساڻس شادي ڪرڻ جو سانگ رچائڻو پوندو هو.“
    اها رسم گذري ويل دور جي انهيءَ رواج جي باقي رهيل نشاني هئي، جنهن ۾ هڪ قبيلي جا مرد ٻين قبيلن جي عورتن کي زوري زبردستي اغوا ڪري وڃي پنهنجون زالون بنائندا هئا. آخرڪار اهو زور زبردستي، اغوا ڪري وڃي شادي ڪرڻ جو رواج ڪيئن پيو هو؟
    ان جو جواب هي آهي ته، جيستائين گهوٽ واري قبيلي ۾ شادي ڪرڻ لائق ٻانهون موجود هونديون هيون. ان وقت تائين کين ٻين قبيلن جي عورتن کي زوري زبردستي اغوا ڪري ساڻن شادي ڪرڻ جي ڪابه ضروت نه پوندي هئي، پر اسين ڏسون ٿا ته، غيرمهذب قومن ۾ اهڙا به قبيلا موجود هوندا هئا ۽ اڄ به موجود آهن، جن ۾ قبيلي جي اندر شادين ڪرڻ تي بندش پيل هوندي هئي ۽ ساڳي رسم وٽن اڄ به زنده ۽ موجود آهي. انهيءَ ڪري انهيءَ قبيلي جي ڪنوارن مردن کي اها ضرورت پوندي هئي، يعني گهوٽن کي ڪنواريون ۽ ڪنوارين کي گهوٽ ٻاهرين قبيلن مان حاصل ڪرڻا پوندا هئا. ٻين قبيلن ۾وري هيءَ به رسم موجود هوندي هئي ته، انهن قبيلن جي مردن کي وري مجبور ٿي پنهنجي گروهه يا قبيلي اندر ڪنواريون هٿ ڪرڻيون پونديون هيون.“
    مئڪلينن پهرين قسم وارين شادين کي ”خارجي“ ۽ ٻئي قسم جي شادين ڪرڻ کي ”داخلي“ شادين جا نالا ڏنا آهن. انهيءَ حقيقت کي نظر ۾ رکندي هن صاحب اهڙن قبيلن کي خارجي ۽ داخلي شادين ڪرڻ وارا گروهه يا قبيلا سڏيو آهي. هن صاحب انهيءَ ڪوشش جي دوران هي به معلوم ڪري ورتو هو ته، خارجي قسم وارين شادين مان معلوم ٿئي ٿو ته، سمورين حالتن ۾نه،ته به گهڻين يا اڪثر حالتن ۾ اهو متضاد نظريو خود سندس پنهنجي ئي تخيل جي پيداوار هو پر ان هوندي به هن صاحب انهيءَ نظرئي کي پنهنجي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ واسطي هڪ بنيادي نظريي طور مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سندس انهيءَ نظرئي مطابق خارجي شاديون ڪندڙ گروهه يا قبيلا هر حالت ۽ صورت ۾ ٻين گروهن يا قبيلن مان زالون هٿ ڪن ٿا، يعني ساڻن شاديون ڪن ٿا. ان ڪري ٻئي قبيلا پاڻ ۾ دائمي طور تي جنگ و جدال ڪرڻ ۾ مشغول رهن ٿا. اها جنگ ۽ جدال ڪرڻ جي حالت ڦري اهڙن قبيلن جي حياتين جو هڪ جزو بنجي پوي ٿي ۽ اهي حالتون سندن انهيءَ اعتقاد ۽ زوري زبردستي ٻانهن کي اغوا ڪري ساڻن شاديون ڪرڻ جو نتيجو هونديون آهن.
    انهيءَ بحث کي جاري رکندي مئڪلينن صاحب چوي ٿو ته: ”آخر اها خارجي شادين ڪرڻ واري رسم ڪٿان پيدا ٿي هئي؟ انهيءَ قسم واري شادي ۾ خون جي رشتي جو ڪوبه واسطو موجود نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ قسم جو رواج تمام دير سان پيدا ٿيل نظر اچي ٿو.
    انهيءَ رسم جي بنياد پوڻ جو سبب هي به ٿي سگهي ٿو ته، انهن وحشي قبيلن ۾ ڇوڪرين کي ڄمندي ئي ماري ڇڏڻ جو رواج هوندو هو. اهو ساڳيو رواج اڄ به ڪيترين ئي وحشي قومن ۾ موجود آهي. انهيءَ قبيح ۽ ظالمانه غيرانساني رسم جي ڪري مختلف قبيلن ۾مردن جو تعداد ايتري قدر ته وڌي وڃي ٿو جو ان جو نتيجو هي نڪري ٿو ته، عورتن جي انهيءَ کوٽ کي ڀرڻ لاءِ وٽن ”هڪ عورت جي گهڻن مردن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ“ Polyandry جو رواج پئجي وڃي ٿو. انهيءَ رواج جو فطري نتيجو هي نڪرندو هو ته اولاد جي ماءُ جي ته هر شخص کي خبر هوندي هئي، پر پيءُ سدائين نامعلوم هوندو هو. ان ڪري اولاد جو شجرو به فقط ماءُ جي نالي ۾ هلندو هو. انهيءَ رواج کي ڪٽنب جي تاريخ ۾ ”مادرانه حق“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    قبيلي جي اندر عورتن جي کوٽ جو هڪ ٻيو نتيجو هي به نڪتو ته انهيءَ کوٽ کي ڀرڻ لاءِ، پر پوري طرح سان نه، هڪ عورت سان گهڻن مردن جي جنسي ميلاپ ڪرڻ وسيلي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي ۽ ساڳئي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين قبيلن جي عورتن کي زوري زبردستيءَ اغوا ڪري کڻي وڃي ساڻس زال طور شادي ڪرڻ جو هڪ باقاعده سلسلو شروع ٿي ويو هو.
    سندس هي به وڌيڪ چوڻ آهي ته، ”جيئن ته خارجي شاديون ۽ ”هڪ زال گهڻا مڙس“ واري شادي جو اصل ۽ بنيادي سبب هڪڙو ئي آهي، يعني مرد ۽ عورتن جي صنفن ۾ هڪ جيترائي پيدا ڪرڻ جو عمل، ان ڪري اسين مجبور ٿي هن نتيجي تي پهچون ٿا ته سمورا خارجي شاديون ڪندڙ قبيلا، معاشرا ۽ نسل اصل ۾ ”هڪ زال گهڻا مڙس“ وارا معاشرا هوندا هئا. ان ڪري اسان کي هن امر ۾ڪوبه شڪ شبهو ڪرڻ نه گهرجي ته خارجي شاديون ڪندڙ معاشرن ۽ نسلن ۾ اوائلي مٽي مائٽي به ضرور انهيءَ قسم جي هوندي جنهن ۾ خون جي رشتن کي فقط ماءُ جي وسيلي هلايو ويندو هو.“(Macknman- Studies in Ancient History of primitive marriages. P-124, 1886).
    اسان کي مئڪلينن کي سڀ کان اڳ ۾ هن ڳالهه لاءِ جس ڏيڻو پوندو ته هي صاحب ئي پهريون عالم آهي، جنهن اسان جو ”خارجي“ شادين ڪرڻ واري عام رواج ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، پر هي سمجهڻ ۽ چوڻ غلط ٿيندو ته هن صاحب ئي خارجي شادين ڪرڻ وارن گروهن کي ڳولي لڌو هو ۽ ان کان وڌيڪ هي چوڻ به سراسر غلط ٿيندو ته هن صاحب ئي انهيءَ حقيقت کي پوري ريت سمجهيو ۽ پروڙيو هو.
    مئڪلينن صاحب اها ڇڙوڇڙ معلومات مختلف مبصرن جي حوالن مان حاصل ڪئي هئي. ليٿام Letham پنهنجي ڪتابDenriptive Ethnology 1859 (تشريحي علم لانسان) ۾ انهيءَ ساڳي رواج کي پوري چٽائي ۽ وثوق سان هندستان ۾ مگيار قبيلن ۾ ڏٺو هو ۽ ان کي قلمبند ڪري ڇڏيو هو. جنهن بعد هن ثابت ڪيو هو ته اها ساڳي رسم اڄ به ٻين قبيلن ۾ پڻ عالمگير طور تي رائج آهي. مئڪلينن انهيءَ رسم کي پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ حوالي طور سندس ئي لفظن ۾ نقل ڪيو آهي.
    اسان واري دوست عالم مارگن صاحب 1847ع ۾ ايروڪواس اندين (آمريڪي) قبيلن متعلق پنهنجن انهن لکيل خطن ۾ جيڪي (American Review) آمريڪن رويو نالي رسالي ۾ شايع ٿيا هئا ۽ بعد ۾ 1851ع ۾ ساڳين شايع ٿيل خطن کي ڪتابي صورت ۾ (The League of Iroquois) جي نالي سان شايع ڪيو هو، موجب اها ساڳي رسم انهن آمريڪي انڊين قبيلن ۾ اڄ تائين جاري آهي.
    هن صاحب پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ هن رسم جو صحيح صحيح تفصيلي احوال لکيو آهي. جنهن جي برعڪس اسين ڏسون ٿا ته مادرانه حق جي سلسلي ۾ مئڪلينن جي هڪ وڪيل واري ذهنيت باڪوفن واري صوفيانه تخيل کان به وڌيڪ مونجهارو ۽ خلفشار پيدا ڪيو آهي، پر ان هوندي به اسان کي مئڪلينن صاحب کي هن خدمت ڪرڻ لاءِ جس به ڏيڻو پوندو ته هن عالم نه رڳو نسلي شجري ۽ مدرانه حق کي بنيادي طور تي قبول ڪيو آهي، بلڪ هن حقيقت جو به اقرار ڪيو اٿس ته، ”هن ڏس ۾ باڪوفن صاحب مون کان اڳ ۾ آهي.“
    انهيءَ قبوليت جي باوجود انهيءَ معاملي ۾ مئڪلينن پوري طور تي واضح نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو فقط ”عورت وسيلي مٽي مائٽي“ جي فقري کي دهرائيندو ۽ ساڳي عبارت کي وري وري ورجائيندو رهيو آهي. سندس اها عبارت شروعاتي دور لاءِ صحيح به آهي، پر هو انهيءَ کي انهن بعد ايندڙ دورن ۾، جن ۾ جيتوڻيڪ نسل ۽ ورثي ترڪي خالص مادرانه حسب نسب ۾ منسوب رکيو ويو هو ۽ خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين کي قبول به ڪيو ويو آهي پر ان جو اظهار وري به مرد واري حسب نسب ۾ به ڪيو ويو آهي، لاءِ به ڪتب آڻي ٿو. سندس اهو نظريو خالصتن انهن وڪيلن واري طور جو هوندو آهي، جن جي عادت هوندي آهي ته اهي صاحب هر معاملي کي قانون جي زبان ۽ اکرن ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر اهي عالم حضرات انهن حالتن، جن کي انهيءَ عرصي جي دوران غير لاڳو بنائي ڇڏيو هوندو آهي، کي نظرانداز ڪندا ايندا آهن.
    مئڪلينن وارو نظريو پنهنجي صحت جي باوجود به خود مصنف جي پنهنجن نظرن ۾ به ڪنهن ظاهر ظهور پختي پائي تي بيٺل نه هو. انهيءَ ساڳي حقيقت خود کيس ئي وڏي تعجب ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. هو لکي ٿو ته، ”عورتن کي اغوا ڪري ساڻن شادين ڪرڻ واري سانگ رچائڻ وارو رواج ظاهر ظهور انهن نسلن، جن ۾ مٽي مائٽي مرد جي طرف کان هلندي آهي، ۾ به موجود هوندو آهي ۽ هو انهن شادين کي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن.“ الخ ص 140.
    ”هي هڪ عجيب ڳالهه آهي ته، جيتري قدر اسان کي معلوم ٿي سگهيو آهي، اهڙي ڪابه جاءِ موجود نه آهي جتي خارجي شادين ڪرڻ جي رواج سان گڏوگڏ مٽي مائٽي ڪرڻ جي ٻي به ڪا پراڻي ۾ پراڻي صورت موجود هجي ۽ اتي ساڳئي قوت تي ٻارن (ڇوڪرين) کي ماري ڇڏڻ جو رواج به موجود هجي.“ الخ ص 140.
    مٿيون ٻئي لکتون خود سندس ئي پيش ڪيل تاويل کي سنئون سڌو رد ڪن ٿيون. ان ڪري هو پاڻ به مجبور ٿي پنهنجن ڏنل دليلن جي پاڻ نئين طور تي مخالفت ڪري ٿو ۽ ان لاءِ اڳين دليلن کان به وڌيڪ منجهائيندڙ مفروضا پيش ڪري ٿو.
    انهن تضادن جي باوجود به سندس نظريو انگلستان ۾ وڏي تائيد حاصل ڪري سگهيو آهي. انگريز عالمن ان ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو آهي. انگلستان ۾ مئڪلينن کي ”ڪٽنب جي تاريخ جو ابو“ ڪري مڃيو ويو آهي. کيس انهيءَ موضوع تي رئيس العلمائ طور قبول ڪيو ويو آهي. انهن خارجي ۽ داخلي شاديون ڪندڙ قبيلن جي وچ ۾ جيڪو فرق ۽ تضاد پيداڪيو ويو آهي، انهن جي ٿورين مستثنات کي ردوبدل ڪرڻ جي باوجود به، اهو مروجه نظرئي جو بنياد بنيو رهيو، جنهن جي انهيءَ حيثيت کي هر عالم تسليم ڪيو هو. انهيءَ تضاد عالمن جي اکين تي اهڙيون ته پٽيون ٻڌي ڇڏيون هيون جو ان جي باري ۾ ڪنهن وڌيڪ کوجنا ڪرڻ ۽ ان ۾ ڪو اضافو ڪرڻ ناممڪن بنجي ويو هو.
    انگلستان ۾ مئڪلينن واري نظرئي کي بي واجبي طور تي اهميت ڏيڻ هڪ علمي فيشن بنجي پيو هو. انهيءَ انگريزي رواج تي هلندي ٻين يورپي ملڪن ۾به سندس انهيءَ نظرئي هي نقصان پهچايو هو ته خارجي ۽ داخلي شاديون ڪندڙ قبيلن ۾ موجود تضاد ۽ فرق کي غلط طور تي نظرانداز ڪيو ويو هو. ايتري قدر جو سندس کوجنائن مان حاصل ڪيل سمورو لاڀ به ضايع ٿي ويو هو پر عالمن جي کوجنائن آخر هڻي وڃي هنڌ ڪيو. کوجنائون ڪندي ڪندي ڪيتريون ئي وڌيڪ اهڙيون نيون حقيقتون به ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون جيڪي سندس ايجاد ڪيل سانچي ۾ ماپي نٿي سگهيون پر ان هوندي به مٿن ڪوبه توجه نه ڏنو ويو هو. مئڪلينن صاحب کي فقط ٽن مختلف قسمن جي خبر هئي: (1) هڪ مڙس گهڻيون زالون، (2) هڪ زال گهڻا مڙس ۽ (3) هڪ مڙس هڪ زال.
    پر جڏهن مٿن وڌيڪ توجه ڏني وئي ته وڌيڪ ثبوت مهيا ٿيندا ويا ته ترقي يافته قومن ۾ اهڙي قسم جي شادين ڪرڻ جو رواج موجود هو جن ۾ مڙسن جو هڪ گروه پاڻ ۾ گڏجي زالن جي هڪڙي گروه سان گڏيل شاديون ڪندو هو. انهيءَ قسم جي شادي ڪرڻ جو ذڪر ليوباڪ صاحب به پنهنجي ڪتاب (Origin of Civilization 1870) تهذيب جو آغاز جي باب(Communal Marriages) فرقيوارانه شاديون جي عنوان سان ڪيو آهي ۽ اها آهي به هڪ تاريخي حقيقت!
    ليوباڪ کان هڪدم پوءِ يعني 1781ع ۾ مارگن جو ڪتاب شايع ٿيو. جنهن ۾هر لحاظ کان هڪ حتمي قسم جو وزندار ۽ سالم مواد موجود آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ هن عالم ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته، آمريڪا ۽ ايروڪواس انڊن قبيلن ۾ هڪ اهڙي قسم جو خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين ڪرڻ جو عجيب و غريب رواج موجود آهي، جيڪو آمريڪي کنڊ جي ٻين غيرمهذب معاشرن ۾ اڄ به عام طور تي رائج موجود آهي. حالانڪ مٽين مائٽين ڪرڻ وارو اهو طريقو ۽ سرشتو انهن رشتن جي بلڪل مخالف ۽ ابتڙ هوندو آهي، جيڪي اتي جي مهذب ازدواجي نظام مان پيدا ٿيندا آهن. ان ڪري هن صاحب متحده رياستون آمريڪا جي وفاقي سرڪار کي هن ڳالهه تي آماده ڪيو هو ته، هو کيس باقي دنيا جي ٻين قومن ۾ مروجه خون جي رشتن تي ٻڌل قرابت وارين صورتن بابت معلومات مهيا ڪري ڏئي. انهيءَ معلومات جي حاصل ڪرڻ لاءِ هن پاڻ هڪ سوالنامي ۽ ان سان گڏ شجرن جا خاڪا ۽ جدولون تيار ڪيون هيون، جن جي مدد سان هن آيل جوابن مان هڪ نقشو تيار ڪيو هو. جنهن مان کيس هيٺيون حقيقتون معلوم ٿيون هيون:
    1- ته آمريڪي انڊين قبيلن وارا مٽين مائٽين جا نظام ايشيا کنڊ جي ڪيترن ئي قبيلن ۾ اڄ ڏينهن سوڌو رائج آهن ۽ ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان آفريڪا ۽ آسٽريليا کنڊن جي غيرمهذب قبيلن ۾ به اڄ ڏينهن سوڌو موجود آهن.
    2- ته گروهي طور تي شادين ڪرڻ وارو نظام جيڪو بحرالڪاهل جي هوائي ٻيٽن ۽ آسٽريليا جي ٻيٽن ۾ رهندڙ قبيلن ۾موجود آهي ۽ هينئر بيروني اثر جي ڪري ختم ٿيڻ تي آهي. ان کي سمجهڻ جي وسيلي ئي انهيءَ نظام جي مڪمل طور تي وضاحت ڪري سگهجي ٿي.
    3- ته انهن ساڳين ٻيٽن تي، انهن شادين ڪرڻ وارن نمونن سان گڏوگڏ مٽين مائٽين ڪرڻ جو هڪ ٻيو نظام به موجود آهي، جنهن کي ان کان به هڪ قديم تر نظام جيڪو هينئر ختم ٿي چڪو آهي، جي وسيلي سمجهائي سگهجي ٿو.
    هن صاحب انهيءَ سموري حاصل ڪيل مواد ۽ ان مان حاصل ڪيل نتيجن کي ترتيب ڏئي پنهنجي مشهورڪتاب (Systems of Consenguinity and Affinities 1871) (خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين ۽ عزازپ جا نظام) ۾ شايع ڪرائي ڇڏيو هو. سندس انهيءَ ڪتاب بحث مباحثي کي هڪ وڏي ۽ بي پايان وسعت ڏئي ڇڏي آهي ته انهيءَ موضوع تي هن عالم پنهنجي تحقيق ۽ کوجنا ڪرڻ لاءِ، انهيءَ نظام کي هڪ ابتدائي نقطه طور ڪتب آڻيندي، ڪٽنب جي نمونن کي انهيءَ نظام جي مطابقت ۾آڻي ڇڏيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس انهيءَ محنت ۽ جاکوڙ، انهيءَ موضوع تي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جا دروازا کولي ڇڏيا هئا. انهيءَ کوجنا جي وسيلي هن صاحب انساني تاريخ جي قديم ترين دور جي تحقيق ۽ تفتيش ڪرڻ جي ڏس ۾ نين دريافتن ڪرڻ جي عمل کي ممڪن بنائي ڇڏيو هو.
    اسين جيڪڏهن مارگن جي انهيءَ طور ۽ طريقي تي کوجنا ڪرڻ کي صحيح تسليم ڪريون ٿا ته پوءِ مئڪلينن صاحب وارا حاصل ڪيل نتيجا ۽ دعوائون پاڻ مرادو ڪافور ٿي وڃن ٿيون. مارگن جي انهيءَ ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ کوجنا ڪرڻ جي ميدان ۾ هڪ معرڪو شروع ٿي ويو هو. مئڪلينن صاحب پاڻ هڪ محض مفروضي مان هڪ مصنوعي نموني جي تاريخ ٺاهي جوڙي راس ڪئي آهي پر هو هڪ وڪيل وانگر ور ڏئي مارگن ۽ ليوباڪ کان سندن پيش ڪيل نظرين جي صحت جي باري ۾ ڪن حتمي ثبوتن جي پيش ڪرڻ جي اهڙي ريت طلب ڪري ٿو جيئن ڪو اسڪاٽلينڊ جو جج پنهنجي اطمينان خاطر وٽس ڪنهن پيش ٿيندڙ وڪيل کان ڪنهن حتمي قسم جي دليل ۽صحت جي پيش ڪرڻ جي گهر ڪندو آهي.
    ساڳي ريت هيءَ گُهر به هڪ اهڙي عالم جي طرفان ڪئي وڃي ٿي، جنهن پاڻ تاسيت جي ڪتاب (Germnia) جرمانيه باب 0 2 ۾ جرمن معاشري ۾ سڳي مامي ۽ ڀاڻج جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي بابت ڪيل ذڪر ۽ جوليس سيزر جي انهي رپورٽ جو ته، ”برٽن لوڪن ۾ رواج هوندو هو ته ڏهن ٻارهن مردن جو گروهه پاڻ ۾ گڏجي ايترين ئي عورتن جي گروهه سان گڏيل شادي ڪندو هو.“ جا پنهنجي ڪتاب ۾حوالا به ڏنا آهن ۽ قديم دور جي تاريخ جي ٻين عالمن جي حوالن مان به معلوم ٿئي ٿو ته وٽن عورتن جي گڏيل گروهه سان شادين ڪرڻ جو عام رواج موجود هوندو هو. انڪري آئون به بنا ڪنهن رنڊڪ جي هي نتيجو اخذ ڪيان ٿو ته انهن سمورين غيرمهذب قومن ۾ ”هڪ زال گهڻن مڙسن“ واري شادي جو رواج به موجود هوندو هو.
    انهيءَ ساڳي حقيقت کي هن ريت به بيان ڪري سگهجي ٿو ته، ڄڻ ته ڪنهن هڪ زيرسماعت مقدمي ۽ فريادي ڌر جو وڪيل پنهنجي طرف کان پيش ڪيل هر ثابتي ۽ دليل کي جائز ۽ صحيح سمجهي، پر ساڳئي وقت تي بچاءُ جي طرف واري وڪيل جي طرفان پيش ڪيل هر ثابتي دليل ۽ قانوني حجت تي اعتراض ڪندو رهي.
    مئڪلينن صاحب جو هي چوڻ هو ته، ”گروهي شاديون فقط فاضل مصنف جي پنهنجي ذاتي هم گمان ۽ تخيل جو اختراع آهن.“ کيس باڪوفن جي مقابلي ۾ هر لحاظ کان گهٽ ڪري ڇڏي ٿو. مئڪلينن صاحب جي چوڻ مطابق: ”مارگن جا پيش ڪيل مٽين مائٽين وارا سلسلا محض چوڻيون آهن.“
    پر سندس انهيءَ قول کي رد ڪري ڇڏڻ لاءِ فقط هي هڪڙوئي دليل ۽ حجت ڪافي ٿيندي ته آمريڪي انڊين قبيلن جا فرد هر غير واقف شخص يا هر غيرملڪي سفيد فام شخص کي فقط ڀاءُ يا پيءُ چئي مخاطب ٿيندا آهن. انڪري چئبو ته مئڪلينن جي دليل موجب پيءُ، ماءُ- ڀيڻ جا لفظ ڄڻ ته خالي ۽ سکڻا مخاطب ٿيڻ جا اعزازي لفظ هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪئٿولڪ فرقي جي راٽ پادرين ۽ عورتن کي به پيءُ (فادر) ۽ ماءُ (مدر) جي سکڻن نالن سان مخاطب ڪيو ويندو آهي ۽ ننڍي درجي جا عيسائي مُلا ۽ ملياڻيون، فرميسن ۽ انگريز ڪاريگر به هڪ ٻئي کي وڏين مجلسن ۾ ڀاءُ، ڀيڻ جي سکڻن نالن سان مخاطب ٿيندا آهن. يعني پيءُ، ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ جا لفظ محض القاب هوندا آهن. جن مان ٻيو ڪوبه ڪارج حاصل نه ٿيندو آهي.
    مطلب ته انهيءَ ڏس ۾ مئڪلينن صاحب وارا ڏنل سمورا دليل هر صورت ۽ لحاظ کان جدا ۽ ناقص آهن. ان هوندي به مئڪلينن صاحب کي فقط هڪ نقطي تي ڪوبه عالم جواب ڏئي نه سگهيو آهي ۽ اهو نقطو هي آهي ته، ٻنهي خارجي توڙي داخلي شاديون ڪندڙ گروهن ۽ قبيلن جن ۾ سندس نظريي وارو نظام رائج هو، ڪوبه فرق پيدا نه ٿيو هو. ان هوندي به ڪٽنب جي تاريخ ۾ انهيءَ نظام کي ڪليدي حيثيت رهندي آئي آهي.
    هي امر به تسليم ڪيل آهي ته مئڪلينن صاحب پنهنجي نظريي جي ثبوت ۾ناڪافي شهادتون پيش ڪيون آهن. وڏي مزي جي وري هيءَ ڳالهه آهي ته خود هو پنهنجن پيش ڪيل حقيقتن جو تضاد به پاڻ ئي پيش ڪري ٿو، سندس خود هي نظريو ته ٻن مختلف ۽ ڌار ڌار قبيلن مان هڪڙي لاءِ زالون هٿ ڪرڻ جائز ۽ ٻئي قبيلي لاءِ ناجائز شمار ڪيل هوندو هو. خود پنهنجي ئي نظرئي جي نفي ڪرڻ تي ٻڌل آهي. انهيءَ نقطي جي وضاحت ڪرڻ لاءِ Girand Teulon جراڊ ٽيلون جو ڪتاب Origin of Family1894 (ڪٽنب جو آغاز) ۽ ليوباڪ جو ڪتاب Origin of Civilization 1882 (تهذيب جو آغاز) چوٿين اشاعت ڪافي مثال آهن.
    انهيءَ ساڳئي لفظ جي وضاحت ڪرڻ لاءِ مارگن جو ڪتاب (Ancient Society) قديم معاشرو به ميدان ۾ اچي ويو آهي. مون پنهنجو هي ڪتاب مارگن جي ڪتاب جي آڌار تي لکيو آهي، پر جتي مارگن انهيءَ ساڳي حقيقت تي فقط ٿوري روشني وجهي سگهيو آهي، اتي مون ان تي تفصيلي بحث ڪيو آهي.
    مارگن جي لکڻ موجب ”حقيقت ۾قبيلي جي اندر (داخلي) شاديون ڪرڻ يعني (Endognmy) ۽ خارجي (قبيلي کان ٻاهر) شادين ڪرڻ ۾ڪوبه تضاد موجود نه آهي. ڇاڪاڻ ته موجوده وقت تائين دنيا ۾ ڪٿي به ڪو محض خارجي شاديون ڪندڙ قبيلو ڳولي نه لڌو ويو آهي. پر انهيءَ دور ۾ جڏهن گروهي شادين ڪرڻ جو رواج عام هوندو هو ۽ اهو رواج گهڻو ڪري دنيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن وقت ۾ موجود رهيو آهي. خود قبيلي جي اندر اهڙا به گروهه موجود هوندا هئا جيڪي پاڻ ۾ ماءُ جي طرف کان خون جي اهڙن رشتن ۾ ڳنڍيل نه هجن ۽جن ۾شاديون ڪرڻ ناجائز هجي ۽ ان ڪري ڪنهن نيات جا مرد، جيتوڻيڪ پنهنجي قبيلي مان جائز طور تي زالون هٿ ڪري سگهيا ٿي، پر اهي زالون سندن نيات يا ويجهي مٽي مائٽي کان ضرور ٻاهر هونديون هيون. ان ڪري نيات يا گروهه برابر خارجي شاديون ڪندڙ هوندو هو، پر خود قبيلو، جيڪو پاڻ ۾ نياتن يا گروهن جو هڪ وڏو مجموعو هوندو هو. جي اندر پاڻ ۾ پوري آزاديءَ سان داخلي شاديون ڪندڙ هوندو هو.“ اهو نظام مئڪلينن صاحب واري پيش ڪيل نظام جو تختو ئي ڪڍي ڇڏي ٿو.
    پر مارگن انهيءَ درجي تي پهچي بيهي نٿو رهي، آمريڪا جا انڊين قبيلا سندس وڏا مددگار ثابت ٿين ٿا. مارگن وڌيڪ به ثابت ڪيو آهي ته ”سموريون نياتون اصل ۾ پاڻ ۾ مادرانه حق تي ٻڌل هونديون هيون ۽ اهو ئي بنيادي نظام هو جنهن مان بعد ۾ ڦٽي نڪتل نياتون پدرانه حق وارن بنيادن تي ٺاهي راس ڪيون ويون هيون. اهو ساڳيو نظام وري اڳتي هلي سمورين مذهبي قومن ۾ هڪ عام رواج بنجي پيو هو. يعني اهو رواج هڪ عالمگير حيثيت وٺي ويو هو. اهوئي اصلي سبب هو جو قديم دور جي عالمن لاءِ قديم يوناني ۽ رومن نياتون ڦري هڪ معمو يا ڳجهارت بنجي پيون هيون.“
    ان ڪري هتي آمريڪي انڊين جي وجود ۽ سندن نظام جي وضاحت کي قديم معاشرن جي تاريخ کي ڳولي لهڻ لاءِ هڪ بنيادي نظرئي وسيلي طور ڪتب آندو ويو آهي، مهذب معاشرن ۾ پدرانه حق وارين نياتن جي اوائلي درجي مقرر ڪرڻ لاءِ مادرانه حق وارين بنيادي نياتن کي ڳولي لهڻ ۾ اها نهايت ضروري امر هوندو آهي. اهو نظريو قديم معاشري جي تاريخ ۾ اها حيثيت ۽ اهميت رکي ٿو جيڪا حيثيت ۽ اهميت ڊارون وري نظريي ارتقا Theory of Evolution کي علم الحيوانات ۾ ڪارل مارڪس واري (Suprplus Value) زائد مُلهه جي نظريي کي علم اقتصاديات ۾ حاصل آهي. انهيءَ نظرئي مارگن کي پهريون دفعو ڪٽنب جي تاريخي نقطي ٺاهڻ ۾ وڏي هٿي ڏني آهي، سندس انهيءَ نظرئي موجب موجود تاريخي مواد کي عارضي طور تي نظرن هيٺ رکندي، معاشري جي ڪلاسيڪي درجن جا ارتقائي دور مقرر ڪري سگهجن ٿا.
    مارڪس جي وڌيڪ ملهه ۽ ڊارون جي نظريي ارتقا وانگر مارگن واري نظرئي قديم معاشرن جي تاريخ جي لکڻ ۾ هڪ نئين دور جو آغاز ڪيو آهي. هن نظرئي موجب مادرانه حق واريون نياتون هڪ محور Axis يا سرائي طور ڪتب اچن ٿيون، جنهن تي بيهي سموري معاشرتي تاريخ گردش ڪري سگهي ٿي. انهيءَ نظرئي جي ايجاد ٿيڻ بعد ئي اسين پنهنجي کوجنا، تحقيق ۽ تفتيش کي پنهنجي مرضيءَ موجب ڦيرائي گهيرائي سگهون ٿا ۽ کوجنا جي مواد ۽ ان مان حاصل ڪيل نتيجن جي درجابندي به ڪري سگهون ٿا. ان ڪري اسين مارگن کان اڳ واري دور واري معاملي جي مقابلي ۾ مارگن کان بعد واري دور ۾وڌيڪ پختا ۽ تڪڙا قدم کڻي سگهون ٿا.
    مارگن واري نظرئي کي قديم تاريخ جي عالمن عام طور تي تسليم ڪيو آهي يا ٻين لفظن ۾چئبو ته انگلينڊ جي قبل تاريخي دور جي عالمن به انهيءَ نظرئي کي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي پر انگريز عالم ايتري قدر ته تنگ نظر ۽ بخيل هوندا آهن جو اهي صاحب انهيءَ امر کي ظاهر ظهور تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن ته هنن موجوده نقطه نظر وارو انقلاب مارگن کان ئي حاصل ڪيو آهي. انگريز عالمن ڪوشش ڪري مارگن جي ڪتاب جي ذڪر ڪرڻ کان ڪيٻايو، نٽايو ۽ پاڻ بچايو آهي. هنن صاحبن مارگن کي سندس انقلاب آفرين ڪتاب لاءِ جس، واڌايون ۽ شاباس ڏيڻ جي بجاءِ سندس اڳين لکتن جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن. اهي حضرات سندس نظريي مان اقتباسات ڪڍي مٿن نقطه چيني ته ڪن ٿا پر مٿن صحيح قسم جي عالمانه تنقيد ڪرڻ کان ڪترائيندا رهن ٿا. مطلب ته هي حضرات انهيءَ انقلاب آفرين نظريي تي ڄاڻي ٻجهي خاموش رهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
    مارگن جوڪتاب Ancient Society (قديم معاشرو) هينئر ناپيد ٿي چڪو آهي. آمريڪا جي ڪتابي مارڪيٽ ۾ انهيءَ قسم جي ڪتابن جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي ۽ انگلينڊ ۾وري هن ڪتاب کي ڄاڻي ٻجهي ۽ هڪ سوچيل سمجهيل ۽ رٿيل منصوبي تحت نظرانداز ڪيو ويو آهي. جنهن امر جو نتيجو هي نڪتو آهي ته هي انقلاب آفرين ڪتاب فقط جرمنيءَ ۾ جرمن زبان ۾ دستياب آهي.
    مارگن جي ڪتاب مان حوالا ڏيڻ پر سندس ڪتاب کي بحث جو موضوع بنائڻ کان ڪترائڻ جو آخرڪار مطلب ڇا آهي؟ ڇا اهو ان ڪري آهي ته مارگن هڪ آمريڪي عالم آهي. قديم تاريخ جي انگريز عالمن جو محنت ۽ جاکوڙ ڪري ڪنهن مواد کي گڏ ڪرڻ، سموئڻ وارو مادو ۽ ملڪو بيشڪ تحسين جوڳو رهندو آيو آهي، پر پاڻ کان سواءِ ٻين غيرملڪي عالمن جهڙوڪ باڪوفن ۽ مارگن کي پنهنجو پيشوا ڪري مڃڻ لاءِ وٽن ڪوبه جگر ۽حوصلو موجود نه آهي.
    انگريز عالمن جي انهيءَ تنگ نظريي ۽ ادبي بخل جي حد هيءَ آهي ته هو هڪ جرمن عالم کي برداشت ڪرڻ لاءِ ته تيار هوندا آهن، پر ڪنهن آمريڪي عالم کي هرگز نه!
    مون کي متحده رياستن آمريڪا ۾ رهندي هن امر جو ذاتي طور تي تجربو ٿيو آهي ته هر انگريز ۾ هڪ آمريڪن کي ڏسندي ئي هڪ دم وطن دوستيءَ ۽ قوميت جو جذبو جاڳي پوي ٿو ۽ هو غريب ڪيتريون ئي دلچسپ ٻاراڻيون حرڪتون ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو. هن معاملي ۾ به ساڳئي جذبي جو لڪل هٿ موجود آهي. مئڪلينن صاحب قبل تاريخي دور جي انگريزي مڪتبه فڪر جو سرڪاري طور تي مڃيل باني ۽ امام عالم آهي.
    ان ڪري سندس پوئلڳن لاءِ به هيءَ ڳالهه وڏي اهميت جي هوندي آهي ته اهي سندس ”ڇوڪرين کي ڄمڻ شرط ماري ڇڏڻ“ واري دور کان هلي ”هڪ زال گهڻا مڙس“ واري شادي کان گذرندي ”عورت کي زوريءَ اغوا ڪري پرڻجڻ“ کان ٽپندي مادرانه حق واري درجي تي پهچندا هئا ۽ اهي صاحب خارجي ۽ داخلي شادين ڪرڻ واري پل صراط کي پار ڪري وڃڻ کي عين حقيقت سمجهندا هئا. اهو سمورو ٽڪساٽ ۽ تماشو مئڪلينن صاحب جي مصنوعي نظرئي جو پيدا ڪيل هوندو هو. جنهن کان انڪارڪرڻ کي هڪ عين تاريخي، علمي ۽ ادبي ڪفر سمجهيو ويندو هو.
    مارگن جو ڪبيرو گناهه فقط هي هو ته هن صاحب هڪ پختي کوجنا ۽ صحيح، سالم تحقيق وسيلي مئڪلينن واري ٺاهيل مکڻ جي ماڙي کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو. سندس اها ناپاڪ حرڪت هر لحاظ کان قابل ملامت ۽ نفرت هئي. مارگن جو انهيءَ قسم واري ڏوهه کان به وڌيڪ هڪ ٻيو ڪبيرو گناهه هي به هو ته، هن صاحب انهيءَ راز کي هڪ اهڙي نموني ۾ افشا ڪري ڇڏيو هو جو فقط سندس ذڪر ۽ بيان ڪرڻ جي هڪ ئي ڌڪ سان مئڪلينن صاحب واري نظرئي جي قلعي کلي پوي ٿي.
    ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته مئڪلينن صاحب جا پرستار علمائ ڪرام جيڪي خارجي ۽ داخلي شادين واري ڌٻڻ ۾ گتل هوندا هئا، مٿن کي هٿ ڏئي چوندا هئا ته، ”مار! اسين ڪهڙا نه بيوقوف آهيون جو اسين مارگن واري هن معمولي نظرئي کي سمجهي نه سگهيا هئاسين.“
    پر حقيقت ۾اهو ڪوبه ڪبيرو گناهه نه هو، جنهن سرڪاري مڪتبه فڪر جي عالمن کي مارگن سان مروت سان پيش اچڻ کان روڪيو هجي. فوريئر (Fourier) وانگر مارگن نه رڳو انهيءَ تهذيب تي نقطه چيني ڪئي آهي، جيڪا محض خام مال جي پيداوار ڪندڙ معاشرو هوندي آهي، جيڪو امر حقيقت ۾ اسان جي موجوده دور واري معاشري جو پڻ بنياد آهي پر هن صاحب مستقبل ۾معاشري جي هيئت بدلائي ڇڏڻ واري ڳالهه به اهڙن ته موزون لفظن ۾ ادا ڪئي آهي، جنهن جهڙن ساڳين لفظن ۾ هوند خود مارڪس به ڪري ها. هن جي انهيءَ وضاحت سندس برداشت ڪرڻ جي پيماني کي ڇلڪائي ڇڏيو هو. ان ڪري مئڪلينن صاحب ڪاوڙ ۾ ڀرجي مٿس الزام ڌريو آهي ته: ”مارگن تاريخ جي روايتي مسلڪ ۽ طريقي ڏانهن سخت دشمني ڏيکاري آهي.“
    پر جڏهن پروفيسر جيراڊ ٽولون به 1881ع ۾ جيئن ئي مارگن جي نظرئي جي توثيق ڪئي ته مئڪلينن صاحب جا مٿيان ڪروڌ ڀريا لفظ مارگن لاءِ ڦري هڪ تحسين ۽ جس بنجي پيا هئا. يعني مئڪلينن صاحب جون مارگن جي نظرئي کي ڏنل گاريون ۽ دڙڪا ڦري مارگن لاءِ سندس نظرئي جا گل بنجي پيا هئا. ڇا هيءَ حقيقت نه آهي ته خود جيراڊ ٽولون به پنهنجي ڪتاب Originse de la familes 1884 ۾ مئڪلينن صاحب وارين خارجي ۽ داخلي شادين واري ادبي پنجوڙ ۾ ڦاٿو بولاٽيون کائيندو رهيو هو. جنهن کي مارگن واري نظرئي اچي انهيءَ پنجوڙ مان ڇڏايو هو؟
    مارگن جي ڪتاب کي شايع ٿئي چوڏهن ورهيه گذري چڪا آهن. انهيءَ عرصي دوران قديم دور جي انساني معاشري جي تاريخ ۾ اسان جي لکڻ لاءِ گهڻو ئي مواد گڏ ٿي چڪو آهي. انساني نسلن جي ماهرن، سياحن ۽ قديم ترين معاشرن جي تاريخ جي عالمن سان گڏ هينئر قانون جا علمائ ڪرام به انهيءَ ميدان ۾ٽپي پيا آهن. جن صاحبن به ڪيترائي نوان ۽ تازا نظريا پيش ڪيا آهن. ان ڪري ڪن خاص خاص نقطن تي خود مارگن جا به ڪيترائي نظريا پنهنجن جاين تان ٿڙي ويا آهن ۽ انهن مان ڪيترا ته مورڳو اکڙجي چڪا آهن پر هي نئون مواد مارگن وارن نظرين کي پاڙون پٽي سندن جاين تي نون اصولن کي کوڙي بيهاري سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو آهي. عجب جي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪو نظام هن عالم خود قبل تاريخي دور کي بخشيو آهي، اهو ساڳيو نظام اڄ ڏينهن سوڌو دنيا ۾ صحيح سلامت موجود آهي. اسين ته ايترو به چونداسين ته جيتري قدر به سندس هن عظيم تاريخي واڌاري کي لڪائي پس پرده رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، اوتري ئي قدر هي عالم عوام ۾ وڌيڪ مقبول ٿيندو ويو آهي.

    فريڊرڪ اينگلس
    لنڊن 16 جون 1891ع
    ______________________________________________________________
    نوٽ: اينگلس هن پيش لفظ کي هڪ مضمون طور Nenfeit نالي هڪ رسالي ۾ 1891ع ۾ On History of the Primitive Family 1891. جي عنوان هيٺ شايع ڪرايو.
    _____________________________________________________________
    ڪتاب جي چوٿين اشاعت ۾ اهو پيش لفظ ڪتاب جي متن طور شايع ڪيو ويو. هي ڪتاب اصل ۾ جرمن زبان ۾ هو، جتان انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. جنهن کي ابوبڪر خان مگسي 5 جنوري 1981ع تي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري پورو ڪيو.


    ڪٽنب، ذاتي ملڪيت۽ رياست جي اداري جي شروعات

    قبل تاريخي دور جا ثقافتي درجا
    مارگن پهريون عالم آهي، جنهن وڏي مهارت سان انساني قبل تاريخي دور جي کوجنا ۽ تحقيق بابت هڪ خاص ترتيب، نظام ۽ سلسلي کي رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ترتيب ۽ سلسلو ايتري قدر ته ڪامياب آهي جو ڪنهن نئين ۽ وڌيڪ مواد جي نه ملڻ جي حالت ۾به، سندس مقرر ڪيل درجي بندي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ڪرڻ جي ڪابه گنجائش موجود نه آهي. انڪري سندس رائج ڪيل سلسلو ۽ ترتيب هلندي رهندي. عالمي تاريخ کي ٽن مکيه درجن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) وحشي دور، (2) غيرمهذب دور ۽ (3) مهذب دور.
    انهن ٽنهي دورن مان مارگن کي فقط پهرين ٻن درجن سان واسطو آهي ۽ ٽيون نمبر دور مٿين ٻن دورن مان پاڻ مرادو ڦٽي نڪتو آهي. هو پهرين ٻن دورن کي وڌيڪ دورن ۾ ورهائي ٿو: (1) بنيادي اوائلي دور، (2) وچولو دور ۽ (3) مٿانهون دور. هن صاحب هر دور جو تعين روزگار جي ذريعن ۽ طريقن جي واڌاري ۽ ترقي جي بنياد تي ڪيو آهي. سندس چوڻ موجب انسانذات جي هنر ۽ حرفت ۾ ئي سندس هن ڌرتيءَ جي سموري باقي مخلوقات تي فوقيت حاصل ڪرڻ جو راز سمايل آهي. هن ڌرتي تي پيدا ٿيل سموري باقي مخلوقات تي فوقيت حاصل ڪرڻ جو راز سمايل آهي. هن ڌرتي تي پيدا ٿيل سموري باقي مخلوقات ۾ فقط حضرت انسان ئي آهي، جيڪو پنهنجي خوراڪ جي پيداوار جي وسيلن تي پوري ريت قابض آهي. ان ڪري بني نوع انسان جي ترقي ڪرڻ جي دورن جي تعين ڪرڻ ۽ سڌي طرح سان روزگار حاصل ڪرڻ جي وسيلن ۽ طريقن مطابق ڪيو ويو آهي. ڪٽنب جي ٺهڻ جو ارتقائي عمل پڻ روزگار جي وسيلن ۽ طريقن ۽ ذريعن سان گڏوگڏ هلندو رهي ٿو پر انهن دورن جي تعين ڪرڻ لاءِ ڪو حتمي قسم جو معيار مقرر ڪري نٿو سگهجي.

    (1) وحشي دور
    اوائلي دور
    هي دور بني نوع انسان جي سماجي ٻال جتي جو دور هو. قبل تاريخي انسان پنهنجن قديم ماڳن يعني خط استوائ ۽ نيم خط استوائي ٻيلن ۾ يا ٻيلن جي آسپاس وڻن تي رهندو هو. وڻن تي رهڻ جي ڪري هو پاڻ کي شڪاري جانورن کان محفوظ رکي سگهيو هو. هو وڻن جا پن ۽ پاڙون کائي پيٽ پاليندو هو. انهيءَ دور ۾ انسان جو عظيم ڪارنامو اهو هو ته هو ٻولي ڳالهائڻ سکيو. تاريخي دور واريون سموريون معلوم قومون اهي دور گذاري ٻاهر نڪري چڪيون هيون. اهو دور جيتوڻيڪ ڪيترائي هزار سال قائم رهيو هو. ان هوندي به انهيءَ دور جي وجود جي ثابتي طور اسان وٽ ڪابه سنئين سڌي نشاني موجود نه آهي، پر جيڪڏهن ائين ئي اسين هن امر کي قبول ڪريون ٿا ته انسان به حيوانن مان ارتقا ڪري هن درجي تي پهتو آهي، ته پوءِ انهيءَ دور جي وجود کي مڃڻ به اسان لاءِ لازمي بنجي پوي ٿو.
    (2) وچولو دور
    هن دور ۾ انسان مڇيون ماري کائڻ سکيو هو. مڇين جي زمري ۾عام رواجي مڇيون، سپون، ڪوڏ ۽ ٻيا دريائي جانور اچي وڃن ٿا. انهيءَ دور ۾ هن باهه کي استعمال ڪرڻ جو هنر به سکي ورتو هو. اهي ٻئي هنر هڪ ٻئي تي مدار رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته مڇين کي ماري باهه ۾ ئي پچائي کائي سگهجي ٿو. انهي نئين خوراڪ انسان کي آب هوا جي اثرن ۽ جُوءِ جي قيدخاني مان ڇوٽڪارو ڏنو هو. مڇين کي ماري پچائي کائڻ خاطر انسان دريائن، ڍنڍن ۽سمنڊن جي ڪنارن سان کاڌي جي ڳولا ۾ هلندو دنيا ۾ پکڙبو ويو.
    اوائلي دور وارا ڏنگا ڦِڏا اڻ گهڙيل پٿرن جا اوزار سمورن کنڊن ۾ دستياب ٿيا آهن. انهن اوزارن جو مختلف کنڊن مان لڀڻ خود انهن قديم هجرتن ۽انسانذات جي زمين تي پکڙجي وڃڻ جا واضح ثبوت آهن. انهيءَ دور کي عالمن (Poleolithic) يعني قبل هجري دور سڏيو آهي. انهن نين والارين علائقن ۾ وڌيڪ ولاار ڪرڻ لائق زمينن جي هٿ ڪرڻ جي شوق، حرص ۽ تمنا ۽ پٿرن کي پاڻ ۾ گسائي باه پيدا ڪرڻ جي ٿظيم ايجاد منجهن نون قسمن جي کاڌن کائڻ ۽ مختلف قسمن جي طعامن ۽ خوراڪن جي ميسر ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جي شين مثلن ٻوٽن جون نرم نرم پاڙون، کنڀيون، زير زمين پيدا ٿيندڙ ڀاڄيون، گجرون، موريون، گوگڙو ۽ پٽاٽا وغيره ۽ ميوا جن کي باهه يا گرم ڇار ۾ يا تنورن ۾ پچائي دم پختو ڪري يا گوشت جي وڏن ٽڪرن کي سڄي ڪري کائڻ جو رواج پئجي چڪو. انهيءَ عرصي دوران ڏڦن، لٺين، ڪاثرين ۽ پٿر جي ٻين اوزارن کي ڪتب آڻڻ جا هنر به عام ٿي ويا هئا. انهن اوزارن جي ايجاد جي ڪري پيٽ ڀرڻ سان گڏ لذيذ کاڌن ۽ طعامن کائڻ جي چاهنا ۽ شوق به پيدا ٿي چڪو هو. اهڙن قبيلن ۽ گروهن مان ٿورن ماڻهن، جن جو گذر سفرشڪار ڪرڻ تي ٿي پيو هو، جو ذڪر قديم ڪتابن ۾ به ملي ٿو. پر خالص شڪار ڪندڙ قبيلن جو ڪوبه وجود اڃا ثابت ٿي نه سگهيو آهي. شڪار ڪرڻ خود هڪ اهڙو ڌنڌو ۽ هنر آهي، جنهن تي پوري ريت ڀاڙي نٿو سگهجي، يعني شڪار بيڪار آهي ۽ اهو به وري پٿرن جي اوزارن سان. کاڌي ۽ خوراڪ جي انهيءَ غيريقيني حالتن جي ڪري اسين ڏسون ٿا ته، انهيءَ دور ۾ آدمخوريءَ جو به رواج هوندو هو. جيڪو ڳچ عرصي تائين قائم رهيو هو. آسٽريليا ۽ پولينيشيا جي ٻيٽن ۾ رهندڙ قبيلا اڄ به انهيءَ دور جي وچولي درجي ۾ هلي رهيا آهن.
    (3) مٿانهون دور
    هن درجي وارو دور گز ۽ ڪمان جي ايجاد کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. جنهن ۾ شڪار جو گوشت روزمره جي کاڌي ۽ خوراڪ جو حصو بنجي پيو هو. ان ڪري شڪار ڪرڻ ڦري هڪ ڌنڌي جي شڪل اختيار ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته گز ۽ ڪمان شڪار ڪرڻ لاءِ نهايت ڪامياب اوزار ثابت ٿيا هئا. جن جي خود ايجاد ئي ثابت ڪري ٿي ته، هن ڌنڌي جي اختيار ڪرڻ ۾ وڏي مهارت، چستي، حاضر دماغي ۽ تجربي جي ضرورت پوي ٿي. اهڙن ماهر تجربيڪار ۽ حاضر دماغ شخصن گز ڪمان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي نوان ڪامياب طريقا ايجاد ڪري ورتا هئا. مثلن ڄاريون، ڪلوڙا ۽ ٻيون وغيره.
    اسين جيڪڏهن انهن قبيلن ۽ قومن کي جيڪي گز ڪمان جو هنر نه ڄاڻندا هئا، پر کين ٺڪرن ٺاهڻ جو هنر اڃان نه آيو هو. ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ جو هنر جنهن کي مارگن غيرمهذب دور جو ابتدائي دور سڏي ٿو، جو مطالعو ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته انهيءَ ابتدائي دور ۾ ڳوٺ ٻڌي ويهڻ، گذران لاءِ شڪار ڪرڻ کان وڌيڪ پڪن پختن طريقن ۽ وسيلن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ، ڪاٺ مان ٿانو ٺاهڻ، چرخن ۽ آڏاڻن کان سواءِ هٿن سان سُٽ وٽي ڪپڙو ٺاهڻ. وڻن جي ڇهن مان کارا ٺاهڻ. پٿرن کي پاڻ ۾ گسائي پٿرن جا اوزار ٺاهڻ جا هنر پيدا ٿي چڪا هئا. انهن ماڻهن پٿرن جي ڪهاڙين جي وسيلي ڪاٺ جي وڏن بُنڊن کي وچ مان ڪوري ان مان بتيلا ٺاهي پاڻيءَ ۾ تارڻ ۽عمارتي ڪاٺ مان گهرن ٺاهڻ جا هنر به سکي ورتا هئا.
    هن دور جا سڌريل قبيلا اڄ به اولهه آمريڪا ۾ موجود آهن. جن کي گز ڪمان استعمال ڪرڻ اچن ٿا، پر هو ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ جي هنر کان بلڪل ڪورا آهن. وحشي دور ۾ گز ۽ ڪمان جي هنرمندن جو درجو غيرمذهب دور واري لوهه مان تلوارون ٺاهيندڙ ۽ مذهب دور واري بارودي هٿيارن ٺاهيندڙ ڪاريگرن جهڙو آهي. هنن ٽنهي قسمن جي اوزارن جي ٺاهيندڙ ڪاريگرن پنهنجي پنهنجي دورن ۾ عوام کي فيصله ڪن هٿيار مهيا ڪيا آهن.

    غير مهذبيت وارو دور
    (1) اوائلي دور:
    هن دور جي ابتدا ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ سان ٿئي ٿي. هن دور جي شروعات هر خطي، ملڪ يا قوم ۾ کارن ٺاهڻ ۽ ڪاٺ جي ٿانون کي باهه کان محفوظ رکڻ لاءِ کين مٽي جي ليپي ڏيڻ سان ڪئي ويئي هئي. ان کان پوءِ جلد ئي محسوس ڪيو ويو ته اهڙي قسم جو برتن ٿانو طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان کان پوءِ اڳتي هلي هنن اِهو اُنومان ڪڍيو ته کارن ۽ ڪاٺ جي ٿانون کان سواءِ آلي مٽيءَ جي تهه کان پوءِ باهه تي پچڻ سان وڏي عرصي تائين اهڙي قسم جو برتن ٿانو طور ڪم آڻي سگهجي ٿو. انهيءَ دور جي حد تائين پهچندي اسين انساني ارتقا جي عمل کي سمورين قومن ۾ ڪنهن مقرر ڪيل وقت تائين صحيح شمار ڪري سگهون ٿا، جنهن ۾ ڪنهن خاص قوم ۽ ملڪ تي ڪابه بندش موجود نه آهي. غيرمهذب دور واري ارتقائي عمل ۾ اسين هڪ اهڙي حد ۽ منزل تي پهچون ٿا جتي ٻنهي اقليمن ”نئين ۽ پراڻي دنيا“ جي قدرتي ماحولن جو فرق پاڻ کي ظاهر ڪرڻ شروع ڪري ٿو. هن دور جي ظهور ٿيڻ سان اسان هڪ اهڙي حد تي پهچون ٿا، جتي ٻن عظيم کنڊن (ٻن تهذيبن) جي فطري قوتن کي اجاگر ٿيندي محسوس ڪريون ٿا. هن دور جون خاص ڳالهيون هي آهن: (1) جهنگلي جانورن کي هٿ ڪري هيرائي ميرائي کين گهرو جانور بنائڻ، (2) مال چارڻ، (3) گهرو جانورن جي نسلن کي وڌائي ڌڻ ٺاهڻ ۽ (4) وڻ جا ٻوٽا پوکڻ.
    مشرقي کنڊن ايشيا ۽ آفريڪا جن کي موجوده وقت ۾ پراڻي دنيا سڏيو وڃي ٿو، سمورا گهرو پالي سگهڻ لائق جانور موجود هئا ۽ سمورا آبادي ڪرڻ لائق فصلي اناج سواءِ هڪ اناج جي جهنگلي طور تي موجود هئا. پر آمريڪا يعني ڏکڻ آفريڪا ۾ فقط Lamaلامان نالي هڪڙوئي اهڙو جانور موجود هو جنهن کي گهرو بنائي سگهيا هئا. فصلي اناجن ۾ وٽن فقط مڪئي موجود هوندي هئي. انهيءَ قدرتي ماحول واري فرق جو نتيجو هي نڪتو هو ته پنهنجي دنيائن جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن نمونن ۾ طبعي ۽ قدرتي ماحول جي مطابق ارتقا ڪندا رهيا. ٻنهي دنيائن جي طئي ڪيل دورن جا درجا به هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ۽ مختلف رهندا آيا هئا.

    وچولو دور:
    هي دور مشرق يعني پراڻي دنيا ۾ جهنگلي جانورن کي گهرو بنائي رکڻ سان شروع ٿئي ٿو. پر ساڳيو دور مغرب يعني نئين دنيا ۾ کائڻ لائق ٻوٽن کي آبپاشيءَ جي وسيلي پوکڻ ۽ ڪچين سِرن ۽ پٿرن مان گهرن جوڙڻ سان شروع ٿئي ٿو.
    اسين انهيءَ بحث جي شروعات مغرب کان ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته يورپي قومن جي هٿان فتح ٿي وڃڻ تائين ٻيا معاشرا انهيءَ دور کان مٿي ترقي ڪري نه سگهيا هئا.
    يورپي قومن جي آمريڪي کنڊ جي ڳولي لهڻ وقت انڊين معاشرا غيرمهذبيت جي دور جي اوائلي درجي ۾ هئا. مسيسپي دريائ جي اولهه ۾ رهندڙ سمورا انڊين قبيلا مڪئي جا فصل پوکيندا هئا، جن کي هو غذا طور ڪم آڻيندا هئا.
    ڀاڄين ۾ فقط ڇانهان ۽ گدرا وغيره پوکيندا هئا، جن کي به هو غذا طور ڪم آڻيندا هئا. هو ڪاٺ مان ٺهيل گهرن ۾ ڳوٺ ٻڌي رهندا هئا. انهن ڳوٺن کي لوڙهن جون عالم پناهون ڏنل هونديون هيون. اتر آمريڪا جا انڊين قبيلا ڪولمبيا دريائ تي رهندڙ قبيلا به وحشي دور جي اوائلي درجي ۾ هئا، جن کي نه ٺڪرن ٺاهڻ جي ڪا خبر هوندي هئي ۽ نه وري کين ڪنهن آبادي ڪرڻ جو هنر ايندو هو، پر نيو ميڪسيڪو جا پيپلو قبيلا، خود ميڪسيڪو رياست جا رهاڪو قبيلا، سينٽرل آمريڪا جا انڊين قبيلا، پيرو رياست جا انڊين قبيلا يورپي قومن جي هٿان فتح ٿي وڃڻ وقت غيرمهذبيت جي وچولي دور مان گذري رهيا هئا. اهي قبيلا قلعي نما گهرن ۾ رهندا هئا، جيڪي پٿرن ۽ ڪچين سرن مان ٺهيل هوندا هئا . هو نهرون ۽ واهه کوٽي آبپاشيءَ جي وسيلي آباديون ڪندا هئا. مڪئي ۽ ٻياکائڻ لاءِ فصل ۽ ٻوٽا پوکيندا هئا، جن ۾ آب هوا ۽ زمين مطابق فرق ايندو هو اهي شيون سندن مستقل غذا هوندي هئي، انهن ماڻهن جانورن ۽ پکين جا ڪي قسم پاليا هئا ۽ پيرو رياست ۾ لاما کي به پاليو هو. کين کاڻيون کوٽڻ ۽ ڌاتن مان اوزارن ٺاهڻ ۽ ٿانون ٺاهڻ جا هنر به ايندا هئا، سواءِ لوهه جي، اهوئي سبب هو ته هو اڃان تائين پٿر مان ٺهيل اوزار ۽ هٿيار استعمال ڪندا هئا. اسپيني فاتحن کين فتح ڪري سندن ارتقائي عمل کي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
    مشرق ۾ جانورن کي کير ۽ گوشت جي حاصل ڪرڻ لاءِ گهرو بنائي پالڻ سان غيرمهذبيت جو وچولو دور شروع ٿي چڪو هو پر زراعت جو هنر کين گهڻي عرصي تائين هٿ نه آيو هو. جانورن کي گهرو بنائڻ ۽ ڌڻن ڌارڻ جو شرف پهرين آرين ۽ سامين کي هٿ آيل ٿو ڏسجي، انهن هنرن آرين ۽ سامي قبيلن کي همعصر معاشرن جي مقابلي ۾ اوچو مقام ڏنو هو. اهوئي سبب آهي جو ايشيائي ۽ يورپي آريائي قومن جا چوپائي مال جا نالا به گهڻو ڪري لڳ ڀڳ ساڳيا ۽ هڪ جهڙا آهن، پر سندن ٻولين ۾ فصلن ۽اناجن جا نالا جن ۾ ڪابه مشابهت نه آهي.
    سامي قومن کي پنهنجن چوپائي مال جي ڌڻن لاءِ موزون جايون ماڳ ۽ ايراضيون ملي ويون هيون، ان ڪري منجهن ڌنارڪي زندگي زور ۽ شور سان شروع ٿي ويئي هئي. ان ڪري سامي قومن ڌڻن جي چاري لاءِ فرات ۽ دجله درياهن جي وچ وارو علائقو والاريو هو ۽ آريائي قومن هندستان، سيسر ڊان ۽ نيپر درياهن جي ماٿرين ۾ پنهنجي ڌنارڪي زندگيءَ جو آغاز ڪيو هو. ان ڪري جانورن کي گهرو بنائڻ جو عمل به ضرور انهن ئي ماٿرين جي چراگاهن ۾ ۽ ان جي آس پاس ۾ شروع ڪيو ويو هوندو. ان ڪري پوين نسلن جي ماڻهن ضرور محسوس ڪيو هوندو ته، سندن وحشي بزرگن انساني تهذيب جي گهوارن ۾نه پر ان جي بلڪل برعڪس اڻ وسندڙ صحرائن ۾ جنم ورتو هو. جتي انهن غيرمهذبيت واري دور جوابتدائي زمانو پورو ڪيو هوندو، جتان ارتقا ڪندي هنن ڌنارڪي زندگي گذارڻ اختيار ڪئي هئي، پر جيڪڏهن هڪ دفعو اهي وچولي دور وارا غير مهذب بزر گ ڌنارڪي زندگي اختيار ڪن ها ته پوءِ کين هيءَ ڳالهه ڪڏهن به وهم ۽ گمان ۾ به نه اچي سگهي هوندي ته دريائن جي پاڻي تي پاڻ مرادو ۽ خود رو پيدا ٿيندڙ چراگاهن کي ڇڏي ٻيلا جيڪي سندن ابن ڏاڏن جا مورثي پراڻا ٿاڪ هوندا هئا ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو هو ته هو ضرور وري به وڃي يورپ ۽ ايشيائي ٻيلن ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪن ها. جيستائين هو پاڻ مرادو وري انهيءَ ساڳي دور ۾ داخل نه ٿين ها. جتي هو گهٽ درجي واري ڀلين ٻنين تي رهندي مالن جي ڌڻن جي چاري لاءِ اناج پوکڻ تي مجبور نه ٿين ها ۽ خاص طور تي سياري گذارڻ لاءِ هن امر ۾ ڪنهن به شڪ ڪرڻ جي ڪابه گنجائش موجود نه آهي ته انهن ايراضين ۾ اناج جي پيدا ڪرڻ جي ضرورت فقط مال جي چاري مهيا ڪرڻ لاءِ ئي پيدا ٿي هئي، اهو مال وارو نئون چارو اڳتي هلي خود حضرت انسان جي مکيه غذا بنجي وئي هئي.
    ٻئي آريا خواه سامي نسلن جا انسان پنهنجن همعصر معاشرن جي مقابلي ۾ کانئن وڌيڪ سگهارا ۽ صحتمند انسان هوندا هئا، ان جو مکيه ڪارڻ هي هوندو هو ته وٽن غذائي لحاظ کان گيهه، کير، مکڻ ۽ گوشت جي بيحد فراواني هوندي هئي، جنهن ڳالهه کين ٻين همعصر قومن جي مقابلي ۾ سندن تهذيبي ارتقائي عمل کي به وڌيڪ تيز بنائي ڇڏيو هو.
    هن امر جو جنسي مشاهدو ۽ تجربو ڪيو ويو آهي ته نيوميڪسيڪو جا پيپلو قبيلا جيڪي گهڻو ڪري فقط ڀاڄي خور هوندا آهن، مڇي ۽ گوشت خور قبيلن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪمزور هوندا آهن، سندن مٿا ۽ بدن گوشت خورن کان وڌيڪ ننڍا هوندا آهن. گوشت خور غيرمهذبيت جي اوائلي دور ۾ هوندي به کانئن وڌيڪ سگهارا ۽ تيز طبع هوندا آهن، خير! هن دور ۾ آدمخوري جو رواج به آهستي آهستي گهٽبو گهٽبو بلڪل ختم ٿي ويو هو. يعني اناجن، کير، مکڻ ۽ گوشت جي فرواني آدمخوريءَ جي رواج کي ٻنجو ڏئي ڇڏيو هو. هينئر وٽن آدمخوري فقط هڪ مذهبي رسم جي صورت ۾ رهجي وئي هئي، يعني فقط جادوگري سوڻ، ساٽن ۽ سانگن رچائڻ جي صورت ۾ رهجي ويئي هئي.
    مٿانهون دور:
    هن دور جي ابتدا لوهه جي دريافت ۽ استعمال سان شروع ٿئي ٿي. ان ڪري معاشرو به وچولي دور مان نڪري مهذب دور ۾ داخل ٿئي ٿو. انهيءَ دور ۾ رسم الخط ٺهي راس ٿئي ٿو. ان ڪري دفتر، رڪارڊ، ادب، تاريخ ۽ ٻيا ضروري علم پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا. هن دور جي شروعات مشرق کان ٿئي ٿي. مشرق مان مراد آهي، پراڻي دنيا. هن دور ۾ ٿيل ترقي ايتري گهڻي ۽ وسيع آهي جو گذريل دورن جي گڏيل ترقي به ان جو مقابلو نٿي ڪري سگهي.
    يونان جو سورمائي دور روم شهر جي بنياد پوڻ کان اڳ ۾ اطالوي ۽ تاسيت جي زماني جا جرمن قبيلا ۽ وائيکنگ زماني جا نارمن لوڪ انهيءَ دور ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. انهيءَ دور ۾ اسين گهرو جانورن کي لوهي چونين (گهوٻن) وارن هرن ۾ وهندي ڏسون ٿا. لوهي چونين جي هرن جي استعمال ٿيڻ سان وڏي پيماني تي زراعت ڪرڻ ممڪن ٿي پوي ٿي. ان وقت جي حالتن مطابق روزگار جي ذريعن ۽وسيلن ۾ هڪ غيرمعمولي انقلابي قسم جي واڌ اچي وئي هئي.
    اسين هي پڻ ڏسون ٿا ته، ٻيلا ڪٽجي وڃن ٿا، جن جي صفا ٿيل زمين مان ڪجهه ايراضين کي پوک ڪرڻ لاءِ ۽ باقي ايراضين کي مال جي چاري لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ٿو. اهو معجزو ڪهاڙي ۽ ڪوڏر کان سواءِ هرگز نٿي سگهي ها، پر پيداوار جي انهيءَ وڌاري سان گڏوگڏ مردمشماري ۽ تڪڙي واڌ اچي وئي هئي ۽ گهٽ درجي جي زمين جي مقابلي ۾ ڀلين ٻنين تي انسانن جا ميڙ ۽ انبوهه گڏ ٿي وڃن ٿا. يعني ڳوٺ، وستيون، قصبا ۽ شهر ٺهي وڃن ٿا. هر وسيلي زراعت ڪرڻ کان اڳ ۾فقط جزوي ۽غيرمعمولي حالتن ۾ پنجن لکن انسانن کي هڪ مرڪزي اڳواڻي هيٺ گڏ ڪري سگهڻ ممڪن هو، پر عملي طور تي اهڙي قسم جو اجتماع ڪڏهن به گڏ ٿي نه سگهيو هو.
    هومر جي شعرن ۾ خاص طور تي سندس ديوان اليڊ ۾ اسين غيرمذهبيت جي پوئين دور کي عروج تي ڏسون ٿا، يوناني غيرمهذبيت واري دور مان نڪري مهذب دور ۾ داخل ٿيندي ئي لوهه جي اوزارن، هٿيارن پنهوارن، چرخي اڏاڻي، ڪنڀر جي چڪ، تيلن ۽ شرابن جي ٺاهڻ جي هنرن، ڌاتن تي فنڪاري ڪرڻ. جنگي رٿن ۽ گاڏين ٺاهڻ، جهاز سازي تختن ۽ شهتيرن، عمارت سازيءَ جي فن، عالم پناهون ڏنل شهرن، قلعن، برجن ۽ فصيلن، خود هومر جي اعليٰ درجي جي شاعري، ڏندڪٿائن جي انبارن، ديومالائي قصن ۽ ڊرامائن وڏي ڪر ۽ فر سان عالمي قومن جي محفل ۾ براجمان ٿين ٿا. يونان اهي سموريون نعمتون ۽ عياشيون، ڪارناما غيرمهذبيت واري دور ۾ گهڙندي ئي پاڻ سان گڏ کنيو آيو آهي. اسين جيڪڏهن يونانين جي ڪارخانن کي سيزر ۽ تاسيت جي جرمن معاشري بابت لکيل بيانن سان ڀيٽ ڪنداسين ته ڏسنداسين ته ٻئي رومن خواه جرمن معاشرا جيڪي ثقافت جي انهيءَ درجي جي دروازي تي اچي بيٺا هئا، جتان هومر جي دور وارا يوناني ارتقائي طور کانئن اڃا به وڌيڪ اوچي ۽ مٿاهين درجي وارو غيرمهذبيت جو دور، هر صورت ۽ حالت ۾کانئن بهتر قسم جو هو، ڇاڪاڻ ته، سندن پيداوار ۾ هڪ وڏي ۽ عام ترقي ٿي چڪي هئي.
    بني نوع انسان جو وحشي ۽ غيرمهذب دورن مان ارتقا ڪندي تهذيب جي ابتدائي دور ۾ داخل ٿيڻ وارو منظر جيڪو اسان مارگن واري ڪتاب تان نقل ڪيو آهي. ايترو ته اُتم ۽ اعليٰ آهي جو سندس مقابلو ڪري نٿو سگهجي. سندس مقابلو هن ڪري به نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن کي سنئون سڌو پيداوار مان ورتو ويو هو. اسين جيڪڏهن سندس مقابلو ۽ ڀيٽ انهيءَ تصوير سان ڪنداسين جيڪا تصوير اسان واري سفر جي آخر ۾هلي اسان کي هلڪو، جهڪو ۽ خسيس ڏسڻ ۾ ايندو. اهوئي موزون وقت هوندو، جڏهن اسين غيرمهذبيت واري دور مان نڪري تهذيبي دور ۾ داخل ٿيڻ وارو منظر ڏسي سگهنداسين. سندن وچ وارو فرق صاف چٽو ٿي نڪري نروار ٿي بيهي رهي ٿو. اسين ٿوري وقت لاءِ موٽي مارگن جي مقرر ڪيل دورن جي تعين ڪرڻ ۾هيٺيان اصول مرتب ڪريون ٿا:
    1- وحشي دور:
    هن دور ۾ قدرتي ذريعن ۽ وسيلن کي جيڪي هميشه استعمال ٿي سگهڻ، انهن کي وڏي ۾ وڏي حيثيت ۽ اهميت حاصل هوندي آهي ۽ انسان جيڪي ڪجهه شيون پنهنجي محنت ۽ عقل وسيلي پيدا ڪري سگهيو هو، انهن ۾ فقط اهي اوزار ئي آهن، جن انهن ذريعن ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سندس مدد ڪئي هئي.
    2- غيرمهذب دور:
    هن دور ۾ انسان فقط چوپايو مال ڌارڻ، کين چارڻ، پيارڻ ۽ زمين کي آباد ڪرڻ جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهيو هو. انهيءَ دور ۾ انسان هيءَ ڳالهه به سکي ويو هو ته انساني محنت وسيلي قدرت جي پيداواري ذريعن کي پنهنجي مرضي جي تابع ڪري کين وڌائي ۽ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
    3- مهذب دور:
    هن دور ۾ انسان قدرتي ذريعن کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ جو علم ۽ هنر سکيو، صنعت ۽ مختلف فنون جو سکڻ ۽ قائم ٿيڻ شامل آهن.


    ڪٽنب

    اسان جي دوست ۽ عالم مارگن پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو آمريڪي انڊين قبيلي نالي ايروڪواس سان گڏجي گذاريو هو. اهي قبيلا اڄ به متحده رياست آمريڪا جي نيويارڪ رياست ۾آباد آهن. ايروڪواس قبيلن سان سندس دوستي ايتري قدر ته گهري ۽ اعتبار جوڳي ٿي وئي هئي جو ايروڪواس قبيلن جي هڪڙي سنيڪا نالي ننڍي قبيلي کيس خود پنهنجي برادريءَ ۾ به داخل ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ داخلا جي ملڻ سان هو ڦري سندن قبيلي جو هڪ فرد بنجي ويو هو.
    انهن قبيلن ۾ پنهنجي رهائش جي دوران هن منجهن خون جي رشتن تي ٻڌل مٽن مائٽن Consagunity جو هڪ اهڙو ته عجيب مڪمل نظام ڏٺو هو جيڪو نظام سندس ڪٽنبي مٽي مائٽي واري نظام جي سراسر ابتڙ ۽برعڪس قسم جو هو. اهو نظام هو ڪنوارن جوڙن جي وچ ۾ شادين ڪرڻ جو هڪ اهڙو نظام جنهن ۾منجهائن ڪابه هڪڙي ڌر شادي کي ڪنهن به وقت وڏي آسانيءَ سان ختم ڪري سگهي ٿي. انهيءَ قسم جي شادي يعني ڪٽنب کي مارگن Pariring Family ”جتي ڪٽنب“ يا شادي جو نالو ڏنو آهي. هن منجهن هي رواج به ڏنو هو ته اهڙي جوڙي جي شاديءَ مان پيدا ٿيل اولاد کي قبيلي ۾جائز شمار ڪيو ويندو هو. پوءِ اهڙي شخص کي ڀلي ته ظاهري طور تي پيءُ، ماءُ، پٽ، ڀيڻ يا ڀاءُ جي نالن يا لقبن سان ڇو نه سڏيو ويندو هجي پر عملي طور تي انهن لفظن جو استعمال ابتي طور تي ڪيو ويندو هو. ايروڪواس قبلين جو هر مرد نه فقط پنهنجي اولاد کي پٽ يا ڌيءُ سڏيندو هو، پر هو پنهنجن ڀائرن جي اولاد کي به ساڳي طرح سڏيندو هو. اهي به کيس بابا ڪري سڏيندا هئا.
    ٻئي طرف هو پنهنجي ڀينرن جي اولاد کي ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون سڏي ٿو ۽ اهي کيس چاچا چون ٿا. ساڳيءَ طرح ايروڪواس قبيلن جي هر عورت پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀينرن جي اولاد کي پنهنجي اولاد وانگر پٽ ۽ ڌيءُ سڏيندي آهي. اهي به کيس ماءُ سڏيندا آهن. اهڙي طرح هوءَ پنهنجي ڀائرن جي اولاد کي ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون سڏيندي آهي. اهي کيس چاچي جي نالي سان ياد ڪن، ساڳيءَ ريت ڀائرن جو اولاد هڪ ٻئي کي ڀائر ۽ ڀينرون سڏيندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح ڀينرن جو اولاد ان جي ابتڙ ڪنهن عورت جو اولاد ۽ سندس ڀائرن جو اولاد هڪ ٻئي کي ماروٽ ۽ پڦاٽ سڏيندا آهن. سمورا لقب ڪي اجايا سجايا، ٺلها ۽ سکڻا لفظ هوندا آهن. پر اهي لفظ انهن نظرين جي عڪاسي ڪن ٿا، جيڪي نظريا ۽ سندن عمل منجهن سچ پچ رائج هوندا آهن. جن جي وسيلي ويجهڙائي (قرابت) يا دوري جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جي نظام ۽ خون جي رشتن جي مساوات يا عدم مساوات کي ظاهر ڪيو ويندو آهي. اهي لفظ خون جي رشتن تي ٻڌل هوندا، مٽين مائٽين جي نظام جي انهن اصولن ۽ نظرين جو بنياد مهيا ڪن ٿا، جن مان قبيلي جي هر فرد جدا جدا مٽين مائٽين واري نظام جي سون حيثيتن جو احوال ملي ٿو.
    انهيءَ امر کان به وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته، اهو نظام نه فقط سمورن آمريڪي انڊين قبيلن ۾ رائج آهي. (هن نظام جي ابتڙ قسم جي نظام جو دنيا ۾ ڪٿي به سراغ نه مليو آهي.) بلڪ اهو ساڳيو نظام ۽ ڪٽنبي سرشتو بنا ڪنهن به ڦيرگهير جي هندستان جي غيرآريائي قبيلن دکن ۾ دراوڙ قبيلن، هندستان جي گورا قبيلن ۾ به ساڳيءَ طرح رائج آهي. دکن جي تامل قبيلن ۾ به مٽين مائٽين جا لقب به منجهن ساڳين ايروڪواس قبيلن واري نموني جي مطلب سان رائج آهن. انهن لفظن جو دائرو به سو کين جدا جدا مائٽين سان لاڳو هوندو آهي. آمريڪي انڊين قبيلن وانگر هندستان ۾ رائج الوقت ڪٽنبن جي نمونن مان پيدا ٿيندڙ هم خاندان مٽيون مائٽيون خون جي رشتن مان پيدا ٿيندڙ مٽين مائٽين واري نظام کان بلڪل مختلف قسم جون هونديون آهن.
    انهيءَ معاملي کي سلجهائڻ لاءِ آخرڪار ڪهڙو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي؟ وحشي ۽ غيرمهذب درجن ۾ جيڪو فيصله ڪن ڪردار خون جو رشتو ادا ڪري ٿو. دنيا جي سمورن قومن جي سماجي نظامن ۾ به ادا ڪري ٿو ته سندس انهيءُ حيثيت کي، جيڪا تمام دور رس هوندي آهي، نظرن ۾ رکندي، کيس فقط لفظن جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان حل ڪري نه سگهبو، ڀلا هڪ اهڙو عظيم نظام جيڪو ساري آمريڪي کنڊ جي انڊين عوام ۾ رائج هجي ۽ اهي سموريون قومون ملڪي ۽ نسلي طور تي هڪ ٻئي کان جدا جدا ۽ مختلف به هجن، جن جا ترميم شده نمونا ساري آفريڪي ۽ اسٽريليا کنڊن ۾ عام هجن، ته اهڙي عظيم ۽ اهم مسئلي جي نوعيت کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ پوري پوري ڪوشش ڪئي وڃي. اهڙي عظيم مسئلي کي اهڙي سولائيءَ سان سمجهائي نه سگهبو، جهڙي ريت هڪ سطحي نموني ۾ مئڪلينن صاحب ان جي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    مطلب ته هن عظيم وسيلي کي سندس عظمت آهر ئي اهميت ڏئي ان جي هر طرف ۽ هر پهلو کي پوري تفصيل۽ چٽائيءَ سان سمجهائڻو پوندو. انهيءَ نظام ۾ پيءُ، ماءُ، پٽ، ڌي، ڀاءُ ۽ ڀيڻ محض احترام ڏيکارڻ جا ٺلها، سکڻا لفظ نه هوندا آهن بلڪ سندن پويان ڪيتريون ئي مقرر ٿيل ۽ تمام وڏيون باهمي جوابداريون، جن جي اجتماعي حيثيت انهن قومن جي سماجي آئين جو هڪ لازمي ۽ اهم جزو هوندو آهي، موجود هونديون آهن. مثلن بحرالڪاهل جي هوائي ٻيٽن مان هڪ سنڊوچ ٻيٽ ۾ موجوده صدي (19 صدي) جي اڌ تائين ڪٽنب جو هڪ اهڙو نمونو به موجود هوندو هو، جنهن ۾ اهڙي قسم جا پيئر، مائرون، ڀائر ۽ ڀينرون، پٽ ۽ ڌيئرون، چاچا ۽ چاچيون، ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون موجود هوندا هئا. ساڳي ريت آمريڪي انڊين قبيلن يا قديم هندستاني نظامن ۽ خون جي رشتن ۽ مٽين مائٽين ۾ اڄ به موجود هونديون آهن. پر وڏي عجب جي ڳالهه هيءَ آهي ته هوائي ٻيٽن ۾خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جا نظام، رائج الوقت ڪٽنبي نموني کان بلڪل مختلف هوندا آهن. سندن وچ ۾ وڏو تضاد ۽ ٽڪراءُ موجود هوندو هو.
    پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته، سمورن چاچن، پڦڙن ۽ ماسڙن جي اولاد کي سوٽ، پڦاٽ، ماروٽ ۽ ماسات نه پر پاڻ ۾ سڳا ڀائر ۽ ڀينرون شمار ڪيو وڃي ٿو. اهو سمورو اولاد نه رڳو سندن مائرن ۽ سندن ڀينرن (ماسين) جو هوندو آهي. بلڪه سندن والدين جي سمورن ڀائرن ۽ ڀينرن جو به گڏيل اولاد هوندو آهي. انهيءَ لحاظ کان جيڪڏهن آمريڪي انڊين قبيلن وارو مٽين مائٽين جو نظام هڪ قبل ترين تاريخي دور جي ڪٽنب جي نموني جي موجودگيءَ جو گمان پيدا ڪري ٿو، ته ڪٽنب جو جيڪو نمونو هن وقت خود آمريڪي انڊين قبيلن ۾ به موجود نه آهي، پر انهن جو سچو پچو موجود ۽ زنده نمونو هوائي ٻيٽن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ته خود وري هوائي ٻيٽن ۾ خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارو موجوده نمونو هڪ اهڙي قديم ترين اڻ سڌريل ڪٽنب جي نموني ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن نموني جي موجودگي جو ثبوت ڪٿي به نه ٿو ملي سگهي. اهو اشاري ڪيل ڪٽنب جو نمونو ضرور بالضرور ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو، ڇاڪاڻ ته ان سان مشابهت رکندڙ خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارو موجوده نظام ان جي عدم موجودگيءَ جي حالت ۾ ڪڏهن به وجود ۾نه اچي سگهي ها.
    مارگن جي لکڻ موجب: ”ڪٽنب جي اداري جو وجود خود هڪ اهڙي متحرڪ ۽ فعال اصول جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن اصول ۾ ڪڏهن به جمود پيدا نه ٿو ٿئي، اهو اصول هميشه هيٺاهين درجي کان مٿاهين سماجي درجي ڏانهن ارتقا ڪندو وڌندو رهي ٿو يعني انساني معاشرو هيٺاهين سماجي درجي کان مٿاهين سماجي درجي ڏانهن ارتقا ڪندو وڌندو رهي ٿو. پر خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارا نظام مجهول ۽ غيرمتحرڪ هجڻ جي ڪري هڪ خاموش دفتر جي صورت ۾ ڪٽنب جي ارتقائي منزلن جي نشاندهي ڪندا رهن ٿا. ارتقا ڪرڻ جي انهن منزلن کي طئي ڪندي ڪندي کين وڏا عرصا گذريو وڃن ٿا. جڏهن ڪٽنبي نظام ۾ اسان کي ڪا انقلابي تبديلي نظر اچي ٿي ته، ان جي ارتقا به انقلابي طور تي تيز ۽ تڪڙي طرح سان گذري ويل هوندي آهي.“
    ساڳيءَ طرح مارڪس به چوي ٿو ته: ”اهو ساڳيو اصول سياسي، قانوني، مذهبي ۽ فلسفيانه ظالمن تي به لاڳو هوندو آهي.“. ڪٽنب برابر زنده رهندو اچي ٿو، پر خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جو نظام به جامد، پختو، سڪندو ۽ ٺوٺ ٿيندو تَهن مٿان تهه ٺاهيندو هلندو هلي ٿو. رسمي طور تي سندس ظاهري شڪل ۽ صورت برابر ساڳي قائم رهي ٿي، پر اصلوڪو بنيادي ڪٽنب اها سرحد اورانگهي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ ڪنهن نئين تهه جي ٺهي پوڻ تائين، سندس شڪل ۽ صورت ۾ به تبديلي اچي وڃي ٿي. جهڙيءَ طرح Cuvier ڪيويوي (فرينچ عالم) پٿر جي تهه مان انهن معدوم ٿي ويل اهڙن جانورن جي هڏن جا نشان (ٿر جي صورت ۾) Marsupial ڳولي لڌا هئا، جن جي پيٽن سان ڦرن کڻڻ لاءِ ڳوٿريون لٽڪيل هونديون هيون ۽ هن عالم انهن نشانن مان، انهن جانورن جي، جيڪي هن ڌرتيءَ جي سطح تي ڪڏهن سچ پچ گهميا ڦريا هئا، شڪل، صورت ۽هيئت معلوم ڪري سگهيو هو.
    ساڳيءَ طرح اسين به وڏي وثوق ۽ اعتماد سان خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جي انهن پراڻن ۽ قديم ترين معدوم ٿي ويل رشتن کي، جيڪي ماضيءَ جي ڪنهن پراهين دور ۾ ڪٽنب جي شڪل ۽ صورت ۾ موجود هوندا هئا، ڳولي هٿ ڪري سندن اصلوڪي شڪل، صورت ۽ هيئت کي مقرر ڪري سگهون ٿا.
    بيشڪ! اهي خون جي رشتن تي ٻڌل نظام، موجوده دور وارن رائج نظامن کان ضرور مختلف قسمن جا هوندا هئا، جن ۾ هرهڪ ٻار جا ڪيترائي پيئر ۽ مائرون هونديون هيون. آمريڪي انڊين قبيلن جا مٽين مائٽين جا نظام جيڪي هوائي ٻيٽن وارن قبيلن جي نظامن سان مشابهت رکن ٿا، ڪي به ڀاءُ ۽ ڀيڻ هڪ ۽ ساڳئي ٻار جا پي ماءُ ٿي نه ٿا سگهن پر ان جي ابتڙ هوائي ٻيٽن وارن قبيلن ۾مٽين مائٽين جا رائج نظام هڪ اهڙي قسم جي ڪٽنب جو گمان پيدا ڪن ٿا، جنهن ۾ اهڙي ساڳي قسم جا نظام قائم هوندا هئا. خود موجوده دور ۾ اڄ به اسان کي تسليم شده ڪٽنب جي اداري جا اهڙا نمونا موجود ملن ٿا، جيڪي اسان واري موجوده معاشري ۾ رائج ڪٽنبي نموني جي سراسر مخالف قسم جا هوندا آهن. اسان جي پورائي هن امر مان به ظاهر ٿئي ٿي ته اسان انهيءَ غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهيون ته اسان واري موجوده ڪٽنبي نموني کان سواءِ ٻيو ڪوبه نمونو هن وقت دنيا ۾ موجود ئي نه آهي.
    روايتي طور تي اسين فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب جو تصور ڪري سگهون ٿا پر انفرادي طور تي ڪي ڪي مرد اڄ به گهڻيون زالون پرڻجن ٿا ۽ ساڳيءَ طرح انفرادي طور تي ڪي ڪي عورتون به ساڳئي وقت تي گهڻا مڙس رکن ٿيون. پر ٻئي ڪثرت ۾ زالون رکندڙ مڙس توڙي ڪثرت ۾ مڙس رکندڙ زالون ساڳي وقت ئي مذهبي ۽ اخلاقي مبلغن جي لعن تعن کان ڊڄي انهن جنسي تعلقاتن کي لڪائڻ جي به از حد ڪوشش ڪن ٿا، پر عملي طور تي هو ماٺ ميٺ ۽ سماج جي مقرر ڪيل بندشن جي انحرافي ڪندا رهن ٿا. اسان کي قبل تاريخي دور جي تاريخ جو مطالعي ڪندي اهڙيون حقيقتون به معلوم ٿين ٿيون ته قديم زماني ۾ هي رواج به عام هوندو هو ته مرد گهڻين عورتن سان ۽ عورتون گهڻن مردن سان هڪ ۽ ساڳئي وقت تي جنسي ميلاپ ڪندا هئا ۽ انهيءَ ميلاپ مان پيدا ٿيل سمورو اولاد، سمورن مردن ۽ سمورين عورتن جو گڏيل ۽ مشترڪ اولاد هوندو هو. انهن حالتن ۾ درجي بدرجي گهٽتائي ٿيندي ويئي، جيڪا آخرڪار هلندي ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري تي اچي ٺهڪو کائي بيهي رهي آهي.
    ترميمن جي سلسلي کي سمجهائڻ لاءِ اسين مثال طور هڪ گهيري جي مثال کي وٺون ٿا ته جنهن جي اندر ڪيترائي مرد ۽ ڪيتريون ئي عورتون شادي (جنسي ميلاپ ڪرڻ) جي هڪ يڪي زنجير ۾ وڪوڙيل بيٺا آهن. اهو گهيرو سوڙهو ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. گهيري جي سوڙهي ٿيندي ئي ڪي مرد ۽ ڪي عورتون انهيءَ گهيري مان ٻاهر نڪري وڃن ٿيون. اهو گهيرو آخرڪار سوڙهو ٿيندو ٿيندو اچي فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ کي شادي جي زنجير ۾ وڪوڙي بيهي رهي ٿو. جيڪو رواج اڄ هڪ عالمگير حيثيت وٺي چڪو آهي.
    مارگن پنهنجي همعصر تاريخ جي عالمن سان هن راءِ تي اتفاق ڪري ٿو ته، ڪٽنب جي تاريخ تي پوئتي نظر ڦيرائيندي اسان کي حقيقت صاف نظر اچي ٿي ته ڪٽنب جي تاريخي بنيادي تعميري دورن ۾ يعني قبل تاريخي دورن ۾ قبيلي اندر هڪ منجهائيندڙ قسم جو، بي ترتيبو نظام موجود هوندو هو، جنهن نظام ۾ قبيلي جي سمورين عورتن مان هر عورت، قبيلي جي مردن جي گڏيل ۽ مشترڪ زال ليکي ويندي هئي ۽ سمورن مردن مان هر مرد کي سمورين زالن جو گڏيل ۽ مشترڪ مڙس ليکيو ويندو هو. اسان کي اهڙي ساڳئي قسم جو ذڪر مذڪور 8 1 صدي عيسويءَ تائين به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر اهو ذڪر مذڪور هڪ عام قسم جي نوعيت جو هوندو آهي.
    انهيءَ ڏس ۾ باڪوفن کي شاباس آهي. هي صاحب پهريون عالم آهي، جنهن انهيءَ طرف ڌيان ڏيئي، کيس اهم قرار ڏيئي، ان جي وجود ۽ بنياد کي تاريخي ۽ مذهبي روايات ۾ ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها سندس هڪ عظيم تاريخي خدمت چئبي. سندس انهن دريافت ڪيل اهڃاڻن مان اسان کي اهو سماجي طور تي منجهائيندڙ قسم وارو هڪ لامحدود ۽ بي پايان جنسي ميلاپ ڪرڻ وارو دور هٿ نه اچي سگهيو آهي. پر اسين انهيءَ ڪوشش ڪندي ڪندي، بعد وارن گروهي شادين واري درجي تائين پهچي وڃون ٿا. اهو قديم قبل تاريخي دور جيڪڏهن سچ پچ موجود به هو، ته به اهو دور ايترو ته پراهون آهي جو اسين ان بابت سماجي تهن يعني موجوده دور جي وحشي ترين قبيلن مان به ڪا پڪي ثابتي يا حتمي شهادت حاصل ڪري نه سگهيا آهيون. اهو به باڪوفن جو احسان چئبو جو هن عالم کوجنا ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ انهيءَ مسئلي کي وڏي اهميت ڏني آهي.
    ”حقيقت هيءَ آهي ته باڪوفن جيڪو ڪجهه پنهنجي تحقيق ۽ کوجنا جي دوران حاصل ڪري سگهيو هو يا ان بابت محض قياس آرائي ڪري سگهيو هو، انهيءَ حقيقت کي هن پاڻ به پوري ريت نه سمجهيو هو. انهيءَ ڳالهه جو ثبوت هي آهي ته انهيءَ قديم دور واري سماجي حالت کي باڪوفن Hatearism سريت بازي جو نالو ڏئي ٿو. اهو فقط پهريائين يونانين استعمال ڪيو هو. جنهن مان سندن مراد هئي هر اهو جنسي تعلق جيڪو انهن مردن ۾ رائج هوندو هو جيڪي ڪنوارا هوندا هئا يا وٽن فقط هڪ زال هوندي هئي. ساڳي حالت زالن سان به لاڳو هوندي هئي. انهيءَ دور ۾ شادي ڪرڻ لاءِ هڪ خاص صورت مقرر ڪيل هوندي هئي. جنهن مان اهو عمل ٻاهر ڪيو ويندو هو. انهيءَ عمل ڪرڻ ۾ عصمت فروشي جي ڪاروبار کي به شامل ڪيل هوندو هو. انهيءَ دور ۾ عصمت فروشي جيڪڏهن عام نه به ٿي هئي. يعني انهيءَ رسم معاشري ۾هڪ تسليم شده اداري جي صورت نه به ورتي هئي، ان هوندي به معاشري ۾ ان جو وجود پيدا ٿي چڪو هو.
    آئون پاڻ به انهيءَ لفظ کي مارگن وانگر ساڳي صورت ۽مفهوم ۾ استعمال ڪريان ٿو. باڪوفن پنهنجي صوفيانه مزاج ۽ طبيعت جي ڪري پنهنجن اهم تاريخي دريافتن کي به پراسرار ۽ ناقابل فهم بنائي ڇڏيو آهي. ان جو بنيادي سبب هي هو ته سندس خيال موجب مرد ۽ عورت جي وچ ۾ جيڪي به سماجي، قانوني، ازدواجي ۽ جنسي تعلقات هوندا آهن، اهي پنهنجي پنهنجي دور وارن مذهبي خيالن، عقيدن ۽ اعتقادن جو نتيجو هوندا آهن. پر سندن انهن عقيدن جو سندن روزمره جي عملي زندگيءَ جي حالتن سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي.“ (اينگلس طرفان نوٽ)
    افسوس وري هي آهي ته موجوده دور جي تاريخ جي عالمن وٽ بني نوع انساني جنسي زندگي جي ابتدائي مرحلن جي وجود جو قطعي طور تي انڪار ڪرڻ هڪ علمي فيشن بنجي ويو آهي. انهيءَ انڪار ڪرڻ جو مقصد هوندو آهي بني نوع انسان کي پنهنجي بدناموسي (سنڌي زبان ۾بي غيرتي) واري دور جي احساس کان پري رکڻ. اهي علماءَ انهيءَ رويي لاءِ هي دليل پيش ڪندا آهن ته، اهڙي قسم جي دور بابت ڪوبه سڌو سنئون ۽ حتمي قسم جو واضح ثبوت موجود نه آهي. ان ڪري ثبوتن ۽ حتمي شاهدن جي عدم موجودگيءَ ۾ انسان کان سواءِ باقي ٻي حيواني دنيا مان مثال وٺي پيش ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو ويو آهي.
    عمرانيات جو جڳ مشهور فرينچ عالم Letaurneau ليتورنيو 1881-1902ع پنهنجي ڪتاب Evolution of marriage and Family 1888 (شادي ۽ ڪٽنب جي ارتقا) ۾ اهڙا سوين مثال پيش ڪندو هلي ٿو، جن مان هن عالم هن امر جي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته لامحدود جنسي ميلاپ ڪرڻ واري ڇڙواڳي فقط هيٺين درجن جي حيوانن ۾ موجود هوندي آهي. پر آئون سندس سمورن پيش ڪيل مثالن ۽ حقيقتن مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته انهن سمورن مثالن مان حضرت انسان ۽ سندس قبل تاريخي دور بابت ڪابه خاص ڄاڻ حاصل ٿي نه سگهي آهي. موجوده دور ۾ اسين سمورن ڪرنگهي وارن جانورن جي لڳ ڪرڻ جي طويل عرصي بابت علم بدن جي اصولن تي ڪافي ڄاڻ ۽ سمجهاڻي حاصل ڪري سگهيا آهيون. مثلن پکين ۾ آنن ڦوڙڻ جي عمل ۾ نر جو مادي کي وارو وٺائڻ ۽ عام پکين جي جوڙن (نر ۽مادي) جي باهمي جنسي وفاداري جي جذبي مان اسان کي انساني جنسي لاڙن ۽ خواهش بابت ڪابه رهنمائي نه ٿي ملي سگهي. پکين جو مثال ڏيڻ هن ڪري به انسان سان لاڳو ڪري نه ٿو سگهجي ته خود ارتقا جي فلسفي موجب انسانذات پکين مان پيدا نه ٿي آهي.
    اسين جيڪڏهن ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري جنسي نظام کي اخلاقيات ۽ سماجي نيڪي جو ڪليدي معيار تسليم ڪنداسين ته انهيءَ صورت ۾ به اسان کي فقط Tapewormٽيپ رو م(هي هڪڙو ڪيڙو انسانن ۽ حيوانن جيآنڊن ۾ پيدا ٿيندو آهي) کي جس ڏيڻو پوندو ته سندس بدن جي 50 کان 200 گرين يا ڳنڍين مان هر گري ۾ جدا جدا نر ماد جو نظام رکيل هوندو آهي. سندس بدن جون سموريون گريون هر وقت ۽ هر لمحي پاڻ مرادو لڳ ڪرڻ جي جنسي عمل ۾سرگرم عمل رهنديون آهن. پر جيڪڏهن اسين کير ڏيندڙ جانورن ڏانهن ڌيان ڏينداسين ته اسان کي منجهن سمورن قسمن جا لڳ ڪرڻ جا نظام موجود نظر ايندا. مثلن منجهن لڳ ڪرڻ لاءِ هڪ زوردار اجهل آرزو يا خواهش موجود هوندي آهي. مثلن گروهي صورت ۾ منجهن لڳ ڪرڻ لاءِ ”هڪ نر گهڻيون ماديون“ ”هڪ نر هڪ ماديءَ“ وارو نظام وغيره موجود آهي. پر کير ڏيندڙ جانورن ۾ اسان کي ”هڪ مادي گهڻا نر“ وارو نظام ڪونه ٿو ملي. اها سعادت فقط حضرت انسان ئي حاصل ڪري سگهيو آهي. حيواني دنيا ۾ ارتقائي طور تي اسان جا ويجهي ۾ ويجها مائٽ چوپايا جانور به نر مادي جي لڳ ڪرڻ لاءِ تعلقاتن جا مختلف نمونا پيش ڪن ٿا.
    اسين جيڪڏهن انهيءَ گهيري کي سوڙهو ڪندي چئن قسمن جي انسان نما باندرن Anthropoia Apes ڏانهن ڌيان ڏينداسين ته انهيءَ معاملي ۾ خود ليتورنيو صاحب به اسان کي فقط هيءَ ڳالهه ٻڌائي سگهيو آهي ته، انسان نما باندرن جي مختلف قسمن ۾ ڪٿي ”هڪ نر هڪ مادي“ ۽ ڪٿي وري ”هڪ نر گهڻين مادين“ رکڻ جو رواج موجود آهي. پر جراڊ ٽولون جي ڏنل حوالي موجب سوسوري Saussure نالي هڪ رومن عالم چوي ٿو ته، باندرن ۾ فقط ”هڪ نر هڪ مادي“ واري جبليت موجود هوندي آهي. ساڳي طرح فنلينڊ جي جرمن مورخ ويسٽر مارڪ (Wester Marck) جي ڪتاب History of Human Marriage (انساني شادين جي تاريخ) ۾ به انسان نما باندرن ۾ ”هڪ نر هڪ ماديءَ“ وارو حوالو موجود آهي. پر سندس اهو حوالو پنهنجي جاءِ تي ڪا حتمي قسم جي حجت ۽ اڻ ٽر ثابتي هرگز نه آهي.
    اهي سموريون رپورٽون ۽ حوالا اهڙي نوعيت جا آهن جو خود ليتورنيو به انهيءَ حقيقت کي مڃڻ لاءِ مجبور ٿي لکي ٿو ته:”کير ڏيندڙ جانورن ۾ ذهني طور تي ارتقا ڪرڻ ۾ لڳ ڪرڻ جي عمل بابت ڪوبه مقرر ڪيل ربط موجود نه هوندو آهي.“ جڳ مشهور فرينچ فيلسوف Espinas اسپيناس (1922-1845) به پنهنجي ڪتاب Animal Societies (حيواني معاشرا) ۾ لکي ٿو ته: ”حيوانن ۾ وڏي ۾ وڏو گروهه ڌڻ هوندو آهي. اهو ڌڻ ڪٽنبن مان ٺهي ٿو پر ٻئي ڌڻ ۽ ڪٽنب هڪ ٻئي سان گڏجي عمل ڪرڻ جي بجاءِ هڪ ٻئي جي خلاف صف آرا رهن ٿا. ڌڻ ۽ ڪٽنب پاڻ ۾ (Inverse Rario) مخالف نسبت ۾ يعني هڪڙو وڌي ٿو ته ٻيو گهٽجي ٿو جي اصول جي مطابقت ۾ وڌن ٿا.“
    مٿي ڏنل سموري مذڪور مان فقط هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته اسان کي انسان نما باندرن مان ڪنهن به ڪٽنبي خواه سماجي گروهه جي ڪابه معلومات حاصل ٿي نه سگهي آهي. مٿي ذڪر ڪيل سمورا حوالا هڪ ٻئي کي سنئون سڌو رد ڪندا اچن ٿا. اسان کي انهيءَ حقيقت لاءِ ڪنهن به عجب ۾ پوڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.
    هي ته ٿيا حيوان ۽ سندن ڪائنات! پر خود وحشي قبيلن جي انسانن بابت به اسان کي مليل سمورا حوالا ۽ احوال، لکڻيون ۽ تاريخون پاڻ ۾ ايتري قدر ته متضاد هونديون آهن، جو سندن ڇنڊڇاڻ ڪري کين صاف ۽ اجرو ڪري، هڪ ٻئي کان ڌار ڪرڻ جي سدائين ضرورت پوندي رهندي آهي. انساني معاشري جي مقابلي ۾ باندرن جي معاشري جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ڪم آهي. انڪري اسان جي ڀلائي فقط هن امر ۾ آهي ته اسين في الحال سمورن غيرمعتبر ۽ غيروثوقي قسم جي حوالن مان اخذ ڪيل سمورن نتيجن کي يڪقلم مسترد ڪري ڇڏيون.
    اسان کي فقط اسيپناس جي ذڪر ڪيل حوالي مان ڪي قدر رهنمائي ملي ٿي، اها رهنمائي هيءَ آهي ته مٿاهين درجي جي جانورن ۾ ڌڻ ۽ ڪٽنب هڪ ٻئي تي انحصار نه ٿا رکن. بلڪ اهي هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ عمل ڪن ٿا. ان جو مثال ڏيندي اسيپناس پنهنجي ڪتاب ”حيواني معاشرا“ ۾ لکي ٿو (هي ڪتاب فرينچ زبان ۾ آهي) ته: ”ڪيئن نه لڳ جي مُند ۾نرن ۾ حسد ۽ غيرت جو جذبو جاڳي پوي ٿو؟ اهو جذبو لڳ جي مند تائين ڌڻن ۾ ڏڦير وجهي ڇڏي ٿو.“ اهو اڳتي هلي وري لکي ٿو ته، ”جتي هڪ ڪٽنب پاڻ ۾ مضبوطيءَ سان چهٽيل ۽ لاڳاپيل رهي ٿو. اتي پاڻ ۾ لاڳو ۽ اتحاد خير ڪي نظر ايندو آهي. حقيقت ۾ ڌڻ فقط انهن جانورن ۾ قدرتي طور تي پيدا ٿي پون ٿا جن جانورن ۾لڳ ڪرڻ جي ڇڙواڳي يا ”هڪ نر گهڻيون مادين“ وارو اصول ڪارفرما هوندو آهي. هڪ ڌڻ جي ٺهڻ لاءِ ڪٽنبي لاڳاپن کي ضرور ڍرو ڪرڻو پوندو آهي.
    اهوئي سبب هوندو آهي جو اسان کي پکين ۾ ڪوبه منظم ڌڻ، گروهه يا جماعت نظر نه ٿي اچي. پکين جي مقابلي ۾ اسان کي کير ڏيندڙ جانورن ۾ گهٽ يا وڌ پيماني تي منظم ٿيل سماجي ڌڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان جو خاص ڪارڻ هي هوندو آهي ته انهن جانورن ۾ ڪوبه هڪڙو جانور پاڻ کي انفرادي طور تي ڪنهن به ڪٽنب ۾ ضم ڪري نه ٿو ڇڏي. ان ڪري اسين ڏسون ٿا ته ڌڻ جي پيدا ٿيڻ وقت، ڌڻ ۾ پاڻ ۾ مجموعي طور تي گڏجي حياتي گذارڻ جي جذبي يعني جماعت کي پيدا ڪرڻ واري اجتماعي شعور Colletive Consiene جو ڪٽنب ۾ گڏجي رهڻ واري جذبي کان وڌيڪ ڪوبه ٻيو دشمن جذبو نه هوندو آهي. ان ڪري اچو ته سنئون سڌو اقرار ڪريون ته جيڪڏهن اسين ڪٿي به ڪٽنب کان وسيع تر سماجي اداري کي ارتقا ڪندي ڏسون ٿا ته انهيءَ صورت ۾ اسان کي ڄاڻڻ گهرجي ته اهو ارتقائي عمل فقط ان ڪري وجود ۾ اچي سگهيو هوندو جڏهن ان ۾ سمايل ڪٽنبن پاڻ ۾ بنيادي نموني ۾ انقلابي تبديلي آندي هوندي ۽ اها انقلابي تبديلي تڏهن ممڪن ٿي سگهي هوندي جڏهن ڪٽنبن پاڻ کي نئين سر ٺاهڻ ۽ ترتيب ڏيڻ خاطر ضرور بالضرور موزون ۽ واقف حالتن ۽ ماحول مان فائدو ورتو هوندو.“
    انهيءَ ساڳي لکت جو حوالو جراڊ ٽولون به پنهنجي ڪتابOrigin of Marriage and Faimly ”شادي ۽ ڪٽنب جو آغاز“ ۾ ڏنو آهي.
    انهن سمورن حوالن مان فقط هن هڪ امر جي وضاحت ٿئي ٿي ته حيواني معاشرن مان انساني معاشرن بابت، محض نتيجن ڪڍڻ جي گنجائش موجود هوندي آهي پر انهيءَ گهربل گنجائش کي فقط منفي حالت يا تضادن جي معلوم ڪرڻ خاطر ئي ڪتب آندو ويندو آهي. هن وقت تائين هلندڙ بحث مباحثي مان اسين فقط هي هڪڙي ڳالهه ڀلي ڀت پروڙي سگهيا آهيون ته مٿاهين قسم جي ڪرنگهي وارن جانورن واري حيواني انواع ۾ فقط ٻن قسمن جي ڪٽنبن جو وجود ملي ٿو ته پهريون ”هڪ نر گهڻيون ماديون“ ۽ ٻيو ”جوڙو يا جفت“ يعني ”هڪ نر هڪ مادي“ انهن ٻنهي قسمن ۾ فقط هي هڪڙي حقيقت مشترڪ طور تي ملي ٿي ته انهن ٻنهي انواع ۾ فقط هڪڙي بالغ نر يعني مڙس سان پرڻجڻ (جنسي ميلاپ ڪرڻ) جو جواز موجود هوندو آهي. هر نر ۾ حسد ۽غيرت جو جذبو جنهن ۾ ٻنهي جذبن يعني لڳ ڪرڻ جي لاڳاپي ۽ ڪٽنب جي حدبندي ڪرڻ جا عناصر جيڪي پاڻ ۾گڏجي هڪ حيواني ڪٽنب کي ڌڻ جي مخالف ڪرڻ لا۽ کڙو ڪري بيهارين ٿا، موجود هوندا آهن. جن جي نيتجي ۾ ڌڻ جيڪو ڪٽنب کان وڌيڪ اوچي قسم جو سماجي نظام هوندو آهي، ان جو ٺهڻ ناممڪن بنجي پوندو آهي. جنهن کي بچائڻ خاطر ئي سندس نظام کي ڍرو ڪرڻو پئجي ويندو آهي ۽ لڳ ڪرڻ جي مند ۾ ته مورڳو خود ڌڻ کي ئي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو آهي.
    مطلب ته ڌڻ جي اوسر ۽ واڌاري ۾ نر جي غيرت ۽ حسد جو جذبو هڪ رڪاوٽ بنجي بيهي رهندو آهي. هن حقيقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ته حيواني ڪٽنب ۽قديم انساني معاشرو هڪ ٻئي کان ڌار ڌار معاشرا هوندا هئا. جن جو پاڻ ۾ڪوبه تعلق ۽ ڳانڍاپو نه هوندو هو، مٿي ڏنل مباحثو ڪافي ٿيندو. ٻيو ته جڏهن حضرت انسان حيواني سطح کان مٿڀرو ٿيڻ واري ارتقائي دور ۾ هلي رهيو هو تڏهن هو يا ته ڪنهن به ڪٽنب جي وجود کان ئي بي خبر هوندو هو يا جيڪڏهن کيس ڪنهن ڪٽنب يا ڪٽنب جي لڳ ڀڳ اداري جي ڪا ڄاڻ هوندي به هئي ته اهڙو ڪٽنب حيوانن جي دنيا ۾ موجود ئي ڪونه هوندو هو. اهو بي وس، ناتوان ۽ بي هٿيار حيوان جيڪو ارتقا ڪندو ڪندو، انسان بنجي پوڻ واري درجي تي اچي پهتو هو، ايتري قدر ته ٿورڙي تعداد ۾ موجود هجڻ ۽ ساڳئي وقت تي ٻين جانورن کان الڳ الڳ رهندي، اها ڳالهه ڪيئن ممڪن ٿي سگهي هوندي ته اهڙي خسيس ناتوان ۽ بي وس هستي، پنهنجي وجود کي هن عظيم ڪائنات ۾ قائم رکي سگهي هئي، سو به انهيءَ حالت ۾ جڏهن هو فقط اڪيلا ٻه ڄڻا يعني مڙس (آدم) ۽ زال (حوا) ساري ڌرتيءَ تي حيوانن جي دنيا سان مقابلي ڪرڻ لاءِ موجود هجن.
    ويسٽر مارڪ جنهن مختلف شڪارين جي حوالن مان گوريلن ۽ انسان نما چمپانيزي باندرن بابت سندن ذڪر ڪيل حقيقتن ۽ واقعن مان چونڊ ڪري کين انسانن ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو آهي، لکي ٿو ته، ”ججهن ڌڻن ٺاهڻ جو جذبو ۽ جبليت فقط ”هڪ نر هڪ مادي“ جي جوڙي تائين محدود هوندي آهي.“ ان ڪري چئبو ته، خود سندس ئي دليل موجب ارتقائي طور تي حيواني درجي مان نڪري انساني درجي واري منزل تي پهچڻ جو سمورو ارتقائي عمل پنهنجي وجود ۾ هر صورت ۽ حالت ۾ هڪ وڏي ۽ عظيم معجزي کان گهٽ نه هو.
    قدرت جو اهو معجزو اهڙي نموني ۾ واقع ٿيو هو جو ڄڻ ته قدرت کي خود پاڻ تي فتح حاصل ڪرڻ خاطر، هڪ زائد ۽ مددگار عنصر جي گهرج پئجي ويئي هئي ۽ اهو زائد ۽ مددگار عنصر، فرد جي بچائ ڪرڻ وران ناڪافي قدرتي قوتن کي هٽائي سندس جاءِ تي ڌڻ (جماعت) جي اجتماعي متحده قوت مدافعت ۽ سعي کي کڙو ڪري ڇڏڻ. انسان نما باندر ۽ لنگور موجوده دور ۾ جنهن قدرتي ماحول ۽ حالتن هيٺ زندگي گذارين ٿا، ته کين ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته، کين انهيءَ ڪمتر حيواني قسم جي حالتن مان ڪڍي انساني درجي تائين پهچائڻ لاءِ هي صاحب پاڻ به ڪوبه مثبت ۽ موزون ارتقائي قسم جو دليل پيش ڪري نه سگهيو آهي. کيس ڪوبه اهڙو ٺوس قسم جو دليل ڏيڻ ڄڻ ته ناممڪن نظر اچي ٿو. باندرن ۽ لنگورن ۾ ڪنهن اڳڀري ارتقائي درجي لاءِ ارتقا ڪرڻ جو عمل ڪرڻ ته ٺهيو پر مورڳو سندس موجوده ارتقا ڪرڻ جي خود رفتار ئي ڏيکاري ٿي ته هي مسڪين جانور فنا ۽ ڪالعدم ٿي وڃڻ جي درجي ڏانهن ارتقا ڪري رهيا آهن، پر جيڪڏهن اهي ٻئي انسان نما باندرن جون جنسون ڪالعدم نه به ٿي ويون تڏهن به اهي روبزوال ضرور آهن.
    اها هڪڙي ئي حقيقت انهن سمورن ڌڪي تي ڪڍيل نتيجن، جن جو بنياد باندرن وارن ڪٽنبي سرشتن ۽ قديم انساني ڪٽبي نظامن جي وچ ۾ مشابهت پيدا ڪرڻ لاءِ گهڙيو ويو آهي، کي ڊاهي ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهي. ارتقائي طور تي حيواني درجي مان پار پئي انساني درجي ۾ پهچڻ واري دور لاءِ هي امر لازمي بنجي ويو هو ته، وڏن انساني ڌڻن يا قبيلن جي ٺهڻ لاءِ انساني نرن (مردن) مان جنسي حسد ۽ غيرت جي جذبي کي ختم ڪيو وڃي ۽ انهيءَ معاملي ۾ کين پاڻ ۾ ڀائي ڀائي ٿي رهڻ جي سيکارڻ لاءِ، منجهن هڪ ٻئي سان جنسي ۽ سماجي طور تي روادار بنجي پاڻ ۾ گڏجي زندگيون گذارڻ واري جذبي کي اجاگر ڪيو وڃي پر انسان کي ڪٽنب جي انهيءَ پراڻي نظام جنهن بابت انساني تاريخ ۾ انڪار نه ڪري سگهڻ جهڙيون ثابتيون ملن ٿيون ۽ انهن اهڃاڻن ۽ ثابتين جو اسين هر هنڌ مشاهدو ۽ مطالعو به ڪري سگهون ٿا، اسان کي ڇا ٿو نظر اچي؟ اسين گروهي شادين کي عمل ۾ ايندي ڏسون ٿا. جنهن نظام هيٺ نرن (مردن) جو هڪڙو سڄو سارو گروهه مادين (عورتن) جي هڪ سڄي ساري گروهه سان شادي (جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل) جي ٻنڌن ۾ جڪڙيو پيو هوندو هو.
    انهيءَ نظام ۾ نر (مرد) جي جنسي حسد (غيرت) لاءِ ڪابه جاءِ موجود نه هوندي هئي. يعني اهو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو، انهيءَ دور کان ٿورڙو اڳڀرو هلي اسين ڏسون ٿا ته انساني معاشري ۾ ”هڪ عورت گهڻا مرد“ وارو نظام پڻ شروع ٿي وڃي ٿو. جيڪو مرد جي جنسي حسد ۽ غيرت جي جذبي لاءِ هڪ قاتل هٿيار هوندو آهي. تنهن ڪري انهيءَ نظام جي انسانن کان سواءِ ٻين باقي جانورن کي ماڳهين ڪا خبر نه هوندي آهي. جيئن ته اسان کي، گروهي شاديون ۽ انهن سان گڏوگڏ اهڙيون منجهيل قسم واريون جنسي حالتون به موجود ملن ٿيون، جيڪي ڪن اهڙن پراڻن، سادن سودن جنسي تعلقاتن ڏانهن اشارو ڪن ٿيون ۽ تحقيق ڪندي ڪندي اسان جو ڌيان، آخر طور تي هڪ اهڙي ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڏانهن، جيڪو انهيءَ قديم دور جنهن ۾ حيوانن مان انسانيت وارو درجو جنم وٺي رهيو هو، سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو، ڏانهن از خود ڇڪجي وڃي ٿو.
    ان ڪري حيوانن جي لڳ ڪرڻ جي حوالن ۽ مثالن کي ثابتي طور پيش ڪرڻ، اسان کي موٽائي آڻي انهيءَ نقطي تي بيهاري ٿو، جنهن نقطي کان اسان ارتقائي طور تي ترقي ڪري انسان بنجي پوڻ واري دور ۾ داخل ٿيا هئاسين. اها حقيقت سموري بني نوع انسان سان لاڳو آهي.
    هاڻي سوال آهي ته، ”جنسي ميلاپ“ واري محاوري مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ ان جو جواب هي آهي ته، انهيءَ محاوري مان اسان جي مراد آهي ته، اهي جنسي بندشون جيڪي اڄ به انساني معاشرن ۾ موجود آهن، انهن ساڳئي قسم جي بندشن جو قديم ترين قبل تاريخي زماني واري دور ۾ ڪوبه وجود ئي ڪونه هوندو هو. اسين جنسي حسد ۽ غيرت جي ڪوٽن جي ڊهي پوڻ جو ذڪر ڪري آيا آهيون. اسين جيڪڏهن ڪنهن هڪ امر لاءِ پڪ ۽ يقين سان چئي سگهون ٿا ته، اهو فقط هي آهي ته انهيءَ جنسي حسد ۽ غيرت واري جذبي جي پيدا ٿيڻ وارو دور تمام بعد جو دور آهي ۽ اها ساڳي ڳالهه اسين اولاد جي والدين سان جماع ڪرڻ لاءِ به چئي سگهون ٿا.
    اسان کي هي امر به صاف نظر اچي ٿو ته اوائلي ۽ قديم دور ۾نه فقط ڀاءُ ۽ ڀيڻ پاڻ ۾ زال مڙس بنجي زندگي گذاريندا هئا، پر خود موجوده جديد دور ۾ به دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي خود اولاد ۽ والدين جي پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل کي جائز ۽ صحيح سمجهيو وڃي ٿو. H.H. Bancroft بان ڪرافٽ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب The Native Racis of the Pacific states of Northern America Vol, 1, 1875/76. (شمالي آمريڪا جي پيسفڪ سمنڊ وارين رياستن جا ڏيهي نسل) ۾ انهيءَ ساڳي حقيقت جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته: ”بيرنگ جي ڳچي سمنڊ جا ڪلويات نالي قبيلا، الاسڪا جي ڪارباق قبيلن ۽ ڪئنيڊا جي طينهه قبيلن ۾ ساڳي رسم جو عام رواج موجود آهي.“
    ليتورنيو جي لکڻ موجب ”چيسوا قبيلن“ چلي جي ڪوڪوز ۽ ڪريبين ٻيٽن جي قبيلن ۽ هند چيني جي ڪرن قبيلن ۾ به ساڳي رسم موجود آهي.“ قديم يونانين، رومن پارٽي، ايراني، سيٿن- هنن ٻين قومن ۾به انهيءَ ساڳي رسم کي رائج ڏنو ويو هو. سندن قديم ڪتابن ۾به انهيءَ رسم جو مفصل بيان لکيل موجود آهي. پنهنجي والدين سان جماع ڪرڻ جي رسم جي ايجاد کان پوءِ (اها هڪ ايجاد چئجي ۽ اها آهي به هڪ املهه ڳالهه) والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي رواج کي، پَري جي پيڙهين جي وچ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ کان وڌيڪ بُرو نه سمجهيو ويندو هو. خود موجوده مهذب دور ۾نام نهاد اخلاق پرست سڌريل ۽ مهذب قومن ۽ ملڪن ۾ انهيءَ قسم جي جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل تي ڪوبه نفرت انگيز ۽ خطرناڪ قسم جو ردعمل پيدا نه ٿو ٿئي. انهن نام نهاد سڌريل اخلاق پرست مهذب ملڪن ۾ 60 سالن جون عورتون انهيءَ ساڳئي جنسي شوق ۾ مبتلا نظر اينديون آهن. جيڪڏهن اهڙيون پيرسن ڪنواريون عورتون مالدار ۽ شاهوڪار آهن ته هو وڏي سولائيءَ سان 30-25 سالن جي نوجوانن کي پنهنجي دام محبت ۾ ڦاسائي ساڻن شاديون ڪنديون آهن. سندن انهيءَ جنسي فاتحانه ڪارنامي تي معاشري ۾ ڪوبه مخالف ردعمل ظاهر نه ٿيندو آهي.
    اسين قديم ترين ڪٽنب جي نظام ۾ مائٽن ۽ والدين سان جنسي ميلاپ ڪرڻ واري رواج جيڪو اسان واري دور جي ماڻهن جي نظرن ۾ محض هڪ قسم جو منجهيل ۽ بي ترتيبو نظام هوندو آهي، سان منهن مقابل ٿيون ٿا پر انهيءَ رواج ۽ نظام جو منجهيل ۽ بي ترتيب پهلو فقط هي هوندو آهي ته اهي بندشون جيڪي بعد جي پيدا ٿيل دور جي رسمن عائد ڪيون آهن، ان وقت يعني انهيءَ قديم دور ۾ اڃا وجود ۾ ئي نه آيون هيون. انهيءَ جو مطلب هي هرگز نه هوندو هو ته سندن روزمره جي زندگين ۾ هڪ ابتو سبتو، الٽي پلٽي قسم جو مونجهارو رائج هوندو هو ۽ اهي فقط آزاد ۽ ڇڙواڳ قسم جي جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل ۾مشغول رهندا هئا. انهيءَ دور ۾ به عارضي طور تي يا ڪنهن خاص مند يا مدت تائين هڪ جوڙي (مرد ۽ عورت) جي صورت ۾ قبيلي کان جدا ٿي پاڻ ۾ زال ۽ مڙس وانگر گڏجي رهڻ جي امڪان کي به خارج ڪري نٿو سگهجي.
    حقيقت وري هيءَ آهي ته، خود گروهي شادين واري دور ۾ به، جدا جوڙو جوڙو ٿي پاڻ ۾ زال مڙس طور گڏجي رهڻ وارن جي وڏي اڪثريت هوندي هئي. جيڪڏهن ويسٽر مارڪ جيڪو انهيءَ اصلوڪي قديم دور واري حالت کان انڪار ڪندڙ عالمن مان پويون عالم آهي، جيڪو پاڻ لفظ شادي جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”هر اها حالت جنهن ۾ٻئي انساني صنفون (مرد ۽ عورت) پاڻ ۾جنسي ميلاپ ڪرڻ جو عمل ڪندا رهن جيستائين کين ڪو اولاد ڄمي، ته ان وقت چئي سگهجي ٿو ته، انهيءَ قسم جي شادي هڪ اهڙي مونجهاري پيدا ڪندڙ ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي حالتن ۾ ٿي سگهي ٿي جنهن مان اڃان تائين بي ترتيبي ۽ مونجهاري جو خاتمو ٿي نه سگهيو آهي. يعني انهيءَ جنسي ميلاپ جي عمل جي وچ ۾ سماجي رسمن جون کڙيون ڪيل ديوارون (مشڪلاتون) اڃان به موجود آهن.“
    ويسٽر مارڪ پنهنجي بحث جو آغاز هن نقطي کان ڪري ٿو ته، ”جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل ۾ مونجهارو ۽ بي ترتيبي ڌرين جي انفرادي لاڙن ۽ فطري تمنائن کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، انڪري زنا ڪاري يعني انساني جسمن کي محض سکڻي (بنان تمنائن) جي جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر وڪرو ڪرڻ ان جو سچو پچو نمونو بنجي پوندو آهي.“ پر مون کي ته وري هي امر به صاف نظر اچي ٿو ته، قديم ترين زماني وارين حالتن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ ان وقت تائين ناممڪن هوندو آهي جيسين تائين اسين انهيءَ معصوم ۽ اٻوجهه دور کي پاڻ واري دور جي چڪلن ۽ فحش زناڪاريءَ واري عينڪ پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين. اسين اڳتي هلي گروهي شادين تي بحث ڪندي، انهيءَ ساڳئي نقطي تي ٻيهر بحث ڪنداسين. مارگن به لکي ٿو ته، ”انهيءَ مونجهاري ۽ بي ترتيبيءَ جي ڪري تمام ڏورانهن قديم ترين دور ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل مان هيٺيان نتيجا ظاهر ٿيا هئا:
    1 - خون جي رشتن ۾ پوتل ڪٽنب
    هي ڪٽنب جو پهريون درجو آهي. انهيءَ نظام ۽ سرشتي هيٺ، شاديون ڪندڙ جوڙن جا گروهه پيڙهين مطابق بيهاريا وڃن ٿا. ڪٽنب ۾ موجود سمورا ڏاڏا ۽ ڏاڏيون، نانا ۽ نانيون پاڻ ۾ زال مڙس هوندا آهن. ساڳي حالت سندن اولاد ۾به پيدا ٿئي ٿي. سندن اولاد پاڻ ۾ پيءُ ماءُ بنجي اولاد پيدا ڪن ٿا ۽ سندن اولاد وري ڪٽنب جو ٽيون نمبر دائرو ٺاهي ٿو. جن جو اولاد (پٽ ۽ ڌيئرون) وري هڪ ٻئي سان شاديون ڪن ٿا. سندن پڙ پوٽا ۽ پڙ پوٽيون وري هڪ نيون چوٿون نمبر دائرو ٺاهين ٿا. اهڙي نموني جي ڪٽنب ۽ هڪ ئي خاندان جا فرد ٻئي پيڙهيون ڏاڏي کان وٺي پوٽي تائين والدين خواه سندن اولاد (ڏاڏي ۽ پوٽي) پاڻ ۾شادي ڪرڻ جي حقن(Rights) ۽ زميندارن(Obligation) کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا. يعني پاڻ ۾ محرمات مان بنجي پون ٿا. ڀائر ۽ ڀينرون، سوٽ ۽ سوٽيون، پهرين نمبر خواه ٻئي نمبر وارا اڃان به رواجي طرح هڪ ٻئي ۾ پيڙهين وار ڀائر ۽ ڀينرون ٿي پون ٿا ۽ انهن ساڳين مٽين مائٽين ۽ خون جي رشتن جي ڪري ئي خودبخود هڪ ٻئي جا مڙس ۽ زالون بنجي پون ٿا. انهيءَ درجي تي پهچندي ئي پاڻ ۾ ڀائرن ۽ ڀينرن هجڻ وارو خوني رشتو کين خودبخود ۽ پاڻمرادو جنسي ميلاپ ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ٿو. ان جهڙي صورتحال ۾ اهڙو سمورو ڪٽنب فقط هڪ واحد جوڙي (مرد ۽ عورت) جو اولاد ۽ پونير هوندا هئا. انهيءَ سڱ جي ڪري ئي اهي خودبخود هڪ ٻئي جا مڙس ۽ زالون بنجي پوندا هئا. اهڙي قسم جو خون محض رشتن ۾ پوتل ڪٽنب هن وقت دنيا ۾ معدوم ٿي چڪو آهي. موجوده وقت ۾ دنيا ۾ وحشي ترين قبيلن يا خطن ۾ به اهڙي ڪنهن قسم جي ڪٽنب جو ملڻ مشڪل آهي. اهو نتيجو ڪڍڻ ته اهڙي ڪنهن قسم جو ڪٽنب ضرور بالضرور ڪنهن ڏورانهين ترين سمي ۾ موجود هوندو.
    اسان کي فقط هوائي ٻيٽن ۾ رهندڙ قبيلن جي خون جي رشتن تي ٻڌل ڪٽنبي نظام اڄ به پولينيشيا جي ٻيٽن ۾موجود ملي ٿو. جن ۾ انهيءَ ساڳئي نظام تي ٻڌل ڪٽنبن جا نمونا موجود ملن ٿا ۽ اهي مٽيون مائٽيون به فقط اهڙي ئي قسم جي ڪٽنبن جي نمونن ۾ ئي ملن ٿيون ته، انهيءَ صورت ۾ اسين مجبور ٿي هن نتيجي تي پهچون ٿا ته ڪٽنب جي اداري جي ارتقا ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جو اوائلي دور هن دنيا ۾ ضرور موجود رهيو هوندو.
    واگنر جي ڪتاب(Nibe Lung) جي بيلونگ جي متن ۾ قديم دور جي هڪ بلڪل ڪوڙي تصوير پيش ڪئي ويئي آهي. جنهن بابت مارڪس پنهنجي هڪڙي خط ۾ پنهنجي راءِ جو تمام سخت لفظن ۾ اظهارڪيو آهي. اهو خط مارڪس موسم بهار ۾ لکيو هو. واگنر لکي ٿو ته: ”هيءَ ڳالهه ڪنهن شخص ٻڌي به نه آهي ته ڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي ڪنوار سمجهي ساڻس سمهي پوي.“ واگنر جي خيال موجب ”اهي شهوت پرست ديوتائون پنهنجي عشقيه معاملن ۾ محرمات سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جو ڪوڙو ۽ فرضي مرچ مصالحو ملائي ڇڏيندا هئا.“ جنهن جي جواب ۾ مارڪس لکي ٿو ته: ”قديم زماني ۾هر ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي جائز زال هوندي هئي. سندس انهيءَ عمل کي اخلاقي ۽ قانوني (رسم واري) طور بلڪل جائز شمار ڪيو ويندو هو.“
    انهيءَ ساڳي ڳالهه لاءِ خود واگنر جو ذاتي دوست عالم بونئي به اينگلس وانگر ساڻس متفق الرائ نه هو. ان بابت بونئي ايلڊر ايڊا نالي قديم يوناني ڪتاب جنهن کي خود واگنر هڪ مستند ۽ معتبر ڪتاب سمجهي ٿو، مان هڪ حوالو ڏئي واگنر جي راءِ کي رد ڪري ٿو. انهيءَ ڪتاب جي اگصدريڪا جي باب ۾ لوڪي فريشيا تي الزام مڙهيندي چوي ٿو ته، ”تنهنجو ئي پنهنجو ڀاءُ ديوتائن جي روبرو توسان همبستر ٿيو آهي.“ انهيءَ دور واري يونان ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي پاڻ ۾ شادي ڪرڻ کي قانوني طور تي ناجائز شمار ڪيو ويو هو. اگصدريڪا وارو باب انهيءَ دور جي ترجماني ڪري ٿو، جڏهن يونانين جو پنهنجي ڪلاسيڪي ديوتائن ۾ اعتماد ختم ٿي چڪو هو.
    مٿيون حوالو اوڪئيان تي طنز طور استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن لوڪي ميفستو فيلس (شيطان) جي صورت ۾ فريشيا تي ڪوڙو بهتان هڻي ٿو تڏهن به اهو حوالو واگنر جي نظرئي جي خلاف آهي. ڇاڪاڻ ته ساڳئي ئي ڪتاب ۾ چند مصرعن کان پوءِ لوڪي نيورڊ کي چوي ٿو ته، ”تو واري ڀيڻ کي تو جهڙو پٽ ڄائو آهي.“ اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته، هو آسا نسل جو نه هو پر اهو وانا نسل مان هو ۽ ايگلنگ جي رزميه شاعريءَ ۾ شاعر چوي ٿو ته: ”وانا ديس ۾ ڀاءُ ڀيڻ جي پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جو عام رواج آهي، پر آسا نسل وارن ۾اهو رواج نه آهي.“ انهيءَ حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، وانا ديوتا آسا ديوتا کان وڌيڪ قديم ديوتا هو.

    2 - گهري ساٿي وارو ڪٽنب، The Punaluan Family:
    اسين جيڪڏهن انهيءَ نظام کي، هن امر جي ڪري سماجي ارتقا جو پهريون دور مقرر ڪيون ٿا ته انهيءَ دور ۾ والدين ۽ اولاد جي پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ کي روڪيو ويو هو ته ان جي نتيجي ۾ ٻئي دور ۾ وري ڀائرن ۽ ڀينرن کي پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ ضرور روڪيو ويو هوندو. اهو هڪ عام مشاهدو ۽ هڪ کليل حقيقت آهي ته ڀاءُ ڀيڻ جي عمرين ۾گهڻو ڪري ڪو وڏو فرق نه هوندو آهي. انڪري انهيءَ رسم کي بند ڪرائڻ به ضرور مشڪل ثابت ٿيو هوندو. هر ڪٽنب ۾ مختلف پيڙهين جي فردن جي عمرين جي هڪ جهڙائي ۽ هڪ جيڏائي ۾ رکندي سماج ۾ انهيءَ قدم جو کڄڻ از حد ضروري ۽ اڻ ٽر بنجي پيو هو. پر ساڳئي وقت تي اهو قدم پهرين کنيل قدم کان وڌيڪ ڏکيو به هو. ان ڪري اهو ٻيو نمبر قدم آهستي آهستي کنيو ويو هو. بندشن جي انهن سلسلن کي هن طور تي عمل ۾ آندو ويو هو ته پهريائين سڳن ڀينرن ڀائرن کي پاڻ ۾جنسي ميلاپ ڪرڻ کان روڪيو ويو هوندو. (يعني پهريائين ماءُ جي طرف وارن ڀائرن ۽ ڀينرن کي پاڻ ۾شادي ڪرڻ يعني جنسي ميلاپ کان روڪيو ويو هوندو.)
    شروعات ۾ فقط ٿورين ۽ جزوي حالتن ۾، ۽ بعد ۾ مٿن عام بندش وڌي ويئي هوندي، ان بعد ٿورو پري جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي بندش ۽ آخرڪار سوٽن، ماساتن ۽ انهن جي سوٽن ماساتن وغيره تي ۽ ساڻن گڏ ٻين خون جي رشتن وارين مٽين مائٽين تي به بندش وڌي ويئي هوندي. مارگن جي لکڻ موجب اهو اصول ”قدرتي طور تي چونڊ ڪري شادي ڪرڻ جو سٺو مثال آهي.“ ان ڪري هن امر ۾ڪوبه شڪ نه آهي ته جن قبيلن ۾، مائٽن ۾ هڪ ٻئي سان شادين ڪرڻ تي بندش وڌي ويئي هئي، اتي انهن قبيلن جي واڌاري ۽ ترقي ڪرڻ جي رفتار انهن قبيلن جي رفتار کان گهڻو وڌيڪ تيز ٿي ويئي هئي، جن ۾اڃان به ڀائرن ۽ ڀينرن جو پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جو رواج موجود هوندو هو. انهيءَ ترقي ڪرڻ جي رفتار جو اندازو هن امر مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته، هينئر منجهن نيات جو ادارو اهڙن ته پختن پيرن تي قائم ٿي چڪو هو. جو هو اٿندي ئي مقرر ڪيل سماجي سرحدون اورانگهي ٻاهر نڪري ويو هو. اهو نيات وارو نظام، جيڪڏهن دنيا جي سمورين غير مهذب قومن اختيار نه به ڪيو هو، تڏهن به انهيءَ دور جي دنيا جون اڪثر قومون ان کي اختيار ڪري چڪيون هيون. جن مان خاص طور تي يوناني ۽ رومن معاشرن انهيءَ درجي مان نڪري ٻئي درجي جي مهذب دور ۾ قدم رکيو هو.
    انهيءَ دور ۾ داخل ٿيڻ بعد سندن حالت هي بنجي ويئي هئي ته هر بنيادي ڪٽنب کي وڌ ۾ وڌ ٻن پيڙهين کان پوءِ پاڻ کي وري نئين سر نون ڪٽنبن ۾ ورهائڻو پئجي ويندو هو. ان ڪري هو پراڻي اشتراڪي قسم واري ڪٽنب کي، جيڪو غيرمهذبيت جي وچولي درجي تائين (بنان ڪنهن رنڊڪ جي) قائم رهندو آيو هو، لازمي طور تي پنهنجي يعني ڪٽنب جي فردن کي تعداد کي مقرر ڪرڻو پئجي ويو هو. ان جو مکيه سبب هي هوندو هو ته جڏهن معاشري ۾ هڪ ۽ ساڳي ماءُ مان پيدا ٿيل اولاد جي هڪ ٻئي سان شاديون يعني جنسي ميلاپ ڪرڻ تي اعتراض ڪيا ويا هئا ۽ ٻنهي (ڀاءُ ۽ ڀيڻ) سان جنسي ميلاپ ڪرڻ کان اعتراز ڪرڻ واري امر جو به ڪٽنب جي پراڻي ورهاست تي به قدرتي ۽ لازمي طور تي اثر پيدا ٿيو هو ۽ پراڻي ڪٽنب جي جاءِ تي هڪ نئين نڪور قسم جو ڪٽنب از خود ٺهڻ شروع ٿي ويو هو. (جنهن لاءِ اهو ضروري نه هو ته هو هروڀرو پراڻي قسم واري خون جي رشتن تي ٻڌل ڪٽنب سان ٺهڪي ايندو هجي.)
    هينئر هڪ طرف ڀينرن جو هڪ يا هڪ کان وڌيڪ گروهه انهيءَ نئين نموني ۽ ساخت واري ڪٽنب جو مرڪزي نقطو بنجي پيو هو. ٻئي طرف پاڻ ۾ ڪي سڳا ڀائر يا سندن گروهه وري ڪنهن ٻئي ڪٽنب جو مرڪزي نقطو بنجي پيا هئا. اهڙي ريت يا ان جي لڳ ڀڳ نموني سان، هڪ بلڪل نئين قسم جو ڪٽنب جيڪو پراڻي خالص خون جي رشتن تي ٻڌل ڪٽنب مان ڦٽي ڌار ٿي ظاهر ٿي بيٺو هو پيدا ٿي پيو هو. انهيءَ ڪٽنب کي مارگن پونالاڻ يعني ”گهري ساٿي وارو ڪٽنب“ جو نالو ڏئي ٿو. يعني هڪ اهڙو ڪٽنب جنهن ۾ سموريون سڳيون يا مٽي مائٽيءَ واريون ڀينرون پاڻ ۾ گڏجي هڪ گروهه ٺاهي ڪنهن ٻئي قبيلي جي ڪن پاڻ ۾ سڳن يا مٽي مائٽي جي ڀائرن جي گروهن سان گڏيل شاديون ڪن ٿيون. اهڙي نموني جو ڪٽنب اڄ به هوائي ٻيٽن ۾ زنده ۽ صحيح سلامت حالت ۾ موجود آهي. انهيءَ نئين نموني جي شادي ڪرڻ ۾ سڳن يا مٽي مائٽي وارن ڀائرن کي ٻاهر رکيو ويندو آهي. يعني انهيءَ قسم وارا مڙس هينئر هڪ ٻئي کي ڀائر نه سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته کين هينئر ڀائر سڏائڻ واري لقب جي ڪابه ضرورت نه ٿي رهي. هينئر کين هڪ ٻئي کي ”گهرا ساٿي“ سڏڻو پئجي وڃي ٿو.
    ساڳيءَ طرح فقط جنهن رشتن ۾ پوتل ڀائر (سنڌي زبان ۾ سنڍو) هڪ ۽ ساڳئي وقت تي وڌيڪ عورتن جي گڏيل گروهه جا گڏيل يا مشترڪ مڙس بنجي پون ٿا، وري جيڪي عورتون سندن ڀينر نه هونديون آهن ته اهي عورتون يا زالون پڻ هڪ ٻئي کي ڀينرون نه پر ساٿياڻيون يا سرتيون سڏين ٿيون. انهيءَ صورتحال جنهن ۾ اڳتي هلي ڪيتريون ئي تبديليون پيدا ٿيون هيون. انهن نمونن وارين شادين ڪرڻ جي ڪري ڪٽنب جي دائري اندر مڙسن ۽ زالن جي هڪ جماعت پيدا ٿي پئي هئي، جنهن مان زالن جي سڳن ڀائرن کي ۽ بعد ۾ خون جي رشتي وارن ڀائرن کي به خارج ڪيو ويو هو ۽ ساڳئي اصول کي مڙسن جي ڀينرن (نڻانن) سان به لاڳو ڪيو ويو هو.
    ڪٽنب جي انهيءَ نموني مان اسان کي آمريڪن انڊين قبيلن جي مٽين مائٽين ۽ سڱابندي ڪرڻ جي اصولن جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي. انهيءَ ڪٽنبي نظام هيٺ هنن واري مارڪ جي ڀينرن جو اولاد اڃان به سندن اولاد هوندو آهي ۽ هنن واري پيءُ جي ڀائرن (چاچن) جو اولاد (سڳا سوٽ) به انهن واري پيءُ جو اولاد هوندو آهي. ان ڪري انهن جا سمورا سوٽ ۽ سوٽيون سندن ڀائر ۽ ڀينرون آهن پر مون واري ماءُ جي ڀائرن (مامن) جو اولاد ڦري سندس ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون (پٽ نه) بنجي پون ٿا. اهي سمورا مائٽ هينئر ڦري منهنجا ماروٽ ۽ پڦاٽ بنجي پون ٿا. هنن واري ماءُ جي ڀينرن (ماسين) جا مڙس (ماسڙ) اڃان به سندن مڙس رهجي وڃن ٿا. هنن وري پيءُ جي ڀائرن (چاچن) جون زالون (چاچيون) اڃان به سندن زالون رهن ٿيون. يعني انهيءَ دور جي رسم موجب پوءِ ڀلي ته هو عملي طور تي ساڻن مڙسن يا زالن وانگر گذر نه به ڪندا هجن.
    اهو سمورو معجزو ڀائرن ۽ ڀينرن جو پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ تي بندش پوڻ جو نتيجو هو. انهيءَ نظام جي رائج ٿيڻ کان اڳ ڪٽنب جا هي ڀاتي جيڪي پاڻ ۾ بنان ڪنهن فرق جي ڀائر ۽ ڀينرون سڏبا هئا، هينئر ڦري هڪ ٻئي جا سوٽ، سوٽيون، ماسات، ماساتيون بنجي پون ٿا. مطلب ته ڪٽنب ۾ ٻه نوان درجا (سڱ) يا طبقا پيدا ٿي پون ٿا. پهرين درجي ۾ فقط پاڻ ۾ اڳوڻي وانگر رشتي ۾ سچا پچا ڀائر ۽ ڀينر نه رهيا هئا ۽نه وري سندن والدين به هڪڙائي ساڳيا رهيا هئا. يعني نه ڪي پيءُ ۽ نه وري ماءُ يا ٻئي ڄڻا ساڳيا نه رهيا هئا. ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون، سوٽ ۽ سوٽيون، ماروٽ ۽ پڦاٽ ۽ ماسات جا جدا جدا درجا ۽ سڱ پيدا ٿي پيا هئا. جنهن ساڳئي امر کي پراڻي ڪٽنبي سرشتي ۾ هوند بي مقصد ۽ بي مراد ليکيو وڃي ها. پر هينئر کين (سڱن کي) پهريون دفعو ضروري ۽ بامقصد ليکيو وڃڻ لڳو هو.
    گهري ساٿي واري ڪٽنب جي سرشتي ۽ ترتيب کي سمجهڻ سان خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جو سمورو آمريڪي انڊين قبيلن وارو ڪٽنبي نظام، جيڪو انفرادي طور تي شادي نڪرڻ واري نظام وارن ماڻهن جي نظرن ۾ بيهودو نظر اچي ٿو، ان کي هينئر عقلي دليلن وسيلي تفصيلي طور تي سمجهي ۽ سمجهائي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪٽنبي سرشتي ۽ ترتيب کي سمجهڻ بعد اهو نظام انهن ساڳئين اعتراض ڪندڙ ماڻهن کي بلڪل انصاف تي ٻڌل نظر ايندو.
    بني نوع انسان ۾ جيتري قدر به اهو خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارو نظام رائج رهيو هو اوتري قدر ئي گهري ساٿين وارن اصولن تي ٻڌل نظام پڻ منجهن رائج رهيو هو. هن نموني جو ڪٽنبي نظام سچ پچ هوائي ٻيٽن جي قبيلن ۾ رائج رهيو هو ۽ اڄ به زنده حالت ۾ موجود آهي ۽ ان جو پولينيشيا جي سمورن قبيلن ۾عيني مشاهدو به ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن نام نهاد متقي ۽ پرهيزگار يورپي ۽ عيسائي پادري آمريڪي کنڊ ۾ اسپيني پادري جيتري به ڪوشش وٺن ها ته کين هوند انهيءَ ڪافرانه نظام کان ايتري قدر نفرت هرگز نه پيدا ٿئي ها.
    جڏهن اسين انهن قديم برٽن لوڪن بابت جيڪي اڃان سوڌو غيرمهذبيت جي وچولي درجي منجهان گذري رهيا هئا، جوليس سيزر جو لکيل تذڪرو پڙهون ٿا ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته: ”اهي ڏهن ٻارهن مردن جو ٽولو ٺاهي، سمورا ڄڻا پاڻ ۾ گڏجي اوتري تعداد جي زالن سان جنسي ميلاپ ڪندا هئا. انهن ڏهن ٻارهن مردن جي ٽولن ۾ شامل سڳا ڀائر ٻين سڱن وارن ڀائرن سان گڏجي ۽ پيئر پنهنجي اولاد (پٽن) سان گڏجي، پوءِ سمورا ڄڻا (مرد) پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٽولو ٺاهي عورتن جي هڪ ٽوليءَ سان جنسي ميلاپ ڪندا هئا.“ ته انهن دورن لاءِ به انهيءَ گروهي شادين واري نظام کي هڪ وڏي سولي زنده دليل ۽ حجت طور پيش ڪري سگهجي ٿو ۽ نه وري انهن غيرمهذب مائرن وٽ 10 يا 12 بالغ پٽ ئي موجود هوندا هئا، جيڪي هڪ ئي وقت تي 12-10 عورتن کي مشترڪ زالن طور رکي سگهندا هجن.
    پر آمريڪي انڊين قبيلن جي خون جي رشتن واري مٽي مائٽيءَ واري نظام ۾، جيڪوگهري ساٿي واري ڪٽنبي سرشتي تي ٻڌل هوندو آهي، گهڻا ڀائر سچ پچ موجود هوندا آهن. اهڙي ڪٽنبي رشتي ۾ مڙس جي سمورن سڳن ڀائرن (ڏيرن) سان گڏ سندس پري جي سوٽن کي به سندس ڀائر شمار ڪيو ويندو آهي. انهيءَ لحاظ کان سيزر وارو ”والدين پنهنجي اولاد سان“ جو محاورو ڏيکاري ٿو ته جوليسس سيزر کي ائين لکندي ضرور غلط فهمي ٿي هوندي.
    انهيءَ قسم وارو نظام پيءُ ۽ پٽ، ماءُ ۽ ڌيءُ کي ساڳئي شادي ڪندڙ ڪٽنب مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري نه ٿو ڇڏي. پر اهي انهيءَ ساڳي گروهه ۾ پاڻ ۾ مساوي حيثيت ۾ شامل رهن ٿا. پر انهيءَ گروهه ۾ شادين ڪرڻ جي مقصد لاءِ پيءُ ۽ ڌيءُ، ماءُ ۽ پٽ ٻاهر رهن ٿا ته ساڳي طرح هيروڊ وٽس ۽ ٻين قديم عالمن جي ڪتابن ۾ ٻين لکتن موجب اها ساڳي رسم يا گروهي شاديون انهيءَ دور جي وحشي ۽ غيرمهذب قومن ۾ به رائج هونديون هيون. انهيءَ امر جي جواز لاءِ مٿي پيش ڪيل سمجهاڻي ڪافي ٿيندي.
    موجوده صديءَ ۾ هندستان جي اوڌ جي علائقي ۾ ٺڪر قبيلن ۾ شادين ڪرڻ ۽ سندن ڪٽنبي نظام بابت واٽسن Watoon ۽ ڪي Kye پنهنجي گڏجي لکيل ڪتاب The Pevples of India (هندستان جون قومون) ۾ لکن ٿا ته: ”هو پاڻ ۾ وڏن وڏن ڪٽنبن يا گروهن جي صورت ۾ گڏجي رهن ٿا. (جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ) منجهن ڪوبه سنڌو يا بندش موجود نه هوندي آهي. جيڪڏهن ڪڏهن به ڪن ٻن مرد ۽ عورت (زال مڙس) جي پاڻ ۾ شادي شده هجڻ جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ته چيو ويندو ته: ”سندن (جنسي) تعلقات رواج مطابق معمول تي آهن، يعني سندن پاڻ ۾ نالي ماتر شادي ڪيل آهي.“
    نيات ٺاهڻ وارو ادارو اڪثر حالتن ۾ سنئون سڌو گهري ساٿيءَ واري ڪٽنب سان شروع ٿيو هو. آسٽريليا جي قديم انڊين قبيلن وارو طبقاتي سرشتو پڻ ان لاءِ هڪ شروعاتي نقطو ٿي سگهي ٿو. آسٽريليا جي اصلوڪن رهاڪن ۾ به نياتون موجود آهن پر وٽن گهري ساٿي وارا ڪٽنب اڃا پيدا ٿي نه سگهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن گروهي شادين ڪرڻ جو سرشتو ۽ ان جي ترتيب بلڪل ڪوري، بي ترتيبي ۽ ڏنگي ڦڏي قسم جي هوندي آهي.
    گروهي قسم وارين شادين ۾ فقط هڪڙي ئي ڳالهه واضح ۽ يقيني هوندي آهي ۽ اها هوندي آهي ته انهن شادين ۾ هي خبر پئجي نه سگهندي آهي ته اولاد جو پيءُ ڪير آهي؟ پر اولاد جي ماءُ جي خبر هر شخص کي هوندي آهي. اهڙي ماءُ ساري ڪٽنب جي اولاد کي پنهنجو اولاد ڪري ظاهر ڪندي آهي ۽ ڪٽنب جي سموري اولاد لاءِ هڪ ماءُ وارا سمورا فرض ۽ ڪم ڪاريون به ڪندي رهندي آهي، پر اها خبر فقط کيس ئي هوندي آهي ته ڪهڙا ڪهڙا ٻار منجهانئس پيدا ٿيل آهن ۽ ڪهڙا ڪهڙا ٻار فقط سندس رسمي ٻار آهن؟
    اهوئي سبب هوندو آهي ته جن به معاشرن ۽ گروهي شاديون ڪرڻ جو رواج موجود هوندو هو يا اڄ به موجود آهي، انهن جي پيڙهين يا نسل جو شجرو پيءُ جو نه پر ماءُ جي طرف کان هلندو آهي. مثلن فلاڻي ڌيءُ فلاڻي عورت جي ڌيءُ فلاڻي عورت وغيره ڏيکاريل هوندو آهي. اهڙي شجري مان مردن جو نالو غائب هوندو آهي. جهڙيءَ ريت پدرانه شجري مان عورتن جا نالا غائب هوندا آهن، پدرانه شجري ۾ فلاڻو مرد پٽ فلاڻو ڄاڻايل هوندو آهي. اها ڪيفيت گهڻو ڪري سمورن وحشي قبيلن ۾ موجود هوندي آهي ۽ انهن قومن ۾ به جيڪي اڃان سوڌو به غيرمهذبيت جي ابتدائي دور مان گذري رهيون هونديون آهن. انهيءَ ٻئي قسم جي کوجنا ۽ تحقيق ڪرڻ جو جس ۽ سهرو به باڪوفن جي سر تي آهي.
    ڪٽنب جي تاريخ جي مورخن ۾ باڪوفن پهريون عالم آهي، جنهن کوجنا ڪري، ماءُ جي طرف کان هلندڙ نسلي شجري ۽ ورثي ترڪي جي انهن اصولن کي جيڪي انهيءَ نظام جي بنيادي اصولن مان پيدا ٿيل هئا، سندن صحيح حقيقت کي ڳولي لڌو هو. باڪوفن انهن اصولن جو نالو مادرانه حق Mother Rights رکيو آهي. آئون پاڻ به اختصار طور اهوئي نالو استعمال ڪندو رهندس. ڇاڪاڻ ته پنهنجي لغوي معني، مطلب، مراد ۽ جامعيت جي لحاظ کان مادرانه حق وارو محاورو بلڪل موزون ۽ صحيح به آهي. ڇاڪاڻ ته بعد ۾ پيدا ٿيندڙ قانون جي زبان واري ”حق“ لفظ واري لغوي معني، سماجي علم واري مفهوم ۽ مراد ۾ انساني معاشري ۾ اڃان جنم به نه ورتو هو.
    اسين هينئر نموني طور گهري ساٿي واري ڪٽنب جي ٻن مخصوص گروهن جو ذڪر ڪنداسين. پهريون اهو ڪٽنب جنهن ۾ ٻئي سڳيون ۽ خون جي رشتي واريون ڀينرون گڏوگڏ موجود هونديون آهن. (پاڻ ۾ سڳين ماساتين کي سڳيون ڀينر شمار ڪيو ويندو آهي) ۽ سندس اولاد ۽ سندس ماءُ جي طرف وارا سڳا ۽ رشتي جا ڀائر جيڪي اسان وٽ سندس مڙس آهن، موجود هوندا آهن، ته اهڙي صورتحال ۾ اسين ڏسون ٿا ته، انهيءَ دائري ۾ داخل ٿيل سمورا فرد بعد ۾ انهيءَ اداري ۾ هڪ ڪٽنب جا نه پر هڪ نئين پيدا ٿيل اداري يعني نيات جا رڪن بنجي پون ٿا. نياتن جي انهن رڪنن ۾ هي هڪڙي ڳالهه مشترڪ هوندي آهي ته انهن سمورن نيات ڀاتين جو نسلي شجرو هڪڙي ۽ ساڳئي وڏي ڏاڏي مورث عاليه عورت مان هلي ٿو. جنهن جون وارث اولاد عورتون نسل در نسل ۽ پيڙهي در پيڙهي هڪڙي ئي مورث عاليه عورت جي اولاد هجڻ جي ڪري، پاڻ ۾ ڀينرون هونديون آهن پر اهڙن ڀينرن جا مڙس ڪنهن به صورت ۽ حالت ۾ سندن ڀائر نه هوندا آهن. يعني مڙس انهيءَ ساڳي مورث عاليه عورت جو اولاد ٿي نه ٿا سگهن، ان ڪري مڙس انهيءَ قسم واري خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين واري گروهه مان هرگز ٿي نه ٿا سگهن.
    اڳتي هلي انهن ساڳين گروهن پاڻ ۾ گڏجي هڪ نيات جي صورت اختيار ڪئي هئي. مڙس ته برابر مادرانه حق واري شجري مان ٻاهر رهجي ويا هئا، پر سندن ڀينرن جو اولاد گروهه جا رڪن رهجي ويا ٿي. ڇاڪاڻ ته وٽن فقط مادرانه نسل واري شجري کي جائز ۽ صحيح شمار ڪيل هوندو هو. انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ هي هو ته اولاد جي ماءُ جي ته هر شخص کي خبر هوندي هئي، پر سندس پيءُ لامعلوم هوندو هو. پر جڏهن رسم يا رواج ڀائرن ۽ ڀينرن جي هڪ ٻئي سان (پاڻ ۾) جنسي ميلاپ ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي هئي خواه اهي ڀائر ۽ ڀينرون پاڻ ۾ ماءُ جي طرف کان سڳا اولاد هئا يا اهي پري کان پري واري رشتي جا ڀائر ۽ ڀينرون هوندا هئا ۽ جڏهن اها بندش معاشري ۾ پڪي طور تي رائج ٿي ويئي هئي ته مٿين سمورن گروهن ڦري هڪ نيات جي صورت اختيار ڪئي هئي. يعني هنن پاڻ ۾ مادرانه حق واري شجري جي مطابقت ۾ هڪ اهڙي سخت، بي لچڪ، ٺوٺ، محدود پر پڪي پختي قسم جي دائري اندر بند ڪري ڇڏيو هو. جنهن ۾ هڪ ٻئي سان جنسي ميلاپ ڪرڻ وارو عمل ناجائز ۽ حرام بنجي ويو هو. انهيءَ معاشري ۾ هن نئين پيدا ٿي پيل اداري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ خاطر انهن رڪنن مٿس سماجي ۽ مذهبي رنگ چاڙهي، پاڻ کي ساڳئي قبيلي اندر ٻين نياتن جي مقابلي ۾ کانئن هڪ مختلف ۽ جدا قسم جي نيات بنائي پيش ڪيو هو.
    ان بابت اسين اڳتي هلي وڌيڪ تفصيلي ذڪر ڪنداسين. اسين جڏهن ڏسون ٿا ته نيات نه رڳو پاڻ کي ضرورت جي تحت بلڪ ظاهري طور تي به گهري ساٿي واري ڪٽنب مان ارتقا ڪندي ڪندي ڌار ڪري ڇڏيو هو ته انهيءَ حالت ۾ اسان کي هن امر جي پڪي گمان ۽ قياس ڪرڻ جو حق به حاصل آهي ته انهيءَ ساڳئي قسم وارو ڪٽنب انهن سمورين قومن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ضرور موجود به هوندو جن ۾ نياتي ادارن کي ڳولي هٿ ڪري سگهجي ٿو. اهڙين قومن ۾ دنيا جون گهڻو ڪري سموريون معلوم مهذب خواه غيرمهذب قومون شامل هونديون آهن.
    جڏهن مون پنهنجو اڳيون ڪتاب لکي شايع ڪيو هو ته ان وقت گروهي شادين بابت اسان جي معلومات تمام محدود هوندي هئي. اسان کي آسٽريليا جي قبيلن ۾ رائج گروهي شادين جي ڪا خبر نه هوندي هئي. اهي قبيلا طبقن ۾ ورهايل هوندا هئا. ٻي ڳالهه ته مارگن اهو ڪتاب 1871ع ۾ شايع به ڪري ڇڏيو هو. مارگن پنهنجي ڪتاب ۾ فقط هوائي ٻيٽن وارن گهري ساٿي وارن ڪٽنبن بابت موصول ٿيل احوالن کي نظر ۾ رکي اهو ڪتاب لکيو هو. اسين هڪ طرف گهري ساٿي وارن ڪٽنبن جي آڌار تي آمريڪي انڊين قبيلن ۾ رائج خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين واري ڪٽنبي نظام کي سمجهي سگهيا هئاسين.
    مارگن به انهيءَ ساڳئي نظام کي هڪ طرف پنهنجي کوجنا ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ هڪ ابتدائي نقطي طور ڪتب آندو هو ۽ ٻئي طرف اهو ساڳيو نظام مادرانه حق وارين نياتن جي بنيادن ۽ حسب نسب کي ڳولي لهڻ جي راهه تي اسان جو پهريون قدم هو. اهو مادرانه حق تي ٻڌل نيات جو نظام هر لحاظ کان آسٽريليا جي قديم قبيلن جي طبقاتي نظام کان وڌيڪ اوچو ۽ اعليٰ قسم جو ڪٽنبي نظام هو. ان ڪري اسان کي هينئر خبر پوي ٿي ته مارگن صاحب ڇو جفتي ڪٽنب واري درجي تائين پهچڻ لاءِ گهري ساٿيءَ واري ڪٽنب کي هڪ لازمي درجو قرار ڏئي ٿو؟ ۽ هو ان سان گڏجي قياس ۽ گمان به ڇو ٿو ڪري ته اهو ساڳيو ادارو قديم زماني کان وٺي هلندو آيو آهي؟
    مارگن واري ڪتاب جي شايع ٿيڻ بعد اسان کي ٻين به ڪيترن ئي گروهي شادين وارن نمونن جي به خبر پوي ٿي. اسين هينئر سمجهي سگهيا آهيون ته انهيءَ ڏس ۾ مارگن پنهنجي تحقيق ڪندي ڪندي تمام پري نڪري ويو آهي. کيس گهري ساٿي واري ڪٽنب جي تحقيق ڪندي ڪندي، کانئس به هڪ وڏي قسم جو ڪلاسيڪي نموني جي گروهي شادين رچائڻ جو هڪ نئون نمونو يا ماڊل هٿ اچي ويو هو. جنهن جي وسيلي هو ان کان به وڌيڪ اوچي قسم واري درجي ڏانهن ارتقا ڪرڻ جي عمل کي وڏي سولائي ۽ وڌيڪ چٽائيءَ سان سمجهائي سگهيو هو.
    انهيءَ ساڳي ڏس ۾ اسين هڪ انگريز عيسائي پادري Lormier Fison لاريمرفيسون جا به ٿورائتا آهيون، جنهن اسان کي گروهي شادين بابت معلومات فراهم ڪئي آهي. هن پادري صاحب انهيءَ اداري جي وطن آسٽريليا ۾ پاڻ وڃي، اتي جو باقاعده رهاڪو بنجي، انهيءَ نموني جي ڪٽنبن جو گهرو مطالعو ڪيو هو. کيس آسٽريليا ۾ سائوٿ ويلس صوبي ۾ مائونٽ گمبر جي نيگرو انڊين قبيلن سان گڏجي رهڻ جو موقعو نصيب ٿيو هو. اهي قبيلا انساني ارتقا جي اوائلي دور کان وٺي اتي جو اتي موجود آهن. اهو سارو قبيلو ڪروڪي ۽ ڪومائيٽ نالي ٻن مکيه وڏن حصن ۾ ورهايل آهي. انهن حصن ۾ هڪ طرف پنهنجي طبقي جي اندر پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ تي سخت بندش پيل آهي. پر ٻئي طرف تي هڪ قبيلي ۾هر پيدا ٿيل مرد ٻئي قبيلي جي هر پيدا ٿيل عورت جو مڙس هوندو آهي. اها عورت ڄمندي ئي سندس زال هوندي آهي. انهيءَ نموني واري شادي ۾ ڪنهن به فرد جي عمر يا خون جي رشتن تي ٻڌل ڪنهن به مٽي مائٽي جوڪوبه لحاظ نه ڪيو ويندو آهي. ڪو مائٽ قبيلي جي هر عورت، قانوني (رسم جي) طور تي هر ڪروڪي مرد جي زال هوندي آهي. سندس مادرانه حق واري شجري جي جدول مطابق، مثلن: ”ڪنهن ڪروڪري مرد جوڪنهن مائٽ عورت مان پيدا ٿيل ڇوڪري (ڌيءُ) ڪروڪري قبيلي (مرد واري مان نه پر مائٽ (زال واري) طبقي مان شمار ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري سندس اها ڇوڪري (ڌي) ڄمندي ئي خودبخود ڪروڪري قبيلي جي هر مرد جي زال بنجي پوي ٿي. انهن مردن (مڙسن) ۾ خود سندس اهو پيءُ (مائن سان جنسي ميلاپ ڪندڙ شخص جنهنجي نطفي مان اها ڇوڪري (يا ڌي) ڄائي آهي)، پڻ شامل هوندو آهي. يعني انهي پيءُ تي پنهنجي نطفي مان پيدا ٿيل ڌيءُ سان جنسي ميلاپ ڪرڻ تي ڪابه بندش پيل نه هوندي آهي. يعني هو (پيءُ) به پاڻ وري ڌيءُ جو هڪ مڙس شمار ٿئي ٿو.
    ان ڪري چئبو ته اهو خيال ان وقت پيدا ٿيو هوندو جڏهن قبيلي جي اندر ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ کلي روڪڻ جو (مخالف ڪرڻ جو) هڪ خفيف جذبو پيدا ٿيو هوندو ۽ انهيءَ دور ۾ والدين جي اولاد سان ۽ اولاد جي والدين سان جنسي ميلاپ ڪرڻ کي ايترو برو نه سمجهيو ويندو هو. انهيءَ حالت ۾ انهيءَ قسم وري طبقاتي نظام جي هن سئين سڌي بي ضابطگيءَ واري جنسي ميلاپ ڪرڻ جي خلاف عام راءِ ۽ آواز اٿيو هوندو يا ته وري خود طبقن جي پيدا ٿيڻ وقت رسم جي قانون والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل تي اڳ ۾ ئي بندش وجهي ڇڏي هوندي. ته انهيءَ حالت ۾ به اهو رواج خون جي رشتن تي ٻڌل انهن جي مائٽن ڏانهن اشارو ڪري ٿو جن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اهو وڌيڪ موزون ۽ ممڪن نظر اچي ٿو. جيتري قدر مون کي خبر آهي ته والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ باقاعده طور تي شاديون (جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل لاءِ) ڪرڻ جو ڪوبه اطلاع يا خبر نه پئي آهي. پر پوئين قسم واري خارجانه پيدا ٿئي ٿو ته، انهن بندشن جي معاشري ۾ رائج ٿي وڃڻ کان اڳ ۾ ضروري والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل تي ڪابه بندش پيل نه هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته خود ڪنهن بندش جي معاشري ۾ موجودگي خود ان کان اڳ ۾ انهيءَ بندش جي معاشري ۾ عدم موجودگيءَ جو واضح ثبوت هوندي آهي.
    ساڳيءَ طرح جنوبي آسٽريليا ۾ مائونٽ گمبير کان سواءِ ڊارلنگ درياهه جي ٻنهي ڪنارن ۽ ڪئينس لينڊ جي صوبن ۾ به اسان کي ساڳيا ٻن طبقن وارا ڪٽنبي نظام موجود ملن ٿا. ان ڪري چئبو ته اهي ٻن طبقن وارا ڪٽنبي نظام آسٽريليا کنڊ ۾ تمام پري پري تائين پکڙيل آهن. انهن ڪٽنبي نظامن ۾ فقط هڪ ئي ماءُ مان (پي مان نه) ڄاول سڳن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ۽ ڀائرن جي اولادن جي وچ ۾ ۽ ماءُ جي طرف کان ڀينرن جي اولاد جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان شاديون نه ڪرڻ کان روڪيو ويو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي سمورا سڱ هڪ ۽ ساڳئي طبقي ۾ شامل شمار ڪيا ويل هوندا آهن. پر ڀائرن جي اولاد ۽ ڀينرن جي اولاد کي هڪ ٻئي سان شادين ڪرڻ جي اجازت حاصل هوندي آهي.
    آسٽريليا جي نيو سائوٿ ويلس صوبي ۾ ڊارلنگ درياهه تي رهندڙ ڪميلا روئي قبيلي ۾ پڻ خون جي ويجهن رشتن ۾ هڪ ٻئي سان شادين ڪرڻ کي روڪڻ لاءِ ٻيا به ڪي قدم کنيا ويا آهن. هتي ٻن اصلوڪن قبيلن کي وڌيڪ ورهاست ڪري منجهائن چار نوان طبقا پيدا ڪيا ويا آهن. جن مان هر طبقو مقرر ڪيل طبقي مان شاديون ڪري ٿو. پهريان ٻئي طبقا ڄمڻ شرط ئي هڪ ٻئي جا مڙس ۽ زالون بنجي پون ٿا. منجهائن ڄاول ٻار ڦري ٽئين ۽ چوٿين نمبر طبقن جا رڪن بنجي پون ٿا. پر هن ڪٽنبي نظام ۾هي لحاظ ضرور رکيو وڃي ٿو ته، اولاد واري ماءُ ضرور پهرئين يا ٻئي نمبر طبقي مان هجڻ گهرجي. ٽئين ۽ چوٿين نمبر طبقي مان ڄاول يعني ماروٽ ۽ ماسات پاڻ ۾ زال مڙس ٿي نه ٿا سگهن، پر سندن پوٽا ۽پوٽيون پاڻ ۾ زال مڙس ٿي سگهن ٿا.
    هي هڪ عجيب قسم جو مادرانه حق جي بنيادن تي مصنوعي طور تي نيات جي ٺاهڻ جو هڪ منجهيل رشتو آهي، جيڪو نيات جي ٺهي راس ٿي وڃڻ کان پوءِ ازخود هڪ وڌيڪ منجهائيندڙ قسم جو ادارو بنجي پوي ٿو. جنهن جي وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ ۾ ڪوبه فائدو نه آهي.
    ڪٽنب جي ادارن جي ارتقا جي مطالعي ڪرڻ جي دوران، اسان کي فقط هڪڙي امر کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ڪيئن نه ڪٽنب جي ارتقا جي دوران، ڪٽنب جي اندر هڪ ٻئي سان شاديون ڪرڻ واري رواج کي روڪڻ وارو جذبو ۽ خيال لاشعوري طور تي وري وري دخل انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو؟ پر سندس اهو دخل اندازي ڪرڻ جو طريقو هڪ تمام ڪوجهي، پاڻ مرادي ۽ مقصد کان بي خبر رهندي ارتقا ڪندو رهي ٿو. گروهي شادين ڪرڻ جو رواج جيڪو هن دور ۾ آسٽريليا کنڊ جي وحشي قبيلن ۾ طبقاتي شادين واري دور ۾هلي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن فرد يا ڪن فردن جي گروهه جي بجاءِ (مردن وارو) سمورو طبقو پاڻ ۾ گڏجي بهرو وٺي ٿو. ساري آسٽريليا کنڊ ۾ پکڙيو پيو آهي. ساڳي ريت عورتن وارو سمورو طبقو به سندس مطابقت ۾ پکڙيل هوندو آهي. اهو گروهي شادين ڪرڻ جو رواج ايتري قدر چڪلن ۽ زناڪاري بدبودار تخيل ۽ ڪردار ۾ ٻڏل سڌريل مهذب قومون ان کي سمجهن ٿيون.
    اسين جڏهن انهن گروهي شاديون ڪندڙ ادارن جو ڳوڙهو مطالعوڪريون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته اهي ادارا ايتري قدر پليد قسم جا هرگز نه هوندا آهن، جيتري قدر يورپي معاشري واري چڪلائي ذهنيت کين بدنام ڪيو آهي. يورپي عالمن انهيءَ بابت هٿ وٺي ڄاڻي ٻجهي هڪ غلط قسم جي تصور کي اختراع ڪيو آهي. ان جي برعڪس انگريز لوڪ جن کي آسٽريليا کنڊ ۾ داخل ٿئي سالن جا سال گذري چڪا آهن، کين هيءَ ڳالهه وهم ۽ گمان ۾ به نه هئي ته ڪا اهڙي قسم جي رسم اتي به موجود هوندي. انهيءَرسم جي موجودگيءَ ۽ لاموجودگيءَ بابت تڪرار ۽ بحث مباحثي ڪرڻ فقط هينئر منهن ڪڍيو آهي. سراسري طور تي ڏسندڙ مبصرن جي نظرن ۾ هن قسم جون شاديون ڄڻ ته ڪنهن ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري قسم جي شادين جو ڦلهڙو قسم هوندو آهي ۽ ڪن ڪن جاين تي ته ماڳهين انهيءَ قسم واريون شاديون کين وري ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ نظر آيون ٿي. جن ۾ ڄڻ ته ڪڏهن ڪڏهن جنسي بيوفائي ڪرڻ جا واقعا رونما ٿي پون ٿا. پر اهڙن رسمن ۽ قانونن کي ڳولي لهڻ ۽ سندن تهه تائين پهچڻ لاءِ سالن جي محبت، تحقيق، تفتيش ۽ کوجنا ڪرڻ لاءِ ساڻن گڏجي رهڻ۽ باريڪ بيني سان مشاهدي ڪرڻ جي اهڙي ريت ضرورت پوندي آهي. جهڙيءَ ريت مسٽر فيسون Fison ۽ هاوٽ Howitt صاحبن پاڻ ۾ گڏجي ڪئي هئي. هن قسم واريون شاديون عملي طور تي، عام رواجي حالتن ۾ يورپي لوڪن کي خود سندن ئي شادين ڪرڻ وارين رسمن ۽ رواجن جون ئي يادگيريون ڏيارين ٿيون. هڪ اهڙو سماجي قانون ۽ رسم جنهن آسٽريليا جو هڪ نيگرو انڊين، نوجوان جيڪو پنهنجن اباڻن ڪکن کان هزارين ميل پري اهڙين قومن ۾ رهندڙ هجي، جن جي زبان به کيس سمجهه ۾ نه ايندي هجي ۽ هو هڪڙي ماڳ تان اٿي ٻئي ماڳ ائين ڦرندو رهي ۽ هڪڙي قبيلي کان هلي ٻئي قبيلي تائين پهچندو رهي ۽ هي عجيب رنگ ڏسي خوش ٿئي ته مقامي عورتون بنا ڪنهن حجاب شرم ۽ تڪلف جي کيس پاڻ مرادو پنهنجا جسم سوپينديون رهيون هجن ۽هو اهو رنگ به ڏسي ته، گهڻين زالن جا مڙس پاڻ به بي حجاب ٿي پنهنجي هڪ زال کي ساڻس سمهڻ لاءِموڪلي ڏيندو هجي ته سندس وات ضرور عجب ۾ پٽيل رهجي ويندو، جنهن معاشري کي هڪڙو يورپي انسان بداخلاقي ۽ لاقانونيت سان ڀريل سمجهندو هجي، پر حقيقت ۾ اها سموري واردات ۽ ماجرا هڪ پڪي پختي قانون تي بيٺل هجي ۽ اهو معاشرو ان تي وڏي معصوميت ۽ پابنديءَ سان عمل به ڪندو هجي ته اهڙي قسم جي نظاري جي حقيقت اصل ۾ فقط هن قدر هوندي آهي ته اهي سموريون پاڻ سونپيندڙ قبائلي عورتون پنهنجي قبيلي کان ٻاهر ڌارين قبيلن جي مردن سان شاديون ڪندڙ طبقي سان واسطو رکندڙ هونديون آهن. ان ڪري اهي قبائلي عورتون ڄمندي ئي ڪنهن ڌارئي قبيلي جي مردن جون زالون بنيل هونديون آهن ۽ اهو مثال وارو اجنبي مسافر شخص به سندن (عورتن جي) خيال رسم ۽ سماجي عقيدي موجب سندن لاءِ ٻين ڌارين قبيلن جي ٻين مردن وانگر هڪ ڌارئي قبيلي جو مرد هوندو آهي. ان ڪري ساڻس سمهڻ ۾ سندس (عورت واري) قانون موجب اهو عمل هڪ جائز ۽ احسن عمل هوندو آهي. يعني اهو ساڳيو اخلاقي قانون جنهن موجب هڪڙو شخص خودبخود انهيءَ ٻئي (ڌارئي قبيلي يا طبقي واري) شخص جي ملڪيت بنجي پوي ٿو، جيڪي طبقا سندس رسم ۽ قانون موجب اڳ ۾ ئي هڪ ٻئي جي ملڪيت شمار ڪيل هوندا آهن.
    اهو ساڳيو قانون مٿين انهن طبقن کان ٻاهر جنسي ميلاپ ڪرڻ تي بندش ۽ پابندي وجهي ٿو. جنهن قانون کان انحرافي ڪندڙ شخص (سندن قانون ۽ رسم موجب) جلاوطنيءَ جي سزا جو مستحق بنجي پوي ٿو. آسٽريليا جي ڪن علائقن ۾ته مورڳو عورتن کي زوري زبردستيءَ اغوا ڪري کڻي وڃڻ جي (اها ڳالهه سندن معاشري ۾ ورلي ٿيندي آهي) رسم سندن معاشري جو هڪ تسليم شده جائز قانون هوندو آهي. انهيءَ رسم ۾ به طبقه ورانه قانون تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو آهي. اسان کي ته خود عورتن کي زوريءَ زبردستيءَ اغوا ڪري شادي ڪرڻ واري ڪٽنبي عمل ۾به انفرادي طور تي شادي ڪرڻ واري اداري ڏانهن ارتقا ڪرڻ جا ظاهر اهڃاڻ نظر اچن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ جفتي شادين جي شڪل ۾!
    اسان جو ذاتي مشاهدو آهي ته خود مهذب ملڪن ۾ به، جيڪڏهن ڪو نوجوان مرد ڪن دوستن جي مدد سان ڪنهن عورت کي ڪاميابيءَ سان زوري اغوا ڪري ويندو آهي ته انهيءَ حالت ۾ سمورا اغوا ڪندڙ دوست پاڻ ۾ گڏجي انهيءَ اغوا ڪيل سان جنسي ميلاپ ڪندا آهن. جنهن ميلاپ ڪرڻ بعد آئنده لاءِ کيس (اغوا ڪيل عورت کي) فقط انهيءَ هڪڙي مرد جي زال تصور ڪيو ويندو آهي. جنهن شخص اصل ۾ انهيءَ عورت کي اغوا ڪرايو هو. ان جي ابتڙ جيڪڏهن اها ساڳي اغوا ڪيل عورت، کيس اغوا ڪندڙ مرد کي ڇڏي، وري ڪنهن ٻئي مرد هٿان اغوا ٿي يا ساڻس بدراهه ٿي کانئس جان ڇڏائي ڀڄي ويندي آهي ته اها ساڳي عورت ڦري نئين اغوا ڪندڙ مرد جي زال بنجي پوي ٿي. يعني پهرين اغوا ڪندڙ مرد جو اغوا ڪيل عورت تي ازدواجي حق خوبخود ختم ٿي ويندو آهي.
    ان ڪري چئبو ته، زال ۽مڙس جا باهمي خالص ۽ منفرد جنسي تعلقات گهڻي يا ٿوري وقت لاءِ جفت يا جوڙو ٿي رهڻ ۽”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ واري رسم پاڻ کي گروهي شادين واري نظام جي اندر يا ان سان گڏوگڏ قائم ڪري ٿي ۽ اهو نظام عام طور تي قائم به رهي ٿو. ان ڪري هن حالت ۾به گروهي شادين ڪرڻ جو نظام به آهستي آهستي ختم ٿيندو وڃي ٿو. سوال فقط هي بچيو ته، يورپي اثر هيٺ اچي وڃڻ سان انهن مان ڪهڙو ڪٽنبي نظام اڳ ۾ ختم ٿي ويندو؟ گروهي شادين وارو نظام؟ يا خود آسٽريليا وارو نيگرو قبائلي معاشرو جنهن ۾ اهو رواج هلندڙ آهي؟ خير سمورن طبقن واري حالت ۾ شادي ڪرڻ جو ادارو جنهن نموني ۾ آسٽريليا ۾ رائج آهي، هر حالت ۾ هڪ طرف هڪ قسم جي هيٺاهين درجي ۽ قديم ترين شادين ڪرڻ واري ادارن جو هڪ زنده نمونو آهي ۽ ٻئي طرف ساڳئي وقت تي هڪ گهري ساٿي واري ڪٽنب جو نمونو به آهي. انڪري اهو ادارو انهيءَ ساڳئي سماجي نظام جي وڏي ۾ وڏي ارتقائي حد ثابت ٿئي ٿو.
    انهن طبقاتي قسم وارين شادين ۾ پهرين قسم واريون شاديون انهيءَ نموني جون هونديون آهن، جيڪو نمونو خانه بدوش ۽ وحشي قبيلن واري سماجي درجي سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو ۽ ٻئي قسم وارين شادين وارو نمونو هڪ قسم جي اشتراڪي قسم جو ڪٽنب يا گهر ٺاهي رهڻ وارن قبيلن جو گمان پيدا ڪري ٿو. اهو پويون نمونو اڳتي هلي ٻئي نمبر واري دور ۾ داخل ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح اهو نمونو ڦري ٻنهي نظامن جي وچ وارو نمونو بنجي پوي ٿو. جيڪو وري انهيءَ نئين دور ۾ داخل ٿيڻ بعد ئي اسان جي سامهون وڌيڪ کوجنا ۽ تحقيقات ڪرڻ جو هڪ اهڙو نئون رستو کولي ڇڏي ٿو، جنهن رستي تي اسان کان اڳ ۾ ڪوبه شخص نه هليو هوندو آهي.
    2- جفتي ڪٽنب Pairing:
    خود گروهي شادين جي دور يا ان کان به اڳ ۾ ڪي ڪي عورتون ۽ مرد ٿوري يا گهڻي وقت لاءِ پاڻ ۾ گڏجي جوڙو جوڙو يا جفت ٿي رهندا هئا. ”هڪ مڙس گهڻين زالن“ واري ڪٽنب ۾ جڏهن مڙس ڪنهن هڪ خاص زال کي ٻين سمورين زالن کان وڌيڪ پيار ڪندو هو ته ان ڪري اها خاص زال سندس مک زال يا سندس ڪٽنب جي پٽ راڻي بنجي پوندي هئي ۽ اهو مڙس به انهيءَ زال جي گهڻن مڙسن مان سندس مکيه پيارو مڙس بنجي پوندو هو. انهيءَ صورتحال ۾به انهن يورپي پادرين کي وڏي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو هو. جن ويچارن کي اڳ ۾ گروهي شادين جي اداري ۾ڪڏهن زالن ۽ ڪڏهن مڙسن واري هڪ بي ترتيبي گوڙ، هجوم ۽ جنسي ڀائيواري ۽ سندن پاڻ ۾ گڏجي جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل وقتي مونجهاري ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو.
    گروهي شادين ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ وارو جائز ۽ حلال عمل، يورپي پادرين جي نظرن ۾ وڏي پيماني تي زناڪاري جو فحش عمل هوندو هو. پر جيئن جيئن منجهن نياتون قائم ٿينديون ويون هيون ۽ جفتي شادين ڪرڻ جو رواج ۽ نظام به عام ٿيندو اهميت وٺندو ويو هو، تيئن تيئن ”ڀائرن“ ”ڀينرن“ وارن طبقن، جن ۾ هن وقت پاڻ ۾ شاديون ڪرڻ ناممڪن بنجي چڪو هو، جو تعداد به وڌندو ويو هو. نياتن واري اداري به پنهنجي ٺهڻ سان خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جي هڪ ٻئي سان شادين ڪرڻ وارن لاڙن، رجحانن ۽ خواهشن کي قطعي طور تي بند ڪري ڇڏڻ ۾ وڏي مدد ڪئي هئي. انهن ساڳين لاڙن ۽ رجحانن به عوام يعني مردن توڙي عورتن ۾هڪ ٻئي سان جوڙو جوڙو ٿي زال ٿي رهڻ جي معاملي کي گهڻي قدر وڌائي ڇڏيو هو.
    اسين هينئر ڏسون ٿا ته آمريڪي انڊين ايروڪواس قبيلن ۽ انهن ٻين قبيلن ۾ جيڪي غيرمهذبيت جي اوائلي درجي ۾ هوندا هئا. سندن نظامن ۾، سمورن خون جي رشتن ۾ پوتل انهن مٽين مائٽين جن ۾ هڪ ٻئي سان شادين ڪرڻ تي بندش پيل هوندي آهي ۽ انهن رشتن جا به سوين قسم ۽ نمونا موجود هوندا آهن ۽ انهن بندشن ۽ مٽين مائٽين واري ڄار پاڻ ۾ گڏجي سڏجي قديم گروهي شادين ڪرڻ واري رسم کي ناممڪن بنائي ڇڏيو هو. انهيءَ دور ۾ پهچي کين هينئر خودبخود جفتي شادين ڪرڻ جي ضرورت پيدا ٿي پئي هئي. انهيءَ دور ۾ گهڙندي ئي هڪ مڙس فقط هڪ زال سان گڏجي ازدواجي حياتي گذاري ٿو پر هو پنهنجي اها ازدواجي زندگي به اهڙي نموني ۾ گذاري ٿو، جيئن هو موقعي ۽ ضرورت آهر گهڻين زالن سان پرڻجي سگهڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن محض جنسي ميلاپ ڪرڻ جي نئين مزي وٺڻ خاطر انهيءَ خاص هڪڙي شادي ڪيل زال سان جنسي بيوفائي ڪرڻ وارو حق وڏي سولائي ۽ بنان ڪنهن رڪاوٽ جي استعمال ڪري سگهي. يعني کانئس اهو زال سان جنسي بيوفائي ڪرڻ جو حق ڪڏهن به کسجي نه سگهي. جيتوڻيڪ هو معاشي ۽ اقتصادي طور تي گهڻين زالن سان هڪ ۽ ساڳئي وقت تي پرڻجڻ جو اهل به نه رهيو هو. يعني هن لاءِ معاشي طور تي هڪ ئي وقت تي گهڻيون زالون رکي سگهڻ مشڪل ڪم بنجي چڪو هو. انهيءَ معاشي رڪاوٽ جي باوجود به اهو مڙس صاحب جنسي ميلاپ ڪرڻ جي معاملي ۾ انهيءَ هڪ خاص زال کان سخت قسم جي جنسي وفاداري جي اميد به رکڻ لڳو هو. ايتري قدر جو انهيءَ هڪ خاص زال جي ٿوري به ٻاهر پير ڪڍڻ تي هو کيس وڏا عذاب ڏيندو هو. انهيءَ رجحان جي موجودگيءَ جي باوجود به ڌرين جي وچ ۾ شادي واري ڳنڍ کي ختم ڪري ڇڏڻ بلڪل سولو هوندو هو ۽ معاشري ۾ گذري ويل دور وانگر اولاد ئي فقط ماءُ جي حق کي تسليم ڪيل ويل هوندو هو. انهيءَ دور ۾ خون جي رشتي وارن مائٽن جي وڇ ۾ پاڻ ۾ شادين ڪرڻ تي بندش وارو دائرو به وڌندو ويو هو. انهيءَ واڌاري جي ڪري ”چونڊ ڪري شادي ڪرڻ“ جو رواج به پختو ٿيندو ويو هو.
    مارگن جي لفظن ۾ ”غير خوني رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين ۾ شادين ڪرڻ جي ڪري نئون پيدا ٿيل نسل ذهني خواهه جسماني طور تي اڳين نسلن کان وڌيڪ صحتمند ٿيندو ويو هو. جڏهن به ڪي اسرندڙ قبيلا ٻين ۾ شادين ڪرڻ واسطي گڏجي هڪ قوم ٺاهين ٿا ته انهيءَ نئين پيدا ٿيل قوم جي فردن جا مغز ۽ دماغ به وڌي وڏا ٿي وڃن ٿا. منجهن ٻنهي قبيلن جون خوبيون گڏ ٿي سمائجي وڃن ٿيون. ان جو نتيجو هي نڪري ٿو ته نياتن تي ٻڌل قبيلا، کانئن گهٽ درجي واري ڪٽنبي نظام تي هلندڙ قبيلن کي زندگي جي هر ميدان تي شڪست ڏئي وڃن ٿا ۽ پنهنجي انهيءَ مثال سان معاشري جي ٻين قبيلن کي وري ساڳي طرح عمل ڪرڻ لاءِ رهبري۽ روشنائي بخشيندا هلن ٿا.“
    ان ڪري چئبو ته قبل تاريخي دور ۾ ڪٽنب جي ارتقا، ڪٽنب جي دائري کي گهٽائيندي هڪ وڌيڪ ننڍو دائرو ٺاهيندي هلندي رهي هئي. اهو دائرو شروعات ۾قبيلي جي سمورن فردن (مردن ۽ عورتن) کي وڪوڙيو بيٺو هوندو هو. جنهن ۾ شال سمورا مرد ۽ عورتون پاڻ ۾ شادي جي شڪنجي ۾ جڪڙيل ۽ڪشيل هوندا هئا. هينئر انهيءَ شڪجني کي ٿورو ڍرو ڪيو ويو هو ته ان مان پهريائين سمورا خون جي رشتن تي ٻڌل مٽ مائٽ واري واري سان ٻاهر نڪرندا ويا هئا ۽ آخر ۾ اهي فرد به ٻاهر نڪري ويا جيڪي محض شادي جي ڪري پاڻ ۾ مائٽ (سيڻ) هوندا هئا. يعني ٻنهي گهوٽ ۽ ڪنوار جا پيڪا ۽ ساهرا.
    اهڙيءَ ريت گروهي شادين ڪرڻ جي هر نموني ۽ قسم کي ناممڪن بنايو ويو هو. آخر اهو سلسلو هلندو هلندو اچي اهڙي نموني بيهي رهيو هو جنهن ۾ شادي واري شڪنجي ۾ فقط هڪ جوڙو يعني هڪ مڙس ۽ هڪ زال باقي رهجي ويا هئا. جن جي وچ ۾ به شادي واري ڳنڍ ڍرڙي ٻڌل هوندي هئي. يعني فقط هڪ اهڙو نقطو جنهن کي ميساري ڇڏڻ سان خود شادي جي اداري جو وجود ئي ختم ٿي ويندو هو.
    انهيءَ هڪڙي ئي حقيقت مان هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته جڏهن ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي اداري جو آغاز ٿيو هو ته موجوده وقت واري انفرادي جنسي پيار ۽ ازدواجي محبت کي ان ۾ ڪوبه دخل نه هوندو هو. انهيءَ درجي ۾ هلندڙ قومن جو خود جنسي ميلاپ ڪرڻ وارو عمل ئي انهيءَ حقيقت کي ثابت ڪري ٿو. اڳين وقتن واري ڪٽنبي نموني ۾ مڙس کي زال هٿ ڪرڻ جي ڄڻ ته ڪا ضرورت ئي نه پوندي هئي. معاشري ۾ زالون مورڳو بچت ۾ هونديون هيون. پر شڪنجي مان نڪري آزاد ٿي وڃڻ بعد زالون ڄڻ ته بنهه گم ٿي ٿي ويون. جن کي هينئر ڳولي هٿ ڪرڻو پئجي ٿي ويو. ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته جفتي شادين ڪرڻ جي رواج پوڻ سان ئي عورتن کي زوري اغوا ڪري وڃڻ يا کين خريد ڪري اچڻ جا ادارا هڪ وڏي پيماني تي کلي ويا هئا. مئڪلينن به اهڙن ڪٽنبن ٺاهڻ وارن نمونن جي ادارن کي ”عورت کي اغوا ڪري شادي ڪرڻ ۽ خريد ڪيل عورت سان شادي ڪرڻ جا نالا ڏئي ٿو.“ آمريڪي انڊين قبيلن ۽ ٻين ڪيترن ئي ساڳئي درجي جي قبيلن ۾ زالن مڙس جي پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جو معاملو ٿيندڙ ڪنوار ۽ گهوٽ جي هٿن ۾نه رهيو هو. انهيءَ معاملي ۾ هينئر کانئس پڇو به نه ٿي ويو. انهيءَ معاملي کي هينئر سنئون سڌو سندن مائرن جي هٿن ۾ ڏنو ويو آهي. پاڻ ۾ ٻين اڻ واقف مرد ۽ عورت کي پهريائين زال مڙس طور مڱايو وڃي ٿو. انهيءَ مڱڻي جي کين خبر به ان وقت ڏني وڃي ٿي جڏهن خود شادي ڪرڻ جو موقعو اچي سندن سرن تي بيهي ٿو. شادي ڪرڻ کان اڳ ۾ ٿيندڙ گهوٽ کي ٿيندڙ ڪنوار جي نيات ڀاين کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيڻيون پون ٿيون. انهيءَ نيات ۾ ماءُ جي طرف جا عزيز قريب شامل هوندا آهن، پر پيءُ جي طرف وارا مٽ مائٽ شامل نه هوندا آهن. اهي ڏنل سوکڙيون پاکڙيون ڄڻ ته ڪنوار جي خريد ڪرڻ واري قيمت هونديون آهن پر انهيءَ شاديءَ کي ختم ڪرڻ جو حق وري به ٻنهي ڌرين يعني مڙس ۽ زال کي حاصل هوندو آهي.
    قبيلي جي اندر اڳتي هلي ۽ خاص طور تي ايروڪواس قبيلن ۾ ٻنهي ڌرين جي جدائي (طلاق) جي خلاف عام راءِ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويئي هئي. جڏهن به ڪنهن مڙس ۽ زال جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ شروع ٿي پون ٿا ته ٻنهي ڌرين جا نيات ڀائي کين پاڻ ۾ پرچائڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪري ڏين ٿا ۽ طلاق فقط انهيءَ صورت ۾ عمل ۾ ايندي آهي جڏهن ٻنهي ڌرين جي نيات ڀاين جون ڪوششون ناڪام ٿي وڃن ٿيون. انهيءَ قسم جي رشتي سان پيدا ٿيل اولاد ماءُ جي قبضي ۾ رهي ٿي. ٻئي ڌريون مڙس توڙي زال نئين سر شادي ڪري سگهن ٿا.
    هي جفتي قوم جو ڪٽنب ايتري قدر ته ڪمزور ٿئي ٿو جو هڪ آزاد ۽ پختي قسم جو ڪٽنب ٺاهڻ ڏکيو ڪم ٿي پوي ٿو يا انهيءَ کي پسند ڪيو نه ٿو وڃي. ان هوندي به سندس اشتراڪي قسم جي ساخت جيڪا قديم زماني کان وٺي هلندي اچي ٿي، ان تي ڪوبه اثر نه ٿو پوي. هڪ اشتراڪي قسم واري ڪٽنب ۾ زال گهر جي سربراهه (ڌياڻي) هوندي آهي. جنهن ۾ خالص مادرانه حق کي تسليم ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته صحيح پيءُ جو يقيني طور تي تعين ڪرڻ گهڻو ڪري ناممڪن هوندو آهي. انهيءَ هڪڙي امر مان ئي ايروڪواس قبيلن ۾ عورت لاءِ فطري احترام ڪرڻ جي حقيقت جي پروڙ پئجي سگهي ٿي، يعني وٽن مادرانه حق کي تسليم ڪيو وڃي ٿو.
    19 صدي عيسويءَ جنهن کي ترقي جي صدي تسليم ڪيو وڃي ٿو. اهو خيال ڪرڻ ته انساني معاشري جي آغاز کا وٺي عورت مرد جي غلام رهندي آئي آهي، ڪيتري قدر نه واهيات ۽ بيهودو نظر اچي ٿو، ان جي ابتڙ حقيقت وري هيءَ آهي ته وحشي ۽ غيرمهذب دورن جي اوائلي، وچين ۽آخري درجي آغاز تائين انساني معاشري ۾ عورت نه فقط آزاد هوندي هئي، بلڪ انهن دورن ۾ وڏي عزت ۽ احترام جي مقام تي بيٺل هوندي هئي. انهيءَ حقيقت جي تصديق (ارٿر رائيٽ Atthur Right جهڙي بلند پائي جو مبلغ جيڪو پاڻ به سالن جا سال ايروڪواس قبيلن جي سينيڪا نالي ننڍي قبيلي سان گڏ رهيو هو، به ڪري ٿو.
    پادري صاحب لکي ٿو ته:”جڏهن هي قبيلا اشتراڪي قسم جي وڏن ڪٽنبن، جن ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا ڪٽنب شامل هوندا هئا، ۾ پاڻ ۾ گڏجي رهندا هئا ته انهيءَ دور ۾ منجهائن هڪڙو ڪٽنب ٻين سمورن ڪٽنبن تي غالب رهندو هو. کيس باقي ڪٽنبن تي فوقيت حاصل هوندي هئي. زالون پنهنجي نيات کان ٻاهر مڙس هٿ ڪنديون هيون. گهرن جي لوڙهن اندر زالن جي بادشاهي هوندي هئي. گهرو سامان سڙي تي سمورن ڀاتين جو گڏيل حق هوندو هو. اهڙي قسم جي ڪٽنب ۾ جڏهن به ڪو بدنصيب مڙس يا عاشق رزق پهچائڻ ۾ ڪوتاهي ڪندو هو ته ڄڻ سندس شامت اچي ويندي هئي. ڀلي ته اهڙي مڙس جو ڪيترو به اولاد ڇو نه هجي يا سندس گهر سامان سان سٿيو ڇو نه پيو هجي، ان هوندي به اهڙي سست ۽ نکٽو مڙس کي زال گهر مان کٿو رلي کڻي هليو وڃڻ جو حڪم ڏئي سگهندي هئي. مڙس کي ز ال جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ جي جرئت به نه ٿيندي هئي. ڪٽنب جا سمورا ڀاتي سندس (مڙس جي) برخلافي ڪرڻ ۾ ڪمرڪشي بيهي رهندا هئا. جن کان کيس ڀڄي وڃي پنهنجي نيات ڀاين وٽ پناهه وٺڻي پوندي هئي يا جيئن سندن دستور هوندو هو ته کيس ڪنهن ٻي نيات مان شادي ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو هو. ڪٽنب وانگر نيات ۾به عورت کي وڏو اقتدار حاصل هوندو هو. انڪري نيات ڀائي به موقعي جي مناسبت آهر سندس (مڙس جا) سڱ لاهي ڇڏڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا هئا. يعني کيس هڪدم سپاهين ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيندا هئا.“
    اهڙي اشتراڪي قسم جي ڪٽنب ۽ نيات ۾، جنهن ۾ پرڻجي ويل زال سان گڏ ٻيون سموريون زالون به ساڳي (زال جي) نيات مان هجن ۽ مڙس ويچارا ڪنهن مختلف نيات يا نياتن مان هجن، گهرن اندر زالن جي بادشاهي جو موجود هجڻ ڪابه عجب ۾ وجهڻ جهڙي ڳالهه نه هوندي هئي ۽ اها حالت وٽن قديم زماني کان هلندي آئي هئي. باڪوفن جي اها ٽيون نمبر نئين دريافت، کوجنا ۽ خدمت چئبي.
    آءٌ ته چوندس ته: ”وحشي ۽ غيرمهذب معاشرن جي متعلق پادرين جا ڏنل سمورا بيان، تجربا ۽ لکتون جن ۾ وڏو تفصيل بيان ڪيل هوندو آهي، ذڪر ڪيل نتيجن جي برخلاف نه هوندا آهن. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب هي هوندو آهي ته ٻنهي صنفن جي وچ ۾ پورهئي جي ورهاست اهڙن سببن تي ٻڌل هوندي آهي، جيڪي انهن سببن کا قطعي طور تي مختلف هوندا آهن، جن جي آڌار تي معاشري ۾ هڪ عورت جي سماجي مقام ۽ درجي کي مقرر ڪيو ويندو آهي.
    اهي قومون جن ۾ عورتن کي، اسان واري مقرر ڪيل معيار مطابق، برابر پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ پورهيو ڪرڻو پوي ٿو، پر وٽن عورت لاءِ عزت ۽احترام، اسان يورپي قومن واري عورت لاءِ احترام کان گهڻو مٿاهون هوندو آهي. مهذب قومن ۾ عورت جو سماجي رتبو هڪ ڪوڙي ۽ مصنوعي قسم واري خوشامد ۽ جسماني پورهئي ڪرڻ کان فرار تي منبي هوندو آهي. اهڙين مهذب قومن جي عورتن جو سماجي رتبو غيرمهذب قومن وارين سخت پورهيو ڪندڙ عورتن جي مرتبي جي مقابلي ۾ خسيس ۽ ڪمتر قسم جو هوندو آهي. هڪ غير مهزب قوم جي عورت پنهنجي معاشري جي نظرن ۾ هڪ راڻي يا هڪ محترم ترين خاتون هوندي آهي ۽کيس اهو مان ۽مرتبو ڪٽنب جي اندر سندس اوچي سماجي درجي جي ڪري ئي حاصل هوندو آهي. هن امر جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ته ڇا جفتي ڪٽنب جي اداري آمريڪا جي ريڊ انڊين قبيلن ۾ گروهي ڪٽنب ۽ شادي جي جاءُ ولاري آهي يا نه؟
    ان لاءِ اسان کي اتر اولهه آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪي کنڊن جي قومن جو، جيڪي اڃان تائين به وحشي دور جي مٿاهين درجي تي مس مس پهچي سگهيون آهن، جو ڳوڙهو ۽ تفصيلي جائزو وٺڻو پوندو. اسان کي منجهن جنسي ڇڙواڳي جي واقعن جا سوين مثال ۽ احوال معلوم ٿي چڪا آهن. جن مان اڪثريت انهن واقعن جي هوندي آهي، جن مان گروهي شادين جي رواج جا پڪا ثبوت ۽ دليل مهيا ٿين ٿا. موجوده دور تائين به انهيءَ قسم جي ڪٽنبن ۽ شادين جا اهڃاڻ اڃان به ختم ٿي نه سگهيا آهن. اتر آمريڪا جي اٽڪل چاليهاري کن انڊين قبيلن ۾ اڄ به هي رسم موجود آهي ته جيڪو به شخص ڪٽنب يا خاندان جي وڏوهر ڌيءُ سان شادي ڪندو آهي ته سندس زال جون باقي سموريون ڀينرون به بالغ ٿيندي ئي سندس (وڏوهر ڌي جي مڙس) جون زالون بنجي پونديون آهن. اهو رواج ڀينرن جي هڪ گروهه سان مڙسن جي هڪ گروهه جي شادي ڪرڻ جي رواج جي باقيات آهي.
    جان ڪرافٽ لکي ٿو ته: ”مون ڪيليفورنيا ۾رهندي ڏٺو هو ته وحشي دور جي مٿاهين درجي جي انڊين قبيلن ۾ هي رسم به موجود آهي ته ڪن مقرر ٿيل ڏڻن تي سمورا قبيلا پاڻ ۾ گڏ ٿي، يعني ڪو وڏو ميلو هڻي ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ وسيلي خوشيون ملهائيندا آهن. اهو رواج انهيءَ دور جي ياد تازي ڪري ٿو جڏهن هڪڙي نيات جون سموريون عورتون پاڻ ۾ گڏجي ٻي نيات جي سمورن مردن سان جنسي ميلاپ ڪنديون هيون. ساڳيءَ طرح مرد به ڪندا هئا. انهيءَ رسم مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ رسم جو بنياد به اهو ساڳيو ادارو آهي، جنهن ۾ هڪڙي نيات جون سموريون عورتون ٻي نيات جي سمورن مردن جون مشترڪ زالون ۽ ساڳي نيات جا مرد ٻي نيات جي عورتن جا مشترڪ مڙس هوندا هئا، اها ساڳي رسم اڄ به آسٽريليا ۾ زندهه ۽ موجود آهي. انهيءَ رسم مان ناجائز فائدو وٺندي ڪن قومن جا بزرگ مرد- سردار- جادوگر ۽ مهنت اڄ به عورتن جي هڪ سڄي ساري گروهه کي پنهنجي جنسي هوس جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن ۽ عورتن جي اڪثريت کي پنهنجي عياشي لاءُ مخصوص ڪري ڇڏيندا آهن.پر اهي چالاڪ ۽ فريبي شخص به ميلن ۽ ڏڻن جي موقعن تي انهن عورتن کي سندن مڙسن کي موٽائي ڏيڻ لاءِ ٻڌل هوندا آهن. اهڙن متبرڪ موقعن تي هو خود پنهنجن زالن کي به نوجوان مردن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ مجبور هوندا آهن. يعني کين به رواج کي پورو ڪرڻو پوندو آهي.“
    ويسٽر مارڪ به پنهنجي ڪتاب جي صفحن 28 کان 29 تي اهڙن ميلن ۽ ڏڻن جا مثال لکيا آهن، جن ۾ پراڻي ڇڙوڳ قسم جي جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ مردن خواه عورتن کي وقتي طور تي اجازت ڏئي ڇڏڻ جو هڪ عام رواج هوندو آهي. مثلن ڀارت ۾ هعوس، سنتال، پنجا ۽ ڪوتار قبيلن ۾ ۽ آفريڪا ۾ ڪن وحشي قبيلن ۾اهو ساڳيو رواج اڄ به بدستور موجود آهي.
    پر ويسٽر مارڪ نتيجن ڪڍڻ ۾ ٿوري غلطي ڪندي لکي ٿو ته: ”اهي رواج گروهي شادين ڪرڻ جا اهڃاڻ نه آهن.“ هي صاحب ته کين مورڳو رد ڪري ڇڏي ٿو. هو انهن رواجن ۽ اهڃاڻن کي فقط قديم زماني جي ڀورڙن انسانن ۽ جانورن جي لڳ ڪرڻ جي مند ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ تي تعبير ڪري ٿو. اسين هينئر باڪوفن جي چوٿين نمبر عظيم کوجنا ڏانهن ڌيان ڏينداسين. ها عظم کوجنا هيءَ آهي ته انهن گروهي شادين جي اداري مان جفتي شادين ۽ ڪٽنب جي اداري جنم ورتو آهي.
    باڪوفن جنهن حقيقت کي ديوتائن جي حڪمن جي انحرافي ڪرڻ جو ڪفارو ادا ڪرڻ جو نالو ڏئي ٿو،يعني ڪو اهڙو ڪفارو جنهن جي وسيلي هڪ زال پنهنجي باعصمت ٿي رهڻ واري حق کي (معاشري کان) خريد ڪري ٿي.اها ڳالهه حقيقت ۾ ڪنهن عورت جي محض عصمت ماب ٿي رهڻ جي حق کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪفارو ڏيڻ نه هوندو آهي، بلڪ اهو ڪفارو گهڻن مڙسن جي مشترڪ زال ٿي رهڻ واري رواج کان جند ڇڏائي پاڻ ۾ فقط هڪ مڙس جي حوالي ڪري ڇڏڻ لاءِ هوندو آهي. پر انهيءَ قسم جي ڪفاري ادا ڪرڻ وسيلي به عورت پاڻ کي فقط هڪ محدود حد تائين پنهنجي مڙس جي حوالي ڪري ٿي.
    انهيءَ ڪفاري جي ادا ڪرڻ خاطر ئي قديم بابل (عراق)جون عورتون مليتا جي مدر ۾ وڃي پاڻ کي ڪن ڌارين اجنبي مردن جي حوالي ڪنديون هيون. مشرق وسطيٰ جون ٻيون قومون وري پنهنجن ڌيئرن کي سالن جا سال لاڳيتو انائيطس جي مندر ۾ موڪلي ڇڏينديون هيون. جتي اهي نوجوان ڇوڪريون شاديون ڪرڻ جي اجازت جي حال ڪرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي پسند واري مرد جي چونڊ ڪري مقرر ڪيل تعداد جي مردن سان جنسي ميلاپ ڪنديون رهنديون هيون، جنهن بعد ئي کين سندن انهيءَ خاص پسند ڪيل مرد سان هميشه لاءِ باقاعده طور تي شادي ڪرڻ جي اجازت ملندي هئي. اهو گهڻن مشترڪ مڙسن سان شادي نه ڪرڻ لاءِ ڪفارو! گنگا ندي کان وٺي بحريه روم تائين يعني ساري عجم جي ٻين قومن ۾ به مذهب جي لبادي اندر ساڳئي قسم جون جنسي رسمون ادا ڪيون وينديون هيون پر وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ ڪفارن جي ادا ڪرڻ وارين رسمن مان پراڻيون سختيون ۽ وزن گهٽبو ويو هو.
    انهيءَ حقيقت بابت باڪوفن لکي ٿو ته: ”هر سال ڪفاري جي گهڻا ڀيرا ادا ڪرڻ واري رواج ڦري سال ۾ فقط هڪ ڀيرو ڪفاري جي ادا ڪرڻ جي رسم پئجي ويئي هئي، هينئر اولادي مائرن واري جاءِ، ڪنوارين نوجوان ڇوڪرين اچي ڀري هئي. شادي جي دوران ڪفاري ادا ڪرڻ جي رسم جي جاءِ تي، ڪفاري ادا ڪرڻ طور مقرر ڪيل جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر پاڻ (جسم) کي فقط ٿورن مردن جي حوالي ڪري ڇڏڻ جي رواج اچي ڀري هئي.“ Mother Right, P.No.XiX پر ٻين قومن ۾ وري انهيءَ رسم کي ڪوبه مذهبي ۽ اعتقادي قسم جو لبادو نه پهرايو ويندو هو. قديم زماني جي انهن قومن مان ٿريشيا جي قبيلن ۽ ڪيلٽ لوڪن کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو.
    ڀارت ۾ اهڙا وحشي قبيلا اڄ به موجود آهن. ملايا ۽ ڏکڻ سمند جي ٻيٽن ۽ آمريڪي انڊين قبيلن ۾ اهو ساڳيو رواج اڄ به موجود آهي ته شادي ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪنواريون عورتون دل کولي جنسي ميلاپ ڪرڻ جا مزا ماڻينديون رهنديون آهن. جنهن به شخص ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ سياحت ڪئي هوندي اهو منهنجي انهيءَ پيش ڪيل حقيقت جي ضرور تائيد ڪندو.
    اگاسيز (Agosiz) نالي هڪ عالم پنهنجي مشهور ڪتاب A Journey in Brazil, Bostan and Newyork, P-226 (برازيل ۾ سفر) ۾ هڪ شاهوڪار آمريڪي اندين ڪٽنب جو احوال ڏيندي لکي ٿو ته: ”رسمي تعارف ڪرائڻ بعد مون سندس ڌي کان سندس پيءَ جيڪو منهنجيخيال مطابق ڇوڪريءَ جي ماءُ جو مڙس هو، پڇا ڪئي ته منهنجي انهيءَ سوال پڇڻ تي ڇوڪري جي ماءُ کلندي جواب ڏنو ته، ”منهنجي هن ڌي جو ڪوبه مقرر ٿيل پي نه آهي.“Naotem Pas'e Letha dafortuna هيءَ مون واري ڇوڪريءَ ڪنهن خوش نصيب نامعلوم شخص جي ڌي آهي.“ مون وارو اهو دوست يعني منهنجي خيال وارو ڇوڪري جو پي پاراگوئي ملڪ ۾ هڪ فوجي آفيسر هو.“ انهيءَ واقعي کي بيان ڪرڻ بعد هو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”آمريڪي اندين قبيلن جون عورتون يا ٻسر (گڊيون) عورتون پنهنجي ناجائز (اسان جي نظرن ۾) اولاد بابت هميشه انهيءَ نموني ۾ ڳالهه ڪنديون آهن، انهيءَ ڳالهه ڪندي کين ڪنهن به حيا يا شرم جو ڪوبه شعور ۽ لحاظ نه هوندو آهي. هن قوم ۾ اها ڪا غير معمولي قسم جي ڳالهه هرگز نه هوندي آهي. بلڪ ان جي ابتڙ قسم واري ڳالهه کي غير معمولي ڳالهه شمار ڪيو ويندو آهي.
    آمريڪي انڊين قبيلن جي ٻارن کي فقط پنهنجن مائرن جي خبر هوندي آهي. ان ڪري سندن اولاد کي پيئرن جي ڪابه خبر نه هوندي آهي. سندن مائرن کي اهو خيال اتفاق سان به دل تي تري نه ايندو آهي ته سندن يا سندن اولاد جو ڪنهن پيءُ يا ڪن پيئرن تي ڪو حق به ٿيندو آهي.“ مهذب معاشري جي مرد کي مٿين ڳالهين تي ضرور عجب لڳندو هوندو، پر حقيقت وري هيءَ آهي ته مادرانه حق ۽ گروهي شادين ۽ ڪٽنبن ۾ اها ڳالهه هڪ عام سادو سودو جائز قانون هوندو آهي.
    اهو ته ٺهيو،پر ڪيترين قومن ۾ گهوٽ جا دوست، مٽ مائٽ ۽ شادي ۾ آيل سمورا ڄاڃي پراڻي رسم جا روايتي حق موجب، سندس شادي جي موقعي تي، اهو حق عملي طور استعمال ڪندا هئا. يعني اهي سمورا ڄاڃي مرد ڪنوار سان واري واري سان جنسي ميلاپ ڪندا هئا. گهوٽ کي پنهنجي ڪنوار راڻيءَ سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جو وارو سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ ملندو هو.
    باليدي ٻيٽن جي قبيلن ۾ اها ساڳي رسم اج به موجود آهي، قديم دور واري اها ساڳي رسم آفريڪا ۾ آگيلا قبيلن ۽ حبش جي باريا قبيلن ۾ هلندي اچي ٿي. انهيءَ ساڳي اصول تي ڪن قبيلن ۽ قومن ۾ سرڪاري آفيسر، جادوگر، سوڻي ڀويا، مُلان، ٻانڀڻ، قبائلي سردار،ڪاسيڪ، پورهت، شمان ياڪو شاهزادو ۽ راجڪمار وغيره قوم، قبيلي يا نيات جي عيوضي طور شادي جي پهرين رات ڪنوار سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جو حق عملي طور تي استعمال ڪندو آهي. موجوده زماني وارا خارباز تيس مار غيرت مدن عاشق ۽ مڙس انهيءَ قديم رواج تي ڪيترا به غلاف ۽ پردا ڇو نه چاڙهين پر ڪنوار سان پهرين رات جنسي ميلاپ ڪرڻ واري حق وارو سماجي قانون جنهن کي رومن زبان ۾ Juspriacnocits سڏيو وڃي ٿو. اڄ به قديم گروهي شادين جي باقيات ۽علامت طور الاسڪا جي انڊين قبيلن، بان ڪرافٽ جو ڪتاب (The Native Rans, P-84) (مقامي قومون ص 54) اتر ميڪيسڪو جي قبيلن الخ ص 504 ٻين قومن ۾ رائج آهي. ازمنه وسطيٰ ۾اهو ساڳيو قانون (رواج ڪيلٽ لوڪن ۾ به رائج هوندو هو. اتي به اهو رواج گروهي شادين جي ڪٽنبي اداري مان پيدا ٿيو هو. مثلن اراگان ملڪ ۾انهيءَ ساڳي رسم جي موجودگيءَ جو ٻيو ثبوت آهي به هي ته ڪيسٽائل جو آبادگار زمين سان چهٽيل غربت غلام ڪڙمي يعني Serf نه هوندو هو پر سندن همعصر آراگان ملڪ جو آبادگار هاري هڪ بدترين قسم جو غلام ڪڙمي هوندو هو. جنهن کي انهيءَ غلاميءَ جي لعنت مان فرڊيننڊ بادشاهه (جيڪو پرهيزگار رومن ڪيٿولڪ هو) 1480ع ۾ هڪ فرمان جاري ڪري آزاد ڪري ڇڏيو هو.
    سندس فرمان جي هڪڙي فقري جا لفظ هي آهن ته: ”اسين فيصلو ڪري هي فتويٰ جاري ڪريون ٿا ته، مٿي ذڪر ڪيل نواب، آقا (غلامن جا مالڪ) ۽ امير (وڏا رياستي عملدار) اڄ ڏينهن کان پوءِڪڏهن به ڪنهن شادي ڪندڙ ڪڙمي گهوٽ جي ڪنوار سان شادي جي پهرين رات جنسي ميلاپ نه ڪندا. يا خود شادي واري رات جو جڏهن اها ڪنوار پنهنجي سيج تي (گهوٽ سان جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر سينگاريل حالت ۾) ستل هجي ته اهو نواب، آقا يا امير پنهنجي اقتدار کي ظاهر ڪرڻ خاطر مٿس (ڪنوار تي) چڙهي نه ويندو (يعني ساڻس زوري جنسي ميلاپ نه ڪندو) ۽ نه وري مٿي ذڪر ڪيل ڪو نواب آقا يا (شاهي خاندان جا) شاهزادا ڪڙمين جي ڌيئرن ۽ پٽن کان سندن مرضيءَ جي خلاف خدمتون (ونگارون ۽ بيگرون) نه وٺندا، ڀلي ته اهي نواب آقا، امير ۽ شاهزادا کين انهن خدمتن جو ڪجهه معاوضو به ڏيڻ گهرندا هجن.“(S. Sngenhenin- History of the Abolition of Serfdom and Bond Service in Enrope until the middh Ninetheenth Century- St Petersburg.)
    باڪوفن جو هي دليل به بلڪل صحيح آهي ته، ”سيرت بازي ۽ گروهي شادين ڪرڻ جي رواج مان نڪري، شاديءَ کي فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري محدود ڪٽنب جي درجي تائين پهچائڻ ۾ فقط عورتن جي محنت جو هٿ موجود آهي.“
    انهيءَ دور ۾ دنيا ۾ اقتصادي حالتن ۾ ڦيري اچڻ جي ڪري، قديم جنسي تعلقاتن مان به پراڻي قسم وارو جهنگلي بيهودو ۽ سادگي ۽ ڀورڙائي وارو ڪردار به پنهنجو زور ۽ اهميت وڃائڻ لڳو هو. يعني پراڻي ۽ قديم (اشتراڪي قسم واري معاشري کي اڏوهي کائڻ لڳي هئي. دنيا جي مردم شماري به گهڻي قدر وڌي ويئي هئي. ان ڪري انهيءَ وقت اهو ڪٽنبي نظام خود عورتن جي نظرن ۾ هڪ بيهودو، بداخلاق ۽ ظالمانه نظام بنجي ويو هو. ان ڪري منجهن باعصمت ۽ پاڪدامن بنجي زندگي گذارڻ جو شعور پيدا ٿيو هو ۽ انهن عورتن به باعصمت ۽ پاڪدامن بنجي زندگي گذارڻ کي پنهنجو هڪ بنيادي حق تصور ڪندي، فقط هڪ مڙس سان هميشه يا ٿوري وقت لاءِ گڏجي گذارڻ يعني شادي ڪرڻ تي انهيءَ مصيبت ۽بربريت واري رسم کان پنهنجي نجات سمجهيو هوندو. انهيءَ پاڪ جذبي جي پيدا ٿيڻ جي ابتدا مردن ۾هرگز پيدا نه ٿي هوندي. ڇاڪاڻ ته مردن جي صنف اڄ ڏينهن تائين گروهي شادين مان لطف اندوز ٿيڻ واري طلب ۽ خواهش کي ترڪ نه ڪيو آهي، پر جڏهن عورتن پنهنجي ٻنهي ارادي ۽ عمل سان جفتي شادين ڪرڻ جي رسم کي پڪن ۽ پختن پيرن تي بيهاري ڇڏيو هو ته مردن وري ان تي قانع ۽ شاڪر رهڻ جي بجاءِ اڳئين قديم ترڪ ڪيل نظام جي ڳٽ کي وري به فقط عورتن جي ڳچين تائين محدود ڪري ڇڏيو هو.
    جفتي ڪٽنب جو رواج معاشري ۾ ان وقت پيو هو، جڏهن ٻنهي وحشي ۽ غيرمهذب دورن واريون سرحدون هڪ ٻئي جي ويجهو اچي پهتيون هيون، خاص طور تي وحشي دور جي مٿاهين درجي تي پهچڻ وقت ۽ غيرمهذبيت جي دور ۾ڪٿي ڪٿي ته مورڳو خود جفتي شادين ڪرڻ جو پڪو رواج به پئجي چڪو هو. هن نموني وارو ڪٽنب غيرمهذب دور جي اهڙي ريت نمائندگي ڪري ٿو جهڙيءَ ريت گروهي شاديون ۽ گروهي ڪٽنب جو ادارو وحشي دور جي نمائندگي ۽ عڪاسي ڪري ٿو. ساڳيءَ ريت ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جو ادارو ۽ ڪٿي نظام مهذب دور جي نمائندگي ۽ عڪاسي ڪري ٿو.
    انساني معاشري ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي ۽ ڪٽنب جي نظام کي وڌيڪ پختن ۽ پڪن بنيادن تي بيهارڻ لاءِ مختلف قسمن جا نوان اسباب ۽ عوامل پيدا ٿي ويا هئا. جن جو هن وقت تائين اسان ڪوبه ذڪر مذڪور نه ڪيو آهي. جفتي ڪٽنب واري دور ۾ خود گروهي ڪٽنب وارو ادارو ۽ نظام به گهٽجي گهٽجي پنهنجي آخري حد يعني ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي درجي تي اچي بيهي رهيو هو. چونڊ ڪري (سويمبر) شادين ڪرڻ جي رواج هميشه جي دستور وانگر فرقي وارانه شادين ڪرڻ جي دائري کي ايتري قدر ته سوڙهو ڪري ڇڏيو هو، جو منجهن وڌيڪ سوڙهي ٿيڻ لاءِ ڪابه جاءِ نه بچي هئي. ان ڪري جيڪڏهن معاشري ۾ ڪي نوان سماجي عوامل پيدا نه ٿين ها ته جفتي ڪٽنب مان هڪ نئين ڪٽنبي نوع جي پيدا ٿي سگهڻ جو ڪوبه سبب پيدا ٿي نه سگهي ها. پر انهن نون پيدا ٿي پيل عوامل پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو.
    اسين هينئر في الحال جفتي ڪٽنب جي پيدا ڪندڙ ڪلاسيڪي سرزمين آمريڪا جو ذڪر ڪرڻ مهمل ڪيون ٿا. اسان کي ڪابه اهڙي نئين ثابتي ملي نه سگهي آهي، جنهن مان اسان اهو نتيجو اخذ ڪري سگهون ته فلاڻي ڪي فلاڻي جاءِ تي جفتي ڪٽنب کان به وڌيڪ ڪو نئون اعليٰ ۽ ارفع قسم جو ڪٽنبي ادارو پيدا ٿيو هو. يا امريڪي کنڊ جي يورپي قومن جي هٿان فتح ٿي وڃڻ وقت کنڊ جي ڪنهن به حصي يا علائقي ۾ ڪنهن به سمي ۾ هڪ پختي قوم جي ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو ڪٽنبي نظام رائج هوندو هو پر انهيءَ ڏس ۾ پراڻي دنيا جي سماجي حالت بلڪل مختلف هئي.
    پراڻي دنيا ۾ چوپائي جانورن کي گهرو بنائڻ واري ڪرشمي ۽ گهرو جانورن جي وڌي ويجهي ڌڻن جي صورت وٺڻ هڪ اهڙن نون قسمن جي سماجي تعلقاتن کي جنم ڏنو هو جن جو سندن معاشري کي ڪوبه وهم ۽ گمان به نه هو. انهن جانورن ۽ ڌڻن کين بي انداز دولت جو مالڪ بنائي ڇڏيو هو. غير مهذبيت جي اوائلي دور تائين دولت مان مراد ورتي ويندي هئي گهر، ڪپڙا، لٽا، ڏنگا ڦڏا اوزار، خوراڪ پيدا ڪرڻ جا اوزار، ٿانو ٿپا، ٻيڙيون ۽ بتيلا، اسلحو ۽ هٿيار ۽ ٻيو گهرو قسم جو سادو سودو سامان وغيره. پر کاڌي پيتي جو سامان ته نت نئون آڻڻو پوندو هو. هينئر وٽن گهوڙن، اٺن، گڏهن، ڍڳن ڍورن ڳئن، مينهن، ٻڪرين، رڍن،هاٿين ۽ سوئرن وغيره جا وڏا وڏا ڌڻ پيدا ٿي پيا هئا. جن کي سندن مالڪ ڌنار سنڌ ۽ هنڌ ۾سنڌو ۽ گنگا جمنا ۽ آمو ۽ سير درياهن جي چراگاهن ۾ آريه نسل وارن قبيلن ۽ فرات درياهه ۽ نيل درياهن جي چراگاهن ۾ سامي نسل جا قبيلا ڌاريندا، چاريندا ۽ پياريندا وتندا هئا. اهو ڌنڌو تمام سولو پر وڏي نفعي وارو هوندو هو. هڪ ڌنار شخص کي انهيءَ ڌنڌي ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ فقط مال جي ڌڻن جي سنڀال ۽ نگهداشت ڪرڻي پوندي هئي. ڌڻ پاڻ مرادو چرندا به رهندا هئا ۽ وڌندا به رهندا هئا. انهن ڌڻن مان کين بهترين قسم جي غذا مثلن کير، مکڻ، ڏڌ، گوشت وغيره ملندو رهندو هو. انهيءَ ڳالهه جو اثر هي ٿيو جو انهيءَ ڌنڌي جي مقابلي ۾ ٻيا سمورا پراڻا ڌنڌا خسيس، هلڪا ۽ بي وزنا بنجي ويا هئا. شڪار ڪري گذران ڪرڻ ڦري هڪ تفريح ۽ عياشي ڪرڻ جي شڪل اختيار ڪئي هئي.
    پر انهيءَ نئين دولت جا مالڪ ڪير هئا؟ شروعاتي دور ۾ بيشڪ انهن ڌڻن جي مالڪ سموري نيات هوندي هئي. اسان کي ته هي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ دور جو آغاز ٿيندي ئي ڌڻن جي ذاتي ملڪيت هجڻ جو تصور ۽ خيال به معاشري ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويو هو. انجيل مقدس ۾ موسيٰ  واري پهرين ڪتاب ۾ ابراهيم  کي پنهنجن ڌڻن جو مالڪ ڏيکاريو ويو آهي. ان ڪري اسان لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ته اهو مالڪي جو حق کيس ذاتي طور تي حاصل هوندو هو يا نه!؟ هڪ ڏکيو مسئلو بنجي ويو آهي يا وري کيس اهو حق ڪٽنب جي سربراهه جي حيثيت ۾ حاصل هوندو هو يا هو محض فرقي يا نيات جو پريو مڙس يا وڏيرو هوندو يا کيس اهو حق نيات جي مورثي سردار هجڻ واري حيثيت جي ڪري حاصل ٿيو هو؟
    انهن سمورن سوالن مان اسان کي فقط هڪڙي ڳالهه پڪي طور تي ثابت ٿيل حالت ۾ملي ٿي ته ابراهيم  کي انهيءَ ملڪيت تي جديد قسم وارا ڪي به مالڪاڻه حق هرگز حاصل نه هوندا هئا. اها به هڪ حقيقت آهي ته اسين جڏهن تصديق شده تاريخي دور جي چانئٺ تي بيهي نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي هي نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هر هنڌ ۽ هر مقام تي هرهڪ ڌڻ ڪنهن نه ڪنهن هڪ خاص ڪٽنب جي سربراهه جي ڌار ملڪيت هوندي هئي. بلڪل اهڙي طرح جيئن غيرمهذب دور ۾ هنرمندن جي ڌاتن مان ٺهيل ٿانون ٿپن، عياشي ۽ سينگار جي سامان، انساني جانورن (ٻانهن) جي ڌڻن کي به مختلف ڪٽنبن جي سربراهن جي ڌار ڌار ملڪيت ليکيو ويندو هو.
    انهيءَ دور ۾ داخل ٿيندي ئي ٻانهن رکڻ جو رواج به انساني معاشري ۾ اچي پرگهٽ ٿيو هو. غير مهذبيت جي اوائلي دور ۾ ٻانهو هڪ فضول ۽ بيڪار وسيلو هوندو هو. اهوئي سبب هو جو آمريڪي انڊين قبيلا پنهنجي مخالف مفتوح قبيلن سان اهڙو برتاءُ ڪندا هئا، جنهن جي کانئن مٿاهين درجي وارن کي ڪا به خبر نه هوندي هئي. فاتح قبيلو مفتوح قبيلي جي مرد قيدين کي يا ته قتل ڪري ڇڏيندو هو يا کين هڪ ڀاءُ جو درجو ڏئي پاڻ (قبيلي) ۾ داخل يا ضم ڪري ڇڏيندو هو. فاتح قبيلو مفتوح قبيلي جي عورتن سان شاديون ڪندو هو. يا ته کين سندن باقي بچي ويل اولاد سميت پنهنجي قبيلي ۾ داخل ڪري ڇڏيندو هو.
    انهيءَ دور ۾ انساني ليبر (پورهيت) مان سندس مالڪ کي ڪابه مالي بچت نه هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته ٻانهي جي پورهئي مان حاصل ڪيل پيداوار کان سندس کاڌي پيتي، رهائش ۽ علاج وغيره جو خرچ پکو ۽ ٻي سيڙپ وڌيڪ هوندي هئي.انڪري مالي طور تي هڪ مالڪ لاءِ ٻانهن جي هٿان پورهيو ڪرائڻ هڪ نقصان وارو ۽ غير نفعي بخش ڪاروبار هوندو هو. پر ڌڻن پالڻ، کاڻيون کوٽڻ، ڌاتن مان ٿانون ٿپا ۽ هٿيار پنهوار ٺاهڻ، ڪپڙي اڻڻ ۽ وڏي پيماني تي زراعت جي هنر ۽ صنعتن جي پيدا ٿي پوڻ کان پوءِ سماجي ۽ ملڪي (سياسي) حالتون بلڪل بدلجي چڪيون هيون.
    پهرين درجي واري دور ۾ پرڻجڻ لاءِ زالون وڏي سولائيءَ سان ملي وينديون هيون، پر بعد وارن دورن ۾ مفت يا سولائيءَ هٿ آيل عورتون مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ ملهه يا قيمت طور ڪتب اچن لڳيون هيون. ان ڪري هينئر کين خريد ڪيو وڃڻ لگو هو. ساڳي حالت انساني پورهيت سان به ٿي هئي. خاص طور تي جڏهن ٻي ڪٽنبي ملڪيت وانگر ڌڻن کي به ڦيرائي ڪٽنب جي ذاتي ملڪيت قرار ڏنو ويوهو. مال جي ڌڻن جي واڌاري جي رفتار خود ڪٽنب جي رفتار کان گهڻو وڌيڪ تيز ٿي وئي هئي. ان ڪري مال جي ڌڻن کي پالڻ، سنڀالڻ، ڏهڻ پلڪڻ، ولوڙڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ وڌيڪ انساني هٿن جي ضرورت پيدا ٿي هئي. انهيءَ کوٽ جو پورائو فقط جنگن ۾ هٿ ڪيل قيدين سان ئي ٿي سگهيو ٿي. ٻي فائدي جي ڳالهه هيءَ به پيدا ٿي هئي ته انهيءَ جنگي قيدين جي انبوهن کي گهرو جانورن جي ڌڻن وانگر، پالي نپائي، سنڀالي ۽ کين ساڳي سطح تي قبضي هيٺ رکندي، کانئن گهرو جانورن وانگر ڪم وٺي سگهڻ به ممڪن بنجي پيو هو ۽ کانئن عملي طور تي سچ پچ ڪم وٺڻ به شروع ٿي ويو هو.
    اهي سمورا خزانا ۽ وسيلا، ڪٽنب جي ذاتي ملڪيت بنجندي ئي وڌڻ ويجهڻ شروع ٿي ويا هئا. سندن انهيءَ واڌ ۽ اوسر جفتي شادين ڪرڻ واري مادرانه حق تي مبني نياتي نطام کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ڇڏيو هو. جفتي ۾ هينئر هڪ نئون ڪٽنبي عنصر به پاڻمرادو پيدا ٿي پيو هو. اهو نئون عنصر هي هو ته فطري ماءُ سان گڏ هڪ تصديق شده فطري پيءُ به نڪري نروار ٿي بيهي رهيو هو. اهوئي شايد موجوده دور وارن ڪيترن ئي پيئرن کان وڌيڪ تصديق شده پيءُ هوندو هو. ان وقت جي پورهئي جي ورهاست جي رائج اصول موجب ڪٽنب لاءِ کاڌ خوراڪ پيدا ڪرڻ ۾ ان لاءِ ضروري ۽ ڪارائتن اوزارن جي مهيا ڪرڻ جو سمورو بار ۽ سندن مالڪي ڪرڻ وارو حق ڦري وڃي ماءُ جي مڙس جي ڪنڌ ۾ پيو هو. طلاق يعني هڪ ٻئي کان جدا ٿي وڃڻ يا ڪنهن ٻي اهڙي حالت ۾ اهو سمورو بار (مڙس) پيءُ پاڻ سان گڏ کنيو هليو ويندو هو ۽ زال فقط گهرو سامان جي ماڪياڻي بنجي پوندي هئي.انڪري انهيءَ دور ۾ ۽ وقت جي رواج موجب مڙس ڦري کاڌ خوراڪ جي سمورن نون وسيلن جو مالڪ بنجي ويو هو. جن ۾ مال جي ڌڻن سان گڏ پورهئي جو هڪ نئون وسيلو يعني ٻانها به ساڻس شامل ٿيل هوندا هئا. پر انهيءَ قسم جي معاشري جي رسم موجب سندس اولاد سندس ڇڏيل ورثي ترڪي جا مالڪ نه ٿيندا هئا. انهيءَ ڏس ۾ هيٺ تفصيل ڏجي ٿو:
    مادرانه حق موجب نسل جو شجرو فقط ماءُ جي طرف کان هلندو هو، ابتدائي ورثي ترڪي واري رسم موجب سندس ئي (ماءُ واري نيات ۾هلندو هو، تنهن ڪري نيات جي ڪنهن مري ويل رڪن جا پهريان وارث به سندس نيات ڀائي مٽ مائٽ هوندا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ملڪيت به سندس نيات ئي رهندي هئي. شروعاتي زماني ۾ ڍڳن ڍورن، مال متاع جي صورت ۾ ڇڏيل ملڪيت کي عملي طور تي خسيس سمجهي نيات ڀاين ۽ ويجهن عزيزن جي حوالي ڪيو ويندو هو. نيات ڀاين ۾ اهي ويجها مائٽ عزيز هوندا، ماءُ جي طرف وارا خون جي رشتي وارا مٽ مائٽ ۽ فوتي مڙس جو اولاد جن کي سندن پيءُ واري نيات مان نه پر، سندن ماءُ وارن نيات ڀاين ۾ شمار ڪيو ويندو هو.
    شروعاتي دور ۾ اولاد به فقط ماءُ کان ورثو ترڪي ڇڪيندو هو. ماءُ جا خون جي رشتي وارا مٽ مائٽ به ورثي ترڪي ۾ اولاد سان ڀاڱي ڀائيوار ڪيل هوندا هئا. ماءُ جي مٽن مائٽن کي شايد سندس ڇڏيل ملڪيت تي پورو پورو حق حاصل هوندو هو، ڇاڪاڻ ته اولاد کي سندس فوتي پي واري نيات مان شمار نه ڪيو ويندو هو. بلڪ اولاد کي سندن ماءُ جي نيات مان شمار ڪيو ويندو هو. مادرانه حق ۽ شجري مطابق قوتي مڙس واري ڇڏيل ورثي ترڪي کي نيات کان ٻاهر ڪڍڻو به نه هو. ان ڪري ڌڻن جي ڪنهن مالڪ شخص جي فوت ٿي وڃڻ جي حالت ۾ سندس ڌڻ کي پهريائين سندس ڀائرن ڀينرن ۽ ان بعد سندس يعني مڙس جي ڀينرن جي اولاد ۾ يا فوتي مڙس جي ماءُ جي ڀينرن جي اولاد ۾ورهاست ڪيو ويندو هو. ان ڪري کين (اولاد کي) سندن فوتي پيءُ واري ورثي ترڪي مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو هو.
    اهڙيءَ ريت دولت جي وڌي وڃڻ سان ڪٽنب ۾مڙس جو سماجي درجو، اهميت ۽ حيثيت، زال جي حيثيت کان وڌي ويئي هئي. ان ڪري هينئر خود مڙس جي دل ۾ به اها خواهش اچي پيدا ٿي ته هو پنهنجي وڌي ويل طاقت، ڪٽنبي اقتدار ۽ سماجي رتبي مان فائدو وٺي. ان جي مدد سان ورثي ترڪي واري پراڻي نظام کي ختم ڪري، کيس ڦيرائي پنهنجي اولاد جي حق ۾ ڪري ڇڏي، پر مادرانه حق جي موجودگيءَ ۾ ۽ مادرانه نسلي شجري کي پاڙان پٽي ڦٽي ڪرڻ کان سواءِ هو پنهنجي انهيءَ ارادي ۽ خواهش کي عملي جامو پهرائي نه ٿي سگهيو. هن وڏي دليري ۽همت سان مادرانه حق ۽ ان تي بيٺل نسلي شجري کي پاڙان پٽي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو. سندس اهو ڪارنامو ايڏو وڏو ۽ عظيم هرگز نه هو جيترو ڪه هينئر اسان وارين نظرن سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    اهو انقلاب جيڪو انساني تاريخ ۾ هڪ فيصله ڪن انقلاب ثابت ٿيو هو، نيات جي ڪنهن هڪڙي زنده رڪن کي به نقصان پهچائي نه سگهيو هو. نيات جا سمورا رڪن پنهنجن مقرر ٿيل جاين تي بيٺا هئا. فقط هڪ سادي سودي قسم جي فيصلي کي عمل ۾ آندو ويو هو ۽ هو فيصلو هي هو ته، آئنده لاءِ مردن، (مڙسن) وارو اولاد به مڙس واري نيات اندر رهندو. عورتن (مائرن) واري اولاد کي ماءُ واري نيات مان ٻاهر ڪڍي کين سندن پيءُ واري نيات ۾ شامل ڪيو ويو هو. مادرانه حق موجب نسلي شجري کي ماءُ جي طرف کان هلائڻ ۽ ماءُ وٽان ورثي ترڪي جي حق جي طلب ڪرڻ، واري اصول ۽ رواج کي پاڙون پٽي اکيڙي ڦٽو ڪيو ويو هو ۽ ان جي جاءِ تي هينئر نسلي شجري کي پيءُ جي طرف کان هلايو وڃڻ لڳو هو ۽ فوتي پيءُ جي ملڪيت تي سندس اولاد جي ورثي ترڪي حاصل ڪرڻ واري حق کي سندس جاءِ تي کوڙيو ويو هو.
    مهذب قومن ۾ اهو سماجي انقلاب ڪيئن آيو؟ ۽ ڪڏهن آيو هو؟ ان بابت ڪجهه به وثوق سان چئي نه ٿو سگهجي. اها سموري ڪارروائي تاريخ واري دور کان گهڻو اڳ ۾ ٿي چڪي هئي.پر اها ڳالهه ته اها سموري ماجرا سچ پچ ٿي به چڪي هئي. ان بابت مادرانه حق وارن موجود اهڃاڻن جون ايتريون ته واضح ثابتيون ملي چڪيون آهن، جو هينئر ڪنهن به شڪ ۽ شبهي ڪرڻ جي ڪابه گنجائش باقي نه رهي آهي.
    انهيءَ جاکوڙ ڪرڻ لاءِ اسين وري به باڪوفن جا ٿورائتا آهيون. اهو انقلاب اڃا به بند ٿي نه سگهيو آهي. انهيءَ انقلاب جي وڏي سولائي سان وجود ۾ اچي وڃڻ جا مثال اسان کي آمريڪي انڊين قبيلن ۾ ملن ٿا. انهن قبيلن ۾اهو انقلاب تازو ٿورن سالن اندر عمل ۾ آيو آهي ۽ تا حال جاري آهي. انهيءَ انقلاب جا ٻه مکيه ڪارڻ آهن: پهريون ڪارڻ هي آهي ته مٿن عيسائي پادرين جي تبليغ جي اثر جي پوڻ ۽ تهذيب جي اخلاقي دٻائ جي وڌي وڃڻ جي ڪري آمريڪا ۾ مسوري درياهه تي رهندڙ اٺن قبيلن مان ڇهن قبيلن مادرانه حق ۽ نسلي شجري کي ترڪ ڪري پدرانه حق ۽ نسلي شجري کي اختيار ڪيو آهي. باقي ٻن قبيلن ۾ اڃان به مادرانه حق ۽ نسلي شجرو تاحال جاري آهي. شاني، دلاوري ۽ ميامي قبيلن ۾ اولاد کي پيءُ واري نسلي شجري ڏيڻ ۽ پيءُ واري نيات ۾ شامل ڪرڻ واري رسم جاري ٿي چڪي آهي. هن قبيلي جا فرد هاڻي پاڻ کي ڪنهن مرد ڏاڏي يا مورت اعليٰ جي نالي پٺيان سڏائين ٿا. هينئر پيءُ وٽان ورثي ترڪي وٺڻ جو رواج به عام ٿيندو وڃي ٿو.
    انهيءَ نظاري کي مارڪس هيٺين لفظن ۾ ادا ڪيو آهي، اهو لکي ٿو ته: ”هيءَ ڳالهه هر انسان ۾ لاشعوري طور تي سمايل هوندي آهي ته هو شين جي غايت کي بدلائي ڇڏڻ خاطر پهريائين ان جو نالو تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. جتي به ۽ جڏهن به کيس پاڻ واري مطلب جي پوري ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي ته هو موجوده قائم ٿيل رسم واري ديوار کي ڀڃي لانگهو ٺاهي نڪري وڃڻ لاءِ هڪ نئين رسم کي ايجاد ڪندو آهي.“ انهيءَ تبديلي جو نتيجو اهو نڪتو هو ته معاشري ۾ هڪ وڏو مونجهارو پيدا ٿي پيو هو. جنهن مان ڪاميابيءَ سان ٻاهر نڪري پار پوڻ جو رستو فقط هڪڙو ئي وڃي بچيو هو ته، مادرانه حق کي تبديل ڪري پدرانه حق کي اختيارڪيو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ مارڪس وڌيڪ لکي ٿو ته: ”تقابلي قانون جا ماهر حضرات اسان کي ڇا به کڻي ٻڌائيندا رهن ته انهيءَ تبديلي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پراڻي دنيا جي مهذب قومن ڪهڙا ڪهڙا رستا اختيار ڪيا هئا. پر اهي محض مفروضائي مفروضا هوندا آهن. ڏسو M.kovak vesky ايم ڪواليفسڪي جو ڪتاب (Out line of the origin and Evolution of the Familyand Property- Stock Home 1880.) ”ڪٽنب ۽ ملڪيت جي آغاز ۽ ارتقا جو خاڪو!“
    عالمي تاريخ ۾مادرانه حق جو خاتمو عورت ذات جي وڏي ۾ وڏي شڪست آهي. انهيءَ حق جي خاتمي کان پوءِ مرد جي چوٽي وڃي آسمان سان لڳي هئي. مرد انهيءَ نئين حاصل ڪيل طاقت ۽ سماجي اقتدار جي نشي ۾ مدهوش ٿي، ٻاهر ته ٺهيو پر خود گهر جي چوديواري جي اندر به اقتدار جي واڳ کي عورت جي هٿن مان کسي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري عورت ذات جو مان ۽ مرتبو خاڪ ۾ ملي ويو. هينئر عورت کي فقط هڪ ذليل وٿ، هڪ مظلوم بي وس صنف، مرد سان مساوي درجي رکڻ واري ساٿي ۽ سندس رفيقه حيات افضل نصف، بني نوع انسان جي متبرڪ خالق ماءُ حضرت حوا عليه السلام نه پر هڪ زائفان (ڪمزور) هڪ عورت (اگهاڙپ) يعني محض شهوت کي پوري ڪرڻ لاءِ هڪ وسيلو سندس جنسي تسڪين ۽ تفريح لاءِ هڪ رانديڪو ۽ فقط اولاد پيدا ڪرڻ جي هڪ بي جان ۽ بي حس مشين سمجهيو وڃڻ لڳو هو. عورت جو سماجي درجو گهٽجي ڄڻ ته آسماني بلندي تان ٽٽي اچي پٽ تي ڪِريو هو. جنهن جو اسان کي ظاهر ظهور ثبوت پويان واري سورمائي دور ۽ ڪلاسيڪي زماني جي تاريخ مان ملي ٿو. هينئر عورت ذات تي پليتائي جا تهن مٿان تهه چڙهي ويا. سندس روحاني وجود جو سارو نظام يعني سندس ذات ۽ وجود لاءِ تبرڪ ۽ تقدس ۽ سندس عليه السلامي وارو قائم ٿيل تخيل ۽ نظريو ٽٽي پاش پاش ٿي ويو هو. اها سموري ڪارروائي ۽ انقلاب ٿي گذريو، پر عورت وري به ساڳي عورت جي صورت ۾ رهجي وئي. يعني سندس ظاهري وجود يعني سندس محض ظاهري جسماني وجود وري به ساڳي حالت ۾ قائم رهجي ويو.
    هينئر مردن جو اڪيلي سر يعني عورت جي رفاقت کان سواءِ حڪمراني ڪرڻ وارو دور پوري ريت قائم ٿي ويو هو. انهيءَ ڳالهه جي اثر انهيءَ وچين نموني واري ڪٽنب جي تشڪيل ۽ صورت مان ظاهر ٿئي ٿو، جنهن کي پدرانه حق تي ٻڌل ڪٽنب سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ نظام جو مکيه دان هڪ مڙس گهڻيون زالون نه آهي. پر هڪ اهڙو سماجي ۽ ڪٽنبي نظام جنهن ۾ ڪيترائي انسان آزاد خواهه ٻانها ڪٽنب جي پدرانه سربراهه جي ماتحتي ۾ داخل ڪيا وڃن ٿا.
    سامي نسل واري ڪٽنب جي نموني ۾ اهو ڪٽنب جو سردار ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ واري سماجي نظام ۾ زندگي گذاري ٿو. سندس ٻانهي تي به هڪ زال ۽ اولاد هوندو آهي. انهيءَ سماج جو مکيه مقصد هو، ”زمين جي مقرر ڪيل حدن اندر رهندي، مال جي ڌڻن جي پالنا ڪرڻ. انهيءَ سماجي نظام جا مکيه پهلو هي آهن: (1) ٻانهن کي ڪٽنب ۾ داخل ڪرڻ، (2) پدرانه طاقت وسيلي اقتدار ۽ اختيارات کي استعمال ڪرڻ.اهي ٻئي پهلو هڪ رومن ڪٽنب ۾ مڪمل طور تي موجود هوندا آهن. انڪري هڪ رومن ڪٽنب انهيءَ نموني واري ڪٽنب جو هڪ بهترين مثال آهي. رومن زبان ۾ لفظ Familia مان مراد اها هرگز نه ورتي ويندي هئي، جيڪا مراد کيس موجوده دور جا عالم پهرائين ٿا.
    موجوده دور واري مراد ۾ جذباتيت ۽ گهرو جهڳڙي جا ٻئي پهلو منجهس موجود هوندا آهن. رومن ڪٽنبي نظام جي شروعاتي دور ۾ انهيءَ لفظ مان مراد ”فقط ٻانها“ ورتي ويئي هئي.لفظ Familia جي لغوي معنيٰ به آهي گهرو ٻانهو. انڪري لفظ Famila جي لغوي معنيٰ ٿيندي اهي سمورا ٻانها جيڪي هڪڙي مالڪ جا ٻانها هجن. خود Gaious جي زماني وارو محاوروFamila idestpatrimoni Pann يعني اهو ورثو ترڪي جيڪو وصيت ڪرڻ وسيلي منتقل ڪيو ويندو هو. رومن شهرين اهو نئون محاورو انهيءَ نئين ”تنظيم کي بيان ڪرڻ لاءِ گهڙيو هو، جنهن ۾ڪٽنب جي پدرانه سربراهه يا نيڪ مرد يا سردار کي پنهنجي ٻانهن سان گڏ پنهنجي زال ۽ اولاد تي به موت ۽ حياتيءَ جو پورو پورو اختيار حاصل هوندو هو. اهو ڪرشمو پدرانه حق جي استعمال ڪرڻ جو نتيجو هو. انهيءَ رومن محاوري جي ادبي عمر به ساڳي اطالوي قبيلن ۾ رائج، انهيءَ لوهي اشڪنجي ۾ جڪڙيل سرشتي جيتري ئي هئي، جيڪو سرشتو زراعت جي ترقي ڪرڻ جي ڪري سندن معاشري ۾ پيدا ٿي پيو هو. ٻانهن جي رواج کي قانوني طور تي جائز قرار ڏئي ڇڏڻ جي عمل کيس يعني انهيءَ سرشتي ۽ نظام کي ڄڻ هڪ ابهم ٻار مان وڌائي هڪ اڙٻنگ جوان بنائي ڇڏيو هو. اهو سمورو ڪارنامو يونامني ۽ اطالوي قبيلن جي هڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي وڃڻ بعد عمل ۾ آيو هو.
    انهيءَ سرشتي کي بيان ڪندي مارڪس اڳتي هلي لکي ٿو ته: ”موجوده دور جي ڪٽنب جي ڳهڻ ۾نه رڳو ٻانهپ جو رواج، پر زمين سان چهٽيل غلام هاري پڻ ساڻس گڏ جاڙو پيل هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته شروعات کان وٺي انهن ٻنهي نظامن جو پاڻ ۾ تعلق ۽ واسطو زرعي خدمتن جي ڪري، گڏيو رهندو آيو آهي. سماجي دشمنين ۽ نفرتن جو اهو ٻج ڪٽنب جي وجود جي زمين ۾ ئي پيل هوندو آهي. جيڪو اڳتي هلي اسري نسري معاشري ۽ ان جي پيدا ڪيل رياست جي اداري جي صورت وٺي وڌي وڻ ٿي بيهي رهي ٿو.“
    ڪٽنب جو انهيءَ قسم جو نمونو ”حقيقي ڪٽنب مان ڦٽي نڪرندي ئي ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب واري نموني جو پيدائشي دور ڏيکاري ٿو. زال جي مڙس سان جنسي وفاداري تي پوري ضابطي ۽ قبضي رکڻ ۽ اولاد جي تربيت جي حفاظت ڪرڻ خاطر زال جي ساري وجود کي مڙس جي اختيار ۾ سونپيو ويو آهي. اهو مڙس کي سونپيل اختيار ايتري قدر ته مطلق العنان آمرانه ڇڙواڳ ۽ آزاد قسم جو هوندو آهي، جو جيڪڏهن ڪو مڙس پنهنجي زال کي قتل به ڪري ڇڏيندو هو ته به هن ڄڻ ته فقط پنهنجي معاشري جي طرفان کيس تفويض ڪيل پدرانه حق جو هڪ خسيس ۽ معمولي قسم جو استعمال ڪيو آهي.
    پدرانه ڪٽنب جي وجود ۾ ايندي ئي اسين تحرير ۾ موجود تاريخ واري دور ۾ داخل ٿيون ٿا ۽ هي اهو ميدان هوندو آهي، جتي تقابلي قانون وارو علم اسان جي رهبري ڪرڻ خاطر هڪيو حاضر بيٺو هوندو آهي. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته، اسان سندس مدد سان گهڻو ڪجهه ميدان ماريو آهي. انهيءَ ڏس ۾ اسين ايم ڪواليفسڪي نالي هڪ روسي عالم جا ٿورائتا آهيون جنهن پنهنجي ڪتاب:"Outline of orign and Evolution of the Family and pruporty-stockhome. 1890" ۾ انهيءَ ساڳي حقيقت کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته پدرانه حق تي ٻڌل ڪٽنبن جا گروهه جهڙا موجوده دور ۾ سرب ۽ بلگار قومن ۾ موجود آهن. جن کي روسي زبان ۾ زدروگا Zuduroga يعني برادري سڏيو وڃي ٿو ۽ مشرقي قومن ۾ ڪجهه ترميم شده شڪل ۾ اڄ پڻ زندهءِ موجود آهن، هڪ اهڙي قسم جوڪيوري دور هوندو آهي، جيڪو مادرانه حق يعني اهو ڪٽنب جيڪو گروهي شادين مان ارتقا ڪندي دنيا ۾ موجوده رائج ڪٽنبي نظام جي صورت ۾ پيدا ٿيو هو. اهو اڄ به صحيح سلامت حالت ۾ زنده موجود آهي. اها مٿي ڄاڻايل حقيقت جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ تي ثابت نه ٿي سگهي آهي ته به اها ساڳي حقيقت پراڻي دنيا ۾ ٻنهي آريه خواهه سامي نسلن جي قومن ۾ ثابت نظر اچي ٿي.
    موجوده دور ۾ يورپ ۽ ڏاکڻي سلاف Slar قومن ۾ برادرين جو موجوده زدروگا نظام پدرانه حق تي ٻڌل ڪٽنبن جي گروهه جو بهترين مثال پيش ڪري ٿو. اهي سمورا ڪٽنب ڪيترين ئي پيڙهين تي مشتمل هوندا آهن. جن مان هر ڪٽنب پنهنجي ڪنهن هڪڙي وڏي ڏاڏي مورث اعليٰ ۽ سندس زالن جا اولاد هوندا آهن. اهڙين برادرين ۾ داخل ٿيل سمورا ڪٽنب پاڻ ۾ هڪ وڏي ۽ عظيم ڪٽنب طور گڏجي نياتون ٺاهين ٿا. انهيءُ نيات ۾ داخل سمورا ڪٽنب هڪ ۽ ساڳي وڏي بزرگ مرد مورث اعليٰ جا مشترڪ اولاد هوندا آهن. اهڙي نيات ۾ سمورا شامل ڪٽنب پاڻ ۾ گڏجي حياتي گذارين ٿا. اهي هڪڙي ئي وڏي گهر، ويڙهي يا محلي ۾ پاڻ ۾ گڏجي رهن ٿا. پاڻ ۾ گڏجي موروثي ٻنيون آباد ڪن ٿا. هڪڙي يڪي ئي گڏيل گدام مان گڏجي کاڌو کائين ٿا ۽ سمورا نيات ڀائي پاڻ ۾ گڏجي پيداوار کي استعمال ڪن ٿا ۽ اهي سمورا ڀاتي ۽ نيات ڀائي انهيءَ سموري پيداوار جا اجتماعي مالڪ هوندا آهن. اهي سمورا ڪٽنب هڪڙي ئي نيڪ مرد، سربراهه، ويڙهي يا شهر ۽ محلي جي مالڪ دوماچين جي حڪمراني هيٺ رهن ٿا. جيڪو گهر کان ٻاهر جي معاملن ۾ هڪ عيوضي طور سندن نمائندگي ڪري ٿو. سندن اهو نيڪ مرد ننڍا ننڍا اسم نيڪال ڪري سگهي ٿو. هر گهرو خرچ پکي جو انتظام به ڪري ٿو. انهن سمورين ڪمن ڪارين سان گڏوگڏ هو ڪٽنب جي مقرر ڪيل ڪاروبار يا ڌنڌيءَ کي به هلائي چلائي ٿو. انهيءَ سربراهه يا نيڪ مرد کي چونڊ وسيلي منتخب ڪيو ويندو آهي. انڪري اهو پڻ ضروري نه هوندو آهي ته هو هروڀرو ڪٽنبن جي سمورن فردن کان وڏي ڄمار جو به هجي. نيات جي عورتن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ ۽ کين منتخب ڪمن ڪارين سان لڳائڻ جو فرض وري ڪٽنب جي نيات ڌياڻي کي سونپيل هوندو آهي. اها عورت گهڻو ڪري انهيءَ چونديل نيڪ مرد وڏيري جي زال يعني ڊوماچستا سڏي ويندي آهي. نيات جي ڪنوارين عورتن لاءِ ورن ڳولڻ ۾ سندس وڏو هٿ هوندو آهي. يعني انهيءَ معاملي ۾ سندس راءِ کي نيات ڀاين وٽ وڏو وزن حاصل هوندو آهي.
    گهڻو ڪري سندس ڪيل فيصلي يا حڪم کي موٽايو نه ويندو آهي، پر نيات جو اقتدار اعليٰ فقط ڪٽنبن جي ڪائونسل جي هٿن ۾ هوندو آهي، جيڪا ڪائونسل وري ڄڻ ته سمورن ڪٽنبن جي سمورن بالغ مردن ۽ عورتن جي هڪ گڏيل اسيمبلي هوندي آهي. ساري نيات جو مالڪ مکي يا سربراهه انهيءَ ڪٽنبن جي اسيمبلي جي سامهون ڪيل خرچ پکي ۽ آمدنيءَ جو پوتاميل پيش ڪرڻ لاءِ ٻڌل هوندو آهي. سمورا مکيه فيصلا اها اسيمبلي ڪندي آهي. نيات ۽ ڪٽنبن جي ڀاتين جي وچ ۾ تڪرارن ۽ جهيڙن جو نبيرو به اها اسيمبلي ڪندي آهي. اها اسيمبلي گهرو ڪٽنبي ۽ نياتي ضرورتن لاءِ شين جي خريداري ۽ وڪري ڪرڻ تي بحث مباحثو ڪندي آهي. جن سمورن معاملن ۾ زمين جا معاملا ان جي خريد ۽ فروخت ڪرڻ جا معاملا وڌيڪ اهم هوندا آهن.
    ڏهه سال کن ٿيندا ته روس ۾ پڻ اهڙي ئي قسم جي ڪٽنبن جي جماعت (نيات) جي موجود هجڻ جي ثابتي ملي آهي. روس ۾ اهڙن ڪٽنبن جن جي وجود جون پاڙون عوامي رسمن ۾کتيل هونديون آهن، جي وجود کي تسليم ڪيو ويو آهي. روس ۾ کين (آسچينا) يعني ڳوٺاڻا ڪٽنب جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اهڙن ڪٽنبن جو مذڪور اسان کي روس جي قديم قانون ۾ به ملي ٿو. مثلن Provoda Yaro Slar ۾ ساڳي نالي هيٺ روس ۾ Vorv وارو رواج پڻ موجود آهي. جيئن باليشن قانون ۾ به اهو ساڳيو مذڪور درجو آهي. اهڙن ڪٽنبن جي موجود هجڻ بابت پولينڊ ۽ چيڪوسليويڪيا جي ملڪن جي تاريخ جي ڪتابن ۾ پڻ انهيءَ ساڳي قسم جا حوالا موجود آهن.
    سئٽزرلينڊ جي مشهور جرمن قانون جي مصنف هيلزار(Heusler) جي ڪتاب Instituts of German ”جرمن ادارا“ جي لکت موجب جرمن معاشري واري اقتصادي وحدت اصل ۾ جديد دور واري انفرادي ڪٽنب واري وحدت نه هوندي هئي. پر اها اقتصادي وحدت گهرو برادري يا فرقي جي وحدت Communalunit جهڙي نموني جي هوندي هئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي پيڙهيون ۽ انفرادي ڪٽنب شامل هوندا هئا. جن ۾ وري ڪيترائي ٻانها، نوڪر چاڪر ۽ زيردست وغيره به شامل ڪيل هوندا هئا.
    قديم رومن ڪٽنب ۾به اهڙي ئي قسم جي ڪٽنبن جا اهڃاڻ دستياب ٿيا آهن، جنهن جي نتيجي طور ڪٽنب جي سربراهه کي ڪلي قسم جا يعني مطلق العنان قسم جا اختيارات تفويض ڪري سندس حيثيت کي مضبوط بنايو ويو هو ۽ سندس اختيارات جي مقابلي ۾ ڪٽنب جي باقي ڀاتين جا حق کسي کين ڪمزور بنايو ويو هو. موجوده دور ۾ اهڙي قسم جي ڪٽنب تي وڏا اعتراض ۽ احتجاج ڪيا ويا آهن. ساڳي طرح فرينچ انقلاب جي دور تائين آئرلينڊ ۾ ڪيلٽ لوڪن ۽ فرانس ۾ نيوفرنائي صوبي ۾ پڻ اهڙي قسم جي ڪٽنبن جي موجود هجڻ جي خبر پوي ٿي. خود موجوده جديد دور ۾ به اهڙي ساڳي قسم جا ڪٽنب اڄ به ڪٿي ڪٿي صحيح سلامت موجود آهن. مثلن ”فرانس جي لوهان ضعلي ۾ وڏن آبادگار ڪٽنبن جي گهرن ۾ وڏا وڏا صفحا ٺهيل هوندا آهن. جن جي چوگرد ڀاتين جي رهائش لاءِ ننڍا ننڍا سمهڻ جا ڪمرا ٺهيل هوندا آهن. جن کي وڏي مرڪزي صفحي سان ملائڻ لاءِ انهن ڪمرن مان ڇهن يا اٺن ڏاڪن واري ڏاڪڻ ٺهيل هوندي آهي. انهن آبادگار ڪٽنبن جي اهڙين وڏين ويڪرين ڪشادين جاين ۾ اڄ به هڪڙي ئي گڏيل ڪٽنب جون ڪيتريون ئي پيڙهيون ۽ ڪٽنب پاڻ ۾ گڏجي رهندا آهن.
    سنڌو نديءَ جي ماٿري (موجود پاڪستان) ۾ سڪندر اعظم جي مشهور امير البحرنيارڪس پڻ وڏن وڏن آبادگار ڪٽنبن جي موجود هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي. هي سمورا ڪٽنب پاڻ ۾ گڏجي رهندا هئا. اهو پراڻو گهرو برادرين وارو رواج اڄ به سنڌو ماٿري جي پنجاب، ڪشمير ۽پختونستان صوبن ۾ موجود آهي. ڪوهه قاف جبلن وارين ماٿرين ۾ رهندڙ قبيلن ۾ پڻ ساڳي رسم جي موجود هجڻ جو ذڪر ۽ تصديق ڪواليفسڪي صاحب به پنهنجي ڪتاب ۾ ڪئي آهي. اهو ساڳيو رواج اڄ به الجيريا (الجزائر) جي قبيلن ۾ موجود آهي. خود آمريڪا ۾ به اهو ساڳيو رواج موجود رهيو هو. زورينا Zuritra نالي هڪ اسپني فوجي عملداران کي ميڪسيڪو جي ڪالپوليز Calpullis نالي رسم سان ڀيٽيو آهي.
    هينرڪ ڪونو Henric Cunov نالي جرمن عالم پنهنجي ڪتاب آسلينڊ ۾ انهيءَ ساڳي حقيقت کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. ص 44-42 پيرو رياست جي انڊين قبيلن ۾ به مارڪ قسم وارو آئين موجود هو. عجب جي ڳالهه آهي ته پيرو جي انڊين قبيلن ۾به انهيءَ نظام کي مارڪو سڏين ٿا. جنهن موجب هر موسم ۾ آباد ڪيل ٻنين کي سندن آباد ڪندڙن ۾ورهايو ويندو هو.
    اسين هن حقيقت کي به معاشري ۾ موجود ڏسون ٿا ته پدرانه حق تي ٻڌل ڪٽنبي سرشتو، جنهن ۾ زمينن کي گڏيل ملڪيت طور رکڻ ۽ کين گڏيل طور تي آباد ڪرڻ جو رواج به هوندو هو. انهيءَ رواج ڦري هڪ نئين روپ ۽ اهميت وٺڻ شروع ڪئي هئي، اسان کي هن امر ۾ ڪنهن به شڪ ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي ته انهيءَ رواج ئي پراڻي دنيا جي سمورين مهذب قومن ۾ به مادرانه حق تي ٻڌل ڪٽنب خود ”هڪ مڙس، هڪ زال“ جي ڪٽنبن ۾ هڪ اهم قسم جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
    اسين ان بابت ڪواليفسڪي جيويڪ اخذ ڪيل نتيجن تي بعد ۾ بحث ڪنداسين. اهڙيءَ طرح انهيءَ عبوري دور ۾ جنهن ۾ ڳوٺ يا واهڻ (مارڪ) پيدا ٿيا هئا، آبادگارن جو هڪ اهڙو گروهه به وٽن موجود هوندو هو، جيڪو کين ڌار ڌار ورهائجي مليل زمين جي ٽڪرن تي آباديون ڪندو هو. پهريائين کين موسم آهر زمين جو ٽڪرو ڇني ڌار ڪري ڏنو ويندو هو پر بعد ۾ انهن ساڳين ٽڪرن تي آبادي ڪرڻ ۽ مال چارڻ لاءِ انهن وڌيڪ ٽڪرن ۾ورهاست ڪيو ويندو هو. جيتري قدر اهڙن ڪٽنبي گروهن جي اندروني ازدواجي زندگين جو تعلق هوندو آهي ته هي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته روس جي ملڪ ۾ وري هيءَحالت هوندي هئي ته ڪٽنب جو سربراهه پنهنجي انهيءَ مطلق العنان هجڻ وري حيثيت مان ناجائز فائدو وٺندو هو. ڪٽنب جون سموريون نوجوان ۽ خوبصورت عورتون سندس هوس جو شڪار ٿينديون رهنديون هيون. انهيءَ مطلق العنان کيس ايتري قدر ته بي شرم ۽ بي خوف بنائي ڇڏيو هو جو هو پنهنجن نُهرن يعني پٽن جي زالن سان به جنسي ميلاپ ڪرڻ کان ڪين مڙندو هو. سندس نهرون سندس پٽن جون زالون هجڻ جي باوجود به سندس هوس پرستي ۽ جنسي عياشيءَ لاءِ کيس حرم طور ڪم اينديون هيون. اسان کي مٿي ذڪر ڪيل حالتن جو سربستو احوال روس جي تاريخي ڪتابن مان نه پر روسي لوڪ ادب جي گيتن ۽ بيتن مان ملي ٿو.
    مادرانه حق جي خاتمي سان ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري اداري وڏي ترقي ڪئي هئي. ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۽ ڪٽنب جي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ ٻه ٽي اکر ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ ۽ ”هڪ زال گهڻا مڙس“ وارن ادارن لاءِ به ٿي وڃن. شادي ڪرڻ جا مٿيان ٻئي قسم مادرانه حق جي خاتمي کان پوءِ پيدا ٿيا هئا پر انهن ٻنهي قسمن جي شادين جي نمونن ۾ اسان کي هڪ استثنا به ملي ٿي اها استثنا هي آهي ته شادي ڪرڻ جا اهي ٻئي نمونا تاريخي طور تي (ظاهر ۾ ڄڻ نه محض جنسي عياشي ڪر ڻ۽ زنا ڪاري کي فروغ ڏيڻ خاطر ئي ايجاد ڪيا ويا هئا.)
    جيڪڏهن منجهن ارتقائي عمل جو دخل موجود نه هجي ها ته هوند اهي ٻئي شادين ڪرڻ جا نمونا ڪنهن خاص هڪ ملڪ، قوم، يا فقط هڪ دور ۾ گڏوگڏ اسرن ۽ نسرن ها. حقيقت هي آهي ته اهي سمورا مرد جن کي ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ واري شادي ۽ ڪٽنبي سرشتي مان خارج ڪري ڪڍي ڇڏيو ويو هو. پاڻ کي انهن باقي بچي ويل عورتن سان جيڪي هينئر هڪ جدا ”هڪ زال گهڻا مڙس“ وارا ڪٽنب ٺاهي ويهي رهيون هيون، سان لاڳاپيل نه رکي سگهيا هئا. انهيءَ دور ۾ مردن ۽ عورتن جي شادين جو تعداد لڳ ڀڳ هڪ جيترو ٿي ٿي ويو ته انهيءَ حقيقت مان هي ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته انهن ٻنهي قسمن جي ڪٽنبن مان ڪنهن به هڪڙي قسم وارن ڪٽنبن مان ڪوبه هڪڙي نموني وارو ڪٽنب پاڻ کي ساري معاشري اندر رائج ڪري نه سگهيو هو. حقيقت وري هي آهي ته ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ وارو ادارو ٻانهپ جي رواج جي پيداوار آهي. سامي نسل وارن قومن ۾ پدرانه حق تي ٻڌل ڪٽنبن واري نظام ۾ فقط ڪنهن ڪنهن ڪٽنب جو سربراهه پنهنجي سر يا وڌ ۾ وڌ سندس فقط هڪ يا ٻه پٽ ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ وارو ڪٽنب رکي سگهيا ٿي. ڪٽنب جا ٻيا سمورا باقي مرد ۽ ٻانها فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب تي قانع ۽ شاڪر رهندا هئا. اها ساڳي حالت اڄ به سمورن مشرقي ملڪن ۾ هلندي اچي ٿي. ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ وارو ڪٽنب رکڻ فقط امير طبقي جو شيوو رهيو آهي جن کي پڻ حقيقت ۾ فقط هڪ سچي دل واري زال هوندي آهي ۽ باقي ٻانهون خريد ڪري گهرن کي ڀريو ويندو آهي پر عام رواجي ماڻهو فقط هڪ زال سان صحيح ۽ سچي شادي ڪيل هوندا آهن انهيءَ رواج جي استثنا اسان کي فقط نٻيٽ ۾ ملي ٿي جنهن جي مزيدار ابتدا پڻ گروهي شادين مان ئي ٿيل هئي پر انهيءَ حقيقت جي وضاحت ڪرڻ لاءِ تفصيلي کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي پر اهي سمورا نظام مسلمانن جي حاسدانه قسم جي حرم رکڻ واري نظام کان وڌيڪ قابل برداشت نظام هوندا آهن، ڏکڻ ڀارت جي نابر قبيلن ۾ وري هي رواج آهي ته ٻن چئن يا وڌيڪ مڙسن جو ٽولو هڪ گڏيل مشترڪ زال رکندو آهي ۽ انهن مان هر هڪ مڙس کي محض جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر پنهنجي هڪ جدا ذاتي زال به هوندي آهي جنهن کي به سندس مڙس ٽولي ۾ شريڪ سمورن مڙسن جي اڳيان پيش ڪندو رهندو آهي ۽ ساڳي طرح ٽولي ۾ شريڪ ٻين مڙسن جون ذاتي زالون پڻ سمورن مڙسن جي ڪتب اينديون رهنديون آهن، عجيب ڳالهه هي آهي ته ميڪلينن کي هڪ نئين شادي جي اداري يعني شادي ڪلب جي ڪابه خبر نه پئي هئي انهن ڪلبن وارين شادين ۾ ڪلب جا ڪيترائي ميمبر ٻئي مرد ۽ عورتون پاڻ شامل هوندا آهن.
    انهيءَ ڪلب واري شادين جي ڪاروبار ۾ ”هڪ زال گهڻا مڙس“ جو سچو پچو ڪاروبار نه هلندو آهي، پر جيئن جراڊ ٽولون نوٽ ڪيو ته اهو به هڪ خاص گروهي شادين ڪرڻ جو نمونو هوندو آهي جنهن ۾ مڙس ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ ۽ زالون وري ”هڪ زال گهڻا مڙس“ واري اصول تي عمل ڪن ٿيون.
    “هڪ مڙس هڪ زال” وارو ڪٽنب
    اسين اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري آيا آهيون ته هن قسم جو ڪٽنب جفتي شادين واري ڪٽنب مان ڦٽي نڪتو هو، جڏهن ڪوبه معاشرو غير مهذبيت جي وچولي درجي مان نڪري مٿاهين درجي ڏانهن ارتقا ڪندو آهي ته مٿاهين درجي وارين حالتن جي عام ٿي وڃڻ سان مهذب دور جي شروع ٿيڻ جا نشان ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن انهيءَ درجي تي پهچڻ بعد ڪٽنب اندر مڙس جي بالادستي ۽ حاڪميت کي سموري معاشري ۾ڪلي طور تي تسيلم ڪيو ويندو آهي جن قسم يعني ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جو مقصد هوندو آهي. ”ڪٽنب ۾ غير متنازعه فيه پن ريت جي دوران اولاد پيدا ڪرڻ“ انهيءَ قسم جي خالص قسم واري پدريت قائم ڪرڻ جي ضرورت هن ڪري ٿيندي آهي ته اهڙي شادي مان ڄاول اولاد پنهنجي فوتي پيءُ جي ملڪيت ۽ جائيداد جو قدرتي واحد وارث بنجي سگهي.
    ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب ۽ جفتي ڪٽنب وارن ڪٽنبن ۾ وري هي فرق هوندو آهي ته ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جون بندشون جفتي قسم واري شادي جي بندش کان وڌيڪ سخت قسم جون هونديون آهن. انهن بندشن کي ٻنهي ڌرين مان ڪابه هڪڙي ڌر پنهنجي روع سوئ يا اڪيلي سر ختم ڪري نه سگهندي آهي، موجوده دور واري قانون موجب فقط مڙس کي ئي اهو حق حاصل هوندو آهي ته هو اڪيلي سر پنهنجي مرضي سان شادي کي ختم ڪري ڇڏي ۽ مڙس ڪٽنب ۽ گهر جي حاڪم هجڻ جي ڪري زال کي پنهنجي گهر مان لوڌي ٻاهر ڪڍي سگهندو آهي يعني کيس هڪ طرفي طور تي طلاق ڏيئي سگهندو آهي، ان ڪري هن قسم واري شادي ۽ ازدواجي بي وفائي ڪرڻ جو حق به فقط مڙس کي ئي حاصل رهندو آهي، انهي طلاق واري رسم کي قانون جي پٺڀرائي به حاصل هوندي آهي. نيپولين واري فرينچ قانون ۾ مڙس کي ازدواجي بي وفاعي ڪرڻ جو حق قانوني طور تي تفويض ڪيل هوندو آهي پر ان ۾ به فقط هڪڙي اهم بندش درج ٿيل آهي ته ”اهڙو مڙس پنهنجي سريت يا معشوق کي پنهنجي گهر جي اندر وٺي نه ويندو.“ انساني سماج جي واڌاري ۽ ترقي سان گڏوگڏ انهي جنسي بي وفائي ڪرڻ واري قانوني حق کي فرينچ مڙسن وڏي آزادي سان استعمال ڪيو آهي، پر انهيءَ ڀيٽ ۾ ڪا زال پنهنجي قديم آزاد جنسي ميلاپ ڪري سگهڻ واري حق ۽ عمل کي ياد ڪندي ان کي وري جيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي يعني ازدواجي بندش کان ٻاهر ڪنهن غير مرد سان جنسي ميلاپ ڪري وجهي ٿي ته کيس وڏا عذاب سهڻا پئجي وڃن ٿا. جن جهڙا عذاب عورت ذات کي سمورن اڳ وارن ڪٽنبي نظامن ۾ ڪڏهن به سهنا نه پوندا هئا.
    اسان کي قديم يوناني معاشري ۾ انهي قسم جو ڪٽنب سخت گير قانون سميت ظاهر نظر اچي ٿو. ان بابت مارڪس لکي ٿو ته ”يوناني ديو مالا ۾ ديوين کي انهيءَ گذري ويل دور ۽ ماحول ۾ ڏيکاريو ويو آهي جنهن دور ۾ عورت اڃان آزاد هوندي هئي.“
    سندس وڏو احترام ڪيو ويندو هو، پر اڳتي هلي يونان جي سورمائي دور ۾ اسين يوناني عورت کي ذليل حالت ۾ ڏسون ٿا. عورت جي انهيءَ ابتري واري حالت کي پهچڻ جا ٻه مکيه سبب هئا، پهريون ڪٽنب ۾ مڙس جي بالادستي جو قيام ۽ ٻيو مڙس جي پيار هٿ ڪرڻ لاءِ زال جو ٻانهين سان مقابلو ۽ چٽاڀيٽي. اسين يوناني شاعري جي جڳ مشهور ديوان اوڊيسني ۾ پڙهون ٿا ٽيلي مارڪسTali Marchas نالي هڪ يوناني سورمون پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري ٿو ۽ قتل ڪندي کيس خاموش رهڻ جو حڪم به ڏيئي ٿو. قديم يونان جي قومي شاعر هومر Homer جي رزميه ڪلام ۾ مفتوح قومن جون هٿ ڪيل بانديون يوناني فاتحي جي شهوت ۽ هوس جو شڪار ٿين ٿيون. يوناني فوجي سردار پنهنجي عياشي لاءِ هڪ ٻئي جي پويان مفتوح باندين مان خوبصورت عورتن جي چونڊ ڪن ٿا. سارو اليڊ Illid جو ديوان فقط ٻن يوناني فوجي سردارن آڪيلس ۽ ايگا ممنون جي وچ ۾ هڪ خوبصورت باندي تان پاڻ ۾ جهڳڙي ڪرڻ جي ذڪر سان ڀريو پيو آهي. هومر جي رزميه شاعري جو هر سورمون مفتوح قوم جي ڪنهن نه ڪنهن جنگي باندياڻيءَ کي ساڻس جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر پنهنجي تنبوءَ ۾ وٺي وڃي ٿو. مثال طور ايسڪليس نالي ڪتاب ۾ آگا ممنان نالي سورمو ڪي سنڊرا نالي هڪ باندي عورت کي ساڻس جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر پنهنجي گهر ۾ وٺي وڃي ٿو. اهڙين ٻانهين مان پيدا ٿيل اولاد کي پيءُ جي ملڪيت مان ٿورو حصو به ڏنو ويندو ۽ کين آزاد شمار ڪيو ويندو هو.
    ٽيوڪراس به تيلامون نالي سورمي جو ناجائز پٽ هو ان هوندي به کيس پيءُ واري پدريت جي نالي سان سڏائڻ جو اختيار ڏنو ويو هو. يوناني معاشري ۾ هڪ شادي شده زال مان هي اميد به رکي ويندي هئي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي سموري جنسي بيهودگي کي برداشت ڪندي رهي ۽ ساڳي وقت تي بلڪل با عصمت ۽ پاڪ دامن به رهي ۽ پنهنجي اوباش طبع واري مڙس سان جنسي طور تي وفادار رهڻ واري ازدواجي جذبي ۾ ڪوبه فرق نه آڻي پر هي حقيقت به پنهنجي جاءِ تي صاف موجود نظر اچي ٿي ته يونان واري انهيءَ سورمائي دور واري معاشري جي عملي طور تي زال کي فقط هڪ جائز اولاد جي ماءُ، هڪ گهر ڌياڻي، محض انهن ٻانهين جي سنڀال ڪندڙ ليکيو ويندو هو، جيڪي ٻانهيون سندس مڙس جي بستري جي زينت ۽ سريتون هونديون هيون مطلب ته گهر جي چوديواري جي اندر به يوناني مڙس صاحب مختار ڪل هوندو هو، ان ڪري چئبو ته هن لعنت جو اصل سبب ۽ مکيه ڪارڻ هي هوندو هو ته هڪ مڙس هڪ زال واري شادي جي رواج جي پوڻ وقت نوجوان خوبصورت ٻانهين رکڻ جو رواج گهرن جي چوديواري اندر به ويچاري زال سان منهن مقابل هوندو هو. ٻانهين کي فقط مڙسن جي خلاص ۽ اڪيلي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويندو هو. ان ڪري انهيءَ سماجي دستور ۽ رواج ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي اداري جي پيشاني تي هي ٺپو هڻي ڇڏيو هو ”ته زال لاءِ فقط هڪ مڙس“ پر مڙس لاءِ انهيءَ ساڳي قانون جو ڪوبه عمل دخل موجود نه هوندو هو.“ اهو ساڳيو قانون معاشري ۾ اج به قائم دائم ۽ زنده جاويد حالت ۾ موجود آهي.
    انهي پوئين دور جي يونانين بابت اسان کي ڊورين ۽ ابونين جي وچ ۾ تفريق ڪرڻي پوندي. سپارٽا جا يوناني جيڪي ڊورين جو مثال آهن. وٽن ڪيترن ئي حالتن ۾ قديم شادين وارا رواج ۽ مختلف قسمن جا جنسي تعلقات موجود هوندا هئا جن ڏانهن هومر به ڪو اشارو نه ڪيو آهي. سپارٽا ۾ اسان کي جفتي شادين ڪرڻ وارو نمونو به ملي ٿو. جنهن ۾ رياست وقت بوقت ترميمون ڪندي آئي هئي. سندن شادين ۾ اڃان به گروهي شادين وارو عنصر به موجود هوندو هو. بي اولاد شادين کي ختم ڪيو ويندو هو. 650 ق- م ۾ سپراٽا جي بادشاهه Anakandridas انڪندريڊس پنهنجي پهرين بي اولاد زال جي موجودگي ۾ ٻي زال سان شادي ڪئي هئي. ان ڪري هو ٻه جدا جدا گهر هلائيندو هو، Aristonesارسطونس نالي هڪ ٻئي يوناني بادشاهه به ٻن بي اولاد راڻين جي موجودگي ۾ ٽين عورت سان شادي ڪئي هئي. هن پهرين ٻن زالن مان هڪڙي زال کي طلاق ڏيئي ڇڏي هئي. انهي رواج سان گڏوگڏ گهڻا ڀائر پاڻ ۾ گڏجي هڪ مشترڪ زال سان به پرڻجي سگهندا هئا. جيڪڏهن ٻن دوستن مان هڪڙي دوست کي ٻئي دوست جي زال پسند اچي ويندي هئي ته ٻئي دوست پاڻ ۾ گڏجي انهي هڪڙي زال سان جنسي ميلاپ ڪندا رهندا هئا. انهي دور ۾ هن ڳالهه کي به موزون ۽ جائز سمجهيو ويندو هو ته پنهنجي زال کي جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ ڪنهن طاقتور شهوتي مرد جي حوالي ڪيو وڃي. حرمن مدبر شهزادي سيمارڪ جي لفظن ۾ ”اهڙو شخص مرد“ ڀلي ته يونان جو شهري به نه هجي.“ مشهور يوناني اديب پليوتارڪ Plutarch هڪ عجيب مثال ڏنو آهي ته سپارٽا جي هڪ شادي شده زال جنهن جي پويان ساڻس جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ سندس عاشق سرگردان ٿيو پيو ڦرندو هو. کيس وڏي معصوم انداز ۾ صلاح ڏيندي چوي ٿي ته ”تون وڃي مون واري مڙس سان ڳالهاءِ. جيڪڏهن هو مون کي اجازت ڏيندو ته پوءِ آئون توسان سمهڻ لاءِ بلڪل تيار آهيان.“ مشهور جرمن فيلسوف ۽ مورخ شومان Chomann جي لکڻ موجب ”اهي سموريون حقيقتون ڏيکارين ٿيون ته سپارٽا واري معاشري ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي گهڻي قدر ڇڙواڳي هوندي هئي. حقيقت زناڪاري وارو تخيل ۾ جنهن هڪ زال پنهنجي مڙس جي گهر مان سندس غير حاضري جو فائدو وٺي کانئس لڪي چوري چوري پنهنجي عاشق سان جنسي ميلاپ ڪندي هجي. اهڙو مثال سپارٽا جي معاشري ۾ ورلي ڪو ٿيو هوندو.“ ٻئي طرف سپارٽا جي معاشري ۾ گهرن ۾ ٻانهين رکڻ جو رواج اڃا سوڌو نه پيو هو. خاص طور تي سندن عروج واري دور ۾ سپارٽا جي ٻنين تي رهندڙ زيردست نوڪر قسم جا ايلوٽ(ڪڙمي) شهر کان ٻاهر بلڪل پر ٻنين تي رهندا هئا. ان ڪري سپارٽا جي وڏيرن جي زالن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جي آرزو سندن دلين ۾ پيدا به نه ٿيندي هئي. يعني هو نڪي سپارٽا جي خوبصورت گلبدن ماهرو وڏيرين کي ڏسندا هئا ۽ نه وري سندن دلين ۾ سپارٽا جي خوبصورت نازنين وڏيرين سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جي ڪا خواهش، خلش يا ارمان ٿيندو هو. اهڙي آزاد ماحول ۾ سپارٽا جي عورتن کي وڏي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. يونان جي قديم معاشري ۾ سپارٽا جي عورت جو سماجي مرتبو تمام بلند هوندو هو. قديم دور جي عالم يوناني معاشري جي فقط ٻن عورتن جي شان ۽ تعريف ۾ ڪاغذ ڪارا ڪيا آهن، جن مان هڪڙي آهي سپارٽا جي پرڻيل زال ۽ ٻي آهي اٿينس شهر جي اوچي طبقي جي وڏن اميرن ۽ سردارن جون سرتيون. انهي دور جي عالمن فقط انهن ٻن قسمن جي عورتن جي ڳالهين کي قلم بند ڪرڻ جي لائق سمجهيو هو.
    ايونا جي يونانين کان اٿينس جي شهرين جو ڪردار بلڪل مختلف قسم جو هوندو هو. اٿينس جا شهري پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن کي چرخي ڪتڻ، ڪپڙي اڻڻ ۽ سبڻ جا هنر سيکاريندا هئا. ان کان وڌي ٿورو گهڻو لکڻ پڙهڻ به سيکاريندا هئا. وڏي ۾ وڏي ڳالهه هي هوندي هئي ته عورتن کي سخت پردي ۾ رکيو ويندو هو. گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت گهڻيون عورتون پاڻ ۾ گڏجي نڪرنديون هيون. اٿينس جي هر گهر ۾ هڪ جدا زنانا خانو هوندو هو، جيڪو گهڻو ڪري گهر جي ماڙي تي هوندو هو يا ته بلڪل جدا جاءِ تي هوندو هو، يعني عورتن لاءِ هويليون ۽ مردن جي لاءِ اوطاقون هونديون هيون. ڌارين مردن کي حويلين ۽ زنانا خانن ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. خاص طور تي اڻ واقف ڌارين مردن کي. عورتون (وڏيريون) ٻانهن کان سواءِ اڪيليون گهرن کان ٻاهر به نه نڪرنديون هيون. خود گهرن ۾ به مٿن چوڪسي ۽ پهرو هلندو هو. مشهور قديم يوناني ڊرامه نويس Aristophines ارسطوفينس پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”يوناني معاشري ۾ عاشقن ۽ لفنگن کي اميرن ۽ وڏيرن جي گهرن کان پري رکڻ لاءِ مولوسين جا پهريدار ڪتا گهرن ۾ رکيا ويندو هئا.“ يوناني اميرن جي حويلين ۽ حرمه سرائن تي پهري ڏيڻ لاءِ خواجه سراءِ رکيا ويندا هئا. جيڪي گهڻو ڪري کدڙا يا خصي مرد هوندا هئا. قديم يوناني مورخ هيروڊوٽسHerodotus جي ڏينهن ۾ ٻانهن کي خصي بڻائي وڪڻڻ جو عام رواج هوندو هو. ايشيائي يونان (موجوده ترڪي) ۾ Chios ڪيوس جو شهر انهي واپار جي وڏي منڊي هوندو هو. جرمن مورخ پروفيسر واڪس مٿ جي لکت موجب اها منڊي محض مفتوح غير مهذب قومن لاءِ نه هوندي هئي بلڪه خود يوناني شهرين لاءِ به هوندي هئي“ مشهور قديم يوناني ڊرامه نويس يوروپيڊيز Euripides جي ڊرامي ۾ يوناني زال جي وصف هنن لفظن ۾ لکيل موجود آهي. هڪ اهڙي شيءِ (Oikurema اوئيڪوريما) جيڪا گهر هلائي يعني هڪ جي جان وٿ، اسٽين جي معاشري ۾ زال اولاد ڄڻڻ کان سواءِ فقط هڪ گهرو نوڪرياڻي جو درجو رکندي هئي. مڙس صاحب دنيا جي ڪمن ڪارين، وڻج واپار، جسماني ورزشن ڪرڻ ۽ تماشن ڏسن ۾ مشغول رهندو هو. زال انهن سمورن ڌنڌن ڪرڻ کان آزاد هوندي هئي. هر قديم يوناني مڙس وٽ پنهنجي زال کان سواءِ خوبصورت ٻانهيون به هميشه موجود رهنديون هيون ۽ اٿينس جي دور ۾ شهر اندر چڪلي بازي ۽ زنا ڪاري عام جام هلندي هئي. انهن ادارن تي وقت جي رياست جو وڏو هٿ هوندو هو. اهو چڪلي جو ادارو ئي هو جنهن وڏين عظيم قديم يوناني عورتن کي پيدا ڪيو هو. انهن يوناني ٻانهين ۽ پيشه ور طوائفن پنهنجي رنده دلي، خوش گوئي ۽ فنون لطيفه ۾ پنهنجي ذوق سليم ۽ روحانيت سان يوناني عورت جو اهڙي ريت ڳاٽ اوچو رکيو هو جهڙي ريت سپارٽا جي پرڻيل زال پنهنجي پارسائي، معصوميت ۽ پاڪدامني سان سپارٽا جي عورت جو مان ۽ مرتبو وڌايو هو. ان ڪري اٿينس شهر جي هر ڪامياب زال کي پهريائين طوائفه بنجي، چڪلي ۾ رهندي ڪنهن وڏي امير ڪبير يوناني جي سريت بنجي اٿينس واري ڪٽنب ۾ داخل ٿيڻو پوندو هو.
    وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ اٿينس وارو ڪٽنب ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ ”مثالي ۽ آدرشي“ ڪٽنب بنجي پيو هو. جنهن کي ڏسندي ۽ نقل ڪندي نه رڳو ابونيا جي باقي ٻين يوناني قبيلن بلڪه سموري يونان جي ملڪ ۽ سندن قلمرو ۾ داخل ٿيل علائقن جي ٻين غير يوناني معاشرن پڻ پنهنجن ازدواجي زندگين کي انهي وانگر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ايترن سترن، پهرن ۽ چوڪسي جي باوجود به قديم دور جي هر يوناني زال پنهنجي اوباش طبع مڙس سان جنسي بيوفائي ڪرڻ جو ڪو به موقعو هٿان نڪري وڃڻ نه ڏنو هو. ٻئي هٿ تي يوناني مڙسن به پنهنجن زالن سان جنسي بيوفائي ڪرڻ تي شرمسار ٿيڻ بجاءِ پنهنجين سرتين، طوائفن، رنڊين ۽ معشوقائن سان زنا ڪاري ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي هئي. پنهنجن زالن جو هن نموني ۾ بيحرمتي ڪرڻ جو ڦل کين ئي ڀوڳڻو پئجي ويو هو. قديم يوناني مڙس جنسي بد ڪرداري ۽ ذلالت جي اهڙي حد تي پهتا هئا جو هو هينئر اغلام بازي جهڙي قبيح ۽ غيرفطري جنسي مرض ۾ پڻ مبتلا ٿي ويا هئا. انهي بد اخلاقي ڪري، هنن نه رڳو پاڻ کي ذليل ۽ خوار بنايو هو بلڪه خود پنهنجن ديوتائن جو هڻي خانو ئي خراب ڪري ڇڏيو هئائون. اسان کي سندن انهي ذلالت جو واضح مثال سندن قديم ديومالائي ادب ۾ گني ميڊ ديوتا جي قصي مان ملي ٿو.
    اهو آهي ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنبي اداري جو حسب نسب جنهن کي اسين جيتري قدر مهذب ۽ اعليٰ معيار وارن قديم دورن جي معاشرن مان اخذ ڪري سگهيان آهيون اخذ ڪيو اٿئون، اها رسم ۽ ادارو ڪنهن انفرادي طور تي عشق بازي ڪرڻ جو ڦل هرگز نه هو. جنهن جو منجهس تر جيترو به ڪو عنصر موجود نه هوندو هو. ڇاڪاڻ ته انهي قسم وارين شادين ڪرڻ جو بنياد مرد ۽ عورت جي وچ ۾ جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ تي نه پر موقعي ۽ سهوليت تي ٻڌل هوندو هو. ڪٽنب جو اهو پهريون ئي نمونو هو جيڪو قدرتي حالتن ۽ فطري تقاضائن تي نه پر محض اقتصادي حالتن تي ٻڌل هوندو هو. يعني انهي نموني واري شادي انهي ذاتي ملڪيت جي فتح مندي تي ٻڌل هوندي هئي جنهن پراڻي ۽ قديم طرز تي پيدا ٿيل ملڪيت ۽ دولت تي، پهريائين ملڪي معاشري ۾ ۽ ان ڪري بعد ۾ خود ڪٽنب واري گڏيل ۽ مشترڪه مالڪي ڪرڻ واري حق جي جاءِ اچي والاري هئي. يوناني انهن سمورن اقتصادي فائدن ۽ ذاتي مفادن جيڪي مڙسن جي ڪٽنبن جي حڪمران بنجي پوڻ، اولاد پيدا ڪرڻ ۽ اهو پيدا ٿيل اولاد جيڪي سندس ٻي ذاتي ملڪيت وانگر ذاتي ملڪيت هجن ۽ اهي سندن مرڻ بعد سندن پوئتي ڇڏيل ذاتي دولت ۽ ورثي ترڪي جا وارث بنجن، جي ظاهر ظهور ۽ کليل تبليغ ۽ تائيد ڪندا هئا. اهي هئا ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ڪٽنب جا اغراض ۽ مقصد جن کان سواءِ ٻين سمورين ڳالهين ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۽ ڪٽنب هڪ اجايو ڳرو بار، محض جان جو جنجال، غريب يوناني مڙس جي ڳچين ۾ پاتل ڳٽ هوندو هو. انهي ڳٽ کي ڳچي ۾ پائڻ جو مقصد فقط ديوتائن جي حڪمن جي بجا آوري ڪرڻ هوندو هو. محض پنهنجن بزرگن ۽ خاندان جو نالو روشن رکڻو هو. مطلب ته معاشري جي طرفان ۽ عائد ڪيل فرضن ۽ ذميدارين کي پوري ڪرڻ کان سواءِ منجهن ٻي ڪابه جنسي ۽ روحاني ڪشش ۽ تسڪين موجود نه هوندي هئي. اٿينس جي قانون ۾ به شادي ڪرڻ کي به رڳو لازمي قرار ڏنو ويو هو. بلڪه خود ازدواجي فرضن ۽ سماجي جوابدارين جي پوري ڪرڻ خاطر، پنهنجي زالن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل کي به مٿن هڪ لازمي قانوني فرض طور عائد ڪيل هوندو هو. اهڙي ريت انساني تاريخ ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ڪنهن به صورت ۽ حالت ۾مرد ۽ عورت جي انساني صنفن کي هڪ ٻئي سان جنسي ۽ روحاني طور تي ملائڻ جو وسيلو بنجڻ ته ڇا بلڪه محض سکڻو جسماني طور تي ميلاپ پيدا ڪرڻ جو هڪ بهترين ۽ اعليٰ ترين ذريعو به ثابت ٿي نه سگهي هئي. اسين انهي ڳالهه کي ڪيترو به کڻي لڪايون پر اصل ۾ حقيقت فقط هن قدر هوندي آهي ته انهي قسم واري شادي جو مقصد ئي فقط هڪڙي انساني صنف (عورت) کي ٻي انساني صنف (مرد) جو مطيع ۽ زيردست بنائڻو هوندو هو. ان ڪري يوناني معاشري ۾ ٻنهي انساني صنفن جي وچ ۾ قدرتي طور تي رکيل تضاد کي وڌيڪ مشتهر ڪرڻ تي ايترو ته زور لڳايو ويو هو، جنهن جيترو زور قبل از تاريخ جي سمورن دورن ۾ ڪڏهن به نه لڳايو ويو هو. اسلامي ۽ يوناني ديومالائي ادب، شاعري مصوري، سنگ تراشي، ادب اخلاقيات وغيره ۾ انهي تضاد کي تمام وڌائي ظاهر ڪيو ويو آهي پر اسلامي ادب ۽ تمدن ۾ ان کي پردن ڏيڻ لاءِ انساني جسمن جي اگهاڙپ کي ظاهر نه ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. ان ڪري ئي اسلام سنگ تراشي، مصوري ۽ شاعري وغيره ۾ انساني جسمن جي تعريف گهٽ ۾ گهٽ ڪيل هوندي آهي. الله تعاليٰ به مصور سان گڏ ستار به آهي. ان ڪري هن ڪائنات جي هر ساهه واري شيءِ پکي پکڻ، جانورن ۽ انسانن ۾ سندن اگهاڙپ کي ڍڪڻ جا انتظام ڪيا آهن ايتري قدر جو سندن اگهاڙپ ڪڏهن به ظاهر ۽ بي پرده نظر نه ايندي آهي، ان ڪري قدرت ۾ نر ماد کي ظاهر ڪرڻ وارو تضاد فحاشي ۾ داخل نه آهي. ان جي برعڪس حضرت انسان پنهنجي نوع جي ڍڪيل فطري تضاد کي ظاهر ڪرڻ ۾ پنهنجي مصوري جو معراج سمجهي ٿو. جيڪا ڳالهه غير فطري هجڻ جي ڪري فحاشي ۾ داخل هوندي آهي. منهنجي ۽ مارڪس جي هڪ اڻ ڇپيل گڏجي لکيل 1846ع واري مسودي ۾ مون کي مطالعو ڪندي هي لکت نظر تي چڙهي وئي آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته، ”پورهئي جي ورهاست ڪرڻ ۾ پهرين ورهاست هيءَ ڪئي ويئي هئي ته گهرن کان ٻاهر جو سمورو ڪاروبار مڙس لاءِ ۽ زال لاءِ فقط اولاد کي نپائي وڏو ڪرڻ“ مقرر ڪيا ويا هئا. انهي ساڳي لکت ۾آئون هينئر هي اضافو ڪريان ٿو ته ”سڀ کان پهريائين طبقاتي دشمنين ۽ نفرتن جي باهه جيڪا انساني تاريخ جي صفحن ۾ داخل ڪئي وئي هئي ” هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جنهن ۾ طبقاتي ظلم، ڏاڍ ۽ استبداد جي شروعات مرد پنهنجي مادي (عورت) سان ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ڪرڻ جو رواج انساني تاريخ ۾ هڪ اهم قدم هو. پر ساڳئي دور ۾ معاشري ۾ سندس آغاز ٿيندي ئي، ساڻس گڏوگڏ ٻانهپ جو رواج ۽ ذاتي ملڪيت رکڻ جي لعنت به وجود ۾ اچي چڪي هئي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم رهندي آئي آهي. جنهن حقيقت جو نتيجو وري هي نڪتو آهي ته جتي اسين هڪ قدم (معاشرتي طور تي) اڳتي وڌون ٿا اتي اسان جو ٻيو قدم اڳتي وڌڻ جي بجاءِ پاڻ مرادو پوئتي موٽ کائي هٽي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته جنهن هڪ ئي امر ۾ هڪ گروهه جي خوش حالي، فلاح ۽ ترقي سمايل هوندي آهي، انهي ساڳئي امر ۾ ٻئي گروهه جي بربادي، تنزل ۽ ساڻس ظلم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اها خوش حالي ٻئي گروهه سان ظلم ڪرڻ سان ئي حاصل ڪئي وڃي ٿي. مهذب معاشري ۾ اها سماجي ڪيفيت ۽حالت اهڙي جراثيمي جو نمونو آهي، جنهن جي وجود جي اندر اسان انهن دشمنين، عنادن، نفرتن ۽ تضادن جو مطالعو ڪري سگهون ٿا جيڪي معاشري ۾ اڳتي هلي پڪا پختا ٿي قائم ٿي وڃن ٿا.
    انساني معاشري ۾ جفتي ڪٽنبن ۽ خود ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۽ ڪٽنب واري اصول جي قيام جي فتح حاصل ڪرڻ جي ڪري، مرد ۽ عورت جي ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ واري جذبي جو ڪنهن به لحاظ کان خاتمو ٿي نه سگهيو آهي. ”قديم ڪٽنبي نظام ۾، گهري ساٿي وارن گروهن جي معاشري مان آهستي آهستي گم ۽ ختم ٿي وڃڻ جي ڪري، سندن سرحدون به گهٽبيون سوڙهيون ٿينديون ويون هيون. اهو دائرو ترقي پذير ڪٽنبن کي اڃا به هڪ اهڙي سماجي ماحول ۾ جڪڙي بيٺو آهي جيڪو ساڻن تهذيب جي سرحدن ۾ داخل ٿي. سريت بازي جي اداري جي صورت ۾ گم ٿي وڃي ٿو. اهو ساڳيو رواج هن مهذب دور ۾ اڄ به ڪٽنب جي سرتي هڪ ڪاري منحوس پاڇي وانگر سوار ٿيو بيٺو آهي.“ مارگن سريت بازي جي اداري جي وصف ڪندي لکي ٿو ته”سريت بازي“ چئبو آهي هڪ شادي شده مڙس جو پنهنجي ازدواجي دائري کان ٻاهر نڪري، ڪنهن اڻ پرڻيل عورت سان جنسي ميلاپ ڪرڻ کي ۽ اهو ادارو ”هڪ مڙس هڪ زال واري شادي جي ارادي سان گڏيو هٿ ۾ هٿ ملايو هلندو هجي.“ هي حقيقت به عالم آشڪار ٿي چڪي آهي ته سموري مهذب دور ۾ اهو ادارو مختلف روپ مٽائيندو وڌندو ويجهندو رهيو آهي ۽ آخرڪار آهستي آهستي ٿي هڪ اگهاڙي بي شرم چڪلي ۽ ڪوري فحش زنا ڪاري جي صورت وٺي وڃي ٿو. انهي سريت بازي جو حسب نسب وڃي انهن گروهي شادين سان ملي ٿو جن ۾ زالن کي پاڻ کي قرباني طور پيش ڪرڻو پئجي ويندو آهي. اهي مظلوم ۽ مجبور عورتون انهي قرباني ڏيڻ وسيلي (معاشري جي) مردن کان باعصمت ۽ پاڪدامن ٿي حياتي گذارڻ جو حق خريد ڪنديون هيون. ڪنهن عورت جو پيسا وٺي پنهنجي جسم کي ڪنهن غير مرد يا مردن کي سونپڻ جو عمل شروعات ۾ فقط هڪ مذهبي قسم جي رسم ۽ عمل هوندو هو، يعني سندن اعتماد موجب هڪ متبرڪ مذهبي عمل هوندو هو. ان ڪري انهي قرباني جي ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ڪنهن اجنبي مرد يا مردن کي سونپي ڇڏڻ واري رسم محبت ديوي جي مندر ۾ادا ڪئي ويئي هئي. انهي جنسي عمل مان حاصل ڪيل رقم اصل ۾ مندر جي خزاني ۾ جمع ڪئي ويندي هئي. آرمينا ۾ انائيطس جي مندر جون ٻانهيون، ڪورنٿ ۾ افروڊائيٽ جي مندر جون هائروڊيول، هندستاني مندرن ۾ رهندڙ نچڻيون، ديوداسيون (ڪنواريون يا نوجوان ودوائون جن کي بيادير به سڏيو وڃي ٿو) دنيا جون اوائلي پيشه ور رنڊيون هيون. شروعات ۾ اها پاڻ قربان ڪرڻ واري رسم معاشري جي سمورين عورتن لاءِ لازمي قرار ڏنل هوندي هئي، پر بعد واري دور ۾ مندرن ۾ ويٺل پيشه ور مهنت عورتون انهن قرباني طور پيش ٿيندڙ عورتن جي پاران، اجرت طور پيسا وٺي پاڻ قربان ڪرڻ جي رسم ادا ڪنديون هيون. يعني غير مردن کان زنا ڪرائينديون هيون. دنيا جي باقي ٻين قومن ۾ سريت بازي جو ادارو وري ڪنوارين ڇوڪرين کي شادين ڪرڻ کان اڳ ۾ ڌارين مردن سان ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ آزادي ۽ اجازت ڏيئي ڇڏڻ مان پيدا ٿيو هو. انهيءَ سبب جي ڪري گروهي شادين ڪرڻ جو رواج، ڪٽنب جي سرحدن کان ٻاهران ٻاهران جدا واٽ وٺيو هلندو اچي اسان وٽ به پهچي ويو آهي. ذاتي ملڪيتن ۾ تضاد جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري، ويندي غير مهذبيت جي درجي تائين، ڪن خاص مقرر ڪيل ڏينهن يا ڏڻن تي، جيئن اجوري تي ڪم ڪندڙ مزدور ٻانهن سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندا آهن. ساڳئي طرح انهن خاص مقرر ڪيل ڏڻن تي آزاد عورتن جو گروهه به پاڻ مرادو (پيسن ڪمائڻ خاطر) ڪسبي رنڊيون بنجي، انهن ٻانهن جن کي سندن مرضي جي خلاف زوري زبردستي پاڻ کي قربان ڪرڻ يعني زنا ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو هو، سان گڏجي زنا ڪرائڻ جي عمل ۾ شامل ٿي وينديون هيون. انهي لحاظ کان گروهي شادين جي اداري جو تهذيب کي سونپيل ورثو، هڪ ٻه منهين تلوار ۽ هڪ ٻه زبانو وات هوندو آهي، يعني اهو هڪ خود پاڻ کي غلط ثابت ڪندڙ ۽ پاڻ سان دشمني رکندڙ نظام هوندو آهي، هڪ اهڙو سماجي ڪٽنبي نظام جيڪو هڪ طرف ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري نظام ۽ ٻئي طرف تي ”سريت بازي“ جو ادارو جنهن جو قبيح روپ زنا ڪاري ڪرائڻ يا پيشه ور رنڊي بنجي ڪسب ڪرائڻ هوندو آهي، خودبخود پيدا ٿي پوندو آهي. انهي لحاظ کان سريت بازي جو ادارو پڻ معاشري جي ٻين تسليم شده سماجي ادارن وانگر هڪ باقاعده ۽ تسليم شده سماجي ادارو بنجي پوي ٿو. اهو ادارو قديم دور واري ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي اها باقيات هوندو آهي جنهن هميشه مرد جي فائدي لاءِ ڪم پئي ڪيو آهي. انساني معاشري ۾ نه رڳو هن اداري کي برداشت ڪيو وڃي ٿو بلڪه ان تي وڏي ذوق، شوق ۽ جوش سان عمل به ڪيو وڃي ٿو. خاص طور تي حڪمران طبقن ۾ هن اداري کي معاشري ۾ فقط زباني مار ڏني وڃي ٿي. پر انهي زباني مار جي اثر کي مرد تائين پهچڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. معاشري ۾ ڦٽ لعنت جو وسڪارو فقط عورت تي ٿيندو رهي ٿو. کيس انهي هڪڙي ڳالهه لاءِ ئي زوري زبردستي معاشري مان ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو ته جيئن ان بابت پڙهو ڏياري سگهجي ته ”خبردار- هوشيار- ڪن کولي ٻڌو، ته اعليٰ حضرت مرد صاحب جي عورت ذات تي بالادستي ۽ حاڪميت قائم ۽ دائم آهي ۽ معاشري جي قائم ڪيل بنيادي قوتن ۾ ڪو به ڦيرو نه آيو آهي، مرد صاحبو توهان ڀلي عيش ڪريو.“
    ” هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي اداري ۾ هڪ ٻئي قسم جو تضاد به خود سندس ئي وجود مان پيدا ٿي پوي ٿو. اهو تضاد هي هوندو آهي ته ”خود مڙس جيڪو پاڻ سريت بازي واري بدبوءِ ۾ گرفتار هوندو آهي، سندس بلڪل ڀر پاسي ۾ سندس ڌڪاريل ۽ ڏتڙيل زال بيٺل نظر ايندي آهي. ڪنهن تضاد جي مهر ۾ هڪ پاسي جو موجود هجڻ ۽ ٻئي پاسي جو موجود نه هجڻ هڪ ناشرفي ۽ ناممڪن امر آهي. اهو ڄڻ ته ائين ٿيو ته ڪنهن صوف جو اڌ کائي به ڇڏجي ۽ اهو ساڳيو صوف سالم حالت ۾ موجود به رهي، پر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مڙسن وارو ٿورڙو طبقو هڪ ٻئي نموني ۾ سوچيندو رهندو جيستائين سندن زالون کين انهي غفلت مان جاڳائي، کين ٻئي نموني ۾ سوچڻ تي مجبور نه ڪن. هينئر معاشري جي پردي تي هڪ نئين سين کلي ٿي. انهي سين (منظر) ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي اداري اسٽيج تي به اهڙا نوان اڻ سڃاتل ڪردار نڪري نروار ٿين ٿا جن جو انهي سين کان اڳ ۾ معاشري ۾ ڪوبه وجود نه هوندو هو، انهي سين ۾ اسان کي پري کان ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته معاشري جي اسٽيج تي آيل ٻن نون ڪردارن مان هڪڙو ڪردار زال جو دلبر يار ۽ ٻيو ڪردار آهي (مڙس جي) ڌڪاريل ۽ مظلوم زال جو اوباش طبع سورمو يعني سندس مڙس صاحب پاڻ انهي عجيب سماجي سين ۾ مڙس بيشڪ پنهنجي ڌڪاريل ۽ مظلوم زال تي (سماجي طور تي بالادست هجڻ جي ڪري) فتح حاصل ڪري ٿو، پر ان کان وڌيڪ عجب جو سين هي آهي ته انهي ازدواجي ۽ سماجي جنگ ۾ فتح جو تاج وري به مڙس جي سر جي بدران سندس شڪست کاڌل ڌڪاريل مفتوح دشمن زال جي سر تي جرڪي رهيو آهي. اهو واهه جو کيل ٿيو. فتح ڪري هڪڙو ۽ فتح جو تاج جرڪي سندس شڪست کاڌل دشمن جي سر تي. ”هڪ مڙس هڪ زال“ ۽ سريت بازي جا ادارا هينئر زناڪاري، فحاشي ۽ چڪلي مان ڦري معاشري جا اهم ادارا بنجي پون ٿا. مردن جي ٺاهيل قانون موجب زال جي زناڪاري ڪرائڻ جو فعل برابر هڪ عظيم ناقابل برداشت سنگين ڏوهه هوندو آهي. جنهن جي سزا به سخت مقرر ڪيل هوندي آهي، پر ان کي ختم ڪري عورت جو اهو قبيح عمل خود هڪ اهم ۽ جدا تسليم شده سماجي اداري جي صورت اختيار ڪري، ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي ۽ سريت بازي جي سماجي ادارن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي نڪري نروار ٿي بيهي رهي ٿو.
    اولاد جي پدريت وارو حق به هينئر اڳوڻي آئين موجب محض اخلاقي اصولن تي مبني رهجي ويل هوندو آهي، انهن اڻ کٽندڙ تضادن کي ٻنجي ڏيڻ خاطر نيپولين بوناپارٽ واري ٺاهيل قانون ۾ هن قانوني فقري کي به شامل ڪرڻو پئجي ويو هو ته ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي دوران جيڪو ٻار ڪنهن زال جي پيٽ ۾ پئجي ٿو، انهي جو پيءُ انهي زال وارو مڙس آهي.“
    هي آهي ٽن هزار سالن جي عمر واري پيرسن ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري جي وڻ جو ميوو.
    ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب بابت، اهڙيون حالتون، جن مان انهي ڪٽنبي اداري جي تاريخي پس منظر جي خبر پوي ٿي ۽ جن مان مڙس ۽ زال جي وچ ۾ سخت قسم جا اختلاف ۽ تضاد پيدا ٿي سگهندا هجن، ان جو بنيادي بالادستي ۽ حاڪميت وارو گهمنڊ يعني مڙس جي زال جي خلاف ازدواجي ٽرڙائي، جنهن مان اسان کي سماج جي اندر انهن نفرتن، دشمنين ۽ تضادن جي ننڍي پيماني تي نڪتل تصوير صاف ظاهر نظر اچي ٿي، جن تضادن تهذيب جي شروعاتي دور کان وٺي پاڻ کي ٻن متضاد طبقن جي صورت ۾ ورهائي قائم رکيو آهي ۽ تهذيب به کين اڄ ڏينهن تائين حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي بجاءِ سرگردان ٿيو اجايون بي فائديون بولاٽيون کائيندي رهي آهي.
    آئون قدرتي طور تي ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارين شادين جي فقط انهن حالتن جو ذڪر ڪريان ٿو جن ۾ ازدواجي زندگي انهن قانونن جي پٽاندڙ عمل ڪندي رهي ٿي، جن ۾ فقط هڪڙي بيقاعدگي پيدا ٿي پوي ٿي، ۽ اها هوندي آهي زال جي طرف کان مڙس جي بيجا بالادستي جي خلاف بغاوت ڪرڻ. انهي ماجرا جي ڪنهن ٻئي شخص کي خبر هجي يا نه به هجي ته اها بغاوت ڪرڻ واري حالت سمورين ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارين شادين سان لاڳو نه هوندي آهي، پر ڄٽ جرمن وڏيرو جيڪو پاڻ رياست جو انتظام ته ڪُجا، خود پنهنجي ڪٽنب جي ڪاروبار هلائڻ ۾ به نا اهل ثابت ٿي چڪو آهي ۽ جنهن جي زال سندس ڪٽنبي ڪاروبار هلائڻ جو سمورو بار وڏي همت ۽ دليري سان پنهنجي سر تي اڪيلي سر کنيو بيٺي هوندي آهي، پر اهو ويچارو نااهل انسان (ڄٽ جرمن وڏيرو) پنهنجي نااهل ضمير کي ڪوڙي تسلي ڏيڻ خاطر پنهنجي ڀورڙي ذهن ۾ هڪ تصور کنيو وتندو آهي ته انهي بدبختي ۾ هو پنهنجي همعصر فرينچ وڏيري کان وڌيڪ اهل ۽ ڪارآمد انسان آهي، پر عملي طور تي تجربي ثابت ڪيو آهي ته ٻنهي جا پرڪار ساڳيا هوندا آهن، يعني ”جهڙي ڇائي تهڙي پني“ جرمن وڏيري لاهي فرينچ وڏيري کي ڏني.
    هن دنيا ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارا ڪٽنب هر هنڌ پيدا ٿيا هئا، پر انهن ڪٽنبن لاءِ هي خيال ڪرڻ ته اهي سمورا ڪٽنب يونان جي ڪلاسيڪي دور جي ڪٽنبن جهڙا ظالمانه قسم جا هوندا هئا، بلڪل غلط نتيجو ڪڍڻ ٿيندو. رومن معاشرو به ساڳئي يوناني معاشري واري واٽ وٺيو عالمي تاريخ جي پردي تي ظاهر ٿيو هو. سندن معاشرو به يوناني معاشري جي ڇڏيل نشانن تي پير رکندو هلي رهيو هو. هنن به يوناني فاتحن وانگر عالمگير فاتحن جو چوغو زيب تن ڪيو هو. زندگي لاءِ سندن نقطه نگاه به يونانين جي مقابلي ۾ گهٽ درجي جي مهذب هوندي هئي. ان هوندي به سندن معاشرن ۾ عورت جو سماجي درجو ۽ مقام ۽ ان بابت سندن ذهني ۽ فڪري تصور نسبتاً بهتر قسم جو هوندو هو. رومن معاشري ۾ سندن خيال موجب، مڙسن کي پدرانه حق حاصل هجڻ جي ڪري، زالن جي موت ۽ حياتين تي سندن مڪمل ضابطي ۽ قبضي جي موجودگي وارن اختيارن، کين خود زالن جي ساڻن جنسي وفاداري ۽ سندن جنسي طور تي پاڪدامن ٿي رهڻ لاءِ، هڪ ضمانت هجڻ لاءِ هڪ ڪافي ڍال مهيا ڪئي هئي.
    رومن معاشري ۾ ٻنهي مڙس توڙي زال کي رضاڪارانه طور تي شادي کي ختم ڪري ڇڏڻ جو اختيار به حاصل هوندو هو. پر جرمن قبيلن جي انساني تاريخ ۾ داخل ٿيندي ئي ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري جي ارتقا ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏي واڌ اچي وئي هئي. پر شايد سندن مفلسي جي ڪري ئي ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري ۾ جفتي شاديون ڪرڻ جي درجي کان وڌيڪ ڪنهن به قسم جي واڌ اچي نه سگهي هئي. اهو مٿي مقرر ڪيل فيصلو اسان تاسيت (Tacitus) نالي هڪ قديم رومن مورخ جي ٽن ذڪر ڪيل سماجي حالتن مان اخذ ڪيو آهي.
    اهي ٽي حالتون هي آهن:
    1 - ته سندن شادي جي اداري جي پاڪيزه هجڻ جي اعتقاد جي باوجود ” جرمن ڪٽنب ۾ هر مڙس فقط هڪ زال سان خوش رهي ٿو. ان ڪري سندس زال به پاڪدامني جي لوڙهي اندر محفوظ رهي ٿي.“ انهي دور ۾ جرمن معاشري ۾ ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ وارو ڪٽنبي نظام فقط فوجي سردارن ۽ وڏن اميرن ۾ رائج هوندو هو. اهو ساڳيو دستور آمريڪي انڊين قبيلن ۾ به رائج هوندو هو. جن ۾ به جفتي شاديون ڪرڻ جو رواج موجود هوندو هو.
    2 - ته مادرانه حق مان نڪري پدرانه حق ۾ داخل ٿيڻ وارو عمل به بلڪل ماضي قريب ۾ پورو ٿيو هو. ان هوندي به مادرانه حق واري نظام ۽ رسم موجب اولاد جي پيءُ جي مقابلي ۾، اولاد جي ماءُ جو ڀاءُ(مامو) جنهن کي مادرانه حق واري شجري موجب ماءُ جي اولاد جو ويجهي ۾ ويجهو عزيز شمار ڪيو ويندو هو، کي وڌيڪ حقدار ليکيو ويندو هو. اها ساڳي حقيقت آمريڪي انڊين واري انهي ڪٽنبي نظام، جنهن کي قبل تاريخي دور جي کوجنا ڪرڻ لاءِ مارڪس هڪ ڪليدي حيثيت ڏني آهي، سندس نقطه نگاهه سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿي. پنهنجي انهي وضع ڪيل اصول تي بحث ڪندي مارڪس ان کي هر هنڌ دهرائيندو آيو آهي.
    3 - ته انهيءَ دور ۾ جرمن معاشرو پنهنجن زالن جو وڏو احترام ڪندو هو. ايتري قدر جو جرمن مڙسن جي نگاهن ۾ انهيءَ احترام جي حاصل هجڻ جي ڪري ئي جرمن عورتن کي خود ملڪي معاملن ۾ به وڏو عمل دخل حاصل هوندو هو. ان ڪري اها ساڳي حقيقت ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۾ مڙس جي پيدا ٿي پيل بالادست ۽ حاڪم هجڻ واري ڪردار سان ٽڪر کائيندي رهندي هئي.
    مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي نقطن تي قديم جرمن ۽ سپارٽا جا معاشرا هڪ جهڙا هوندا آهن. انهن ٻنهي معاشرن ۾جفتي شادين ڪرڻ جو رواج اڃا پوري ريت ختم نه ٿيو هو. انڪري جرمن قبيلن جي ظهور سان گڏوگڏ سندن معاشري ۾ هڪڙو نئون عنصر به پيدا ٿي پيو هو ۽ انهيءَ عنصر اڳتي هلي عالمي سطح تي بالادستي ۽ فوقيت به حاصل ڪري ورتي هئي. معاشري ۾ انهيءَ عنصر جي پيدا ٿي پوڻ سان رومن معاشري واري ڊٺل ماڙي جي جاءِ تي هڪڙو نئين قسم جو ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جو سماجي ادارو پيدا ٿي پيو هو. جنهن ۾ مڙس جي زال ۽ ڪٽنب جي مٿان هڪ هلڪي خفيف ۽ محض نالي ماتر بالادستي ۽ حاڪميت قائم ٿي ويئي هئي. انهيءَ هڪڙي ئي امر زال کي خود گهر جي چوديواريءَ کان ٻاهر جي معاملن ۾ به ايتري قدر ته وڌيڪ آزاد ۽ احترام لائق هستي بنائي ڇڏيو هو. جنهن جيتري آزادي ۽ احترام کيس خود ڪلاسيڪي قبل تاريخي دور ۾ به ڪڏهن نصيب ٿي نه سگهيو هو.
    انهيءَ حقيقت جي معاشري ۾ رائج ٿيڻ جو نتيجو هي نڪتو هو ته انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ وڏي ۾ وڏي اخلاقي ۽ روحاني واڌاري جي پيدا ٿيڻ لاءِ اهڙا نوان موقعا فراهم ٿي ويا هئا، جن جا سماجي فائدا اسان ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري اداري مان ۽ ان جي سببان انهيءَ سان لاڳاپيل ٻين سماجي ادارن مان به حاصل ڪري سگهيا آهيون. اهو واڌاري ۽ ترقي جو عمل خود ڪٽنبي اداري جي اندر، ان کان ٻاهر، ساڻس گڏوگڏ ۽ خود ان جي برخلاف به پيدا ٿي پيو هو. اهو عنصر جنهن جي وصف ۽ تعريف جو اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، آهي. اهو جديد قسم جو انفرادي طور تي هڪ مرد ۽ هڪ عورت جي وچ ۾ عشق ۽ محبت ڪرڻ جو جذبو ۽ ٻنهي صنفن جي وچ ۾ هڪ اهڙي جنسي ميلاپ ڪرڻ جو عمل جنهن جو قديم دورن ۾ ڪٿي به ڪو نام و نشان به موجود نه هوندو هو.
    سندن اهو ڪيل واڌارو، ترقي انهن حالتن جو نتيجو هوندي هئي، جيڪي حالتون اڃا سوڌو به منجهن موجود هيون. جرمن قبيلا جيتري قدر به کانئن ممڪن ٿي سگهندو هو، جفتي شادين جي دستور هيٺ رهندا هئا. انهيءَ دستور تحت سندن معاشري ۾ جرمن عورت جي حالت ۽ سماجي حيثيت ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري جي مطابقت ۾ هلندي هئي. پر انهيءَ تاريخي حقيقت جو هن امر مان گمان ڪرڻ ته انهيءَ ترقي ۽ واڌاري ڪرڻ جو راز هن ڳالهه ۾ سمايل هوندو هو ته جرمن قبيلن جو مزاج ۽ طبيعت ڪن پاڪ ۽ صاف اخلاقي بنيادن تي مبني هوندي هئي. بلڪل هڪ غلط گمان هو. اهو وڌارو ۽ ترقي هن حقيقت جو نتيجو هو ته عملي طور تي انهن جفتي شادين ۽ ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي ڪٽنبي نظام وارا اخلاقي تضاد ۽ مخالفتون موجود نه هونديون هيون. هي قصو ئي مختلف قسم جو هو جڏهن جرمن قبيلا پنهنجي تاريخي هجرتن جي دور ۾ بحر اسود کان ڦيرو ڪري يورپ جي وسيع چراگاهن ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيا ها ته سندن گهوڙي سوار هجڻ جي حقيقت جي باوجود به اتي جي مقامي قبيلن سان رڳو ڀاڙو ڏئي ويهڻ جي ڪري به ڪيتريون ئي غير فطري ۽ غير اخلاقي ڪمزريون منجهي گهر ڪري ويون هيون. جنهن حقيقت جي تصديق امانس Ammainus نالي هڪ رومن عالم ۽ مورخ پنهنجي مشهور ڪتاب Return Gastarum Libriprccopius ۾ تائفلي جي ڏندڪٿا ۾، ۽ پروڪوپئس Procopius نالي هڪ بازنطيني عالم ۽ مورخ به پنهنجي ڪتاب Histori of Persians, Vandalsan Gothicwvrs (جرمن، ويندال ۽ گوٿ قبيلن جي جنگين جي تاريخ) ۾ هيرولي نالي ديوتا جي ڏندڪٿا ۾ ڪري ٿو.
    انهيءَ دور ۾ جڏهن ته فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ واي ڪٽنب جو عام رواج هوندو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته جديد قسم واري عشق بازي ۽ جنسي تعلقاتن جو بنياد به ضرور ان مان ئي پيدا ٿيو هوندو. پر ان جو مطلب هي هرگز نه آهي ته عشق ۽ محبت ڪرڻ وارو فطري انساني جذبو به فقط انهيءَ اداري مان ئي پيدا ٿيو هو ۽ انهيءَ کان سواءِ مرد ۽ عورت جي صنفن جي وچ ۾ فطري عشق ۽ محبت وارو جنسي جذبو موجود ئي ڪونه هوندو هو. ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي نظام ۾ فقط مڙس جو نالو زال جي مٿان بالادستي ۽ حاڪميت وارو جذباتي قسم جو بيهودو تصور ئي انسانن جي پاڻ ۾ عشق ۽ محبت ڪرڻ واري فطري جذبي کي دٻايو ڌڪيو ٻاهر ڪڍيو بيٺو هوندو هو.
    تاريخي طور تي سماج جي سمورن متحرڪ طبقن ۾، يعني حڪمران طبقن ۾ شادين ڪرڻ جو ادارو انهن ئي پيرن تي بيٺو رهيو هو. جن پيرن تي جفتي شادين وارو ادارو، جنهن ۾ والدين پنهنجي اولاد جون شاديون سندن سهولت ۽ پيار جي خاطر نه پر پنهنجي سهولت ۽ مفادن خاطر ڪرائيندا هئا. کيس بيهاريو ويو هو. تاريخي طور تي جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ وارو پهريون نمونو جيڪو هڪ جذبي جي صورت ۾ اختيار ڪري سگهيو هو، يعني هڪ اهڙو جذبو جنهن جي تحت ڪو شخص (يعني حڪمران طبقي جي فردن مان ڪو فرد) انهيءَ جذبي جو هڪ بنيادي انساني حق جي طور تي اظهار ڪري سگهندو هجي ۽جنهن کي اعليٰ ترين جنسي جوش به تصور ڪيو ويندو هو ۽ اهو ساڳيو جنسي جوش فطري طور تي ان ۾ هڪ بنيادي عنصر طور موجود به هوندو هو. جنهن جو اهو نمونو هڪ اوائلي قسم جو نمونو هوندو هو. منجهس موجود هوندو هو.
    ازمنه وسطيٰ (يورپ جو وچولو تاريخي دور) جي دور جي سورمائي قسم جي جنسي عشق ۽ محبت واري مراد هرگز نه ورتي ويندي هئي. سورمائي قسم واري جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ جو ادارو مورڳو الٽي گنگا بنجي پوندو هو. انهيءَ حقيقت جو مثال پرووانسال لوڪن جي ادب واري قديم ڪلاسيڪي نموني واري جنسي عشق ۽ محبت هوندي هئي، جيڪا هلندي هلندي هڪ اعليٰ قسم جي جماليات جو نه پر ڪوري اگهاڙي زنا ڪاري ڪرڻ جو روپ اختيار ڪري ويندي هئي. ۽ ان ڪري سندن دور وارن شاعرن به حقيقي ۽ سچي قسم جي جنسي عشق ۽ محبت جي شان ۾ نه پر انهي فاحش ۽ اگهاڙي زناڪاري جي ڪڌي ۽ ڪميڻي عمل جي شان ۽ تعريف ۾ پنهنجا گلا ڦاڙي قصيدا ڳايا آهن.
    جرمن ادب ۾ آلبانٽاگيليڊر Albas Tegalieder يعني پرهه ڦُٽيءَ جي نغمن يا قصيدن کي پروواسال لوڪن ۾ عشقيه شاعري جي نموني جا چوٽي جا شاهڪار اشعار مڃيا وڃن ٿا. انهن پرهه ڦٽيءَ جي قصيدن ۾ هڪ دلگداز ۽ رنگين عبارت ۾هن ڳالهه جو ذڪر ڪيل هوندو آهي ته ڪيئن هڪ جرمن سورمو پنهنجي معشوقه سان وصال ڪري ٿو؟ سندس شاعري جي رواياتي معشوقه گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن بدنصيب مڙس جي پرڻيل پٽيل زال هوندي آهي ۽ انهن شعرن ۽ قصيدن ۾ جرمن عاشق سورمي جي نوڪرن ۽ سپاهين کي انهيءَ سورمي عاشق ۽ سندس پرڻيل معشوقه تي پهرو ڏيندي ڏيکاريو ويل هوندو آهي. سندس اهي نوڪر ۽ سپاهي ساٿي کيس پرهه ڦٽيءَ وقت رات جي ڍڪي ۾ نڪري هلڻ لاءِ اطلاع ڏين ٿا ۽ سورمو صاحب پاڻ واري پرڻيل پٽيل معشوقه کان موڪلائي پنهنجي ڳوٺ روانو ٿي وڃي ٿو. انهن قصيدن جن کي جرمن ادب جو هڪ عظيم شاهڪار شمار ڪيو ويندو آهي ۽ عاشق سورمي جي پنهنجي معشوقه سان موڪلاڻي ڪرڻ واري منظر کي هڪ وڏي دلسوز ۽ دلگداز پيرائي ۾ ادا ڪيل هوندي آهي.
    ٻنهين اترئين فرينچ خواه جرمن وڏيرن جي همعصر دور جي ادب ۾ به انهيءَ سورمائي قسم جي جنسي عشق و محبت جو هڪ وڏو دفتر موجود آهي. ازمنه وسطيٰ جي جڳ مشهور جرمن شاعر ولغرام خان اشن باغ Wolfram Von Eschan Bagh جا ساڳئي نموني ۽ طرز تي پرهه ڦٽي جا قصيدا چيل آهن جن کي پڻ جرمن ادب ۾ شاهپارن جي حيثيت ڏنل هوندي آهي.
    اسان وري دور جي بورزوا طبقي جي شادي ڪرڻ جا ٻه نمونا هوندا آهن:
    1 - رومن ڪيٿولڪ مذهب رکندڙ يورپي ملڪن ۾ بورزوا ڪٽنبن ۾ اڄ ڏينهن تائين والدين پنهنجن پٽن لاءِ موزون زالون ڳولي ايندا آهن. انهن شادين ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري نموني جي شادي جا سمورا موجود پر لڪل تضاد پاڻ مرادو ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. جن ۾مڙس شادي جي سيج تان لهندي ئي سرتين جي ڳولا ڪرڻ ۾ لڳي ويندو آهي ۽ زال پنهنجي عاشقن ۽ يارن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جا مزا ماڻيندي رهي آهي. تنهن ڪري رومن ڪيٿولڪ ڪليسا انهن شادين مان طلاق ۽ جدائي جي عنصر کي ئي مورڳو خارج ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي. اها عيسائي ڪليسا جي وڏي سياڻپ چئبي، ڇاڪاڻ ته کيس اها پوري ريت خبر هوندي آهي ته انهيءَ قسم جي شادين مان ڌرين جي وچ ۾ جنسي وفاداري جي اميد رکڻ اهڙي بي سود ۽ اجائي هوندي آهي جهڙي ”ٻٻرن کان ٻير گهرڻ!“
    عيسائي ڪليسا کي يقين هوندو آهي ته مڙسن جون سرتيون رکڻ۽ سندن زالن جو يارن کان زنا ڪرائيندو رهڻ موت وانگر اهڙيون اڻ ٽر حقيقتون هونديون آهن، جن جو اڄ ڏينهن سوڌو ڪوبه علاج نه لڌو ويو آهي. پر پروٽيسٽنٽ فرقي وارن ملڪن ۾ وري هيءَ رسم موجود هوندي آهي ته برزوا طبقن جي پٽن کي بنهه پنهنجي لاءِ پنهنجي سماجي طبقي مان ڪا زال ڳولي ساڻس پرڻجڻ جو اختيار ڏنل هوندو آهي ۽ کيس انهيءَ چونڊ ڪرڻ ۾ وڏي آزادي به ڏني ويندي آهي. انهيءَ ڪري انهيءَ بورزوا طبقي واري معاشري ۾ ظاهر واري ۽ سماجي مصلحت جي لحاظ کان جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ وارو عنصر ڪي قدر موجود هوندو آهي، يا پروٽيسٽنٽ فرقي واري عيسائي بورزوا طبقي جي روايتي منافقي موجب انهيءَ عنصر بابت ڪي قدر گمان ۽ قياس ڪري سگهجي ٿو ته زال ۽ مڙس جي وچ ۾ پيار موجود آهي. اهوئي سبب هوندو آهي ته انهن قسم وارن معاشرن ۾سريت بازي ۽ يارن رکڻ جو رواج ڪيٿولڪ فرقي جي مقابلي ۾ ڪيتري قدر گهٽ هوندو آهي. انهيءَ ڪري منجهن فحاشي ۽ زناڪاري به گهٽ هوندي آهي. اهوئي سبب هوندو آهي ته پروٽيسٽنٽ فرقي وارا مرد فاحشه ۽ طوائف عورتن جي پويان نه ڊوڙندا آهن ۽ نه وري پروٽيسٽنٽ عيسائي فرقي جي زالن ۾ يارن رکڻ ۽ زناڪاري ڪرائڻ جو مرض عام هوندو آهي.
    تنهن ڪري چئبو ته شادي جي سمورن نمونن ۾ مڙس توڻي زالن جي حالت اهاَئي رهي ٿي جيڪا شادي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي هوندي آهي. پروٽيسٽنٽ ملڪن ۾بورزوا طبقو گهڻو ڪري خود غرض ۽ مطلب پرست لالچي هوندو آهي، تنهن ڪري هن فرقي واري ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ڪرڻ مان فقط هي هڪڙو نتيجو نڪري ٿو ته سراسري طور تي سندن ازدواجي زندگي ۽ گهرو ماحول بيزاري (بوريت) سان ڀريل هوندو آهي. يعني مڙس زالن مان ۽ زالون مڙسن مان بيزار نظر اينديون آهن. سندن انهيءَ (جنسي) بوريت سان ڀريل حياتي تي ”گهر جي جنت“ جي سهڻي نالي جو بورڊ هنيو ويندو آهي. اسين انهن ٻنهي نمونن وارين شادين جو عڪس يا پاڇو جرمن ۽ فرينچ ناولن ۾ ڏسي سگهون ٿا.
    فرينچ ناول ۾ هڪ فرينچ ڪيٿولڪ شادي جو ۽ جرمن ناول ۾ هڪ پروٽيسٽنٽ شادي جون تصويرون پيش ڪيون ويون آهن، ٻنهي قسمن جي ناولن ۾ ٻئي ڌريون (مڙس ۽ زالون) پنهنجا پنهنجا دلپسند معشوقائون ۽ يار ڳولي لهن ٿا. جرمن ناول وارو نوجوان عاشق پنهنجي زال جي بجاءِ هڪ دلبر معشوقه سان وصل جا مزا ماڻي ٿو، پر فرينچ ناول جو هيرو پنهنجي زال جي يار جي عذاب ۾ مبتلا رهي ٿو.
    ٻنهي ناولن جي ڪردارن مان ڪهڙو ڪردار وڌيڪ مظلوم۽ همدرديءَ جي لائق آهي. اهو فيصلو ڪرڻ اسان لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو. هڪ فرينچ شخص لاءِ جرمن ناول ۾ بوريت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي ۽ هڪ جرمن نوجوان کي فرينچ ناولن ۾ بد اخلاقي، جنس ڪج راهه روي، بدڪرداري، فحاشي ۽ زناڪاري کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ نظر نه ايندي آهي. برلن جو شهر هڪ عالمي درجي جو شهر ٿيندو وڃي ٿو، جنهن ۾ مختلف قومن ۽ نسلن جا ماڻهو رهن ٿا. تنهن ڪري برلن شهر جا ماڻهو سندن اثر ۾ اچي چڪا آهن. جرمن نوجوان اديبن به هينئر فرينچ نوجوانن وانگر سريت بازي ۽ زناڪاريءَ جي موضوعن تي لکڻ شروع ڪري ڏنو آهي. حقيقت وري هيءَ آهي ته ٻئي سريت بازي ۽زناڪاري جا ادارا برلن جي شهر ۾ به رائج ٿي چڪا آهن.
    شادي جي انهن ٻنهي نمونن يعني ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ فرقي وارن عيسائين جي شادين ۾ ٻيو به هڪ مشترڪ عنصر موجود هوندو آهي، اهو عنصر هي آهي ته انهن ٻنهي قسمن جي شادي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي سماجي ۽ طبقاتي درجن ۽ حيثيتن کي هميشه ڌيان ۾ رکيو ويندو آهي. انڪري ٻنهي صورتن ۾ سندن شاديون هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي ۽ مصلحت تحت ڪيون وينديون آهن. منصوبي ۽ مصلحت هيٺ ڪرايل شاديون اڳتي هلي ٻنهي حالتن ۾ هڪ اگهاڙي ۽ بي حجابي زناڪاريءَ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. انهيءَ زناڪاري جي عمل ۾ ٻئي ڌريون ”زال توڙي مڙس“ دل کولي بهرو وٺن ٿا، پر ان هوندي به انهيءَ زناڪاري جي ڊوڙ ۾ زالون مڙسن کان هميشه گوءِ کڻي وڃن ٿيون، انهن وڏ گهراڻين ۽امير طبقي جي زالن ۽ رواجي ڪسبياڻين ۽ چڪلي جي رنڊين جي وچ ۾ فقط هي فرق هوندو آهي ته اهي معزز گهر ڌياڻيون هڪ پورهيت ڪسبياڻي ۽ چڪلي جي رنڊي وانگر هر گهڙي ۽ هر ساعت هر ڪس و ناڪس مرد کان پيسا وٺي ساڻس گذر نٿيون ڪن، پر اهي معزز عورتون پنهنجن جسمن ۽ جنسي عشق ۽ محبت واري جذبي ۽ عمل کي عمر ڀر لاءِ ڪنهن دل گهري يار يا يارن جي حوالي ڪري ڇڏين ٿيون، انهيءَ مصلحت هيٺ ڪرايل شادين بابت مشهور فرينچ سوشلسٽ اديب ۽ عالم چالس فوريار (Charls Foruier) جا طنز طور لکيل لفظ ڪيڏا نه سهڻا، موزون ۽ پُر محل آهن، جڏهن هو صاحب لکي ٿو ته:
    ”جيئن نحو ۾ ٻن انڪاري يعني ٻن نفي وارن فعلن مان هڪ اثباتي فعل ٺهي ٿو، ساڳي ريت شادي جي اداري جي اخلاقي قدرن ۾ ٻنهي ڌرين جي زناڪاري جي فحش اعمالن مان نيڪي ۽ پرهيزگاري پيدا ٿين ٿيون.“ زال ۽ مڙس جي وچ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ وارو عمل جيڪڏهن هڪ پاڪيزه ۽ متبرڪ ترين عشق ۽ محبت جو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو ته اُهو فقط غريب ۽ مظلوم طبقن يعني پورلتا پورهيت طبقي ۾ ئي پيدا ٿي سگهي ٿو، موجوده دور ۾ اهو فقط غريب پرولتاري طبقو هوندو آهي. پوءِ ڀلي بورزوا طبقو ۽ سندس معاشرو پرولتاري طبقي وارن جي جنسي ميلاپ ڪرڻ ۽ عشق ۽ محبت جي بلند مقام کي درجو ڏئي يا نه ڏئي، مڙوئي خير جهڙي ڳالهه آهي، انهيءَ درجي ته پهچڻ کان پوءِ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪلاسيڪي شادي واري نموني جا بنياد بلڪل اکڙجي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته هن ئي طبقي ۾ ذاتي ملڪيت جو وجود مسعود ناپيد هوندو آهي، ڇو ته ساڻن آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا وارو قصو هوندو آهي، جنهن ذاتي ملڪيت کي بچائڻ خاطر ۽ ان کي ورثي ترڪي طور قائم رکڻ خاطر ئي ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو ادارو ۽ ان ۾ وري مڙسن کي زال جي مٿان بالادستي ۽ حاڪميت کي قائم رکڻ جا هر حيلا جتن ڪيا ويندا آهن. پر انهيءَ ساڳي قسم جي شاديءَ جي صورتحال ۾ يعني ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري حالت ۾ جتي ٻئي ڄڻا پورهيت يعني پرولتاري طبقي مان هوندا آهن، مڙس کي زال جي مٿان بالادست ۽ حاڪم بنجي پوڻ جا وسيلا (ذاتي ملڪيت) ميسر نه هوندا آهن، يعني بورزوا قانون جي موجود هجڻ جو مقصد هوندو آهي. انهيءَ بالادستي ۽ حاڪمت کي بچائڻ ۽ فقط ذاتي ملڪيت جي مالڪ طبقن جي ۽ سندن زيردست پرولتاري طبقي سان هلندڙ ڪاروباري نظام کي تحفظ ڏيڻ. انهيءَ سموري معاملي جي بندوبست ڪرڻ لاءِ پوليس جي ضرورت پوندي آهي.
    ان ڪري پرولتاري طبقي يعني هارين ۽ مزدورن جي غربت يعني وٽن ڪنهن به ذاتي ملڪيت جي موجود نه هجڻ واري حالت ۾، مڙس ۽ زال جي جنسي ناتن کي قائم رکي سگهڻ لاءِ وٽن پئسي جي نه هئڻ کي ڪابه وڏي اهميت حاصل نه هوندي آهي، انهيءَ قسم جي شاديءَ ۾ مڙس ۽ زال جا پاڻ ۾ ذاتي، شخصي، جنسي، فيصله ڪن قسم جا سماجي تعلقات امير طبقي جي زال مڙس واري سماجي تعلقات کان بلڪل نرالا ۽ مختلف هوندا آهن، انهيءَ کان به وڏي ۽ وڌيڪ اهميت واري ڳالهه هيءَ هوندي آهي ته جيئن ته وڏي پيماني تي صنعتڪاري جي موجودگي عورتن کي گهرن مان ٻاهر ڪڍي اچي مزدورن جي پڙي ۾ بيهاريو آهي ۽ کين ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ جي به داخلا ڏياري آهي ۽ ڪيترين حالتن ۾ کين مڙسن وانگر فقط ڪٽنب جي پالنا ڪندڙ به بنائي ڇڏيو آهي، ان ڪري هڪ پرولتاري گهر ۾ مڙس جي بالادستي ۽ حاڪميت جو آخري نشان به مٽجي وڃي ٿو. سواءِ هن هڪڙي ڳالهه جي ته جتي عورتن تي ظلم ۽ ڏاڍ وارو رواج جيڪو ”هڪ مڙس ۽ هڪ زال“ واري اداري جي برپا ٿيڻ وقت وجود ۾ آيو هو، موجود نه رهيو آهي ۽ اهو ئي واحد سبب هوندو آهي جنهن جي ڪمي اڄ جي دور وارو پرولتاري ڪٽنب پنهنجي وجود ۽ اهميت ۾ پراڻي قسم وارو ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو روايتي ڪٽنب نه رهيو آهي، پوءِ ڀلي ته ڪن پرولتاري ڪٽنبن جو بنياد جذباتي عشق ۽ محبت ۽ باهمي جنسي وفاداري تي ٻڌل نه به هجي ۽ ڀلي ته ڪيترائي مادي ۽ روحاني برڪتن جا مينهن به مٿن وسندا رهن.
    انهيءَ قسم جي پرولتاري ڪٽب ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري نظام جا ٻئي پهلو سريت بازي ۽ زناڪاري تمام گهٽ ڪردار ادا ڪن ٿا، منجهن اهي ٻئي ڪردار ايتري قدر ته گهٽجي وڃن ٿا جو بلڪل نه هئڻ جي برابر ٿي وڃن ٿا. انهيءَ قسم جي ڪٽنب ۾ زال پنهنجي مڙس کان ڌار ٿيڻ يعني کانئس طلاق وٺڻ وارو اوائلي حق ڄڻ ته کانئس زوري کسي يا موٽائي حاصل ڪري ورتو آهي. اها آهي به هڪ صحيح سچي سماجي حقيقت. ان ڪري جڏهن ڪو پرولتاري مڙس ۽ سندس زال ڏسن ۽ محسوس ڪن ٿا ته سندن وچ ۾ زال مڙس طور گڏجي گذر ڪرڻ ڏکيو يا محال بنجي ويو آهي ته ٻئي ڌريون هڪدم هڪ ٻئي کان ڌار ٿي يعني طلاق وٺڻ لاءِ آماده ٿي وڃن ٿيون.
    ٻين لفظن ۾ اهو چوڻ بلڪل صحيح ٿيندو ته ٻنهي معنيٰ خواه مقصد جي لحاظ کان خواه عملي طور تي فقط پرولتاري طبقن ۾ئي ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي صحيح قسم جي ثابت ٿئي ٿي. پر اها شادي اداري جي تاريخي لحاظ کان هرگز صحيح نه هوندي آهي. انهيءَ معاملي ۾ اسان وارن عالم فاضل قانون سازن ۽ قانون دانن جو چوڻ وري هي هوندو آهي ته، قانون سازي جي عملي ارتقا سان گڏوگڏ سماج ۾عورت جي سمورين شڪايتن جو گهڻي حد تائين خود بخود ازالو ٿي ويو آهي.
    جديد مهذبيت واري قانون جي، سمورن نظامن ۾ جديد مهذبيت به هيٺين ڳالهين کي گهڻي ۾ گهڻي حد تائين تسليم ڪيو آهي ته:
    1- شاديءَ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پاڻ ٻئي شادي ڪندڙ ڌريون گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ٻئي کي قبول ڪن ٿا.
    2- شادي جي ٿي وڃڻ بعد ۽ ان جي دوران باهمي حقن ۽ فرضن جي ادائگيءَ ۾ ٻئي ڌريون پوري پوري مساوات قائم رکڻ کي ڌيان ۾ رکن ٿيون. جيڪڏهن عورت جي مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي مطالبن ۽ گهرجن کي پورو ڪيو ويو آهي ته پوءِ ڄڻ ته عورتن پنهنجي دلين جون سموريون مرادو حاصل ڪري ورتيون آهن.
    فاضل وڪيل صاحبن وانگر انهيءَ نموني جي دليل بازي ڪرڻ اهڙو ته آسان ڪم هوندو آهي، جهڙيءَ طرح ڪو ترقي پسند بورزوا وڏيري پرولتاري ڌر جي همدرديءَ ۾ وڪالت ڪندڙ شخص جي هر دليل ۽ حجت جهٽ پٽ ۾ ٺهه پهه رد ڪري ڇڏيندو آهي. پرولتاري يعني پورهيتن جي معاملي ۾ هميشه اهو قياس ۽ گمان ڪيو ويندو آهي ته ڪارخانيدار سيٺ ۽ مزدور جي مزدوري ڪرڻ وقت پاڻ ۾ ڪيل معاهدو ٻنهي ڌرين جي رضامندي سان عمل ۾ آيو آهي. انهيءَ لاءِ اهو وڌيڪ گمان پڻ ڪيو ويندو آهي ته اهو معاهدو رضاڪارانه طور تي ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته بورزوا طبقي وارو قانون انهي معاهدي وارين ڌرين (مالڪ ۽ مزدور) کي ڪاغذ تي ٻئي حق ۽ خواه فرض مساوي طور تي ڏئي ڇڏيندو آهي. پر اهو ساڳيو بورزوا قانون هڪ ڌر (مالڪ) کي سندس مختلف طبقاتي درجي جي لحاظ کان حاصل ڪيل طاقت ۽ ان ڪري اقتدار واري بالادست حيثيت ۽ فوقيت ۽ ٻي ڌر (پرولتاري) جي سڌي اقتصادي، سياسي ۽ سماجي دٻاءُ تحت زبردستي واري حيثيت يعني ٻنهي ڌرين کي صحيح اقتصادي ۽ ان ڪري سندن سياسي ۽ سماجي حيثيتن جي متعين ڪرڻ واري عمل کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهي.
    اهو ائين ٿيو ڄڻ ته انهيءَ متبرڪ ۽ انصاف پسند قانون جو انهن ڳالهين سان جيڪي اصل ۾ بنيادي پر ظاهر ۾فرضي ۽ خسيس نظر اينديون آهن،ڪوبه تعلق ۽ واسطو نه هوندو آهي. وري انهن ٻنهي ڌرين لاءِ هي گمان به ڪيو ويندو آهي ته انهيءَ معاهدي دوران ٻئي ڌريون پاڻ ۾ اوستائين هڪ جهڙا ۽ مساوانه قسم وارا حق رکن ٿيون جيستائين ڪ منجهانئن ڪابه هڪڙي ڌر انهيءَ معاهدي جي عمل کي ختم يا رد ڪري نٿي ڇڏي، پر عملي طور حقيقت وري هيءَ هوندي آهي ته اقتصادي حالتون پرولتاري کي هن ڳالهه لاءِ مجبور ڪري وجهن ٿيون ته هو انهيءَ مساوي طور تي مليل حق جي هر خسيس فائدي تان پاڻ مرادو يعني اقتصادي سماجي ۽ سياسي دٻاءَ جي تحت مجبور ٿي دست بردار ٿي وڃي. انهيءَ صورت حال جي پيدا ٿي پوڻ وقت اهو عادلانه بورزوا قانون پري کان بيهي فقط ڌرين جو تماشو ڏسندو آهي.
    سماج جي ٻين دنياوي معاملن وانگر شادي ڪرڻ به هڪ رواجي دنياوي قانوني معاهدو آهي. انڪري جڏهن شادي ڪندڙ ڌريون (مڙس ۽ زال) فقط رسمي طور تي هڪ ٻئي سان رضاڪارانه طور تي شادي ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪن ٿيون ته سندن حالت به ٻئي دنياوي معاملن وانگر محض هڪ اقتصادي ۽ معاشي معاهدي واري هوندي آهي ۽ ان وقت وڌ ۾ وڌ ترقي پسند قانون به خاموش تماشائي بنجي بيهي رهندو آهي.
    قانون جي پردن پويان ڇا ٿو وهي واپري؟ يعني ڪنهن سماجي اسٽيج تي حقيقي ازدواجي زندگي وارو سچو پچو زنده ڊرامو ڪيئن کيڏيو وڃي ٿو؟ اهو نام نهاد رضاڪارانه طور تي ڪيل معاهدو ڪيئن عمل ۾ اچي ٿو؟ انهيءَ سموري واردات ۽ معاملي سان اسان واري انهيءَ عادلانه بورزوا قانون ۽ فاضل قانون سازن جو ڪوبه تعلق ۽ واسطو نه هوندو آهي. ان هوندي به انهن ساڳين فاضل قانون ساز حضرات کي مختلف قانونن جي سادي ۾ سادي ڀيٽ ڪرڻ سان ثابت ڪري ڏيکاري سگهجي ٿو ته انهيءَ نام نهاد رضاڪارانه طور تي ڪيل معاهدي جي صحيح ۽ سچي حيثيت ۽ حقيقت ڇا هوندي آهي؟
    اهي ملڪ جن ۾ اولاد کي قانوني طور تي يقين ڏياريل هوندو آهي ته کين سندن والدين واري ورثي ترڪي مان سندن مقرر ٿيل حصو هر صورت ۽ هر حالت ۾ ضرور ملڻو آهي ۽ ڪوبه شخص يا ادارو يا خود ملڪي حڪومت به کين سندن حصي ۾ آيل ورثي ترڪي واري ملڪيت کان محروم ڪري نٿي سگهي، مثلن جرمنيءَ ۾ يا اهي ملڪ جن ۾فرينچ قانون رائج هوندو آهي وغيره. اتي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ اولاد کي والدين کان اجازت وٺڻي پوندي آهي، پر اهي ملڪ جن ۾ انگريزي (پروٽيسٽنٽ فرقي وارو) قانون رائج هوندو آهي ۽ جتي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ قانوني طور تي والدين کان اجازت ۽ رضامندي وٺڻ جي ڪابه ضرورت نه هوندي آهي ته اتي وري والدين کي به اهو حق تفويض ڪيل هوندو آهي ته جيڪڏهن والدين چاهين ته هو وڏي آزاديءَ سان وصيت ڪرڻ وسيلي اولاد کي پنهنجي سموري ورثي ترڪي کان محروم ڪري ڇڏين. ان ڪري حقيقت بلڪل واضح ٿي پوي ٿي ته اصلي طبقا جن ۾ ورثي ترڪي طور ڇڏڻ لاءِ ڪانه ڪا ذاتي ملڪيت يا جائداد موجود هوندي آهي ته انهيءَ صورتحال ۾ پاڻ ۾ شادي ڪندڙ ڌرين کي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ نالي ماتر آزادي به نه مليل آهي. ان ڪري چئبو ته انهيءَ معاملي ۾ جرمني، فرانس، انگلينڊ توڙي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آمريڪا هڪ جهڙا آهن، سنڌي زبان ۾ چئبو ته بگهڙ سڀ وات ڳاڙها هوندا آهن.
    شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ قانوني طور تي مڙس ۽ زال جي وچ ۾ حقيقت ۾ ڪابه مساوات ۽ برابري موجود نه هوندي آهي، قانون جي نظرن ۾ ٻنهي ڌرين جو درجو هرگز مساوات تي ٻڌل نه هوندو آهي، اها حقيقت معاشري جي ماضي وارين سماجي حالتن جو ورثو ترڪي هوندو آهي، اها حقيقت انهن ڌرين جي وچ ۾ عدم مساوات جو ڪارڻ نه پر اهو امر زالن تي مردن جي اقتصادي طور تي ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ جو نتيجو هوندو آهي.
    قديم اشتراڪي قسم جو ڪٽنب يا گهراڻو جنهن ۾ ڪيترائي شادي شده جوڙا ۽ سندن اولاد شامل هوندا آهن، سندن گهرو انتظام هلائڻ جي واڳ ڏور زالن جي هٿن ۾ هوندي آهي، گهرو انتظام هلائڻ به اصل ۾ هڪ اهڙي ئي قسم جي عوامي ۽ سماجي صنعت هوندي هئي، جهڙيءَ طرح مڙسن لاءِ کاڌو خوراڪ مهيا ڪرڻ هوند هو، پر پدرانه حق تي مبني ڪٽنب جي رائج ٿيڻ شرط ئي صورتحال ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو هو: ”هڪ مڙس هڪ زال“ انفرادي ڪٽنب جي وجود ۾ اچڻ شرط ئي سماجي حالتن ۾ اڃا به وڌيڪ ڦيرو اچي ويو هو. هينئر گهرو انتظام هلائڻ واري عوامي صنعت جي نوعيت عوامي نه رهي هئي، يعني ان سان معاشري جو ڪوبه واسطو نه رهيو هو. انڪري اهو معاملو به عوام جي قبضي ۽ هٿن مان نڪري هڪ خانگي ۽ ذاتي خدمت جو معاملو بنجي ويو هو.
    هينئر عورت هڪ محترم زال ۽ گهر ڌياڻي مان ڦري هڪ گهرو نوڪرياڻي بنجي پئي هئي، ايتري قدر جو خود گهرو نوڪرن چاڪرن ۾ به سندس نمبر ڦري سرفهرست ٿي پيو هو، سماجي پيداوار ڪرڻ واري عوامي عمل مان کيس ڄڻ ته ڌڪا ڏئي خارج ڪيو ويو هو. سماجي پيداوار ۽ فقط وڏي پيماني تي جديد صنعت جي موجودگي سندس وري موٽي ان ۾ داخل ٿيڻ جا دروازا کولي ڇڏيا آهن، اهو فقط پرولتاري طبقي جي عورت يعني هينئر کيس سماجي پيداوار جي اڱڻ تي فقط پيرن رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، پر اهو دروازو هڪ اهڙي طريقي ۽ سياڻپ سان کليل رکيو ويو آهي، جو هو پنهنجي ڪٽنب جي خانگي طور تي خدمت ڪرڻ جي فرض ادائگي کي پوري ڪرڻ بعد ئي سماجي پيداوار جي اداري ۾ داخل ٿي سگهي، کيس (عورت کي) عوامي پيداوار کان ايتري قدر ته پري (خارج) رکيو ويو هو، جو ويچاري عورت ذات ڪجهه به ڪمائي سگهڻ جي اهل ۽ لائق نه رهي هئي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن خود عورت جي مرضي ٿئي ته هو ڀلي اچي عوامي پيداوار ۾ بهرو وٺي ۽ آزادي ۽ آسانيءَ سان روزگار ڪمائي سگهي ٿي.
    مردن کي هن امر جي بخوبي خبر هوندي آهي ته هڪ عورت جي سماجي پيداوار ۾ بهري وٺڻ جي ڪري هو خودبخود پنهنجي ڪٽنبي فرضن جي ادائگي کان قاصر رهجي ويندي آهي. (ڇاڪاڻ ته اهي فرائض سندس مامتا واري فطري طبيعت ۽ مزاج ۾ داخل هوندا آهن. مترجم). ان ڪري کيس ڪٽنبي فرضن ادا ڪرڻ يا سماجي پيداوار ۾ بهري وٺڻ مان فقط هڪڙي ڳالهه جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي. اها ڳالهه جيڪڏهن ڪنهن عورت جي ڪنهن ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ سان ساڻس لاڳو ٿئي ٿي، ايتري قدر فطري هوندي آهي جا اها ساڳي ماجرا خود قانون ۽ ڊاڪٽري جهڙن سفيد پوشيءَ وارن ڌنڌن ۽ ڪاروبار ڪرڻ تائين ساڻس لاڳو رهي ٿي.
    هڪ جديد انفرادي ڪٽنب جو بنياد هڪ عورت جي ڪجهه ظاهري ۽ ڪجهه باطني يا لڪل گهرو ماحول تي منحصر هوندو آهي. موجوده جديد معاشرو فقط جدا جدا انفرادي ڪٽنبن جي ميڙ مان ٺهيل هوندو آهي، جنهن ۾ شامل سمورا ڪٽنب انهيءَ معاشري جا متحرڪ جزا هوندا آهن. اڄ ڪلهه واري دور جي اڪثر حالتن ۾ هر مڙس کي ڪٽنب لاءِ روزي ڪمائڻ ۽ کاڌ خوارڪ مهيا ڪرڻ وارو بنجڻو پوي ٿو. خاص طور تي ملڪيتن جي مالڪ طبقي کي انهيءَ صورتحال ايتري قدر ته صاحب اختيار ۽مالڪ اقتدار بنائي ڇڏيو آهي جو کيس ڪن به زائد قانوني حقن جي حاصل ڪرڻ جي ڪابه ضرورت باقي نه رهي آهي. ان ڪري هو خود به ڪنهن وڌيڪ قانوني تحفظ حاصل ڪرڻ کان به بي نياز بنجي چڪو آهي. پنهنجي ڪٽنب جي اندر زال مڙس هڪ آمر مطلق العنان بورزوا هوندو آهي. جنهن جي مقابلي ۾ سندس زال جو سماجي درجو ۽ مان مرتبو هڪ بي ملڪيت، بي اختيار ۽ بي اقتدار پرولتاري (هاري مزدور) جهڙو هوندو آهي.
    هن دور جي صنعتي دنيا ۾ اقتصادي ظلم ۽ استبداد جو ڪردار جيڪو پرولتاري طبقن جي سرن تي هڪ مصيبت جي تلوار بنجي بيهي رهيو آهي، اها تلوار پنهنجي تيزيءَ جو مشاهدو ۽ جلوو فقط تڏهن پسائي نه سگهندي جڏهن سرمائيدار طبقي کي کيس خاص طور تي (رياست جي اداري جي طرفان) تفويض ڪيل سمورن قانوني حقن ۽ مراعات، جن جي خاتمي کان سواءِ ٻنهي طبقن (مرد ۽ عورت) جي وچ ۾ قانوني مساوات کي قائم ڪري سگهڻ هرگز ممڪن نه ٿيندو، کان محروم نه ڪيو ويو آهي.
    ڪنهن ملڪ يامعاشري ۾ بورزوا ۽ پرولتاري طبقن جي وچ ۾ پيدا ٿي ويل دشمنيون فقط ڪنهن جمهوري راڄ جي قائم ٿي وڃڻ سان ختم نه ٿي وينديون آهن، بلڪ اها حالت کين مورڳو پاڻ ۾جنگ ڪرڻ لاءِ فقط هڪ اهڙو ميدان تيار ڪري ڏيندي آهي، جنهن تي بيهي ٻئي طبقا اقتدار تي قبضي ڪرڻ خاطر هڪ ٻئي سان جنگ ڪندا آهن.
    ساڳيءَ ريت موجوده دور واري ڪٽنب ۾ زال تي مڙس جي بالادستي ۽ حاڪميت وارو مخصوص ڪردار هڪ اهڙي نوعيت جو هوندو آهي، جو ٻنهي طبقن جي وچ ۾ سماجي مساوات جي پيدا ڪرڻ جي ضرورت ۽ ان جو طريقو فقط تڏهن ئي ظاهر ٿي سگهندو جڏهن ٻنهي طبقن (مڙس ۽ زال) کي قانون جي سامهون مڪمل مساوات حاصل ٿيندي. ان بعد ئي حقيقت خودبخود ظاهر ٿي پوندي ته زالن کي مڙسن جي بالادستي ۽ حاڪميت واري نظرئي جي مصيبت کان نجات ڏيارڻ لاءِ پهريون شرط هي آهي ته سڄي عورت ذات کي نئين سر عوامي صنعت ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ انهيءَ حقيقت کي عمل ۾ آڻي سگهڻ لاءِ وري هيءَ ڳالهه به لازمي ٿي پوندي ته انفرادي طور تي ڪٽنب جي معاشري ۾ هڪ اقتصادي وحدت واري حيثيت طور تسليم ڪيو وڃي.
    مٿي ذڪر ڪيل سموري بحث مباحثي سان اسين هن نتيجي تي پهچون ٿا ته شادين ڪرڻ جا مکيه ٽئي نمونا انساني معاشري جي ارتقائي عمل جي ٽن مکيه دورن سان بلڪل ٺهڪي اچن ٿا. يعني وحشي دور ۾ گروهي شاديون غيرمهذب دور ۾ جفتي شاديون ۽ مهذب دور ۾ هڪ مڙس هڪ زال جي شادي وارو نمونو. جنهن ۾ سريت بازي، زناڪاري ۽ کليل چڪلن جي اشارن جو به قدرتي ۽ لازمي طور تي اضافو ٿيندو آهي. غيرمهذب دور جي مٿاهين درجي ۾ جفتي شاديون هڪ مڙس هڪ زال واري رسم جي ٻن پڙن جي وچ ۾ هڪ اهڙو به درجو هڪ ڇپر وانگر ٽنبيل نظر ايندو آهي. جنهن ۾مردن ٻنهي قسمن يعني هڪ ئي وقت تي ٻانهين سان ۽ ساڳئي وقت تي هڪ مڙس گهڻين زالن واري نموني وارين شادين جا مزا پڻ ماڻيا هئا.
    مٿي ذڪر ڪيل سموري وضاحت ڪرڻ سان فقط هي هڪڙي حقيقت وڌيڪ چٽي ٿيندي صاف ۽ ظاهر نظر اچي ٿي ته جڏهن زالن کان گروهي شاديون ڪرڻ واري جنسي ميلاپ ڪرڻ جي آزادي کسي ويئي هئي، تڏهن مڙس صاحبن کي هٿ به نه لاتو ويو هئو. ان جو مکيه نتيجو هي نڪتو آهي ته مڙسن لاءِ گروهي شاديون ڪرڻ وارو ادارو اڄ سوڌو صحيح سلامت حالت ۾ موجود آهي. ان ڪري اها ڳالهه جيڪا هڪ عورت لاءِ هڪ عظيم ڏوهه شمار ڪيل هوندو آهي ۽ جنهن تي عمل ڪرڻ سان هڪ عورت لاءِ تمام خطرناڪ نتيجا ۽ قانون ۽سماجي سزائون ۽ نقصان پيدا ٿي سگهن ٿا. انهيءَ ساڳي ڳالهه کي مرد لاءِ مباح معزز، مانائتو ۽ مرداڻو فعل تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن سندس (مرد جو) اهو فعل معاشري ۾ مانائتو معزز به آهي، تڏهن به اهو فعل وڌ ۾ وڌ اهڙو ٿورڙو اخلاقي داغ هوندو آهي، جنهن کي مرد حضرات کلندي، ٽهڪ ڏيندي خوشيءَ سان برداشت ڪري سگهندا آهن. سرمائيدارانه خام مال جي پيداوار جيتري قدر قديم دور واري سريت بازي جي اداري کي روز بروز تبديل ڪندي، کيس برداشت ڪندي، پنهنجا رنگ ۽ روپ بدلائيندي رهندي. اوتري قدر ئي زناڪاري ۽ عصمت فروشي پڻ لڪل روپ مان ظاهر ٿيندي ڦري اگهاڙي زناڪاري ۾ تبديل ٿيندي ويندي ته ان جا اثر پڻ اوتري قدر معاشري لاءِ وڌيڪ مهلڪ ٿيندا ويندا آهن.
    مٿين حقيقت هڪ عورت کي بداخلاق ۽ بدڪردار بنائڻ کان وڌيڪ خود مردن کي عورتن کان وڌيڪ بداخلاق ۽ بدڪردار بنائي ڇڏيندي آهي. زناڪاري ڪرائڻ ۽ فحاشي وارا اعمال عورتن مان فقط انهن ويچارين بدنصيب عورتن کي ذليل ڪن ٿا، جيڪي عورتون مجبوريءَ کان سندس منحوس ڄار ۾ ڦاسي پون ٿيون. پر اهي عورتون به ايتري قدر ذليل نٿيون ٿين، جيتري قدر کين سمجهيو وڃي ٿو.
    پر اهي ساڳيون سماجي حالتون مردن جي دنيا جي سموري اخلاقي ۽ روحاني ڪردار کي ذليل ترين بنائي ڇڏين ٿيون. ان جو نتيجو هي نڪري ٿو ته ڏهن مان نون حالتن ۾ هڪ برو قبيح فعل، وڏي عرصي تائين مبتلا رهڻ جي ڪري ڄڻ ته ڪنهن ابتدائي اسڪول ۽ ازدواجي بيوفائي ڪرڻ جي تعليم پرائيندو رهي ٿو، جيڪا ڳالهه وري اڳتي هلي سندس ڪٽنب، زال ۽ ٻارن، مٽن ۽ مائٽن، پاڙي ۽ ڳوٺ جو هڻي خانو ئي خراب ڪري ڇڏيندي آهي.
    اسين هينئر هڪ اهڙي سماجي انقلاب ڏانهن قدم وڌائي رهيا آهيون، جنهن ۾ موجوده دور جي ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري اداري جي اقتصادي بنيادن جي خاتمي سان گڏ انهيءَ عصمت فروشي، زناڪاري ڪرڻ واري اداري جو خاتمو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنبي اداري ۽ عصمت فروشي ۽ زناڪاري ڪرڻ جي ادارن جو پاڻ ۾ بدن ۽ روح وارو تعلق هوندو آهي.
    انساني معاشري ۾ هڪ مڙس هڪ زال جي شادي جي اداري کي قائم ڪرڻ جو مقصد ۽ اصل سبب هي هو ته، جڏهن ڪنهن هڪ شخص اهو به هڪ مرد جي هٿن ۾ دولت وڏي مقدار ۾ گڏ ٿي وڃي ٿي ته سندس دل ۾ انهيءَ دولت کي فقط پنهنجي اولاد لاءِ وصيت ڪرڻ وسيلي ڇڏي وڃڻ جي آرزو ۽ خواهش پڻ پيدا ٿئي ٿي. اهڙو شخص هن ڳالهه کي برداشت ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه هوندو آهي ته سندس مرڻ بعد ڪنهن ٻئي ڌارئي مرد جو اولاد سندس ڇڏي ويل دولت جو وارث بنجي. انهيءَ فقط هڪڙي ئي حقيقت ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شاديءَ جي اداري کي جنم ڏنو هو. ان ڪري ئي هي امر پڻ لازمي ٿي پيو هو ته، هر عورت فقط هڪ مرد سان شادي ڪري. پر ڪنهن به مرد لاءِ فقط هڪ زال سان شادي ڪرڻ هروڀرو لازمي نه هو.
    ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شاديءَ جو سماجي ادارو ڪنهن به صورت ۽ حالت ۾ ڪنهن مڙس جي گهڻين عورتن (زالن) سان شادي ڪري سگهڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ پيد اڪري نه سگهيو هو، انڪري انهيءَ سماجي قانون (رسم) ۽ اداري فقط زال لاءِ هڪ مڙس هئڻ واري رواج کي پڪن پختن پيرن تي بيهاري ڇڏيو هو، پر جڏهن مستقبل ۾ ايندڙ سماجي انقلاب انهيءَ مستقل دولت جي وڏي حصي کي جيڪو موجوده دور ۾ پيءُ کان پٽ کي ملي ٿو، يعني پيداوار جي ذريعن کي ذاتي مان ڦيرائي سماجي ملڪيت جي صورت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ ان وقت مر د جو اهو انتظار ته سندس مرڻ بعد سندس ملڪيت جا وارث ڪير ٿيندا به خودبخود گهٽجي ويندو. يعني ”نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري!“
    هڪ مڙس هڪ زال جي شادي وارو ادارو خالص اقتصادي حالتن مان پيدا ٿيو هو. ان ڪري ڇا هي چئي سگهجي ٿو ته، اقتصادي حالتن جي سببن جي خاتمي سان هڪ مڙس هڪ زال جي شادي جيڪا انهن جي نتيجي طور پيدا ٿي هئي، پڻ ازخود ختم ٿي ويندي؟
    انهيءَ سوال جي جواب ۾ هي جواب ڏيڻ غلط نه ٿيندو ته اقتصادي حالتن جي سببن جي خاتمي سان شادي جو ادارو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، بلڪ خود هڪ مڙس هڪ زال جي شادي جي اداري جي به اصل مقصد ۽ مراد جي تڪميل ٿي سگهندي. ڇاڪاڻ ته جڏهن پيداوار جا ذريعا ذاتي ملڪيت مان تبديل ٿي ڦري سماجي ملڪيت بنجي پوندا، تڏهن اُجرتي پورهئي سان گڏ اجرت تي ڪم ڪندڙ پرولتاري طبقو به ختم ٿي ويندو ۽ اهي چند عورتون جن جو شمار ڪري سگهجي ٿو، جيڪي پيسي جي خاطر (اُجرت تي) پاڻ کي مردن جي حوالي ڪن ٿيون، هرگز ڪڏهن به نه ڪنديون. يعني معاشري مان عصمت فروشي جو ادارو ئي ختم ٿي پوندو. پر ان جي ابتڙ عصمت فروشي جو خاتمو (هڪ مڙس هڪ زال) جي شاديءَ واري اداري جو خاتمو ثابت نه ٿيندو. بلڪ ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي ۽ ڪٽنب جو ادارو نه رڳو عورتن لاءِ پر خود مردن لاءِ به هڪ حقيقي شادي خانه آبادي بنجي پوندو. ان ڪري ئي سندن ڪٽنب به هڪ مثالي ۽ آدرشي ڪٽنب بنجي پوندو.
    مستقبل ۾ ايندڙ انقلاب ۾ هڪ ڳالهه يقيني آهي ته، نه رڳو مرد جي حيثيت ۽ سندس جديد سماجي درجي ۽ هر حالت ۾ ضرور ڪافي تبديلي اچي ويندي. بلڪ خود عورتن يعني عورت ذات جي سماجي درجي ۽ حيثيت ۾ پڻ اهم تبديليون اچي وينديون. سماجي پيداوار جي ذريعن جي ذاتي مان ڦري عوامي ملڪيت بنجي پوڻ سان معاشري ۾ انفرادي ڪٽنب جي هڪ اقتصادي وحدت هجڻ واري حيثيت پڻ خود بخود ختم ٿي ويندي، گهرو ڪاروبار هلائڻ واري ذاتي ۽ خانگي صنعت پڻ هڪ سماجي صنعت جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندي. ڪٽنب ۽ اولاد کي تعليم ڏيارڻ ۽ سندس نگهداشت ڪرڻ ڦري هڪ عوامي قسم جو سماجي معاملو بنجي پوندو، ان وقت سموري معاشري کي پاڻ ۾ گڏجي سمورن جائز خواه ناجائز اولاد جي پرورش ڪرڻ جي ذميواري کڻڻي پوندي، ان ڪري اخلاقي توڙي اقتصادي طور تي مثبت ترين نتيجن جي حاصل ڪرڻ لاءِ اهو اهم ترين سماجي عنصر جيڪو هر ڪنواري ڇوڪري ءَ کي پنهنجي پسند ۽ محبت ڪرڻ واري شخص کي پاڻ سپرد ڪرڻ کان روڪيو بيٺو هوندو آهي، ان بابت سندس ڳڻتي ڪرڻ ۽ فڪرمند ٿي رهڻ وارو جذباتي عنصر به پاڻ مرادو ختم ٿي ويندو.
    ڇا اهو امر معاشري اندر ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ کي وڌائي ڇڏڻ جو ڪافي سبب ۽ ڪارڻ نه بنجي پوندو ۽ ڇا انهيءَ سان گڏ ڪنهن عورت ۽ عورت واري شرم ۽ حيا جي فطري جذبي لاءِ معاشري جي عام راءِ ۾ ڪا نرمي پيدانه ٿيندي؟ ۽ سڀ کان آخري اهم ڳالهه هيءَ آهي ته، ڇا اسان هت حقيقت کي محسوس نه ڪيو آهي ته موجوده دور ۾ ٻئي هڪ مڙس هڪ زال واري شادي ۽ ڪوري زناڪاري جا ادارا هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ هوندي به هڪڙي ئي سماجي قسم وارين حالتن جا ٻئي کان ڌار نه ٿي سگهندڙ قطب نه هوندا آهن ۽ ڇا زناڪاري واري اداري کي هڪ مڙس هڪ زال جي شادي واري اداري سان گڏ ذلالت جي اوڙاهه ۾ ڪيرائڻ کان سواءِ اڪيلي طور تي ختم ڪري نه ٿو سگهجي؟
    هائو! بيشڪ ڪري سگهجي ٿو، سماجي پيداوار جي ذريعن جي نوعيت کي ذاتي مان ڦيرائي سماجي يعني عوامي ڪرڻ سان هڪ نئون جاندار جيوڙو خودبخود پيدا ٿي معاشري جي بدن ۾ پنهنجو عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو، اهو ساڳيو جيوڙو ان وقت به صحيح سلامت حالت ۾ موجود هوندو هو. جڏهن (هڪ مڙس هڪ زال) واريءَ شاديءَ جو ادارو معاشري ۾جنم وٺي رهيو هو. اهو جاندار جيوڙو آهي، انفرادي طور تي مرد ۽ عورت جي جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ عشق ۽ محبت ڪرڻ جو جيوڙو.
    تاريخي طور تي ازمنه وسطيٰ کان اڳ ۾ انساني معاشري ۾ انفرادي طور تي جنسي ميلاپ ڪرڻ واسطي عشق ۽ محبت نالي واري ڪنهن به جذبي يا نظرئي جو ڪوبه وجود ئي ڪونه هوندو هو. پر هيءَ حقيقت اظهار من الشمس آهي ته اهڙي ڪٺور دور ۾ به شخصي جمال ۽ حسن، گهري دوستي هڪ جهڙن دلي لاڙن، خيالن، طبيعتن ۽ مذاجن ٻنهي مردن خواه عورتن جي دلين ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي امنگن ۽ خواهشن کي ضرور جاڳايو ٿي ۽ ٻئي انساني صنفون انهيءَ لازوال ازلي ۽ ابدي فطري جذبي کان بي خبر ۽ بي نياز نه هونديون هيون ته هو اهو عظيم جنسي ميلاپ ڪرڻ جهڙو فطري عمل ڪنهن ۽ ڪهڙي شخص سان ڪن يا نه ڪن؟ پر انهيءَ صدا جو پڙلاءُ اسان واري موجوده جديد دور واري جنسي عشق ۽ محبت واري آواز ۽ پڪار کان بلڪل مختلف قسم جو هوندو هو. اڻ ڄاتل زماني کان وٺي والدين پنهنجي اولاد جي شادين ڪرائڻ جو بندوبست ڪندا آيا آهن ۽ اولاد ويچارو به ماٺ ميٺ ۾ سندن ڪيل فيصلن جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نوائيندو آيو آهي.
    ڪي مرد گهڻو جنسي عشق ۽ محبت، جنهن جي اڻ ڄاتل تاريخ جي دور واري انسان کي خبر هوندي هئي، ڪنهن به حالت ۽ صورت ۾ فعالي ذاتي ۽ داخلي قسم وارن انساني لاڙن خواهشن ۽ جذبن جو نتيجو هرگز هرگز نه هوندو هو. پر انهيءَ جنسي عشق ۽ محبت واري عمل کي محض هڪ خارجي مثبت قسم جو هڪ فرض ۽ جوابداري شمار ڪيو ويندو هو. جيڪو مڙس ۽ زال جي پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جو سبب نه پر خود شادي واري مقصد، مفهوم ۽ مراد ۾ محض هڪ ڪوري جنسي عنصر جي طور تي سمايل ۽ موجود هوندو هو.
    ازمنه وسطيٰ ۾ جديد دور واري مفهوم، عشق ۽ محبت واري جنسي ميلاپ ڪرڻ جي تمنا ۽ عمل فقط سرڪاري ۽ رسمي طور تي مقرر ڪيل سماجي طبقن کان ٻاهر ڪيو ويندو هو. يعني جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ انهيءَ دور وارو امير طبقو فقط پرولتاري طبقي جي عورت کي ترجيح ڏيندو هو. يعني پرولتاري طبقي جون عورتون يا ٻانهيون معاشري ۾ خسيس شماريل هجڻ جي ڪري ساڻس جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل تي کين ڪابه ميار نه ڏني ويندي هئي ۽ محض انهيءَ ميلاپ ڪرڻ خاطر جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل يعني کليل ۽ اگهاڙي زناڪاري کي مباح، روا ۽ جائز سمجهيو ويندو هو.
    اهي ريڍار جن جي عشق ۽ محبت جي داستانن کي مشهور يوناني شاعرن ٿيوڪرلٽس Theocrituf ۽ موسچس Moschus پنهنجن جڳ مشهور ديوانن ۾ يا مشهور يوناني اديب لانگس Logus پنهنجي رومانوي ڪتاب ”ڊافنس اينڊ ڪلوئي“ Daphnis and Chloe جي جڳ مشهور قصي ۾ ڳايو ۽ داخل ڪيو آهي. انهن قصن جا سورما خسيس قسم جا ٻانها هئا، جن جو يوناني رياست جو انتظام ۽ ڪاروبار هلائڻ ۽ ان سان ڪوبه واسطو ۽ تعلق نه هوندو هو.
    سمورن محڪمن جي سربراهي ڪرڻ فقط آزاد يوناني شهرين جو موروثي ورثو شمار ڪيل هوندو هو. ٻانهن جي طبقي کان سواءِ ٻين سمورن طبقن ۾ اسان کي جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ جي عمل ۾ قديم دنيا جي تنزل پذير معاشرن ۾ فقط ڀڃ ڊاهه وارو منظر نظر اچي ٿو. انهن قصن جي عاشقن کي فقط اهڙين عورتن سان عشق ۽ محبت ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جن جو اوچي سرڪاري حڪمران طبقن سان ڪوبه واسطو ۽ لاڳاپو نه هوندو هو، يعني اهي سموريون (عورتون) فقط خسيس ٻانهيون يا ويهاريل سرتيون يا مورڳو پيشه ور رنڊيون هونديون هيون، اسان کي اها ساڳي صورتحال اٿينس Athens شهر جي تنزل واري شروعاتي دور ۾ ۽ روم ۾ شهنشاهن واري دور ۾ ظاهرظهور نظر اچي ٿي. انهن عاشقن جي هجوم ۾ ڪوبه اسان کي آزاد شهري مرد ۽ ڪا شهري آزاد عورت پاڻ ۾ عشق ۽ محبت ڪندي نظر چڙهي وڃن ٿا ته اسين ٻنهي ڌرين (عاشق مردن ۽ عورتن) کي محض هڪ اگهاڙي ۽ ڪوري زنا ڪرڻ واري ٻڌڻ ۾ ڦاٿل ۽ ليٿڙيل ڏسون ٿا.
    اسان واري موجوده جديد نظرئي واري جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ وارو نظريو ۽ عمل انهيءَ اڻ ڄاتل دور واري ڪلاسيڪي عشقيه شاعريءَ ۾ ايتري قدر ته غير اهم هوندو هو. مثلن اسان جي دوست يوناني شاعر اناڪريون Anacreun جي نظرن ۾ اهو عمل ايتري قدر ته خسيس ۽ غير اهم هو جو هو خود پنهنجي روايتي معشوق جي صنف جي مقرر ڪرڻ کان به پوري ريت بي نياز ٿي ويو هو. يعني کيس انهيءَ ڳالهه جي ڪابه پرواهه نه هوندي هئي ته سندس شاعري واري روايتي معشوق ڪا عورت آهي يا ڪو ڇوڪرو آهي يا مورڳو ڪو کدڙو خواجه سرا آهي، کيس پنهنجي شاعري ڪرڻ لاءِ مڙيوئي ڪو نه ڪو معشوق (معمول) گهربل هوندو هو.
    محبت جو نظريو هر حالت ۽ صورت ۾ اسان واري يعني جديد دور وارو جنسي عشق قديم انساني خواهش ۽ امنگن Eros (ڪام ديوتا) يعني ڪوري شهوت پرستيءَ کان بلڪل مختلف قسم جو هوندو آهي. پهريون ته اسان واري جديد جنسي عشق ۽ محبت واري نظرئي جي مطابق ٻنهي ڌرين يعني عاشق مرد ۽ معشوق عورت جي دلين ۾ باهمي طور تي هڪ ٻئي لاءِ جنسي خواهش ۽ آرزو جو موجود هجڻ هڪ لازمي شرط هوندو آهي، يعني انهيءَ لحاظ کان ٻئي مرد توڙي عورت عشق ۽ محبت واري جنسي ميلاپ واري خواهش ۾ هڪڙي ئي ۽ ساڳئي سطح تي گڏجي بيهن ٿا. انهيءَ خواهش جي معاملي ۾ منجهائن ڪابه هڪڙي ڌر ٻي ڌر کان ڪمتر نه هوندي آهي، پر قديم دور واري ڪام ديوتائي هتي محض شهوت پرستي واري نام نهاد عشق ۽ محبت ۾ عورت جي جنسي خواهش واري جذبي ۽ سندس ذاتي مرضي (قبوليت) کي ڪوبه دخل نه هوندو هو. هڪ اميدوار عاشق جو پنهنجي نام نهاد معشوق مان ٿلهو ڳالهائڻ به لازمي نه هوندو هو.
    ٻيو ته جنسي عشق ۽ محبت فقط تڏهن دوام ۽ شدت اختيار ڪري ٿي جڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي جدائيءَ کي هڪ عظيم ترين نه ته به هڪ عظيم الميه يا بدبختي تصور ڪندا هجن، ٻئي عشق جي جذبي ۾ ڦاٿل ڌريون هڪ ٻئي کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي ۾ وڏي جوکم کڻڻ ۽ نقصان کي برداشت ڪرڻ لاءِ ايتري قدر ته تيار ٿي وڃن جو مٿان صدقو يا قربان ڪري ڇڏڻ لاءِ بلڪل تيار هجن، پر قديم زماني ۾ اهڙي قسم واري صورتحال فقط ڪوري اگهاڙي زناڪاري ۽ فاحش سريت بازيءَ جي حالت مان ئي پيدا ٿيندي هئي.
    آخرڪار اڳتي هلي انهيءَ جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ جي اندازي جي پيمائش ڪرڻ لاءِ هڪ نئون معيار، پيمانو يا ماپو مقرر ڪيو ويو آهي. هينئر نه رڳو هي سوال ڪيو وڃي ٿو ته مثال واري عشق ۽ محبت جائز يا ناجائز آهي؟ پر ساڳئي وقت تي هي سوال به پڇيو وڃي ٿو ته انهيءَ مثال وارو جنسي عشق و محبت ۽ ميلاپ باهمي طور تي اڀريو آهي يا نه؟ يعني سنڌي محاوري مطابق ”اديءَ کي جن نه ڪن، ادي کي عشق انڌو ڪيو.“ وارو معاملو ته نه آهي؟ حقيقت ۾ هن ڳالهه ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي ته جاگيردرانه ۽ بورزوا قسم واري انهيءَ عمل ۾ ٻين اخلاقي قدرن ۽ معيارن جي ڀيٽ ۾ اهو نئون بهانو آزمايو وڃي ٿو يا مورڳو ئي کيس نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، قديم دور ۾ انهن سوالن کي سچ پچ نظر انداز ڪيو ويندو هو.
    جاگيردار ۽ بورزوا طبقو پنهنجن ٻين سمورن نظرين وانگر انهيءَ پيماني کي به فقط هڪ نظرئي جي طور تي محض ڪاغذ تي قبول ڪيو آهي، موجوده حالتن ۾ انهيءَ کان وڌيڪ اميد رکڻ به اجائي ٿيندي. اڻ ڄاتل قديم دور وارو ڪوري جنسي ميلاپ ڪرڻ جو عمل انهيءَ ساڳئي مقام تي پهچي سچي ۽ صحيح عشق ۽ محبت ڪرڻ واري جذبي کان ڇڄي ڌار ٿئي ٿو.
    ازمنه وسطيٰ واري جاگيردارانه عشق و محبت يعني ڪوري زناڪاري مان ساڳئي ڇڄي ڌار ٿي وڃڻ واري مقام کان شروعات ڪئي هئي. اسين انهيءَ سورمائي قسم جي جنسي عشق ۽ محبت جو ذڪر اڳ ۾ ئي ڪري چڪا آهيون. جنهن مان جرمن شاعري شروعاتي قصيده پيدا ٿيا هئا. اهڙي قسم واري جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ جو مطلب ئي هوندو هو ڪن ٻن زال مڙسن جي انهن ازدواجي رشتن کي ٽوڙڻ، جن جي بنيادن تي خود ازدواجي زندگي جي اعليٰ روحاني ۽ جسماني لاڳاپن جي اداري جي پيڙهه ٻڌل هوندي آهي. اهوئي امر انهن ٻنهي حالتن جي وچ ۾ هڪ وڏو فرق ۽ خال هوندو آهي، جنهن کي ڀري سگهڻ ۾ اهو سورمائي قسم جو جنسي عشق ۽ محبت وارو جذبو ناڪام ثابت ٿيو هو. پر جڏهن اسين خسيس ۽ بنا اخلاق اطالوي معاشري کان هلي پاڪبازي با اخلاق جرمن معاشري تائين پهچون ٿا ته اسين Nibelungenlied تي بيلونگ جي غزل ۾ ڪريمائيڊ نالي هڪ سورمي عورت کي سيفريڊ Siegfried نالي عاشق سومري سان ڳجهه ڳوهه ۾ جنسي عشق ۽محبت ڪندي ڏسون ٿا.
    انهيءَ عشق ۽ محبت ۾ اسين ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي سان هڪ جهڙي محبت ۾ ڦاٿل ڏسون ٿا. اسان واري سورمي ڪريمائيڊ پنهنجي دوست گنٿر کان ٻڌي ٿي ته سندس عاشق سيفريڊ کي هڪ سورمي (جنهن جو نالو گنٿر ڪريمائيڊ کي نه ٿو ٻڌائي)پاڻ وٽ گروي طور يرغمال ڪري قيد ڪري رکيو آهي ته اهو ٻڌي به اسان واري سورمي وڏي سادگيءَ سان کيس جواب ۾ چوي ٿي ته: ”منهنجا آقا! توکي وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، آئون هميشه توهان جي هر حڪم کي مڃڻ لاءِ تيار آهيان. توهان مون کي جيڪو به ور ڏيندا آئون انهيءَ شخص وٽ هي پنهنجي جان گروي طور رکڻ (ساڻس شادي ڪرڻ) لاءِ بلڪل تيار آهيان. شاباس سورمي شاباس! اسان واري انهيءَ سورمي جي دل ۾انهيءَ ڳالهه جو ڪوبه گذر نه ٿو ٿئي ته انهيءَ (شادي واري) معاملي ۾ سندس ذاتي جنسي عشق و محبت جو به دخل ٿي سگهي ٿو.
    وري ٻئي مثال ۾ گمبر نالي هڪ عورت سورمي بروند سورمي، جنهن کي هن مورڳو ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هو، سان نچي ڪڏي شادي ڪري ٿي. ساڳيءَ طرح ٽئي مثال ۾ ايزل نالي سورمي جي ڪريملڊ نالي هڪ مرد سورمي سان شادي ٿئي ٿي. گڊرون نالي ڪتاب جي ٻين قصن ۾ آئرليند جي سيگبانت نالي سورمي جي شادي ناروي جي اوٽا نالي هڪ وڏي گهراڻي نوجوان عورت سان ٿئي ٿي ۽ هيگيلينگ نالي علائقي جي رهواسي هيٽل جي شادي آئرلينڊ جي سورمي عورت هاليئڊ سان ٿئي ٿي. آخر ۾ مورلينڊ جو سيفريڊ اورماني جو هارٽ موت، سلينڊ جو هروگ ٽئي سورما پاڻ ۾ گڏجي گوڊرون نالي سورمي عورت کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پهريون ئي دفعو فقط هن هڪڙي ئي قصي ۾ گوڊرون نالي عورت پنهنجي رضا خوشيءَ سان هروگ سان شادي ڪري ٿي. انهيءَ دور جو هي به دستور هوندو هو ته هر شاهزادي جا والدين سندس زال چونڊيندا هئا پر سندن فوت ٿي وڃڻ بعد هو پنهنجي اميرن وزيرن جي صلاح مشوري سان زال چونڊيندو هو ۽ زال جي چونڊ ڪرڻ ۾ سندس اميرن جي ڪيل فيصلي کي آخري فيصلو شمار ڪيو ويندو هو.
    انهن شهزادن، سورمن، جنگي سردارن۽ وڏن جاگيردارن جي شادين ڪرڻ لاءِ وٽن ڄڻ ته ٻيو ڪو نمونو ئي موجود ڪونه هوندو هو. شاهزادن جو نقل ڪندي ڪنهن نواب، وزير ۽ امير جي حالت ۾ به سندس ٻين واسطو رکندڙ معاملن وانگر شادي ڪرڻ به هڪ سياسي عمل هوندو هو. جنهن جي وسيلي اهو امير، نواب انهن اڳٺن جي ڳنڍ ڇوڙ وسيلي اقتدار جي مٿاهين ڏاڪي تائين پهچي سگهندو هو. اهڙي قسم ۽ مقصد وارين شادين ڪرڻ ۾ ڌرين جي ذاتي مفادن ۽ خوشين جو نه پر سندن ڪٽنبن يا خاندانن جي مفادن جو هر لحاظ کان خيال رکيو ويندو هو. انهيءَ معاملي ۾ شادي ڪندڙ ڌرين جي ذاتي لاڙن، امنگن، جذبن ۽خواهشن کي بنهه ڪوبه دخل نه هوندو هو.
    اهڙي خودغرضانه ۽ ظالمانه ماحول ۾ ذاتي ۽ جنسي عشق و محبت کي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ ڪوبه دخل ۽ اهميت نه ڏني ويندي هئي. اها ساڳئي حالت ازمنه وسطيٰ جي شهرن ۽ گلڊن Guilds جي ڪاريگرن ۽ واپارين سان پڻ لاڳو هوندي هئي. اهي رعايتون جيڪي سندن ڪاروباري مفادن جي بچاءَ ڪرڻ خاطر سندن شاهي پروانن Charters جي دستاويزن ۾ ڄاڻايل هونديون هيون. جنهن جي مطابق ڪنهن هڪ قسم جي ڪاريگرن کي سندن هم پيشه ٻين ڪاريگرن، سيکڙاٽن ۽ گهورڙين کان ڇني، کين اجاره داري ڏيڻ خاطر هڪ جدا ۽ڌار مخصوص حيثيت ڏينديون هيون.
    ساڳيءَ طرح موزون زالون هٿ ڪري پرڻجڻ لاءِ به کين سندن ڪاروبار وانگر ئي هڪ مخصوص محدود دائرو مقرر ڪيل هوندو هو. زال جي موزون هجڻ جو فيصلو ڪرڻ به مڙس جي هٿن ۾نه هوندو هو، پر انهيءَ معاملي ۾مڙس جي ذاتي مفادن کان وڌيڪ ڪٽنب جي مفادن کي خيال ۾ رکيو ويندو هو.
    مطلب ته ازمنه وسطيٰ واري دور جي خاتمي تائين شادي ڪندڙ گهوٽن ۽ ڪنوارين جي غالب ترين اڪثريت جي ڪٽنبي حالتن ۾ اها ساڳي ئي حالت قائم رهندي ايندي هئي. جيڪا حالت شروعاتي دورن کان وٺي وٽن قائم رهندي آئي هئي ۽ پاڻ ۾ شادي ڪندڙ ٻنهي گهوٽ خواه ڪنوار کي پنهنجي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ ڪابه مداخلت ڪرڻي نه پوندي هئي، بلڪ انهيءَ سر جي باري ۾ کين ٻڙڪ ڪڇڻ جي به اجازت نه هوندي هئي. انساني سماج جي ارتقائي دور جي ابتدا کان وٺي هر انسان هن دنيا ۾ڄمڻ شرط ئي پرڻيل حالت ۾ وارد ٿيندو هو ۽ ان جو ڪو مڙس يا سندس زال يعني قبيلي جو ڪو واحد فرد نه بلڪ سارو قبيلو يا گروهه جنهن ۾انهيءَ شخص جنم ورتو هو، سندس مڙس يا زالون هونديون هيون. ساڳي صورت حال بعد وارن دورن ۾ به رهندي آئي هئي. فرق فقط هي پيدا ٿيو هو ته ان جو دائرو سوڙهو ٿيندو ويو هو.
    جفتي شادين واري دور ۾هي رواج هوندو هو ته مائرون پنهنجي اولاد جون شاديون ڪرائينديون هيون. انهن شادين ۾ ساڳيو ئي خيال ڪارفرما هوندو هو ته نوجوان شادي ڪندڙ جوڙو نيات ۽ قبيلي ۾ شادي ڪرڻ سان سندن( والدين جي) سماجي حيثيت اڳي کان وڌيڪ مضبوط بنائي ۽ جڏهن ذاتي ملڪيت جي اداري عوامي ملڪيت تي پورو پورو قبضو ڪري ورتو هو ته ورثي ۽ ترڪي کي قائم ڪرڻ وارا مفاد پاڻ مرادو پيدا ٿي پيا هئا ۽ پدرانه حق سان گڏ ”هڪ مڙس هڪ زال وارو ادارو به قائم ٿي مستحڪم بنجي ويو هو. انهيءَ حالت ۾ شادي ڪرڻ واري سماجي اداري کي به مورڳو اقتصادي مفادن جي تابع ٿيڻو پئجي ويو هو.
    هن دور ۾ پهچي زال کي خريد ڪري پرڻجڻ جو رواج ختم ٿي وڃي ٿو پر زال جي انهيءَ خريد ڪرڻ واري عمل ۾به هڪ ڳجهي ۽ لڪل رواج پاڻ کي قائم ڪري ڇڏيو هو. جنهن ۾ نه رڳو زال جي بلڪ خود مڙس جي به قيمت مقرر ڪئي ويندي هئي. جنهن ۾ مڙس جي خوبين، مثلن سندس مردانه حسن ۽ وجاهت، علم ۽ اخلاق کان وڌيڪ سندس دولت ۽ ملڪيت جي ڪثرت ۽ فراواني کي نظرن ۾ رکيو ويندو هو.
    شروعات کان وٺي معاشري جي حڪمران طبقن ۾هيءَ ڳالهه ته شادي جي معاملي ۾ زال مڙس جي باهمي جنسي جذبن، لاڙن، پسند يا ناپسند کي ترجيح ڏني وڃي، ٻڌڻ ۾ به نه ايندي هئي. انهيءَ قسم جو ذڪر مذڪور فقط رومانوي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ملندو هو. يا جيڪڏهن ڪٿي موجود به هوندو هو ته اهو فقط مظلوم پورهت طبقن ۾ موجود هوندو هو. جن طبقن کي وري معاشري ۾ ڪو پڇندو به ڪونه هو.
    اها ساڳئي صورتحال ان وقت به موجود هوندي هئي. جڏهن سرمائيدارانه پيداوار وارا ملڪ ۽ قومون نون ملڪن کي ڳولي لهڻ بعد کين پنهنجي عالمگير واپار ۽ صنعت جي وسيلن سان فتح ڪرڻ لاءِ پنهنجن ملڪي حدن مان ٻاهر نڪتيون هيون. هر شخص اهو خيال ڪندو هوندو ته اهڙي قسم وارن معاشرن لاءِ شادي ڪرڻ جو وارو مٿي ذڪر ڪيل طريقو موزون ترين هوندو ۽ اهو طريقو هو به سچ پچ موزون ترين، پر عالمي تاريخ جا فيصلا نرالا ۽ اڻ ڪٿ هوندا آهن. سرمائيدارانه پيداوار واري انهيءَ نظام پراڻي ٺهيل ٺڪيل، قائم ٿيل نظام، سماجي دستور ۽ آئين جو هڻي ترو ئي ڪڍي ڇڏيو هو.
    سرمائيدارانه پيداوار جو دستور هوندو آهي ته اها هر شيءِ کي خام مال يا تجارتي سامان جي شڪل ڏئي سندس ڪونڪو تجارتي ملهه يا قيمت مقرر ڪري ڇڏيندي آهي، ان ڪري انهيءَ سرمائيدارانه نقطه نگاهه قديم رواياتي تعلقاتن جو شيرازو ئي منتشر ڪري ڇڏيو هو. بلڪ انهيءَ هڪڙي نئين قسم جي ديو سمورن قديمي روايتي تعلقاتن ۽ لاڳاپن کي نپوڙي سندن ساهه ڪڍي ڇڏيو هو. انهيءَ نئين نظام پراڻين ورثي ۾ مليل سماجي رسمن ۽ تاريخي حقن کي پاڙان پٽي اکوڙي سندن خالي ٿيل جاين تي آزاد خريد فروخت يعني آزاد معاهدي جا قدم ڄمائي ڇڏيا هئا.
    مشهور انگريز قانوندان مئن Maine جو هي قول ڪيتري قدر صحيح ۽ سچو آهي ته، ”سمورن گذري ويل دورن جي ڀيٽ ۾ اسان واري سموري موجوده ڪيل ترقي جو راز هن امر ۾ سمايل آهي ته اسين انساني معاشري ۾ ”سماجي حيثيت“ Stetus يا مورثي منصب واري درجي کان ترقي ڪري Contract ”معاهدي“ واري درجي تي پهتا آهيون. يعني اسين ورثي ۾ مليل حالتن مان نڪري هڪ ”آزاد رضاڪارانه طور تي معاهدي ڪرڻ“ واري منزل تي پهتا آهيون. سندس خيال موجب هن هڪ تمام وڏي کوجنا يا دريافت ڪئي هئي. پر سندس اهو بيان پنهنجي سموري سچائي جي باوجود به اشتراڪي پڌرنامي Communist Manifesto جي شايع ٿي وڃڻ کان بعد جو ڏنل آهي، يعني انهيءَ تحقيق جو سهرو ۽ جس مئن صاحب جي بجاءِ منهنجي ۽ مارڪس جي سر تي آهي، يعني اسان ٻنهي ڄڻن سندس بيان ڪيل مضمون کان اڳ ۾ ئي اشتراڪي پڌرنامي ۾ لکي ڇڏيو هو ته ”انهن آزاد معاهدن کي پڪي ۽ مستحڪم ڪرڻ خاطر هن امر جو اڳواٽ ئي گمان ۽ قياس ڪيو ويندو آهي ته اهڙا شخص جيڪي پنهنجن جسمن، پورهئي، هنرن، ڪمن، ڪاريگرن ۽ ملڪيتن جو آزاديءَ سان استعمال ڪري سگهن ٿا.
    اهي ئي شخص هڪ ٻئي سان مساوي شرطن تي هر قسم جي معاهدي ڪري سگهڻ جا به اهل هوندا آهن. اهڙن آزاد ۽ مساوي حيثيت رکندڙ شخصن کي پيدا ڪرڻ به سرمائيدارانه پيداوار جو هڪ اهم ترين فرض هوندو آهي. اهو ڪارنامو جيتوڻيڪ شروعات ۾ هڪ محض اڌوري شعوري طور واري ڪيفيت ۽ حالت ۾ ٿيندو رهندو هو ۽ مٿس مذهبي رنگ چڙهيل هوندو هو. ان هوندي به مارٽن ليورو ۽ ڪالون جي مذهبي اصطلاحن کان پوءِ هي اصول مضبوط ٿي چڪو هو ته ڪنهن به شخص کي سندس اعمالن لاءِ فقط تڏهن ئي ذميوار ٺهرائي سگهجي ٿو، جڏهن کيس انهن اعمالن جي سرزد ڪرڻ لاءِ مڪمل آزادي حاصل هوندي آهي. اهڙي شخص جو فرض هوندو آهي ته هو هر غير اخلاقي عمل ڪرڻ بابت مٿس آندل جبر ۽ دٻاءَ جو ڪمرڪشي مقابلو ڪري. پر سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته انهيءَ ساڳئي اصول کي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ سماج اندر جاري ٿيل آئين جي خلاف ڪيئن ڪتب آڻي سگهجي؟
    خود بورزوا طبقي جي خيال ۽ اعتقاد موجب شادي ڪرڻ به هڪ معاهدو آهي. محض هڪ سادو سودو قانوني معاهدو بيشڪ ٻين سمورن معاهدن جي ڀيٽ ۽ مقابلي ۾ هي معاهدو هن ڪري به هڪ اهم ترين معاهدو شمار ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ معاهدي تحت نه رڳو ڪن ٻن آزاد شخصن جي تن، من جسم ۽ جان جو نه پر خود سندن روح ۽ تقديرن جو به سندن تا حيات سودو ٿيڻو هوندو آهي.
    انهيءَ امر کان به وڌيڪ هيءَ حقيقت به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته اهو معاهدو ٿيندو به رضاڪارانه طور تي هو پر انهيءَ معاهدي ڪرڻ ۾ ٿيندڙ گهوٽ ۽ ڪنوار جو رضامندو ڪيئن حاصل ڪيو ويندو هو؟ ۽ سندن شادي ڪرڻ جو بندوبست ڪير ڪير ڪندا هئا؟ انهيءَ امر جي خبر هر بشر کي هوندي هئي. جيڪڏهن ٻين سمورن معاهدن جي طئي ڪرڻ لاءِ حقيقي طور تي آزاد ۽ عاقل بالغ هجڻ جي طلب ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ ڇو هن معاهدي جهڙي اهم ترين معاملي ۾ به ساڳين اصولن کي نظرن ۾ نٿو رکيو وڃي؟
    انهن ٻنهي نوجوان شخصن مرد ۽ عورت کي جيڪي پاڻ ۾ جفتي ٿيڻ لاءِ تيار هجن، پنهنجي جان، تن، من، دل، روح ۽ جسماني اعضائ کي آزادانه طور تي استعمال ڪرڻ جو فطري حق ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ ڇا هن دور کان اڳ ۾ سورمائي دور ۾ به جنسي ميلاپ ۽ عشق و محبت ڪرڻ جو هڪ صحيح بورزوا نمونو موجود نه هوندو هو؟ جيڪڏهن ڪنهن شادي شده مرد ۽ عورت (زال ۽ مڙس) جو هڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ هڪ سماجي فرض هوندو آهي ته پوءِ پاڻ ۾ عشق و محبت ڪندڙ عاشق ۽ معشوق شخص (مرد ۽ عورت) جو اهو فرض نه آهي ته هڪ ٻئي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ڌارئي ۽ اوپري شخص سان شادي ڪرڻ کان نابري واري ويهي رهن؟
    پر جيڪڏهن هڪ ٻئي سان جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ هڪ شادي شده جوڙي جو فطري حق خود والدين، سندن عزيزن قريبن يعني رواياتي دلالن جي سمورن حقن کان ڇو اعليٰ ۽ افضل قسم جو نه آهي؟
    جيڪڏهن ذاتي ۽ آزادانه طور تي ڪنهن به معاملي جي تحقيق ۽ تفتيش ڪرڻ جو حق اڻ سڏيو مذهب ۽ ڪليسا جي ڪوٽن جون ڀتيون ڀڃي خود ديول بندر داخل ٿي سگهي ٿو ته هي مردود پوڙهو نسل نوجوان نسل جي هن فطري حق کي ڪيئن ٿو روڪي ۽ رد ڪري سگهي؟ ته اهي پنهنجن، جسمن، روحن، ملڪيتن، خوشين، اميدن ۽ ارمانن جو فيصلو پاڻ نه ڪري سگهن؟
    هن پوڙهي دقيانوسي نسل جي اها دعويٰ ته اهي هنن نوجوان زال مڙس جي پاڻ ۾ شادي ڪرائڻ جو بندوبست سندن ڀلائي خاطر ئي ڪن ٿا ته انهيءَ حالت ۾ به سندن اها دعويٰ هر لحاظ کا ن هڪ نسوري ڪوڙي، باطل ۽ ناقابل برداشت ۽ بي بنياد ڳالهه آهي.
    انهيءَ دور ۾ جڏهن سماج جي پراڻي مشين جا سمورا پرزا گسي گسي ڍرا ٿي پيا هئا ۽ انڪري سمورن رواياتي سماجي نظرين جي بنيادن جون پاڙون اکڙي چڪيون هيون، تڏهن مٿين ذڪر ڪيل مسئلن جو معاشري ۾ اڀري اچڻ هڪ فطري امر هو. يورپي معاشري جي هڪڙي ئي يلغار ۾ اڇل سان هن ڪائنات جو دائرو وڌي ڏهوڻو ٿي پيو هو. ڌرتي جي اٺين پتي کان به گهٽ زمين تي رهندڙ مغربي قومن جي سامهون ساري ڪائنات جا دروازا کين پنهنجي ديدار ۽ مشاهدي ڪرائڻ خاطر وات پٽي بيهي رهيا هئا. يورپي قومن به انهيءَ سونهري موقعي کي هٿن مان وڃڻ نه ڏنو هو. هنن قومن وڏي ڦڙتي ۽ دليريءَ سان دنيا جي ستن ئي کنڊن تي جلدي قبضو ڪري ورتو هو.
    هزارين سالن جا پراڻا نظرياتي ڪوٽ ۽ قلعا جن کي ازمنه وسطيٰ جي دور وارن رواياتي دقيانوسي فڪري بندشن بند ڪري ڇڏيو هو. سندن هڪ ئي حملي سان ڊهي اچي پٽ پيا هئا. ته اهڙي صورتحال ۾ سندن وطني معاشري جو ننڍڙو ڪوٽڙو ڪهڙي ڏاڙهي هو، جو سندن يلغار جو پاپ سهي سگهي. هينئر انهن مغربي يورپي قومن جون ظاهري توڙي باطني اکيون اهو ڪجهه ڏسي رهيون هيون جن جو کين وهم ۽ گمان به نه هو. اهڙي عجب جهڙي وسيع ڪائنات ۾ ڀلامانسي، نيڪ نيتي، شرافت عزت ۽ آبرو، مان ۽ شان گلڊ نظام وارا قديم حق جيڪي وٽن پيڙهين کان هلندا آيا هئا. نوجوان نسل جي نظرين ۾ ٿڃ برابر به نه هئا. هينئر سندن اکيون هندستان جي بي انداز دولت، ميڪسيڪو ۽ پوٽاسي جون سون ۽ چاندي سان ڀريل ٽمٽار کاڻيون، وڏن وڏن درياهن، سمنڊن، پهاڙن، جبلن، ڍنڍن، ڀانت ڀانت جي ماڻهن، سندن عجيب و غريب رسمن ۽ رواجن، تهذيبن، ٻولين، ثقافتن ۽ تمدنن وغيره جي ديدار ڪرڻ سان ڍاپيون ئي نه ٿي.
    مغربي يورپي بورزوا طبقي جو اهو دور سچ پچ ته عجيب شاهاڻو دور هو. جنهن ۾ سندن رومانن ۽ محبتن جا بي انداز خواب ۽ اميدون سمايل هيون. پر اهي خواب ۽ اميدون خود بورزوا طبقي جي پنهنجن بنيادي، اصولن، آخري تجربن ۽ پنهنجي مخصوص انداز واري فڪر، سوچ ۽ نقطه نگاهه وارن ٺهيل قسمن جون هيون.
    انڪري اهو اسرندڙ بورزوا طبقو خاص طور تي يورپي پروٽيسٽنٽ ملڪن ۾ جن ۾ سندن موجود سماجي نظام سري کان ئي اکڙجي چڪو هو، شادي ڪرڻ جي معاهدي ڪرڻ واري معاملي ۾ به هڪ وڏي حد تائين آزادي جي اصول کي قبول ڪري چڪو هو ۽ ان تي مٿي ذڪر ڪيل نموني ۾ عمل به ڪري رهيو هو. انهيءَ طبقاتي چوديواري جي اندر رهندي به ٻنهي ڌرين زال توڙي مڙس کي وڏي حد تائين چونڊ ڪري پنهنجي پسند واري ڪنهن مرد يا عورت سان شادي ڪري سگهڻ جو حق به تفويض ڪيو ويو هو.
    خود سندن قانوني يعني ڪاغذي ڪارروائيءَ سان گڏ اخلاقيات، شاعري ادب، مضمون نويسي، منظرنگاري (مصوري، آرٽ ۽ سنگ تراشي) موسيقي ۽ ٻين فنون لطيفه جي شعبن ۾به انهيءَ ساڳي ڳالهه کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ پختي نه ٿي هئي ته هر اها شادي جيڪا جنسي ميلاپ ۽ عشق ۽ محبت ڪرڻ لاءِ باهمي رضامندي تي ٻڌل نه هجي ۽ جيڪا ٻنهي مڙس، توڙي زال جي آزاد ارادي تي مبني نه هجي، هر صورت ۽ لحاظ کان بلڪل غيرانساني هئي ۽ ان ڪري غيراخلاقي هئي ۽ غيراخلاقي هجڻ جي ڪري، اها شادي نجس پليد باطل ۽ حرام هئي.
    مطلب ته عشق و محبت واري شاديءَ کي واحد صحيح ترين شادي قرار ڏئي، کيس هڪ بنيادي انساني حق جو درجو تفويض ڪيو ويو هو. انهيءَ ساڳئي حق کي نه رڳو مڙس لاءِ پر خود زال لاءِ به تسليم ڪيو ويو هو. پر اهو حق ٻين سماجي حقن کان فقط هن هڪڙي لحاظ کان مختلف هو ته عملي طور تي انهيءَ بنيادي انساني حق کي فقط حڪمران طبقي تائين محدود رکيو ويو هو ۽ انهيءَ ساڳي حق جي استعمال ڪرڻ کان مظلوم يعني پرولتاري طبقي کي سڌي يا اڻ سڌي طرح سان محروم رکيو ويو هو.
    تاريخ جي انهيءَ الٽي ڪردار، انهيءَ ڏس ۾ وري پنهنجو اظهار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. معاشري جي حڪمران طبقي تي وري به ساڳئي معروف قسم جي اقتصادي اثرن جو غلبو قائم رهندو آيو هو. ايتري قدر جو، اهي رضاڪارانه طور واريون شاديون تمام جزوي حالتن ۾ عمل ۾ اچي سگهيون هيون. مغلوب طبقن ۾ وري به ساڳيو پراڻو دستور هلندو آيو هو.
    انڪري اسين هن نتيجي تي پهچون ٿا ته آزاد ۽ رضاڪارانه طور تي شاديون فقط تڏهن ئي صحيح طور تي عمل ۾اچي سگهيون، جڏهن سرمائيدارانه پيداوار جو خاتمو ٿيندو ۽ ان جي پيدا ڪيل ملڪيتن وارن تعلقاتن ۽ سمورن قانوني قسم وارن اقتصادي ضرورتن کي، جيڪي اڃان سوڌو به زال مڙس جي چونڊ ڪرڻ ۾ پنهنجو زوردار اثر رکن ٿيون، ختم ڪيو ويندو. انهن سمورن اثرن جي خاتمي بعد ئي شادين ۾ باهمي جنسي ميلاپ ۽ عشق و محبت ڪرڻ وارو خالص انساني جذبو باقي قائم رهجي ويندو.
    جنسي ميلاپ ۽ عشق و محبت ڪرڻ جي فطري انساني جذبي جو مزاج هڪ اهڙي قسم جو هوندو آهي، جيڪو ڪنهن به ڌاري شيءِ کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو آهي. يعني انهيءَ غير شيءِ کي پنهنجي وجود جي اندر ۾ ڪڏهن به سمائجڻ نه ڏيندو آهي ۽ اهو جذبو وري فقط هڪ عورت جي دل ۾ ئي پيدا ٿي سگهندو آهي. اهوئي سبب هوندو آهي ته جنسي ميلاپ ۽ عشق و محبت ڪرڻ لاءِ ذهني قدرتي طور تي فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو تصور ئي پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ فطري جذباتي تصور کي سماجي قانوني زبان ۾”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي سڏيو وڃي ٿو. سون سڌن لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته ”هڪ ۽ ساڳئي وقت تي جنسي ميلاپ ڪرڻ واري فطري خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ انساني ذهن ۾فقط هڪ مرد ۽ هڪ عورت سان جنسي ميلاپ ۽ عشق و محبت ڪرڻ جي تصور جو پيدا ٿي سگهڻ، ممڪن هوندو آهي.“
    هينئر اسين باڪوفن واري نظرئي جو صحيح اندازو لڳائي سگهون ٿا ته سندس نظرئي مطابق برابر گروهي شادين ڪرڻ سان ارتقا ڪندي ڪندي انفرادي شادي ڪرڻ واري مرحلي پهچڻ وارو ڪارنامون گهڻو ڪري عورت ذات جي محنت ۽ قربانين جو ڦل آهي، پر بني نوع انسان جي معاشرتي زندگي جي ارتقائي عمل ۾ فقط جفتي شادين مان ارتقا ڪري ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي مرحلي تي پهچڻ ۾ مرد جي محنت کي شمار ڪري سگهجي ٿو. تاريخي طور تي اهو ارتقائي عمل به هن ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو هو ته عورت ذات جي سماجي حيثيت بلڪل بگڙي ڪري ذليل ٿي چڪي هئي. عورت جي انهيءَ حالت مرد کي ساڻس بيوفائي ڪرڻ لاءِ وڏيون سهولتون پيدا ڪري ڏنيون هيون. جن اقتصادي مفادن عورت ذات کي مردن جي روايتي بيوفائي ڪرڻ کي برداشت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو هو، جي خاتمي سان عورت ذات جي پنهنجي گذر معاش لاءِ ڳڻتي ۽ ان کان به وڌيڪ پنهنجي اولاد جي مستقبل لاءِ سندن فڪر ۽ تشويش ڪرڻ به خود بخود ختم ٿي ويندي.
    مٿي ذڪر ڪيل تجربن جي بنياد تي هي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، عورتن جو مردن سان مساوات جو درجو حاصل ڪرڻ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ٺلهي رسم کي جنم ڏيڻ جي بجاءِ مڙس کي فقط هڪ زال رکڻ ۽ ساڻس جنسي طور تي وفادار، قانع ۽ شاڪر ٿي رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو ۽ نه وري خود عورت کي به گهڻن مڙسن سان شادي ڪرڻ جي ڪا ضرورت پوندي. ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي تي ذاتي ملڪيت جي تعلقاتن مان پيدا ٿيل نتيجن جا اڪريل اهم ڪردار پڻ لازمي طور تي ختم ٿي ويندا. اهي ڪردار هيٺيان آهن:
    1- مڙس جي زال تي بالادستي ۽ حاڪميت.
    2- شاديءَ جي ختم نه ٿي سگهڻ وارو نظريو.
    ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۾ مڙس جو مٿس بالادست هجڻ جو مکيه سبب هوندو آهي. سندس اقتصادي طور تي خود معاشري تي ۽ ان جي ڪري عورت تي به بالادست ۽ حاڪم بنجي پوڻ. سندس انهيءَ اقتصادي بالادستي جو خاتمو ڦري مڙس جي ازدواجي زندگي ۽ زال تي بالادستي ۽ حاڪميت جو خاتمو بنجي پوندو.
    ٻيو ته شادي جي نه ختم ٿي سگهڻ واري نظرئي جو مکيه ڪارڻ هي هو ته ٿورو حصو انهن اقتصادي حالتن جو اثر جن مان ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي اداري جنم ورتو هو ۽ ٿورو حصو انهن سماجي روايتن جن انهيءَ وقت کان وٺي، جڏهن اقتصادي حالتن جي ڪري ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري ۾ سندن وچ ۾ پيدا ٿيل تعلقاتن کي پوري ريت سمجهيو به نه ويو هو ۽ مذهب جي اداري کين سندن جائز حق کان وڌيڪ اهميت ڏئي ڇڏي.
    موجوده دور ۾ انهن ٻنهي حالتن کي هزارين طرفن کان مٿن حملا ڪري کين (روايتي ۽ سماجي حالتن کي) مجروح ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اهي شاديون ڌرين جي پاڻ ۾ جنسي عشق ۽ محبت تي ٻڌل آهن ته اهي انساني آهن. ان ڪري اخلاقي به آهن ۽ ان ڪري متبرڪ به آهن ته پوءِ چئي سگهبو ته، فقط انهن شادين کي ئي متبرڪ ۽ اخلاقي چئي سگهبو، جن ۾ شادي ڪرڻ کان بعد ۾ به ساڳي جنسي وفاداري ۽ عشق و محبت جو جذبو قائم رهندو اچي ٿو. انفرادي طور تي عشق و محبت ڪرڻ جي خواهش جو معيار بهتر شخص جي حالت ۾ مختلف هوندو آهي. اهو به خاص طور تي هڪ مرد ۽ جنسي عشق ۽ محبت واري خواهش جي ختم ٿي وڃڻ يا ان جي جاءِ تي ڪنهن نئين عورت سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جي خواهش جي پيدا ٿي پوڻ جي صورت ۾ ڌرين جي پاڻ ۾ جدا ٿيڻ (طلاق وٺڻ ۽ ڏيڻ يعني خلع جي حق کي استعمال ڪرڻ) جي حالت ۾ ٻنهي شادي وارين ڌرين ۽ خود معاشري لاءِ به خرچن پکن جي ڪرڻ، بدنامي جي ڏنگن سهڻ ۽ شهرت جي عذابن کان به کين بچاءُ ملي ويندو.
    سرمائيدارانه پيداوار جي خاتمي کان پوءِ اسان جي ذهنن ۾ مرد ۽ عورت جي وچ ۾جنسي ميلاپ ڪرڻ جي باري ۾ جيڪو تصور اڀري ٿو، اهو هڪ منفي قسم جو تصور هوندو آهي، جيڪو تصور وري فقط هن امر تائين محدود هوندو آهي، ته آخر ڇا ختم ٿي ويندو؟
    حقيقت ۾ ساڳي امر جو مثبت تصور هي ٿيندو ته منجهس ڪهڙي نئين شيءِ (هڪ مڙس هڪ زال جي اداري ۾) شامل ٿيندي ياوڌي ويندي؟ انهيءَ امر جو فيصلو تڏهن ئي ٿي سگهندو جڏهن (سرمائيدارانه پيداوار جي خاتمي کان پوءِ) هڪ نئون نسل ۽ جسماني خواه ذهني پختگي ۽ بلوغت کي پهچندو ته اهڙا مرد به معاشري ۾ پيدا ٿي پوندا جن پنهنجي سموري ڄمار ۾ پيسن ڏيڻ ياپيسن جي لالچ ڏيڻ يا ڪنهن ٻئي سماجي قسم جي لالچ ۽ طاقت جي مدد سان، ڪنهن عورت جي پاڻ آڇڻ يا ارپڻ واري عمل کي خريد نه ڪيو هوندو.
    اهڙي معاشري جون عورتون به اهڙي قسم جون هونديون جيڪي عورتون به سواءِ ڪنهن سچي جنسي عشق و محبت ڪرڻ واري جذبي ڪنهن به قسم جي ٻي لالچ، خوف يا دٻاءُ ۾ اچي ڪنهن به مرد جي سامهون جنسي طور تي استعمال ٿيڻ لاءِ پاڻ کي ڪڏهن به نه آڇينديون يا ارپڻ يعني قربان ڪنديون ۽ جن کي ڪنهن به مرد جي اڳيان پاڻ کي سپرد ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪيو ويو هوندو يامحض اقتصادي طور تي مجبور ٿي پنهنجي دل گهرئي محبوب سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪنديون.
    جيڪڏهن اهڙي اخلاق، بلند حوصلي ۽ روحاني همت وارا انسان (ٻئي مرد ۽ عورتون) هڪ ڀيرو به هن اسان واري معاشري ۾پيدا ٿي پوندا ته سندن دلين ۾ ڪنهن به نفعي جي لالچ يا نقصان جو ڀئو هرگز نه رهندو. جهڙيءَ طرح اسين هن موجوده دور ۾ مجبور ٿي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهيون. اهڙا عظيم انسان پاڻ پنهنجن اعمالن جا اصول وضع ڪندا ۽ اهڙن انسانن کي تر جيتري به پرواهه نه هوندي. کين اسان جهڙن معمولي ۽ غير اهم شخص جي نظرن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ يعني اهي عظيم بي خوف ۽ بااخلاق انسان پنهنجن اعمالن جا پاڻ خالق ۽ مالڪ هوندا. کين هي پرواهه هرگز نه هوندي ته ماڻهو ڇا چوندا؟ يعني کيس غلط عام راءِ جي هرگز ڪابه پرواهه نه هوندي.
    اهڙا بااخلاق عظيم انسان پنهنجي نموني واري عام راءِ کي پاڻ هموار ڪندا ته انهيءَ وقت هيءَ ڳالهه هر شخص جو معمول بنجي پوندي ته خود عام راءِ سندس مرضيءَ سان ٺهڪندڙ هجي. معاشري جو هر شخص پنهنجن ڪمن ڪارين سان ۽ پنهنجي جنسي عشق و محبت ڪرڻ ۾ مگن مست رهندو. مٿين سمورن دليلن جي پيش ڪرڻ جو مقصد ۽ مراد فقط اهوئي هڪ امر آهي ته اهو عظيم انساني ڪارنامو عمل ۾ اچڻ بعد انساني خوشين ۽ اميدن جو معراج ثابت ٿيندو.
    هاڻي اچو ته ٿوري وقت لاءِ پنهنجي دوست مارگن ڏانهن موٽي هلون. جنهن کان اسان دليل بازي ڪرڻ ۾ محو ٿي تمام پري نڪري ويا آهيون. هن اداري کان سواءِ ٻيا سماجي ادارا جيڪي تهذيبي دور ۾ پيدا ٿيا هئا، انهن جي تاريخي تحقيق ۽ کوجنا ڪرڻ سندس ڪتاب جي موضوع کان ٻاهر آهي. ان ڪري هو پاڻ کي فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي اداري جي دور جي قسمت سان وابسته رکي ٿو. سندس خيال موجب خود ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنبي اداري جو قيام انساني تاريخ جي سماجي ارتقا ۾ هڪ اڳتي قدم آهي، جنهن مان کيس انساني صنفن جي وچ ۾ مڪمل مساوات جي پيدا ٿيڻ جي اميد جاڳي ٿي. کيس هيءَ خبر نه پئجي سگهي آهي ته سندس اميدن واري حد ڄاڻ پوري ٿيڻ تي آهي. هو لکي ٿو ته:
    ”جڏهن هن حقيقت جو اقرار ڪيو وڃي ٿو ته ڪٽنب هڪ ٻئي جي پويان چار نمونا ڦيرائي چڪو آهي ۽ هن وقت پنجين قسم واري نموني ۾ هلي رهيو آهي ته پوءِ سوال اٿي ٿو ته سندس هن موجوده دور وارو پنجون نمونو به اڳتي هلي يعني مستقبل ۾ به هميشه لاءِ قائم رهندو يا نه”“
    ان جو جواب فقط هن طرح ئي ڏئي سگهجي ٿو ته ڪٽنب جي اداري کي به معاشري ۾ اندر رهندي ساڻس گڏجي اڳتي وڌڻو آهي ۽ پاڻ کي به ائين ڦيرائڻو اٿس جيئن معاشرو وڌندو رهندو ۽ جهڙيءَ ريت ڪٽنب ماضي ۾ به ارتقائي عمل ڪندو رهيو آهي. ڪٽنب جو ادارو پاڻ سماج جي پيداوار آهي، کيس به پنهنجي دور جي معاشري جي عڪاسي ڪرڻي آهي. اها ساڳي ڳالهه پهريائين به ٿي چڪي آهي، ۽ آئنده به ٿيندي رهندي.
    تهذيب جي آغاز کان وٺي ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي ڪٽنب ۾ سڌارو ايندو رهيو آهي ته موجوده جديد دور ۾ به هن حقيقت جو وڏي وثوق سان گمان ۽ قياس ڪري سگهجي ٿو ته منجهس في نفسه پاڻ کي وڌيڪ سڌارڻ جي صلاحيت اڃا به موجود آهي. ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو ڪٽنب اوستائين سڌرندو به رهڻ گهرجي جيستائين ڪه ٻنهي صنفن جي وچ ۾ پوري پوري مساوات قائم نه ٿي وڃي. پر جيڪڏهن ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب جو ادارو مستقبل بعيد ۾ معاشري جي گهرجن ۽ تقاضائن جو پورو جواب ڏئي نه سگهندو ته اهڙي صورتحال ۾ سندس جانشين اداري جي نوعيت ساخت، مزاج ۽ فطرت بابت ڪا اڳڪٿي ڪرڻ هڪ ناممڪن امر آهي.“


    ايروڪواس قبيلن جون نياتون

    هاڻي اچو ته مارگن جي کوجنا ڏانهن ڌيان ڏيون. سندس اها کوجنا به ايتري قدر اهم آهي، جيتري قدر سندس خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين واري نظام هيٺ قديمي ڪٽنبي سرشتي کي نئين سري سان ترتيب ڏئي بيهارڻ وارو ڪارنامو. مارگن انهيءَ حقيقت کي مثالن ڏيڻ وسيلي ثابت به ڪري ڏيکاريو آهي ته:
    (1) آمريڪي انڊين قبيلن ۾ خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارا گروهه جن کي سڃاڻپ خاطر جانورن جا نالا ڏنا ويا هئا. پنهنجي انهيءَ نظام جي ساخت، روح ۽ جوهر ۾ سندن نظام به قديم يوناني ۽ رومن نياتن سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو. (2) ته آمريڪي انڊين نياتون به خود قديمي عالمي نظام جو اصلوڪو سچو روپ آهن. (3) ته يوناني ۽ رومن نياتون پڻ ڄڻ ته انهن وانگر پيدا ٿيل يا سندن نقل ڪيل روپ هيون. (4) ته قديم زماني ۾ سمورن يوناني ۽ رومن سماجي سرشتن يعني ڪٽنبن، نياتن، برادرين ۽ قبيلن ۾ ساڳيو آمريڪي انڊين قبيلن وارو نظام موجود هوندو هو. (5) ته جيتري قدر اسان جا معلوماتي ذريعا ڪم ڪن ٿا، اهو ساڳيو نياتي قسم وارو نظام سمورن غير مهذب معاشرن ۾ سندن مهذب دور ۾ داخل ٿيڻ واري دور تائين هڪڙي ئي قسم جو هوندو آهي ۽ خود بعد وارن دورن ۾ پڻ ساڳيو رهندو آيو آهي.
    مارگن واري مٿي پيش ڪيل وضاحت هڪڙي ئي ڌڪ سان قديم ترين يوناني ۽ رومن تاريخن جي مشڪل ترين معمي کي کولي ظاهر ۽ واضح ڪري ڇڏيو آهي. هن عظيم محقق ۽ عالم ساڳئي وقت تي سندن قديم زماني وارن سماجي آئينن جي بنيادي پهلوئن تي به غيرمتوقع طور تي روشني به وڌي آهي. اهو وري هي آهي ته جڏهن انهن معاشرن ۾ رياست جي اداري جو وجود پيدا ٿيو هو. اسان کي انهيءَ معاملي جي تحقيق ڪندي ڪندي تڏهن خبر پوي ٿي جڏهن مارگن واري نسخي جي مدد سان اهو مشڪل معمو خودبخود وڏي آسانيءَ سان حل ٿي وڃي ٿو. انهيءَ تاريخي راز جي حقيقت کي مارگن بلڪل ماضي قريب ۾ يعني سندس پهرئين ئي ڪتاب ۾ جيڪو 1871ع ۾ شايع ٿيو هو، ڳولي لڌو آهي، پر کيس به ان وقت تائين انهيءَ راز واري حقيقت جي شعوري طور تي ڪابه خبر نه هئي. سندس انهيءَ تحقيق ۽ کوجنا ۽ دريافت جو اثر هي ٿيو هو ته، خود قبل تاريخي دور جا پرعتماد انگريز عالم به ڪجهه وقت تائين هڪ ڊنل ڪوئي وانگر چپڙي ڪري مَسپِ هڻي ويهي رهيا هئا.
    لاطيني زبان جو لفظ GENS جنهن کي مارگن خود سمورن خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين لاءِ هڪ نالي طور ڪتب آڻي ٿو، پنهنجي اصلوڪي معنيٰ ۽ مطلب جي مفهوم ۾ يوناني لفظ GENOS سان ٺهڪي اچي ٿو. اهي ٻئي لفظ پنهنجي اصل آريائي زبان سنسڪرت واري مصدر GAN جيئن، جيڪو جرمن زبان جي تلفظ ۾ ڦري ٿئي ٿو، مان نڪتو آهي. جنهن جي معنيٰ به ڄڻڻ آهي. ٻين آَريائي زبانن ۾ ساڳيو لفظ مثلن رومن ۾ GENS هندي ۾ جننا جرمن زبان ۾ Kunni اڄ به موجود آهن. جن مان ساڳي مراد يعني خون جي مٽي مائٽي يا هڪڙي ئي خون مان پيدا ٿيڻ جي ورتي وڃي ٿي، پر يوناني ۽ رومن زبانن ۾ GENS مان مراد ورتي ويندي آهي، انهن شجرن واريون مٽن مائٽن جون نياتون جيڪي هڪ مورث اعليٰ ياجدا امجد يا وڏي ڏاڏي جو اولاد سڏائينديون آهن.
    مٿين حقيقت کي اسين گهري ساٿي جي ڪٽنب ۾ اڳ ۾ ئي موجود ڏسون ٿا. اسان کي خبر پئجي چڪي آهي ته نيات پنهنجي نموني ۾ ڪيئن ٺهي ٿي؟ نيات ۾ اهي سمورا شخص موجود هوندا آهن، جيڪي گهري ساٿي واري شاديءَ جي ڪري ۽ ان ۾ انهن موجود اصولن جي مطابق جيڪي ان لاءِ لازم ملزوم هوندا آهن. هڪ خاص مورث عاليه عورت ڏاڏي سندن نيات واري شجري کي قائم ڪندڙ هوندي آهي. ان ڪري انهيءَ قسم جي نيات ۾ فقط مادرانه شجري کي صحيح شمار ڪيو ويندو آهي.
    هن نموني واري ڪٽنب ۾ ڀائرن جي ڀينرن سان شادي ڪرڻ کي ناجائز شمار ڪيل هوندو آهي ۽ مرد فقط ٻئي نمبر جي پيڙهيءَ سان شاديون ڪري سگهندا آهن. ان ڪري مادرانه حق جي تحت اهڙين عورتن مان ڄاول اولاد کي سندن بي واري نيات مان خارج ڪيو ويندو هو. ان جو نتيجو هي نڪرندو هو ته هر پيڙهيءَ ۾ فقط ڌيئرن جو اولاد پاڻ ۾ مٽين مائٽين جا گروهه ٺاهيندو هو ۽ پٽن جو اولاد وري پنهنجين مائرن وارين نياتن ۾ شامل ٿيندو رهندو هو. پوءِ ڀلا انهيءَ خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارو گروهه هڪ دفعو قبلي جي ٻين ساڳئي نموني ۾ ٺهيل گروهن کان ڇڄي ڌار ٿي پنهنجو هڪ جداگانه گروهه ٺاهي ٿو ته پوءِ اهڙي نئين ٺهيل گروهه جو ڇا ٿيندو؟ ان لاءِ مارگن/ يروڪواس قبيلن مان خاص طور تي سنيڪا قبيلي واري نيات کي هڪ بنيادي ڪلاسيڪي مثال طور چونڊيو آهي. هن قبيلي ۾ اٺ مکيه نياتون آهن. جن جا نالا آهن: بگهڙ، رڇ، ڪڇون، لڌڙو، هرڻ، چانهو پکي، ٻگهه پکي ۽ شهباز.
    هر نيات ۾ هيٺيان رواج رائج آهن:
    ته هر نيات امن جي وقت هڪ مکي ۽ جنگ جي وقت ۾ هڪ جنگي سردار چونڊيندي آهي. انهيءَ مکيءَ کي سموري نيات گڏجي چونڊيندي آهي. سندس عهدو هن لحاظ کان مورثي هوندو آهي ته سندس خالي ٿيل جاءِ تي هڪدم نئين مکي کي چونڊيو ويندو آهي. يعني مکي مري ويو. مکي زنده باد وارو معاملو هوندو آهي. يعني اڳوڻي ۽ نئين مکي جي وچ ۾ ڪنهن به وقت جو خال نه هئڻ گهرجي. پر ڪنهن جنگي سردار جو ساڳي نيات مان هجڻ ضروري نه هوندو آهي. ان ڪري انهيءَ عهدي جي مقرر ڪرڻ ۾ وقت جو خال موجود رهي سگهي ٿو ۽ امن جي حالت ۾ اهو عهدو خالي به رهي سگهي ٿو. اڳوڻي مکيءَ جو پٽ ڪڏهن به مکي ٿي نه ٿو سگهي. ان جو ڪارڻ اهو هوندو هو ته ايروڪواس قبيلن ۾ مادرانه حق جو رواج هوندو هو. انڪري انهيءَ عهدي لاءِ گهڻو ڪري مکيءَ جو ڀاءُ يا سندس ڀيڻ جي پٽ کي چونڊيو ويندو هو.
    عهدي جي اميدوارن جي چونڊ ڪرڻ ۾ نيات جا سمورا مرد ۽ عورتون گڏجي ووٽ ڏيندا هئا. نيات واري قبيلي جي باقي ستن ئي نياتن جا ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي نيات جي چونڊيل مکيءَ جي توثيق ڪندا هئا يعني انهيءَ چونڊيل مکي کي سندس عهدي تي پڪو ڪندا هئا. يا خود چونڊجي توثيق ڪندا هئا. جنهن بعد انهيءَ چونڊجي آيل مکي کي رائج رسمن موجب سندس گادي تي ويهاريو ويندو هو. اهي رسمون وري ايروڪواس قبيلن جي وفاق جي عوامي ڪائونسل بجا آڻيندي هئي. انهيءَ وفاق ۽ سندس عوامي ڪائونسل جي اهميت جو ذڪر بعد ۾ڪيو ويندو. نيات ۾ مکي وارو اقتدار خالص بزرگانه قسم جو هوندو هو. جنهن جي نوعيت به خالص اخلاقي قسم جي هوندي هئي. نيات جي انتظام هلائڻ لاءِ ڪنهن شخص کان زوري زبردستي فيصلي مڃائڻ لاءِ مکي جي اختيار هيٺ ڪوبه خاص ذريعو موجود نه هوندو هو. مکي جي عهدي جي سبب اهو مکي سنيڪا قبيلي جي قبائلي ڪائونسل جي وفاقي ڪائونسل جو به ميمبر هوندو هو. جنگي سردار جو حڪم فقط ڪنهن فوجي ڪاروائي ڪرڻ جي دوران ملندو هو.
    ٻيو ته نيات پنهنجي مرضي سان ڪنهن به مکي توڙي جنگي سردار کي ڪنهن به وقت سندس عهدي تان هٽائي سگهندي هئي، ڪنهن عهدي تان معزول ڪارروائي ڪرڻ ۾ نيات جا سمورا مرد ۽ عورتون گڏجي بهرو وٺندا هئا. عهدي تان معزول ٿيڻ بعد مکي ۽ جنگي سردار جو مرتبو ڦري هڪ رواجي ماڻهو يا جنگي جوان جهڙو ٿي پوندو هو. قبيلي جي ڪائونسل کي وري خود نيات جي مرضيءَ جي خلاف ڪنهن به مکي کي معزول ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو هو.
    ٽيون ته نيات جي ڪنهن به فرد کي نيات مان شادي ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي. اهو اصول نياتي نظام جو هڪ بنيادي قائدو هوندو هو. انهيءَ قاعدي ئي نيات کي پاڻ ۾ ملائي متحد رکيو هو. اهو قاعدو خون جي رشتي تي ٻڌل مٽن مائٽن جو هڪ مثبت طور تي ڪيل اظهار هوندو هو. مارگن انهيءَ سادي سودي حقيقت کي لهڻ سان، نياتن جي نوعيت کي پهريون ڀيرو صحيح رنگ ۾ ظاهر ڪيو هو. کانئس اڳ ۾ تاريخ جي ڪنهن به عالم کي نيات جي ماهيت جي ڪابه خبر نه هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته مارگن کان اڳ ۾ نيات جي ماهيت بابت سمورو حاصل ڪيل احوال، جنهن ۾ انهن مختلف قسمن جون جماعتون جن مان نيات جو نظام ٺهيل هو، ان کي بنان ڪنهن تفريق جي ڪڏهن قبيلو ته ڪڏهن نيات ته ڪڏهن خاندان ۽ ڪڏهن ته رڳو ڪٽنب ۽ ڪڏهن ته وري ذات وغيره جي ناتي سان سڏيو ويو آهي. انهن ادارن مان نيات جي ڪنهن فرد لاءِ شادي ڪرڻ جائز نه هئي. مطلب ته انهن سمورن گڏوچڙ نالن مان وڏو گوڙ ۽ مونجهارو پيدا ٿي ويل هو. جنهن کي اسان واري دوست عالم مئڪلين مشهور فاتح نيپولين وانگر اچي علمي مداخلت ڪري سڌاري سڌاري سنواري کيس درجا ۽ نظام ڏئي ڇڏيو آهي؟
    مئڪلين لکي لکي ٿو ته، ”سمورا قبيلا انهن ٻن گروهن ۾ ورهايل ٿين ٿا. پهريان خارجي گروهه جن ۾ هڪ ٻئي سان شادي ڪرڻ جي منع ٿيل هوندي آهي ۽ ٻيو داخلي گروهه جنهن ۾ پاڻ شاديون ڪرڻ جائز هوندو آهي.“
    سندس انهيءَ تمام سادي سودي وضاحت ۽ تشريح هڪ سادي سودي حقيقت کي مورڳوئي وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن سندس تحقيق ۽ کوجنا کي سندس تشريح مطابق جاري رکبو ته معلوم ٿي نه سگهندو ته هنن ٻنهي منجهيل طبقن مان ڪهڙو طبقو اڳ ۾ پيدا ٿيو هو. خارجي شاديون ڪندڙ يا داخلي شاديون ڪندڙ انهيءَ سموري بڪواس کي مارگن واري خون جي رشتن تي ٻڌل نيات جي اداري جي دريافت ئي اچي ٻنجو ڏنو هو. خون جي رشتن تي مٽن مائٽن هجڻ جي ڪري نيات جي رڪنن لاءِ هڪ ٻئي سان شادي ڪرڻ ناممڪن بنجي ويو هو. ظاهر آهي ته ايروڪواس قبيلا ارتقا ڪندي ڪندي هڪ اهڙي منزل تي اچي پهتا هئا جتي نيات جي اندر شاديون نه ڪرڻ وارو قاعدو پوريءَ ريت پختو ٿي چڪو هو.
    چوٿون ته نيات جي ڪن فوت ٿي ويل رڪنن جي ڇڏي ويل ملڪيت سمورن باقي زنده رڪنن ۾ ورهاست ڪئي ويندي هئي. ڇاڪاڻ ته نيات واري ملڪيت کي هر صورت ۽ هر حالت ۾ نيات جي حدن اندر رکڻ لازمي هوندو هو. جڏهن به ڪو ايروڪواس قبيلن جو مرد رڪن مري ويندو هو ته سندس ڇڏي ويل خسيس قسم جي ورثي ترقي کي نيات جي اندر سندس ويجهن عزيزن ۾ ورهاست ڪيو ويندو هو. نيات ۾ سندس اهي ويجهي ۾ ويجها مائٽ هوندا هئا، فوتي جا سڳا ڀائر ۽ ڀينرون ۽ سندس ماءُ جا ڀائر (ماما) پر جڏهن ڪابه عورت رڪن مري ويندي هئي ته انهيءَ صورت ۾ سندس اولاد ۽ سڳيون ڀينرون سندس ملڪيت جون وارث بنبيون هيون، پر سندس سڳا ڀائر ورثي ترڪي مان خارج هوندا هئا. اهوئي هڪ وڏو سبب هو ته مڙس ۽ زال جو هڪ ٻئي جي ڇڏي ويل ورثي ترڪي تي قبضو ڪري سگهڻ هڪ ناممڪن امر هوندو هو. ان جو مکيه سبب هي هوندو هو ته مڙس کي جدا نيات مان ۽ سندس زال کي وري ٻي جدا نيات مان شمار ڪيو ويندو هو. ان ڪري پيءُ جو اولاد، پي واري ڇڏيل ورثي ترڪي جو وراث ٿي نه سگهندو هو ۽ اولاد فقط پنهنجي ماءُ جي ورثي ترڪي جو وارث ٿيندو هو.
    پنجون ته هڪ ٻئي جي مدد ۽ دفاع ڪرڻ ۽ ڪنهن ڌاري نيات جي ماڻهو جي هٿان پنهنجي نيات جي ڪنهن رڪن جي مارجي يا زخمي ٿيڻ جي حالت ۾ سندس پلاند وٺڻ نيات جي سمورن رڪنن جو فرض هوندو هو. ان ڪري نيات جي هر رڪن جي جان جي سلامتي جو انحصار به نيات تي هوندو هو. جنهن به شخص نيات جي ڪنهن به رڪن کي ڪو ڌڪ هنيو ته ڄڻ ته هن سموري نيات کي ڌڪ هنيو هو. نيات وارا رشتا هڪ خون (شجري) مان پيدا ٿيا هئا. ان ڪري نيات کي پنهنجي رڪن جي ڌڪ لڳڻ يا سندس خون جو پلاند ضرور وٺڻو پئجي ويندو هو. دشمن کان پلاند جو وٺڻ نيات جو هڪ اڻ ٽر فرض شمار ڪيل هوندو هو.
    ايروڪواس قبيلن خون جي پلاند وٺڻ کي بنا ڪنهن شرط جي عام سماجي قانون طور قبول ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن نيات کان ٻاهر، ڪنهن ٻي ڌاري نيات جو ڪو رڪن، انهيءَ نيات جي ڪنهن به رڪن جو خون ڪري وجهندو هو ۽ اها نيات جنهن جو مقتول شخص رڪن هوندو هو، سندس خون جي پلاند وٺڻ لاءِ ٻڌل هوندي هئي. پلاند وٺڻ کان اڳ ۾ فيصلي ڪرڻ جي ڪوشش کي به آزمايو ويندو هو. قاتل شخص جي نيات وارن جي ڪائونسل گڏ ٿيندي هئي. مقتول واري نيات جي سامهون معاملي جي ٺاهه ڪرڻ لاءِ مختلف رٿون پيش ڪيون وينديون هيون. جيڪڏهن مقتول شخص جي نيات جي ڪائونسل سوکڙيون پڻ قبول ڪيون ته سمجهيو ويندو هو ته معاملو ڄڻ ته ختم ٿي ويو، پر جيڪڏهن سوکڙيون نه قبول ڪيون وينديون هيون ته ڪوبه فيصلو ٿي نه سگهيو ۽ معاملو سچ پچ اڳتي وڌي ويندو هو.
    زخمي يا مقتول رڪن واري نيات پلاند وٺڻ لاءِ هڪ ٻن ڏاڍن مڙسن کي مقرر ڪندي هئي. جن جو فرض هوندو هو ته هو قاتل يا خون ڪندڙ شخص جو پيروکڻي کيس ڳولي قتل ڪري ڇڏين. جيڪڏهن اهو قاتل مقتول واري نيات کي ڪنهن به وڌيڪ دانهن ڪرڻ جو ڪوبه حق حاصل نه هوندو هو. معاملو ڄڻ ته پنهنجي قدرتي ۽ صحيح نتيجي تي پهچي چڪو.
    ڇهون ته هر هڪ نيات کي هڪ مقرر ڪري ڏنل نالو يا نالامليل هوندا هئا. جنهن جي نالي کي قبيلي ۾ موجود سمورين نياتن مان ڪابه ٻي نيات استعمال ڪري نه سگهندي هئي. ان ڪري هر نيات جي هر رڪن جي شخصي نالي پويان نيات جي نالي کي به ملايو ويندو هو ته رڪن جي نالي سان گڏ سندس نيات جي به خبر پئجي سگهي. انهيءَ ڊيگهه ڪرڻ جو مقصد هوندو هو ته نيات جي ناتي جي موجودگيءَ ۾ کيس سمورا جاتي حقوق به ملندا هُئا.
    ستون ته نيات کي ڪنهن به ڌارئي نيات جي رڪن کي پاڻ واري نيات ۾ داخل ڪرڻ جو حق حاصل هوندو هو. انهيءَ داخلا جي ملڻ سان اهو شخص نه رڳو کيس داخل ڪندڙ شخص جي نيات جو بلڪ خود سندس سموري قبيلي جو رڪن بنجي پوندو هو، جنگي قيدي جيڪي قتل ٿي وڃڻ کان بچي ويندا هئا ته کين انهيءَ نيات ۾ داخلا واري اصول هيٺ ڪنهن نه ڪنهن نيات ۾ داخل ڪري ڇڏيو ويندو هو. ان ڪري داخل ڪيل شخص نيات ۾ داخل ٿيندي ئي هڪ جنگي قيدي مان ڦري سموري سنيڪا قبيلي جو رڪن بنجي ويندو هو. نيات جي رڪن بنجڻ بعد کيس سمورا نياتي حق حاصل ٿي ويندا هئا ۽ حقوق حاصل ڪرڻ بعد مٿس نياتي فرض پڻ خودبخود عائد ٿي ويندا هئا.
    ڌارين ماڻهن کي نيات جي انفرادي رڪنن جي گذارش ڪرڻ تي به نيات جو رڪن بنايو ويندو هو. نيات ۾ داخل ٿي وڃڻ بعد کيس هڪدم نيات ۾ هڪ ڀاءُ ڀيڻ جو درجو ڏنو ويندو هو. جڏهن ڪنهن شخص کي نيات ۾ داخلا ڏيڻ جو ڪو مرد رڪن مطالبو ڪندو هو ته، فلاڻي شخص کي منهنجو ڀاءُ يا ڀيڻ تسليم ڪيو وڃي ته کيس فورن تسليم ڪيو ويندو هو پر جيڪڏهن ڪا عورت مطالبو ڪندي هئي ته فلاڻي شخص کي منهنجو اولاد تسليم ڪيو وڃي ته اهڙي داخلا ڏيڻ لاءِ ضروري هو ته داخلا وارين رسمن کي پوري اهتمام سان سرانجام ڏنو وڃي. نيات ۾ نين داخل ٿيل عورتن کي ٻارن جو درجو ڏنو ويندو هو. يعني کين فرضن کان آجو سمجهيو ويندو هو.
    جيڪڏهن ڪنهن نيات يا قبيلي جي رڪنن جو تعداد ڪنهن قدرتي يا سماجي مصيبت مثلن ڏڪر، موت، بيماري يا جنگ جو شڪار ٿي تعداد ۾ گهڻو گهٽجي ويندو هو ته ڪنهن ٻي نيات يا قبيلي مان گهربل انداز جيترن ماڻهن کي هڪ ئي داخلا واريون رسمون ادا ڪري کين نيات ۾ داخل ڪيو ويندو هو ۽ اهڙي ريت افرادي کوٽ جو پورائو ڪيو ويندو هو. پر اهڙي داخلا ڏيڻ وقت داخلا وٺندڙ شخص جي رضامندي حاصل ڪرڻ هڪ لازمي شرط هوندو هو.
    ايروڪواس قبيلن ۾ نيات ۾ داخلا واري رسم جي ادا ڪرڻ لاءِ قبيلي جي ڪائونسل جو کليل اجلاس منعقد ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ اها رسم ڄڻ ته هڪ مذهبي تقرار جو روپ اختيار ڪري ويندي هئي.
    اٺون ته آمريڪي انڊين نياتن ۾ خاص مذهبي قسمن جي وجود کي ثابت ڪرڻ هڪ مشڪل معاملو هوندو آهي، پر انهيءَ هوندي به انڊين مذهبي رسمون گهڻو ڪري نياتي رسمن سان لاڳاپيل هونديون هيون. ايروڪواس قبيلن ۾ سندن هر ڇهين مذهبي تهوار دوران هر نيات جي مکي ۽ جنگي سردار کي ”دين جا محافظ“ جماعت جو هڪ غيرسرڪاري رڪن تصور ڪيو ويندو هو، سندن درجو مذهبي پيشوائن جيترو متبرڪ ليکيو ويندو هو. اڄ ڏينهن تائين هر سال ۾ 6 مذهبي مجلسون منعقد ڪيو وينديون آهن. هرهڪ مکي مذهبي سردار کي سندس سماجي عهدي جي ڪري ”محافظ دين“ شمار ڪيو ويندو آهي. اهي عهديدار سندن مذهبي پيشوا به هئا.
    نائون ته هر نيات کي هڪڙو گڏيل قبرستان هوندو آهي، هينئر نيويارڪ رياست جي ايروڪواس قبيلن کي يورپي لوڪ وڪوڙي ويا آهن. سندن نياتي قبرستان پڻ ختم ٿي چڪا آهن پر ڪجهه وقت اڳ ۾ اهي قبرستان موجود هوندا هئا. ٻين انڊين قبيلن ۾نياتي قبرستان رکڻ جو رواج اڄ به موجود آهي. مثلن ٽڪسارور قبيلي جو قبرستان اهو قبيلو عيسائي دين قبول ڪرڻ جي باوجود اڄ به سماجي طور تي ايروڪواس قبيلي سان لاڳاپيل آهي. عيسائي مذهب جي قبول ڪرڻ جي باوجود سندن قبرن جون قطارون اهڙي ريت ٺاهيون وينديون آهن، جيئن ماءُ واري قبر سان سندس اولاد جون قبرون هڪ ئي قطار ۾ هجن.
    مطلب ته هر فوت ٿي ويل انڊين کي سندس ماءُ واري قبر واري قطار ۾ دفن ڪيو ويندو آهي. پر سندن پيءُ کي انهيءَ ساڳي قطار ۾ رکيو ويندو آهي، ايروڪواس قبيلن ۾ نيات جا سمورا رڪن گڏجي فوتي جا ڪلهي ڪانڌي ٿيندا آهن. نيات وارا قبر کوٽيندا آهن ۽ پاڻ ۾ گڏجي فوتي نيات ڀائي جي گڏجي نماز پڙهندا آهن. يعني فوتي جي ميت مان بيهي سندس نعرا ۽ تقريرون ڪندا آهن.
    ڏهون ته هر نيات جي هڪ ڪائونسل هوندي آهي، ڪائونسل جمهوري قسم جي هوندي آهي، نيات جا سمورا مرد ۽ عورتون ان جا ميمبر هوندا آهن. هر رڪن کي ڪائونسل اندر هلندڙ موضوع تي بحث مباحثي ۾ حصي وٺڻ جو پورو پورو حق حاصل هوندو آهي. اها ڪائونسل مکي ۽ جنگي سردارن کي چونڊيندي آهي ۽ کين برطرف به ڪري سگهندي آهي ۽ گڏيل طور تي دين جي محافظ به هوندي آهي. انهيءَ ڪائونسل کي مخالف ڪائونسل کان سوکڙيون قبول ڪرڻ يا نيات جي ڪنهن به قتل ٿي ويل رڪن جي خون جي پلاند وٺڻ جو حق حاصل هوندو آهي. مطلب ته انهيءَ ڪائونسل کي نيات جي سڀني دنياوي خواه ديني معاملن لاءِ پوري بالادستي ۽ اقتدار اعليٰ حاصل هوندو آهي.
    هينئر اسين هڪ آمريڪي انڊين طرز واري نيات جي اختيارن جو ذڪر ڪنداسين. مارگن صاحب لکي ٿو ته: ”نيات جا سمورا رڪن آزاد هوندا آهن. هڪ ٻئي جي آزادي جي جو احترام ڪرڻ سندن سماجي ۽ قومي فرض هوند و آهي، ذاتي حقن ۽ خاص مراعات Privilages حاصل ڪرڻ جي لحاظ کان نيات قبيلي جي سمورن رڪنن جو سماجي درجو مساوي هوندو آهي، خود مکين ۽ جنگي سردارن کي ٻين رڪنن جي مقابلي ۾ ڪوبه مٿاهون درجو حاصل نه هوندو آهي ۽ ان ڪري کين مٿن سماجي فوقيت حاصل نه هوندي آهي. يعني نياتي لحاظ کان سندن سماجي (ان ڪري سياسي) حيثيت به ٻين رڪنن کان وڌيڪ نه هوندي آهي.
    اها حيثيت وري خون جي رشتن تي مٽي مائٽي جي ڌاڳي ۾پوتل هوندي آهي. بنا ڪنهن رسمي اعلان ڪرڻ جي آزادي، برادري ۽ مساوات سندن نيات جا بنيادي آئيني حق هوندا هئا. سماجي نظام ۽ نيات حقيقت ۾هڪ وحدت هوندي آهي. انڊين قبيلن جو معاشرو انهن نياتي وحدتن جي بنيادن تي اڏيل ماڙي هوندي آهي. اهي سموريون حقيقتون ڏيکارين ٿيون ته آزادي ۽ ذاتي وقار کي قائم رکڻ وارو احساس جيڪو انڊين قبيلن جي قومي ڪردار جو هڪ اهم جزو هوندو آهي، انهيءَ ئي نظام جو نتيجو هوندو آهي.
    يورپي قومن هٿان آمريڪي کنڊ جي دريافت ٿيڻ وقت آمريڪا جا سمورا انڊين قبيلا نياتن جي بنياد تي ٺهيل هوندا هئا. نيات پاڻ واري مادرانه حق جي بنيادن تي ٺهيل هوندي هئي. ٿورن قبيلن مثلن ڊيڪوٽا قبيلن ۾اهو نياتي نظام درهم برهم ٿي چڪو هو، پر ٻين قبيلن جهڙوڪ اوجبوا ۽ اوماها قبيلن ۾ وري پدرانه حق تي ٺهيل نياتن وارو رواج هلندڙ هو، ڪيترن انڊين قبيلن ۾ پنجن يا ڇهن نياتن کان وڌيڪ نياتون به موجود هونديون هيون. اسين ڏسون ٿا ته، انهن مان ٻه يا ٽي نياتون، پاڻ ۾ گڏجي هڪ وڏو گروهه يا وفاق ٺاهنديون هيون.
    جن لاءِ اسان جي دوست عالم مارگن صاحب انڊين لفظن جو يوناني زبان جي طرز تي ترجمو ڪندي کين فيريٽري Phratry جو نالو ڏنو آهي. يوناني زبان ۾ انهيءَ لفظ جي معنيٰ آهي برادري، انهيءَ لحاظ کان سينيڪا قبيلي ۾ٻه برادريون هونديون هيون. پهرئين ۾ هڪ کان چئن تائين ۽ ٻي ۾ پنجن کان اٺن تائين نياتون شامل هونديون هيون. تحقيق ڪندي اسان کي وڌيڪ هي به معلوم ٿيو آهي ته اهي برادريون اصل ۾ انهيءَ ماضيءَ ڏانهن اشارو ڪن ٿيون، جڏهن بنيادي نياتون قبيلي واري وڻ مان شاخون ٿي ڦٽي نڪتيون هيون، انهيءَ ڦوٽهڙي جو مقصد هو نيات اندر شادين ڪرڻ کي روڪڻ، شاديون ڪرڻ لاءِ قبيلي ۾ ڪن ٻن مختلف نياتن جو موجود هجڻ هڪ لازمي امر ۽ هڪ اهم سماجي ضرورت هوندي آهي، جنهن لاءِ وري نيات لاءِ هڪ اهم سماجي جداگانه وجود رکڻ پڻ لازمي بنجي پوي ٿو.
    قبيلي وارو وڻ جيئن جيئن وڌندو وڏو ٿيندو ويو هو ته اصلوڪن نياتن مان نيون شاخون يعني نياتون ڦٽي نڪتيون هيون، جن کي جداگانه طور تي رکڻ لاءِ وري ساڳي نظام کي وڏي پيماني تي دهرائڻو پئجي ويو هو وغيره وغيره. هر هڪ قبيلي واري وڻ جو ڏار هڪ جداگانه برادري جي شڪل ۾ رهڻ لڳو هو. اهي برادريون وري انهيءَ وڏي ڏار جون ٽاريون هيون ۽ ٻيا باقي ڏار ڦري سندن سؤٽ بنجي ويا هئا، پاڻ ۾ خون جي ناتن ۾ ڳنڍيل هجڻ جي ڪري آمريڪي انڊين قبائلي نظام ۾ انهن نياتن ۽ برادرين کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي، سينيڪا قبيلي جو ڪوبه رڪن ۽ فرد اصل ۾ پنهنجي برادري مان شادي ڪري نه ٿي سگهيو، پر برادري جي رڪن جي تعداد ۾ تمام وڏي واڌ جي اچي وڃڻ ڪري اها ڍنڍ ڍري ٿيندي ٿيندي آخرڪار ختم ٿي وئي ۽ فقط موجوده نيات مان شادي ڪرڻ تي بندش قائم رهجي وئي هئي.
    سينيڪا قبيلي جي روايتن موجب نسلي طور تي رڇ ۽هرڻ نالي واريون نياتون پاڻ ۾ ڳنڍيل هونديون هيون، باقي 6 نياتون انهن ٻنهي نياتن مان ڦٽي نڪتيون هيون. جڏهن اهو نئون سرشتو هڪ ڀيرو پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ويو ته منجهس ضرورت آهر ترميم ڪئي وئي، سندن سماجي توازن کي قائم رکي سگهڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن ٻين برادرين جي رڪنن کي به منجهن داخل ڪري نيات جي فوت ٿي ويل رڪنن واري کوٽ کي پورو ڪيو ويندو هو. اهوئي سبب آهي جو اسان کي اڄ به هڪڙي نالي واري نيات ۾ مختلف برادرين جي نالن واريون نياتون موجود نظر اچن ٿيون.
    ايروڪواس قبيلن ۾ برادرين جا فرض ڪي سماجي ته ڪي وري مذهبي نوعيت جا هوندا هئا، جن مان پهريون هي هو ته برادرين جي وچ ۾ کينهوڙو راند ٿيندي هئي. جنهن ۾هڪڙي برادري ٻي برادري جو مقابلو ڪندي آهي. هر هڪ برادري جا وڏا وڏا رانديگر پاڻ ۾ راند ڪندا آهن ۽ برادري جا باقي ماڻهو تماشبين ٿي بيهندا آهن. اهي تماشبين به پنهنجي پنهنجي برادرين موجب صفون ٻڌي بيهندا آهن. ٻئي برادريون پنهنجي پنهنجي برادري وارن رانديگرن جي کٽي وڃڻ لاءِ مختلف برادرين جي رڪنن سان شرطون رکنديون آهن.
    ٻيو ته قبائلي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هر برادري جا مکي ۽جنگي سردار برادرين جي ٻين رڪنن کان جدا ٿي پاڻ ۾ ٻانهين ٺاهي ويهندا آهن ٻئي برادريون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي بيهنديون آهن ۽ هرهڪ برادريءَ جو هڪڙو هڪڙو خطيب واري واري سان پنهنجي برادري جي عيوضي طور ٻي برادريءَ کي مخاطب ٿي تقرير ڪندو آهي. ان وقت ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته ٻئي برادريون پاڻ ۾ سچ پچ مخالف ۽ ڌاريون جماعتون آهن.
    ٽيون ته جيڪڏهن قبيلي جو ڪوبه رڪن قتل ٿي ويندو آهي ۽ ٻئي قاتل ۽ مقتول شخص ساڳي نيات مان نه هوندا آهن ته مقتول شخص جا وارث هميشه پاڻ واري نيات کي مدد ڪرڻ لاءِ پڪاريندا ۽ کين گڏ ڪندا آهن. جيڪي وري برادري جي ڪائونسل کي گڏ ڪندا آهن ۽ سمورا پاڻ ۾ گڏ ٿي مخالف برادري يعني ٻي برادري کي عرض ڪندا آهن، ته هو پنهنجي ڪائونسل کي گهرائين ته جيئن ٻئي ڪائونسلون (جرگا) پاڻ ۾ گڏجي تڪراري معاملي کي نبيرن.
    اهڙن موقعن تي ٻئي برادريون ڦري گڏ ٿي اصلوڪي پراڻي نيات بنجي پونديون آهن. هن پراڻي اصلوڪي نيات کي انهيءَ نيات جي نسبت ۾ جيڪا نئين ڦٽي نڪتل هجڻ جي ڪري اڃا ڪمزور حالت ۾ هوندي آهي. دشمن سان مقابلي ڪرڻ ۾ فتح ۽ ڪاميابي جي وڌيڪ اميد هوندي آهي
    چوٿون ته نيات جي ڪنهن اهم رڪن جي موت جي حالت ۾ ٻي برادري ۽ نيات وارا رڪن فوتي جي ڪفن دفن جو گڏجي انتظام ڪندا آهن. فوتي شخص واري برادري جا رڪن فقط ساڻن ڪلهي ڪانڌي ٿي هلندا آهن. جيڪڏهن ڪو مکي مري ويندو آهي ته ٻي برادريءَ جا رڪن ايروڪواس قبيلي واري وفاقي ڪائونسل يا جرگي کي فوتي مکي جي خالي ڪيل منصب تي ڪنهن ٻئي رڪن کي مکي طور چونڊڻ جو اطلاع ڪندي آهي.
    پنجون ته مکي جي چونڊ واري موقعي تي برادري جي ڪائونسل گڏ ٿيندي آهي. عام رواجي حالتن ۾ چونڊيل مکي واري برادري سندس مکي چونڊ جي وڃڻ جي توثيق ڪري ڇڏيندي آهي، پر ٻي برادري جي ڪن ٻين نياتن جي چونڊيل مکين جي مخالفت ڪرڻ جي حالت ۾ برادري واري ڪائونسل کي گهرايو ويندو آهي. جيڪڏهن برادري واري ڪائونسل به چونڊيل مکي جي مخالف سان همراه هوندي آهي ته خود چونڊ کي ئي مسترد ڪيو ويندو آهي ۽ نئين سر چونڊ ڪرائي ويندي آهي.
    ڇهون ته يورپي قومن جي آمريڪي کنڊ ۾ آمد کان اڳ ۾ ايروڪواس قبيلن ۾ خاص رازدارانه قسم جون مذهبي رسمون موجود هونديون هيون، جن کي سفيد فام يورپي قومون چٿر طور Medicine Lodges يعني طبي آرام گاهون سڏيندا هئا. انهن مذهبي رسمن کي سينيڪا قبيلي وارا ٻن خاص تهوارن تي ملائيندا هئا، يعني هر برادري جدا جدا طور تي انهن تهوارن ۽ ڏڻن تي نون رڪنن جي قبيلي يا نيات ۾ داخلا لاءِ خاص مقرر ڪيل رسمون ادا ڪيون وينديون هيون.
    ستون ته يورپي قومن جي آمريڪا فتح ڪرڻ وقت ٽاسڪلا علائقي جون چارئي ڪنڊون چئن جدا جدا برادرين جي قبضي ۾ هونديون هيون، جيڪا ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته اهو علائقو به چئن برادرين ۾ ورهايل هوندو هو. اهو ساڳيو دستور يونان ۾ به هوندو هو يا اسان کي اهڙي قسم جي برادرين وارو نظام جرمن قبيلن ۾ به موجود ملي ٿو. فوج کي به انهن برادرين واري دستور تي منظم ڪيو ويندو هو. اهي برادريون ميدان جنگ تي پنهنجن جدا جدا جهنڊن هيٺ ۽ هڪ جدا جنگي سردار جي ماتحت شامل ٿي جنگ ڪنديون هيون، هرهڪ برادريءَ کي جدا لباس به مقرر ڪري ڏنو ويندو هو.
    جيئن برادري نياتن مان ٺهي ٿي، ساڳي نموني قبيلو برادرين مان ٺهي ٿو، ڪن ڪمزور ۽ گهٽ تعداد وارن قبيلن ۾ ته مورڳو برادريون ئي ڪونه هونديون هيون. يعني منجهن برادري واري ڪڙي غائب هوندي هئي.
    هاڻي اچو ته ڏسون ته آمريڪي انڊين قبيلن جون اهميت واريون ڳالهيون ڪهڙيون هونديون آهن؟ اهي هيٺ ڏجن ٿيون:
    پهريون ته هر هڪ قبيلي کي پنهنجو جدا نالو، وطن، ملڪ يا علائقو هوندو آهي. هر هڪ قبيلي کي رهائش ۽ آبادي ڪري روزگار پيدا ڪرڻ سان گڏ شڪار ڪرڻ ۽ مڇي مارڻ، ڪاٺين ۽ ٻارڻ لاءِلاڳيتو علائقو مليل هوندو هو. ٻن علائقن جي وچ ۾ غيرجانبدار No man's Land علائقو مقرر ڪيل هوندو هو. جيڪڏهن ٻنهي قبيلن جون ٻوليون ۽ لهجو ملندڙ جلندڙ هوندو هو ته غير جانبدار علائقي جي حد پڻ تمام ٿوري رکي ويندي هئي. ان جي مخالف حالت ۾ غير جانبدار علائقا يورپ ۾ به پيدا ڪيا ويا هئا.مثلن جرمن علائقن جي حد تي بليڪ فاريسٽ کي غير جانبدار علائقي طور شمار ڪيو ويندو هو.
    جوليسسيزر، جرمني ۽ سئي قبيلن جي علائقن جي ٻاهران غيرآباد کي غيرجانبدار علائقي طور قرار ڏنو هو، ساڳيءَ طرح جرمن ۽ ڊينس صلاف علائقن ۽ قبيلن جي وچ ۾ سيڪسن جو غير جانبدار علائقو مقرر ڪيو ويو هو. صلاف زبان ۾ بريني بور نالي ٻيلي کي سرحدي ٻيلو چئبو آهي. جنهن تان جرمن شهر نرنيڊن برگ جو نالو پيو آهي، بعد ۾ اهي شهر صلاف ۽ جرمن قبيلن جي وچ ۾ غير جانبدار علائقو هوندو هو. اهڙي علائقي کي ٻيا پاڙيسري قبيلا به تسليم ڪندا آهن. انهن غير جانبدار علائقن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش جي معنيٰ هئي قبيلي سان اعلان جنگ ڪرڻ، پنهنجي علائقي جي سموري پيدائش قبيلو پاڻ استعمال ڪندو هو ۽ ان جو دفاع به پاڻ ڪندو هو. ڪنهن قبيلي جي مردمشماري جي وڌي وڃڻ جي حالت ۾ به علائقن جي سرحدن جي مقرر ڪرڻ ۾ تڪليفون پيدا ٿي پونديون آهن. قبيلن تي نالا پڻ اتفاقي طور تي رکجي ويندا آهن. يعني قبيلن وارن نالن کي ڪنهن خاص شخص ڳولي چونڊي نه رکيو هو. وقت جي گذرڻ سان گڏ جيڪو علائقو فلاڻي قبيلي جي نالي سان ڪوٺجي ٿو، سڀاڻي اهو ساڳيو علائقو ڪنهن ٻئي قبيلي يا انهيءَ قبيلي جي ڪنهن ٻي شاخ وارن جي نالن سان سڏيو ويندو هو، مثلن جرمن قبيلن تي سندن نالو ڪيلٽ قبيلي وارن رکيو هو، لفظ جرمن مان ڦري جرمني ٿيو آهي.
    ٻيو ته هرهڪ آمريڪي انڊين قبيلي کي پنهنجي هڪ جدا ٻولي به هوندي هئي، حقيقت هيءَ آهي ته قبيلي جو نالو سندس ٻولي هميشه پاڻ ۾ گڏجي هلندا آهن. آمريڪي انڊين قبيلا ۽ نون قبيلن ۽ نين ٻولين جي ٺهڻ وارو سلسلو اڃا به نه ٿيو آهي، اهو عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪي ڪمزور قبيلا پاڻ ۾ ملي هڪ قبيلو ٺاهين ٿا ته ٻئي قبيلا پاڻ ۾ گڏجي ٻئي زبانون ڳالهائيندا رهن ٿا. هڪ آمريڪي قبيلي جي نفري جو تعداد سراسري طور تي ٻن هزار فردن کان گهٽ هوندو آهي.
    چيروڪي قبيلي جي نفري 34000 هزار کان به مٿي آهي، آمريڪي انڊين قبيلن ۾ اهو هڪڙو ئي وڏي ۾ وڏو قبيلو موجود آهي، جيڪو فقط هڪڙي ئي ٻولي ڳالهائي ٿو.
    ٽيون ته نياتن جي چونڊيل مکين ۽ جنگي سردارن جي چونڊ جي توثيق ڪرڻ واري رسم جي ادا ڪرڻ جو حق فقط قبيلي کي حاصل هوندو آهي.
    چوٿون ته مکين ۽ جنگي سردارن کي سندن منصبن ۽ عهدن تان معزول ڪرڻ جو حق خود نيات جي مرضي جي خلاف قبيلي کي حاصل هوندو هو. جيئن ته اهي مکي ۽ جنگي سردار قبيلي جي ڪائونسل جا رڪن هوندا هئا، ان ڪري اسانکي قبيلي جي انهيءَ طاقتور حق ۽ اختياري اندازي جي خبر پئجي سگهي ٿي. انهيءَ عمل کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به وڌيڪ وضاحت ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، پر جيڪڏهن ڪي قبيلا پاڻ ۾ گڏجي ڪو وفاق ٺاهيندا هئا ته بين القبائلي فيصلن کي وفاقي ڪائونسل ڏانهن موڪليو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته اها ڪائونسل قبائلي ڪائونسل جي جاءِ والاري ٿي. وفاق اندر هر رڪن قبيلي کي نمائندگي مليل هوندي هئي. ان ڪري سمورا اختيارات ۽ ملڪ ۽ قوم تي اقتدار اعليٰ به کين تفويض ڪيل هوندو هو.
    پنجون ته ساڳين مذهبي تصورات (ديومالائي مذهب) جو موجود هجڻ ۽ ساڳي طريقي جي عبادت ڪرڻ جون رسمون ادا ڪرڻ جو رواج منجهن رائج هوندو هو. مارگن کان سواءِ هڪ ٻيو تاريخ جو عالم به انهيءَ جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته هر غيرمهذب معاشري وانگر آمريڪي انڊين عوام به مذهب پرست قسم جا انسان هوندا آهن، سندن ديومالائي مذهب جي اڃان سوڌو به پوري ريت تحقيق ڪئي ويئي آهي. هنن پنهنجن مذهبي تصورات ۽ نظريات کي انساني شڪلين ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مثلن سمورن قسمن جا ارواح پر غيرمهذبيت جي اوائلي دور جنهن ۾ اهي قبيلا سچ پچ زندگي گذاريندا هئا. روحن ۽ نظريات جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ وٽن ڪي به خاص مذهبي تصويرن خاڪن لاءِ عقيدا يا شاعري وغيره پيدا ٿي نه سگهيا هئا. ان ڪري منجهن ڪنهن به قسم جي بت پرستي ڪرڻ جو ڪوبه رواج پڻ پيدا ٿي نه سگهيو هو نه وري ڪن بتن جي پوڄا ڪرڻ جو رواج منجهن پيدا ٿي سگهيو هو. ان ڪري ڪن بتن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ وٽن ڪوبه مندر تعمير نه ڪيو ويو هو. سندن پوڄا پاٽ حقيقت ۾ سنئون سڌو فطرت ۽ سندن عناصرن جي پوڄا هڪ اهڙي قسم جي هوندي هئي، جيڪا ارتقا ڪندي آخرڪار وڃي بت پرستي ۽شرڪ جو روپ اختيار ڪندي آهي.
    هر قبيلي لاءِ مقرر ٿيل جدا جدا تصور هوندا هئا، جن ۾ مخصوص قسم واريون عبادت ڪرڻ جون رسمون ادا ڪيون وينديون هيون، خاص طور تي عبادت طور نچڻ، ڳائڻ وڄائڻ ۽ رانديون رونديون ڪرڻ جو رواج وٽن رائج هوندو هو. نچڻ ۽ راڳ ڳائڻ وارو عنصر گهڻو ڪري سمورين مذهبي عبادتن ۾ موجود هوندو هو. هر قبيلو پنهنجي روءِ سوءِ عبادت ڪندو هو، يعني مذهبي طور تي منجهن اجتماعيت کي پيدا ڪرڻ وارو ڪوبه تصور موجود ڪونه هو.
    ڇهون ته عوامي معاملن جي انتظام جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ وٽن هڪ قبائلي ڪائونسل هوندي هئي، انهيءَ ڪائونسل ۾ هر نيات جو مکي ۽ جنگي سردار شامل هوندا هئا، يعني سندن سچا پچا چونڊيل عيوضي. ڇاڪاڻ ته کين ڪنهن به وقت معزول ڪري سگهبو هو. ڪائونسل جو اجلاس کليل ميدان ۾ ٿيندو هو، جنهن جي چوگرد قبيلي جا رڪن ويٺل هوندا هئا، جن کي نه بحث ۾ حصي وٺڻ جو حق حاصل هوندو هو. يعني کين به ڪائونسل جي ڪارروائي دوران ٻڌو ويندو هو. قبائلي نظام واري قاعدي موجب هر حاضر رڪن ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪري سگهندو هو. پر فيصلي ڪرڻ جو حق فقط ڪائونسل کي ئي حاصل هوندو هو.
    عورتون پڻ پنهنجن عيوضين جي وسيلي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهنديون هيون. ايروڪواس قبيلن ۾ هي رواج هوندو هو ته هر فيصلو يڪراءِ ڪيو ويندو هو. جيئن جرمن مارڪن ۾ ٿيندو هو. ڌارين قبيلن سان تعلقاتن جي باري ۾ به فيصلن ڪرڻ جي جوابداري خاص طور تي قبيلي جي ڪائونسل تي هوندي هئي. قبيلي جي اها ڪائونسل قبيلن ڏانهن سفارشون موڪلڻ جو انتظام پڻ ڪندي هئي. آيل سفارتن سان گفت و شنيد به ڪندي هئي، اها ڪائونسل ٻين قبيلن سان اعلان جنگ ڪرڻ ۽ ساڻن صلح ڪرڻ جا معاهدا به ڪندي هئي. جنگ جي حالت ۾ رضاڪار جنگي جوانن کان ڪم ورتو ويندو هو. يعني وٽن ڪابه مقرر ڪيل سکيا ورتل دائمي فوج موجود نه هوندي هئي. اصولي طور تي جڏهن قبيلي جو ڪنهن ڌارئي قبيلي سان ڪو معاهدو ڪيل نه هوندو هو ته، قبيلو پاڻ کي انهيءَ ڌارئي قبيلي سان جنگ جي حالت ۾ تصور ڪندو هو.
    جنگ ڪرڻ وقت دشمن جي خلاف فوجي دستن جي رواني ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ ٿورن مشهور سردارن جو فرض هوندو هو. جنگ تي رواني ٿي وڃڻ کان اڳ ۾ اهي جنگي جوان هڪ خاص جنگي ناچ ڪندا هئا. هر جوان جيڪو انهيءَ ناچ ۾ شامل ٿيندو ويندو هو ته کيس به جنگي دستي ۾ شامل ڪندا ويندا هئا. اهو جنگي ناچ ڪرڻ ڄڻ جوانن کي جنگ ڪرڻ لاءِ ڀرتي ڪرڻ جو هڪ طريقو هوندو هو. ڪنهن جوان جي ناچ ۾ شامل ٿيڻ مان سندس جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو معلوم ڪيو ويندو هو. ناچ جي هلندي هلندي جنگي جٿو به تيار ٿي ويندو هو ۽ اتي جو اتي ناچ واري سرزمين تان ئي جنگي محاذ ڏانهن روانو ٿي ويندو هو. جوانن جي جنگي محاذ ڏانهن روانگي ۽ جنگ تان فاتح غازي ٿي موٽي اچڻ جي موقعن تي هڪ وڏو عوامي جشن ملهايو ويندو هو.
    جنگي جٿن ٺاهڻ، کين ڀرتي ڪرڻ ۽ جنگي محاذن تي وڃڻ لاءِ قبيلي جي ڪائونسل جي اجازت وٺڻ جي ضرورت نه هوندي هئي. اها اجازت نه رسمي طور تي گهري ويندي هئي ۽ نه وري رسمي طور تي ڏني ويندي هئي. دشمن جي علائقي تي حملا ڪرڻ ۽ پنهنجي علائقي جي دفاع ڪرڻ جا ڪم رضاڪار جنگي جوان ڪندا هئا. اهي جنگي جوان ۽ جنگي جٿا بلڪل انهيءَ نوع جا هوندا هئا، جهڙا جرمن قبيلن جا هوندا هئا. جن جو بيان تاسيت به پنهنجي ڪتاب ۾ڪيو آهي، سواءِ هن هڪڙي ڳالهه جي ته جرمن قبيلن جا جوان هڪ دفعو جنگي جٿي ۾ شامل ٿي وڃڻ کان پوءِ عمر ڀر انهيءَ جٿي ۾ شامل رهندا هئا ۽ خود امن جي حالت ۾ به انهن جنگي جٿن کي ختم نه ڪيو ويندو هو.
    انڊين قبيلن جي وڏين مهمن ۾ به جن جي ڊيگهه ۽ ويڪر سوين ميلن ۾ پکڙيل هوندي هئي معمولي انداز جي جٿن کي موڪليو ويندو هو. جڏهن جنگ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي جٿا هڪ جاءِ تي اچي گڏ ٿيندا هئا. تڏهن به مٿن هڪ پڪو جنگي سردار مقرر ڪرڻ جي بجاءِ هر جٿو پنهنجي جدا سردار جي حڪم تي وڙهندو ۽ عمل ڪندو هو. مهم جي دوران جٿن ۾ اتحاد ۽ربط پيدا ڪرڻ لاءِ فقط مٿاهين درجي تي جنگي سردارن جي هڪ ڪائونسل ٺاهي ويندي هئي.
    اسان کي ساڳئي قسم جي جنگ ڪرڻ جو رواج رهائين درياهه تي رهندڙ جرمن قبيلن جي الماني جرمن قبيلن ۾ به موجود ملي ٿو. اهو ساڳيو ذڪر چوٿين صدي عيسويءَ جو آهي، جيڪو جڳ مشهور رومن تاريخ جي عالم اميانس مارسلينس Ammiianus Marcellinus به ڪيو آهي.
    ستون ته ڪن آمريڪي انڊين قبيلن ۾ اسان کي هڪ اعليٰ مکيءَ جو وجود پڻ ملي ٿو. پر سندس اختيارات تمام محدد هوندو هو ته مکين ۾ هو محض هڪ عام درجي جو مکي هوندو هو. قبيلي جي جنگي ڪائونسل جي رسمي طور تي گڏجڻ کان اڳ ۾ ڪنهن فوري پر تمام اهم معاملي لاءِ فوري ۽ عارضي طور تي انتظام ڪرڻ سندس فرض هوند هو. اهو قدم ڪمزور هئڻ جي باوجود به ترقي جي راهه تي هڪ اهم قدم هو. جنهن مان ڪو خاص فائدو نه هوندو هو. اهو انتظام انهيءَ لاءِ ڪيو ويو هو ته جيئن هڪ سرڪاري عهديدار کي پيداڪري سگهجي، ڇو ته جيڪو ڪم کانئس هڪ عوامي عهديدار جي حيثيت ۾ نه ٿي ٿي سگهيو اهو ساڳيو ڪم هو هڪ سرڪاري عهديدار جي حيثيت ۾ وڌيڪ سولائيءَ سان ڪري سگهيو ٿي، ۽ جڏهن اهو ساڳيو عمل جنگي طور تي ڪرڻو پئجي ويو ٿي ته ان لاءِ پڻ هڪ جنگي اعليٰ سردار جي عهدي کي خاص طور تي پيدا ڪيو ويو هو.
    آمريڪي انڊين قبيلن جي اڪثريت قبائلي نظام واري درجي کان هڪ قدم به اڳتي وڌائي نه سگهي هئي. ان جو مکيه ڪارڻ هي هو ته هر هڪ قبيلي جي مردم شماري تمام ٿوري هوندي هئي ۽ سندن قبضي وارو علائقو تمام وڏو ۽ وسيع هوندو هو. ٻن قبيلن جي وچ ۾ ڇڏي ڏنل غير جانبدار علائقي واريون حدون غير معمولي طور تي وسيع ۽ اڙانگيون هونديون هيون. انڊين قبيلن جي هڪ ٻئي سان دائمي طور تي جنگ جي حالت ۾ رهڻ جي ڪري، سمورا انڊين قبيلا پاڻ ۾ وڙهي وڙهي تمام ڪمزور ۽ نيستا ٿي پيا هئا. انهن جنگين ۾ جنگي جوانن جي مارجي وڃڻ ڪري نئون ۽ تازو خون وهي وهي ضايع ٿي ويو هو. پر وڏي ۾ وڏي ڳالهه هيءَ هئي ته سندن مردم شماري جي تمام ٿورائي ۽ هڪ عظيم کنڊ جيتري وسيع ملڪ کين وڌيڪ ترقي ڪرڻ کان ڄڻ ته ٽنگن ۾ ڏانوڻ وجهي هڪ هنڌ تي ساڪت ڪري بيهاري ڇڏيو هو. انڊين قبيلا هنگامي ۽ غيرمتوقع حالتن جي پيدا ٿيڻ شرط ئي هڪدم وڃي پاڙيسري ملڪن ۽قبيلن سان صلح جا عهدناما ڪندا هئا ۽ هنگامي حالتن ۾ ختم ٿيندي ئي سندن سارو جوش، خروش ۽ ڀڄ ڊڪ به هڪدم ٺري ٿڌي ٿي ختم ٿي ويندي هئي. منجهن وري ساڳيو پراڻوحسد شروع ٿي ويندو هو.
    ڪن علائقن ۾ وري هيئن به ٿيو هو ته پاڻ ۾ اصل مٽ مائٽ پر بعد ۾ وڌي وڇڙي ويل قبيلا وري پاڻ ۾ گڏ ٿي هڪ دائمي وفاق پيدا ڪندا هئا ۽ اهڙي وقت وري هڪ دفعو هڪ گڏيل ۽ متحده قوم جي ٺاهڻ لاءِ اڳتي قدم وڌائڻ لڳندا هئا. اسان کي هڪ اهڙي عظيم وفاق جو مثال يونائيٽيد اسٽيٽس آمريڪا ۾ ايروڪواس قبيلن جي صورت ۾ ملي ٿو. اهي قبيلا اصل ۾ عظيم ڊڪوٽا قبيلن جون شاخون هئا، ايروڪواس قبيلا پنهنجي اصلوڪي اباڻي وطن مسيسپي درياهه جي الهندي علائقن مان هجرتون ڪندا ڪندا اچي موجوده نيويارڪ رياست ۾ ويٺا هئا. اصل ۾ سندن پنج بزرگ اهم هوندا هئا. سينيڪا، ڪاپوگا، اونندگا، اوپڊ ۽ موهاڪ.
    اهي سمورا قبيلا مڇي مارڻ، جانورن جو شڪار ڪرڻ، وڻن ۽ ڀاڄين جا پن ۽ پاڙون کائي پيٽ گذر ڪندا هئا. اهي قبيلا ڳوٺ ٺاهي رهندا هئا. جن کي لوڙها ڏنل هوندا هئا. سندن مجموعي تعداد ويهن قبيلن کان مٿي نه هوندو هو. منجهن ڪيتريون ئي نياتون هونديون هيون.جيڪي مٿي ذڪر ڪيل قبيلن مان ٺهيون هيون. سندن علائقا به وسيع پر لاڳيتا هوندا هئا. اهي قبيلا هڪڙي ئي زبان جا مختلف لهجا ڳالهائيندا هئا. جنهن ۾ مختلف قبائلي لهجا موجود هوندا هئا. انهن قبيلن ۾ اهو ملڪ نئون نئون فتح ڪيو هو. جنهن ڪري انهن علائقن جي قديم رهاڪو قبيلن جي مقابلي ۾ منجهن وڏو اتحاد ۽ اتفاق موجود هوندو هو ۽ اها ڳالهه هئي به قدرتي.
    15هين صدي عيسويءَ جي آغاز ۾ هنن قبيلن وڌي ويجهي هڪ عظيم وفاق جي صورت اختيار ڪئي هئي. جنهن کي پنهنجي اجتماعي طاقت جو احساس به هوندو هو. انهيءَ طاقتور هجڻ جي احساس کين جارحيت ڪرڻ تي اڀاريو هو. وفاق ۾ شامل قبيلن هڪدم جارحيت ڪري ڏني ۽ پنهنجي اقتدار جي عروج جي دور ۾ 1625ع ۾ پاڙيسري علائقن ۽ قبيلن کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويا هئا. هنن موروثي وطني قبيلن کي ماري ملڪ مان ڀڄائي ڪڍي ڇڏيو هو پر بچي رهجي ويل قبيلن کين ڏن ڏيڻ ۽ سندن اطاعت ڪرڻ قبول ڪئي هئي.
    ايروڪواس قبيلن وارو وفاق هڪ عظيم وفاق نظام هو، جنهن جهڙو نظام ڪنهن به اڳوڻي ۽ همعصر قبيلن جي صورت ۾ ڪڏهن به عمل ۾ نه اچي سگهيو هو ۽ نه وري ڪڏهن موجود ئي رهيو هو. غير مهذبيت واري اوائلي دور مان نڪري ئي سندن نظام جهڙو ٻيو ڪوبه نظام ڪوبه آمريڪي انڊين قبيلو پيدا ڪري نه سگهيو هو. سواءِ ميڪسيڪو، نيو ميڪسيڪو ۽ پيرو رياستن وارن قبيلن جي، هن وفاق جا پنج اهم ڪردار هئا:
    (1 ) (الف) وفاق جي اندر سمورن قبيلن جي حيثيت مساوي درجي جي هوندي هئي.
    (ب) پنج ئي قبيلا پاڻ ۾ خون جي رشتن وارين مٽين مائٽين ۾ پوتل هوندا هئا ۽ هڪ ٻئي سان دائمي طور تي عهدنامن ۾ جڪڙيل هوندا هئا. جن موجب هر قبيلو پنهنجي جاءِ تي مڪمل طور تي آزاد ۽ خودمختيار هوندو هو.
    (ث) داخلي معاملن ۾ سمورا قبيلا بلڪل خود مختيار هوندا هئا. هن وفاق جو بنياد خون جي رشتن جي ٻڌل مٽين مائٽين تي مبني هوندو هو. هنن پنجن قبيلن مان ٽن قبيلن کي فادر قبيلا يعني بزرگ قبيلا سڏيندا هئا. باقي ٻن قبيلن کي اولاد اسيلا سڏيندا هئا. ٽنهي بزرگ قبيلن مان ڪونه ڪو وڏي عمر وارو بزرگ مائٽ قبيلن ۾ موجود رهندو هو. سندن سمورا وڏين عمرين وارا باقي بزرگ ٽن قبيلن ۾ رهندا هئا. يعني سمورن قبيلن مان ڪوبه قبيلو بزرگ مائٽن جي وٽن موجودگيءَ کان وانجهو نه هوندو هو. انهيءَ نظام کي پختن پيرن تي بيهارڻ لاءِ وٽن هڪ ۽ ساڳي ٻولي رابطي طور موجود هئي.
    (2) وفاقي ڪائونسل ۾ موجود مکين واري جماعت سمورن شامل قبيلن جي نمائندگي ڪندي هئي. عزت ۽ احترام حاصل ڪرڻ لاءِ وٽن سمورا مکي پاڻ ۾ مساوي حيثيت رکندا هئا. وفاقي نوعيت وارا سمورا معاملا اها وفاقي ڪائونسل طئي ڪندي هئي.
    (3) ته وفاق جي قيام وقت انهيءَ 50 مکين واري ڪائونسل کي مکين جي عهديدارن جي طور تي سمورن وفاق ۾ شامل قبيلن ۽ نياتن ۾ ڌار ڌار ڪري موڪليو ويندو هو. کين خاص طور تي وفاق جي مقصدن لاءِ ئي چونڊيو ويندو هو. جڏهن به ڪنهن مکي جو عهدو خالي ٿيندو هو ته ساڳئي مکين کي نياتون وري وري سندن نمائندگي ڪرڻ لاءِ ڪائونسل تي چونڊي موڪلينديون هيون، پر کين مکپڻ جي عهدن تي پڪي ڪرڻ جو ڪم وري به وفاقي ڪائونسل جي هٿن ۾ هوندو هو.
    (4) ته اهي سمورا وفاقي مکي پنهنجن پنهنجن قبيلن جي ڪائونسلن تي پڻ مکي طور چونڊيل هوندا هئا.
    (5) ته وفاقي ڪائونسل جا سمورا فيصلا يڪرائ بحال ڪيا ويندا هئا.
    (6) ته وفاقي معاملن ۾ هر قبيلي جي رڪن مکي کان سندس راءِ ورتي ويندي هئي. ان ڪري سمورا قبيلا وفاقي ڪائونسل جي ڪيل فيصلن کان مطمئن رهندا هئا.
    (7) ته هر قبائلي ڪائونسل کي اهو اختيار حاصل هوندو هو ته اها ڪڏهن به وفاقي ڪائونسل جي گڏجاڻي گهرائي سگهي ٿي، پر وفاقي ڪائونسل کي قبائلي ڪائونسل جي گڏجاڻي جي سڏائڻ جو ڪوبه حق ۽ اختيار حاصل نه هوندو هو.
    (8) ته وفاقي ڪائونسل جون گڏجاڻيون سمورن حاضر رڪنن جي روبرو ٿينديون هيون. جن ۾ ايروڪواس قبيلن جي هر رڪن کي به ڳالهائڻ ۽ راءِ ڏيڻ جو پورو پورو ۽ مساوي حق حاصل هوندو هو.
    (9) ته وفاقي ڪائونسل جو ڪوبه سرڪاري طور تي مقرر ڪيل صدر نه هوندو هو. ان ڪري وفاقي انتظاميا جو پڻ ڪوبه مقرر ڪيل سربراهه نه هوندو هو.
    (10) ته وفاقي ڪائونسل وٽ جنگ ڪرڻ لاءِ هميشه ٻه فوجي سردار اعليٰ موجود رهندا هئا. جن ٻنهي ڄڻن کي هڪ جيترو اقتدار ۽ اختيار مليل هوندا هئا. (سپارٽا ۾ به ٻه بادشاهه روم ۾ به ٻه ڪائونسل هوندا هئا).
    هي آهي ايروڪواس قبيلن جو وفاقي آئين ۽ سندن سماجي نظام. جنهن جي تحت هنن چار سو ورهيه پنهنجو نظام وڏي ڪاميابيءَ سان هلايو هو ۽ اهي ساڳيا قبيلا اڄ به ساڳئي نظام هيٺ رهن ٿا. مون مٿي بيان ڪيل سمورو تفصيل مارگن جي ڪتاب تان ورتو آهي. اسان کي سندس ڪتاب ۾هڪ اهڙي معاشري جي سماجي نظام جي ڀلي ڀت ۾ پروڙ پوي ٿي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي رياست جي ادارن جوڪوبه وجود قائم نه ڪيو ويو هو. رياست جو ادارو وجود ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي هڪ اهڙي خاص حقيقت جو قياس ۽ گمان ڪري ٿو، جنهن ۾ عوامي اقتدار انهيءَ عوام کان جدا ۽ ڌار حيثيت جو هجڻ گهرجي. هن ساڳي عوام تي اها رياست ان کي استعمال ڪرڻ گهري ٿي.
    جرمن عالم ۽ مورخ مارو Maurer صحيح طور تي تسليم ڪري ٿو ته جرمن معاشري وارو مارڪ (ڳوٺاڻو) آئين پنهنجي ۽ اصليت ۾محض هڪ خالص سماجي ادارو هوندو هو، جيڪو رياست جي اداري کان بلڪل مختلف قسم جو هوندو هو. جيتوڻيڪ انهيءَ ساڳئي خالص سماجي اداري ۽ آئين اڳتي هلي رياست جي بنيادن کي قائم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏني هئي. ان ڪري مارر پنهنجن سمورن ڪتابن ۾ انهيءَ ساڳئي عوامي اقتدار جو، جنهن درجي بدرجي اڀري ۽ ارتقا ڪري رياست جو درجو حاصل ڪيو هو. جنهن ڳوٺاڻي مارڪ نظام ۽ سندس بنيادي سماجي آئين مان مدد ورتي هئي، پوءِ کڻي اهي ڳوٺ، قصا يا خود وڏا شهر هوا، هو ذڪر ڪري ٿو، اتر آمريڪا جي انڊين قبيلن جي تاريخ مان اسان کي هن حقيقت جو به علم حاصل ٿئي ٿو ته ڪيئن اصل ۾ هڪ متحد قبيلو درجي بدرجي ساري اتر آمريڪا کنڊ ۾ پکڙندو مٿس ڇانئجي ويو هو؟ ۽ ڪيئن قبيلو جيڪو اصل ۾ ٽڪرن ۾ ورهايل هوندو هو، هڪ گڏيل قوم جي صورت اختيار ڪري ٿو؟ ۽ قبيلن جو سمورو گروهه وري ڪيئن پاڻ ۾ گڏجي متحد ٿي هڪ قوم بنجي پوي ٿو؟ سندن ٻولين ۾ ڪيئن ۽ ڇو تبديليون پيدا ٿين ٿيون؟ ايتري قدر جو هڪ مشترڪ ٻولي جا ڳالهائيندڙ قبيلا اڳتي هلي هڪ ٻئي جي ٻولين کي سمجهي به نٿا سگهن، پر انهيءَ ارتقائي تبديلي جي دوران اهو خيال به ضرور رکيو ويندو آهي ته انهن ٻولين جي لهجي واري فرق کي ايتري قدر به وڌڻ نه ڏنو وڃي جو مورڳو خود سندن بنيادي ٻولي جي وحدت ئي ختم ٿي وڃي ۽ ڪيئن نياتون انفرادي طور تي ظاهري طرح قبيلي جي اندر رهندي به ڪيترن مختلف قبيلن ۾ ورهائجي وڃن ٿيون؟ ڪيئن قديم مادرانه حق جي بنيادن تي قائم ٿيل نيون نياتون برادرين جي صورت ۾ اچڻ بعد به پاڻ کي قائم رکي سگهيون هيون؟ ۽ آخر ۾ ڪيئن قديم ۽ قديم ترين نياتن جا نالا سندن ڦٽي ڌار ٿي تمام پراهون نڪري وڃڻ ۽ وڏي عرصي جي گذري وڃڻ جي باوجود به ساڳيا رهجي وڃن ٿا؟ مثلن بگهڙ، رڇ وغيره نالن واريون نياتون اڄ به انڊين قبيلن ۾ صحيح سلامت موجود آهن.
    مطلب ته سندن موروثي آئين اڄ به منجهن صحيح سلامت حالت ۾ موجود آهي، سواءِ هن حقيقت جي ته منجهائن ڪيترائي نوان پيدا ٿيل قبيلا اصلوڪن مٽن مائٽن سان گڏجي به هڪ وفاق ٺاهي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن.
    اسان کي هيءَ حقيقت به صاف ظاهر نظر اچي ٿي ته هڪ نيات کي هڪ دفعو سماجي وحدت بنائڻ سان نياتن وارو سمورو نظام يعني برادريون ۽ قبيلا اهڙي طرح ٺهڻ شروع ٿي ويا ٿي جو ڄڻ ته کين انهيءَ ارتقائي عمل ڪرڻ تي ڪنهن هڪ وڏي ازلي ۽ بنيادي مجبوري ۽ ضرورت مجبور ڪري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته نيات کي قدرتي طور تي انهيءَ سماجي وحدت مان ئي ڦٽي ٻاهر نڪرڻو هو.
    اهي مٿيان ٽئي درجا بنيادي طور تي خون جي رشتن تي ٻڌل انهن مٽين مائٽين جا فقط مختلف درجا هوندا آهن. جن مان هرهڪ درجو پنهنجي وجود ۾ مڪمل هجڻ جي ڪري نه رڳو هڪ طرف پنهنجو نظام پاڻ هلائي ٿو، بلڪ ان هوندي به ان سان گڏوگڏ ٻين نين نياتن جي ٺهڻ ۾ پڻ مدد ڪندو رهي ٿو. انهن نياتن جي معاملي جو دائرو جيڪو ان جي وجود تي انحصار رکي ٿو، غيرمهذب معاشري جي اوائلي دور ۾ عوامي معاملن تي بيٺل هوندو آهي. انڪري جڏهن اسين ڪنهن نيات کي هڪ سماجي وحدت جي صورت ۾ ڏسون ٿا ته اسين هڪ اهڙي نظام واري قبيلي کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا جيڪو مٿي ذڪر ڪيل قبيلن سان مشابهت به رکندو هجي ۽ کيس ڪافي ذريعا به ميسر هجن، مثلن يوناني ۽ رومن نياتن واري معاملي ۾ اسين نه رڳو کين موجود ڏسون ٿا بلڪ اسين پاڻ کي انهيءَ امر لاءِ مطمئن ڪرڻ جي به ڪوشش ڪريون ٿا ته جتي ڪي به ٻيا ذريعا اسان جي مدد ڪري نه سگهندا هجن، اتي هن آمريڪي انڊين قبيلن وارو سماجي نظام ۽ آئين اسان کي پيش ايندڙ مشڪل ترين شڪن ۽ شڪنجن مان ڪاميابيءَ سان ٻاهر نڪري اچڻ ۾ ضرور مدد ڪندو.
    اهو نياتي آئين پنهنجي وجود ۾ هڪ اهڙو ته عجيب ۽ جاندار سماجي ارتقائي عمل هوندو آهي، جهڙوڪ هڪڙو ننڍڙو ٻار جيڪو انهيءَ آئين جي وسيلي هڪ جاندار ٻار وانگر سندس هر شيءِ ۽ عمل بنا ڪنهن سپاهي، جنگي جوان، پوليس، اميرن، بادشاهن، وزيرن، گورنرن، منصفن، جيلن، ڪورٽن، مقدمن ۽ دعوائن وغيره کان بي نياز ٿيو. پاڻ مرادو وڏي آرام، اعتماد ۽ اطمينان سان هلندو ارتقا ڪندو رهندو آهي. جنهن ۾ سمورا جهڳڙا، مقدما ۽ دعوائون، سموري نيات جي روبرو، خود فيصلي وارين ڌرين جي موجودگي ۽ حاضري ۾، سندن ئي مدد سان، سموريون نياتون، قبيلا يا انفرادي نياتون پاڻ ۾ گڏجي ويهي نبيرين ٿيون ۽ ڪنهن رڪن جي خون جي پلاند وٺڻ جي نوبت فقط انتهائي اڻ ٽر حالتن ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ اهي حالتون خود وري وڏي مشڪلات سان پيدا ٿينديون آهن.
    ان جي مقابلي ۾ اسان يعني مهذب معاشرن وٽ اهڙي ساڳئي قسم واري معاملي جي حالت ۾، فقط هڪ ئي قسم جو علاج موجود هوندو ۽ اهو هي هوندو آهي ته جوابدار شخص کي موت جي سزا ڏئي سندس خاتمو ڪري ڇڏجي. اسان واري انهيءَ واحد علاج ۾ تهذيب واريون سموريون خوبيون ۽ خاميون گڏ موجود هونديون آهن. وٽن ڪيتريون ئي اهڙي قسم جون حقيقتون به موجود هونديون آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو ڪنهن به رياست جي اداري جي مداخلت ڪرڻ کان سواءِ پاڻ ۾ گڏجي هلائين ٿا. مثلن: گهرو انتظام جنهن کي ڪيترائي ڪٽنب پاڻ ۾ گڏجي اشتراڪي نموني ۾ هلائين ٿا يا ملڪ جي سموري زمين سموري قبيلي يا قوم جي گڏيل ملڪيت هوندي آهي. جنهن مان فقط ننڍا ننڍا باغ، واديون وغيره ڪن ڪٽنبن کي عارضي طور تي ڏنل هونديون آهن. وڏي ڪمال ۽ اچرج جي هيءَ ڳالهه به آهي ته کين اڄ ڏينهن سوڌو به اسان واري جديد، منجهيل ۽ منجهائيندڙ انتظاميا جي تر جيتري به ضرورت پيش نه آئي آهي. انهيءَ نظام هيٺ هر سماجي معاملي ۾ سموريون لاڳاپيل ڌريون پاڻ ۾ گڏجي ويهي صحيح فيصلا ڪري اٿنديون آهن ۽ اڪثر حالتن ۾ انهيءَ سون سالن واري پراڻي رسم سندن معاشري جي هر معاملي کي هڪ پڪو پختو نظام ڏيئي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو اصول آزمايل هوندو آهي ته ڪنهن به اشتراڪي طور تي هلندڙ ڪٽنب ۾ سندن ڪوبه ڀاتي بکيو ۽ محتاج نه رهندو آهي ۽ نيات پوڙهن، بيمارن ۽ جنگ ۾ زخمي ٿيل جوانن جي ضرورتن لاءِ پنهنجين جوابدارين کان ڀلي ڀت خبردار هوندي آهي.
    ان جو بنيادي سبب اهوئي هوندو آهي ته، نيات جو هر رڪن ويندي عورتن سميت آزاد ۽ هڪ جهڙا هوندا آهن. يعني نياتي آئين هيٺ گهوڙي ڪن برابر هوندا آهن. اهوئي سبب هوندو آهي ته اڄ ڏينهن تائين نيات جي ڪنهن به شخص کي پاڻ وٽ ڪنهن ٻانهي يا نوڪر طور رکڻ جي ڪابه ضرورت پيش نه آئي آهي. جڏهن 1657ع ۾ ايروڪواس قبلن ايري ۽ ٻين غيرجانبدار قبيلن کي فتح ڪيو هو. تڏهن به هنن کين پنهنجي وفاق ۾ مساوي حيثيت ۾ شامل ٿي وڃڻ جي دعوت ڏني هئي. سندن معاشرتي اصول هو ته مفتوح قبيلن کي فقط تڏهن ملڪ مان تڙي ڪڍيو وڃي جڏهن هو انهيءَ دعوت کي قبول ڪرڻ کان بنهه پڙ ڪڍي بيهي نه رهن. انهيءَ معاشري ڪهڙي قسم جا انسان ٻئي مرد خواه عورتون پيدا ڪيا هئا؟ ان جو اندازو فقط هن امر مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن نام نهاد مهذب سفيد فام يورپي فاتح قومون مفتوح انڊين قبيلن سان لهه وچڙ ۾ آيون هيون ته کين غيرمهذب انسانن جي اعليٰ اخلاق، عزت نفس، سچائي، ايمانداري، يڪسخني، سخاوت، بهادري ۽ مهمان نوازي جي وصفن عجب وچان ڏندين آڱريون ڏيڻ تي مجبورڪري ڇڏيو هو. نه رڳو آمريڪا ۾ پر اسان سفيد فارم يورپي قومن کي تمام ويجهي ماضي قريب ۾ آفريڪا ۾ پڻ ساڳئي غير معمولي قسم جي شجاعت ڏيکاريندڙ قبيلن جا مثال مليا آهن.
    ٿورا سال اڳ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي زولو ڪافرن ۽ ٻه مهينا کن اڳ ۾ نوبيا جي قبيلن، جن ٻنهي مثالن ۾ قبائلي نياتي ادارا اڃا ختم نه ٿيا هئا، ميدان جنگ تي بهادري ڏيکارڻ جا اهڙا لاجواب عظيم ڪارناما ڪيا آهن، جن جهڙا ڪارناما ڪا به يورپي فوج هرگز ڪري نه سگهي آهي. پنهنجي وطن جي دفاع ڪرڻ ۽ سامراجي جارحيت سان مقابلي ڪرڻ وقت اهي قبيلا فقط ڏڦن ۽ ڀالن جهڙن معمولي اوزارن سان مسلح هئا. وٽن هڪ به بندوق نه هوندي هئي پر ان هوندي به هي سورهيه ۽ بهادر انسان گولين جي وسندڙ برسات ۾ به اڳتي وڌندا رهيا هئا. ايتري قدر جو هنن اچي انگريزي فوج جي سنگينن ۾ هٿ وڌا هئا. يعني اها انگريزي فوج جنهن کي دنيا جي قومن ۾ هٿون هٿ جنگ ڪرڻ ۾ بهترين فوج شمار ڪيو وڃي ٿو، پر هنن سورهيه ۽ موت کان بي نياز انسانن کين پنهنجون صفون ٽوڙي ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو.
    انگريز فوج جي ڀيٽ ۾ ڌرين جي هٿيارن پنهوارن ۾ زمين ۽ آسمان جيڏو وڏو فرق موجود هو ۽ کين ڪا به فوجي سکيا ۽ تربيت حاصل ڪرڻ جو ڪوبه موقعو ۽ تجربو حاصل نه هو. ايتري قدر جو کين اها خبر به نه هوندي هئي ته فوجي مشق چئبو ڇا کي آهي؟ سندن برادشت ڪرڻ ۽ سخت جاني جو اندازو انگريز فوج جي هن شڪايت مان لڳائي سگهجي ٿو ته:
    ”هڪ ڪافر مجاهد ڊوڙڻ ۾ گهوڙي کان وڌيڪ تکو هوندو آهي ۽ هو 24 ڪلاڪن اندر هڪ گهوڙي کان وڌيڪ پنڌ ڪري سگهي ٿو.“ سندن سخت جاني جي تعريف ڪندي هڪ انگريز مصور مجبور ٿي اقرار ڪري ٿو ته: ”ڪافر مجاهد جي جسم جي هر مشڪ ۽ پٺو چهبوڪ جي ڏنڊي کان وڌيڪ هڪ لوهي شيخ وانگر سخت ٿئي ٿو.“
    هي آهي بني نوع انسان ۽ انساني معاشري جي اها حالت جڏهن منجهس اڃان طبقا پيدا نه ٿيا هئا. اسين جيڪڏهن سندن حالت جي جديد مهذب قومن جي اڪثريت جي حالتن سان ڀيٽ ڪنداسين ته اسان کي موجوده دور جي پرولتاري هاري ۽ مزدور جي قديم زماني جي هڪ هڪ آزاد نيات جي رڪن جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جيترو فرق نظر ايندو.
    مٿي ذڪر ڪيل حقيقتون ۽ حوالا تصوير جو فقط هڪڙو رخ ڏيکارين ٿا. اسان کي هن امر کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته انهيءَ نظام کي هر صورت ۽ حالت ۾ ختم ٿيڻو ئي هو. ڇاڪاڻ ته اهو نظام سماجي طور تي قبائلي درجي کان اڳتي ارتقا ڪري وڌي نه سگهيو هو. خود قبيلن جي وفاق سندن خاتمي جي اڳواٽ ئي آذان ڏئي ڇڏي هئي.
    اسين اڳتي هلي ڏسنداسين ته ايروڪواس قبيلن جو ٻين قبيلن کي فتح ڪرڻ جو عمل ئي خود انهيءَ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو ته جيڪا ڳالهه سندن قبائلي نظريي ۽ خيال موجب، قبيلي کان ٻاهر قسم جي هوندي هئي، اها قانون يعني حق ۽ انصاف جي دائري کان پڻ ٻاهر ليکي ويندي هئي، يعني انهيءَ لحاظ کان اهي قبائلي انسان سخت تنگ دل، تنگ نظر ۽ متعصب هوندا هئا. جتي به ڪن ٻن قبيلن جي وچ ۾ محض رسمي طور تي ڪو صلح جو معاهدو موجود نه هوندو ته اتي سندن وچ ۾ بنا ڪنهن ظاهري ۽ واجبي سبب جي جنگ جو طبل وڄندو ئي رهندو هو ۽ اها جنگ به اهڙي خوفناڪ ۽ ظالمانا نموني ۾ وڙهي ويندي هئي جو الامان والحفيظ! هر اهو ظلم جيڪو هڪ انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ تفاوت ۽ فرق پيدا ڪري ٿو. وٽن جائز شمار ڪيل هوندو هو. اهڙي جنگ جو خاتمو فقط فاتح قبيلي جي فائدي وارن شرطن تي ئي عمل ۾ اچي سگهندو هو. انهيءَ دور ۾ نياتي آئين ۽ دستور جنهن کي اسان آمريڪي انڊين قبيلن جي شڪل ۾ ڏٺو آهي، پنهنجي جوانيءَ جي ڦوهه ۾ هو. سندن ملڪي پيداوار پڻ حد درجي جي غير ترقي يافته نموني جي هوندي هئي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ هئي ته سندن مردم شماري حد درجي تائين ٿورڙي هوندي هئي ۽ اها به اهڙي قسم جي جيڪا تمام وڏي ۽ وسيع علائقي تي پکڙيل هجي.
    انهن سمورن سببن ۽ عوامل جي ڪري خارجي قدرتي عناصرن جو به مٿن پورو پورو قبضو ۽ بالادستي قائم هوندي هئي ۽ اها به هڪ اهڙي حالت ۾ جنهن ۾ قدرت ۽ عناصر سندن لاءِ هڪ ڌاري اجنبي ساڻن دشمني رکي ۽ هڪ سمجهه ۾ نه اچي سگهندڙ حقيقت هجي. قدرتي عناصر جي مٿن قابض ۽ بالادست هجڻ جو عڪس سندن ٻاراڻي نموني جي اٻوجهه، معصوم ۽ ڀورڙي مذهبي تصورن مان ملي سگهيو هجي. انڪري هڪ قبائلي انسان جي وفاداريءَ جو دائرو محض سندس ئي قبيلي جي حدن تائين محدود هوندو هو. سندس نظرن ۽ سندس قبيلو نيات ۽ سندن سماجي ادارا متبرڪ ۽ لتاڙجي سگهڻ جهڙا هوندا هئا. ان ڪري جنهن نظر سان هڪ قبائلي انسان ٻئي قبائلي انسان کي ڏسندو هو ته ٻئي قبائلي انسان کي پڻ کيس به انهيءَ ساڳئي نظر سان ڏسڻو پئجي ويندو هو. سندس خيال موجب قبيلي جي اجتماعي قوت ۽ وجود هڪ اهڙي قسم جي اعليٰ ترين قوت هوندي هئي، جنهن کي قدرت پاڻ پيدا ڪيو هو. جنهن جي سامهون هر فرد پنهنجي انفرادي فڪر، جذبن، خيالن ۽ عملن جي لحاظ کان بلڪل حقير، مجبور ۽ محڪو م هوندو هو.
    سندن مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن کان ڀلي ته موجود دور جو جديد انسان ڪيترو به کڻي سرغوب ڇو نه ٿي ويو هجي، ان هوندي به اسان کي منجهن يعني مختلف قبيلن ۾ ڪو ظاهري خواه باطني فرق نظر نه ٿو اچي. اسان جي نظرن ۾ سندن نظام هڪجهڙا نظر اچن ٿا. يعني رڍون مڙوئي ٻوٿ ڪاريون هيون. مارڪس جي لفظن ۾ ”اهي سمورا قبيلا غيرمهذب جماعتن جي پڪي ناڙي ۾ ٻڌل نظر اچن ٿا. ان قديم غيرمهذب جماعتن جي طاقت کي ٽٽڻوئي هو ۽ آخرڪار سچ پچ ٽٽي به پيون. اهي قبيلا جيڪي اسان کي شروعات کان ذليل ۽ بيڪار نظر اچي رهيا هئا. انهن اثرن جي ڪري ڀري پرزا پرزا ٿي ويا هئا. سندن ٽٽي پرزا پرزا ٿي پوڻ جو عمل ائين ٿي گذريو هو ڄڻ ته ڪا پراڻي شيءِ خودبخود اندران ئي اندران کاڄي، پنهنجي قديم نياتي معاشري جي سادي سودي نرالي شان ۽ شوڪت جي بلند مناري تان ترڪي ذلت جي کاهين جي اوڙاهه ۾ ڪري پوي. سندن انهن ڪمترين قسم جي ڪميني لالچ ۽ هٻڇ، حيواني شهوت پرستي، نفرت انگيز ۽ عوامي ملڪيت جي ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ مان هڪ نئون نڪور مهذب معاشرو يعني طبقاتي معاشرو نڪري نروار ٿي ويو هو.
    چوري، ڦر، ڌاڙو، زوري زنا، دولاپ ۽ ٺڳي جهڙن خراب ڪرتوتن ۽ طبقن پاڻ ۾ گڏجي همصلاح ٿي، انهيءَ غيرطبقي نياتي معاشري جون پاڙون کوٽي کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو هو ۽ آخر اهو معاشرو هڪڙو وڏو ڌماڪو ڪري ڪري پوي ٿو. پر نئون معاشرو پڻ پنهنجي اڍائي هزار سالن جي عمر تائين جيئري رهڻ واري حالت ۾ موجود رهڻ جي باوجود ڪابه صحتمند ارتقا ڪري نه سگهيو آهي، سواءِ هن هڪڙي حقيقت جي ته هڪ خسيس اقليت وڏي فريب، ظلم ۽ استبداد جي هڪڙي وڏي مظلوم اڪثريت بلڪ پوري سواد اعظم جو استحصال ڪندي فقط پاڻ ترقي ڪندي ۽ موجون ماڻيندي رهي ٿي ۽ اها ساڳي صورت حال اڄ به اڳي کان وڌيڪ ظالمانه نموني ۾ قائم زنده ۽ باعمل حالت ۾ صحيح سلامت موجود آهي.


    يوناني نياتون

    يوناني، پلاسگي ۽ ٻيون قومون جن جو اصل نسل هڪڙو ئي قبائلي نسل مان ڦٽي نڪتل هو، قديم تاريڪيءَ کان اڳ واري دور کان وٺي اهڙي ريت ڦٽنديون، نڪرنديون، ظاهر ٿينديون آيون هيون، جهڙيءَ ريت آمريڪي انڊين قبيلن ۾نياتون، برادريون، قبيلا ۽ قبائلي وفاق وجود ۾ آيا هئا. مثال جي طور تي ڊورين ماڻهن ۾ ڪي به برادريون نه به قائم ٿيون هجن، قبيلن جو وفاق ڪنهن به شڪل ۽ صورت ۾ اڃان پوريءَ ريت عمل ۾ نه به اچي سگهيو هجي پر نيات هڪ سماجي وحدت جي صورت ۾ هر مذهب ۾ موجود هوندي هئي. انهيءَ دور ۾ جڏهن يوناني معاشري مفلوج تاريخ جي دور ۾ اڃان قدم ئي مس رکيو هو ته نيات جو ادارو انهيءَ وقت به تهذيب جي چانئٺ تي پير رکيو ويٺو هو. عام طور تاريخ ۾ يوناني ۽ آمريڪي انڊين قبيلن جي سماجي ارتقا جا سالم دور موجود بيٺا هئا. جن مان اسان کي ايروڪواس قبيلن جي ڀيٽ ۾ سورمائي دور وارو يوناني معاشرو کانئن گهڻو اڳڀرو نظر اچي ٿو. اهوئي ڪارڻ آهي جو اسان کي يوناني نياتن ۾ ايروڪواس نياتن وارو منجهيل دقيانوسي وارو ڪردار بنهه نظر نه ٿو اچي. اسان کي يونانين ۾گروهي شادين ڪرڻ وارو سماجي نظام پراڻو ٿي تمام ميرو، اونداهون ۽ جهڪو نظر اچي ٿو.
    تاريخ جي انهيءَ موڙ تي يوناني نياتن ۾ مادرانه حق پراڻو ٿي ختم ٿي چڪو هو ۽ سندس جاءِ تي پدرانه حق شروع به ٿي ويو هو. ان ڪري سندن معاشري ۾ ذاتي ملڪيت جي تصور نياتي اداري کي پهريون ڪاپاري ڌڪ هنيو هو. جنهن ڌڪ جي لڳڻ سبب پوءِ کيس قدرتي طور تي هڪ ٻيو ڌڪ به لڳڻو هو ۽ آخرڪار اهو به اچي کيس لڳو. اهو ڌڪ هي هو ته، پدرانه حق جي اجراء جي بعد ڪنهن ورثي ترڪي جي شاهوڪار مالڪياڻي عورت جي ڪنهن مرد سان شادي ڪرڻ جي حالت ۾ سندس ورثي ترڪي واري ملڪيت کيس نه پر سندس مڙس کي ملندي هئي. انهيءَ هڪڙي ئي بنيادي حقيقت يونان جي نياتي آئين جي بنيادن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو هو. اهڙين سماجي حالتن ۾هڪ يوناني عورت کي نه فقط نيات جي اندر شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، بلڪ کيس نيات جي اندر شادي ڪرڻ لاءِ مجبور به ڪيو ويو هو. اهو به محض هن هڪڙي سبب جي ڪري ته نيات جي ملڪيت نيات جي اندر رهي.
    مشهور انگريز مورخ جارج گروٿ جي ڪتاب ”يونان جي تاريخ“ History of Greece جي مطابق اٿينس جي نيات کي متحد حالت ۾ رکي سگهڻ جا هيٺيان مکيه سبب هئا:
    1 - پهريون گڏيل مذهبي رسمون ۽ هڪ مقرر ڪيل ديوتا جي اعزاز ۽ عزت ۾ پورهت ٿي رهڻ ۽ ان ڪري خاص اڪيلي ۽ منفرد مرتبي ۽ اختيارن جو حاصل هجڻ اهڙي ديوتا لاءِ هي گمان پڻ ڪيو ويندو هو ته اهو ديوتا اصل ۾ انهيءَ نيات جو مورث اعليٰ شخص هو، انڪري سندس انهن ”ديوتا“ جي اولاد کي پڻ سندس نالي جي پٺيان سڏيو ويندو هو.
    2 - هڪ گڏيل قبرستان.
    3 - هڪ ٻئي جي”نيات جي اندر ورثي ترڪي تي حق“.
    4 - هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ۽ نيات ڀاين کي تشدد کان بچائڻ جا گڏيل فرض ادا ڪرڻ.
    5 - ڪن ٿورين حالتن ۾ فقط نيات مان شادي ڪرڻ جون باهمي جوابداريون. خاص طور تي يتيم ڌيئرن يا ڪنهن ملڪيت جي وارث عورتن سان شادين ڪرڻ تي نيات ڀاين جو حق ۽ مٿن فرض شمار ڪيل هوندو هو.
    6 - ڪن ٿورين حالتن ۾ گڏيل ملڪيت تي قبضو رکڻ ۽ انهيءَ ڪم جي لاءِ هڪ خاص مئجسٽريٽ (آرڪون) ۽ خزانچي جي عهديدارن کي چونڊي مقرر ڪرڻ.
    يوناني قبيلن ۾ گهڻين نياتن کي گڏي ٺاهيل قسم واري ڪا برادري شاذ و نادر هوندي هئي، پر جيڪڏهن ڪا اهڙي برادري هوندي به هئي ته به منجهس ساڳي نموني وارا مٿي ذڪر ڪيل فرض ۽ حق موجود هوندا هئا. جن ۾هڪ خاص قسم جون مذهبي رسمون بجا آڻڻ ۽ برادري جي ڪنهن يا ڪن رڪنن جي قتل ٿي وڃڻ جي حالت ۾ ملزمن کي هٿ ڪري مٿن مقدمو هلارائي کين سزا ڏيارڻ جو حق به موجود هوندو هو. قبيلي جون سموريون نياتون ۽ برادريون وري ڪن مقرر ڪيل موسمن ۾ ڪي مذهبي تهوار ۽ رسمون گڏجي بجا آڻينديون هيون، جن جي صدارت ڪرڻ جا فرائض قبيلائي مئجسٽريٽ فائلوبيسيليئس (قبيلي جو بزرگ شخص) ادا ڪندو هو. اهو مئجسٽريٽ صرف امير طبقي مان چونڊيو ويندو هو.
    انهيءَ سبب جي ڪري ئي ٻئي مارڪس، توڻي گورٿ لکن ٿا ته: ”يوناني نياتن جي ذڪر ڪرڻ وحشي نياتن (مثلن ايروڪواس قبيلن جون نياتون) کي چونڊي ڌار رکيو ويو آهي“. انڪري جڏهن اسين پنهنجي تحقيق ٿورو اڳڀرو وٺي هلون ٿا ته (اسان لاءِ) انهيءَ وحشي درجي کي ڳولي لهڻ البت وڌيڪ سولو ٿي پوي ٿو. يوناني نياتن ۾ هيٺ درج ڪيل وڌيڪ قسم وارا ڪردار ۽ اوصاف به موجود هوندا هئا.
    7- پدرانه حق تي مبني شجرو.
    8- ڪنهن ملڪيت جي وارثياڻي عورت جي ڪنهن ٻي نيات اندر شادي ڪري وڃڻ واري رواج جي موجودگيءَ کان سواءِ باقي ٻين سمورين حالتن ۾ فوتي رڪن جي ملڪيت نيات جي اندر رهڻي هئي.
    انهيءَ استشنا جي موجودگي ۽ ان جي تعين ڪرڻ کي هڪ قسم جي قانوني رڪاوٽ واري حيثيت ڏيئي ڇڏڻ وارو عمل ئي خود پراڻي قاعدي جي صحت ڏانهن دليل ۽ اشارو ڪري ٿو. اها ساڳي حقيقت هڪ عالمي طور تي تسليم ڪيل قاعدي جي موجودگيءَ مان به ملي ٿي ته جڏهن ڪابه عورت نيات کان ٻاهر شادي ڪندي هئي ته اها عورت هڪدم پنهنجي نيات واري اڳوڻي مذهب کان به دست بردار ٿي ويندي هئي کيس پنهنجي مڙس جي نيات واريون مذهبي رسمون جي ادا ڪرڻ جو حق خودبخود حاصل ٿي ويندو هو.
    ارسطا طاليس جي مشهور شاگرد ۽ يوناني اديب، مورخ ۽ جاگرافيدان عالم ڊيڪيارڪس Dicacrches جي ڪتاب ۾ ڏنل هڪ حوالو به انهيءَ حقيقت کي ثابت ڪري ٿو ته انهيءَ دور ۾ نيات کان ٻاهر شاديون ڪرڻ هڪ عام مڃيل قاعدو هوندو هو.
    جرمن مورخ Beccker پنهنجي مشهور ڪتاب چارڪيڪليز Charicles ۾ سنئون سڌو اهو ساڳيو گمان ۽ قياس ظاهر ڪندي لکي ٿو ته: ”ڪنهن به مرد خواه عورت کي پنهنجي نيات جي اندر شادي ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي.“
    9- ڪنهن ڌاري شخص کي نيات ۾ داخل ڪرڻ جو حق. اهو نيات ۾ داخلا جو حق پهرئين ڪنهن خاص ڪٽنب ۾ داخل ٿيڻ بعد ملندو هو. پر انهيءَ داخلا جي حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي قسم جون رسمون ادا ڪرڻيون پونديون هيون. پر انهيءَ قسم جي اجازت تمام ٿورين خاص حالتن ۾ ڏني ويندي هئي.
    10- نيات جي ڪنهن ميمبر کي جنگي سردار جي عهدي تي مقرر ڪرڻ يا ڪنهن مقرر ٿيل جنگي سردار کي معزول ڪري ڇڏڻ جو حق. اسان کي خبر آهي ته هر برادريءَ جو هڪ آرڪان يعني مکي هوندو هو. پر اسان کي هن امر جي ڪٿي به ڪا ثابتي نه ملي سگهي آهي ته انهيءَ دور ۾ اهو عهدو ڪن خاص ڪٽنبن ۾ مورثي هوندو هو. اسان کي غير مهذبيت واري دور جي آخر تائين ڪٿي به مورثي عهيدارن واري رواج جي پختي ٿيڻ جا آثار ۽ امڪان نظر نٿا اچن. اها گالهه انهي دور وارين حالتن سان هن ڪري به نه ٿي ٺهڪي ته انهيءَ دور ۾ ٻنهي طبقن يعني امير خواه پرولتاري طبقن کي نيات جي اندر مساوي درجو ۽ حيثيت حاصل هوندي هئي.
    نه رڳو گورٿ پر ٻنهي نيبور Niebuhr 1831ع ۾ ۽ مومسين Mommsen 1903ع جهڙن قديم تاريخ جي محققن ۽ مورخن ۾ ڪلاسيڪي دور جي تاريخ جي ٻين محققن ۽ عالمن سان گڏجي به انهيءَ نيات جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن. جيتوڻيڪ انهن ساڳين عالمن انهيءَ اداري جي خاص اهميت وارين ڳالهين کي صحيح طور تي معلوم به ڪري ورتو هو. ان هوندي به سندن انهيءَ مسئلي کي نه سمجهي سگهڻ جو بنيادي ڪارڻ هي هو ته انهيءَ امر جي تحقيق ڪندي سندن وڏي ۾ وڏي غلطي هيءَ هوندي هئي ته هنن حضرات نيات کي محض ڪٽنبن جو هڪ سادو سودو گروه ڪري ورتو هو. ان ڪري هنن لاءِ نيات جي اداري جي حسب نسب، بڻ بنياد ۽ فطرت کي سمجهڻ ناممڪن بنجي پيو هو. نياتي آئين جي تحت ڪٽنب ڪڏهن به هڪ وحدت جي حيثيت نه ورتي هئي ۽ نه وري وٺي سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته هر حالت ۽ صورت ۾ ٻئي مڙس توڙي زال مختلف نياتن مان هوندا هئا. مجموعي طور تي نيات برادري جو هڪ حصو هوندي هئي. اها برادري وري قبيلي جو هڪ حصو هوندي هئي.
    پر هڪ ڪٽنب جي حالت وري ٻنهي کان مختلف قسم جي هوندي هئي. ڪٽنب جو هڪڙو اڌ مڙس واري نيات مان ۽ ٻيو اڌ وري زال جي نيات مان هوندو هو. رياست جي اداري پڻ پنهنجي عوامي قانون ۽ ڪٽنب کي ڪڏهن به هڪ سماجي وحدت طور قبول نه ڪيو هو. ڪٽنب اڄ ڏينهن سوڌو هڪ اداري جي شڪل ۽ صورت ۾ فقط ديواني قانون ۾ تسليم ڪيل هوندو آهي. پر اسان واري لکيت ۾ موجود دور جي تاريخ سندس قبيلي کان ڇڄي هڪ جدا ۽ ڌار اداري جي حيثيت وٺڻ واري نقطي کان وٺي غلط گمان ۽ قياس جيڪو 18 ۽ 19 صدي عيسويءَ ۾ وڌي وڻ ٿي ويو هو. ڪندي آئي آهي ته: ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب جو ادارو، جيڪو مهذب دور کان ٿورو ئي وڏي عمر جو هو، سماجي تاريخ جو هڪ اهڙو نقطو هوندو آهي، جنهن جي چوگرد ٻنهي ادارن يعني معاشري خواه رياست ڦرندي ڦرندي پنهنجا پنهنجا ڌار ڌار ۽ مختلف وجود قائم ڪيا آهن.
    ان باري ۾ مارڪس لکي ٿو ته: ”گورٿ کي هن امر کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ يونانين پنهنجن نياتن کي ديومالا سان ڳنڍيل رکيو آهي، پر نياتون خود انهن ننڍن توڙي وڏن ديومالائي ديوتائن جن کي خود نيات جنم ڏنو هو، کان وڏي عمر جون هونديون آهن.“
    مارگن گورٿ جي حوالن کي هن ڪري اوليت ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو مٿئين حقيقت جي صداقت جي ثابتي لاءِ خود گورٿ کي به هڪ سچار ۽ معزز شاهد طور پيش ڪرڻ گهري ٿو.
    مارگن اڳتي لکي ٿو ته: ”اٿينس جو هر يوناني ڪٽنب پنهنجو نالو ۽ عرفيت پنهنجي ڪنهن مشهور مورث اعليٰ سان ملائڻ گهرندو هو.“ اٿينس جي جڳ مشهور يوناني شاعر سولون Solon 558 ق- م کان 634 ق- م جي دور کان گهڻو اڳ ۾ ۽ ان کان بعد ۾ به اهو هڪ عام قانون هوندو هو ته جيڪڏهن ڪو شخص بنا ڪنهن وصيت ڪرڻ جي فوت ٿي ويندو هو ته سندس نيات ڀائي سندس ورثي ترڪي جا وارث بنبا هئا. پر جيڪڏهن ڪو يوناني شخص قتل ٿي ويندو هو ته انهيءَ صورت ۾ پهريائين مقتول جا عزيز ۽کانئن پوءِ سندس نيات سندس ورثي ترقي جي وارث بنبي هئي ۽ آخر ۾ اهو مقتول شخص جي برادريءَ تي حق ۽ مٿن جوابداري هوندي هئي ته اها سندس قاتل کي پڪڙي مٿس ڪورٽ ۾ مقدمو هلارائي کيس جوڳي سزا ڏياري.
    مارگن لکي ٿو ته: ”اسان کي اٿينس جي قانون متعلق فقط هيءَ ڄاڻ حاصل ٿي سگهي آهي ته ان جو بنياد نياتن ۽ برادرين ۾ ورهايل هجڻ تي ٻڌل هوندو هو.“
    نيات جي ڪنهن مشترڪ مورث اعليٰ مان پيدا ٿيڻ واري حقيقت مارڪس جي محاوري ۾ سڪولن جي مس چٽو پڙهيل عالمن لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿي آهي. مزيدار ڳالهه وري هيءَ به آهي ته، جڏهن هنن ساڳين عالمن جي وري هيءَ راءِ به هجي ته سندن اهي ابا ڏاڏا محض فرضي، ڪوڙا ۽ ديومالائي قسم جا بزرگ هئا ته اهڙي صورتحال ۾ اهي عالم سڳورا هن امر کي بنهه صاف ڪري نه سگهيا آهن ته نياتون انهن ڌار ڌار ڪٽنبن جن جو پاڻ ۾ ڪوبه خوني رشتو موجود نه هو، منجهان ڪيئن پيدا ٿي پيون هيون؟ پر خود انهيءَ حقيقت جي موجودگيءَ جي باوجود به کين پنهنجي انهيءَ ڪارنامي کي هر حالت ۾ ثابت ڪرڻو پئجي ويو هو. کين هر صورت ۽ هر حالت ۾ نياتن جي وجود ۽ حسب نسب کي ضرور سمجهائڻو پئجي ويو ٿي.
    اهوئي سبب آهي ته سڪولن جا پڙهيل سمورا مس چٽو علمائ ڪرام (عقل ڪم آڻڻ جي بجاءِ) فقط اکرن ۾ اڙجي لفظن جي ڪُن ۾ گوتا کائيندا رهن ٿا ۽ جڏهن هو انهيءَ محاوري جي ڪن مان نڪري نه ٿا سگهن تڏهن کين مجبور ٿي قبول ڪرڻو پئجي وڃي ٿو ته، ”شجرو برابر جعلي ۽ڪوڙو (ديومالائي) آهي، پر سماج ۾ نيات جي موجودگي برابر هڪ کليل حقيقت هوندي آهي.“
    گورٿ انهيءَ باري ۾جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان لاءِ مارڪس جا هي لفظ بلڪل سچا ثابت ٿين ٿا ته: ”اسين انهن شجرن جو ٿورو ٿورو زڪر برابر ٻڌون ٿا، پر اهو به فقط ڪڏهن ڪڏهن، ڇاڪاڻ ته انهن شجرن کي فقط تڏهن منظر عام تي آندو ويندو آهي، جڏهن کين پنهنجي قديم حسب نسب جي تاريخي قدامت ۽ ان ڪري معاشري ۾ معزز هجڻ جي ثابت ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي، پر گهٽ حيثيت وارن نياتن ۾ گڏيل رسمن جي موجودگي ۽ خود نسبي شجرو ۽ انهيءَ سان گڏ اهو فوق الفطرتي مورث اعليٰ ۽ جد امجد صاحب سندن ٻين ابن ڏاڏن کان وڌيڪ مشهور ۽ معروف هوندو آهي ته، انهيءَ شجري واري سٽائ ۽ ان جو نظرياتي بنياد جيڪو پنهنجي حقيقي نوعيت ۾ نظرياتي نه پر جنسي ۽ نسبي نظام هوندو آهي. اڪثر ڪري سمورين نياتن ۾ ساڳيو ئي هوندو آهي.“
    مارگن جي طرفان ڏنل جواب ۽ دليل کي مارڪس پنهنجي طرفان هنن لفظن ۾ قلمبند ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته: ”خون جي رشتن تي ٻڌل مٽن مائٽين وارو نظام جيڪو پنهنجي اصلوڪي شڪل ۽ صورت ۾ نياتي نظام سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو، اهو ساڳيو نظام آدم جي ٻئي اولاد وانگر يونانين ۾ پڻ رائج هوندو هو. جنهن ۾ نيات جي سمورن فردن جي هڪ ٻئي سان مٽن مائٽين واري ڄاڻ يعني حسب نسب کي بلڪل محفوظ رکيو ويندو هو.
    يونانين ۾ رواج هوندو هو ته هو ٻاراڻي عمر کان وٺي پنهنجي شجري ۽ حسب نسب کي ياد ڪري ڇڏيندا هئا، پر ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري اداري جي وجود ۾ اچڻ سان اهو رواج ختم ٿي ويو هو، ڇاڪاڻ ته انهي منزل تي پهچڻ کان پوءِ نيات جي نالي واري شجري جي ڀيٽ ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب جو شجرو محض خسيس ۽ بيڪار نظر اچڻ لڳو هو. انهيءَ نياتي نالي مان فقط هن حقيقت جي شاهدي ملندي هئي ته انهيءَ نالي ۽ عرفيت وارا سمورا فرد هڪ ئي مورث اعليٰ جو اولاد هئا، پر نياتن وارو شجرو ايترو ته پراهون نڪري چڪو هو جو هينئر نيات جي رڪنن لاءِ هڪ ٻئي سان مٽن مائٽين کي ثابت ڪرڻ مشڪل بنجي ويو هو. سواءِ انهن ٿورن مثالن جي جن ۾ فقط پنجن يا ڏهن اجداد تائين سندن نالا ڳڻائي سگهڻ ممڪن هوندو هو. ان ڪري هينئر فقط هڪڙي نامور مورث اعليٰ جو نالو ئي گڏيل مورثي جي ثابتي جي نشانيءَ طور رهجي ويل هوندو هو. نيات ۾ داخل ٿيل انهن چند مثالن کان سواءِ فقط اهوئي نالو آخري ثابتيءَ طور باقي ۽ موجود هوندو هو.
    گورٿ ۽ نيوبر جي دليل موجب نياتن جي وچ ۾ مٽين مائٽين کان سچ پچ انڪار ڪرڻ جو عمل جيڪو نيات کي ڦيرائي هڪ فرضي ۽ ڪوڙو روپ بخشي ٿو، پڻ هڪ دماغي اختراع هوندو آهي ۽ وڌيڪ ڪجهه به نه ۽ ان جي مخالف طرف واري حقيقت انهن نظرياتي عالمن جيڪي محض ڪتابي چٽو ڪيڙا هوندا آهن. جي لاءِ ڌيان ڏيڻ جوڳي هوندي آهي. يعني اهڙا عالم سڳورا پنهنجي عقل سليم ۽ فهم و فراست کان وانجها هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته پيڙهين کي درجي وار پوئي بيهارڻ (شجرو تيار ڪرڻ) ۽ خاص طور تي ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري نظام جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري ايتري قدر ته پرانهون نڪري وڃي ٿو جو اهو پراهون ماضي فقط هڪ ديومالائي تصور ۾ ئي پنهنجو عڪس ڏيکاري سگهي ٿو. پر هنن اسڪولي عالمن حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڃان تائين به انهيءَ ساڳئي وهم کي چهٽيا پيا آهن ته انهيءَ محض خيالي تصور ۾ پيدا ٿيل جعلي ۽ ڪوڙي شجري نياتن کي سچ پچ جنم ڏنو آهي.“
    آمريڪي انڊين قبائلي نظام وانگر يوناني نظام ۾ به نيات، برادري جي ماءُ سمان هوندي هئي. جنهن مان ڪيتريون ئي ڌيئر نياتون ڦٽي نڪتيون هيون. جن کي برادري پاڻ ۾ متحد رکيو ايندي هئي ۽ اها سندن نسل جو پيرو کڻي هڪ مشترڪ مورث اعليٰ تائين پهچندي هئي. گورٿ جي لکڻ موجب ”هيڪٽيسڪس Hakataecus واري برادري جي سمورين همعصر نياتن ۾ سندن سورهين نمبر پيڙهيءَ ۾ هڪ مورث اعليٰ ديوتا هوندو هو. ان ڪري انهيءَ مورث اعليٰ واري نسبت جي ڪري برادريءَ ۾ شامل سموريون نياتون پاڻ ۾ ڀينر هونديون هيون.“ يوناني رزميه شاعري جو ابو هومر Homer به برادري کي هڪ فوجي وحدت جي صورت ۾ ڏيکاري ٿو.
    هو پنهنجي مشهور حوالي ۾ لکي ٿو ته: ”نيستر "Neston نالي هڪ سورمو آگا ممنان نالي سورمي کي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته: ”فوج جي صفن کي قبيلن ۽ برادريون موجب ورهائي ڇڏيو، ڇو ته برادري برادري کي ۽ قبيلو قبيلي کي سڏ ڏيندو آهي.“
    برادري جي ڪنهن رڪن جي قتل ٿي وڃڻ جي حالت ۾اهو برادريءَ جو فرض ۽ جوابداري هوندي آهي ته اها قاتل کي هٿ ڪري مٿس مقدمو هلارائي کيس سزا ڏياري. انهيءَ حقيقت مان اسان کي هي اشارو ملي ٿو ته، قديم زماني ۾ برادري جي ڪنهن رڪن جي خون جو پلاند وٺڻ برادري جو هڪ مکيه فرض هوندو هو. انهيءَ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه به هوندي هئي ته هر نيات کي پنهنجو مشترڪ قبرستان به هوندو هو.
    پراڻي آريائي فطرت پرستي Cult of Nature مان وڌي يوناني ديومالائي دور تائين پهچڻ وارو سمورو ارتقائي عمل فقط نياتن ۽ برادرين جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري انهن ۾ اندر ئي اندر ارتقائي عمل ڪندو رهيو هو. هر برادري کي هڪ اعليٰ مکي به هوندو هو. جنهن کي فريٽريار Phratrier سڏيندا هئا ۽ ڪولانزي Coulanges جي لکڻ موجب هر برادريءَ کي پنهنجي هڪ جدا پنچائت (جرگو) يا اسيمبلي به هوندي هئي. اهي جرگا يا اسيمبليون حتمي قسم جا فيصلا ڪنديون هيون. انهن فيصلن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ وٽن هڪ ٽربيونل يا انتظاميا به هوندي هئي. پوئين بعد واري خود رياستي اداري، جنهن نياتن کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو هو، پڻ ان هوندي به ڪن عوامي ۽ سرڪاري ڪمن کي وري به برادرين جي حوالي هيٺ رکيو هو.
    مِٽن مائٽين ۾ پوتل برادريون پاڻ ۾ گڏجي قبيلو ٺاهينديون هيون. اٽڪيا جي علائقي ۾ چار وڏا يوناني قبيلا رهندا هئا. جن مان هر قبيلي ۾ ٽي ٽي برادريون شامل هونديون هيون. هر برادري ۾ ٽيهه ٽيهه نِياتون هونديون هيون. انهيءَ ٺهيل ٺڪيل سالم نظر ايندڙ ۽ هڪ شعوري رٿابندي ۽ منصوبي تحت منظم ڪيل گروهن جي لاءِ هي قوي گمان ڪري سگهجي ٿو ته اهي ادارا جيڪي منجهن قدرتي طور تي پاڻ مرادو اڀريا هئا، انهن ۾ هٿرادو طور تي مداخلت ڪري کين بدلايو ويو هو. اهو عمل ڪيئن ڪيو ويو هو؟ ۽ ڪڏهن ڪيو ويو هو؟ ان بابت يونان جي تاريخ بلڪل خاموش آهي. پر جيڪي شجرا خود يونانين پاڻ ياد ڪري ڇڏيا هئا، انهن جو دائرو سورمائي دور کان ٻاهر نڪري نه سگهيو هو.
    يوناني قوم ۽ آمريڪي انڊين قبيلن جي وچ ۾ هي فرق هو ته يوناني قوم زمين جي فقط هڪ ننڍڙي ٽڪري تي ڳتي پيئي هئي، پر آمريڪي انڊين قبيلا هڪ وڏي کنڊ ۾ ٻيلن ۽ صحرائن ۾ ٽڙيل پکڙيل پيا هوندا هئا. سندن مقابلي ۾ يوناني قبيلا هڪ ننڍڙي ملڪ اندر ڳتيل هجڻ جي ڪري انڊين قبيلن جي ڀيٽ ۾ سندن ٻولين ۾ به ڪو خاص نمايان فرق موجود نه هوندو هو. پر ايتري قدر ويجهڙائي جي باوجود به اسين ڏسون ٿا ته ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ قبيلن جي پاڻ ۾ وڏي پيماني تي ڳنڍيل هجڻ جي باوجود به خود اٽيڪا جي ننڍڙي علائقي کي به پنهنجي هڪ جدا ٻولي هوندي هئي. جيڪا اڳتي هلي يوناني نثر ۽ ادب جي زبان بنجي ويئي.
    اسين هومر جي رزميه ڪلام ۾ به پڙهون ٿا ته اهي يوناني قبيلا اهڙين ننڍڙن قومن جو روپ وٺي چڪا هئا، جن ۾ نِياتون برادريون ۽ قبيلا اڃا به پنهنجي آزادي کي مڪمل طور برقرار رکندا آيا هئا. اهي قبيلا عالم پناهون ڏنل شهرن ۾ رهندا هئا. مال ڌڻن جي وڌي وڃڻ، زراعت جي ترقي ڪرڻ ۽ هنرن جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري سندن مردم شماري ۾ وڏو واڌارو اچي ويو هو. انهيءَ وڌاري سان گڏوگڏ سندن دولت ۾ به وڏو فرق پيدا ٿي پيو هو. انهيءَ امر پراڻي قدرتي طور تي پيدا ٿيل جمهوري نظام ۾ وڏن شاهوڪارن يعني امير طبقي کي جنم ڏنو هو. اهي ننڍڙيون يوناني قومون جيڪي انهيءَ دور ۾ پاڻ ۾ ڀلين ٻنين جي هٿ ڪرڻ لاءِ جنگين ڪرڻ ۾ مشغول هيون، هينئر انهن جنگين ۾ هٿ آيل قيدين کي ٻانهو بنائڻ ڦري هڪ اداري جي شڪل وٺڻ شروع ڪئي هئي. انهن قبائلي قومن جو آئين هن نموني جو هوندو هو.
    1- Blue ٻولي يا قومي جرگو يا اسيمبلي مستقل طاقت جو مرڪز هوندي هئي، اها اسيمبلي فقط مکين مان ٺهيل هوندي هئي، پر اڳتي هلي نِياتن جو تعداد تمام وڌي ويو ته ٻولي کي خود انهن مکين مان چونڊ ڪري ٺاهيو ويندو هو. انهيءَ امر شاهوڪار عنصر کي وڌڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جا موقعا پيدا ڪري ڏنا هئا، پهرين صدي ق- م عظيم يونان جو خطيب ۽ مورخ ڊاين سيس Dconysices جي لکڻ موجب سورمائي دور واري ڪائونسل. اها ڪائونسل معزز ماڻهن مان ٺاهي ويندي هئي، سمورن اهم معاملن ۾ انهيءَ ڪائونسل جي فيصلن کي آخري شمار ڪيو ويندو هو.
    يوناني ڊرامه نويس ايسڪيلس Acchylus 525 ق- م کان 456 ق- م پنهنجي ڪتاب ۾ ٿيبس Thabes واري ڪائونسل جي سامهون هلندڙ هڪڙي مقدمي ۾ هي فيصلو درج ڪيو هو ته ايٽوڪليس Eteocles جي ميت کي احترام سان دفنايو وڃي ۽ پولينس Polyneices جي ميت کي ڪتن جي اڳيان کائڻ لاءِ رکيو وڃي. اڳتي هلي رياست جي پيدا ٿيڻ بعد انهيءَ ساڳي ڪائونسل کي سينيٽ جي صورت ۾ تبديل ڪيو ويو هو.
    2- Agora عوامي جرڳو يا اسيمبلي اسان آمريڪي انڊين قبيلن ايروڪواس ۾ ڏٺو آهي ته عوام يعني قبيلي جا مرد ۽ عورتون ڪائونسل جي اجلاس وقت ٻاهران حلقو ٺاهي بيهندا هئا ۽ هلندڙ بحث مباحثي ۾ وڏي انتظام سان بهرو وٺندا هئا. اهڙي طرح عوام ڪائونسل جي فيصلن تي اثرانداز ٿيندا هو. يونانين واري سورمائي دور ۾ تماشبين Umstand (اهو لفظ جرمن آهي) واري حلقي ارتقا ڪندي هڪ عوامي اسيمبلي يا جرڳي جو روپ اختيار ڪيو هو. ساڳي حالت جرمن قبيلن ۾ به پيدا ٿي هئي. اهم فيصلن ڪرڻ لاءِ ڪائونسل انهيءَ آگورا جو اجلاس طلب ڪندي هئي، جنهن ۾هر حاضر شخص کي ڳالهائڻ جو حق حاصل هوندو هو. هٿن مٿي کڻڻ سان فيصلي جي تائيد ڪئي ويندي هئي.
    مشهور مورخ ۽ صوطيات جي ماهر عالم Schomann پنهنجي نامور ڪتاب يونان جا نوادرات Antiquites of Greece ۾ لکي ٿو ته: ”قومي فيصلو ڪرڻ جي معاملن ۾ آگورا هڪ خود مختيار ۽آخري اسيمبلي هوندي هئي.“ هو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته، ”جڏهن به ڪنهن اهڙي اهم معاملي تي بحث مباحثو ڪرڻو پوندو هو ۽ جنهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ عوام جي تعاون جي ضرورت پوندي هئي ته ان بابت اسان کي هومر جي شعرن مان ڪوبه اهڙو اشارو ملي، جنهن مان گمان ڪري سگهجي ته عوام کي سندن مرضي جي خلاف مجبور ڪري کانئن ان تي عمل ڪرائي سگهڻ ممڪن هوندو هو. اهو به هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن قبيلي جو هر بالغ مرد هٿيار بند جنگي جوان هوندو هو. انهيءَ وقت تائين هڪ اهڙو عوامي اقتدار ۽ طاقت جو ادارو جنهن کي خود عوام جي خلاف استعمال ڪري سگهجي، قوم کان ڇڄي ڌار نه ٿيو هو.
    قديم قسم واري جمهوريت پنهنجي جواني جي ڦوهه ۾ هئي ۽ اسين انهيءَ مقام ۽ تاريخي موڙ تي بيهي ٻنهي ڪائونسل ۽ بيسولس Basileus يعني جنگي سردار اعليٰ جي اختيار ۽ طاقت جو صحيح اندازو لڳائي سگهون ٿا.
    3- بيسولس Basileus يعني جنگي سردار اعليٰ انهيءَ منصب لاءِ مارڪس جا ڏنل مارڪ هيٺ ڏجن ٿا، هو صاحب ان تي بحث ڪندي لکي ٿو ته: ”موجوده دور جا علما اڪرام جيڪي اڪثر ڪري ملڪي بادشاهن جا پيدائشي نمڪ خور نوڪر هوندا آهن، جيڪي سردار اعليٰ کي موجوده دور واري بادشاهه King واري مفهوم ۾ پيش ڪن ٿا، پر آمريڪي جمهوريت پسند عالم مارگن کي انهيءَ مفهوم تي وڏو اعتراض آهي. مارگن طنزيه پر صحيح طور تي برطانيا جي مشهور سياستدان گيلڊ اسٽون ۽ سندس ڪتاب شباب ئي جهان Juventus Mundi تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته، مسٽر گيلڊ اسٽون جيڪي يوناني سورمائي دور واري جنگي سردار اعليٰ کي بادشاهه ۽ شاهزادي جي نالن سان پيش ڪندو هلي ٿو. اهي به اهڙي قسم جا بادشاهه ۽ شهزادا جيڪي ڀل مان سيني جي اعليٰ خوبين سان ٽمٽار هجن، خود به هن حقيقت کي مڃڻ لاءِ مجبور آهي ته اسان وٽ مجموعي طور تي شجري ۽ حسب نسب جو هڪ اهڙوئي قانون ۽ آئين موجود آهي (يعني بادشاهه جي وڏي پٽ کي تخت جي حقدار سمجهڻ وارو قانون) پر انهيءَ قانون جي جواز ۽ صحت جي ڪٿي به ڪا کليل ۽ واضح نموني ۾ ڪابه وضاحت نه ملي سگهي آهي، جيڪا صورتحال ايروڪواس جي قبيلن جي نظام ۾ جنگي سردار جي ورثي هجڻ جي نسبت ۾هوندي هئي، ٻين قبيلن ۾ پڻ ان جي لڳ ڀڳ حالت هوندي هئي، انهيءَ امر بابت اسين اڳ ۾ئي ذڪر ڪري آيا آهيون جيئن ته سمورن عهدي وارن کي اڪثر ڪري سندن نِياتن مان ئي چونڊيو ويندو هو.
    اهڙي صورتحال جي پيش نظر اهو منصب ڄڻ ته نِيات ۾ مورثي هوندو هو پر آهستي آهستي سندس خالي ٿيل جاءِ سندس نِيات جي بجاءِ ٻي نِيات واري ڪنهن عزيز مثلن ڀاءُ يا ڀاڻج سان ڀري ويندي هئي، بشرطيڪ کيس نظرانداز ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي ۽ جائز سبب موجود هجن، پر يونانين پدرانه حق جي رائج ۽ موجود هجڻ جي ڪري جنگي سردار اعليٰ وارو منصب هينئر ڦري پٽ ڏانهن يا گهڻن پٽن جي حالت ۾ ڪنهن وڌيڪ لائق پٽ ڏانهن وڃڻ لڳو هو. انهيءَ امر مان هي اندازو به سولائيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته، چونڊ وسيلي وارث مقرر ڪرڻ لاءِ عام راءِ اڪثر ڪري فوت ٿي ويل جنگي سردار اعليٰ جي پٽن جي فائدي ۾ هوندي هئي، پر ان جو مطلب هي هرگز نه هوندو هو ته ان مان هروڀرو اها مراد ورتي وڃي ته قانوني طور پاڻ کي وارث طور مقرر ڪرائڻ بعد کيس پاڻ کي عوام جي هٿان چونڊرائڻ جي ڪابه ضرورت به هوندي هئي. انهيءَ مقام تي پهچي اسين ٻنهي ايروڪواس قبيلن توڙي يوناني نِياتن ۾ هڪ خاص امير ۽ شاهوڪار ڪٽنبن کي ڦٽي ظاهر ۽ نروار ٿيندي ڏسون ٿا ۽ يونانين مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ مورثي جنگي سردارن ۽ بادشاهن واري به ٻوٽي واري سلي کي ڦٽي نڪرندي ڏسي سگهون ٿا، ان ڪري هي گمان ۽ قياس به ڪري سگهجي ٿو ته يونانين ۾ جنسي سردار اعليٰ کي يا ته عوام چونڊيندو هو يا گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن عوام جي تسليم ڪيل اداري جي هٿان سندس تقرر جي توثيق ڪرائي ويندي هئي ۽ اهو توثيق ڪرڻ وارو ادارو هوندو هو. ڪائونسل ۽ آگورا. اها ساڳي حالت رومن معاشري واري بادشاهه يعني ريڪس Rex سان پڻ لاڳو هوندي هئي.
    هومر جي ڪلام اليڊ Illied ۾ عوام جي حڪمرانيءَ لاءِ آگاممنان نالي سورمي کي هڪ گهيري ۾ آندل شهر جي ٻاهران يونانين جي بادشاهه جي صورت ۾ نهپر وفاقي قبائلي رضاڪار فوج جي جنگي سردار اعليٰ جي حيثيت ۾ موجود ڏيکاريو ويو آهي، پر جڏهن يونانين ۾ نااتفاقي ۽ نفاق پيدا ٿي پون ٿا ۽ منجهن اقتدار تي قبضي ڪرڻ لاءِ خانه جنگي شروع ٿي پوي ٿي ته، جنگي سردار اعليٰ واري انهيءَ حيثيت لاءِ مشهور يوناني سردار اوڊيسيز Odyssaus پنهنجي هڪ حوالي ۾ اشارو ڪندي چوي ٿو ته: ”گهڻن سردارن جو حڪم هلائڻ ڪا سٺي مصلحت ڀري ڳالهه نه آهي، اچو ته پاڻ مان هڪڙي سردار کي سردار اعليٰ مقرر ڪيون.“ انهيءَ منصب لاءِ کيس اختيارات جي عصا سونپڻ واري رسم لاءِ يوناني تاريخ ۾ اشعار موجود آهن. هن تاريخي حوالي ۾اوڊيسنز ڪنهن سرڪار ي رياست جي اداري جي نوعيت جوڪوبه ذڪر ڪونه ٿو ڪري، بلڪ هو ميدان جنگ تي سموري وفاقي فوج جي مٿان هڪ جنگي سردار اعليٰ جي اطاعت ڪرڻ جو کانئن مطالبو ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته يوناني فوج جيڪا ٽرائ Troy جي شهر کي گهيرو ڪري ويهي ٿي، فقط هڪ عوامي فوج جي صورت ۾موجود هئي ۽ آگورا واري ڪارروائي جمهوري نموني جي هوندي هئي.
    جڏهن ايسڪيليز سوکڙين جو ذڪر ڪري ٿو ته، ان مان سندس مراد آهي مال و غنيمت جي ورهاست ڪرڻ. ايسڪيليز ڪڏهن آگا ممان يا ڪنهن به ٻئي جنگي سردار کي مال غنيمت جي ورهاست ڪرڻ وارو امين مقرر نٿو ڪري، بلڪ هو هميشه (ايڪينس جي پٽن) يعني يوناني عوام جو ذڪر ڪري ٿو. ساڳيءَ طرح زيئس جي پٽن زيڪس جي نپايل اولاد وغيره محاورن مان ڪوبه خاص ٻيو مطلب ۽ مراد حاصل نٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته هر يوناني نِيات ڪنهن نه ڪنهن ديوتا جي اولاد هوندي هئي ۽ قبائلي سردار پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن اعليٰ ديوتا جو اولاد سڏائيندا هئا. جيڪو انهيءَ صورت ۾ فقط زيئس ئي ٿي سگهيو ٿي.
    قديم يوناني شعر جوئي ديوان اوڊيسي ۽ خود ٻانها مثلن سوئر چاريندڙ ايموئيس ۽ ٻيا نوڪر چاڪر پڻ متبرڪ ديوتائن جا اولاد ليکجن ٿا، اهو دور اليڊ کان گهڻو بعد جو دور آهي. ساڳي ريت اسين اوڊيسي ۾ وڌيڪ پڙهون ٿا ته هڪ معمولي نقيب موليوس کي به سورمي جي لقب سان سڏيو ويو آهي. نابينا پٽ ڊيموڊوڪس کي به سورمو سڏيو ويو آهي. مطلب ته لفظ بيسليوس يعني جنگي سردار اعليٰ جيڪو يوناني اديبن هومر وارن نام نهاد بادشاهن لاءِ ڪتب آندو آهي، ڪائونسل ۾ آگورا پڻ ساڻس گڏ نظر اچن ٿيون. ان ڪري مون لفظ بيسيسي ليوئس مان مراد فقط فوجي جمهوريت ورتي آهي
    مارڪس مطابق انهيءَ فوجي سردار اعليٰ کي جنگي فرضن سان گڏ پاڪ مذهبي رسمون بجا آڻڻ ۽ انصاف ڪرڻ جا فرض پڻ سونپيل هوندا هئا، پر پوين فرضن لاءِ ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ ڪوبه واضح حوالو يا اشارو موجود نه آهي، پر اسان کي هي هڪ ڳالهه واضح طور تي نظر اچي ٿي ته هو ڪائونسل جو هڪ غيرسرڪاري رڪن هوندو هو. لغوي طور تي لفظ بيسي ليوس جو ترجمو بادشاهه به ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته لفظ ڪنگ Kuning مان نڪتل آهي، جيڪو لفظ وري Kumni يا Kuni مان نڪتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي نِيات جو مکي، پر قديم يوناني لفظ بيسي ليوس ڪنهن به صورت ۾ موجوده دور واري لفظ King يعني بادشاهه سان ٺهڪي نٿو اچي.
    مشهور يوناني مورخ ٿيوڊيڊس Thucydides چار 460 کان 395 ق- م قديم يوناني لفظ بيسيليوس لفظ پٽريڪار Ptrikar جي جاءِ تي استعمال ڪري ٿو. جنهن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي نِيات مان ڄاول يعني ڄام. هو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته، ” ان ڪري سندس فرض پڻ مقرر ڪيل ۽ محدود قسم جا هوندا هئا.“ ارسطا طاليس جي لکڻ موجب سورمائي دور واري سردار اعليٰ واري منصب مان مراد آزاد عوام جي مهنداري ڪرڻ ورتي ويندي هئي. اهو جنگي سردار اعليٰ فوج جي مهندار هجڻ سان گڏ منصف ۽ اعليٰ پورهيت به هوندو هو. ان ڪري کيس عوام تي هڪ مطلق العنان بادشاهه وانگر حڪومت جو ڪوبه اختيار حاصل نه هوندو هو. يعني سندس عهدي جو حڪومت جي انتظاميا سان ڪوبه واسطو ۽ سروڪار نه هوندو هو.
    ان ڪري اسين سورمائي دور واري يوناني آئين ۾ قوم نِياتي نظام کي پنهنجي عروج تي ڏسون ٿا. پر ان سان گڏ اسان کي سندس تنزل جي شروعات پڻ صاف طور تي نظر اچي رهي آهي. معاشري ۾ پدرانه حق جي اجرائ جي ڪري ۽ ملڪيت جي فوتي مرد جي اولاد کي ورثي ترڪي ۾ ملڻ واري رواج دولت کي ڪٽنب جي اندر گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. ايتري قدر جو هينئر ڪٽنب طاقت ۾ خود نِيات کان به وڌي ويو هو. دولت جي انهيءَ غيرمساويانه تفريق ۽ ورهاست وقت جي رائج سماجي آئين تي اثرانداز ٿيڻ شروع ڪري ڏنو هو، جنهن مان هڪ مورثي اميرن جي طبقي ۽ بادشاهت جي اداري ڦٽي ظاهر ٿيڻ لاءِ انگور ڪڍڻ شروع ڪري ڏنا هئا ۽ ٻانهپ جي اداري جيڪو شروعات کان فقط جنگي قيدين تائين محدود هوندو هو. هينئر خود قبيلي جي آزاد فردن کي به پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ شروع ڪري ڏنو هو.
    نِياتون پڻ ان جي اثر هيٺ اچڻ شروع ٿيون هيون، پراڻيون بين القبائلي جنگين وڌي هڪ منظم غزوات جي صورت اختيار ڪئي هئي. زمين توڙي سمنڊ تي انهن جنگين ڪرڻ جو مقصد هو، دشمن قبيلن جا مال متاع ۽ ڍور ڍڳا ٻانها ۽ خزانا هٿ ڪرڻ. اهڙيءَ طرح جنگيون ڦري هڪ مستقل ذريعي معاش بنجي پيون هيون. ٿوري ۾ کڻي چئجي ته هينئر انسان جي نه پر سندس دولت جي واکاڻ ۽ شهرت ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي. دولت مند بنجي پوڻ کي وڏي ڀاڳ ۽ سعادت جي نشاني ليکيو ويندو هو. ان ڪري دولت کي چوري زوري زبردستي حاصل ڪرڻ لاءِ پراڻي نِياتي آئين سان به هٿ چراند ڪرڻ شروع ٿي ويئي هئي، ان وقت معاشري ۾ فقط هڪ شيءِ جي ڪمي رهيل هئي، اها هئي ته اهڙو ڪوبه ادارو اڃان وجود ۾ نه اچي سگهيو هو. جيڪو نه فقط ڪنهن خانگي فرد جي هٿ ڪيل ملڪيت ۽ دولت تي نِياتي آئين وارين اشتراڪي روايتن جي مقابلي ۾ تحفظ مهيا ڪري سگهي ۽ اها دولت ۽ ذاتي ملڪيت جنهن کي هن کان اڳ ۾ محض هڪ خسيس هٿن پيرن جي مر ليکيو ويندو هو. ان کي نه رڳو متبرڪ شمار ڪري بلڪ ان جي تبرڪ کي انساني معاشري جي هڪ عظيم ترين مقصد طور شمار ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪري ڇڏي، بلڪ ساڳئي وقت تي انهيءَ ملڪيت حاصل ڪرڻ جي نون اسرندڙ طريقن ۽ ان بعد دولت کي دائمي طور تي وڌندي رهڻ واري عمل تي عوام جي قبوليت جي مهر ثابت ڪري ڇڏي. هڪ اهڙو ادارو جيڪو معاشري جي اندر هڪ نئين اڀرندڙ طبقاتي ورهاست دائمي طور تي موجود رهڻ، مگر ملڪيت حاصل ڪيل طبقي جي ملڪيت نه حاصل ڪيل طبقن کي ڦرڻ لٽڻ ۽ ڦورو (کائو) طبقي جي ڦريل (ڪمائو) طبقن تي حڪمراني ڪرڻ واري حق کي پڻ دوام بخشي سگهي. آخر اهو مطلوب دارو پڻ معاشري ۾ اچي پو گهٽ ٿيو. يعني رياست جو ادارو، نظريو ۽ سندس وجود معاشري اندر ايجاد ٿي ويو.


    اٿينس جي رياست واري اداري جو عروج حاصل ڪرڻ

    هينئر سوال پيدا ٿئي ٿو ته اٿينس ۽ رياست جو ادارو ڪيئن پيدا ٿيو؟ ان جو جواب هي آهي ته نِياتي آئين جي ڪن اهم حصن کي ٽوڙي موڙي بدلائي سدلائي کين هڪ نئين شڪل ڏني ويئي هئي، انهيءَ بدل سدل ڪرڻ ۾ سندن ڪن حصن کي سندن مقرر ڪيل جاين تان سرڪايو ويو هو ۽ سندن خالي ٿيل جاين تي ڪن نون اعضائ کي پيوند ڪيو ويو هو. انهيءَ سموري ڪارروائي جي تڪميل ڪرڻ بعد ڪن سچن با اختيار ڪارندن کي ميدان ۾آندو ويو هو. مسلح عوام، جيڪو نِياتن، برادرين ۽ قبيلن جي صورت ۾ پنهنجن سمورن سماجي حقن جو دفاع ڪندو هو ۽ ضرورت جي وقت پنهنجا فرض به پورا ڪندو هو، انهيءَ جاءِ تي رياستي يعني پبلڪ فورس کي برپا ڪري، کيس عوام جي ماتحت رکڻ جي بجاءِ رياست جي سرڪاري ڪارندن جي حوالي ۽ خدمت ۾ ڏنو ويو. اها نئين تيار ڪيل عوامي طاقت خود پنهنجي اصلوڪي مالڪ يعني خود ملڪي عوام جي خلاف به وڙهڻ لاءِ هر دم تيار حالت ۾ يعني مسلح حالت ۾ موجود رهڻ لڳي هئي. انهيءَ قسم واري نئين پيدا ڪيل نظام کي سندس ابتدائي حالت ۽ صورت ۾ جنهن سولائيءَ سان يوناني معاشري ۾ ڳولي هٿ ڪري سگهو پئي، ڪنهن هنڌ يعني ڪنهن به ٻئي هم عصر يا بعد ۾ پيدا ٿيندڙ معاشرن ۾ هٿ ڪري نه سگهبو. مارگن انهيءَ تبديليءَ کي پوري تفصيل سان بيان ڪيو آهي، پر آءٌ هتي فقط انهن اقتصادي پهلوئن جي انهيءَ نئين رياستي نظام کي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي جو بيان ڪندس.
    يونان جي سورمائي دور ۾ اٿينس وارا چار ئي قبيلا اٽيڪا جي مختلف علائقن يا صوبن ۾ رهندا هئا. اهي چارئي قبيلا انهن ٻارنهن برادرين مان ٺهيا هئا، جيڪي ڪيڪ روپ جي علائقن ۾ ٻارنهن مختلف شهرن ۾ پنهنجي جداجدا مقرر ڪيل علائقن يا محلن ۾ رهندا هئا. ملڪي نظام ساڳيو ئي سورمائي دور وارو هلندو آيو هو پر جيتري قدر کليل تاريخ جو تعلق آهي ته اسين ڏسون ٿا ته، سورمائي دور ۾ ملڪ جي سموري آباديءَ لائق زمين کي مشترڪ عوامي ملڪيت مان ڦيرائي ذاتي ملڪيت طور بنائي سندس عوام ۾ ورهاست ڪري ڇڏيو ويو هو. اها ورهاست ٿي ويل ذاتي ملڪيت بنجي ويل زمين خام پيداوار جو نسبتي طور تي ڪي قدر هڪ سڌريل قسم جو درجو هو. جيڪو درجو غيرمهذب دور واري مٿاهين درجي جي پهچڻ لاءِ هڪ ضروري ڏاڪو هوندو آهي. يعني ٻنهي واپار ۽ خام مال جي پيداوار جي وڌڻ جي ڪري خود زمين به ڦري هڪ واپار خام مال جي صورت اختيار ڪئي هئي.
    هينئر اناج جي پيداوار سان گڏ تيلن ۽ شرابن ٺاهڻ جي صنعت لاءِ خاص گهربل فصل به پوکجڻ لڳا هئا. اينجن سمنڊ جي ڪنارن وارن ملڪن ۾ هلندڙ واپار فيونيقن (عربن) جي هٿن مان نڪري اٽيڪا جي يونانين جي قبضي ۾ اچي ويو هو. زمين جي وڪري ڪرڻ ۽ خريد ڪرڻ واري رواج جي پوڻ جي ڪري زراعت ۽ صنعت، واپار ۽ جهاز راني ۽ ٻين صنعتي ڪمن ۾ به پورهي جي ورهاست شروع ٿي ويئي هئي. ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته مختلف نِياتن، برادرين ۽ قبيلن جا ماڻهو پڻ هڪ ٻئي سان گڏجي سڏجي ملي هڪ ٿي ويا هئا. برادرين ۽ قبيلن جي روايتي طور تي مقرر ڪيل سماجي حدن ۾ اهڙا ٻيا به رهاڪو گهڙي آيا هئا، جيڪي هن دور کان اڳ ۾ ملڪي ۽ وطني هجڻ جي باوجود به انهن اصلوڪين يوناني نِياتن ۽ قبيلن ۾ شامل نه هوندا هئا. ان ڪري انهن صوبن ۽ ضلعن ۾ مستقل رهائش جي باوجود اهي ماڻهو ڌاريا شمار ڪيا ويندا هئا.
    صلح جي دور ۾ هر برادري ۽ قبيلو پنهنجا سمورا معاملا پاڻ سنڀاليندو هو. کين ائين شهر ۾ رهندڙ جنگي سردار اعليٰ ۽ عوامي ڪائونسل سان ڪنهن به مشوري ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه پوندي هئي، ان ڪري قدرتي طور تي برادري ۽ قبيلي جي حدن جي اندر رهندڙ ڌاريا ماڻهو ملڪي انتظام هلائڻ ۾ ڪوبه بهرو وٺي نه سگهندا هئا.
    انهيءَ هڪڙي ئي امر ملڪي انتظام هلائڻ ۾ يعني رواياتي قديم نِياتي آئين جي عمل ڪرائڻ ۾ ايتري قدر دشواريون پيدا ڪري ڇڏيون هيون، جو انهن دشوارين کي حل ڪرڻ جي ضرورت خود سورمائي دور ۾ ئي پيدا ٿي چڪي هئي. ان ڪري هڪ نئون آئين جيڪو ٽيسوس Thesous واري آئين جي نالي سان مشهور آهي، کي رائج ڪيو ويو هو.
    انهيءَ تبديلي جو اهم ۾ اهم ۽ مکيه ۾ مکيه ڪردار هي هو ته مرڪزي انتظاميا ۽ ٻئي ملڪي ڪاروبار کي هلائڻ لا اٿينس جي شهر ۾ هڪڙو خاص نئون ادارو قائم ڪيو ويو هو. يعني ڪي اهڙا معاملا جن جو انتظام ان وقت سوڌو قبيلا پاڻ خودمختيار ٿيو پيا هلائيندا هئا. انهن کي عوامي قرار ڏئي سندن انتظام هڪ جنرل ڪائونسل جي سپرد ڪيو ويو. انهيءَ جنرل ڪائونسل جو هيڊ ڪوارٽر اٿينس جي شهر ۾ قائم ڪيو ويو هو.
    اهڙيءَ ريت ايروڪواس قبيلن جي ڀيٽ ۾ اٿينس جي عوام هڪ وڏو آئيني قدم کنيو هو. هينئر پاڻ ۾ پاڙيسري قبيلن جي هڪ سادي سودي وفاق جي جاءِ تي، ملڪ جي سمورن قبيلن جي رضامندي يا درگذريءَ سان، سموري ملڪ پاڻ ۾ گڏجي هڪ قوم بنجڻ لاءِ هڪ اهم قدم کنيو هو. انهيءَ نئين وفاق کي هلائڻ لاءِ اٿينس جي سمورن قبيلن لاءِ هڪ گڏيل ۽ مشترڪ هڪ يڪي قانون جي تدوين پڻ ڪئي وئي. اهو نئون آئيني قانون، نِياتن، برادرين ۽ قبيلن وارين رواياتي مقامي، قانوني رسمن ۽ رواجن کان گهڻو مٿڀري قسم جو هو. انهيءَ نئين قانون جي مٿڀري هجڻ واري حقيقت جي لکت ۾ موجود هجڻ جي ڪري اٿينس شهر جي حدن اندر رهندڙ برادرين ۽ قبيلن کي نه رڳو شهر جي چوديواريءَ جي حدن اندر زائد قسم جا قانوني بچاءَ ۽ مراعات ڏنل هيون، بلڪ خود اهڙن علائقن ۾ به جيڪي منجهنس رهندڙ قبيلن جي دائره اختيارات کان بلڪل ٻاهر ۽ خارج هوندا هئا، ساڳيون مراعات ۽ تحفظ ڏنو ويو هو. جيڪو قدم اڳتي هلي انهن سمورين ڌارين قومن کي اٿينس جي معاشري ۾ شهر واسي ٿيڻ لاءِ پهريون موثر قدم ثابت ٿيو هو. يعني اهو آئيني قدم سموري اٽيڪا جي حدن ۾ رهندڙ غير ملڪي عناصرن کي پاڻ ۾ سمائي ضم ڪري ڇڏڻ لاءِ کنيو ويو هو. اهي نوان آيل ماڻهو غير ملڪي هجڻ جي ڪري اٿينس واري پراڻي روايتي نِياتي آئين جي حدن مان خارج هوندا هئا.
    ٿيسوس جو نالو جنهن ٻئي اداري سان به منسوب ڪيل آهي. اهو هي آهي ته، هن عظيم يوناني مدبر ۽ سياستدان سموري يوناني عوام کي يعني سندن نِياتن برادرين ۽ قبيلن کي نظرانداز ڪري، کين نئين سري سان هيٺين نون سماجي طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو هو:
    (1) يوپيٽريڊيز Eupatridesيعني امير (شاهوڪار) طبقو، (2) جمورائي Geomoroie آبادگار طبقو، (3) ڊيمي ارجي Demiurgi هنرمند طبقو، هن ٽنهي طبقن مان ملڪي انتظام هلائڻ جي واڳ ڏور فقط پهرين نمبر يعني امير طبقي کي سونپي ويئي هئي. بيشڪ عوامي عهدن تي تقرري واري حق کي فقط امير طبقي لاءِ مخصوص ڪرڻ واري فقري کي آئين ۾ داخل ڪرڻ کان سواءِ اها طبقاتي ورهاست ڪڏهن به عمل ۾ نه اچي سگهي ها. ڇاڪاڻ ته انهيءَ نئين ورهاست انهن ٺلهن نالن ۽ لقبن ڏيڻ کان سواءِ طبقن جي وچ ۾ ٻي ڪابه قانوني تفريق پيدا نه ڪئي هئي. اهو قدم هن ڪري به اهم آهي ته انهيءَ مان اسان کي انهن نون سماجي عناصرن جي خبر پوي ٿي، جيڪي ماٺ ميٺ ۾ ارتقا ڪندا وڌندا ويجهندا رهيا هئا.
    اهو امر هي پڻ وڌيڪ ڏيکاري ٿو ته، نِياتن ۾ ڪن ڪٽنبن جي، جيڪي پنهنجي دولت جي زور تي اڳ ۾ ئي معاشري اندر طاقت ور بنجي چڪا هئا. روايتي قديم طور تي قائم رهڻ واري عمل وڌي وڃي ڪٽنبن جي مخصوص روايتي منصبن تي انهن ساڳين ڪٽنبن جي حقن جي صورت اختيار ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته نِيات جي ڪنهن به شخص ان وقت تائين نه انهيءَ امر جو ڪو مقابلو ئي ڪيو هو ۽ نه وري سندن انهيءَ روايتي دعويٰ تي ڪو اعتراض به ڪيو هو. انهن ٻنهي امرن جي ميلاپ جو نتيجو هي نڪتو هو ته اهو نئون امير طبقو عوام کان جدا هڪ ڌار مخصوص حقن حاصل ڪيل طبقو بنجي پيو هو ۽ نئين پيدا ٿي پيل رياست جي اداري سندن انهيءَ طاقت وسيلي حاصل ڪيل حق جي توثيق به ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ ساڳئي امر مان هي هڪ وڌيڪ حقيقت به ثابت ٿئي ٿي ته پورهيتن کي وري ڪڙمين ۾ ڪاريگرن (هنرمندن) جي وچ ۾ ورهاست ڪرڻ جي عمل کي ايتري قدر ته زور ورتو هو جو هينئر اها نئين طبقاتي ورهاست خود پراڻي نِياتي ۽ قبيلي وارانه ورهاست واري سماجي فوقيت ۽ اعلائيت سان مقابلو ڪرڻ لڳي هئي.
    آخرڪار انهيءَ نئين طبقاتي ورهاست پراڻي ۽ قديم نِياتي معاشري ۽ رياست جي نئين پيدا ٿيل اداري جي وچ ۾ هڪ نه فيصل ٿي سگهندڙ دشمني ۽ عداوت جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. رياست جي اداري کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ نِياتن کي ڀڃي ختم ڪري نيات جي رڪنن کي ٻن نون طبقن يعني هڪڙو حق حاصل ڪيل طبقو يعني امير (شاهوڪار) طبقو ۽ ٻيو ڪمتر يا ادنيٰ بنا ڪنهن حق حاصل ڪيل طبقي ۾ ورهائي رکڻو پئجي ويو هو ۽ پوئين ڪمتر طبقي کي وڌيڪ ڪمزور حالت ۾ رکڻ خاطر کيس سندن ڪمن ڪارين ۽ ڌنڌن مطابق ٻن وڌيڪ نون مکيه طبقن ۾ ورهايو ويو ۽ وري خود پوين ٻنهي طبقن کي پڻ هڪ ٻئي سان دائمي طور تي برسر پيڪار ۽ صف آرا رکڻ جوبه خاطر خواهه انتظام ڪيو ويو.
    سولون Solon واري دور تائين اٿينس جي سياسي تاريخ هڪ اهڙي قسم جي تاريخ آهي، جنهن جي ڪنهن به شخص کي پوري تفصيلي ڄاڻ حاصل ٿي نه سگهي آهي. سندس دور تائين پهچندي پهچندي جنگي سردار اعليٰ وارو عهدو عمل ۾ اچڻ بند ٿي چڪو هو ۽ آرڪون (مکي) جن کي هينئر فقط امير طبقن مان چونڊيو وڃڻ لڳو هو. يونان جي رياست جا سربراهه بنجي ويهي رهيا هئا. انهيءَ امير طبقي جي ٻين طبقن تي حڪمراني درجه بدرجه وڌندي ويئي هئي ۽ آخرڪار 600 ق- م ڌاري معاشري ۾ سندن وجود برداشت ڪري سگهڻ کان ٻاهر نڪري ويو هو. عوام جي آزاديءَ سان دست اندازي ڪرڻ جا مکيه ذريعا به فقط ٻه بنجي پيا هئا، هڪ دولت ٻيو وياج!
    اهو امير طبقو گهڻو ڪري اٿينس يا ان جي آس پاس ۾ رهندو هو. جتي سامونڊي واپار ۽ بعضي قزاقي جو مشغلو جيڪو اڃان تائين ٻاهرين ٻني ته هوندو هو، کين وڌيڪ دولتمند بنائندو رهيو هو ۽ سموري اندرئين (ملڪي) ۽ ٻاهرين (غيرملڪي) دولت کي ٻهاري سهاري گڏ ڪري سندن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو هو. انهيءَ نقطي تي پهچي دولت جو ترقي پذير نظام، ٻهراڙين ۾ رهندڙ غريب عوام جن جو گذر سفر محض قدرتي اقتصاديات تي ٻڌل هوندو هو. سندن رواياتي حياتين ۾ هڪ زهريلي تيزاب وانگر سرعت سان داخل ٿي، کين ساڙيندو ٻاريندو جلائيندو زخمي ڪندو ويندو هو.
    هينئر نياتي آئين وارو قديم نظام ناڻي ۽ دولت واري نظام سان ڪنهن به حالت ۾ ۽ صورت ۾ مقابلو ڪري نه ٿي سگهيو. اٽيڪا ۾ رهندڙ ننڍن آبادگارن جي بربادي سندن پراڻن نياتي ٻنڌڻن جيڪي کين انهيءَ دور تائين بچائيندا آيا هئا، اچي پري ٿيڻ جي رفتار جي مطابقت ۾ هلندي رهي هئي. هينئر قرض خواهن جا بل ۽ گروپن جا دستاويز (هن دور تائين اٿينس جي اميرن گروي جي رسم کي ايجاد ڪري ورتو هو). ڪنهن به مقروض شخص جي خاندان، نيات يا برادريءَ جو لحاظ نه ڪندا هئا.
    پر پراڻي نياتي نظام کي (پنهنجي سادي زرعي خود ڪفالت جي ڪري) پيسي يعني ناڻي، قرض وياج ۽ ڏوڪڙ جي لين دين جي ڪابه خبر نه هوندي هئي. ان ڪري امير طبقي جي روز بروز وڌندڙ طاقت ناڻي جي حڪمراني کي تحفظ ڏيڻ ۽ وياج خور جي ننڍي آبادگار جي استحصال ڪرڻ جي توثيق ڪري ڇڏڻ سان معاشري ۾ هڪ نئين قانون، رسم يا آئين ۽ رواج ۽ هلي چلي کي جنم ڏنو هو. اٽيڪا جي سمورين ٻهراڙين ۾ وياج خورن زمينن کي پاڻ وٽ گروي طور رکي وياج جي پيسن ڏيڻ جا اڏا کولي رکيا هئا. انهن گروي طور رکيل زمين جي مهاڙين تي هي عبارت لکيل هوندي هئي ته:
    ”جنهن زمين جي ايراضيءَ تي توهان بيٺا آهيو، اها زمين فلاڻي (وياج خور) امير وٽ هيتري ۾ گروي رکيل آهي.“ جنهن زمينن تي انهيءَ عبارت واري تختي لڳل نه هوندي هئي ته ان مان سمجهيو ويندو هو ته اها زمين گهڻو ڪري گروي جي رقم نه ڀري سگهڻ يا وياج جي ادا نه ڪري سگهڻ جي ڪري فلاڻي ڪي فلاڻي امير طبقي جي شاهوڪار وياج خور جي هٿ وڪامي چڪي آهي.
    ويچارو غريب آبادگار فقط هن هڪڙي ڳالهه تي سرهو ۽ نهال نظر ايندو هو ته سندس وياج خور مالڪ کيس انهيءَ ساڳي زمين تي ڪڙمي ٿي رهڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ کيس انهيءَ ساڳي زمين جي پيدائش مان ڇهون حصو بٽيءَ طور کڻڻ جو مستحق قرار ڏنو آهي ۽کيس پيدائش جا باقي پنج حصا زمين واري نئين وياج خور امير مالڪ کي لاپي طور ڀري ڏيڻا هئا. انهيءَ امر کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ حقيقت هيءَ به هوندي هئي ته، جيڪڏهن ڪنهن مقروض شخص واري گروي طور رکيل زمين جي وڪري ڪرڻ مان حاصل ڪيل رقم سندس ورتل قرض ۽ ان جي وياج جي پورت ڪري نه سگهندي هئي ۽ انهيءَ رقم لاءِ وٽس وياج خور وٽ ضمانت طور رکڻ لاءِ ٻي ڪابه قيمتي شيءِ موجود نه هوندي هئي ته انهيءَ حالت ۾ مقروض شخص کي پنهنجن ٻارن ٻچن (زال ۽ اولاد) کي ڏيساور ۾ ٻانهن طور وڪرو ڪري به قرض خواهه جي طلب کي پورو ڪرڻو پئجي ويندو هو. يعني هڪ پيءُ جي هٿان سندس ئي اصل اولاد جو کانئس ڇڄي ٻانهن طور وڪري ٿي وڃڻ جهڙي ماجرا هڪ انسان لاءِ قيامت کان گهٽ نه هوندي هئي.
    معاذا! هي هو پدرانه حق ۽ سندس پيداڪيل ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي خانه آباديءَ واري اداري سڳوري جو پهريون ڦل! ان هوندي به جيڪڏهن انهيءَ ڪٺور وياج خور جو بڀ نه ڀربو هو، يعني اهو شخص کي به ٻانهي طور وڪرو ڪري ڇڏيندو هو ۽ ان مان ڪمايل سموري رقم کي وياج طور وضع ڪري ڇڏيندو هو. اهو هو اٿينس جي قوم جي مهذب دور جو صبوح صادق!
    انهيءَ دور کان اڳ ۾ جڏهن عوام جون حالتون اڃان نياتي آئين جي مطابقت ۾ هلي رهيون هيون ته اهڙي منحوس انقلاب جو اچڻ هڪ ناممڪن امر هو. پر اهو انقلاب ته هن معاشري ۾ وارد به ٿي چڪو هو. اهو انقلاب اتي ڪيئن پهتو؟
    انهيءَ حقيقت جي ڪنهن کي به خبر نه هئي. ٿوري وقت لاءِ اچو ته پنهنجن دوستن ايروڪواس قبيلن ڏانهن موٽي هلون. جهڙي منحوس ماجرا اچي اٿينس جي معاشري تي ديرو ڄمايو هو ۽ جنهن عمل ۾ سندس عوام جو ڪوبه ڏوهه نه هو ۽ اها ڳالهه هئي به سچ پچ سندن ارادي ۽ مرضيءَ جي خلاف، ايروڪواس قبيلا اهڙي منحوس ماجرا جو تصور به ڪري نه ٿي سگهيا. ڇاڪاڻ ته وٽن روزگار جي پيدا ڪرڻ جا ذريعا ۽ سندن پيدائش جا طريقا سون سالن جي گذرڻ جي باوجود به ساڳيائي ساڳيا رهندا آيا هئا. ايتري قدر جو منجهن ڪابه تبديلي پيدا نه ٿي هئي. ان ڪري سندن ملڪن جي نظام ۾ به ڪو ڦيرو نه آيو هو. ان ڪري اهڙيون مخالفتون ۽ جهيڙا جيڪي مٿن ٻاهران يعني ڪن خارجي عوامل جي ڪري مڙهيا ويا هجن جي اڀري پوڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو، يعني دولت مند ۽ غريب طبقن جي ڪشمڪش يا ٻين سادن لفظن ۾ ڪمائو ۽ کائو، ڦورو ۽ ڦريل طبقن جي وچ ۾ جنگ جدال!
    قدرت جي عناصرن تي قبضو ڪري سگهڻ ايروڪواس قبيلن جي وس ۽ قدرت کان ٻاهر جي ڳالهه هوندي هئي، پر هو قدرت جي مقرر ڪيل حدن جي اندر رهندي پنهنجي پيداوار جا پاڻ ڌڻي هوندا هئا. کين پنهنجن روزگار ۽ پيداوار جي طريقن، نمونن ۽ نتيجن جي ڀلي ڀت ڄاڻ هوندي هئي. پوءِ ڀلي ته سندن ننڍڙا باغڙا ۽ واڙيون سڪي به ڇو نه وڃن يا فصل خراب ٿي وڃن، درياهن ۽ ڍنڍن مان مڇي گهٽجي ٿوري به ٿي وڃي يا ٻيلا شڪار کان خالي به ٿي وڃن،
    مطلب ته جيڪي ٿورو ڪي گهڻو کين هٿ ايندو رهندو هو،هو ان تي پاڻ ۾ گڏجي گذر سفر ڪندا هئا، سندن روزگار جي اها گهٽتائي ڪنهن سوچيل سمجهل سماجي بحران جو نتيجو هرگز نه ٿي ٿي سگهيو. اهڙي قسم جي ڳالهه جنهن مان سندن روايتي نياتي ٻنڌڻن جي ٽٽي پوڻ يا نيات جي رڪنن ۾ ڪنهن ڦوٽ جي پئجي وڃڻ، ايتري قدر جو پاڻ ۾ مٽ مائٽ قبيلا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون دشمن طبقن ۾ ورهائجي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، سندن وهم ۽گمان کان ٻاهر هئي. اهو سچ آهي ته، وٽن پيداوار برابر محدود حدن جي اندر پيدا ڪئي ويندي هئي. پر انهيءَ پيداوار تي خود پيداوار جو اهو وڏي ۾ وڏو فائدو هوندو آهي، جيڪو مهذب دور جي سرحدن تي پهچندي ئي ختم ٿي ويندو آهي ۽ انسان قدرت جي عناصرن تي وڏي ۾ وڏي قبضي ڪرڻ جي بنيادن تي مٿن وري موٽي قبضي ڪرڻ ۽ اهي آزاد قسمن جا تعلقات جيڪي انهيءَ وقت تي موجود هوندا آهن، کي وري پيدا ڪري سگهڻ جو سمورو عمل وڃي ايندڙ پيڙهين جو ڪم ٿيندو. يعني کٽن سندن ڀاڳ.
    پر يونانين وٽ اها ساڳئي قسم جي ڳالهه هڪ ناممڪن امر هو. چوپائي مال جي وڌي وڃڻ سان معاشري ۾ ذاتي ملڪيت جي رکڻ جو تصور ازخود پيدا ٿي پيو هو ۽ عياشي جي سامان جي ٺهڻ فردن جي وچ ۾ مٽاسٽا ڪرڻ جو رواج وڌو هو. جنهن رواج هلندي هلندي سموري ملڪي پيداوار کي خام مال جي صورت ڏئي ڇڏي هئي ۽ اهائي هڪڙي حقيقت انهيءَ وارد ٿيل انقلاب جو بنيادي ڪارڻ هئي. جڏهن ڪنهن به خام مال جو پيدا ڪندڙ شخص پنهنجي پيداوار کي کائي کپائي استعمال ڪري نه ٿو سگهي ته هو انهيءَ پيداوار کي مٽا سٽا ۾ ڏئي ڇڏي ٿو ته انهيءَ عمل جي ڪرڻ سان سندس پيداوار تي سندس قبضو به قائم رهي نه ٿو سگهي. اهڙي صورتحال ۾ اهڙي پيداوار ڪندڙ شخص کي اها به خبر نه ٿي رهي ته سندس مٽا سٽا ۾ ڏنل خام مال ان جي خريدار ڇا ڇا پيدا ڪيو آهي؟ ۽ هن حقيقت جو به امڪان پيدا ٿي پوي ٿو ته اها پيداوار خود ڦري پنهنجي پيدا ڪندڙ شخص جي خلاف عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ مورڳو خود کيس ئي ڦرڻ لٽڻ يعني سندس ئي استحصال ڪرڻ جو ذريعو بنجي مٿس ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي.
    ان ڪري جيستائين ڪنهن به معاشري پنهنجي فردن جي وچ ۾ مٽا سٽا ڪرڻ جي رواج کي بند ۽ ختم نه ڪيو آهي، ايستائين ڪوبه معاشرو ڪنهن به ڊگهي عرصي تائين پنهنجي پيداوار جو پاڻ مالڪ رهي نه ٿو سگهي ۽ نه وري پيداوار جي حالت ۾ پيدا ٿيندڙ اثرن کي قبضي هيٺ رکڻ جي عمل کي جاري رکي سگهي ٿو.
    اٿينس جي شهرين کي پڻ انهيءَ حقيقت جي آگاهي ضرور ٿيڻي هئي ته جيتري تيزيءَ سان فردن جي وچ ۾ مٽا سٽا ڪرڻ جو رواج پوندو ويندو ۽ پيداوار کي تبديل ڪري کيس خام مال جي شڪل ڏني ويندي، اوتري ئي تيزيءَ سان پيداوار خود پنهنجي پيدا ڪندڙ شخص تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. يعني پيداوار جي خود پنهنجي پيدا ڪندڙ تي حڪمراني قائم ٿي ويندي. خام مال جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري آبادگار هينئر زمين کي محض پنهنجن ذاتي مقصدن خاطر انفردي طور تي آباد ڪرڻ لڳو هو. جنهن جي ڪري زمين جي انفرادي طور تي مالڪ هجڻ جو نظريو، اصول ۽ تصور به معاشري ۾ پاڻ مرادو پيدا ٿي پيو هو.
    انهيءَ ساڳئي نظرئي ۽ تصور اڳ ۾ ئي سِڪي (ناڻي) جي وجود کي پيدا ڪيو هو. يعني هڪ اهڙو عالمي خام مال جنهن جي عيوض سمورين شين ۽ خدمتن وغيره جي مٽا سٽا ڪري سگهڻ ممڪن بنجي ويئي هئي ۽ سچ پچ عمل ۾ به اچي چڪي هئي.
    جڏهن حضرت انسان سِڪي (ناڻي) کي ايجاد ڪيو هو تڏهن کيس انهيءَ حقيقت جو علم بلڪ وهم ۽ گمان ۾ به ڪونه هو ته هو هڪ اهڙي سماجي عظيم قوت کي ايجاد ڪري رهيو آهي، جيڪا اڳتي هلي هڪ اهڙي ته عالمي ۽ عالمگير قوت بنجي پوندي، جنهن جي سامهون خود معاشري کي به پنهنجو ڪنڌ جهڪائڻو پئجي ويندو. اهو سڪو (ناڻو) هڪ اهڙي نئين قوت هئي جيڪا سندس پيدا ڪندڙن جي ارادي، شعور ۽ ڄاڻ کان سواءِ ئي هڪ طلسمي ديو وانگر اوچتو ئي اوچتو وجود ۾ اچي ويئي هئي. سڪي (ناڻي) جي جواني جي جولان ۽ وحشائپ جو مزو اٿينس جي شهرين خوب چکيو.
    آخر سڪي (ناڻي) جي فاتحانه آمد جي سامهون ٿي به ڇا ٿي سگهيو؟ نه رڳو پراڻو نياتي نظام بيوس بنجي. هٿيار ڦٽا ڪري ويهي رهيو، بلڪ وٽس ايترو ظرف ئي موجود ڪونه هو جو سمورين شين مثلن خود سڪي (ناڻي) قرض خواهه وياج خور شاهوڪار مقروض آبادگارن قرض جي رقم جي وفن، قرضن جي اوڳڙ جي طريقن، عام رواجي لين دين، واپاري هلي چلي، وغيره جي سمورن عملن کي هڪ ئي وقت تي پاڻ ۾ سمائي سگهي. پر اها سماجي قوت به معاشري ۾ پنهنجي جاءِ تي موجود هئي ۽ هئي به پنهنجي پوري جلوي جمال ۽ آب و تاب سان ۽ نڪي دعائون، ٽوڻا ڦيڻا، اٽڪلون ۽ حرفتون، پراڻي زماني جي موٽي اچڻ جون خام خيالي ڪوڙيون اميدون ۽ غلط تصورات سڪي (ناڻي) ۽ وياج جي وجود کي ختم ڪري سگهيا ٿي. پر هينئر يعني سڪي (ناڻي) جي ايجاد ۽ معاشري ۾ رائج ٿيڻ جو نياتي نظام جي ڍانچي ۾ ڪيترائي اڻ لکا ۽ سنهڙا سوراخ پيدا ٿي پيا هئا. هن حقيقت جي باوجود ته اٽيڪا ۾ رهندڙ سموريون نياتون، برادريون ۽ قبيلا خاص طور تي اٿينس جي شهر ۾ هر شهرواسي کي پنهنجي زمين ٽڪري کي نيات کان ٻاهر وڪرو ڪري ڇڏڻ جو اختيار حاصل هو پر کيس پنهنجي گهر جي جاءِ کي نيات کان ٻاهر وڪرو ڪري ڇڏڻ جو ڪوبه اختيار تفويض نه ڪيو ويو هو.
    اٿينس شهر جي شهرواسين جو پاڻ ۾ گڏجي سڏجي وڃڻ جو عمل پيڙهي به پيڙهي جاري رهندو آيو هو. واپار ۽ صنعت جي وڌي وڃڻ جي ڪري پيداوار جي مختلف زمين ۾پورهئي جي وڌيڪ ورهاست ڪرڻ به هڪ لازمي امر بنجي پيو هو. انهيءَ نئين ورهاست ڪرڻ ۾ زراعت، صنعت، ڪاريگري ۽هنرن جي ماهرن کي اڃان به وڌيڪ طبقن ۾ورهايو ويو هو. ساڳيءَ طرح جهازراني ۽ واپار وغيره ۾ به پورهئي جي نئين سر ورهاست ڪئي ويئي هئي.
    مطلب ته ٻنهي واپار خواه صنعت ۽ پورهئي جي ورهاست تمام وڏي حد تائين وڌي چڪي هئي. هينئر اٿينس شهر جي مردم شماريءَ کي سندس ڌنڌن موجب مقرر ڪيل گروهن ۾ ورهايو ويو هو. جن ۾ وري هر گروهه تي پنهنجا اهڙا ته جدا جدا نوان مشترڪ مفاد هوندا هئا، جن سان نياتن ۽ برادرين جو ڪوبه تعلق ۽ واسطو نه رهيو هو. ان ڪري انهيءَ نئين ورهاست جي عمل جي پيدا ٿيل اثر کي منهن ڏئي سگهڻ لاءِ نون قسمن جي عهدن کي به پيدا ڪرڻو پئجي ويو هو. انهيءَ اوائلي دور ۾ اٿينس جي شهرين کي ٻانهن واري اداري جي اهميت جي ڪابه خبر نه هوندي هئي. ان ڪري کين ٻانهن جي نئين انبوهه بلڪ هڪ جم غفير کي ضابطي هيٺ رکڻ جي طريقن جي پڻ ڪابه ڄاڻ نه هوندي هئي. ملڪ جي اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر واپار جي وڌي وڃڻ جي ڪري انهن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ڌاريا ماڻهو ڀر پاسي جي ٻاهرين ملڪن مان لڏي اچي اٿينس جي شهر ۾ ڳاهٽ ٿيا هئا. ڇاڪاڻ ته اٿينس جو شهر هينئر ڏوڪڙ پيسي يعني ناڻي جي لين دين جي معاملي ۾ هڪ عالمي مرڪز بنجي چڪو هو. جنهن ۾هر قسم جو واپاري وڏي سولائيءَ سان وڏو ناڻو ڪمائي سگهيو ٿي پر انهن ڌارين ماڻهن کي پراڻي نياتي قسم واري سماجي ۽ تبديلي آئين ۾ ڪوبه قانوني حق ۽ تحفظ مليل نه هوندو هو، نياتن واري روايتي رواداري جي باوجود به اهو ڌاريو غير ملڪي عنصر سدائين يوناني عوام ۾ گوڙ فساد ڪرائيندو رهندو هو.
    مطلب ته ٿوري ۾ کڻي چئجي ته نياتي آئين پنهنجن پورن پساهن تي هو. يوناني معاشرو ڏينهون ڏينهن انهيءَ نياتي آئين واري دائري مان ٻاهر نڪرندو ٿي ويو. ان ڪري اهو آئين به پنهنجي نڪ سامهون پيدا ٿيندڙ سماجي خرابين جي تدارڪ ڪرڻ يا سندن اثر کي دٻائي رکڻ لاءِ بلڪل بيڪار ۽ ناموزون بنجي چڪو هو. انهيءَ سماجي ۽ سياسي ڪشمڪش جي دوران رياست جو ادارو ماٺ ميٺ ۾ ترقي ڪندو، مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندو معاشري اندر پنهنجا پير ڄمائيندو ٿي ويو. پورهئي جي نئين طور تي ورهاست ٿيڻ جي ڪري معاشري اندر ڪيترائي نوان سماجي سياسي گروهه به پيدا ٿي پيا هئا. انهن گروهن وري پنهنجن پنهنجن مفادن جي بچاءَ ڪرڻ خاطر نوان نوان ادارا قائم ڪيا هئا. ٻين سماجي ادارن سان گڏ خود رياست جي نوخيز اداري کي به پنهنجي وجود جي دفاع ڪرڻ خاطر هڪ منظم فوج کي پيدا ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي هئي. انهيءَ فوج جي منظم ڪرڻ جو مقصد هو سمنڊ سان گهيريل ملڪ جي دفاع ڪرڻ خاطر خود سمنڊ تي موجود رهي جهازرانن جي ننڍن ننڍن جهيڙن جهٽن کي منهن ڏئي سگهڻ ۽ واپاري جهازن کي رياست جي طرفان تحفظ مهيا ڪرڻ. خود سولون کان ٿورو وقت اڳ ۾ پر ڪڏهن؟
    ان بابت چئي نه ٿو سگهجي ته فوجي چونڪين ۽ نوڪيري Naucraree يعني بحري چونڪيون قائم ڪيون ويون هيون. ملڪ اندر ننڍا ضلعا ٺاهيا ويا هئا. جن مان هر ضلعي ۾ 12- 13 قبيلا پاڻ ۾ گڏجي رهندا هئا هر بحري چونڪي کي پنهنجو هڪ ننڍو جهاز ٺهرائي ساز و سامان سان مسلح ڪري هلائڻو پوندو هو ۽ ان سان گڏخشڪي تي به بري مواصلات کي قائم رکڻ لاءِ کين ٻه ٻه گهوڙي سوار به رکڻا پوندا هئا. اهو نئون نظام قديم نياتي اداري تي ڄڻ هڪ ٻه طرفي يلغار هئي. پهريون ته هڪ اهڙي عوامي طاقت جنهن جو مسلح قوم سان ڪوبه واسطو نه هجي. ان کي پيدا ڪيو ويو، ٻيو ته انهيءَ هڪڙي ئي امر هڪ گڏيل قوم کي پهريون دفعو عوامي (پبلڪ) مفادن خاطر طبقن، خطن ۽ درجن ۾ ورهائي ڇڏيو هو.اها ورهاست سندن مٽين مائٽين واري نياتي نظام تي نه پر خالص علائقائي بنيادن تي ڪئي ويئي هئي. يعني سندن قبيلي وار نه پر مشترڪ رهائشي علائقائي بنيادن تي ڪئي ويئي هئي. ان جو نتيجو ڇا نڪتو هو؟ اچو ته ان کي جاچي ڏسون:
    جيئن ته نياتي آئين ۾، نياتي آئين واري ملڪ جي غالب ترين اڪثريت يعني ڦريل ۽ مظلوم عوام جي مدد ڪري سگهڻ جي صلاحيت موجود نه هئي، انڪري هينئر خود ملڪي عوام به نيات برادري ۽ قبيلي جي بجاءِ رياست جي اداري جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ واجهائڻ لڳو هو. رياست جي اداري کين اها گهربل مدد سولون واريآئين جي صورت ۾ پيش ڪئي هئي ۽ ساڳئي وقت تي رياست جو ادارو به نياتي آئين کي هڪ نمونو بڻائي پاڻ کي نئين سر منظم ۽ مستحڪم بنائڻ ۾جنبي ويو هو.
    اسان جو هن ڳالهه سان ڪوبه واسطو نه آهي ته سولون 594 ق- م ۾ پنهنجن اصلاحات کي ڪهڙي نموني ۾ عمل ۾آندو هو؟ سولون وڏي سياڻپ ۽ تدبر سان انهيءَ نام نهاد سياسي انقلاب کي فقط ذاتي ملڪيت ۾ مداخلت ڪرڻ جي عمل سان آڻي سگهيو هو. انهيءَ دور تائين سمورا انقلاب فقط هڪ قسم جي ملڪيت کي ٻئي قسم جي ملڪيت جي مقابلي ۾ تحفظ ڏيڻ سان پيدا ڪيا ويا هئا. ڇاڪاڻ ته هڪ قسم جي ملڪيت جو تحفظ ڪرڻ فقط ٻئي قسم جي ملڪيت جي تحفظ کي ختم ڪرڻ سان ئي ٿيندو آهي. مال جي طور تي عظيم فرينچ انقلاب ۾جاگيردارانه ملڪيت کي قربان ڪري بورزوا قسم واري ملڪيت کي تحفظ مهيا ڪيو ويو هو. ساڳيءَ ريت سولون واري انقلاب ۾ به قرض خواه وياج خور شاهوڪارن جي ڦٻايل ملڪيتن کي مقروض شخصن وارين زير بار آيل ملڪيتن جي فائدي لاءِ قربان ڪيو ويو هو. سولون واري انقلاب سمورن قرضن وارين ملڪيتن کي وياج سميت يڪقلم منسوخ ڪري ڇڏيو هو.
    اسان کي ان جي تفصيل بابت ڪابه واضح خبر پئجي نه سگهي آهي. انهيءَ ڏس ۾ يونان جي تاريخ به اسان جي ڪابه مدد نه ٿي ڪري. پر سولون خود پنهنجن شعرن ۾ ٻٽاڪون هنيون آهن ته، ”مون گروي طور رکيل سمورين زمينن يا قرض خواه وياج خور شاهوڪارن جون تختيون لاهي ڦٽيون ڪيون آهن. اهي ماڻهو جيڪي قرضن جي ادا نه ڪري سگهڻ جي ڪري ٻنيون ڇڏي ڀڄي ويا هئا يا مورڳو ڏيساور ۾ ٻانها ٿي وڪامي ويا هئا، مون کين موٽائي آڻي سندن اباڻين ٻنين تي آباد ڪيو آهي.“
    سولون جي اها انقلابي ڪارروائي فقط تڏهن عمل ۾ اچي سگهي هئي، جڏهن ذاتي ملڪيت وارن نام نهاد حقن سان ديده دانسته طور تي دست اندازي ڪئي ويئي هئي. بيشڪ انهن نام نهاد انقلابن جو مقصد ئي هو هڪ قسم جي ملڪيتن کي ضبط ڪري يعني ٻين لفظن ۾ کين چورائي ٻئي قسم وارين پيدا ڪيل ملڪيتن جي حقن کي تحفظ ڏيڻ. ان ڪري هن امر کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي ته گذريل اڍائي هزار سالن ۾ خود ذاتي ملڪيت جو تحفظ پڻ عوامي ملڪيتن وارن حقن کي ختم ڪرڻ سان ئي ٿي سگهيو هو.
    هينئر اٿينس جي آزاد شهرين کي وري ٻيهر ٻانها ٿي وڪامي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن نئين طريقي کي ڳولي لهڻو پئجي ويو هو. مثلن اهڙي قسم جا سمورا معاهدا جن ۾ڪو مقروض شخص پاڻ کي (جان کي) گروي طور رکي سگهندو هجي، اهڙن معاهدن ڪرڻ تي قانوني طور تي مڪمل بندش وڌي ويئي، يعني اهڙو معاملو يا معاهدو قانون جي نظرن ۾ ناجائز ۽ باطل هو.
    امير طبقي جي طرف کان آبادگار طبقي جي زمين کي هڙپ ڪرڻ واري حرص کي روڪڻ لاءِ هر فرد جي زمين حاصل ڪري سگهڻ جي وڌ ۾ وڌ حد مقرر ڪئي ويئي، انهيءَ کان پوءِ خود آئين ۾ ترميمون ڪرڻ جا ڪم شروع ٿين ٿا. جن مان مکيه هي آهن:
    1- ڪائونسل جي ميمبرن جو تعداد وڌائي 400 مقرر ڪيو ويو. جن مان هر قبيلي مان 100 رڪن ٿيندا هئا. ڪائونسل جي بنياد کي وري به قبيلي تي ٻڌل رکيو ويو. هن نئين آئين ۾ پراڻي آئين واري فقط انهيءَ هڪڙي ئي پهلو کي زنده حالت ۾ قائم رکيو ويو هو. باقي رهجي ويل سمورن پهلوئن کي سولون يوناني شهرين کي سندن زمين ۽ پيداوار جي انداز جي لحاظ کان چئن طبقن ۾ ورهايو ويو هو:
    (1) اناج جا 1000 ڊمني پيدا ڪرڻ وارا، (2) 300 ڊمني پيدا ڪرڻ ورا، (3) 100 ڊمني پيدا ڪرڻ ورا، (4) 50 ڊمني پيدا ڪرڻ ورا طبقا مقرر ڪيا ويا. انهن مان پهرين ٽن طبقن کي آئين ۾ داخل رکيو ويو. باقي چوٿين نمبر طبقي کي انهيءَ طبقي سان شامل رکيو ويو هو. جن کي 50 ڊمني کان گهٽ زمين هوندي هئي يا ته اهي مورڳو بي زمين مزدور هئا. ڪنهن به سرڪاري عهدي تي فائز رهڻ جو حق فقط پهرين ٽن طبقن کي ڏنو ويو پر رياست جي اعليٰ سرڪاري عهدن تي فائز رهڻ جو حق فقط پهرين طبقي جي فردن کي ڏنو ويو.
    چوٿين نمبر طبقي جي ماڻهن کي فقط عوامي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائي سگهڻ ۽ ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل هوندو هو. اتي به عهديدارن کي چونڊيو ويندو هو. جن کي عوامي اسيمبليءَ جي سامهون پنهنجن ڪيل ڪمن ڪارين ۽ ڪيل فيصلن جي سربستي وچور ۽ ڪارگذاريءَ جو تفصيل پيش ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ اسيمبليءَ ۾ سمورا ملڪي قانون ۽ قاعدا مرتب ڪيا ويندا هئا. پر عوامي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت وري به چوٿين نمبر طبقي جي هوندي هئي. وڏن اميرن جي حقن ۾ تبديلي ۽ تجديد سندن دولت جي حقن جي صورت ۾ڪئي ويندي هئي. پر انهيءَ امر جي آخري ۽ حتمي فيصلي ڪرڻ جو حق وري به اڪثريت يعني عوام جي چوٿين نمبر واري طبقي جي هٿن ۾ رهجي ويو هو. فوجين جي تنظيم پڻ چئن ئي طبقن جي بنيادن تي ڪئي ويندي هئي. پهرين ٻن طبقن مان گهوڙي سوار فوج (رسالو) ٺاهي ويندي هئي ۽ چوٿين نمبر مان فقط ٿورن ۽ هلڪن هٿيارن سان مسلح پيادل فوج ٺاهي ويندي هئي. ساڳيو نظام بحري فوج ۾به رائج هوندو هو. فوجن کي گهڻو ڪري پگهار ملندي هئي.
    ملڪي آئين ۾ هينئر هڪڙو نئون عنصر پيدا ٿي پيو هو ۽ اهو نئون عنصر هو ذاتي ملڪيت. يوناني معاشري ۾ ذاتي ملڪيت جي پيدا ٿيندي ئي هر شهر واسي جي حقن خواهه فرض جي درجه بندي بنهه سندن ملڪيتن آهر ڪئي وڃڻ لڳي هئي. يعني ڪير؟ ۽ ڪهڙو؟ شخص ڪيتري زمين جو مالڪ هو؟ جيئن جيئن ملڪيتن جي مالڪن جا طبقا زور وٺندا ويا هئا،تيئن پراڻو مٽين مائٽين تي ٻڌل سماجي (نباتي) آئين به پنهنجي اهميت ۽ افاديت وڃائيندو پئي ويو. اها نياتي نظام جي ٻيو نمبر وڏي شڪست هئي.
    ڪنهن به رياست جي اداري جي وجود لاءِ حقيقت ۾ ذاتي ملڪيتن مطابق سياسي حقن جا اصل ڪيل طبقا ڪي ضروري ادارا نه هئا. رياستن جي آئيني تاريخ مطالعو ڪندي اسان کي ڪيتريون اهڙيون به رياستون موجود ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ اهي به تمام مڪمل طور تي نهايت سڌريل ۽ با اختيار قسم جون جيڪي بنا ڪنهن به مقرر ٿيل آئين جي، وڏي آسانيءَ سان هلنديون رهيون هيون. اٿينس واري مثال ۾ به رياست جي اداري فقط هڪ عبوري قسم جو ڪردار ادا ڪيو آهي. آرسٽائيڊيز Aristides نالي هڪ مشهور يوناني مدبر 540 کان 647 ق- م واري دور کان وٺي سمورا عهدا سمورن شهرين لاءِ کليل هوندا هئا.
    پر بعد ۾ ايندڙ 80 سالن دوران اٿينس جي معاشري درجه بدرجه هڪ اهڙو رستو اختيار ڪيو هو ۽ جنهن کي هو مستقبل وارين صدين ۾ يعني سولون کان اڳ واري دور ۾ به ترقي ڏياريندو رهيو هو، جنهن ۾ وياج خورن ۽ آبادگارن کان ٻنيون کسي وٺڻ واري رائج رسم خواهه زمينن جي هڪ فرد جي هٿن ۾ گڏ ٿي وڃڻ کي بند ڪيو ويو هو. ٻانهن جي پورهئي جي ڪري واپار هنرن ۽ ٻين صنعتن جي وڏي پيماني تي هلائڻ ۾ آساني پيدا ٿي هئي. ان ڪري انهن ڌنڌن جي اهميت به غير معمولي طور تي وڌي ويئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ يوناني عوام ۾ روشن دماغي به گهڻي قدر وڌي ويئي هئي.
    هينئر اٿينس جي شاهوڪارن پنهنجن شهرين کي لٽڻ ڦرڻ بجاءِ ٻانهن ۽ غير ملڪين ۽ اٿينس جي شهر ۾ ٻين گراهڪن تي وڏي بي دردي سان لٽڻ ڦرڻ شروع ڪري ڏنو هو. هينئر متحرڪ ملڪيت يعني شيون جن ۾ ٻانها، جهاز ۽ روڪڙ جي صورت ۾ تمام وڌي وئي هئي، ڦري خود ذاتي ملڪيت جي صورت اختيار ڪئي هئي. انهيءَ نئين قسم جي ملڪيت جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري هڪ طرف اهڙي قسم جي ملڪيتن جي مالڪن يعني واپارين ۽ صنعت ڪارن جي شاهوڪار طبقن، پراڻن زمين جي مالڪ امير طبقن سان مقابلو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو ۽ ٻئي طرف انهيءَ نئين طبقي قديم نياتي آئين جو آخري تختو به ڇڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. مختلف نياتون، برادريون ۽ قبيلا جيڪي هينئر تائين پاڻ ۾ گڏجي سڏجي ملي هڪ ٿي ويا هئا. سڄي اٽيڪا جي ملڪ ۾ ٽڙيا پکڙيا هئا.
    ان ڪري سياسي ادارن جي طور تي به سندن وجود بيڪار ثابت ٿيو هو. انهيءَ دور ۾ اٿينس جي شهرين جو هڪ اهڙو به وڏو تعداد موجود هوندو هو جيڪو ڪنهن به نيات مان نه هوندو هو ۽ اهي شهري هئا، غير وطني مهاجر طبقو جن کي مصنوعي طور تي شهريت جو درجو ڏئي شهرواسين ۾ شامل ڪيو ويو هو. پر ان هوندي به کين مٽين مائٽين وارين نياتن ۾ داخل نه ڪيو ويو هو. انهيءَ طبقي سان گڏ اهڙن روز بروز وڌندڙ غير ملڪي نون داخل ٿيل مهاجرن جو هڪ وڏو تعداد به ملڪ ۾ موجود هوندو هو. انهيءَ دوران ڌرين جي وچ ۾ ڪشمڪش بدستور هلندي رهي هئي. امير طبقو پنهنجن سابق حقن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهيو ۽ ٿوري وقت لاءِ پنهنجي بالادستي کي قائم به رکي سگهيو هو، جيستائين ڪ اٿينس جي مشهور مدبر ۽ سياستدان ڪليسٿينز Cleisthenes 509 ق- م ۾ کين هميشه لاءِ ختم نه ڪري ڇڏيو هو، سندن خاتمي سان گڏ قديم نياتي آئين جو به اٿينس ۾ خاتمو ٿي ويو.
    ڪليسٿيز پنهنجي نئين آئين ۾نياتن ۽ برادرين تي قائم ٿيل چئني قبيلن کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. هينئر هڪ نئين نظام جنهن جو بنياد فقط اٿينس جي شهرين جي رهائشي علائقن جي لحاظ تي مرتب ڪيو ويو هو ۽ جنهن کي اڳ ۾ ئي فوجي چونڪين جي ٺهڻ وقت ڌيان ۾به رکيو ويو هو. اچي سندن خالي ڪيل جاين تي قبضو ڪيو. هينئر مٽين مائٽين وارين نياتن، برادرين ۽ قبيلن جي بنيادن تي ميمبر (رڪن) بنجڻ جي بجاءِ مخصوص علائقي ۾ رهائش جي بنياد تي ڪائونسل ۽ آگورا وغيره جي ميمبرن بنجڻ ۽ عهدن حاصل ڪرڻ واري اصول کي تسليم ڪئي وئي هئي.
    مطلب ته سياسي طور تي قوم کي نه پر علائقن جي نئين سر ورهاست ڪئي وئي هئي هئي ۽ ان ڪري مختلف علائقن ۾ رهندڙ شخصن خودبخود پنهنجن پنهنجن علائقن سان لاڳاپيل رهجي ويا هئا.
    انهيءَ نئين علائقائي سياسي ورهاست ۾ اٽيڪا جي سموري ملڪ کي هڪ سو مقامي حڪومت هلائيندڙ شهرن ۽ قصبن ۾ ورهايو ويو. هينئر قصبن، شهرن، ڳوٺن ۽ محلن به پنهنجا پنهنجا عملدار چونڊڻ شروع ڪيا هئا. انهن عملدارن ۾ هڪڙو مکي (وڏيرو) هڪڙو خزانچي ۽ هڪڙو منصف چونڊيا ويندا هئا. کين ننڍن جهڳڙن ۽ مقدمن جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو هو. کين هڪ جدا عبادت گاه ۽ ديوتا يا سورمو به مقرر ڪري ڏنو ويو. عبادت گاهن جي پروهتن ۽ مهنتن کي به چونڊيو ويندو هو. قصبي يا محلي جي اعليٰ اختياري ۽ اقتدار قصبي يا محلي واري جرگي کي تفويض ڪيو ويو.
    انهيءَ امر جي وضاحت ڪندي مارگن جا هي لفظ ڪيڏا نه موزون ۽ صحيح آهن. هو لکي ٿو ته: ”اهو ڄڻ ته هڪ آمريڪي ميونسپالٽي جو نمونو هو. جديد دور ۾ رياست جو ادارو ارتقا ڪندي ڪندي وحدت جي انهيءَ نقطي ۽ مقام تي پهچي ٿو جنهن نقطي ۽ مقام کان اٿينس جي رياست پنهنجي وجود جي ابتدا ڪئي هئي.“
    انهيءَ آئين مطابق ڏهه وحدتون (قصبا يا محلا) پاڻ ۾ گڏجي هڪڙو قبيلو ٺاهيندا هئا، جنهن کي هينئر پراڻي قبيلي جي جاءِ تي فقط مقامي يا علائقائي قبيلو سڏيندا هئا. اهو مقامي قبيلو هڪ Self Governing خود حڪومت هلائيندڙ سياسي ادارو هوندو هو. جيڪو ادارو پنهنجو هڪ جدا قبائلي جنگي سردار (فيلارڪ) به چونڊيندو هو. اهو جنگي سردار گهوڙي سوار دستي (رسالي) تي ڪمان ڪندو هو ۽ هڪ ٽيڪسيارڪ Taxiarchپيادل فوج جي ڪمان ڪندو هو ۽ هڪڙو اسٽريٽيجوس Stratagos يعني جنگي سردار اعليٰ سموري قبائلي علائقي مان جمع ڪيل فوج تي ڪمان ڪندو هو.اهو جنگي سردار اعليٰ بري فوج سان گڏ بحري ڪپتانن ۽ خلاصين سميت پنجن جنگي جهازن جو ٻيڙو Fleet به مهيا ڪندو. کيس اٽيڪا جو هڪ ملڪي سورميائي نشان Symbol طور ڏنو ويندو هو. جنهن کي سندس ۽ سندس ڪمان هيٺ فوج جو محافظ ديوتا شمار ڪيو ويندو هو.
    آخرڪار اهو نظام 50 ڪائونسلرن کي اٿينس واري ڪائونسل تي چونڊي موڪليندو هو. جن ۾ 50 چونڊيل عيوضي هوندا هئا، جن کي ڏهه علائقائي قبيلا گڏجي چونڊي موڪليندا هئا. عوامي اسيمبلي آخري ادارو هوندي هئي. جنهن ۾ اٿينس جو هر شهري شامل ٿي ووٽ ڏئي سگهندو هو.
    Archous سردار اعليٰ ۽ ٻيا عملدار ڪورٽن ۽ انتظاميا جي مختلف شعبن جو ڪاروبار هلائيندا هئا.
    انهيءَ آئين جي عمل ۾ اچڻ وقت ۽ نون شهرين جي داخلا جي اڪثريت جن مان ڪجهه غير ملڪي ۽ ڪجهه آزاد ڪيل ٻانها ۽ غلام ۽ ٻانهن جي هوندي هئي. نيات جي بنيادن تي قائم ٿيل آئين جي سمورن حصن کي عوامي ڪاروبار مان خارج ڪري ختم ڪري ڇڏيو ويو هو. ان ڪري انهيءَ تاريخ ساز اداري ڦري هڪ خانگي ماڻهن ۾ عوامي مذهبي جماعتن جو روپ اختيار ڪيو هو. پر ان جي باوجود به انهيءَ خارج ڪيل تاريخ ساز اداري جو اخلاقي اثر، سندس روايتي انداز فڪر ۽ پراڻي نياتي تاريخي دور وارا نظريا، گهڻي عرصي تائين هلندا رهيا هئا ۽ درجي بدرجي ختم ٿي ويا. انهيءَ امر جو وڌيڪ ثبوت اسان کي اڳتي هلي پيدا ٿيندڙ خالص رياستي ادارن مان حاصل ٿيندو.
    اسان وٽ رياست جي اداري جو مکيه ۾ مکيه ڪردار ۽ سڃاڻپ اها آهي ته رياست جي اداري جي طاقت سندس عوام جي جم غفير واري طاقت کان بنهه مختلف قسم جي هوندي آهي، انهيءَ دور ۾ اٿينس جي رياست جي بري ۽ بحري فوجن کي مسلح ڪرڻ ۽ کين جمع ڪرڻ جو فرض سنئون سڌو قوم جي هٿن ۾ هوندو هو. انهن فوجن جي وسيلي هڪ طرف ملڪ ۽ قوم جو ٻاهرين دشمن کان دفاع ڪيو ويندو هو ۽ ٻئي طرف ٻانهن کي ضابطي هيٺ رکيو ويندو هو. انهي دور ۾ٻانها تعداد جي لحاظ کان ملڪ جي اندر وڏي اڪثريت ۾هوندا هئا. شهرين لاءِ رياست جي انهيءَ طاقت جو مظاهرو پوليس جي اداري جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو هو. عمر جي لحاظ کان پوليس جو ادارو رياست جي اداري جو همعصر هوندو آهي. ان ڪري 19هين صدي عيسويءَ جو ڄٽ فرينچ وڏيرو به مهذب قومن جي نه پر پوليس وارين قومن جي ڳالهه ڪندو هو.
    اٿينس جي شهرين به پنهنجي رياست جي اداري جي وجود سان گڏ پوليس جي اداري کي به قائم ڪيو هو. جنهن ۾ پيادل مسلح سپاهي ۽ گهوڙي سوار تير انداز شامل ڪيل هوندا هئا. مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته پيادل سپاهه ۾ فقط ٻانها شامل ڪيل هوندا هئا. ان جو سبب هي هو ته اٿينس جي شهرين لاءِ پوليس ۽ نوڪري ڪرڻ کي بدنامي جو باعث ليکيو ويندو هو. اهو احساس منجهن ايتري قدر ته پختو هوندو هو جو اٿينس جو هڪ شهري هڪ ٻانهي پوليس واري جي هٿان گرفتار ٿيڻ پسند ڪندو هو، پر پوليس وارن فرضن جي ادائگي کي پاڻ لاءِ وڏي بي عزتي سمجهندو هو. سندس اهو رويو به اصل ۾ نياتي آئين واري انداز فڪر جو هڪ اظهار هوندو هو.
    حقيقت هيءَ آهي ته ڪنهن به رياست جي اداري جو وجود پوليس جي اداري کان سواءِ قائم رهي نٿو سگهي. جيئن ته يوناني رياست جو ادارو اڃان ٻاراڻي دور مان لنگهي رهيو هو. ان ڪري اهو ادارو پنهنجي وجود لاءِ ايترو وقار ۽ احترام پيدا ڪري نه سگهيو هو. جو هو هڪ اهڙي ڌنڌي کي عزت ڀريو شمار ڪرائي سگهي. جنهن کي نياتي آئين واري نظام ۾ ڪابه عزت، اهميت ۽ وقار حاصل نه هوندو هو. ڇاڪاڻ ته نياتي آئين واري نظام هيٺ ڪنهن به پوليس جي اداري جي ڪابه ضرورت نه هوندي آهي.
    هاڻي اچو ته ڏسون ته اٿينس جو معاشرو جيڪو وڌندڙ واپار، دولت ۽ صنعت جي ڪري نين سماجي حالتن مان گذري رهيو هو. جنهن ۾ رياست جي اداري وارو خاڪو به ٺهي راس ٿي چڪو هو، اهڙي قسم واري معاشري ۾ رياست جو ادارو پاڻ کي ڪيئن موزون ۽ ضروري بنائي سگهيو هو؟ ان جو جواب هي آهي ته، انهيءَ دور ۾ طبقاتي دشمنين جن جي بنيادن تي نوان سياسي ۽ سماجي ادارا قائم ڪيا ويا هئا، امير طبقن ۽ عوام ماڻهن (پرولتاري) جي وچ ۾ سنئين سڌي ڪشمڪش وارو روپ مٽائي هينئر ٻانهن ۾ آزاد شهرين، زيردستن ۽ شهري آقائن جي طبقن جي وچ ۾ ڪشمڪش جو روپ اختيار ڪيو هو. اٿينس جي شاهوڪاري جي عروج واري دور ۾ اٿينس جي سمورن شهرين، مردن، عورتن ۽ٻارن جو ڪل تعداد فقط 60 هزار کن هوندو هو. جن جي مقابلي ۾ٻانهن جو تعداد مردن عورتن ۽ ٻارن سميت 350000 کن هوندو هو ۽ زيردست مهاجرن ۽ آزاد ڪيل ٻانهن جو تعداد 45000 کن هوندو هو.
    ان جو مطلب هي ٿيو ته، اٿينس جي هر شهري پٺيان 18 کان وڌيڪ ٻانها گهڻو ڪري ڪارخانن جي وڏن صفحن ۾ گڏجي ڪم ڪندا هئا. ان ڪري مٿن چوڪسي رکڻ لاءِ اٿينس جي شهرين کي داروغن طور مقرر ڪيو ويندو هو. واپار ۽ صنعت جي وڌي وڃڻ جي ڪري دولت ۽ ملڪيت تمام ٿورن هٿن ۾ گڏ ٿي ويئي هئي. ان ڪري آزاد شهرين جي وڏي اڪثريت مفلس ٿي وئي هئي. مفلسي ۽ غربت کان تنگ اچي هو به مجبوريءَ کان هنرمند ۽ ڪاريگر بنجڻ لڳا هئا. ان جو نتيجو هي نڪتو ته کين ٻانهن سان چٽاڀيٽي ڪرڻي پئجي ويئي هئي. يعني هڪ اهڙي سماجي طبقي سان جنهن کي هو پاڻ کان گهٽ، نيچ ۽ پليد شمار ڪندا هئا. پر انهن آزاد شهرين ۾ ڪو هنر سکي ڪاريگر بڻجي به نه سگهيو هو. انڪري هنن جي حالت بد کان بدتر ٿيندي ويئي. انهيءَ عجيب سماجي عوام جو نتيجو ڇا نڪتو هو؟ اٿينس جي شهر ۾ مسڪينن يونانين جي هڪ وڏي اڪثريت پيدا ٿي ويئي. جنهن پاڻ سان گڏخود اٿينس جي رياست کي پڻ نهوٽي سندس خانوئي خراب ڪري ڇڏيو هو. اهو اٿينس جي جمهوري نظام جو ڏوهه هرگز نه هو. جيئن يورپي اسڪولن جا مسڪين ماستر جيڪي پنهنجي خاندانن جي شهزادن، نوابن ۽سندن نوڪرن چاڪرن وٽ نرڙ گسائيندا رهن ٿا، اسان کي ٻڌائيندا رهيا آهن. سندن تنزل ۽ بربادي ٻانهن واري سماجي اداري ۽ رواج جي پوڻ ڪري پيدا ٿي هئي. جنهن خود آزاد شهرين جي دلين ۾ پورهئي ڪرڻ کان نفرت ڀري ڇڏي هئي. ان ڪري اهي به انهيءَ ساڳئي ناجائز نفرت جو شڪار ٿي ويا هئا.
    رياست جي ادارن کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ عالمي تاريخ ۾ قديم يونان واري رياست هڪ مثالي رياست جو درجو رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف اها رياست داخلي خواهه خارجي طور تي پڻ ڪنهن رتوڇاڻ جي صاف سٿري حالت ۾ اڀري هئي. (سواءِ پيسيٽراٽس Pecistratus نالي هڪ ظالم آمر جي جنهن 600 کان 529 ق- م ۾ اٿينس جي رياست تي زوريءَ قبضو ڪيو هو. پر ان جي مزاج تي ڪوبه اثر نه پيو هو) ۽ ٻئي طرف اها هڪ اهڙي عوامي جمهوريت به هئي جيڪا سنئين سڌي نياتي معاشري مان ارتقا ڪري پاڻ مرادو ڦٽي نڪتي هئي. ان ڪري پاڻ واري رياست، هڪ سڌريل حالت ۾ پيدا ٿيل رياست جي مثال جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ آخر ۾ هيءَ ئي هڪ قديم دور جي رياست آهي، جنهن جي اسان کي تفصيلي معلومات حاصل ٿي سگهي آهي.


    نياتون ۽ رومن رياست

    روم شهر جي بنياد پوڻ لاءِ عام طور تي هي روايت مشهور آهي ته قديم زماني ۾ هڪ آريائي اطالوي قبيلو جنهن ۾هڪ سو نياتون هيون، روم جي موجوده شهر وارن پٽن تي اچي ڳوٺ تي ويٺو هو. انهيءَ قبيلي کان پوءِ سبيليان Sabellion نالي هڪ ٻيو آريائي قبيلو جنهن ۾ پڻ هڪ سو کن نياتون هيون، لڏي اچي ساڳي ڳوٺ ۾ ويٺو. انهن ٻنهي قبيلن ۾ هڪڙي ٻي ڳالهه به مشترڪ طور تي نظر اچي ٿي ۽ اها هيءَ آهي ته انهن ٻنهي قبيلن ۾ نيات جو ادارو سندن بنيادي وحدت يا عنصر هوندو هو ۽ اها مادر نيات جنهن مان ٻيون نياتون فٽي نڪتيون هيون ته انهيءَ ساڳي ماڳ تي موجود هوندي هئي. انهيءَ ڳالهه سان گڏ اسان کي منجهن ٻي وڌيڪ هيءَ ڳالهه به موجود نظر اچي ٿي ته اهي ٻئي لڏي آيل قبيلا مصنوعي طور تي ٺهيل هوندي به پاڻ ۾ مٽ مائٽ هوندا هئا. پر سندن نياتن کي مصنوعي طور تي نه پر سندن اصلوڪي پراڻي طور تي پيدا ڪيو ويو هو. انهن سمورين نياتن پاڻ ۾ ملندي ملندي هڪ نئين عظيم وڏي قبيلي کي وجود ڏنو هو. انهيءَ حقيقت مان اهي امڪان پيدا ٿين ٿا ته انهن ٽنهي قبيلن جو ڪو ٻيو حقيقي مادر قبيلو ضرور موجود هوندو. نيات کي قبيلي سان ڳنڍڻ واري ڪڙي يعني برادري پڻ منجهن موجود هوندي هئي. جنهن ۾ فقط 10 نياتون شامل هونديون هيون، يعني انهن ٽنهي قبيلن ۾ ڪل 300 نياتون هونديون هيون. لاطيني زبان ۾ نيات کي ڪوريا Curia چئبو آهي.
    هي امر به تسليم شده آهي ته رومن نياتي ادارو پنهنجي ساخت ۽ مزاج ۾ هوبهو يوناني نيات واري اداري وانگر هوندو هو. جيڪڏهن يوناني نيات، انهيءَ سماجي وحدت جو جنهن جو قديم نمونو آمريڪي انڊين قبيلا پي ڪن ٿا، هڪ سلسلو ۽ اجزا آهن ته پوءِ اسين وڏي وثوق ۽ اعتماد سان ساڳي ڳالهه کي رومن نياتن سان به لاڳو ڪري سگهون ٿا. انهيءَ لحاظ کان اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته رومن نيات پڻ پنهنجي اصل نسل ۽ بڻ بنياد ۾ آمريڪي انڊين نيات وانگر هئي. ان ڪري اسان کي هينئر انهيءَ معاملي جي ذڪر ڪرڻ ۾ اختصار کان ڪم وٺڻو پوندو. اسين ايروڪواس انڊين قبيلن ۽ يوناني معاشري جو ذڪر ڪندي، نيات جي اداري جي تاريخ بابت ڪافي وضاحت ڪري آيا آهيون.
    ٻيو ته روم جي اوائلي دور ۾نيات اندر اهو آئين رائج هو ته نيات جي فوتي رڪن جي يعني سندس ڇڏيل ورثي/ترڪي تي نيات جي ٻين نيات ڀاين کي باهمي هڪجهڙا حق حاصل هوندا هئا. انڪري فوتي رڪن وارو ورثو/ ترڪو نيات کي ئي ملندو هو. رومن نيات ۾ به يوناني نيات وانگر پدرانه حق موجود هوندو هو. ان ڪري مادرانه شجري وارن نياتن کي فوتي جي ورثي ترڪي جي حقن کان محروم رکيو ويندو هو. 12 ٽيسلن يا تختين واري قانون، جنهن کي يونان جو قديم ترين مدون قانون شمار ڪيو وڃي ٿو، موجب فوتيءَ جي صحيح اولاد کي باقي سمورن ٻين وارثن کان پوئين ڳڻپ واري ورثي ترڪي لاءِ حقدار شمار ڪيو ويندو هو. پر اولاد جي عدم موجودگيءَ ۾ Agnates يعني پيءُ جي عزيزن کي فوتي شخص جي ورثي ترڪي تي پهريون حق ڏنو ويندو هو ۽ سندن عدم موجودگيءَ جي حالت ۾ فوتي شخص جي نيات کي سندس ورثي ترڪي جو حقدار وارث شمار ڪيو ويندو هو.
    اسين انهيءَ قانون جي عمل کي جيڪو ملڪيتن جي واڌاري ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري اداري جي رائج ٿيڻ سان پئجي چڪو هو، درجي بدرجي نياتي آئين جي عمل جي دائري اندر داخل ٿيندي ڏسون ٿا. اصل ۾ انهيءَ قانون جنهن جي تحت سموري نيات کي فوتي شخص جي ورثي ترڪي تي پاڻ ۾ مساوي حق حاصل هوندو هو، کي نيات تائين محدود رکيو ويو هو. جنهن کي بعد ۾ عملي طور تي گهٽائي گهٽائي فقط فوتي مرد جي ويجهن عزيزن قريبن تائين محدود ڪيو ويو هو. اهو عمل تمام وڏي عرصي کان شروع ٿي چڪو هو. جنهن بعد پدرانه شجري موجب ان جو دائرو سوڙهو ٿيندو ٿيندو فقط سندس اولاد تائين محدود رهجي ويو هو. پر حقيقت هيءَ آهي ته ٻارهن تختين واري اصلوڪي رومن قانون ۾ ان جي ابتڙ قسم جو قانون درج ٿيل هو.
    ٽيون ته گڏيل نموني ۾ مذهبي رسمون بجا آڻڻ رومن زبان ۾ انهن رسمن کي سيڪراجنٽي ليٽيا (Sacragentita) يعني مقدس نياتي رسمون سڏيو ويندو هو.
    چوٿون ته منجهن پنهنجي نيات اندر شادين ڪرڻ تي بندش پيل هوندي هئي، پر انهيءَ حقيقت کي رومن قانون جي ڪتابن ۾ داخل نه ڪيو ويو هو. اسان کي رومن ڪتابن ۾ بي انداز رومن شادي شده جوڙن جا نالا لکيت جي حالت ۾ ملي سگهيا آهن. پر انهن ۾ هڪڙو به اهڙو نالو موجود نه آهي جنهن مان معلوم ٿي سگهندو هجي ته اهي ٻئي زال مڙس هڪڙي ئي ساڳي نيات مان هوندا هئا.
    ساڳي حقيقت کي ورثي ترڪي وارو قانون به ظاهر ڪري ٿو. شادي ڪرڻ بعد هر رومن عورت پنهنجا نياتي حقوق يعني عزازات وارا حقوق وڃائي ويهندي هئي. شادي ڪري وڃڻ بعد کيس نيات مان خارج شمار ڪيو ويندو هو. اها شادي ڪري ويل عورت نه پاڻ ۽ نه وري سندس اولاد سندس (عورت) جي پيءُ يعني ناني جي ملڪيت جا وارث بنجي سگهندا هئا ۽ نه وري ڪا شادي شده عورت پنهنجي ڀائرن جي ورثي ترڪي مان ڪو حصو حاصل ڪري سگهندي هئي. ڇاڪاڻ ته سندس انهيءَ عمل ڪرڻ سان ورثي ترڪي واري ملڪيت سندس پيءُ واري نيات کان ٻاهر نڪري ويندي هئي. انهيءَ قاعدي کي فقط تڏهن ڪا معنيٰ ۽ مقصد حاصل ٿي سگهندو جڏهن اسين هن حقيقت جو باور ڪنداسين ته رومن عورت کي پنهنجي نيات اندر شادي ڪرڻ جو ڪوبه حق تفويض نه ڪيو ويو هو.
    پنجون ته زمين کي نيات جي گڏيل ملڪيت شمار ڪيو ويندو هو. قديم دور وارو اهو دستور ڄڻ ته هڪ سماجي قانون هوندو هو. ان بعد پهريون دفعو قبيلي جي مشترڪ زمين کي ورهاست ڪيو ويو هو. جنهن ۾ اسين ڏسون ٿا ته لاطيني قبيلن ۾ ڪجهه زمين کي سموري قبيلي جي قبضي ۾ ڪجهه زمين کي نيات جي قبضي ۾ ۽ ڪجهه زمين کي ڪٽنبن جي قبضي ۾ رهڻ ڏنو ويو هو. انهيءَ دور ۾ اهي ڪٽنب انهيءَ زمين تي سابق ڪٽنبن جي نمائندن يا عيوضين جي حيثيت ۾ قابض هوندا هئا. زمين جي انهيءَ ورهاست جي جواز لاءِ هيءَ روايت گهڙي ويئي هئي ته روميو لوس اول پهريون رومن سياسي مدبر هو، جنهن في رومن فرد کي ٻن هيڪڙن جي حساب سان زمين ورهاست ڪري ڏئي ڇڏي هئي. انهيءَ روايت جي باوجود به اسين ڏسون ٿا ته زمين جو قبضو وري به فردن جي هٿن ۾ نه پر نياتن جي هٿن ۾ رهندو آيو هو. انهيءَ ورهاست مان رهجي ويل باقي زمين جنهن جي چوگرد رعيتي راڄ واري دور واري رومن تاريخ چڪر هڻندي رهي هئي، ان کي ته مورڳو ڪنهن به حساب ۾ ئي نه آندو ويو هو.
    ڇهون: نيات جي گڏيل قبرستان جو موجود هجڻ:روم شهر جي مشهور ڪلاڊيا نالي اميرزادن واري نيات ريگيل نالي ڳوٺ مان لڏي اچي روم شهر ۾ ويٺي هئي. کيس شهر اندر رهائش لاءِ في گهر جي حساب سان پلاٽ ڏنا ويا هئا. کيس نياتي قبرستان ٺاهڻ لاءِ جدا زمين جو ٽڪرو به ڏنو ويو هو. آگسٽس جي ايام ڪاريءَ ۾ وارس نالي اميرزادن جي نيات جو هڪ نيڪ مرد ٽيوٽو برگ فاريسٽ جي جنگ ۾ شهيد ٿي ويو هو ته کيس وڏي اعزاز سان روم شهر ۾ سندس نياتي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو هو. انهيءَ قبرستان کي اڄ ڏينهن سوڌو Gentiletus Tumulus يعني نياتن واري دڙي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اهو قبرستان هينئر شهر جي اندر اچي ويو آهي. ان هوندي به نيات وارا مجاور اڄ به سندس مقبري کي سلامت رکيو اچن ٿا.
    ستون: هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ۽ مظلوم کي ظالم شخص کان سندس حق وٺرائي ڏيڻ نيات ڀاين جو فرض هوندو هو. پر انهيءَ حقيقت بابت اسان کي فقط خسيس قسم جا مثال ملن ٿا. ان جو مکيه سبب هي آهي ته رومن رياست وجود ۾ ايندي ئي پنهنجي طاقت جو اهڙو ته بي مثال مظاهرو ڪيو هو جو مظلوم شخص جي مدد ڪرڻ جو بار هن پنهنجي سر تي کڻي ڇڏيو هو.
    جڏهن Appius claudius ائپس ڪلاڊس نالي هڪ مشهور رومن مدبر ۽ ڪانسل جيڪو رومن قانن وارين ٻارهن تختين واري قانون جي شارعن مان هڪڙو شارع هو، کي 471 کان 451 ق- م جي وچ ڌاري گرفتار ڪيو ويو هو ته، نه فقط سندس سمورن نيات ڀاين بلڪ خود دشمنن به سندس ماتم ڪرڻ ۾ شرڪت ڪئي هئي. ٻي پيونڪ جنگ جي دوران سمورين رومن نياتن پاڻ ۾ گڏجي پنهنجن پنهنجن نيات ڀاين جيڪي دشمن جنگي قيدي بنجي ويا هئا، جي پاران دشمنن وٽ يرغمال طور رهڻ قبول ڪيو هو، پر رومن سينيٽ کيس يرغمال ٿيڻ کان روڪيو هو.
    اٺون: نيات جي نالي کي استعمال ڪرڻ جو حق، صرف حق روم ۾ شهنشاهن جي دور تائين قائم رهيو هو. آزاد ڪيل ٻانهن کي پڻ پنهنجن سابق مالڪن وارين نياتن جي نالن کي استعمال ڪرڻ جو حق تفويض ڪيو ويو هو. پر نيات مان باقي رهيل حق کين تفويض نه ڪيا ويا هئا.
    نائون: نيات ۾ ڌارين ماڻهن کي داخل ڪرڻ جو ۽ انهيءَ حق کي استعمال ڪرڻ جو جائز طريقو هي هوندو هو ته ڪنهن ڌارئي شخص کي پهرين پنهنجي ڪٽنب ۾ داخل ڪيو ويندو هو. (ساڳيو دستور هوبهو ايروڪواس قبيلن ۾ به هوندو هو). ڪٽنب ۾ داخلا ملڻ بعد انهيءَ شخص کي نيات ۾ به داخلا ملي ويندي هئي.
    ڏهون: مکي ۽ جنگي سردار کي چونڊڻ ۽ کيس ڪرڻ جي حق جو ذڪر اسان کي ڪٿي به ملي نه سگهيو آهي. روم شهر جي وجود ۾ اچڻ بعد سندس اوائلي دور ۾ سمورا عهدا ۽ عملداريون ريڪس Rex يعني چونڊيل بادشاهه کان وٺي هيٺ تائين چونڊيا يا مقرر ڪيا ويندا هئا. ايتري قدر جو ڪيوريا Curia يعني نيات پنهنجن مذهبي پروهتن کي به چونڊي مقرر ڪندي هئي. انڪري اسين هن باور ۽ گمان ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اهو ساڳيو اصول نيات جي سربراهه يا نيڪ مرد (Principes) چونڊ ڪرڻ ۾ به لاڳو ڪيو ويندو هو. پوءِ ڀلي ته ساڳئي ڪٽنب مان عهديدارن کي چونڊڻ جو رواج ڪيتري قدر به پختو ڇو نه ٿي ويو هجي.
    اهو هو هڪ رومن نيات جي طاقت جو اصل سبب ۽ پدرانه حق ڏانهن ارتقا ڪري پهچڻ واري عمل کان سواءِ باقي ٻين سمورن حقن ۽جوابدارين جي لحاظ کان رومن نياتون ايروڪواس قبيلن جي تصوير جو هڪ سچو نقل هونديون هيون. اسان کي رومن نياتن ۾ به ساڳيو ايروڪواس قبيلن وارو نظام ظاهر/ظهور نظر اچي ٿو. رومن نياتي نظام بابت اسان جي مستند عظيم مورخن ۽ عالمن ۾ پيدا ٿيل مونجهارو اڃا به موجود نظر اچي ٿو. انهيءَ مونجهاري جو هڪڙو مثال هتي ڏجي ٿو:
    روم ۾ ريپبلڪ ۽ آگسٽس سيزر جي حڪومتي دور ۾ خالص رومن نالن جي وضاحت بابت هڪ رسالي Roman Researches Vo. VI Bertin 1864 ۾ مومسين لکي ٿو ته: ”نه فقط سمورا نيات ڀائي مرد ۽ نيات ۾ داخل ڪيل ۽ سنڀال هيٺ شخص، سواءِ ٻانهن جي رومن عورتن سميت نيات جي نالي کي استعمال ڪندا هئا.“ قبيلو (مومسين نيات جي جاءِ تي استعمال ڪري ٿو) هڪ اهڙي جماعت هوندي آهي جيڪا هڪ سچي پچي يا فرضي يعني حاصل يا اختراع ڪيل مورث اعليٰ ”جد امجد“ مان پيدا ٿئي ٿي. جنهن کي پاڻ ۾ متحد رکڻ لاءِ وٽس مشترڪ مذهبي رسمون ۽ هڪ مشترڪ قبرستان ۽ مشترڪ ورثو/ ترڪو هوندو آهي. ان ڪري سمورا آزاد مرد ۽ ان ڪري سندن عورتون به پاڻ کي ضرور ان ۾ داخل ڪنديون هيون پر نيات جي نالي کي مقرر ڪرڻ وقت شادي شده زالن جو معاملو ڪجهه مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو. اهي مشڪلاتون ان وقت پيدا ٿين ٿيون، جڏهن عورت کي پنهنجي نيات ڀاين کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شخص سان شادي ڪرڻ کان روڪيو نه ويو هو. يعني هو پنهنجي ڪنهن نيات ڀائيءَ سان شادي ڪري نه سگهندي هئي. پر هوءَ هڪ ڌاري نيات جي مرد سان شادي ڪري سگهي ٿي. ان ڪري سندس لاءِ ڪيتري عرصي تائين ته شادي ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڌاري نيات مان ور ڳولي لهڻ هڪ مشڪل مسئلو بنجي ويو هو. يعني رومن عورت کي ضرور بالضرور پاڻ واري نيات کان ٻاهر شادي ڪرڻي پوندي هئي. عام طور تي هر عورت کي پنهنجي نيات مان ور ڳولي لهڻ سولو هوندو آهي. انهيءَ حق کي Gentis Eruptio جينٽس ارپشو يعني نيات کان ٻاهر شادي ڪرڻ جو حق سڏيو ويندو آهي.
    ڇهين صدي عيسويءَ ۾ رومن عورتن کي اهو حق هڪ انعام طور ڏنو ويو هو. پر قديم دور ۾ جڏهن به ڪا رومن عورت ڪنهن ڌاري نيات ۾شادي ڪري ويندي هئي ته انهيءَ عورت کي سندس مڙس واري نيات مان شمار ڪيو ويندو هو. هن کان وڌيڪ ٻي ڪابه ڳالهه يقيني نه آهي ته مذهبي رسمن واري شادي ڪرڻ کان پوءِ زال پوريءَ طور تي پنهنجي مڙس واري مذهبي جماعت ۾ داخل ٿي ويندي هئي. پنهنجي پيڪن واري نيات سان سندس ڪوبه واسطو ۽ سروڪار نه رهندو هو. يعني هو پيڪن کان بلڪل ڪٽجي ويندي هئي. هن حقيقت جي هر شخص کي خبر آهي ته هر شادي شده رومن عورت پنهنجي نيات واري سموري ورثي ترڪي سان گڏ ٻين به سمورن فعالي خواهه غيرفعالي قسم وارن حقن کان به پوري ريت محروم ٿي ويندي هئي. پر هوءَ پنهنجي مڙس وارن (ساهرن) واري ورثي ترڪي وارن وارثن ۾ضرور شامل رهندي هئي. اهي وارث هي آهن:
    (1) انهيءَ زال مان پيدا ٿيل سمورو اولاد، (2) ۽ سندس مڙس جا نيات ڀائي. پر جڏهن ڪو مڙس پنهنجي زال کي هڪ گود ورتل ٻار واري حيثيت ۾ پنهنجي ڪٽنب ۾ داخل ڪندو هو. يعني کيس گود وٺندو هو يعني متبني بنائيندو هو ته پوءِ اهڙي صورت ۾ اها عورت (زال) ڪيئن سندس نيات مان خارج ٿي سگهي ٿي، يعني مڙس سان نيات ڀائي بنجي پوڻ جي ڪري اها گود ورتل عورت ساڻس يعني کيس گود وٺندڙ شخص سان ڪڏهن به شادي نه ڪري سگهي ها.
    مومسين جي تشريح موجب شروعاتي دور ۾ انهيءَ نموني ۾ هر رومن نيات جي عورتن کي فقط پنهنجي نيات جي اندر شادي ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي. ان ڪري سندس خيال موجب رومن نياتون داخلي شاديون ڪندڙ هونديون هيون ۽ نه خارجي شاديون ڪندڙ! سندس اها راءِ جيڪا باقي ٻين سمورين قومن واري انهيءَ معاشري ۽ سماجي تجربي جي سراسر خلاف آهي، جيڪا مشهور رومن مورخ Livy Titus 57 ق- م لوي تاسيت جي جڳ مشهور ڪتاب History of Roman Vol-XXXIX باب نمبر 9 1 ۾ لکيل هڪ حوالي تي ٻڌل آهي. جنهن حوالي جي صحت بابت اڄ به مورخن ۾ بحث ۽ تڪرار هلندڙ آهي. انهيءَ حوالي موجب رومن سينيٽ 8 6 6 ق- م ۽ روم شهر جي تقويم مطابق 1 8 8 1 ق- م جي جاري ڪل هڪ سرڪاري فرمان ۾ هي لفظ موجود آهن:
    "Vtifocenrae Hispollae datio deninutio gentis eruptio, tutoris, optiolem quasieiver testaman to dedisseti utiquei ingenew nubre liceret neuqielciqui ennden isset obid frandi ignominiave esset."
    جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ته: ”فسينا هسپلا کي هي حق حاصل هوندو ته: (1) هو ڀلي پنهنجي ملڪيت جو انتفال ڪري ڇڏي. (2) ڀلي ته ان کي گهٽائي ٿورو ڪري ڇڏي، (3) ڀلي ته نيات کان ٻاهر شادي ڪري، (4) ته ڀلي ته پنهنجو ولي (سنڀاليندڙ) مقرر ڪري ڄڻ ته سندس فوتي مڙس اهو حق کيس وصيت ڪرڻ وسيلي تفويض ڪري ڇڏيو آهي، (5) ته کيس اجازت حاصل هوندي ته ڀلي ڪنهن آزاد شخص سان شادي ڪري، (6) ته جيڪو به شخص ساڻس شادي ڪندو ته سندس (فسينا هسپلا سان شادي ڪرڻ جي عمل کي) ڪا خطا يا بدناموسي شمار نه ڪيو ويندو.“
    بيشڪ مٿي ذڪر ڪيل مثال ۾ فسينا هسپلا نالي هڪ آزاد ڪيل ٻانهي عورت کي نيات کان ٻاهر شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي آهي ۽ انهيءَ حقيقت ۾ ڪوبه شڪ ۽ گمان نه آهي ته هن لکيت موجب مڙس کي حق حاصل هو ته هو وصيت ڪرڻ وسيلي پنهنجي زال کي اهو حق تفويض ڪري سگهي ته هوءَ (سندس زال) سندس وفات ڪري وڃڻ بعد ڀلي نيات کان ٻاهر شادي ڪري. هي حوالو بلڪل واضح آهي، سواءِ هن هڪڙي امر جي ته ڪنهن جي نيات کان ٻاهر؟
    مومسين جي استدلال موجب جيڪڏهن ڪنهن عورت کي پنهنجي نيات جي اندر شادي ڪرڻي هئي ته پوءِ هوءَ شادي ڪري وڃڻ کان پوءِ به انهيءَ ساڳي نيات اندر رهي ٿي. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته هن ڳالهه تي زور ڏيڻ ته رومن نيات داخلي شاديون ڪندڙ هئي، خود هڪ ثابتي طلب معاملو آهي. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن مثال واري عورت کي نيات جي اندر شادي ڪرڻي ئي هئي ته پوءِ خود مڙس اهو عمل نه ٿو ڪري ته اهڙي حالت ۾ هو ڪنهن به عورت سان شادي ڪري نه ٿي سگهيو. ته پوءِ اسين هڪ اهڙي درجي تي اچي بيهي رهون ٿا جتي ڪوبه مڙس پنهنجي زال کي وصيت ڪرڻ وسيلي هڪ اهڙي حق کي تفويض ڪري سگهندو هجي، جنهن حق تي خود کيس به پنهنجي لاءِ استعمال ڪري سگهڻ جو ڪوبه حق حاصل نه هو. اهو مثال هڪ ”غلط قانون“ جو مثال بنجي پوندو. خود مومسين کي به انهيءَ ساڳي حقيقت جو احساس آهي. ان ڪري هر بنا ڪنهن واضح ثبوت جي محض ڌُڪي تي ڳالهه ڪندي لکي ٿو ته:
    ”نيات کان ٻاهر شادي ڪرڻ لاءِ قانوني طور تي نه فقط اجازت ڏنل شخص جي قبوليت ڏيڻ جي ضرورت هئي، بلڪ نيات جي سمورن رڪنن جي قبوليت ڏيڻ جي به ضرورت هوندي هئي.“ الخ نو ص VI.
    پهريون ته اهو دليل هڪ ڇڙواڳ قسم جو دليل آهي. ٻيو ته اهو دليل خود حوالي جي واضح لفظن کي غلط ثابت ڪري ٿو. مثال واري عورت کي رومن سينيٽ اهو حق سندس مڙس جي Proxy عيوضي يا وڪيل يا قائم مقام طور ڏئي ٿي، پر کيس اهو حق فقط ايتري قدر ڏئي ٿي جيتري قدر سندس فوتي مڙس کيس ڏئي سگهيو ٿي. نڪي گهٽ نڪي وڌ. پر جيڪي ڪجهه مثال واري عورت جو مڙس تفويض ڪري ٿو اهو قانوني طور تي هڪ مڪمل حق آهي. جيڪو سمورين قانوني بندشن کان آزاد آهي. ان ڪري مثال واري عورت ان جو استعمال ڪندي ته ان جي نتيجي ۾ سندس نئين مڙس کي ڪابه تڪليف نه پهچندي. سينيٽ ٻنهي موجود حال ۽ ايندڙ مستقبل ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪري کيس يعني مثال واري عورت فسينا هسپلا کي ڪابه تڪليف نه پهچي. انهن سمورين ثابتين جي موجودگيءَ ۾ مومسين وارو قياس ۽ استدلال بلڪ غلط ثابت ٿئي ٿو.
    وري اچو ته، ٻي صورت حال کي ڏسون: هن حالت ۾ هڪ عورت ٻي نيات جي مرد سان شادي ڪري ٿي. پر ان جي باوجود به پنهنجي نيات جي اندر رهي ٿي. ته پوءِ مٿين مثال واري لکيت واري مفهوم موجب سندس مڙس کي هي حق حاصل آهي ته هو پنينجي زال فسينا هسپلا کي سندس نيات کان ٻاهر شادي ڪرڻ جو حق تفويض ڪري ڏئي. يعني کيس هڪ اهڙو حق ملي ٿو جنهن موجب هو انهيءَ نيات بابت جنهن جو هو پاڻ به هڪ رڪن آهي. (اڳواٽ) بندوبست ڪري ڇڏي ٿو. اها ڳالهه اهڙي ته بيواجبي آهي جو اسان کي ان بابت وڌيڪ چوڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.
    مٿين ذڪر ڪيل مثال ۾ حقيقت فقط هن قدر آهي ته پهرين نموني واري شادي ۾ مثال واري عورت هڪ ٻي نيات جي مرد سان شادي ڪئي هئي. ان ڪري اها عورت پنهنجي مڙس واري نيات ۾ بنا ڪنهن اٽڪاءَ جي داخل ٿي چڪي هئي. اهڙن مثالن جي رومن معاشري ۾ موجودگي جو خود مومسين پاڻ به اقرار ڪري ٿو. اتي پهچڻ بعد معاملو پاڻ کي پاڻ صاف ڪري ٿو. مثال واري عورت انهيءَ شادي ڪرڻ جي ڪري پيڪن واري نيات کان ڇڄي ڌار ٿي وڃي ٿي، کيس پنهنجي مڙس واري نيات اندر داخلا ملي ٿي. ان ڪري کيس نئين داخل ٿيل نيات ۾هڪ خاص مقام حاصل ٿي وڃي ٿو.
    هينئر هوءَ پنهنجي مڙس جي خون جي رشتي واري مائٽياڻي نه آهي. جنهن طريقي سان کيس نيات اندر داخلا ملي ٿي، اهو طريقو خود شروعات کان وٺي کيس مڙس واري نيات ۾ شادي ڪرڻ واري بندش کان آزاد ڪري ڇڏي ٿو. يعني انهيءَ شادي ڪرڻ جي ڪري سندس ساهرن واري نيات ۾ ڪنهن شخص سان شادي ڪرڻ جي حق کان محروم ٿي نٿي وڃي. شادي ڪرڻ سان زال کي فقط مڙس واري نيات ۾ داخلا ڏني ويئي هئي. انڪري هوءَ مڙس جي فوت ٿي وڃڻ جي حالت ۾ سندس ملڪيت جي ڪجهه انهيءَ حصي جي وارث بنجي ويندي جيڪو حصو سندس نه پرڻجي اچڻ واري حالت ۾ سندس مڙس وارن نيات ڀاين کي ملڻو هو.
    انهيءَ عمل کان به وڌيڪ اهم هيءَ ڳالهه آهي ته، ملڪيت کي نيات جي اندر رهڻ گهرجي۽ ڇا محض انهيءَ ملڪيت جي نيات جي اندر رهڻ خاطر ئي انهيءَ عورت کي سندس مڙس جي ڪنهن ٻئي نيات ڀائيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي؟ ۽ ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ سان نه؟ هينئر جيڪڏهن ان بابت ڪا استثنا پيدا ڪرڻي آهي ته ڇا انهيءَ حالت ۾ سندس مڙس کان سواءِ ٻيو ڪو به شخص کانئس وڌيڪ با اختيار ٿي سگهي ٿو، جنهن سندس ئي فائدي خاطر پنهنجي ملڪيت کي وصيت ڪرڻ وسيلي سندس حوالي ڪيو آهي؟ جنهن وقت تي اهو مڙس مثال واري عورت کي پنهنجي ڪيل وصيت موجب پنهنجي ملڪيت جو ڪجهه حصو ڏئي ٿو ته ساڳئي وقت تي کيس هي به اجازت ڏئي ٿو ته هوءَ سندس مرڻ بعد انهيءَ ملڪيت جي وصيت ۾ مليل حصي کي ڪنهن ڌاري نيات جي مرد سان شادي ڪرڻ جي ڪري ڀلي ڌاري نيات ۾ ڏئي ڇڏي يا اها ڌاري نيات فسينا هسپلا جي منجهن پرڻجي اچڻ جي ڪري ڀلي ان کي حاصل ڪري.
    ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڄڻ هو پاڻ وصيت ڪري ڇڏڻ جي ڪري پنهنجي ملڪيت جي حصي جو اڳواٽ ئي انتفال ڪري ويو هو. جيتري قدر خود فسينا ۽ فسينا جو پنهنجي مڙس واري نيات سان تعلق آهي ته چئي سگهجي ٿو ته، اهو مڙس خود پاڻ ئي هو، جنهن پنهنجي آزاد ارادي سان انهيءَ عورت سان شادي ڪرڻ جي ڪري انهيءَ ساڳي فسينا کي ٻئي مڙس واري نيات ۾ داخل ڪيو هو. ان ڪري قدرتي طور تي اهو پهريون مڙس ئي هو جنهن جي رومن سينيٽ فرمان جاري ڪرڻ وسيلي فقط توثيق ڪري ڇڏي هئي، ٿوري ۾ کڻي چئجي ته جڏهن اسين رومن معاشري جي داخلي شادين ڪرڻ واري نظرئي کي ترڪ ڪري ڇڏيون، ڇا ته اهو ساڳيو معاملو اسان کي تمام آسان ۽ واضح ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ مارگن جنهن جي انهيءَ دليل کي ته رومن معاشرو اصل ۾ خارجي شادين ڪندڙ معاشرو هو، کي سچو سمجهنداسين.
    انهيءَ حوالي جي تاويل ڪندڙن ۾ عالمن جو هڪ ٻيو گروهه به موجود آهي، جن جو وري چوڻ آهي ته لوي تاسيت واري انهيءَ حوالي جو مطلب محض هي آهي ته: ”هڪ آزاد ڪيل ٻانهي ڪنهن خاص اجازت جي ملڻ کان سواءِ نيات کان ٻاهر شادي نٿي ڪري سگهي يا ڪو اهڙو ٻيو قدم کڻي سگهي جيڪو قدم ڪٽنبي حقن جي قليل ترين زبان جو سبب بنجي سگهندو هجي، يعني Lapitis Leminetioaminima جنهن جو نتيجو هي نڪري سگهندو هجي ته آزاد ڪيل ٻانهيون مڙسن وارين نياتن کي ڇڏي ٻاهر هليون وڃن.“ جيڪڏهن اسين ذڪر ڪيل تاويل کي صحيح سمجهنداسين ته پوءِ اهو حوالو رومن معاشري جي آزاد عورتن لاءِ ڪجهه به ثابت نٿو ڪري، انهيءَ مثال مان اسان کي نيات جي اندر شادين ڪرڻ لاءِ مفيد هجڻ جو ڪوبه ثبوت ڪونه ٿو ملي.
    اسان کي سموري رومن ادب ۾ Eruptio Gentis وارو محاورو فقط انهيءَ هڪڙي حوالي ۾ ئي موجود نظر اچي ٿو ۽ ٻئي سموري رومن ادب ۾ بلڪل غائب آهي، اسان کي رومن ادب ۽ تاريخ ۾ لفظ Enubre اِنيوبر يعني نيات کان ٻاهر شادي ڪرڻ جو لفظ صاف طور تي لکيل موجود ملي ٿو ۽ اهو به فقط لوي تاسيت واري ڪتاب ۾، پر انهيءَ لفظ جو نيات سان ڪوبه تعلق ڏيکاريل نه آهي. انڪري هي احمقانه نظريو نه رومن عورت کي فقط پنهنجي نيات جي اندر شادي ڪرڻ جي اجازت حاصل هوندي هئي، فقط لوي تاسيت واري انهيءَ حوالي، جنهن کي بيهي سگهڻ لاءِ ڪابه ٽنگ نه آهي، مان پيدا ٿيل آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهيءَ حوالي مان آزاد ڪيل ٻانهن تي ڪن خاص بندشن جي موجود هجڻ جو ثبوت ملي ٿو ته ان جو پيدائشي آزاد Ingenuae رومن عورت سان ڪوبه واسطو موجود نه چئبو يا انهيءَ کي پيدائشي آزاد عورتن سان به لاڳو ٿيل شمار ڪيو ويندو، ان ڪري ته ويتر چئي سگهبو ته رومن عورتون رومن قانون موجب خارجي شاديون ڪندڙ هيون. کين انهيءَ شادي ڪرڻ جي ڪري ئي مڙسن واري نيات ۾ داخلا ملندي هئي، اهو امر مارگن جي مطابقت ۾ ۽ مومسين جي برخلاف نظر اچي ٿو.
    رومن شهر جي بنياد پوڻ کان 300 سالن بعد نياتي ٻنڌڻ ايتري قدر ته مضبوط هئا، جن لاءِ هي مثال رومن تاريخ ۾ موجود آهي ته اميرزادن جي فيبن نالي نيات سينيٽ جي اجازت مان في نالي پاڙيسري ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي هئي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ نيات جا 360 ماڻهو مارجي ويا هئا. نيات مان فقط هڪڙو ڇوڪرو بچي ويو هو، جنهن مان وڌي وڌي ساڳي نيات ٺهي جڙي راس ٿي هئي.
    اسين ذڪر ڪري آيا آهيون ته، ڏهن نياتن جي پاڻ ۾ گڏجڻ مان هڪ برادري ٺهندي هئي، لاطيني زبان ۾ برادريءَ کي Curia ڪوريا چئبو آهي، انهيءَ ڪوريا کي يوناني برادري کان وڌيڪ اختيار حاصل هوندا هئا، هر ڪوريا کي پنهنجون جدا مذهبي رسمون، هڪ متبرڪ نشان تبرڪات ۽ هڪ جدا پروهت هوندو هو. اهي پروهت پاڻ ۾گڏجي هڪ ادارو ٺاهندا هئا، جنهن مان چونڊ ڪري هڪڙو سر پينچ پروهت مقرر ڪندا هئا. ڏهن ڪوريائن مان هڪڙو قبيلو ٺهندو هو. هر قبيلي کي هڪڙو چونڊيل جنگي سردار هوندو هو. (فقط جنگ جي حالت ۾) ۽ وٽن هڪڙو جدا چونڊيل پروهت هوندو هو. رومن قوم انهن ڪوريائن مان ٺهي هئي، جن کي گڏي Populus Romanus يعني رومن عوام چوندا هئا.
    ان ڪري فقط انهن ماڻهن کي رومن تسليم ڪيو ويندو هو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن رومن نيات جا رڪن هوندا هئا، انهيءَ نياتي رڪنيت جي ڪري اهي خود به خود ڪوريا جا به رڪن هوندا هئا. ساڳيءَ طرح کين قبيلي جا به رڪن شمار ڪيو ويندو هو.
    نيبر (Niebuhr)جي لکڻ موجب عوامي نوعيت وارن سمورن معاملن جو انتظام ڪرڻ سينيٽ جي حوالي هوندو هو. 300 نياتن جا نيڪ مرد- مکي يا سردار پنهنجن نياتن جي مکي هجڻ جي حيثيت ۾ سينيٽ جا رڪن هوندا هئا. انهن مکين يا نيڪ مردن کي پٽرس Patres يعني پيئريا بزرگ چوندا هئا. رومن معاشري ۾ هي رواج به پئجي چڪو هو ته ڪنهن مکي جي مرڻ بعد سندس ئي ڪٽنب مان ڪنهن اهل شخص کي انهيءَ نيات جو مکي چونڊيو ويندو هو. ان ڪري نياتن ۾ مورثي مکيءَ جو رواج پئجي ويو هو. انهيءَ رواج اڳتي هلي هڪ مورثي اميرن جي طبقي کي پيدا ڪيو هو. انهن مورثي مکين وري امير طبقي جي اولاد پاڻ کي Patricians يعني اميرزاده سڏائڻ شروع ڪيو هو. ان ڪري اهي اميرزاده سينيٽ جي رڪنيت کي پنهنجو مورثي حق سمجهڻ لڳا هئا.
    هيءَ هڪ حقيقت آهي ته وقت جي گذرڻ سان اهو رواج پختو ٿي ويو هو. رومن انهيءَ رواج تي ايتري قدر ته هري مري عادي ٿي ويو هو جو اهي خود به اميرزادن جي انهيءَ مورثي حق واري رواج کي صحيح ۽ جائز سمجهڻ لڳا هئا. انهيءَ رواج هينئر وڌي ويجهي ڦري هڪ آئيني حق جي صورت اختيار ڪئي هئي. ايتري قدر جو روايت آهي ته، سينيٽرن ۽ سندن اولاد کي خود روميولس اول سرڪاري طور تي پيٽرسيشن وارو منصب ۽ ان جا سمورا خاص حق تفويض ڪري ڏنا هئا. اٿينس جي ٻولي وانگر رومن سينيٽ کي پڻ ڪيترن ئي عوامي معاملن جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار تفويض ڪيل هوندو هو. خود قانون جي تدوين ڪرڻ جو حق به خاص طور تي فقط سينيٽ کي ئي حاصل هوندو هو. هر قانون جي مسودي تي پهريائين سينيٽ ۾ بحث مباحثو ڪيو ويندو هو. جنهن بعد انهيءَ مسودي کي آخري شڪل ڏئي منظور يا رد ڪرڻ لاءِ عوامي اسيمبلي (جرڳي) Commitia curiata ڏانهن موڪليو ويندو هو. جيڪا ان کي منظور يا رد ڪندي هئي، لفظ ڪوميشيا ڪورياٽا جي لغوي معنيٰ آهي ڪوريائن جو جرڳو. انهيءَ عوامي اسيمبلي يا جرڳي جي ڪوريائن (نياتن) مطابق گروهه بندي ڪيل هوندي هئي. هر ڪوريا جي رڪنيت لاءِ فقط نيات جي ميمبرن مان چونڊيل مکين کي ئي اهل شمار ڪيو ويندو هو. عوامي نوعيت جي فيصلن ڪرڻ وقت هر 30 ڪوريائن جي گروهه کي پاڻ ۾ گڏجي هڪ ووٽ ڏئي سگهڻ جو حق ڏنو ويو هو. انهيءَ ڪوريائن تي مشتمل اسيمبلي يا جرڳي کي ڪنهن به قانون جي مسودي کي منظور يا رد ڪرڻ خود ريڪس (بادشاهه) کي مقرر ڪرڻ(ريڪس به هڪ عوامي عهدو هوندو هو) سميت سمورن اعليٰ عهديدارن کي عهدن تي مقرر ڪرڻ، کين معزول ڪرڻ. اعلان جنگ ڪرڻ (پر صلح ڪرڻ جو حق فقط سينيٽ کي حاصل هوندو هو).
    هڪ سپريم ڪورٽ جي حيثيت ۾ فتوائون جاري ڪرڻ، ڌرين جون اپيلون ٻڌڻ، اهڙن مقدمن جي سماعت ڪرڻ جنهن ۾ڪنهن رومن شهري کي موت جي سزا ڏئي سگهڻ جي فيصلي ڪرڻ جو حق حاصل هوندو هو. آخر ۾ سينيٽ ۽ عوامي جرڳي سان گڏ ريڪس يعني بادشاهه جو عهدو جيڪو پنهنجي نوعيت ۾ يوناني Basitus جنگي سردار جو مٽ هو. پڻ موجود هوندو هو. پر اهو ريڪس يا بادشاهه مطلق العنان يعني مختيار ڪل واري حيثيت جو هرگز نه هوندو هو، جهڙو کيس مومسين ڏيکاري ٿو. اهو ريڪس جي عهدي وارو شخص جنگي سردار اعليٰ هجڻ سان گڏ ملڪ جو اعليٰ ترين، پروهت ۽ ڪن خاص نوعيت جي عدالتن جو سربراهه پڻ هوندو هو. پر کيس ديواني دعوائن هلائڻ جو ڪوبه اختيار ۽ حق حاصل نه هوندو هو. سواءِ انهن امور جي جن ۾ هو هڪ جنگي سردار اعليٰ واري حيثيت ۾ فقط تاويلي قسم جا اقدام ڪري سگهندو هويا جيڪي مختلف قسمن وارين عدالتن جا سربراهه فيصلو ڪري ڏانهس فقط تعميلات ڪرڻ لاءِ موڪليندا هئا. کيس رومين شهرين جي حياتين، موت، آزادي ۽ ملڪيتن تي ڪوبه اختيار حاصل نه هوندو هو.
    سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ هوندي هئي ته اهو ريڪس جو عهدو ۽ منصب مورثي هرگز نه هوندو هو. ڪنهن نئين ريڪس جي تقرر لاءِ هي آئيني دستور هوندو هو ته سابق ريڪس ڪنهن نئين ريڪس جي مقرري لاءِ ڪنهن موزون رومن شهري جو نالو ڪوريائن جي عوامي جرڳي جي سامهون پيش ڪندو هو ۽ عوامي جرڳي ۾ڪوريائن جا مکي انهيءَ پيش ڪيل نالي کي ووٽ وسيلي منظور ۽ مقرر ڪندا هئا يا رد ڪري ڇڏيندا هئا. عوامي جرڳي جي هٿان ريڪس جي چونڊجي وڃڻ جي حالت ۾ عوامي جرڳو پنهنجي آئنده اجلاس ۾ کيس ڪن مقرر ڪيل رسمن جي ادا ڪرڻ سان اختيار تفويض ڪندو هو. مقرر ۽ توثيق ڪيل ريڪس کي معزول به ڪري سگهبو هو.
    509 ق-م ۾ روم جي 7 نمبر ريڪس Tarquinas superbus ٽارڪينس سپربس کي معزول ڪري ڇڏڻ جو مثال رومن تاريخ ۾ اڄ به موجود آهي. روم جي شهرين کيس معزول ڪري ڇڏڻ بعد خود روم شهر مان جلاوطن ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ عوامي بغاوت جي نتيجي ۾ روم ۾ جمهوري راڄ قائم ڪيو ويو هو.
    انهن نام نهاد بادشاهن جي دور ۾ يونانين واري سورمائي دور وانگر رومن قوم ۾ به هڪ فوجي جمهوريت قائم ڪئي وئي هئي. اها جمهوريت نياتن، برادرين ۽ قبيلن جي بنيادن تي قائم ڪئي وئي هئي ۽ ان مان پيدا ٿيل هجڻ جي ڪري سندن تابِع هوندي هئي. اهي ڪوريائون ۽ قبيلا جيتوڻيڪ ڪي قدر مصنوعي طور تي ٺاهيا ويا هئا. ان هوندي به سندن ساخت کي رومن معاشري جي انهن فطري ۽ حقيقي آدرشن جن مان اهي اصل ۾ پيدا ٿيا هئا ۽ جيڪي کين اڃان تائين وڪوڙيو بيٺا هئا. اميرزادن جي مطابقت ۾ ۽ اصولن ۽ سندن مفادن پٽاندر مرتب ڪيو ويو هو ۽ جيتوڻيڪ اميرزادن واري قدرتي طور تي ارتقا ڪري ويل طبقي پاڻ کي رومن معاشري اندر مستحڪم ڪري ڇڏيو هو ۽ Regesبه پنهنجي اختيارن کي درجه بدرجه وسيع ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا هئا. ان هوندي به مٿيون ٻئي حقيقتون رومن آئين جي بنيادي ۽ اصلوڪي ڪردار کي تبديل ڪري ڇڏڻ ۾ ناڪافي ثابت ٿيون هيون. تاريخي طور تي اها هڪڙي ئي حقيقت وڏي اهميت جي آهي.
    انهيءَ دور ۾ وڏين ملڪي فتوائن جي ڪري رومن علائقو تمام وسيع ٿي ويو هو. پهريائين رومن شهر سان لاڳيتن لاطيني علائقن کي فتح ڪري کين روم شهر سان ملايو ويو هو. ان ڪري روم شهر جي مردم شماري به ڪجهه لڏي آيل مهاجرن جي ڪري ۽ ڪجهه مفتوح علائقن مان لڏي آيل ماڻهن جي ڪري تمام وڌي ويئي هئي. اها نئين رعايا (اسين في الحال زيردستن Clients جو ذڪر ڪرڻ مهل رکون ٿا) پراڻين نياتن ڪوريائن ۽ قبيلن مان خارج هوندي هئي. ان ڪري انهيءَ سموري نئين رعايا کي به خاص رومن قوم Populus Romanus ۾ شمار نه ڪيو ويندو هو. پر ان هوندي به اها سموري رعايا شخصي طور تي آزاد هوندي هئي. کين زمين رکڻ، نيڪيون ادا ڪرڻ ۽ فوجي خدمتون ڪرڻ جا حقوق حاصل هوندا هئا پر کين ڪنهن عوامي عهدي تي مقرر ٿيڻ ڪوريئنس واري عوامي جرڳي ۾ ڪنهن هلندڙ بحث مباحثي ۾ حصي وٺڻ، قانون سازي ڪرڻ، ڪنهن قانون جي مسودي کي منظور ڪرڻ، سندن توثيق ڪرڻ يا کين رد ڪرڻ، فيصلا ڪرڻ يا مفتوح علائقن جي زمين کي ورهاست ڪري ان مان حصي وٺڻ جا حق حاصل نه هوندا هئا. انهن ماڻهن کي پيلبينس Plebians سڏيو ويندو هو. پيليبينس لفظ جي معنيٰ آهي اهي ماڻهو جن کي ر وم شهر ۾ رهڻ جي باوجود به ڪو عوامي حق حاصل نه هجي. انهيءَ پليبين طبقي جي ماڻهن جو تعداد روز بروز وڌندو رهندو هو. سندن انهيءَ واڌ ۽ فوجي سکيا ورتل هجڻ جي ڪري رومن رياست اندر سندن موجودگي روم شهر جي قديم شهرين Populus Romanus جنهن پنهنجي واڌاري جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا، لاءِ هڪ وڏو آئيني ۽ سماجي مسئلو پيدا ڪري وڌو هو. رومن تاريخ ۾ اسان کي هن حقيقت جا واضح ثبوت ۽ اهڃاڻ به ملن ٿا ته زمينن جي ورهاست جي سلسلي ۾ پراڻي رومن قوم ۽ نئين پليبين رعايا جي وچ ۾ ڪو گهڻو ۽ بيواجبي قسم جو امتياز ۽فرق نه رکيو ويندو هو. واپار ۽ صنعت جنهن اڃا ڪا خاص ترقي نه ڪئي هئي، گهڻو ڪري انهن پليبين رعايا جي هٿن ۾ هوندي هئي.
    تاريخي طور تي روم شهر جي بنياد پوڻ واري حقيقت محض ڏندڪٿائن تي ٻڌل هجڻ جي ڪري بلڪل لڪل ۽ مخفي رهندي آئي آهي. قانون دانن وانگر تاريخ جي عالمن پڻ ان بابت پيش ڪيل سمورن حوالن کي پنهنجي تاويل وسيلي مورڳو وڌيڪ منجهيل ۽ رازدارانه بنائي ڇڏيو آهي، ان ڪري اسان لاءِ هي امر ناممڪن بنجي پيو آهي ته اسين انهيءَ انقلاب، جنهن قديم رومن نظام جو انت آندو هو، ان بابت ڪو حتمي قسم جو فيصلو ڪري سگهون ته اهو انقلاب ڪهڙن سببن جي ڪري آيو هو؟ ڪهڙي نموني ۾ آيو هو؟ ۽ ڪڏهن آيو هو؟ اسين فقط ايتري يقين سان چئي سگهون ٿا ته اهو انقلاب پليبين ۽ قديم رومن قوم جي وچ ۾ پيدا ٿيل سماجي تڪرارن ۽ سماجي ۽ سياسي ڪشمڪش جي سببان پيدا ٿيو هو.
    روم جي 6 نمبر بادشاهه Servius Tullius سرويس ٽولوس 578 کان 534 ق- م ڏانهن منسوب ڪيل رومن نياتي آئين کي رد ڪندي هڪ نئين عوامي اسيمبلي يا جرڳي کي وجود ۾ آندو هو. جنهن ۾ مکيه ۽ بنيادي آئيني اصول هي قائم ڪيو ويو هو ته ٻنهي قديم رومن قوم Populus Romanus ۽ پليبين طبقن مان هن اصول تي ميمبر چونڊيا ويندا ته اهي ميمبر فوجي خدمتون ڪندڙ هئا يا نه هئا؟ يعني ٻنهي ڪشمڪش ڪندڙ ڌرين مان فوجي خدمتون نه ڪندڙ شخصن کي عوامي اسيمبلي يا جرڳي جي رڪنيت کان خارج رکيو ويو. باقي رهجي ويل فوجي خدمت ڪرڻ لائق شخصن جا وري سندن ملڪيت ۽ دولت جي لحاظ کان طبقا ٺاهيا ويا. فوجي خدمتن لاءِ انهن شخصن کي ڇهن طبقن ۾ورهاست ڪيو ويو هو:
    1- هڪ لک اسيسي وارا، 2- پنجهتر هزار اسيسي وارا،
    3- پنجاهه هزار اسيسي وارا، 4- 5 1 هزار اسيسي وارا،
    5- 1 1 هزار اسيسي وارا، 6- ان کان گهٽ ورا سمورا طبقا.
    Durea Ndela Meile ڊيوروڊي لاماني نالي هڪ فرينچ اقتصاديات جي ماهر عالم 1857 -1777ع جي حساب جي شرح موجب اهو حساب موجوده فرينچ مارڪ سڪي ۾ هي ٿئي ٿو:
    1- 14000 هزار مارڪ، 2- 10500 هزار مارڪ،
    3- 7000 هزار مارڪ، 3- 3600 سئو مارڪ،
    5- 1570 سئو مارڪ، 6- ان کان گهٽ.
    انهيءَ پوئين ورهاست واري طبقي ۾ پرولتاري يعني اجوري تي پورهيو ڪندڙ مزدورن ۽ هارين نارين کي شامل رکيو ويو هو. انهيءَ پرولتاري طبقي ۾ اهي شخص شامل ڪيل هوندا هئا. جن وٽ ڪنهن به قسم جي عام ملڪيت موجود نه هوندي هئي ۽ جيڪڏهن وٽن ڪا ملڪيت موجود به هئي ته اها هڪ اهڙي خسيس حد تائين موجود هوندي هئي جو ڄڻ ته نه هجڻ جي برابر هئي، ان ڪري کين فوجي خدمتن سان گڏ ٽيڪسن جي ادائگي ڪرڻ کان پڻ مستثنيٰ قرار ڏنو ويو هو.
    انهيءَ نئين مرتب ڪيل اسيمبلي يا جرڳي Commitia Curia رومن شهرين کي به فوج وانگر حصن ۾ ورهايو ويو هو. هڪ سئو نفري جي هڪ ڪمپني Centurialen ٺاهي ويئي هئي ۽ هر سينچوريا کي هڪ ووٽ ڏيڻ جو حق تفويض ڪيو ويو هو. پهريون طبقو 80 سينچوريا ميدان جنگ تي آڻيندو هو، ٻيو طبقو 22، ٽيون طبقو 20، چوٿون طبقو 22، پنجون طبقو 30 ۽ ڇهون طبقو فقط هڪ.
    سينچاريا مثال کي قائم رکڻ خاطر ميدان جنگ تي آڻيندو هو. انهن کان سواءِ 18 سينچوريائون گهوڙي سوار (رسالو) فوج ميدان جنگ تي آنديون وينديون هيون. جنهن تي فقط اميرزادن جو طبقو سوار ٿي نڪرندو هو. يا پنهنجا عيوضي موڪليندا هئا. هي ڪل ٿيون 193 سينچوريائون. يعني 19300 فوج انهن فوجن جي Commitia Curia ۾ 97 ووٽن کي اڪثريتي ووٽ شمار ڪيو ويندو هو. انهيءَ حساب سان اميرزادن ۽ گهوڙي سوار فوج جا ڪل 98 ووٽ ٿيا ٿي. ان ڪري اسيمبلي ۾ پڻ کين واضح اڪثريت حاصل هوندي هئي. ان ڪري جڏهن اهو طبقو پاڻ ۾ متحد ٿي ووٽ ڏيندو هو ته کين ٻين سمورن باقي طبقن کان ڪنهن به ووٽ وٺڻ جي ڪابه ضرورت نه پوندي هئي. ان ڪري اهو طبقو باقي ٻين طبقن کي پڇندو به ڪونه هو.
    انهيءَ سينچريا اسيمبلي کي پراڻي ڪوريائن واري اسيمبلين وارا سمورا حق تفويض ڪيا ويا هئا. ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته يوناني معاشري وانگر اصل ڪوريا ۽ ان جي نياتن جي حالت ۽ حيثيت محض مذهبي ۽ خانگي قسم جي جماعتن جهڙي بنجي ويئي هئي. انهيءَ آئين جي نفاذ سان، قديم رومن نياتي نظام کي پوري ريت ذليل، بي عمل ۽ ان ڪري بي اثر بنايو ويو هو. ان هوندي اهو قديم نياتي نظام ٿوري عرصي تائين زنده رهندو رهندو آخرڪار خودبخود ختم ٿي ويو هو.
    رومن رياست جي وجود مان ٽنهي بنيادي رومن نياتي قبيلن Populus Romonus کي خارج ڪري ختم ڪري ڇڏڻ لاءِ هينئر علائقن جي بنيادن تي نوان قبيلا مرتب ڪيا ويا هئا. هر قبيلي کي رهائڻ لاءِ روم شهر ۾ مخصوص علائقا (محلا) مقرر ڪري ڏنا ويا هئا. اهڙي ريت روم ۾ نام نهاد بادشاهت کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾، خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين واري سماجي ۽ سياسي نظام يا آئين کي ختم ڪري، سندس جاءِ تي هڪ علائقائي ۽ دولت جي بنيادن تي ٻڌل طبقاتي آئين کي هڪ حقيقي رياستي آئين طور نافذ ڪيو ويو هو. انهيءَ نئين رياستي آئين ۾ فوجي خدمتن ڪرڻ لائق سمورن شهرين کي رياستي اختيار تفويض ڪري ڏنا ويا هئا. انهيءَ آئين ۾/نه فقط ٻانهن کي، بلڪ خود نام نهاد رومن پرولتاري طبقي، جنهن کي فوجي خدمتون بجاءِ آڻڻ ۽ هٿيارن کڻڻ ۽ فوجي سکيا وٺڻ کان ڄاڻي ٻجهي محروم رکيو ويو هو، کي پڻ آئين کان خارج ڪري ٻاهر اڇلائي ڦٽو ڪيو ويو هو.
    انهيءَ آئين خود روم جي آخري بادشاهه Tarquis Superbus ٽارڪوئي سپربس کي 509 ق- م ۾ بادشاهت جي اداري سميت ختم ڪري، روم مان جلاوطن ڪيو ويو هو. انهيءَ بادشاهه روم شهر تي زوري قبضو ڪيو هو. انهيءَ نئين آئين ۾ بادشاهه واري خالي ڪيل جاءِ تي ٻن نون فوجي سردارن Consnls قانصلن کي آندو ويو هو. جيئن خود ايروڪواس قبيلن ۾ رواج هوندو هو. رومن رعيتي راڄ جي دور جي سموري تاريخ اميرزادن ۽ پليبين طبقن جي، انهن عوامي عهدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪشمڪش ۽ زمينن جي ورهاست ۽ انهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۽ سندن ڪاميابين ۽ شڪستن جو راز ۽ ڪارڻ انهيءَ نئين نافذ ڪيل رياستي آئين ۾ ئي سمايل آهي. انهيءَ نئين نافذ ڪيل رياستي آئين، رومن معاشري ۾ هي اثر پيدا ڪيو هو ته اميرزادن جي طبقي وڏي چالاڪي ۽ حرفت سان پاڻ کي هڪ نئين مضبوط طبقي جي صورت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. هينئر اهي هڪ اهڙو طبقو بنجي پيا هئا، جنهن درجي بدرجي آبادگارن، جن کي مسلسل فوجي خدمتن تباهه حال ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو، جي سموري زمينن تي قبضو ڪري ورتو هو.
    هينئر اهو اميرزادن وارو طبقو رومن مددگارن جي جاءِ تي پنهنجن وسيع زمينن تي ٻانهن جي هٿان آباديون ڪرائڻ لڳو هو. زميندارن جي انهيءَ ظلم ۽ روزگار کان محرومي کان تنگ اچي هارين رومن ڪٽنب ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا هئا. ان جي نتيجي ۾ اٽليءَ جي ملڪ ۾ مردم شماري ايتري قدر ته گهٽجي وئي هئي جو ملڪ ۾ نه فقط ملڪ اندر شهنشاهن جو دور شروع ٿي چڪو هو، بلڪ سندن جانشين يعني غيرمهذب جرمن قبيلن جي اٽليءَ ۾ آمد لاءِ رستو بلڪل صاف ٿي ويو هو.


    جرمن قبيلن ۽ ڪيلٽ لوڪن جو نياتي نظام

    اسان کي هن ڪتاب جي وڌي وڃڻ جو خيال لاحق نه هجي ته اسين هوند قارئين جي سامهون سمورن نياتي نظامن جو سربستو بيان لکي ڇڏيون، جيڪي نظام پنهنجي اصلوڪي سادي سودي شڪل ۾ ٿوري يا گهڻي ڦير گهير سان اڄ ڏينهن سوڌو دنيا جي وحشي ۽ غير مهذب قومن ۾ صحيح سلامت حالت ۾ موجود آهن يا ايشيا جي مهذب قومن جي قديم تاريخ ۾ انهن جهڙن ادارن جا نشان ۽ اهڃاڻ اڄ به ظاهر موجود آهن. هنن ٻنهي يا ٻنهي مان هڪ قسم واري حالت واري نظام جو نمونو اڄ به دنيا جي مختلف قومن ۾ صحيح سلامت موجود آهي.
    اسين هتي فقط نموني طور تي مثال طور پيش ڪريون ٿا. نيات جي وجود واري نظام جي نظرئي کي گهڻو وقت اڳ ۾ تسليم ڪيو ويو هو، ان هوندي به ميڪلينن جهڙي وڏي مورخ جنهن پاڻ وڏي چٽائيءَ سان انهيءَ ساڳئي نظرئي جي ڪافي حد تائين وضاحت به ڪئي آهي. پر ساڳئي وقت تي ان کي هر نموني ۾ ڀڃي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش به ڪئي اٿس. ميڪلينن پاڻ ڪالميڪ، چرڪس، سرڪاسي، ساموٽي قبيلن ۽ ٽن هندوستاني قبيلن هر هڪ وارلي، ماگر ۽ مني پوري قبيلن ۾ انهيءَ ساڳئي نظام جي رواج بابت گهڻو ڪجهه لکي به چڪو آهي.
    تازو وري عظيم روسي مورخ، قانوندان ۽ عمرانيات جي ماهر عالم ڪواليضسڪي ميڪسم Kovlevsky Maxium (1851 کان 1911ع) پڻ ساڳي نظام جي پشاوا خيوسور، سويني ۽ ٻين ڪوهه قاف جبلن جي قبيلن ۾ رائج هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي، پر اسين هتي فقط پنهنجن، يورپي حرمن قبيلن ۽ ڪيلٽ لوڪن ۾ انهي ساڳئي نظام جي موجود ۽ رائج هجڻ بابت مختصر طور تي ذڪر ڪريون ٿا:
    اسان کي قديم ڪيلٽ لوڪن جي قانون ۾ جيڪو مواد دستياب ٿي سگهيو آهي، ان ۾ اسين نياتي نظام کي عروج تي ڏسون ٿا. انهيءَ نظام کي آئرلينڊ ۾ انگريزن جي اقتدار پاڙون پٽي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي. ان هوندي به اسان کي اڄ ڏينهن سوڌو آئرلينڊ جي عوام ۾ ان جا چٽا ۽ واضح نشان نظر اچن ٿا. چوٿين صدي جي وچ ڌاري به اسين انهيءَ ساڳئي نظام کي اسڪاٽ لينڊ ۾ عروج تي ڏسون ٿا. هتي پڻ انگريزن جي نافذ ڪيل قانون، ڪورٽن ۽ فوجي برتري انهيءَ نظام کي وڏو نقصان پهچايو آهي. پر يارهين صدي عيسويءَ ۾ يعني انگريزن جي هتان فتح ٿي وڃڻ کان اڳ ۾ اسان کي ويلس جي صوبي ۾ ويلس جي قديم قانون موجب ڳوٺن ۾ اجتماعي زراعت ڪرڻ جو رواج صاف ظاهر نظر اچي ٿو. پر انهيءَ دور ۾ ويلس ۾ اهو عالمي نظام پوين پساهن تي هو. ويلس جي هر ڪٽنب کي آبادي ڪرڻ لاءِ 5 ايڪڙ زمين مليل هوندي هئي. باقي رهجي ويل زمين ڳوٺ جا سمورا ڪٽنب پاڻ ۾ گڏجي آباد ڪندا هئا ۽ ان مان حاصل ڪيل پيدائش کي پاڻ ۾ ونڊي ورهائي کائيندا هئا.
    آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ بابت پيش ڪيل مثالن مان اسان کي هيءَ حقيقت به ظاهر ٿيندي نظر اچي ٿي ته اهي ڳوٺاڻيون جماعتون نياتن يا نياتن جي حصن يعني ڪٽنبن کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه هونديون هيون. جيتوڻيڪ ويلس واري قانون ۾، جنهن جي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ مون وٽ وقت ۽ فرصت نه آهي، پر ان تي منهنجا 1869ع ۾ لکيل نوٽ مون وٽ محفوظ آهن. جن مون واري مٿئين ڳالهه لاءِ ڪابه مخالف شيءِ نظر نه ٿي اچيم، پر ويلس ۽ آئرلينڊ جي تاريخي ڪتابن مان فقط هڪڙو امر واضح ٿئي ٿو ته ڪيلٽ لوڪ انهيءَ دور يعني 11 صدي عيسويءَ تائين جفتي شادين مان نڪري ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي دور ۾ داخل نه ٿيا هئا. ويلس ۾ ته اڃان به هي رواج موجود هوندو هو ته ڪابه شادي ستن سالن جي گذرڻ کان اڳ ۾ ختم نه ٿي سگهندي هئي. يعني زال کي طلاق نه ڏئي سگهبي هئي. ٻين لفظن ۾ چئبو ته هر شادي فقط ستن سالن جي گذرڻ بعد ئي ختم ٿي سگهندي هئي. اهو رواج ايتري قدر ته پختو ۽ سخت هوندو هو جو جيڪڏهن 7 سالن جي عرصي جي گذرڻ ۾ فقط 3 ڏينهن به گهٽ هوندا هئا ته به شادي ڪيل زال مڙس هڪ ٻئي کان جدا ٿي نه سگهندا هئا پر جدا ٿي وڃڻ (طلاق) جي حالت ۾ سندن ملڪيت کي به ورهاست ڪيو ويندو هو. زال ورهاست ڪندي هئي ۽ مڙس پنهنجي حصي واري ملڪيت جي چونڊ ڪندو هو.
    گهرو سامان جي ورهاست ڪرڻ ۾ وري هڪ عجيب و غريب رواج هوندو هو. جيڪڏهن جدائي مڙس جي طلب تي ٿيندي هئي ته کيس زال کي مليل سمورو ڏاج موٽائي ڏيڻو پوندو هو، پر جيڪڏهن جدائي (طلاق) جي گهر زال جي طرفان ڪيل هوندي هئي ته کيس ٿورو ڏاج موٽي ملندو هو. اولاد مان هر ٽن ٻارن مان مڙس کي ٻه ٻار ملندا هئا ۽ زال کي فقط هڪڙو ٻار ملندو هو. هر ٽن ٻارن مان وچون ٻار زال کي ملندو هو. طلاق وٺڻ کان پوءِ جيڪڏهن زال ڪنهن ٻئي مرد سان شادي به ڪندي هئي ته به ٻئي مڙس جي موجود هوندي به پهرئين مڙس کي زال موٽائي پاڻ سان وٺي وڃڻ جو حق حاصل هوندو هو ۽ زال به پهرين مڙس ڏانهن موٽي وڃڻ کان انڪار ڪري نه سگهندي هئي ۽ نه وري انهيءَ زال جي ٻئي مڙس کي ڪنهن اعتراض ڪرڻ جو حق حاصل هوند هو.
    مطلب ته زال کي پهرئين مڙس کان طلاق مليل هوندي به کيس نئين مڙس جي پوري طور تي زال تسليم نه ڪيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪو مرد يا ڪا عورت ستن سالن جو عرصو پاڻ ۾ گڏ زال مڙس جي حالت ۾ گذاريندا هئا ته کين رسمي طور تي شادي ڪري زال مڙس بنجڻ جي ڪابه ضرورت نه پوندي هئي، يعني ڪابه ڪنواري عورت بنا ڪنهن رسمي طور تي ڪنهن مرد سان شادي ڪرڻ جي به ساڻس جنسي ميلاپ ڪري سگهندي هئي. يعني ڪنهن به عورت کي زال بنجڻ لاءِ رسمي طور تي شادي ڪرڻ کان اڳ ڪنوارپ جي حالت ۾ باعصمت ٿي رهڻ جي ڪابه ضرورت نه هوندي هئي ۽ سندس اهو عمل ڪو عيب يا گناهه نه سمجهيو ويندو هو. اهڙي عورت ته ڪابه سماجي ميار نه ايندي هئي. ٻين لفظن ۾ وٽن عصمت ۽ ڪنوارپ جو ڪوبه لحاظ موجود نه هوندو هو. ان ڪري ڪوبه مرد، ڪنهن به عورت کان ڪو ڪنوارپ يا عصمت ٿي رهڻ جي تقاضا نه ڪندو هو. ڪنوارپ جي حالت ۾ باعصمت ٿي رهڻ لاءِ بورزوا اخلاق واري بندش جي ڪابه ضرورت نه هوندي هئي، پر جيڪڏهن ڪا شادي شده عورت زناڪاري جو ڏوهه ڪري به وجهندي هئي ته مڙس کي کيس مار ڪڍڻ جو اختيار حاصل هوندو هو. اها حالت انهن ٽن حالتن مان هڪڙي هوندي هئي جنهن ۾ مڙس تي ڪوبه ڏنڊ يا جرمانو پئجي نه سگهندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس اهو قانون هن اصول تي ٻڌل هوندو هو ته ”مڙس زال کي مار ڏيڻ يا کانئس ڏنڊ وٺڻ مان فقط هڪڙو معاوضو طلب ڪري سگهيو ٿي.“
    طلاق جي فيصلي ڪرڻ وقت هي لحاظ به رکيو ويندو هو ته زال جي ڪنهن به ازدواجي حق کي ڪوبه نقصان نه پهچي. انهيءَ لحاظ رکڻ جا به ڪيترائي طلاق وٺڻ لاءِ ڪافي سبب هوندو هو. زال سان پهرين رات جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عيوض ۾ مڙس کي بادشاهه يا سردار کي Redmption Money ڏن يا معاوضو ڀري ڏيڻو پوندو هو. بادشاهه يا سردار جي انهيءَ ڏن وٺڻ واري حق کي Gober Merch گوبر مرچ ۽ ازمنه وسطيٰ ۾ ان کي Marcheta مارچيتا فرينچ زبان ۾ مارڪيٽا Marquetta سڏيندا هئا. ملڪي قانون ۾ انهيءَ ڏن ڏيڻ واري رواج کي وڏي حيثيت حاصل هوندي هئي.
    مٿي ذڪر ڪيل حق کان سواءِ آئرلينڊ ۾ ڪنهن مقرر ڪيل وقت يا مدي تائين شادي ڪرڻ جو رواج به موجود هو ته هو ان قسم واري شادي زال کي وڏا آزاد قسم جا مقرر ڪيل حق حاصل هوندا هئا. ايتري قدر جو مڙس کي زال کي گهرو ڪمن ڪارين ڪرڻ جي عيوض ۾ معاوضو ڀري ڏيڻو پوندو هو. مڙس کي پهرين زال (پٽ راڻي) يا خاتون اول سان گڏ ٻين زالن سان شادي ڪرڻ جو به حق حاصل هوندو هو. اولاد جي ورهاست ڪرڻ ۾ جائز ۽ ناجائز ٻارن جو ڪوبه لحاظ نه رکيو ويندو هو. اهي سموريون ذڪر ڪيل حقيقتون آمريڪي انڊين قبيلن جي گروهي ۽ جفتي شادين ڪرڻ وارن رواجن سان ٺهڪي اچن ٿيون. انهيءَ معاشري ۾ جيڪو جوليس سيزر جي دور اقتدار ۾ گروهي شاديون به ڪندو هو، اهي ساڳيون حقيقتون 11 صدي عيسويءَ ۾ عجيب و غريب نظر نه ٿيون اچن.
    آئرلينڊ ۾ قبيلي کي Clan يا Clain سڏيو ويندو هو. ان ڪري قبيلي جي زمين کي Clan Land سڏيو ويندو هو. انهيءَ لفظ مان آئرلينڊ جي نياتي نظام جو ٿورو علم حاصل ٿئي ٿو. انهيءَ حقيقت جي تصديق ۽ ذڪر نه رڳو آئرلينڊ جي قديم قانون جي ڪتابن ۾نظر اچي ٿو. بلڪ 17 صدي عيسويءَ ۾ انهن انگريز قانوندانن جن کي آئرلينڊ ۾ Clan Land يعني قبائلي زمين کي ڦيرائي انگلينڊ جي بادشاهن جي زمينن بنائڻ لاءِ خاص طور تي موڪليو ويو هو. پڻ انهيءَ رواج جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ تبديليءَ جي اچڻ تائين آئرلينڊ وارن جون زمينون نياتن ۽ قبيلن جون زمينون تسليم ڪيون وينديون هيون. سواءِ انهن زمينن جي جن کي قبائلي سردارن پنهنجي ذاتي ملڪيت بنائي ڇڏيو هو، انهن لاءِ هي قانون هوندو هو ته جيڪڏهن ڪو نيات ڀائي فوت ٿي ويندو هو ته سندس ڪٽنب کي سندس وارث شمار ڪيو ويندو هو.
    نياتن جو مکي انگريزي قانون جي زبان ۾ Capat Cognations، سموري نيات وارين زمينن کي باقي ڪٽنب ۾ وري نئين سر ورهاست ڪندو هو. انهيءَ ورهاست ڪرڻ جا به اهي ساڳيا ئي اصول هوندا هئا، جيڪي جرمني ۾ رائج هوندا هئا. اسان کي 40 ورهيه اڳ ۾ آئرلينڊ ۾ اهڙا به ڳوٺ ملن ٿا جن جون زمينون خالص نياتي بنيادن تي هونديون هيون. انهن نياتي زمينن کي Rundel سڏيندا هئا. نياتي زمينون جيڪي انگريزن جي قبضي ۾ هليون ويون هيون، انهن زمينن تي قابض آبادگار پنهنجي مقرر ڪيل زمين جي ٽڪرن کي آباد ڪري سرڪار کي ڍلون ڏيندا هئا. سمورين آبادي لائق زمينن ۽ چراگاهن کي پهريائين گڏ ڪري ملائي ان بعد هر آبادگار کي زمين ٽڪرو ورهاست ڪري ڇني جدا ڪري ڏنو ويندو هو. انهيءَ ورهاست ڪرڻ ۾ زمينن جي موقعي مقام ۽ ڀلي ڍلي هجڻ کي به ڌيان ۾ رکيو ويندو هو. انهن زمين جي ٽڪرن کي گوائون Gewamn جو نالو ڏنو ويو هو پر چراگاهن تي سمورين نياتن کي گڏيل حق ڏنو ويو هو.
    ورهاست ڪرڻ جي انهيءَ دستور کي گذريل 50 سالن تائين قائم رکيو ويو هو ۽ اها ورهاست ڪڏهن وري سال بسال به ڪئي ويندي هئي. آئرلينڊ جي ڪنهن به ڳوٺ جي زمينن تي نظر وجهڻ سان اسان کي جرمنيءَ جي آبادگارن وارو ساڳيو نظام نظر ايندو. اڄ به اسين آئرلينڊ ۾ خود نيات کي به ورهايل حالت ۾ ڏسون ٿا. آئرليند جا آبادگار اڄ به اهڙيون سياسي پارٽيون ٺاهيندا آهن، جيڪي اسان جي نظرن ۾ بي مقصد ۽ فضول هونديون آهن. انگريز حاڪم ته مورڳو انهن پارٽين جي نوعيت کي سمجهي به نه سگهيا آهن. هنن پارٽين جي ٺاهڻ جو مقصد فقط هڪ ٻئي کي ماري ناس ڪرڻو هوندو آهي. اهي پارٽيون پاڻ کي نياتن جي هڪ بگڙيل صورت وٺي ظاهر ڪنديون آهن. انهن سمورين پارٽين مان مرد نياتن جي ڍونڍ جي ڌپ ايندي آهي. مگر عجب جي ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ به ڪيتريون ئي نياتون پنهنجن قديم علائقن ۾ آباد نظر اچين ٿيون. مثلاً 1830ع کان 1840ع تائين مونوگن جي صوبي ۾ اسان کي فقط چئن ڪٽنبن جا نالا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، يعني اهي نالا جن جا ابا ڏاڏا انهن چئن نالن وارين نياتن يا قبيلن مان هوندا هئا.
    اسڪاٽلينڊ ۾ 1845ع ۾ بغاوت ۽ شڪست کائڻ بعد نياتي نظام جو زوال شروع ٿي ويو هو. اهو معاملو تحقيق طلب آهي ته اسڪاٽ قبيلن جو خود انهيءَ زوال جي معاملي ۾ ڪيتري قدر هٿ هو؟ بيشڪ انهيءَ ۾ اسڪاٽ قبيلن جو هٿ صاف نظر اچي ٿو. سر والٽر اسڪاٽ جي ناولن ۾ اسڪاٽلينڊ جا جابلو قبيلا اسان جي نظرن جي سامهون اچي بيهن ٿا. مارگن جي لفظن ۾ ”اهي نياتون پنهنجي نظام ۽ روح جي لحاظ کان ان جو بهتر مثال آهن.“
    هن مثال مان اسان نياتي نظام کي پنهنجن رڪنن جي حياتين ۾ دخل اندازي ڪندي محسوس ڪري سگهون ٿا. اسين انهيءَ اثر کي سندن تڪرارن، خونن جي پلاندن وٺڻ، سندن نياتي طور تي هڪڙي مخصوص علائقي ۾ محدود هجڻ، پاڻ ۾ گڏجي زمينون آباد ڪرڻ، نيات ڀاين جو مکين ۽ سردارن سان وفادار رهڻ ۽ نيات جي رڪنن جو هڪ ٻئي سان وفاداريءَ سان هلڻ، مان اسڪاٽ معاشري کي پنهنجي قديم نياتي حالت ۾ رهڻ واري صورت ۾ ڏسي سگهون ٿا. اڄڪلهه سندن شجرو پدرانه طور تي هلي ٿو، جنهن ۾ فقط مرد نيات جا رڪن ٿي رهن ٿا ۽ اولاد جون مائرون به سندن پيئرن واري قبائلي شجري ۾ داخل ٿيل هونديون آهن.“
    مشهور عالم ۽ مبلغ پادري بيدي Bede جي لکڻ موجب ”اسڪاٽ لينڊ جي شاهي خاندان پڪٽ Pict جو شجرو ۽ ورثو ترڪو مادرانه حق تي ٻڌل هوندو هو.“ جيڪا حقيقت خود اسڪاٽلينڊ ۽ مادرانه شجري واري رواج جو هڪ بين ثبوت پيش ڪري ٿي.
    اسڪاٽ لينڊ ۽ ويلس ۾ ازمنه وسطيٰ تائين اسان کي گهري ساٿي وارن ڪٽنبن جا آثار به موجود ملن ٿا. جن ۾کين ڏسون ٿا ته جيستائين ڪو به مڙس پنهنجي يرغمال ٿيل زال کي ڏن ڀري کيس انهيءَ حق کان آزاد نه ڪرائي ڇڏي، اوستائين بادشاهه يا سردار کي سندس ڪنوار سان پهرين رات جنسي ميلاپ ڪرڻ جو حق ۽ اختيار حاصل هوندو هو.
    ڪوبه شخص هن حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگهي ته جرمن قبيلا پنهنجن تاريخي هجرتن واري دور تائين نياتي نظام هيٺ رهندا هئا. اسان واري زماني کان ڪيتريون ئي صديون اڳ ۾، جرمن قبيلا ڊئنيوب، رهائين. وسچوداندين ۽ اُتر سمنڊ جي وچ وارن علائقن ۾ آباد ٿي چڪا هئا. انهن قبيلن مان فقط ڪنبري، تيوتوني قبيلا اڃان به هجرتن جي دور ۾ هئا.
    سوي قبيلو سيزر واري دور حڪومت تائين ڪٿي به آباد ٿي نه سگهيو هو. سيزر پاڻ لکي ٿو ته: ”انهن قبيلن پاڻ کي نياتن ۽ مٽين مائٽين جي بنياد تي آباد ڪيو هو.“
    حوليا نالي نيات ۾ رائج سماجي حالت لاءِ رومن زبان ۾ لفظ Genitibus کي جيڪا معنيٰ پهرايل آهي، ان تي ڪوبه تڪرار ٿي نه ٿو سگهي. اها حالت سمورن جرمن قبيلن سان لاڳو ٿئي ٿي. ايتري قدر جو خود رومن صوبن کي فتح ڪرڻ بعد به اهي قبيلا نياتن جي صورت ۾ آباد ٿي ويا هئا. الاماني قانون به انهيءَ ساڳئي حقيقت جي توثيق ڪري ٿو ته ڊئنيوب ندي جي جنوبي علائقن کي فتح ڪري والاري ويهڻ ۾ به نياتي نموني کي اختيار ڪيو ويو هو. ان ڪري لفظ Genealogia مان به اها ساڳي معنيٰ نڪري ٿي جيڪا جرمن لفظ Mark مارڪ مان نڪري ٿي. جنهن لاءِ بعد ۾ Schaft لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
    تازو ڪيولانسڪي پڻ انهيءَ ساڳي راءِ جو اظهارڪيو آهي ته لفظ Genelogia مان مراد آهي وڏن ڪٽنبن واريون جماعتون يعني قبيلا آهن. جن کي فتح ڪيل ملڪ جي زمين ورهاست ڪري ڏني وئي هئي. جن مان اڳتي هلي ڳوٺاڻيون جماعتون مارڪ يا نياتون پيدا ٿيون هيون. Fare لفظ جي معنيٰ به ان ساڳي حقيقت جو اظهار ٿئي ٿو. انهيءَ ساڳئي لفظ کي برگنڊا ۽ لنگوبار جرمن قبيلن به استعمال ڪيو آهي. جنهن مان به المانوي قانون واري لفظ Genologia واري لڳ ڀڳ معنيٰ ورتي ويئي آهي. انهيءَ لفظ کي ڪٽنب يا نيات جي معنيٰ ۾ ورتو ويو هو. ان بابت وڌيڪ تحقيقات اڳتي هلي ڪئي ويندي.
    اسين جرمن ڪتابن مان معلوم ڪري نه سگهيا آهيون ته سمورن جرمن قبيلن وٽ نيات لاءِ هڪڙوئي لفظ استعمال ڪيو ويندو هو يا نه! پر اهڙو ڪو لفظ موجود نه هو ته اهو آخر ڪهڙو لفظ هوندو هو؟ لغوي طور تي جنهن لفظ کي يوناني Genus ۽ رومن Gens چون ٿا اهو گوٿ زبان ۾ Kuni ۽ وچولي وارن جرمن قبيلن ۾ ڦري Kunne ٿيو هو. ته انهيءَ مان به ساڳيو مطلب نڪري ٿو. انهيءَ ساڳئي لفظ مان اسان کي ”عورت“ وارو مفهوم به ملي ٿو. ان جي ساڳي مصدر آهي ۽ عورت مان مراد آهي ”مادرانه حق“ اسان يوناني زبان ۾ Gyne سلف زبان ۾ Zenh گوٿ ۾ Quina نورس زبان ۾ Kuna يا Kona جا زنده لفظ ملن ٿا. پر لنگوبارڊ ۽ برگنڊا زبانن ۾ لفظ Fare جنهن لاءِ هڪ جرمن اديب 1883 -1744ع ۾ هڪ نئين مصدر Fisan ڳولي لڌي آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ڄڻڻ! پر آءٌ انهي ساڳي لفظ جي مصدر لفظ Faran مان اخذ ڪريان ٿو. جنهن جي معنيٰ آهي سفر ڪرڻ. هن لفظ مان خانه بدوشيءَ جي معنيٰ ۽ مراد به نڪري ٿي. جنهن جي محاوري طور معنيٰ ٿيندي مٽ مائٽ (سمورا جرمن قبيلا هجرت يا ڀاڄڙ واري حالت ۾ هئا. پهريائين مشرق ڏانهن ان بعد مغرب ڏانهن. جرمن قبيلا صدين تائين هجرتون ڪندا رهيا هئا.)
    اهو لفظ اڳتي هلي محاوري طور نيات لاءِ استعمال ڪيو ويو هو. (يعني اهي نياتون جيڪي ڀاڄڙ يا هجرت ۾ هجن) گوٿ زبان ۾ٻيو لفظ آهي Sibja اينگلو سڪسن ۾ Sib، جابلو جرمن زبان ۾ Sippia يا Sippia يا Sippe قديم نورس زبان ۾ فقط جمع جي صورت ۾ Sijjar لفظ موجود آهي. انهن لفظن جي به معنيٰ آهي مٽ مائٽ. واحد طور لفظ Sif هڪ ديو جو نالو آهي. هلڊي برانڊ گيتن ۾ هلڊي برانڊ هودو برانڊ کان سوال ڪري ٿو ته:
    ”هن قوم جي ماڻهن ۾ تنهنجو پيءُ ڪير آهي، تنهنجا مائٽ ڪير آهن؟“ جيڪو ساڳيو لفظ جرمن زبان ۾ نيات لاءِ هو. جيڪڏهن وٽن ڪو ٻيو هڪ ڪو لفظ عام طور تي موجود هجي ها ته اهو هجي ها گوٿ زبان وارو لفظ Kuni. انهيءَ لفظ مان سندس ٻين جرمن زبان جي لهجن ۾ هم معنيٰ لفظ ڏانهن اشارو ڪندڙ لفظ Kunning يا Kong هجي ها. جنهن مان مراد آهي نيات جو مکي يا نيڪ مرد Sibjc ۽ Suppc لفظن تي وڌيڪ بحث ڪرڻ اجايو آهي.
    قديم نورس زبان ۾ Sijjar جي معنيٰ فقط خون جي رشتن وارا مٽ مائٽ. پر وٽن اهو لفظ شادي جي تعلقات وارن مائٽن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري انهيءَ لفظ مان هڪ نه پر ٻن نياتن ڏانهن اشارو ملي ٿو. انڪري لفظ Sij مان مراد نيات نه ٿي وٺي سگهجي.
    ميڪسيڪو جي انڊين قبيلن ۽ قديم يونانين وانگر جرمن قبيلن ۾ رسالي ۽ پيادل فوجن کي نياتن جي لحاظ کان ميداني جنگ تي صف آرا ڪيو ويندو هو. جڏهن مشهور مورخ تاسيت چوي ٿو ته: ”ڪٽنبن ۽ مٽي مائٽيءَ جي حساب سان“ ته انهيءَمحاوري مان هي حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته سندس دور ۾ روم ۾ نياتن وارو رواج ختم ٿي چڪو هو. پر ساڳي طرح تاسيت جي هن لکڻ کي وڏي اهميت حاصل آهي، جڏهن هو چوي ٿو ته، ”ماءُ جو ڀاءُ پنهنجي ڀاڻج کي پٽ جيان سمجهي ٿو. ڪي ماڻهو وري چون ٿا ته مامي ۽ ڀاڻج جي وچ ۾ خون جو رشتو. پيءُ ۽ پٽ جي رشتي کان به وڌيڪ متبرڪ ۽ ويجهو آهي. ان ڪري جڏهن دشمن رومن کان يرغمال طور ماڻهن (جنگي قيدين) ڏيڻ جي گهر ڪندا هئا ته يرغمال طور بازو ڏيڻ لاءِ پٽ جي بازو کان ڀاڻج جي بازو کي وڌيڪ پختي ضمانت سمجهيو ويندو هو.“
    هن مال ۾ اسين مادرانه حق جي موجودگي کي وڌيڪ زور سان محسوس ڪريون ٿا. ان ڪري اها نيات مادرانه اصل نسل واري چئبي. انهيءَ لحاظ کان اهو رواج جرمن جي رويي جي وڌيڪ وضاحت ڪري ٿو. جيڪڏهن اهڙي ڪنهن نيات جو ڪو شخص ڪا جوابداري کڻڻ لاءِ پنهنجي پٽ کي ضمانت طور ڏئي ٿو ۽ پٽ پيءُ جي بي ايماني ۽ بي وفائي ڪرڻ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ته انهيءَ حالت ۾ اها فقط پي جي اڪيلي جوابداري هونديآهي. پر جڏهن ڀاڻج کي ضمانت طور پيش ڪيو ويندو هو ته انهيءَ صورت ۾بي ايماني ڪرڻ وقت خود نيات جي انهيءَ قانون جي انحرافي ٿيندي هئي. جنهن موجب اهو مائٽ جيڪو سندس بچاءُ ڪندڙ هوندو هو، انهيءَ يرغمالي شخص جي موت لاءِ به جوابدار هوندو هو ته اهڙو مائٽ ڀاڻج جي بازو کي ڪڏهن به ضمانت طور دشمن جي حوالي هرگز نه ڪندو پر جيڪڏهن ڪندو به، ته هو انهيءَ شرط کي ضرور پاڻي ڏيندو. جيڪڏهن اسان وٽ جرمن قوم جي نياتي نظام بابت ڪو ٻيو ثبوت موجود نه آهي، ته اهو مٿي ذڪر ڪيل ثبوت ڪافي ٿيندو.“
    اسان کي هڪ قديم نورس بيت مان به ان جو مثال ملي ٿو. شاعر چوي ٿو ته، ”ڀاءُ ڀاءُ جي خلاف جنگ ڪندو ۽ ڀائر هڪ ٻئي جا قاتل بنبا ۽ ڀينرن جو اولاد مائٽيءَ جا رشتا (سڱ) ٽوڙي ڇڏيندو.“ هن بيت ۾ شاعر جي نظرن ۾ ماساتن جو هڪ ٻئي جي مٽي مائٽي کان انڪار ڪرڻ وڏي ۾ وڏو گناهه آهي. هن مثال مان ظاهر ٿئي ٿو ته وٽن مادرانه مٽي مائٽي کي وڏي اهميت حاصل هوندي هئي. جنهن جي مقابلي ۾ ڀائٽين جو درجو ڪمتر شمار ڪيل هوندو هو.
    انهيءَ ساڳي بيت مان وڌيڪ هي به ظاهر ٿئي ٿو ته، وائيڪنگ واري دور ۾ نورس ملڪن (ناروي سويڊن ڊينمارڪ) مادرانه حق جي اهميت جو ذڪر مذڪور اڃان به ختم نه ٿيو هو. تاسيت جي دور ۾ مادرانه حق بلڪل ختم ٿي چڪو هو ۽ سندس جاءِ تي پدرانه حق کي قائم ڪيو ويو هو. ڇاڪاڻ ته هينئر اولاد ڦري پيءُ جو وارث بنيو هو ۽ اولاد جي غير موجودگيءَ ۾ ڀائر، چاچا ۽ ماما ورثي ترڪي جا حقدار وارث بنيا هئا. انهن وارثن ۽ مامي جي موجودگي مادرانه حق جي يادگار ۽ باقيات طور رهجي ويل هئي ۽ اها ڳالهه هن امر کي ثابت ڪري ٿي ته جرمن معاشري ۾ پدرانه حق کي قائم ٿئي تمام ٿورو وقت گذريو هو. خود ازمنه وسطيٰ ۾ به اسان کي مادرانه حق جا اهڃاڻ صاف نظر اچن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهيءَ دور ۾پدريت جي معاملي ۾ شڪ موجود هوندو هو. خاص طور تي غريب ڪڙمي Serf طبقي جي حالت ۾ جڏهن ڪنهن جاگيردار جو کانئس ڀڄي ويل ڪڙمي ڪنهن وڏي شهر ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو. مثلن آگس برگ، بيسل ۽ قيصر سلاٽون جي حالت ۾ ڀڄي ويل شخص جي ڪڙمي هجڻ جو فيصلو هن ڳالهه تي ٿيو هو ته فقط ڪڙمي جي ماءُ جي طرف وارا 6 مائٽ قسم تي بيان ڏين ته اهو ڀڄي آيل شخص برابر سندس طلب ڪندڙ جاگيردار جو ڪڙمي آهي.
    مارو جي ڪتاب Urban Constitution Vol. I-P 38 (شهري آئين) ۾ جرمن قوم ۾ زوال پذير مادرانه حق جي موجودگي جو وڌيڪ هي ثبوت به موجود آهي ته رومن معاشري نظرن ۽ جرمن معاشري ۾ عورت ذات لاءِ عزت ۽ احترام جي موجودگيءَ جي حقيقت سندن سمجهه ۾ نه ايندي هئي. اهو دور مادرانه حق جي زوال جو دور هو. جرمن قوم جا دشمن به سندن انهيءَ ڪمزوريءَ مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. جرمن قوم جا دشمن جرمنين کي وعدي خلافي ڪرڻ کان روڪڻ خاطر سندن وڏ گهراڻين ڇوڪرين کي پاڻ وٽ يرغمال طور رکڻ جي طلب ڪندا هئا. ميدان جنگ تي به جرمن سپاهي ساڳي شرط جي خوف کان وڏي شجاعت سان وڙهندا هئا ته متان سندن دشمن کين فتح ڪري وڃڻ جي حالت ۾ سندن زالن ۽ ڌيئرن کي قيدي بنائي ٻانهيون نه بنائي ڇڏين. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجن زالن ۽ ڌيئرن کي متبرڪ سمجهي سندن وڏو احترام ڪندا هئا. ايتري قدر جو هو وڏن عوامي قسمن جي ڪمن ۽ معاملن ۾ به سندن راءِ کي وڏي ۾ وڏي اهميت ۽ وقعت ڏيندا هئا.
    ان جو تاريخي مثال هي آهي ته لپي ندي تي رهندڙ ويليدا نالي هڪ جرمن بزرگ عورت بٽاوا واري بغاوت جي روح روان هئي. انهيءَ بغاوت ۾جرمن قبيلن پهرين صدي عيسويءَ ۾ سوي لٽسن نالي جرمن سردار جي اڳواڻيءَ هيٺ گال (فرانس) جي ملڪ ۾ رومن سلطنت جا بنياد ئي لوڏي ڇڏيا هئا. مطلب ته جرمن قبيلن ۽ ڪٽنبن ۾ عورت جو راڄ هوندو هو.
    تاسيت جي لکڻ موجب: ”جرمن عورتون، پوڙها مرد ۽ ٻار پاڻ ۾ گڏجي گهرو ڪم ڪار ڪندا هئا. سندن جوان مرد سڄو ڏينهن شڪار ڪرڻ، شراب پيئڻ، رلڻ پنڻ ۽ عيش ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪندا رهندا هئا.“ پر کانئس هيءَ ڳالهه ڪرڻ وسري ويئي آهي ته سندن ٻنيون ڪير آباد ڪندا هئا؟ هي ڪير ڪاهيندا هئا؟
    سندس چوڻ موجب ائين چئبو ته نوجوان مرد ۽ ٻانها ٻاهر جي ڪمن مان فقط هي ڪم ڪندا هئا ته هو فقط ڍلون ۽ ٻيا لوازمات وغيره ڀريندا هئا. يعني کانئن زوري زبردستي ڪم ڪار نه ورتو ويندو هو. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوکي راهيءَ جو ٿورو ڪي گهڻو ڪم سمورا جرمن ڪٽنب پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ وسيلي ڪندا هئا. يعني سندن عورتن کان زراعت ڪرائڻ جو ڪم نه ورتو ويندو هو.
    اسين اهو به ذڪر ڪري آيا آهيون ته جرمنن ۾ جفتي شاديون ڪرڻ جو رواج به موجود هوندو هو. جيڪڏهن سماجي طور تي جرمن قبيلا ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شاديءَ ڏانهن ارتقا ڪري رهيا هئا ته چئبو ته ملڪ ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ جو رواج اڃان به پختو نه ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته جرمن امير طبقي ۾ اڃان به ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ پرڻجڻ جو رواج هلندڙ هو.
    ڪيلٽ لوڪن جي رواج جي برخلاف جرمن قبيلن ۾ ڪنوارين ڇوڪرين جي عصمت ۽ ڪنوارپ تي وڏو ڌيان ڏنو ويندو هو..
    خود تاسيت به انهيءَ امر جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته، ”جرمن قبيلا پنهنجي معاشري ۾ ازدواجي زندگي جي حرمت ۽ پاڪائيءَ کي وڏي ۾ وڏي اهميت ڏيندا هئا.“ سندن لکيت موجب ”ڪنهن زال جو زناڪاري ڪرائڻ ئي کيس مڙس جي هٿان طلاق ملڻ جو خاص ۽ مکيه ڪارڻ هوندو هو.“
    پر سندس انهيءَ بيان ۾ ڪيترائي خال موجود آهن. ان هوندي به سندس مٿين بيان جو بدڪردار رومن معاشري کي پنهنجي تصوير ڏسڻ لاءِ ڄڻ ته هڪ آئينو آهي. پر حقيقت وري فقط هن قدر آهي ته جيڪڏهن اهي ساڳيا جرمن قبيلا جيڪي پنهنجن ٻيلائي رهائش گاهن ۾ اخلاق ۽ پاڪدامنيءَ جا مجسما هوندا هئا، پر جيڪڏهن اهي ساڳيا جرمن قبيلا ٿوري وقت لاءِ به اتان نڪري پنهنجي چوگرد پکڙيل رومن معاشري سان گڏجن ها ته سندن انهيءَ اخلاق ۽ پاڪدامنيءَ جو جهٽ پتو پئجي وڃي ها. جرمن معاشري جي اها روايتي پاڪدامني ۽ عصمت مابي رومن معاشري سان پلاند اٽڪائيندي ئي ڪافور ٿي ويئي هئي. ايتري قدر جو خود سندن مورثي زبان به ساڻن ملوث ٿي تبديل ٿي چڪي هئي. انهيءَ حقيقت کي پوري طرح تي معلوم ڪرڻ لاءِ ٽورس شهر جي هڪ گريگوري نالي پادريءَ جا لکيل ڪتاب انهيءَ معاملي تي وڏي روشني وجهن ٿا.
    انهيءَ تاريخي حقيقت جو مکيه ڪارڻ هي هو ته جرمن قبيلن جي ٻيلن واري زندگي ۽ رهائش ۽ روم جهڙي عظيم بين الاقوامي شهر جي زندگيءَ جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جيترو وڏو فرق هوندو هو. اهوئي سبب هو ته جنسي معاملن ۾ جرمن قبيلا رومن شهري دنيا جي ڀيٽ ۾ برابر اوچي اخلاقي معيار جا هوندا هئا.
    جرمن قبيلن ۾ نياتي نظام جي موجود هجڻ جي ڪري هي نتيجو نڪتو هو ته جهيڙن جهڳڙن جي حالت ۾ پٽن کي دشمنن کان پنهنجن پيئرن ۽ ڀائرن جا پلاند وٺڻا پوندا هئا، ان کان وڌيڪ وٽن هي روايت به موجود هوندي هئي ته سندن بزرگن جا دوست سندن دوست ۽ سندن دشمن، سندن دشمن هوندا هئا. وير گلڊ Wergild (قومي جرڳي) ۾ کين دشمنن کان خون بها، ڏنڊ، جرمانه ۽ عيوضا ڏيڻ ۽ وٺڻا پوندا هئا. هڪ پيڙهيءَ کن اڳ ۾ انهيءَ ساڳئي جرڳي ۽ پنچائت کي محض هڪ خالص جرمن ادارو ليکيو ويندو هو. پر هن بعد معلوم ٿيو هو ته جرمن قبيلن ۾ اهو جرڳي وارو آئين ۽ ادارو پيڙهي، ٻئي پڙهيون نه، پر صدين کان وٺي موجود رهندو آيو هو ۽ انهيءَ آئين ۽ اداري جو بنياد به نياتي نظام تي مبني هوندو هو.
    حقيقت وري هيءَ آهي ته انهيءَ جرڳي جي اداري کي پلاندن ۽ معاوضن وٺڻ لاءِ نه پر پلاندن وٺڻ واري رسم کي بند ڪرائڻ خاطر پيدا ڪيو ويو هو. انهيءَ ساڳي اداري جو وجود اسان کي آمريڪن انڊين قبيلن ۾ به ملي ٿو. آمريڪي انڊين قبيلا به پنهنجي مهمان نوازيءَ لاءِ جرمن قبيلن جهڙائي مشهور هوندا هئا. مهمان نوازي جي ضمن ۾ تاسيت جي جرمن قبيلن بابت لکيل احوال ۽ آمريڪي انڊين قبيلن بابت مارگن جي لکيل تفصيلي ذڪر ۾ هڪ وار برابر به فرق نه آهي.
    هن حقيقت لاءِ ته تاسيت واري دور ۾ زمينن تي آبادي ڪرڻ لاءِ ورهاست ڪرڻ ۽ ان بابت ڪهڙي نموني ۾ تاويل ڪرڻ گهرجي، تي ڪنهن به وڌيڪ تڪرار ۽ بحث مباحثي ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ۽ گنجائش باقي نه رهي آهي. اهي آئيني ادارا ۽ حقيقتون هينئر ماضيءَ جي دفتر ۾ داخل ٿي چڪا آهن. مگر اها حقيقت ثابت ٿيل آهي ته انهيءَ دور ۾ ٻنين کي پاڻ ۾گڏجي آباد ڪيو ويندو هو ۽ انهيءَ ساڳئي آئيني رواج اڳتي هلي اشتراڪي قسم واري ڪٽنبي آئين جي شڪل اختيار ڪئي هئي.
    پر اسان کي سيزر جي دور اقتدار ۾ سويئي نالي جرمن قبيلي ۾ هڪ ٻيو رواج به نظر اچي ٿو ۽ اهو هي هوندو هو ته ڪٽنبن کي زمين جي هڪ ڌار مخصوص ايراضي ڏني ويندي هئي ۽ ٻن يا ٽن فصلن جي آبادي ڪرڻ بعد، وري کيس مٽائي ٻي نئين نڪور زمين جي ايراضي ڏني ويندي هئي. اهڙي ريت اهو آباد ٿيل زمين کي وري وري ورهاست ڪري ڏيڻ وارو ساڳيو رواج جرمنيءَ ۾ اڄ ڏينهن سوڌو هلندو اچي ٿو. انڪري انهيءَ ساڳئي معاملي تي وڌيڪ وقت وڃائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.
    سويئي جرمن قبيلن ۾ جوليس سيزر جي وقت کان وٺي آباد زمين کي نئين ورهاست ڪرڻ جي دستور ۽ رواج جي باوجود به وٽن ڪنهن به ذاتي طور تي زمين آباد ڪرڻ جو رواج پيدا ٿي نه سگهيو هو. پر تاسيت جي دور ۾ گڏيل طور تي آبادي ڪرڻ مان تبديل ٿي، فقط ورهاست ۾ آيل آباد زمين کي محض ذاتي طور تي آباد ڪرڻ جي رواج جي پيدا ٿي پوڻ واري حقيقت کي آبادي ڪرڻ جي نظام ۾هڪ ترقي چئي سگهجي ٿو، پر زمين جي انهيءَ ورهاست مان تبديل ٿي، زمين جي مڪمل طور تي ذاتي ملڪيت بنجي پوڻ. اهو به ايتري قدر ٿورڙي وقت جي اندر هڪ ناممڪن امر هو. جيستائين ڪا ٻاهرين طاقت اچي ان کي وجود ۾ نه آڻي.
    ان ڪري اسان کي تاسيت جي ڪتاب ۾ فقط هڪڙو فقرو هٿ اچي سگهيو آهي. هو لکي ٿو ته: ”اهي هر سال زمينن جي نئين سر ورهاست ڪندا هئا ۽ انهيءَ ورهاست ڪرڻ ۾ ڪافي عوامي مشترڪ زمين کي ورهاست ٿي وڃڻ کان بچائي محفوظ ڪري رکيو ويندو هو.“ جرمن قبيلن ۾ زراعت ڪرڻ جو اهو دستور ان وقت جي مروجه نياتي آئين سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو.
    مٿين عبارت ۾ مون کي ڪنهن به ترميم ۽ تبديلي ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. انهيءَ دوران انهيءَ ساڳئي سوال هڪ نئون رنگ اختيار ڪيو هو. اهو ذڪر ڪيل رواج مادرانه حق تي مبني اشتراڪي قسم واري ڪٽنب ۽ جديد دور واري انفرادي طور تي ڌار ڪري ڇڏيل ڪٽنب واري زنجير جي وچين ڪڙي آهي. ان ڪري هي سوال ته گڏيل ملڪيت ڪهڙي صورت اختيار ڪئي هئي؟ ان بابت ٻئي مارر ۽ والٽر پاڻ ۾ انهيءَ بحث مباحثي ڪرڻ ۾ جٽا پيا آهن.
    هن امر ۾ ڪوبه شڪ ۽ شبهو نه آهي ته سيزر جي دور ۾ سويئي جرمن قبيلن ۾ نه فقط زمينن کي گڏيل طور تي رکڻ جو رواج موجود هوندو هو، بلڪ زمينن کي مشترڪ طور تي آباد ڪرڻ جو به رواج موجود هوندو هو، ان ڪري اهو سوال ته نيات سندن معاشري جي اقتصادي وحدت هوندي هئي؟ يا هڪ گڏيل ڪٽنب معاشري جو اقتصادي ڪٽنب هوندو هو؟ يا ڪٽنب هڪڙو وچولي قسم جو اشتراڪي قسم جي مٽن مائٽين وارو گروهه هوندو هو؟ يا وري اهي ٽئي گروهه پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي يڪي وحدت ٺاهيندا هئا؟ انهن سمورين ڳالهين تي بحث مباحثو هلندو ئي رهندو.
    ڪواليفسڪر پنهنجي بحث ۽ استدلال ۾ هن امر تي زور ڏيندو هلي ٿو ته: ”تاسيت واريون بيان ڪيل حالتون جن اڳتي هلي ارتقا ڪندي ڳوٺاڻي مارڪ نظام يا نياتي نظام جي صورت اختيار ڪئي هئي، ڳوٺاڻي مارڪ نظام سان نه پر ڪٽنب سان لاڳو ٿين ٿيون.“
    ان ڪري هي دعويٰ به ڪئي وڃي ٿي ته جيڪي جرمن قبيلا رومن سلطنت جي دور ۾ اچي ملڪ اندر ڳوٺ ٻڌي ويٺا هئا ۽ انهن ساڳين قبيلن انهي ساڳئي والاريل ملڪ ۽ سلطنت کي فتح به ڪيو هو. اصل ۾ اهي وڏ اڳوٺ نه پر وڏا ڪٽنب هوندا هئا. جيڪي وڌي ويجهي نياتون بنيا هئا. اهي قبيلا پنهنجي ضرورتن آهر زمين جي لاڳيتن ايراضين تي پاڻ ۾ گڏجي آباديون ڪندا هئا ۽ زمين جي لاڳيتن ايراضين، ٻيلن ۽ غيرآباد زمين کي چراگاهن طور ڪتب آڻيندا هئا. اهي غيرآباد زمين ۽ ٻيلا کين پنهنجي ۽ ٻين جرمن قبيلن جي وچ ۾ سرحدن طور پڻ ڪم ڏيندا هئا. ان ڪري تاسيت جو زمينن جي تبديلين جي نوعيت بابت لکيل مضمون محض زرعي نوعيت جو آهي. جنهن جو سادو سولو مطلب هي آهي ته جرمن نياتون زمين جي مختلف ايراضين کي آباد ڪنديون هيون. هو ٻيلائي ماڻهن جي موني ۽ اوني ۽ کلن مان ٺهيل لباس پائيندا هئا ۽ سندن عورتون ۽ معزز ماڻهو انهيءَ لباس جي اندران ريشي ڪپڙا اوڍيندا هئا.
    عظيم رومن مورخ پليني جي لکت موجب گوشت، کير، مکڻ، پنير، جهنگلي ميوا، ڀاڄيون ۽ جون جو ٻوڙ سندن مقرر غذا هوندي هئي. اڄ به آئرلينڊ ۾ اسڪاٽ لينڊ جا ماڻهو ساڳيو جَون جو ٻوڙ کائين ٿا.
    چوپايو مال سندس دولت هوندي هئي، پر اهو مال پڻ گهٽ درجي جي نسل جو هوندو هو. سندن ڳئون ننڍڙيون، بي ڍوليون ۽ ٺوڙهيون هونديون هيون. سندن گهوڙا ٽٽون قسم جا هوندا هئا. جيڪي تکو ڊوڙي نه سگهندا هئا. کين سون چاندي جي زيورن ۽ ٿانون جي ڪابه خبر نه هوندي هئي. وٽن سڪون (رومن) به تمام ٿوري انداز ۾ هوندو هو. کين ڪنهن به قسم جي ڌاتو جو ڪوبه قدر ۽ علم نه هوندو هو. وٽن لوهه بلڪل ٿورو هوندو هو. ڊئبنوب ۽ رهئين ندين تي رهندڙ جرمن قبيلا لوهه ٻاهرين ملڪن مان گهرائيندا هئا. پر کين کاڻين کوٽڻ جي ڪابه خبر نه هوندي هئي. لکڻ پڙهڻ لاءِ هو قديم رسم الخط استعمال ڪندا هئا. جنهن کي هو هڪ ڳجهي طور استعمال ڪندا هئا. مذهبي طور تي وٽن انسانن جي قرباني ڪرڻ جو رواج هوندو هو.
    مطلب ته اهي جرمن قبيلا غيرمهذبيت جي وچولي دور مان نڪري مٿاهين درجي ڏانهن ارتقا ڪري رهيا هئا. هن امر ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته رومن معاشري وٽان هر شيءِ جي ٺهيل صورت ۾ دستياب ٿيڻ جي ڪري سندن صنعت ۽ حرفت ۾ڪوبه واڌارو ٿي نه سگهيو هو. منجهن ڌاتن ۽ ڪپڙي اڻڻ جي صنعت جو اڃا سوڌو رواج نه پيو هو. پر رومن سلطنت جي اتر اوڀر علائقن ۾ ۽ بالٽنڪ سمنڊجي ڪنارن تي رهندڙ جرمن قبيلا انهن صنعتن ۽ضرورتن ۾ خود ڪفيل ٿي چڪا هئا. شيلزوگ جي ڦٽل شهر جي دفينن مان هٿ آيل شيون مثلاً هڪ ڊگهي تلوار، هڪ لوهي زره، چاندي جا فوجي خود ۽ ٻي صدي عيسويءَ جي دور جا رومن سڪا ۽ جرمن قبيلن جي هجرتن جي دور وارين وستين مان هٿ آيل ڌاتو جو سامان ڏيکاري ٿو ته کين انهن صنعتن جي پوري پوري ڄاڻ هوندي هئي. سندن اهو سمورو هٿ آيل سامان رومن شين واري نموني جو هوندو هو.
    انگلينڊ کان سواءِ باقي سموري رومن سلطنت جي ملڪن ۾ هر هنڌ مقامي صنعتون ختم ٿي چڪيون هيون. پر سندن معاشري ۾ ڌاتن جي صنعت ڪيتري قدر ترقي ڪئي هئي، ان جو اندازو اسين هٿ آيل باريڪ ۽ نفيس ڪٽ جي ٿالهين مان لڳائي سگهون ٿا. ان کان سواءِ اسين برگنڊي، رومانيا، برطانيا ۽ سويدن مان هٿ آيل شين ۾ جرمن صنعت ۽ ڪاريگري جو هٿ به ڏسي سگهون ٿا.
    سندن آئين ۾ نظام پڻ غيرمهذبيت جي مٿاهين درجي جي قسم جو هوندو هو. تاسيت جي لکڻ موجب: ”وٽن سردارن جي هڪ ڪائونسل هوندي هئي. جنهن کي Principis سڏيندا هئا، هن ڪائونسل ۾ ننڍن قسمن جا فيصلا ڪيا ويندا هئا. پر وڏن ۽ اهم قسم جي فيصلن ڪرڻ لاءِ وٽن هڪ عوامي اسيمبلي يا جرڳو موجود هوندو هو.“ اسان کي آمريڪي انڊين قبيلن ۾ به اهڙي عوامي ڪائونسلن جو وجود فقط نياتن جي صورت ۾ ملي ٿو. انهيءَ عوامي ڪائونسلن جو قبيلن يا قبيلن جي وفاق جي صورت ۾ اڃان بنياد نه پيو هو. عوامي ڪائونسل جي مکيه ۽ جنگي سردارن جي وچ ۾ ڪوبه فرق پيدا نه ٿيو هو. مثلاً ايروڪواس قبيلن ۾ انهن مکين جو گذر سفر قبيلي ڀاين کان سوکڙين پاکڙين، چوپائي مال ۽ اناج جي وٺڻ تي هوندو هو.
    ايروڪواس قبيلن وانگر جرمن عوامي ڪائونسلن تي به گهڻو ڪري مکين ۽ جنگي سردارن Duce کي ساڳين ڪٽنبن مان چونڊيو ويو ويندو هو. روم ۽ يونان وانگر جرمن قبيلن ۾ به مادرانه حق مان تبديل ٿي پدرانه حق ۾ اچڻ جي ڪري انهن چونڊيل عهدن ۾ خودبخود تبديل ٿي مورثي عهدن جي صورت اختيار ڪئي هئي. جنهن جي ڪري هر جرمن قبيلي ۾ هڪ امير ڪٽنبن جو طبقو پيدا ٿي پيو هو. اهو نام نهاد قبائلي امير طبقو جرمن قبيلن جي هجرتن جي دوران يا ان کان ٿورو وقت پوءِ ختم ٿي ويو هو. پر جنگي سردار جي چونڊ ڪرڻ ۾ هينئر سندن ڪٽنب جي بجاءِ سندن اهليت ۽ مهارت کي به نظرن ۾ رکيو ويندو هو.
    هنن مکين ۽ جنگي سردار کي، ڪي به واضح اختيار تفويض ڪيل نه هوندا هئا، پر هو فقط گذري ويل مثالن کي سامهون رکي فيصلا ڪندا هئا. انهيءَ نقطي جي وضاحت ڪندي تاسيت لکي ٿو ته: ”فوج ۾ تاديبي ڪاررواين ڪرڻ جو اختيار فقط مذهبي پيشوائن کي حاصل هوندو هو. انتظاميا جا حقيقي اختيار فقط عوامي اسيمبلي کي حاصل هوندا هئا ۽ بادشاهه يا قبائلي سردار محض رسمي طور تي عوامي اسيمبلي يا جرڳي جو صدر هوندو هو. پر فيصلا وري به هميشه عوامي اسيمبلي ڪندي هئي. اسيمبليءَ جي ڪارروائي هلندي پاڻ ۾ سس پس ڪرڻ جي ڀڻڪار جي آواز سان ”نه“ جي مراد ۽ نعرن هڻڻ ۽ هٿيارن کڙڪائڻ مان ”هائو“ جي مراد ورتي ويندي هئي. انصاف ڪرڻ جي معاملن ۾ ساڳئي عوامي اسيمبلي جي سامهون فرياد ڪندا هئا ۽ اسيمبلي سندن داد رسي ڪندي هئي.
    قتل جي مجرمن کي موت جي سزا ڏني ويندي هئي. بعد واري دور ۾ جنگ ۾ بزدلي ڏيکاري قوم سان غداري ڪرڻ ۽ اغلام بازي لاءِ به موت جون سزائون ڏنيون وينديون هيون.
    نياتون به ساڳي ريت فيصلا ڪنديون هيون. نيات جو مکي رسمي طور تي نياتي اسيمبلي جي صدارت ڪندو هو. پر فيصلو وري به نياتي اسيمبلي ڪندي هئي. ساڳي ريت جرمن عدالتن ۾ به نيات يا قبيلي جو سردار رسمي طور تي صدارت ڪندو هو. جرمن قبيلن خواهه قومن ۾ سموري نيات گڏجي ڪيل فيصلي جو اعلان ڪندي هئي.
    سيزر جي موت کان پوءِ جرمن قبيلن جا وفاق ٺهڻ شروع ٿي ويا هئا. ڪن قبيلن جا بادشاهه به هوندا هئا. يوناني ۽ رومن قبيلن وانگر جرمن قبيلن ۾ به جنگي سردار مطلق العنان بڻجڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳا هئا ۽ هو ڪن قبيلن ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. انهن جنگي سردارن کي اختيارن تي قابض ٿي وڃڻ جي باوجود به اعلانيه طور تي مطلق العنان بنجڻ جي همت نه ٿيندي هئي. انڪري هنن مورڳو خود نياتي آئين کي ختم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. جيئن ته نياتي آئين هيٺ آزاد ڪيل غلامن کي معاشري اندر ڪابه اهميت حاصل نه هوندي هئي، ان ڪري هو ڪنهن به نيات جا رڪن به نه ٿي سگهيا هئا. ان ڪري دولت مرتبي ۽ عزت جي حاصل ڪرڻ خاطر هو نون پيدا ٿيل بادشاهن جا منظور نظر بنجڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳا هئا ۽ نيٺ ڪامياب به ٿي ويا هئا.
    رومن سلطنت جي قيام بعد اهو بادشاهن جو منظور نظر طبقو خود ڪيترن رومن سلطنت ۾ شامل ملڪن جا بادشاهه بنجي ويا هئا. فرانڪ بادشاهن جي ٻانهن ۽ آزاد ڪيل ٻانهن پهريائين درٻار ۾ ان بعد خود رومن سلطنت جي اهم ترين معاملن ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن نئي پيدا ٿيل امير طبقي جو وڏو حصو انهن ئي ٻانهن اميرن جو اولاد هوندو هو.
    هڪڙي اهم اداري جنهن خاص طور تي انهن شاهي خاندانن کي پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. سو نوڪرشاهي طبقو جنهن وٽ خانگي فوج به موجود هوندي هئي. اسين ايروڪواس قبيلن جي ذڪر ۾ پڙهي آيا آهيون ته انهن نياتن سان گڏوگڏ پنهنجي راءِ سوءِ جنگ ڪرڻ خاطر خانگي فوجي قسم جون جماعتون (لشڪر) به ٺاهيون ويون هيون. جرمنيءَ ۾ اهڙين جماعتن ڦري دائمي ادارن جي صورت اختيار ڪئي هئي. نام ڪٺيا جنگي سردار مال غنيمت جي حرص ۾مبتلا ٿي پنهنجي چوگرد جنگي جوانن جا ٽولا جيڪي شخصي ۽ ذاتي طور تي ساڻن وفادار هوندا هئا ۽ سردار به ساڻن وفادار هوندا هئا، گڏ ڪرڻ لڳا هئا. اهو سردار کين کارائيندو پياريندو ۽ سندن هر قسم جي سار سنڀال لهندو هو. هو کين سوکڙين پاکڙين ۽ انعامن ڏيڻ سان نوازيندو رهندو هو. هو کين وفادار ٽولي جي صورت ۾ منظم ڪندو هو، هو کين فوجي سکيا به ڏيندو هو. هو پنهنجي خانگي بچاءَ ڪرڻ خاطر هڪ ڌار جنگي محافظن جو ٽولو به تيار ڪندو هو. يعني هڪ اهڙي سکيا ورتل منظم فوج کي گڏ ڪيو ويندو هو جيڪا فوج ڪنهن به وڏي فوجي مهم جي خدمات کي منهن ڏئي سگهڻ لاءِ، هڪ سکيا ورتل فوجي آفيسرن ۽ سندن عملي سميت فوري طور تي حملي ڪرڻ لاءِ هردم تيار حالت ۾ موجود رهندي هئي.
    اهو نوڪر شاهي طبقو شروعات ۾ ايترو طاقتور نه هوندو هو. مثلاً اٽلي جي مشهور جرمن جنگي سردار آوڊو آڪر Odoacer جيڪو مغرب ۾ رومن شهنشاهن جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو هو ۽ ترقي ڪندي ڪندي ايترو زور وٺي ويو هو جو هن 476ع ۾ شهنشاهه Romolus Augustutuous روميولس آگسٽوٽس جي عهد حڪومت ۾کيس تخت تان لاهي پاڻ اٽلي جي تخت تي چڙهي ويهي رهيو هو. انهيءَ طبقي اڳتي هلي عوام جي آزاديءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي زهريلي جيوڙي جي صورت اختيار ڪئي هئي جنهن ابتدا ۾ خود جرمن قبيلن جي هجرتن واري دور ۾ ۽ بعد وارن دورن ۾ به کائي پي وڌي ويجهي هڪ ازدها جي شڪل ورتي هئي. انهيءَ طبقي شاهي خاندانن جي اڀرڻ لاءِ وڏي چالاڪي ۽ حرفت سال پهريائين هڪ ميدان تيار ڪيو هو ۽ تاسيت جي لکڻ موجب: ”انهن فوجي سردارن پاڻ ۾ باهمي رابطي کي قائم رکي سگهڻ خاطر هن امر کي لازمي ڄاتو هو ته ملڪ جي اندر خواهه ٻاهر ڪنهن نه ڪنهن بهاني جنگين کي جاري رکي سگهجي ته فوج کي مال غنيمت حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ڏنا وڃن. ان مال غنيمت کي هٿ ڪرڻ ڦري سندن زندگين جو مقصد بنجي پيو هو. جيڪڏهن ڪو فوجي بردار پاڻ کي واندو ڏسندو هو ۽ سندس پاڙيسري ملڪن ۾ ڪا به جنگ هلندڙ ته هوندي هئي ته هو هڪدم مال غنيمت کي حاصل ڪرڻ خاطر پنهنجي تيار ڪيل فوج جي مدد سان ڌارين پاڙيسري ملڪن تي فوجي چڙهائي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو هو. اهي جرمن فوجي سردار خود جرمن قوم جي علائقن کي به فتح ڪرڻ خاطر رومن جهنڊي هيٺ وڙهڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا. اهي فوجي سردار Lands Knechs لينڊس ڪنخت نظام جا اوائلي جيوڙا هئا، جيڪي جرمن قوم جي ناموس ۽ عزت تي هڪ بدنما داغ هوندا هئا. اهو ساڳيو فوجي سردارن وارو ٽولو رومن سلطنت کي فتح ڪرڻ بعد بادشاهن جي فوجي زيردستن، رومن درٻارين ۽ ٻانهن سان گڏجي، بعد ۾ پيدا ٿيل امير طبقي کان ٻئي نمبر جي حيثيت جو امير طبقو بنجي ويو هو.
    انهيءَ دور ۾ جرمن قبيلا پاڻ ۾ گڏجي قومون ٺاهڻ جي دور ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيا هئا. انهيءَ قسم جو آئين جيڪو يونان جي سورمائي دور ۽ رومن معاشري ۾ انهن نام نهاد بادشاهن جي دور ۾ رائج رهيو هو، وٽن پڻ رائج ٿي چڪو هو. يعني اهي ساڳيون عوامي قسم جون اسيمبليون ۽ جرمن نياتن جا مکي ۽ جنگي سردار جيڪي مطلق العنان بادشاهه بنجڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هئا، موجود هوندا هئا. نياتي آئين به وڌ ۾ وڌ انهيءَ قسم جي آئين کي پيدا ڪري سگهڻ جو اهل هوندو آهي، اهو نياتي آئين غيرمهذبيت جي مٿانهن طبقي وارن جو آدرشي يا مثالي آئين هوندو آهي. جڏهن اهڙي قسم جو (نياتي) نظام پنهنجون قدرتي سرحدون لتاڙي، ڪنهن ٻئي نئين قسم جي دور ۾داخل ٿئي ٿو ته، هو قدرتي طور تي پنهنجو موت پاڻ مري وڃي ٿو. انهيءَ فوت ٿي ويل مرحوم نظام جي ميت مان هڪ نئون وجود نڪري نروار ٿئي ٿو، جيڪو آهي رياست جي اداري جو وجود.


    جرمن قومن ۾ رياست جي اداري جو پيدا ٿيڻ

    تاسيت جي لکڻ موجب جرمن معاشرو گهڻين قومن ۾ ورهايل هوندو هو ۽ سيزر ته مورڳو جرمن قومن جو تعداد ڄاڻائي ڇڏيو آهي. هن رهائين ندي تي رهندڙ ٻن وڏن جرمن قبيلن Usip lnas اوسي پيس ۽ تينليرن Teneleran جو تعداد مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت هڪ لک اسي هزار لکيو آهي. جڏهن ته اتر آمريڪا جي گريٽ ليڪ Great Lake علائقي کان وٺي اوهيو تائين فقط 20 هزار ايروڪواس قبيلا قبضو ڪري سگهيا هئا. پر هتي ته جرمن قوم ۾ هڪ لک کان به وڌيڪ مردم شماري موجود هئي. انهيءَ دور ۾ رهائين ندي تي رهندڙ جرمن قوم کي اسين اڄ ڪلهه جي مردم شماري موجب پکيڙينداسين ته اها سموري مردم شماري موجوده جرمني جي محض هڪ ضلعي جي پورت به نه ٿيندي. رومن سلطنت جي دور واري جرمني موجوده وسچولا ندي تائين 50 هزار چورس ڪلوميٽر تي پکڙيل هوندي هئي. انهيءَ حساب سان ان وقت به سمورين جرمن قومن جي مردم شماري جو انگ 50 لک کان به وڌيڪ هوندو هو. جيڪو انگ قديم زماني جي معاشري جي ڀيٽ ۾ هڪ ديو جيڏو وڏو تعداد هو. جنهن جيترو تعداد ڪنهن به همعصر يورپي معاشري ۾ موجود نه هو. پر موجوده دور جي قومن ۽ ملڪن جي مردم شماري جي مقابلي ۾ اهو انگ هڪ خسيس انگ آهي. اسان کي هي به خبر آهي ته گوٿ نسل واريون جرمن قومون ڊئينوب ندي جي منهن تائين پکڙيل هونديون هيون، انهن قومن کي Pliny پليني 180 ق- م ۾ جرمن قبيلن ۾ پنجون نمبر مکيه قبيلو شمار ڪري ٿو. اهي قومون مقدونيا جي بادشاهه پرسيئس Perseus جي فوجن ۾ پگهار تي وڙهنديون هيون. آگسٽس سيزر جي دور حڪومت ۾ اهي ساڳيون جرمن قومون ائڊرونوپل جي آس پاس پهچي چڪيون هيون. اسين جيڪڏهن سراسري طور تي حساب جو اندازو لڳائينداسين ته اسين ڏسنداسين ته ان وقت جي جرمن قومن جو تعداد حضرت عيسيٰ عليه السلام جي حياتيءَ تائين وڌي 60 لکن کان به وڌيڪ ٿي چڪو هو.
    جرمنيءَ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ بعد ته مورڳو سندن تعداد ۾ غيرمعمولي واڌ اچي ويئي هئي. مٿي ذڪر ڪيل صنعتي انقلاب انهيءَ امر جو هڪ واضح ثبوت آهي ته شيلزوگ شهر جي آثار قديمه مان هٿ آيل شيون ۽ رومن سڪا 3 صدي عيسويءَ جا پراڻا معلوم ٿين ٿا. ان ڪري چئبو ته بالٽڪ سمنڊجي ملڪن ۾ ڪپڙي اڻڻ ۾ڌاتن کي ڪمائڻ جون صنعتون ڪافي حد تائين ترقي ڪري چڪيون هيون. انهن ملڪن جو واپار رومن سلطنت جي ملڪن سان هلندو هو. جتي جو امير طبقو وڏي عياشي جي زندگي گذاريندو هو.
    مٿي ذڪر ڪيل حقيقتون ظاهر ڪن ٿيون ته سندن مردم شماري ڪافي ڳوڙهي ٿي چڪي هئي. انهيءَ دور ۾ جرمن قبيلن ساري رهائين ندي جي ٻنهي ڪنارن تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئا. سندن حملن جو دائرو رومن سلطنت جي سرحد ان سان گڏوگڏ ڊئينوب ندي جي ڪنارن سان هلندو اتر سمنڊ کان هلي اچي بحر اسود تائين پهچي ٿو. جيڪو امر جرمن قومن ۾، سندن مردم شماري جي وڌي وڃڻ جو ٻيو نمبر وڏو ثبوت آهي. انهن ٻن صدين وارين ڪشمڪش جي دور ۾گوٿ جرمن قومون سويڊن، ناروي ۽ ڊينمارڪ جي ملڪن کان سواءِ گوٿن ۽ برگنڊا جرمن قبيلن جي والاريل ملڪن جي جنوب مشرق ڏانهن وڌنديون ۽ پکڙبيون ويون هيون. اها سندن جملن جي کاٻي ٻانهين Flank هئي.
    جابلو جرمن قبيلن High Germans انهيءَ سرحد جي وچ تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئا. اها مرڪزي سرحد ڊئينوب ندي جي منهن وٽان جنهن کي فرانڪ سڏجي ٿو، کان هلندي وڃي رهائين نديءَ جي ساڄي ڪناري سان ملي ٿي. برطانيا کي فتح ڪرڻ جي ذميواري انگيورني Ingoevonien نالي جرمن قبيلي پاڻ تي کنئي هئي. پنجين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۾ رومن سلطنت نسنائي، مجبوري ۽ بي وسيءَ جي حالت کي پهچي چڪي هئي. ان ڪري سندس سرحدن جا دروازا وات پٽيو، جرمن قبيلن کي فتح ڪرڻ جي دعوت ڏئي رهيا هئا.
    گذري ويل بابن ۾ اسين تهذيب جي گهوارن يونان ۽ روم جي ذڪر ڪرڻ ۾ مشغول رهيا آهيون. اسين هينئر سندن موت جو مرثيو پڙهون ٿا. رومن سلطنت جي عالمگير طاقت جو زور ۽ وهڪرو صدين تائين هلندو، بحريه روم جي ٻنهي ڪنارن جي ملڪن ۽ قومن کي فتح ڪندو، کين پيهندو منجهن سياسي مساوات پيدا ڪندو رهيو هو ۽ جتي يوناني زبان جو بند به انهن ملڪن جي قومي زبانن ۾ لاطيني زبان جي اثر کي قبول ڪرڻ کان روڪي نه سگهيو هو. ايتري قدر جو هينئر گال (فرانس)، اسپين، پورچوگال، لگيوريا ۽ ناريڪن قومن جو، رومن سلطنت کان ڌار ۽ جدا، اڪيلو ۽ منفرد وجود باقي نه رهيو هو. اهي سموريون قومون رومن اثر هيٺ اچي ڄڻ ته خود رومن بنجي چڪيون هيون. رومن سلطنت جي انتظاميا ۽ قانون انهن ملڪن ۽ قومن جي قديم خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارن معاشرن کي پنهنجي سياسي ۽ ثقافتي سيلاب ۾ ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيو هو.
    ساڳيءَ ريت خود رومن قوم ۾ به، پاڻ کي قومي طور تي هڪ جدا منفرد وحدت طور ظاهر ڪرڻ جو رجحان پڻ ختم ٿي چڪو هو. اهو ايڏو ته وڏو نقصان ٿيو هو جو نئين رومن قوم هجڻ جو سياسي نظريو به انهيءَ نقصان جو ازالو ڪري نه ٿي سگهيو. انهيءَ امر مان سندن منفرد قومي وجود جو ڪوبه پتو پئجي نه ٿي سگهيو. بلڪ انهيءَ امر مان ته فقط سندس عدم قومي وجود ظاهر ٿيو ٿي. نين قومن کي پيدا ڪرڻ جو مصالحو هر هنڌ ڪافي انداز ۾ موجود هو.خود رومن سلطنت جي مختلف علائقن جي لاطيني ٻولين ۾ فرق پيدا ٿيڻ شروع ٿي چڪو هو. اهي قدرتي سرحدون جن اٽلي، اسپين، گال ۽ آفريڪا جي آزاد ملڪن جي سرحدن کي نروار ڪيو ٿي، اڄ به صحيح سلامت ۽ زنده موجود هيون ۽ سندن انهيءَ اثر کي محسوس به ڪيو ويندو هو. پر انهيءَ اثر کي گڏ ڪري هڪ قوم کي وجود ۾ آڻڻ واري قوت ڪٿي به موجود نه هئي. ترقي ۽ واڌاري ڪرڻ جي اهليت جو منجهن نام و نشان به عنقا هو. منجهن تخليقي قوت ته درڪنار، خود قوت مدافعت جو هڪ قطرو به موجود نه رهيو هو. انهيءَ انساني مخلوق جي سواءِ اعظم کي فقط هڪڙي شيءِ پاڻ ۾ملايو بيٺي هئي ۽ اها هئي رومن رياست جو ٺلهو ۽ سکڻو وجود.
    رومن رياست جيڪا هينئر وقت جي گذرڻ سان هڪ عوام دوست اداري مان ڦري هڪ عوام دشمن ازدها جي شڪل وٺي بيهي رهي هئي. اتي انهن علائقن ۽ قومن جي شخصيت ۽ وجود به رومن رياست جي اڏوهي کاڌل ۽ ظالم وجود کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو. ايتري قدر جو خود روم جو شهر، هڪ عظيم عالمي سلطنت جي دارالخلافه هجڻ جي باوجود به، سلطنت جي ٻين صوبائي شهرن وانگر هڪ صوبائي قسم جو عام رواجي شهر بنجي ويو هو.رومن رياست ۾ سندس هڪ بالادست ۽ حاڪم شهر واري حيثيت به بلڪل ختم ٿي چڪي هئي. کيس محض محدود قسم جا عام رواجي حق حاصل هوندا هئا. سندس هڪ عالمي طاقت جي دارالخلافه هجڻ واري حيثيت به بنهه ختم ٿي نيست ۽ نابود ٿي چڪي هئي. ايتري قدر جو هينئر هي ساڳيو شهر شهنشاهن، نائب شهنشاهن جو دارالخلافه نه رهيو هو. بلڪ اهي شهنشاهه ۽ نائب شهنشاهه هينئر روم شهر جي بجاءِ،قسطنطنيه ترير ۽ ميلان جي شهرن ۾ رهڻ لڳا هئا.
    هينئر رومن سلطنت جو وجود هڪ پربت جيڏي وڏي منجهيل قسم جي مشين بنجي پيو هو. جنهن کي ڪاريگرن ڄڻ ته فقط رعايا جي استحصال ڪرڻ خاطر ٺاهي جوڙي راس ڪري بيهاري ڇڏيو هو. سندس بيجا ظلم، بي واجبي ٽيڪسن، رياست لاءِ عوام کان زوري زبردستي خدمتون وٺڻ ۽ هر قسم جي ٻين لوازمات پاڻ ۾ گڏجي سندس سرحدن جي اندر رهندڙ بدنصيب رعايا کي مفلسي جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.
    پروڪيوريٽرن جي زور زبردستي، ظلم ۽ استبداد، ٽيڪسون اڳاڙيندڙ آفيسرن جي ڏاڍاين ۽ پگهاردار فوجن جي ڳري وزن پاڻ ۾ گڏجي، رومن سلطنت جي رعايا کي ڄڻ ته جانڊه جي ٻن پڙن ۾ پيهي، سندن خانو ئي خراب ڪري ڇڏيو هو.رومن سلطنت جو وجود هينئر کيس برداشت ڪري سگهڻ جون سرحدون ٽپي ويو هو. هن سلطنت جي وجود ۽ بقا جو جواز فقط هن هڪڙي حقيقت ۾ سمجهيو ويو هو ته اندروني ملڪ تي، انتظاميا جي ڏنڊي سان راڄ ڪيو وڃي ۽ سرحدن تي غيرمهذب قومن جي حملن کان مدافعت ڪرڻ جو ڪم پگهاردار فوجن کان ورتو وڃي. سندس انتظاميا جو ملڪي انتظام بدانتظامي کان به بدتر بنجي چڪو هو. جن غيرمهذب قومن جي حملن کان مدافعت ڪئي ٿي وئي. انهن ساڳين غيرمهذب حملي آور قومن کي فاتح بنائڻ ۽ سندن آجيان ۽ استقبال ڪرڻ لاءِ زبردست قومون هميشه تيار ۽ منتظر رهنديون هيون. اهي حملي آور غيرمهذب قومون هينئر رومن سلطنت جي مظلوم رعايا لاءِ مسيحا بنجي پيون هيون.
    سماجي حالتون ته مورڳو سياسي ۽ فوجي حالتن کان به وڌيڪ بدتر هونديون هيون. ڇو ته رومن سلطنت جو عوام حڪومت جي انتظاميا کان نااميد رهڻ لڳو هو. ريپبلڪ راڄ جي آخري سالن ۾ ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جو بنياد فقط مفتوح علائقن جي مظلوم عوام جي ڦرلٽ ڪرڻ تي ٻڌل رهجي ويو هو.عوام جي انهيءَ لوٽ کسوٽ کي خود روم جا شهنشاهه به بند ڪري نه سگهيا هئا.
    وڏي ڏک جي ڳالهه هيءَ آهي ته خود شهنشاهه به پنهنجي انهيءَ ڦرلٽ، عوام آزاري ۽ سندن هر قسم جي استحصال ڪرڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنجي چڪا هئا. هنن سدورن ته مورڳو انتظاميا جي هٿان عوام جي لوٽ کسوٽ کي روڪڻ جي بجاءِ انهيءَ ظالم ۽ استبداد کي قانوني حيثيت به ڏئي ڇڏي هئي. انهيءَ سموري ڪارگذاريءَ جو نتيجو هي نڪتو هو ته رومن سلطنت عوام جي فلاحي ڪمن ۾ اڳتي وڌڻ جي بجاءِ پوئتي هٽندي وئي هئي ۽ ڍلن ۽ ٽيڪسن جو بار روزبروز وڌندو رهيو. عوام کان زور زبردستي خدمتن وٺڻ جو رواج عام ٿيندو پئي ويو. حڪومت جو آفسير طبقو وڏي دليريءَ ۽ بي شرمائيءَ سان عوام کي ڦريندو لٽيندو رهيو هو. (يعني بقول شيخ سعدي شيرازي، گرگ شاهه و سگ وزير و موس ديوان مي شود). جو معاملو هو. رومن سلنت جي اعليٰ عملدارن ۽ ڪارندن کي ملڪي صنعت ۽ واپار سان ڪابه دلچسپي نه رهي هئي. هو فقط مظلوم ۽ مفلس عوام تي حڪومت ڪرڻ کي پنهنجو پيشو ۽ حق سمجهندا هئا. هو ٻين همعصر قومن جي مقابلي ۾ فقط عوام کان رشوتون ۽ وياج وٺڻ جي فن ۾ کانئن وڌيڪ ماهر هوندا هئا.واپاري ڪجهه وقت لاءِ پاڻ کي انهيءَ ظلم کان بچائيندو رهيو هو. پر آخرڪار آفيسرن جي ڦرمار ۽ رشوت ستاني سندس به چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي. رهيل سهيل واپار سوڙهو ٿيندو فقط يونان جي علائقن تائين محدود رهجي ويو هو. پر اها ڳالهه اسان جي هن مضمون جي موضوع کان ٻاهر جي آهي.
    مطلب ته عوام ۾ چوطرف غربت ۽ مفلسي جي ڇانئجي وڃڻ جي ڪري واپار جي بيهي رهڻ، هنرن ۽ صنعت جي برباد ٿي وڃڻ جي ڪري سلطنت جي مردم شماري پڻ گهٽجڻ شروع ٿي وئي هئي. غريب رعايا مان ڪي مري کپي ويا هئا ۽ ڪي ته مورڳو ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا هئا. ان ڪري پهريائين ٻهراڙيون ۽ ان کان پوءِ خود شهر به برباد ٿي ويا هئا. زراعت به پنهنجن پوين پساهن تي اچي بيٺي هئي. هي هو رومن سلطنت جي هڪ عالمي طاقت بنجڻ جو نتيجو! هميشه جي دستور موجب ملڪي پيداوار جو دارومدار ملڪ جي زراعت تي هوندو آهي. زراعت جو شعبو بنيادي هجڻ جي ڪري هو ملڪ ۽ قوم ۽ حڪومت جي بقائ ۽ استحڪام لاءِ هڪ فيصله ڪن عنصر هوندو آهي. بلڪ انهيءَ عمارت جي پيڙهه هوندو آهي. رومن سلطنت جي عوام جو وڏي ۾ وڏو طبقو زراعت سان واسطو رکندڙ هو.
    رومن ريپبلڪ جي خاتمي کان پوءِ زراعت کي ٻن نمونن ۾ استعمال ڪيو ويو هو. هاري طبقي جي تباهه حاليءَ جي ڪري آباد زمينون ڦري چراگاهه بنجي ويون هيون. جن لاءِ تمام ٿورن هٿن جي ضرورت پوندي هئي. ڌنار ٻانها هوندا هئا.هينئر ٻهراڙين ۾ ٻنين کي آباد ڪرڻ جي بجاءِ باغ پوکجڻ لڳا هئا. انهن باغن ۾ به ٻانهن جا ڌڻ باغبانيءَ جو پورهيو ڪندا هئا. باغن جا ميوا ڪجهه پاڻ مالڪ کائيندا هئا ۽ ڪجهه شهرن ۾ وڪرو ٿيندا هئا. ٻنين کي واري سر آباد ڪرڻ جي بجاءِ کين محض چراگاهن طور قائم رکيو ويو هو. خود ڪيترن چراگاهن کي به وڌايو ويو هو. پر ٻنين جي غيرآباد رهجي وڃڻ ۽ ننڍن ننڍن باغن جي مالڪن جي مفلس هجڻ جي ڪري، باقي رهيل کهيل زراعت به تباهه ٿي وئي هئي. ملڪي زراعت جي تباهه ٿي وڃڻ جي ڪري خود شهر به تباهه ٿي ويا هئا. ڇاڪاڻ ته پاٽ ۾ تڏهن ڪجهه پوندو جڏهن ديڳ ۾ ڪجهه هوندو.
    ٻانهن جي هٿان آبادين ڪرائڻ ۾ به ڪو فائدو نه رهيو هو. اهڙي دور ۾ ٻنين کي وڏي پيماني تي آباد ڪرائڻ جو فقط هي هڪڙو ئي طريقو باقي رهجي ويو هو ته زمين جي ننڍن ننڍن ٽڪرن کي آباد ڪرائڻ. وڏي پيماني تي آبادين ڪرائڻ کان وڌيڪ فائدي مند ثابت ٿيو هو. ان ڪري وڏين وڏين جاگيرن کي گهٽائي ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪيو ويو هو ۽ کين ننڍن مورثي آبادگارن کي ٺيڪن تي ڏيڻ جو عام رواج شروع ٿي ويو هو. پر هاڻي اهي ننڍا ٺيڪيدار پاڻ آبادگارن مان ڦري زمين جا مئنيجر بنجي ويا هئا. جن کي آباديءَ جي پيداوار جو 6/1 حصو يا ڪل آمدنيءَ جو 9/1 جو حصو سندن خدمت جي معاوضي طور ڏنو ويندو هو.
    زمينن جي انهن ننڍن ننڍن ٽڪرن يا پلاٽن کي Coloni رهائشي آبادگار ڪڙمين کي مقرر ڪيل رقم يا پيدائش واري جنس جي ڪڻ بندي جي حساب سان ورهاست ڪري ڏنو ويندو هو ۽ اهي رهائشي ڪڙمي ٻانها نه هوندا هئا پر اهي ڪڙمي زمين سان لاڳاپيل هجڻ جي ڪر يآزاد به نه هوندا هئا. انڪري اهي مرد خواه عورتون ڪڙمي ڪنهن به آزاد شهري مرد خواه عورت سان شادي به ڪري نه سگهندا هئا. وڏي مزي جي ڳالهه هيءَ هئي ته، رومن قانون موجب سندن پاڻ ۾ شادي ڪرڻ کي به جائز شادي قرار نه ڏنو ويندو هو. جيڪا ساڳي ڳالهه ۽ حالت ٻنهي سان به لاڳو ڪيل هوندي هئي. اهي رهائشي آبادگار (ڪڙمي) ازمنه وسطيٰ واري دور ۾ پيدا ٿيندڙ Serf طبقي واري اداري جي شروعات هئي. خود سرف لفظ جي لغوي معنيٰ آهي بناڪنهن قانوني حق وارو آبادگار يا ٻانهو ڪڙمي!
    پر قديم دور وارو ٻانهپ وارو رواج ختم ٿي چڪو هو، هينئر ٻانهن وسيلي وڏي پيماني تي آبادي ڪرائڻ يا شهري صنعتن ۾ ڪوبه اقتصادي فائدو نه رهيو هو. ڇاڪاڻ ته سلطنت جي عروج واري دور وارو عظيم پيداواري نظام بلڪل گهٽجي ناڪاره بنجي چڪو هو. سندس خالي ڪيل جاءِ ننڍي پيماني تي زراعت ڪرڻ واري رواج ۽ صنعت ۾ به ننڍي پيماني تي هنرن اچي والاري هئي. انهن ٻنهي پيداواري ذريعن ۾ هينئر گهڻن ٻانهن رکڻ جي ڪابه ضرورت باقي نه رهي هئي. ان ڪري ٻانهن رکڻ جو رواج به خودبخود گهٽجي ويو هو. رومن معاشري ۾ فقط وڏن اميرن جي گهرو ڪمن ڪارين ڪرڻ ۽ عياشي ۽ شان شوڪت کي برقرار رکڻ لاءِ ٻانها رکيا وڃڻ لڳا هئا.
    پر موت جي ڪناري تي بيٺل ٻانهپ جو رواج اڃا به زنده حالت ۾ موجود هو. ان ڪري هر پيداوار زراعت يا صنعت ۾ڪم ڪندڙ شخص کي به ٻانهو شمار ڪيو ويندو هو. ان ڪري هڪ آزاد رومن شهريءَ لاءِ پورهيو ڪرڻ ڪمائي کائڻ کي ميار ۽ عيب، بدنامي ۽ بي عزتي شمار ڪيو وڃڻ لڳو هو. هينئر هر ڪس و ناڪس شخص ڦري آزاد رومن شهري بنجي پيو هو. انهيءَ سماجي صورتحال جو نتيجو هي نڪتو هو ته هڪ طرف بيڪاري ۽ بي روزگار ٻنهي جو تعداد ايتري قدر ته وڌي ويو هو جو اهي پنهنجن مالڪن جي پٺين تي ڄڻ ته هڪ اجايو بار ٿي پيا هئا. ان ڪري مالڪن به کين آزاد ڪري ڇڏيو هو.
    ٻئي طرف بي روزگار ۽ بي ڪار رهائشي ڪڙمين جو هڪ وڏو طبقو به معاشري ۾ پيدا ٿي پيو هو. جيڪي ظاهري ۽ قانوني طور تي آزاد هوندي به سخت مفلسيءَ ۾ گرفتار هوندا هئا. (جهڙيءَ ريت آمريڪا ۾ سفيد فام غريبن ۽ آزاد ڪيل شيدي ٻانهن جا طبقا پيدا ٿيا هئا). ٻانهپ جي رواج ۽ اداري کي ختم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ عيسائي ڪليسا جو ڪوبه هٿ نه هو. رومن سلطنت ۾ ڪليسا يا پادري صاحب ڪيترين ئي صدين تائين فقط انهيءَ اداري جي ئي پورهئي مان پيدا ٿيل مال ۽ ميوا کائيندا رهيا هئا. رومن سلطنت جي پوين سالن ۾ خود عيسائي ٻانهن، جي واپار ڪرڻ جهڙي شرمناڪ غيرشرعي، قبيح ۽ غيرانساني ڏوهه کي روڪڻ جي معاملي ۾ اهي نام نهاد خداپرست عيسائي پادري بلڪل خاموش رهيا هئا.
    جرمن فاتحن پڻ بحيره روم جي وينس جي شهرين ۽ شيدين جي ٻانهن طور وڪامجي وڃڻ تي ڪوبه اعتراض ۽ احتجاج نه ڪيو هو. پر هينئر به ٻانهن جي پورهئي يا سندن واپار ڪرڻ ۾ ڪو فائدو به نه رهيو هو. انڪري اهو ادارو به خودبخود ختم ٿي ويو هو. پر اهو مرندڙ ادارو مرندي مرندي به رومن معاشري جو اهو رويو ڄڻ ته هڪ اونداهو غار هو جنهن ۾ رومن معاشرو انڌو ٿي ڪري پيو هو. ملڪ جي اندر هڪ عجيب قسم جو دور اچي پرگهٽ ٿيو هو. هينئر هڪ طرف ٻانها رکڻ اقتصادي طور تي هڪ ناممڪن امر يا وبال جان بنجي چڪو هو ۽ ٻئي طرف هڪ آزاد رومن شهريءَ جي پورهيو ڪري ڪمائي کائڻ تي اخلاقي بندش يعني سماجي ميار پئجي چڪي هئي. رومن معاشري جو هڪ طبقو سماجي پيداوار کي قائم رکي نه سگهيو ۽ ٻيو طبقو سندس جاءِ تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. ملڪ اندر هڪ سماجي جمود ۽ تعطل پيدا ٿي پيو هو. انهيءَ عظيم قومي مسئلي جو واحد حل هو انقلاب!!
    اها هئي روم شهر جي حالت زار. پر سلطنت جي ماتحت علائقن ۾ عوام جي حالت ڪنهن به قيمت تي بهتر نه هئي. اسان کي فقط گال جي علائقي بابت لکت جي صورت ۾ احوال دستياب ٿي سگهيو آهي. هن علائقي ۾ رهائشي ڪڙمين سان گڏ آزاد آبادگار به موجود رهندا هئا. جيڪي ظالم ۽ راشي عملدارن بي ايمان ججن، خونخوار شاهوڪارن جي ظلمن کان بچڻ خاطر پاڻ کي طاقتور اميرن جي سرپرستي (زيردستيءَ) ۾ رضاڪارانه طور تي سپرد ڪري ڇڏيندا هئا. نه رڳو ننڍا آبادگار فرد، پر خود وڏا وڏا راڄ ۽ قبيلا به پاڻ کي طاقتور اميرن جي سرپرستيءَ ۽ زيردستيءَ ۾ ڏئي ڇڏيندا هئا. اها رسم ايتري قدر ته مقبول عام ٿي چڪي هئي جو چوٿين صدي عيسويءَ ۾ شهنشاهن کي مجبور ٿي انهيءَ رسم کي ٻنجي ڏيڻ خاطر وقت بوقت فرمان جاري ڪرڻا پئجي ويا هئا، پر انهن فرمانن ۽ بندشن ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو. انهن شاهي فرمانن جو ننڍن آبادگارن تي ڪهڙو اثر ٿيو هو؟
    سرپرستي قبول ڪندڙ امير فقط هڪڙي شرط تي سرپرست بنجڻ قبول ڪندا هئا ته سرپرستي هيٺ ايندڙ شخص پاڻ پنهنجن زمينن جا کاتا ڦيرائي سندن کاتن ۾ داخل ڪرائي ڇڏين ۽ پاڻ فقط پنهنجن حياتين تائين زمينن جي پيداوار کڻندا رهن. نائين ۽ ڏهين عيسويءَ صديءَ ۾ امير طبقي واري ساڳي اٽڪل بازيءَ کي عيسائي ڪليسا جي پادرين ۽ راهبن به پنهنجي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي نالن ۾ خوب استعمال ڪيو هو ۽ ان مان خوب نفعا ڪمايا هئا ۽ جاوا ڪيا هئا.
    اهڙيءَ ريت عيسائي ڪليسا ملڪ جي زمينن جي تمام وڏي حصي تي قبضو ڄمائي ويهي رهي هئي. 475ع ۾ مارسيلز شهر جي مشهور پادري ۽ مصنف (Salvianus)سالونس پنهنجي ڪتاب Degubernatione Dei ص 148 کان 151 ۾ لکي ٿو ته:
    ”رومن آفيسرن ۽ امير طبقي جي جاگيردارن جي ڦرلٽ ۽ استحصال سموريون اخلاقي سرحدون لتاڙي ويو هو. سندن لوٽ کسوٽ ايتري قدر ته ناقابل برداشت بنجي چڪي هئي جو ڪيترائي رومن شهري، شهر ڇڏي وڃي ٻهراڙيءَ جي ضلعن ۾ غيرمهذب قبيلن سان گڏ رهيا هئا. ٻهراڙين ۾ هنن نون ڀڄي آيل رومن شهرين کي فقط هڪڙوئي فڪر دامن گير رهندو هو ته متان هو وري ٻيهر سنئون سڌو رومن انتظاميا جي زيردستيءَ ۾ نه هليا وڃن. غريب آزاد رومن شهري بک ۽ بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي پنهنجي اولاد کي ٻانهن طور وڪڻڻ لڳا هئا. انهيءَ رسم کي بند ڪرڻ لاءِ حڪومت جي طرف کان جاري ڪيل فرمان اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي.“
    انهيءَ صورتحال جو نتيجو هي نڪتو هو ته رومن شهرين کي سندس ئي حڪومت جي ظلمن کان آزادي ڏيارڻ جي عيوض ۾ غيرمهذب جرمن قبيلا ملڪي زمين جي 3/2 حصي تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. انهن جرمن قبيلن رومن شهرين جي قبضي ۾ آيل زمين جي ورهاست نياتي نظام هيٺ ڪئي هئي. جرمن فاتح قبيلا تعداد ۾ ٿورا هئا.انڪري زمينن کي ورهاست ڪري ڇڏڻ بعد به زمينن جون وڏيون وڏيون ايراضيون ورهاست ٿي وڃڻ کان بچي پيون هيون. جن مان ڪن ايراضين کي قومي ملڪيت طور ۽ ڪن ايراضين کي قبيلن ۽ نياتن جي گڏيل قبضي هيٺ رکيو ويو هو.چراگاهن ۽ ٻنين کي وري نياتن جي انفرادي ڪٽنبن ۽ هڪ جيترن ٽڪرن جي صورت ۾ ڪڻن وسيلي ورهاست ڪيو ويندو هو.
    اسان کي انهيءَ حقيقت جي ڪابه خبر پئجي نه سگهي آهي ته اها ورهاست ۽ ورهاست ۾ آيل زمينن جي وري نئين سر ورهاست انهيءَ ساڳئي ۽ هڪڙي موقعي تي ڪئي وئي هئي يا نه؟ پر هي هڪڙي ڳالهه بلڪل يقيني آهي ته انهيءَ ورهاست ڪرڻ جي عمل کي خاص رومن علائقن ۾ معطل رکيو ويو هو ۽ انفرادي طور تي ورهاست ۾ مليل زمين جو حصو هڪ منتقل ٿي سگهڻ واري ذاتي ملڪيت بنجي پيو هو. ٻيلن ۽ چراگاهن کي گڏيل طور تي استعمال ڪرڻ خاطر اڻ ورهاست ٿيل حالت ۾ رکيو ويو هو. ورهاست ڪيل زمينن،ٻيلن ۽ چراگاهن کي استعمال ڪرڻ جو طريقو وري به پراڻين قديم رسمن مطابق هلندو رهيو هو. جنهن ۾ سمورن جرمن قبيلن، نياتن ۽ راڄن جي مرضيءَ جو خيال رکيو ويندو هو. جيترو وقت به ڳوٺن ۾ نياتون قائم رهيون هيون ۽ ٻنهي رومن شهرين ۽ جرمن قبيلن پاڻ ۾ وقت جي گذرڻ سان گڏجي سڏجي وڃڻ شروع ڪري ڏنو هو. انڪري سندن تعلقات به مٽين مائٽين جي رشتي واري ڪردار کان ڦرندا ڦرندا، علائقائي ۽ ملڪي رشتن واري نوعيت جا ٿيندا ويا هئا ته مارڪ نظام وارن ڳوٺاڻن ۽ راڄن مان به نياتون ختم ٿينديون ويون هيون، پر ان هوندي به وٽن پنهنجن اصلوڪن مٽين مائٽين وارا اهڃاڻ اڃان به ڪافي انداز ۾ موجود رهجي ويا هئا.
    نياتي آئين ته گهٽ ۾گهٽ انهن ملڪن ۾ جتي مارڪ نظام وارا راڄ ۽ قبيلا اڃان سوڌو موجود رهجي ويا هئا. مثلن انگلينڊ،جرمني، فرانس جا اتريا علائقا، سويڊن، ناروي ۽ ڊينمارڪ ملڪن ۾ پاڻ کي علائقائي ۾ ضم ٿي وڃڻ جي لائق بنائڻ خاطر هڪ اڻ لکي نموني ۾ بدلائيندو تبديل ڪندو آيو هو. ان هوندي به نياتي آئين جيڪو فطري ۽ طبعي طور تي پنهنجي اصلوڪي ڪردار ۽ جمهوري نوعيت جو هوندو آهي ۽ جيڪو نياتي نظام جو هڪ خالص امتيازي نشان به هوندو آهي، اهو پنهنجي تنزل واري دور ۽ حالت جيڪا مٿس زوري مڙهيل هوندي آهي ۾ به پاڻ واري اصلوڪي آئين جي پچر ڦٽي نه ڪندو آهي. اهو ساڳيو نظام اڄ ڪلهه جي جديد دور ۾ به مظلومن جي هٿن ۾هڪ ڪارگر هٿيار طور ڪتب اچڻ لاءِ هڪيو خاضر رهندو آهي.
    نيات ۾ خون جي رشتن وارين مٽين مائٽين جي جلدي ختم ٿي وڃڻ جو مکيه ڪارڻ هن حقيقت ۾ سمايل هوندو آهي ته ڪنهن ڌاري قوم جي هٿان فتح ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾نه رڳو قبيلن جي اندر بلڪ سموري قوم ۽ سندن برسر اقتدار طبقن ۾ به اخلاقي ۽ انتظامي تنزل اچي ويندو آهي. اسان کي هن حقيقت جي ڀلي ڀت پروڙ آهي ته ڪنهن قوم جي هٿ ڌاري طاقت جي هٿان فتح ٿي وڃڻ جي ڪري انهيءَ مفتوح قوم جو نياتي نظام به سٽ جهلي نه سگهندو آهي. انهيءَ حقيقت کي اسين هتي هڪ وڏي پيماني تي عمل ۾ ايندي ڏسون ٿا.رومن سلطنت جي علائقن کي فتح ڪندڙ فاتح جرمن قومن کي پنهنجي فتح کي نون بنيادن تي منظم ڪرڻو پئجي ويو هو.
    مسئلو هي پيدا ٿي پيو هو ته فاتح جرمن قبائلي نظام نڪي رومن عوام جي اڪثريت کي پنهنجي نياتي نظام وسيلي پاڻ ۾ ضم ڪري سگهيو ٿي ۽ نه وري سندن مدد سان مٿن حڪومت هلائي سگهيو ٿي. مقامي رومن انتظامي جماعتون جيڪي شروعات کان وٺي عمل ڪنديون رهيون هيون، انهن جي سربراهي ڪرڻ جو ڪم، فقط رومن رياست واري جاءِ تي هڪ ٻئي نعم البدل جي طور تي هڪ نئين رياست کي وجود ۾ آڻڻ سان ئي پورو ٿي سگهيو ٿي.
    انهن تبديل ٿيل حالتن جي ڪري هينئر نيات جي بدن جي عضون کي رياست جي بدن جي عضون سان تبديل ڪرڻ جي ضرورت پيدا ٿي هئي ۽ انهيءَ ڪارروائيءَ کي تمام جلد ۽ تڪڙ سان پورو ڪرڻو به پئجي ويو هو.
    فاتح جرمن فوج جو سپه سالار قوم جو به پهريون ۽ مکيه عيوضي هو. مفتوح علائقن جي داخلي خواه خارجي سلامتي خاطر سندس اختيارن کي فوري طور تي وسعت ڏيڻ جي اشد ضرورت پيدا ٿي پئي هئي. ان ڪري هينئر جرمن فوج جي سپه سالار جي حيثيت کي تبديل ڪري کيس بادشاهه سلامت واري حيثيت ڏيڻ جو موزون وقت اچي سهڙيو هو، جنهن تي فوري طور تي عمل به ڪيو ويو.
    هينئر اچو ته فرانڪن واري بادشاهت ڏانهن ٿورو ڌيان ڏيون. فرانڪ وڏا خوشنصيب ثابت ٿيا هئا. جو کين نه رڳو رومن سلطنت جا وسيع علائقا هٿ اچي ويا هئا، پر زمينن جا تمام وسيع ٽڪرا جيڪي ڪنهن به ننڍي خواه وڏي نيات يا ڳوٺاڻي مارڪ کي ورهاست ۾ مليل نه هئا. خاص طور تي وڏا ٻيلاجيڪي پڻ سالين ناتي فاتح جرمن قبيلن کي بغير ڪن بندشن ۾ پيل ملڪيتن جي طور تي هٿ اچي ويا هئا. فرانڪن جي بادشاهه کي جيڪو هينئر هڪ فوجي سپه سالار مان ڦري هڪ سچو پچو بادشاهه بنجي ويو هو. کيس انهن بابت پهريون عمل هي ڪرڻو پئجي ويو هو ته هن پنهنجي نوڪرن چاڪرن، خدمت گارن ۽ فوج جي ننڍن عملدارن جو ٻيڙو، جيڪو اصل ۾ فقط سندن ذاتي ۽ خانگي فوجي نوڪرن ۽ فوج جي ننڍن آفيسرن مان ٺهيل هو، کي نوازڻ سولو ٿي پيو هو.
    انهيءَ نوڪر نوازيءَ جي شروعات رومن يعني انهن رومن قوميت وارن فرينچ نوڪرن چاڪرن ۽ ننڍن فوجي آفيسرن کي فوري طور تي جاگيرن طور زمينون ڏئي ڇڏڻ سان ڪئي هئي. اهي فرينچ نوڪر نه رڳو اڳواڻي ڪري سگهندا هئا. بلڪ تعليم جي حاصل هجڻ ۽ مقامي رومن ٻولين جي ڄاڻ ۽ ملڪي ادب ۽ قانون ۾ مهارت حاصل هجڻ جي ڪري، هينئر ٻانهن ۽ محض زمينن سان چهٽيل ڪڙمين ۽ آزاد شهرين مان ڦري سندس درٻار جا معزز درٻاري امير، وزير، آفيسر ۽ اعليٰ عملدار بنجي ويا هئا. بادشاهه انهيءَ طبقي مان پنهنجن منظور نظرن جو هڪ وڏو وفادار ٽولو تيار ڪري ورتو هو.
    فرانڪ بادشاهه پنهنجن سمورن نوڪرن چاڪرن ۽ عملدارن کي عوامي زمينن جون وڏيون ايراضيون بخشش طور عنايت ڪري ڇڏيون هيون. اهي عوامي زمينون پهريائين کين سندن ڪيل خدمت جي معاوضي طور عطا ڪيون ويون هيون، پر بعد ۾ انهيءَ خدمت ڪرڻ واري اصول ۽ لحاظ کي به نظرانداز ڪيو ويو هو. هينئر بادشاهه پنهنجي ڪنهن به منظورنظر نوڪر يا آفيسر کي بنا ڪنهن به خدمت جي عيوض ۾ پنهنجي ذاتي مرضي ۽ پسند تي جاگيرون ڏيڻ لڳو هو. شروعاتي دور ۾ اها جاگيرن جي بخشش فقط بادشاهه جي حياتي تائين محدود هوندي هئي. اهڙيءَ ريت اڳوڻي رومن سلطنت جي عوام جي حقن کي منسوخ ڪري هڪ ”جي حضور!“ اميرن جي طبقي کي پيدا ڪيو ويو هو.
    پر اها ڳالهه اتي به ختم نه ٿي، قديم نياتي نظام هيٺ ايڏي وڏي سلطنت تي قديم نياتي آئين هيٺ حڪمراني ڪري سگهڻ هڪ ناممڪن امر هو. رومن سلطنت جي علائقي جي دور دراز هجڻ جي ڪري، سردارن جي ڪائونسل کي جيڪا اڃان پوري طور تي ختم نه ٿي هئي. وقت بوقت گهرائي نه پئي سگهيو ويو. ان ڪري بادشاهه سندن جايون پنهنجي نوڪرن چاڪرن ۽آفيسرن جي عملي مان ڀرڻ شروع ڪري ڏنيون هيون. پراڻي عوامي اسيمبليءَ کي ننڍن فوجي آفيسرن ۽ نون پيدا ڪيل نوڪرشاهي جي ”جي حضوري!“ اميرن سان ڀري، سندس ظاهري شڪل ۽ صورت کي برقرار رکيو ويو ويو هو.
    ملڪ جي آبادگار طبقي جي حالت شهنشاهه شارليمن Charlemagne (758 کان 800) جي دور حڪومت ۾ فرانڪ جي عوام جي يعني زمينون رکڻ واري آزاد آبادگارن جي اڪثريت جن کي لاڳيتي خانه جنگين تباهه حال بنائي ڇڏيو هو، بلڪل ساڳي رومن سلطنت جي آخري تنزل جي دور واري بنجي چڪي هئي.
    نائين صدي عيسويءَ ۾ آبادگارن جو اهو طبقو جن مان اصل ۾ ملڪي فوج تيار ڪرڻ لاءِ سپاهي ۽ آفيسر ڀرتي ڪيا ويندا هئا، جن جو فرانڪن جي هٿان فتح ٿي وڃڻ وقت پڻ رومن فوجن ۾ به اهم حصو هوندو هو. ايتري قدر ته تباهه حال ٿي چڪو هو، جو انهن مان وڌ ۾ وڌ پنجون حصو قومي خدمتن ڪرڻ جي لائق رهجي ويو هو. انهن آبادگارن مان ڀرتي ڪيل فوج جنهن کي بادشاهه پاڻ سنئون سڌو گهرائي سگهندو هو. هينئر سندن جاءِ تي نئين پيدا ڪيل امير طبقي جي نوڪرن چاڪرن کي شاهي فوجن ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ طلب ڪيو وڃڻ لڳو هو امير طبقي جي نوڪرن چاڪرن ۽ اميرن جا ڪيترائي غريب ڪڙمي، هاري ناري جيڪي انهن آزاد آبادگارن جا اولاد هئا ۽ جيڪي بادشاهه جي ذات کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شخص کي پنهنجو مال تسليم نه ڪندا هئا ۽ سچ پچ ته هن کان اڳ ۾ سندن ٻيو مالڪ به ڪونه هوندو هو، کي ئي شاهي فوجن ۾ ڀرتي ڪيو ويندو هو.
    شارليمن جي اولاد بادشاهن جي دور حڪومتن خانه جنگين، شاهي خاندان جي ڪمزور ٿي وڃڻ، انهيءَ امير طبقي، جنهن جي شروعاتي نياتي نظام کي ختم ڪرڻ سان ڪئي وئي هئي ۽ سندن بنيادن کي شارليم پاڻ به پختو ڪري ويو هو ۽ جن کي سدائين پنهنجي عهدن کي مورثي بنائڻ جو فڪر دامنگير رهندو هو، سندن لوٽ کسوٽ، رشوت ستاني ۽ نارمن لوڪن جي لاڳيتن حملن گڏجي آبادگارن جي انهيءَ طبقي کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري شارليم جي مرڻ کان پوءِ فقط 0 5 سالن بعد فرانڪن جي اها عظيم سلطنت نارمن قبيلن جي حملن جي سامهون اهڙي بيوس ۽ مجبور بنجي ويئي هئي، جهڙيءَ ريت کانئن اڳ ۾ قديم رومن سلطنت خود فرانڪن جي سامهون بي وس ۽ مجبور ٿي پئي هئي.
    هي عظيم سلطنت به نه رڳو پنهنجن خارجي معاملن ۾ بيوس ۽ مجبور هئي، پر خود داخلي انتظام يعني سماجي فسادن ۽ جهيڙن جهڳڙن کي منهن ڏئي سگهڻ ۾ به ناڪام ثابت ٿي هئي. فرانڪ سلطنت جي آبادگار طبقي پاڻ کي سابق رومن رهائشي ڪڙمين واري ساڳي حالت ۾ ڦاٿل ڏٺو هو. ملڪ جي اندر خانه جنگين ۾ جاگيردارن ۽ نوڪرشاهي جي استحصال ۽ رشوت ستاني کان تنگ اچي کين عيسائي ڪليسا ۽ وڏن اميرن جو دست نگر بنجڻو پئجي ويو هو. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي بادشاهه ۾ سندن دستگيري ڪري سگهڻ جي ڪابه طاقت ۽ اهليت نه رهي هئي.
    گال جي سابق آبادگار طبقي وانگر کين به پنهنجن زمينن جي مالڪاڻي حقن کي تبديل ڪري کين پنهنجن نون سرپرست عيسائي پادرين ۽ اميرن جي حوالي ڪرڻو پئجي ويو هو. هينئر هو پنهنجي زمينن جا مالڪ نه پر انهن سرپرستن جا مفت ئي مفت ۽ خسيس ڪڙمي بنجي ويا هئا. کين سرپرست اميرن ۽ پادرين کي باقاعده طور تي ڍلون ۽ لوازمات ڏيڻ ۽ بيگرون ۽ خدمتون ڪرڻيون پئجي ويون هيون. انهيءَ مفت ۾گهري ورتل زيردستي کي قبول ڪرڻ بعد کين درجي بدرجي پنهنجي شخصي آزاديءَ تان به هٿ کڻڻو پئجي ويو هو. ٿورين ئي پيڙهين ۾ سندن حالت ڦري زمين سان چهٽيل ڪڙمي (سرف) واري بنجي ويئي هئي.
    اهو آزاد آبادگار طبقو ڪيترو جلد برباد ٿي ويو هو. انهيءَ ڪارستانيءَ جو رڪارڊ اڄ ڏينهن سوڌو سينٽ جرمين نالي ديول ۾ صحيح سلامت موجود آهي. اها ديول هن وقت پيرس شهر جي حدن اندر اچي وئي آهي. شارليم جي دور حڪومت ۾ خود انهيءَ ديول جي پنهنجي جاگير ۾ 2788 آبادگارن جا ڪٽنب جيڪي سمورا فرانڪ (جرمن) نالن وارا هئا، رهندا هئا. انهن ڪٽنبن مان 208 ڪٽنب رهائشي ڪڙمي، 35 ڪٽنب لٽي، 220 ڪٽنب ٻانها ۽ فقط 8 آزاد آبادگار ڪٽنب هئا. جن جي مورثي زمين جي کاتن کي ڦيرائي پنهنجن کاتن ۾ داخل ڪري ڇڏيو هو ۽ مالڪ آبادگارن کي محض سندن حياتين تائين ساڳين زمينن کي آباد ڪرڻ ۽ پيدائش کڻڻ جي اجازت ڏني وئي هئي.
    سالويانس (Salvianus)نالي پادري پنهنجي ڪتاب ۾ انهيءَ قبيح ماجرا ۽ رسم کي هڪ عظيم گناه سڏيو آهي. اها رسم ايتري قدر ته عام ٿي وئي هئي، جو خود عيسائي ڪليسا آبادگارن جي انهيءَ سرپرستيءَ کي قبول ڪرڻ سان انهيءَ عظيم گناه تي باقاعده طور تي عمل ڪندي آئي هئي. جاگيردارانه غلامي جيڪا هينئر وڌ ۾ وڌ رواج ۾ اچي چڪي هئي، رومن سلطنت جي Angoria انگوريا نموني واري بنجي ويئي آهي. اها رسم رياست جي زور زبردستي بيگر وٺڻ جي هڪ اهڙي نموني تي ٻڌل هوندي هئي، جهڙي نموني ۾حڪومت مارڪ جرمن ڳوٺاڻن کان پلون ۽ رستا وغيره ٺاهڻ لاءِ خدمتون يعني بيگرون وٺندي هئي. اهو ظالمانه ڪارنامو ان ڪري ٿيو هو ته 400 سالن جي عرصي جي گذري وڃڻ جي باوجود به ملڪي عوام جي غالب اڪثريت ظلم ۽ جمود جي انهيءَ ساڳئي نقطي تي بيٺل هئي، جنهن نقطي کان هنن شروعات ڪئي هئي.
    مٿي ذڪر ڪيل سموري حقيقت ٻه ڳالهيون ظاهر ڪري ٿي: 1- رومن سلطنت جي زوال واري دور ۾ رومن سماج جي طبقي وارانه درجه بندي ۽ ملڪيتن جي ورهاست انهيءَ دور جي زراعت ۽ صنعت جي پيداوار جيڪا ساڳي پراڻي درجي تي بيٺل هئي ۽ ان سان بلڪل ٺهڪي آئي ٿي، انڪري انهيءَ درجي کان ڀڄي جند ڇڏائي وڃڻ هڪ ناممڪن امر هوندو هو. 2- گذري ويل 400 سالن ۾ ملڪي پيداوار جو درجو بلڪل ئي نه وڌيو هو ۽ نه وري گهٽجي سگهيو هو. ان ڪري ملڪيتن جي ورهاست ڪرڻ ۽ عوام جي طبقاتي درجه بندي ڪرڻ واري ساڳئي قسم واري حالت پڻ اڃان سوڌو قائم رهندي آئي هئي. رومن سلطنت جي آخري صدين ۾ شهرن جي ٻهراڙين تي فوقيت بلڪل ختم ٿي چڪي هئي ۽ خود جرمن حڪومت وارين پهرين صدين ۾ به اها صورت حال تبديل ٿي نه سگهي هئي. اهڙيءَ صورت حال جي موجودگيءَ جي ڪري زراعت ۽ صنعت جي معيار جي گهٽ درجن جو به صحيح قياس ۽ واضح گمان ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ صورت حال جي عام ٿي پوڻ جي ڪري ٻنهي وڏن جاگيردار حڪمرانن ۽ ننڍن زيردست آبادگارن جو معاشري ۾ هڪ ئي وقت تي موجود هجڻ هڪ لازمي ۽ اڻ ٽر امر بنجي پيو هو. وڏيون رومن جاگيرون جيڪي ٻانهن جي پورهئي سان هلنديون هيون يا وڏيون زمينداريون جيڪي زمينن سان چهٽيل ڪڙمين جي پورهئي تي هلايون وينديون هيون، انهيءَ نظام کي ختم ڪري سندن جاين تي هڪ انصاف تي ٻڌل نظام کي رائج ڪرڻ هڪ ناممڪن امر بنجي پيو هو. اهڙو تجربو خود شارليمن پنهنجن وسيع جاگيرن تي به شروع ڪرايو هو پر انهيءَ تجربي مان ڪو خاص کڙ تيل نه نڪتو هو. ڪنهن به خاطر خواه نتيجي جو نڪرڻ ته پري رهيو پر خود تجربي جي وجود جو ڪو نام و نشان باقي نه رهيو هو. اهڙي قسم جا تجربا عيسائي ڪليسا به ڪندي رهي هئي. پر انهن مان حاصل ڪيل سمورو لاڀ ۽ نفعو آبادگارن جي بجاءِ پاڻ هڙپ ڪري ويندي هئي. آبادگار وري به ساڳيو ٺلهي جو ٺلهو خالي هٿين رهجي ويندو هو. ڪليسا جوادارو پنهنجي وجود ۽ اصليت ۾هڪ غيرفطري ادارو هو، جنهن جو بنياد مجرد ٿي ويهڻ تي قائم ڪيل هو. پر ويچارا آبادگار ته وڏن عيالن، زالن ۽ ٻارن وارا ڪٽنب هوندا هئا. ڪليسا جي پادرين ۽ زمينن جي حالت هن ڪري به غير معمولي قسم جي هوندي هئي ته سندن رهڻي ڪهڻي. خيالات ۽ نظريا به سندن اداري وانگرغيرفطري ۽ غيرمعمولي قسم جا هوندا هئا.
    اهڙين غيرمعمولي حالتن جي موجود هجڻ جي باوجود به گذريل چئن صدين ۾ ٿورو ڪي گهڻو سڌارو ضرور ٿيو هو. اسين شروعات ۾ پيدا ٿيل طبقن کي پوين دورن ۾به قائم حالت ۾ ڏسون ٿا. ان هوندي به انهن طبقن ۾ سمايل ماڻهن کي هڪ مختلف قسم جا انسان ڏسون ٿا. رومن ۽ جرمن معاشرن مان ٻانهن وارو پراڻو طبقو بلڪل ختم ٿي ويو هو. مفلس پر آزاد شهري جيڪي پورهئي ڪرڻ کي ٻانهپ، عار ۽ بدناموسي سمجهندا هئا، اهي پڻ ختم ٿي چڪا هئا. رومن رهائشي آبادگارن ۽ زمينن سان چهٽيل ڪڙمي طبقن جي وچ ۾ هڪ آزاد فرانڪ آبادگارن جو طبقو به موجود هو. ”بيڪار قسم جون يادگيريون ۽ بيهودي ڪشمڪش“ يعني تباهه شده رومن نياتون مري ختم ٿي چڪيون هيون.
    9 صدي عيسويءَ ۾ سماجي طبقن انهيءَ تنزل پذير تهذيب جي ڍير مان نه پر هڪ نئين طور تي پيدا ٿيندڙ معاشري ۾ جنم وٺڻ شروع ڪيو هو. انهيءَ نئين نسل جي مالڪن خواهه نوڪرن ۽ زيردستن جي سندن انهن پراڻن رومن بزرگن جدامدن واري نسل سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. خدمتگار آبادگار جيڪي قديم دورن کان وٺي فقط تنزل وارين حالتن ۾ رهندا آيا هئا ۽ طاقتور جاگيردارن جا هڪ ٻئي سان تعلقات هينئر ڦري خود طاقتور جاگيردارطبقي لاءِ تنزل واري حالت ڏانهن هلڻ لاءِ حالتن جي پيدا ڪرڻ لاءِ ابتدائي نقطو بنجي پيا هئا. اهو هڪڙوئي اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو واڌارو هو.
    گذري ويل 600 سالن وارو عرصو ڪيترو به کڻي غيرپيداوار ڏسڻ ۾ ڇو نه ايندو هجي، ان هوندي به اهو پنهنجي پويان هڪ وڏي پيداوار ڇڏي ويو هو ۽ اها پيداوار هئي يورپ جي سرزمين تي جديد قوميتن جو پيدا ٿيڻ، يعني ايندڙ مستقبل واري تاريخ جي لاءِ مغربي يورپي عوام جو نئين طور تي گروه بندي ڪري، تازو توانو ٿي اٿڻ جو عمل، حقيقت ته هي آهي ته انهن جرمن قومن يورپ جي معاشري کي هڪ نئين حياتي ۽ توانائي بخشي هئي. اهوئي سبب آهي ته جرمن اقتدار واري دور ۾ رياستن جي خاتمي هڪ طرف نورس Norse لوڪن ۽ ٻئي طرف يورپ کي عربن جي غلاميءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪابه وٿي ۽جاءِ خالي نه ڇڏي هئي. پر بادشاهن جي طرف کان جاگيردارانه نظام جي سرپرستي ۽ حفاظت ڪرڻ جي ڪري، يورپ جي مردم شماريءَ ۾ ايتري قدر ته اضافو ٿيو هو جو مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ صليبي جنگين ۾ ورهايل سموري خون جو هڪڙو به داغ ۽ معمولي ۾ معمولي اثر يورپي معاشري جي دامن تي موجود نظر نه آيو هو.
    ڀلا جرمن قومن انهيءَ مرندڙ يورپي معاشري جي بيمار جسم ۾ نئين خون ۽ توانائيءَ جي وجهڻ لاءِ ڪهڙي جادوءَ جو عمل ڪيو هو؟ ڇا اهو جرمن نسل ۾ سمايل لڪل خون جي جادو جو اثر هو؟ جيئن اسان جا جنگ باز مورخ حضرات ظاهر ڪندا رهن ٿا؟ نه هرگز نه! انهيءَ ۾ڪوبه شڪ نه آهي ته اهي جرمن قومون سمورين آرائي قبيلن ۾ وڌ ۾ وڌ اهليت رکندڙ قبيلا هئا. خاص طور تي انهن دورن ۾ جڏهن منجهن واڌاري ڪرڻ جو هڪ زوردار جذبو ۽ عمل پيدا ٿيو هو. اهي خصوصتيون سندن ڪي خاص قومي امتيازي ڪردار هرگز نه هيون، جن يورپ جي مرده لاش جي ڪايا پلٽ ڪئي هئي. بلڪ اها سندن سادي سودي غيرمهذبيت يعني سندن نياتي آئين جو هڪ لازوال معجزو هو.
    جرمن قوم جي ذاتي اهليت ۽ غيرمعمولي شجاعت سندن آزاديءَ سان پيار جو جذبو ۽ سندن جمهوري مزاج جنهن کين هر عوامي معاملي کي پنهنجو ذاتي معاملو ڪري سمجهڻ جو گڻ عطا ڪيو هو. پر رومن معاشري ۾ اهي سمورا گڻ ۽ اوصاف حميده مري ختم به ٿي چڪا هئا. اهي گڻ ۽ اوصاف ئي هوندا آهن، جن جي آڌار تي نيون رياستون وجود ۾ اينديون آهن. آخر اهو سڀ ڇا هو؟ان جو جواب هي آهي ته، اهي سڀ مٿاهين درجي واري غيرمهذبيت جا اهم ڪردار ۽ سندن نياتي آئين جا پيدا ڪيل ميوا هئا.
    انهن جرمن قبيلن جيڪڏهن قديم ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي اداري جي نوعيت کي ٿورو تبديل ڪري ڪٽنب اندر هڪ هلڪي قسم جي مردانه حڪومت قائم ڪئي هئي ته، ائين ڪرڻ سان هن عورتن کي هڪ اهڙي ته قسم جو مٿاهون درجو بخشيو هو، جنهن ڪلاسيڪي دنيا تصور به ڪري نه ٿي سگهي. اها ڪهڙي ڳالهه هئي جنهن کين ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو؟ اها سندن غيرمهذبيت ۽ نياتي ريتون رسمون هيون، جيڪي کين مادرانه حق کان وٺي ورثي ۾مليون هيون، نه هيون ته ٻيو وري ڇا هو؟
    جيڪڏهن ٽن مکيه ملڪن انگلينڊ، جرمني ۽ اتر فرانس ۾ اهو ساڳيو جاگيردارانه نظام، جيڪو مارڪ ڳوٺاڻين جماعتن ۾ هڪ صحيح ۽ سچي قسم جو آئين هو جيڪو کين وڌائي ويجهائي هڪ جاگيردارانه رياست جي شڪل ڏئي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. اهڙي ريت مظلوم طبقي يعني آبادگارن کي مقامي طور تي سندن هڪ ٻئي سان لاڳاپيل رهڻ جي ڪري خود ازمنه وسطيٰ جهڙين مشڪل ترين حالتن ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارائتو ذريعو ثابت ٿيو هو ۽ اهو ساڳيو ذريعو جيڪو نڪي قديم دور جي ٻانهن وٽ نه وري جديد دور جي پرولتار طبقي جي هٿن ۾ فوري طور تي استعمال ٿي سگهڻ لاءِ موجود رهندو آهي. ايجاد ڪيو هو. اهو سمورو عمل ڪيئن ٿي سگهيو هو؟ اهو سندن غير مهذبيت ۽ فقط غير مهذب طور تي نياتن جي صورت ۾ آباد ٿي وڃڻ جو نتيجو نه هو ته ٻيو وري ڇا هو؟
    آخر ۾ جيڪڏهن اهو نرم قسم جو خدمت وٺڻ جو انداز ۽ نمونو جنهن کي هو خود پنهنجن گهرن ۽ ڪٽنبن ۾ استعمال ڪندا رهيا هئا، جنهن هينئر خود رومن سلطنت ۾ ڦري ٻانهن جي رواج جي جاءِ والارڻ شروع ڪئي هئي. هڪ اهڙو ته ڪامياب نمونو ۽ عمل ڪرڻ جو انداز هو جنهن تي فوريئر جهڙي وڏي عالم ۽ مورخ به پهريون دفعو ايتري قدر زور ڏنو آهي. انهيءَ انداز ۽ نموني ئي مظلومن کي درجي بدرجي هڪ طبقي جي صورت ۾ آزاد ٿيڻ لاءِ هڪ ڪامياب ذريعو پيدا ڪري ڏنو هو ۽ انهيءَ لحاظ کان اهو مارڪ ڳوٺاڻن وارو نظام خالص ٻانهپ جي اداري کان گهڻو گهڻو اتم ۽ اعليٰ درجي جو به هوندو آهي. جيڪو ڪنهن مظلوم فرد کي ڪنهن وچين عبوري درجي جي غير موجودگيءَ ۾ به، هڪدم ٻانهپ مان آزاد ڪرڻ جي اجازت ڏيندو هو. (قديم دور ۾ کين هڪ ڪامياب انقلاب وسيلي ٻانهن جي اداري کي ختم ڪرڻ جي ڪابه خبر ڪانه هوندي هئي.) ان کي عام طور تي جاري ڪري ڇڏڻ جو حوصلو پڻ بخشيندو هجي ۽ ٻئي طرف ازمنه وسطيٰ واري دور ۾ زمينن سان چهٽيل غريب ڪڙمين هڪ طبقي جي صورت ۾ درجي بدرجي آزادي حاصل ڪئي هئي. اهو سمورو ڪارنامو ۽ حقيقت سندن غير مهذبيت جي ڪري ئي پيدا ٿي سگهي هئي. کين انهن سمورين ڪاميابين لاءِ غيرمهذبيت جو شڪرگذار رهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اها مصيبت ٻانهپ جي هڪ مڪمل اداري جي شڪل اختيار ڪري نه سگهي هئي. يعني انهيءَ ڪڙمت جي اداري قديم پورهيت يا ڪنهن مشرقي قسم جي گهرو ٻانهن جي صورت اختيارڪري نه سگهي هئي.
    توانائي ۽ زندگي بخش اڪثير جيڪو جرمن قومن رومن دنيا جي مرده لاش ۾ داخل ڪيو هو، سندس غير مهذبيت ئي هئي ۽ اصل حقيقت فقط هيءَ هوندي آهي ته جڏهن دنيا جو ڪو حصو بي وسي ۽ نامراديءَ جي حالت ۾ ڪنهن مرندڙ تهذيب جي ازدها جي وات ۾ پيل هوندو آهي ته فقط غير مهذب قومون ئي هونديون آهن جيڪي کين وري نئين سر زندگي بخشي سگهڻ جي اهليت رکنديون آهن. جڏهن جرمن قومون پنهنجي جڳ مشهور هجرتن جي دور مان گذري رهيون هيون ته انهيءَ دور ۾ اهي قومون غير مذهبيت جي اعليٰ ترين درجي تي پهتل هيون. بيشڪ اهڙن عظيم ڪارنامن جي دورن ۾ عمل ڪرڻ لاءِ، اها حالت ئي موزون ترين حالت هوندي آهي. سندن اهو هجرتن جي دور مان ڪاميابيءَ سان نڪري پار پوڻ جو عمل ئي اڪيلي سر سموري ڳالهه کي سمجهائي سگهڻ لاءِ هڪ ڪافي دليلآهي.


    غيرمهذبيت ۽ تهذيب

    مون نياتي نظام جي خاتمي کي ٽن جدا جدا مثالن وسيلي سمجهايو آهي. اهي مثال آهن: 1- يوناني، 2- رومن ۽ 3- جرمن في مون. پڇاڙيءَ ۾ آءٌ انهن اقتصادي عوامل جن غير مهذبيت جي مٿاهين درجي ۾ رهندڙ معاشرن جي نياتن نظامن کي کوکلو بنائي ڇڏيو هو ۽ کين تهذيب جي آمد به مڪمل طور تي ختم به ڪري ڇڏيو هو، جي کوجنا ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بحث ڪندس ۽ مزيد موزون ۽ ڪارائتا دليل پيش ڪندس. انهيءَ عمل کي سمجهڻ لاءِ مارڪس جو ڪتاب داس ڪيپيٽل به مارگن جي ڪتاب جهڙوئي مفيد ۽ ڪارآمد ڪتاب آهي نيات جي اداري پنهنجي عروج، وحشي دور جي وچولي درجي مان ڦٽي سندس مٿاهين درجي کان ارتقا ڪندي حاصل ڪيو هو. غير مهذبيت جي اوائلي دور لاءِ ڪنهن فيصلي ڪرڻ لاءِ اسان جا معلوماتي ذريعا پنهنجن ممڪن حدن تائين اسان جي مدد ڪن ٿا. اسين انهيءَ ئي درجي کي هڪ بنياد بنائي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ لاءِ پنهنجي بحث جو آغاز ڪريون ٿا.
    انهيءَ درجي جي سمجهڻ لاءِ اسان وٽ ايروڪواس قبيلن جو زنده مثال موجود آهي. جنهن ۾ اسين ڏسون ٿا ته انهيءَ معاشري ۾ نياتي نظام مڪمل طور تي ارتقا ڪندي پنهنجن قدرتي حدن تائين پهچي چڪو هو. اهو قبيلو ڪيترين ئي نياتن ۾ ورهايل هوندو هو پر اصل ۾ اهو قبيلو گهڻو ڪري ٻن مکيه نياتن ۾ ورهايل هوندو هو. قبيلي جي مردم شماري جي وڌي وڃڻ جي ڪري ٻنهي بنيادي يا اصلوڪين نياتن ڪيترن ئي ڌيئر نياتن کي جنم ڏنو هو. جنهن جي ڪري مادر نيات خود ڦري هڪ جدا برادري جي صورت اختيار ڪئي هئي. اهو سلسلو وڌندو وڌندو اچي انهيءَ منزل تي پهچي ٿو جتي خود اصلوڪي قبيلي مان نه رڳو نياتون ۽ برادريون پر خود نوان قبيلا ڦٽي نڪرن ٿا. جن مان اسين هرهڪ قبيلي اندر پراڻين مادر نياتن کي وري به صحيح سلامت حالت ۾ موجود ڏسون ٿا. ڪن حالتن ۾ وري قبائلي وفاق سمورن مائٽ قبيلن کي پاڻ ۾ ملايو گڏايو متحد ڪيو بيٺو هوندو آهي. اهو سادو سودو نظام انهن سماجي حالتن ۾، جن مان هو پاڻ ڦٽي نڪتو هو، لاءِ بلڪل موزون ۽ ڪافي هوندو آهي. اهڙيءَ طور ۽ طريقي تي منظم ڪيل معاشري لاءِ داخلي جهيڙن جهڳڙن جي فيصلي ڪري سگهڻ لاءِ انهيءَ قدرتي طور تي گروه بندي ڪرڻ کان وڌيڪ وٽن ٻي ڪابه نئين شيءِ پيدا ٿي نه ٿي سگهي.
    خارجي قسم جي معاملن مثلن ڌارين قبيلن سان جهيڙن جهڳڙن جو فيصلو فقط جنگ وسيلي ئي ڪيو ويندو هو. جنهن ۾ مفتوح قبيلو فاتح قبيلي جي آڻ مڃي زيردست بنجي رهڻ جي بجاءِ بلڪل نيست ۽نابود ٿي ويندو هو. يعني مفتوح قبيلي جو قبيلو ئي فاتح قبيلي جي هٿان مارجي ختم ٿي ويندو هو. نياتي معاشري ۽ نظام جو شان ۽ شوڪت ۽ سندس نظام واريون سرحدون ايتري قدر ته سوڙهيون هونديون هيون جو ٻنهي حاڪم ۽ محڪوم جي پاڻ ۾ گڏجي رهڻ لاءِ وٽس ڪابه جاءِ موجود نه هوندي هئي. يعني معاشري جا سمورا فرد حاڪم خواه محڪوم (مکي ۽ راڄ) پاڻ ۾ مساوي درجو رکندا هئا. داخلي طور تي حقن ۽ فرضن جي وچ ۾ ڪوبه فرق پيدا نه ٿيو هو.
    ڪنهن آمريڪي انڊين قبيلي جي ڪنهن به فرد لاءِ هن حقيقت جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ته عوامي قسم جي معاملن ۾ بهرو وٺڻ، خون جو پلاند وٺڻ،زخمي شخصن لاءِ مخالفن کان معاوضي جي گهر ڪرڻ، سندس نظرن ۾ سندس حق هو يا مٿس فرض هو، ڪنهن به محنت ۽ مغز ماري ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه هوندي هئي. اهي سمورا اعمال سندس ذهن لاءِ ائين ئي هئا ڄڻ کائڻ پيئڻ، زال سان سمهڻ، ننڊڪرڻ،شڪار ڪرڻ وغيره ۽ نه وري ڪنهن قبيلي جي نيات ۾ڪي نوان سماجي طبقا ئي پيدا ٿيا هئا.کيس اهڙي نظام جي اقتصادي بنيادن کي ڳولي لهڻ لاءِ انهيءَ ڄاڻ رکڻ جي ڪابه ضرورت نه پوندي هئي ته هي سمورا اعمال حق آهن يا فرض يا جوابداريون آهن، انهيءَ امر جي وضاحت ڪرڻ لاءِ اسان کي وڌيڪ کوجنا ڪرڻي پوندي.
    آمريڪي انڊين قبيلن جي مردم شماري تمام گهٽ هوندي هئي.سندن ڳوڙهائي فقط انهن جاين تي هوندي هئي، جتي قبيلي جي دائمي رهائش هوندي هئي. جنهن جي چوگرد شڪار ڪرڻ لاءِ وڏا ۽ ويڪرا علائقا موجود هوندا هئا. جن کي ٻئي قبيلي جي علائقن کان ڌار رکڻ لاءِ حدبندي ۽ سرحدن طور ڏيکارڻ لاءِ ٻيلن کي سرحدن طور سمجهيو ويندو هو.
    پورهئي جي ورهاست به سادي سودي قدرتي طور يعني فقط ٻن انساني صنفن ۾ ڪيل هوندي هئي. يعني مرد ۽ عورتون. مردن جو ڪم هوندو هو شڪار ڪري گهر کڻي اچڻ، مڇي مارڻ، جنگ ڪرڻ، کاڌي لاءِ ڪچو مال مهيا ڪرڻ، انهن ڪمن لاءِ ضروري اوزار ۽ هٿيار ٺاهڻ وغيره ۽ عورتن جا ڪم هوندا هئا گهر سنڀالڻ، کاڌو تيار ڪرڻ، ڪپڙا اڻڻ، سبڻ، ڌوئڻ، ماني ٽڪي پچائڻ، مردن ۽ اولاد جي خدمت ڪرڻ وغيره. ٻئي ڌريون پنهنجن پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ خود مختيار هونديون هيون. مرد ٻيلن،شڪار گاهن،درياهن، ڍنڍن، ميدانن صحرائن، هٿيارن پنهوارن ۽ اوزارن وغيره جامالڪ ۽ ڌڻي هوندا هئا ۽ عورتون گهرن جون ڌياڻيون هونديون هيون. پنهنجن پنهنجن ڪمن ۽ ڌنڌن لاءِ ڪتب ايندڙ اوزار انهن جي ڪم آڻيندڙ جي ملڪيت هوندا هئا. هٿيار پنهوار نيزا ۽ ڀالا، گز ۽ ڪمانون، مڇي مارڻ جون ڄاريون، ڪنڊيون ۽ ڪلوڙا، ٻيڙيون ۽ تبيلا مردن جي ملڪيت هوندا هئا ۽ گهرو سامان ائٽ ۽ اوبڻا، چڪلا ۽ آتڻ، هنڌ ۽ بسترا، ٿانو ۽ ٿپا عورتن جي ملڪيت هوندا هئا.
    ڪٽنب اشتراڪي بنيادن تي هلندو هو. هر ڪٽنب ۾ ڪيتريون ئي آڪهيون شامل هونديون هيون. هو جيڪي ڪجهه پاڻ ۾ گڏجي پيدا ڪندا هئا، پاڻ ۾ گڏجي ونڊي ورهائي کائيندا هئا.سموري ڪٽنب جي ملڪيت گڏيل هوندي هئي. گهر باغ واڙيون، ٻيڙيون ۽ بتيلا به گڏيل ملڪيت هوندا هئا،انهيءَ منزل تي پهچڻ کان پوءِ اسان کي ”ڪمايل ملڪيت“ جو تصور ملي ٿو. جنهن لاءِ قانون سازن ۽ اقتصاديات جي ماهرن نسورو ڪوڙ ڳالهائي، مهذب معاشري ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو آهي. اهو آخري قانوني بهانو آهي، جنهن تي جديد سرمائيدارانه ملڪيت جي ماڙي جي پيڙهه ٻڌي ويئي آهي.
    پر حضرت انسان هر هنڌ ۽ هر دور ۾ هڪ ۽ ساڳي درجي تي قائم نه رهيو آهي. کيس ايشيا کنڊ ۾ اهڙا جانور هٿ اچي ويا هئا، جن کي هن هيرائي ميرائي گهرو جانور بنائي ڇڏيو هو. اهي جانور سندن گهرو قيد خاني ۾ خوب وڌيا ويجها هئا. وٽس شڪار ڪري کائڻ لاءِ جهنگلي مينهن جهڙو وڏو جانور به موجود هو. گهرو ڳئون سال بسال هڪ ڦر ڏيندي هئي ۽ ان سان گڏ کير به ڏيندي هئي. انهن جانورن کي گهرو بنائڻ ۾ مکيه قبيلا آريه، سامي ۽ توراني ٻين قديم قبيلن کان زور هوندا هئا.
    اڳتي هلي مالن جا ڌڻ ڌارڻ، کين چارڻ، پيارڻ ۽ نپائڻ ڦري سندن مکيه پيشو بنجي پيو هو. انهن ڌنار قومن پاڻ کي ٻين غير مهذب قبيلن کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو هو. پورهئي جي هي پهرين عظيم تر ورهاست هئي. اهي ڌنار قبيلا ٻين غير مهذب قبيلن جي ڀيٽ ۾ نه رڳو کاڌي پيتي جون وڌيڪ شيون پيدا ڪرڻ لڳا هئا، بلڪ هنن کاڌي جا ڪيترائي نوان قسم ۽ نمونا تيار ڪرڻ به سکي ورتا هئا. ٻين قبيلن جي ڀيٽ ۾ وٽن نه رڳو کير، کير مان ٺهيل شيون، مکڻ.ڏڌ، پنير ۽ گوشت وغيره گهڻي مقدار ۾موجود هوندا هئا. پر وٽن کلون، پشم ڏاس ۽ ملس ۽ انهن مان ٺهيل ڪپڙو، کٿا، فراسيون، توبرا، بچڪا، بسترا ۽ اوزار وغيره پڻ هر دم موجود رهندا هئا. جيڪي انهن شين ۽ مال جي وڌڻ سان استعمال ٿيڻ لاءِ خودبخود وڌي ويا هئا. شين جي وڌي وڃڻ جي ڪري پورهئي جي هڪ نئين صورت عبوري قسم جي ورهاست به عمل ۾ اچي ويئي هئي.
    ان ڪري اسان کي ڪيترين جاين تي پٿر جي اوزارن ٺاهڻ جا ڪارخانا پڻ مليا آهن. ڪاريگر جيڪي انهن ڪارخانن ۾ سانده ڪم ڪرڻ جي ڪري وڏا ماهر هنرمند بنجي ويا هئا پاڻ ۾ گڏجي، شايد سموري قبيلي لاءِ ڪم ڪندا هئا. انهيءَ صورتحال جي پيدا ٿيڻ هڪ دائمي پيشه ور ڪاريگرن جي طبقي کي پيدا ڪيو هو. اهو ساڳيو نظام اڄ به آمريڪي انڊين نياتن ۾ صحيح سلامت موجود آهي. انهيءَ دور ۾ مٽا سٽا فقط قبيلي جي حدن جي اندر هلندي هئي. پر اها حالت ورلي پيدا ٿيندي هئي. ڌنار قومن جي مستحڪم ٿي وڃڻ بعد ئي اسان کي مختلف قبيلن جي فردن جي وچ ۾ مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ موزون حالتون نظر اچن ٿيون. انهن حالتن اڳتي هلي، ترقي ڪري مستحڪم ٿي، هڪ منظم اداري جي صورت اختيار ڪئي هئي.
    شروعاتي دورن ۾ فقط هڪ قبيلو ٻئي قبيلي سان پنهنجي نيات جي نيڪ مرد يا مکي جي معرفت مٽا سٽا ڪندو هو. پر جڏهن مختلف ڌڻ جدا جدا ملڪيتون ليکجڻ لڳا هئا ته فردن جي وچ ۾ مٽا سٽا ڪرڻ جو رواج به پئجي ويو هو. انهيءَ رواج اڳتي هلي هڪ مستقل اداري جي صورت اختيار ڪئي هئي. وڏي ۾ وڏي ۽ مکيه ۾ مکيه شيءِ جيڪا ڌنار قبيلا پنهنجن پاڙيسري قبيلن کي آڇيندا هئا، اهي هئا گهرو جانور، ان ڪري گهرو جانورن ڦري خام مال جي صورت اختيار ڪئي هئي. جنهن کي مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ هڪ ”نمونو“ بنائي سندن عيوض ۽ ٻيون ضرورت جون شيون حاصل ڪيون وينديون هيون. ان ڪري مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ هر هنڌ ۽ هر وقت سندن (گهرو جانورن جي) طلب ٿيڻ لڳي هئي. جيڪو ڪم اڄوڪي دور ۾ سڪو ڪري ٿو، اهو ساڳيو ڪم قديم دور ۾ چوپايو مال ڏيڻ لڳو هو. يعني انهيءَ دور ۾ چوپايو مال سڪي طور تي رائج هو. مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ چوپائي مال جي عيوض ۽ سڪي جي فوري طور تي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي هئي.
    ايشيائي قومن کي شايد سندن شروعاتي دور ۾ باغن پوکڻ جي رواج جي ڪابه خبر نه هوندي هئي، پر آخرڪار منجهن اهو رواج به شروع ٿي ويو هو.اهو وحشاني دور جو وچولو درجو هو. جنهن اڳتي هلي زراعت جي هنر کي ايجاد ڪيو هو. توران جي جابلو علائقن ۾ آب و هوا اهڙي قسم جي هوندي آهي جو مال جي چاري جي کوٽ يا اڻهوند ۾ ڌڻ ڌارڻ ناممڪن بنجي پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته سياري ۽ برف باريءَ جي ڪري انهن ملڪن جي آب و هوا ٻنهي ماڻهن توڙي چوپائي مال جي برداشت ڪري سگهڻ کان مٿي چڙهي وڃي ٿي. انڪري مال جي چاري جي حاصل ڪرڻ لاءِ ميدانن تي گاهه ۽ اناج کي پيدا ڪرڻ (پوکڻ) جي سخت ضرورت پوي ٿي.
    ساڳي حالت بحر اسود جي آس پاس جي ملڪن ۾ به موجود هوندي آهي. جڏهن مال جي چاري خاطر اناج کي پوکي پيدا ڪيو ويو هو ته خود چوپائي مال جي مالڪ حضرت انسان به ڪڻڪ جو داڻو چکيو ۽ جلدي ان جي کائڻ جو عادي به ٿي پيو هو. انڪري هينئر ان اناجن کي پوکي پيدا ڪرڻ، ٻنهي گهرو جانورن توڙي سندن مالڪن لاءِ ضروري بنجي پيو هو. آباديءَ هيٺ آيل سموري زمين اڃان به قبيلي جي گڏيل ملڪيت رهي هئي. سموري آبادي لائق زمين سموري نيات جي حوالي هوندي هئي. نيات وري ان کي سندن ضرورتن جي پورائي ڪرڻ لاءِ ڪٽنبن ۾ ورهاست ڪندي هئي ۽ آخرڪار اڳتي هلي ڪٽنبن جي فردن ۾، انهن ڪٽنبن کي زمين تي فقط قبضي جو حق حاصل هوندو هو ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به نه!
    انهيءَ درجي تي پهچڻ بعد صنعت جي ميدان ۾ به وڏيون ايجادون ڪيون ويون، پهريائين ايجاد هئي،چرخو ۽ آڏاڻو ۽ ٻي هئي کاڻيون کوٽي ڌاتو هٿ ڪرڻ. ڌاتن ۾ ٽامو ۽ قلعي سڀني کان اڳ ۾ هٿ آيا هئا. ان ڪري کين پاڻ ۾ ملائي ڪنجهو Bronze ٺاهيو ويو هو. جنهن مان ٿانون ٿپا، هٿيار پنهوار، هرن جون چونيون، ڪوڏرون، ڪهاڙيون، تلوارون، خنجر، نيزا، ڀالا ۽ ٻيا اوزار ٺاهيا ويا هئا ۽ چرخي ۽ آڏاڻي تي ڪپڙو اڻجڻ ۽ ٺهڻ لڳو هو. پر ڪنجهي مان ٺهيل اوزار ۽ گهرو سامان پٿرن مان ٺهيل اوزارن کي ختم ڪري سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا هئا. پٿرن جي اوزارن واري جاءِ فقط ۽ فقط لوهه ئي ڀري سگهيو ٿي. جيڪو انسان ذات اڃان دستياب ڪري نه سگهي هئي، پر انهيءَ دور ۾ سون ۽ چاندي جي زيورن ۽ ٿانون جو استعمال عام ٿي چڪو هو. انهيءَ دور ۾ به سون ۽ چاندي جي قيمت ۽ اهميت ڪنجهي ۽ پتل کان سرس هوندي هئي.
    پيداوار جي سمورن شعبن ۾ ترقي ۽ واڌاري خاص طور تي زراعت، ڌڻن جي پالڻ، گهريلو هنرن وغيره جي گڏجي ترقي ڪرڻ انساني پورهئي کي پنهنجي کاڌ و خوراڪ ۽ پوشاڪ جي ضرورتن کان وڌيڪ پيداوار ڪرڻ تي همٿايو هو. انهيءَ ساڳئي شوق وڏن ڪٽنبن، نياتن ۽ خود هڪ آڪهه جي ڀاتين جي روزمره جي ڪمن کي تمام وڌائي ڇڏيو هو. انڪري معاشري ۾ به وڌ ۾ وڌ پورهيتن ۽ ڪاريگرن جي ضرورت پيدا ٿي پئي هئي. انهيءَ نئين پيدا ٿيل ضرورت ئي جنگ ۾ هٿ آيل قيدين کي ٻانها بنائي کانئن پورهيو ڪرائي پورو ڪيو وڃڻ لڳو هو.
    اهڙين عام تاريخي حالتن جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري، پورهيتن جي وسيلي پيداوار يعني دولت کي وڌائڻ ۽ پيداوار جي ميدان کي وسيع تر ڪرڻ خاطر پورهئي جي ٽيون نمبر عظيم ورهاست کي عمل ۾ آندو ويو هو. انهيءَ ورهاست کي عمل ۾ آڻيندي ئي ٻانهن رکڻ جو رواج به ساڻس گڏيو آيو هو. پورهئي جي انهيءَ عظيم ورهاست خود معاشري کي به ٻن وڏن طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. يعني هڪڙا انسان مالڪ ۽ ٻيا ساڳيائي انسان سندن ٻانها بنجي پيا هئا. يعني هڪڙا ڦورو ۽ ٻيا ڦريل يا هڪڙا ظالم ۽ ٻيا مظلوم بنجي پيا هئا.
    مال جي ڌڻن جي قبيلي ۽ نيات جي گڏيل ملڪيت هجڻ واري حيثيت جي تبديل ٿي، ڪٽنبن جي سربراهن جي ملڪيت بنجي پوڻ وارو عمل ڪيئن ۽ ڪڏهن شروع ٿيو هو؟ ان بابت اسان کي اڄ ڏينهن سوڌو ڪابه پڪي خبر نه پئجي سگهي آهي. پر اسين ڀلي ڀت صحيح گمان ۽ قياس ڪري سگهون ٿا ته اهو عمل ضرور انهيءَ دور ۽ درجي ۾ ئي شروع ٿي سگهيو هوندو، جڏهن انهن ڌڻن ۽ ٻين دولت جي وسيلن پاڻ ۾گڏجي خود ڪٽنب جي سرشتي ۾ انقلابي ڦيرو آڻي ڇڏيو هوندو.رزق ۽ روزگار کي پيدا ڪرڻ ازل کان وٺي انسان ذات جو مکيه ۾ مکيه پيشو ٿي رهيو آهي. هو پاڻ انهن ذريعن ۽ وسيلن کي پيدا ڪندو ۽ پاڻ ئي سندن مالڪ به رهندو آيو آهي
    هينئر مال مالن جا ڌڻ ڌارڻ سندن روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئون اهم ذريعو بنجي پيو هو. ڪن جانورن کي گهرو بنائڻ ۽ بعد ۾ کين پالڻ ڦري سندس مکيه ذريعه معاش ۽ ڌنڌو بنجي چڪو هو. انڪري هو به انهن ڌڻن کي ذاتي ملڪيت طور ڌارڻ ۽ رکڻ لڳو هو ۽ سندن مٽا سٽا ڪرڻ وسيلي ٻانها ۽ ٻيو خام مال حاصل ڪرڻ لڳو هو. انهيءَ دور ۾ پهچڻ زائد پيدا ٿيندڙ پيداوار به مرد جي حصي ۾اچڻ شروع ٿي وئي هئي. عورت فقط ساڻس گڏجي يعني فقط ان جو ڦل کائڻ لڳي هئي. پر ان جي مالڪي ۾عورت جو ڪوبه حصو نه هوندو هو. انهيءَ هوندي به وحشي دور وارو جنگي جوان ۽ شڪاري گهر جي لوڙهي اندر عورت جي مقابلي ۾ ٻئي نمبر واري حيثيت تي رهڻ تي قازع ۽ شاڪر رهندو هو. ان ڪري هو هميشه پنهنجي ساٿي عورت کي بهتر نصف سمجهندي کيس پاڻ تي فوقيت ڏيندو هو، پر سندس ڀيٽ ۾ نرم طبع ڌنار اڳتي هلي پنهنجي دولت ۽ ڌڻن جي ملڪيت جي آڌار تي پاڻ کي گهر جي لوڙهي اندر به پهرين نمبر واري سماجي حيثيت ڏئي ڇڏي هئي ۽ پنهنجي ساٿي عورت کي ٻئي نمبر واري سماجي حيثيت جي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو.
    انهيءَ ڳالهه تي خود عورت به ڪو اعتراض نه ڪري سگهي هئي. ڇاڪاڻ ته مرد ملڪيت سان گڏجي واڌو بنجي ويو هو ۽ عورت ملڪيت کان محروم ٿي گهر جي لوڙهي اندر به ڪاٽو جو انگ بنجي ويئي هئي. پورهئي جي انهيءَ نئين ورهاست ڪٽنب جي اندر به مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ملڪيت جي ورهاست کي به پوري ريت منظم ڪري ڇڏيو هو. ان هوندي به پورهئي جي ورهاست ۾ ڪو خاص وڏو فرق پيدا ٿي نه سگهيو هو، پر ان جي باوجود به انهيءَ هڪڙي ئي عمل سابق گهرو(ازدواجي) ۽ سماجي تعلقاتن کي اٿلائي ابتو ڪري ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته ڪٽنب يعني گهر کان ٻاهر پورهئي جي ورهاست جي نوعيت بلڪل بدلجي چڪي هئي.
    اهو ساڳيو سبب جنهن عورت کي گهر جي لوڙهي اندر محدود ڪري ڇڏڻ بعد هينئر مرد کي خود گهر جي لوڙهي اندر به مٿس مستقل طور تي بالادست بنائي ڇڏيو هو ۽ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ مرد جي مقابلي عورت واري گهرو ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪابه سماجي حيثيت ۽ اهميت باقي نه رهي هئي. مرد ڄڻ ته ”هر شيءِ تي بنسي پيو هو ۽ عورت ڪابه شيءِ نه“ رهي هئي.
    انهيءَ مقام تي پهچندي اسين ڏسون ٿا ته، عورتن جو آزاد رهڻ ۽ مردن سان مساوي حيثيت رکڻ هڪ ناممڪن امر بنجي پيو هو. اها عدم مساوات اوستائين قائم رهندي ايندي، جيستائين ڪه عورت کي سماجي طور تي پيداوار واري عمل ڪرڻ کان ٻاهر رکيو ويندو. عورت جي پورهئي ۽ عمل جي نوعيت سماجي ۽ عوامي نه پر ذاتي ۽ خانگي قسم جي هوندي آهي. عورت جي آزادي کي عمل ۾ آڻڻ فقط تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن کيس سماجي ۽ عوامي طور تي وڏي پيماني تي پيداوار جي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ ڏنو ويندو. ۽ گهروفرضن سندس ٿوري ۾ ٿورو وقت ۽ توجه ڏيڻ لائق ٿيندا. اهو امر فقط تڏهن ئي عمل ۾ اچي سگهندو جڏهن فقط وڏي پيماني تي جديد صنعت جي موجود هجڻ جي نتيجي ۾، جيڪا نه رڳو عورتن جي وڏي ۾ وڏي تعداد کي پيداوار ۾ بهري وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿي، پر سچ پچ سندن خدمتن جي طلب به ڪندي رهي ٿي ۽ اهو هڪڙو ئي عمل گهرو قسم جي ڪمن ڪارين کي پڻ خودبخود عوامي قسم وارن ڪمن ڪارين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.
    مردن ٻاهرين دنيا ۾ حقيقي بالادستي حاصل ڪرڻ کان پوءِ گهرن جي لوڙهن ۽ چوديوارين اندر به مطلق العنان بنجڻ لاءِ، باقي رهيل کهيل سماجي بندشن کي به وڏي سولائيءَ سان هٽائي ڇڏيو هو. انساني معاشري ۾ مادرانه حق جي خاتمي ۽ پدرانه حق جي اجرا ۽ قيام ۽ درجي بدرجي ”جفتي ڪٽنب“ مان ارتقا ڪندي ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري درجي تائين پهچڻ واري ڪارروائيءَ ۾ مرد جي انهيءَ عمل پراڻي نيات جي قلعي جي ديوارن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا.”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو نئون سماجي ادارو ايتري قدر ته طاقتور بڻجي چڪو هو، جو هو خود نيات جي اداري جي خلاف هڪ خطرو بنجي نڪري نروار ٿي بيهي رهيو هو.
    انساني معاشري جي ارتقا ۾ اسان جو هر ٻيو قدم، اسان کي غير مهذبيت جي وڌيڪ اوچي درجي تي آڻي بيهاري ٿو ۽ هي اهو درجو هوندو آهي، جنهن منجهان دنيا جون سموريون مهذب قومون پنهنجن سورمائي دورن ۾ گذري چڪيون آهن. اهو دور نه رڳو لوهي تلوار جو دور هوندو آهي، بلڪ هر جي چوني، ڪوڏر ۽ ڪهاڙيءَ جو به دور هوندو آهي. انهيءَ درجي تي پهچي حضرت انسان لوهه کي پنهنجو نوڪر ۽ خدمتگار بنائي سگهيو هو. اهي سمورا ڌاتو جن انساني تاريخ ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن ۾ لوهه سمورن ڌاتن کان آخر ۾ ڳولي لڌل اهم ترين ڌاتو آهي. جنهن جي هٿ اچڻ بعد انسان فقط پٽاٽي جهڙي اهم ۽ ضروري شيءِ کي ڳولي لڌو هو. وڏي پيماني تي زراعت ڪرڻ کي لوهه ئي ممڪن بنائي ڇڏيو آهي. سندس ئي مدد سان انسان وڏن وڏن ٻيلن ۽ جهنگن کي وڍي زراعت ڪرڻ لاءِ ٻنيون تيار ڪري سگهيو هو.
    ڪاريگرن کي پڻ پنهنجن اوزارن جي ٺاهڻ لاءِ هڪ اهڙي قسم جو قيمتي ڌاتو دستياب ٿيو هو جنهن جي سختي ۽ ديرپائي ۾ پٿر ته ڪجا خود ٻيو ڪوبه لڌل ڌاتو ساڻس مقابلو ڪري نه ٿي سگهيو. پر اهي سمورا ڪارناما هڪدم نه پر درجي بدرجي ٿيا هئا. پهريون لڌل لوهه ڪنجهي کان به وڌيڪ نرم قسم جو هوندو هو. ان ڪري پٿرن جي اوزارن جو استعمال به آهستي آهستي يعني درجي بدرجي ختم ٿيندو ويو هو. ميدان جنگ تي پٿر جي ڪهاڙين جي استعمال ڪرڻ جو ذڪر مذڪور اسان کي نه رڳو هلڊي برانڊ وارن شاعرن جي ڪلام ۾ ملي ٿو پر خود 1066ع ۾ هيسٽنگس جي جنگ جي احوال ۾ به ملي ٿو. پر ترقي ڪرڻ جي انهيءَ رفتار کي ڪوبه شخص يا ادارو روڪي نه ٿي سگهيو.سندس وهڪرو تمام تيز ٿي ويو هو. انڪري ڪير به سندس مقابلو ڪري نه ٿي سگهيو. پٿرن ۽ پڪين سرن سان ٺهيل گهرن وارا شهر جن جي چوگرد برجن ۽ مورچن واريون عالم پناهون ڏنل هونديون هيون، قبيلن يا قبيلن جي وفاقن جا مرڪز هوندا هئا. انهن شهرن جي وجود مان اسان کي عمارت سازيءَ جي فن جي ترقي ڪرڻ جا ثبوت ته برابر ملن ٿا، پر انهيءَ ساڳي عمارت سازيءَ جي فن جي ارتقا مان اسان کي ساڳئي وقت تي ڪن وڏن خطرن کان بچڻ جي ڪوشش ۽ ضرورتن جا اهڃاڻ پڻ ملن ٿا.
    انهيءَ دور ۾ دولت جو وڏو واڌارو آيو هو، پر اها دولت فقط چند فردن جي هٿن ۾ هوندي هئي. ڪپڙي اڻڻ، ڌاتن کي ڪم آڻڻ ۽ ٻين هنرن ۾ مهارت تمام وڌي وئي هئي. هينئر ڪاريگرن پنهنجن مصنوعات کي مضبوطيءَ سان گڏ کين سونهن ۽ نزاڪت ڏيڻ به شروع ڪري ڏني هئي. اهي سمورا پيشا، هنر ۽ ڪاريگريون ڪرڻ هڪ فرد يا ڪٽنب جي وس کان ٻاهر نڪري ويون هيون. انڪري پورهئي جي ٻيو نمبر عظيم ورهاست عمل ۾آئي هئي. هينئر ڪاريگرن ۽ هنرمندن کي زراعت کان ڇني ڌار ڪيو ويو هو. پيداوار جي قسمن جي وڌي وڃڻ جي ڪري پورهيتن جي پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿيو هو.هينئر جنهن شيءِ انساني پورهئي جي طاقت ۽ اثر کي پڻ وڌائي چوٽ چاڙهي ڇڏيو هو اهو هو ٻانهن رکڻ جو رواج! جيڪو گذري ويل صدين ۾ بي ترتيبو ۽ غيرمنظم قسم جو هوند هو. اهو هينئر ڦري سماجي نظام جو هڪ ضروري عنصر بنجي چڪو هو. ٻانها محض زيردست نه هوندا هئا بلڪ کين جانورن وانگر ڌڻن جي صورت ۾ ٻنين ۽ ڪارخانن ۾ پورهئي ڪرڻ لاءِ موڪليو ويندو هو. پيداوار کي ٻن مکيه شعبن زراعت ۽ گهرو هنرن ۾ ورهائي ڇڏڻ سان خام مال کي صنعتي پيداوار سان مٽاسٽا ڪرڻ جي به ضرورت پيدا ٿي هئي. ان ڪري تجارت ڪرڻ جو نظام به پيدا ٿي پيو هو. جيڪا تجارت نه رڳو ملڪ جي اندر قبائلي حدن ۾ هلندي هئي، بلڪ ڏيساورن ڏانهن به موڪلجڻ لڳي هئي. پر اهو سمورو ڪاروبار اڃان به هڪ غير ترقي يافته قسم جو هوندو هو. قيمتي ڌاتو هينئر سڪي طور استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. پر سڪن ٺاهڻ جو رواج اڃان نه پيو هو. انڪري قيمتي ڌاتن کي تور ڪري مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃڻ لڳو هو.
    هينئر آزاد ۽ غلام سان گڏ غريب ۽ شاهوڪار جو امتياز پڻ معاشري ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويو هو. پورهئي جي نئين سر ورهاست ڪرڻ سان معاشري کي پڻ طبقن ۾ ورهاست ڪرڻو پئجي ويو هو. زائد دولت جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري مختلف ڪٽنبن جي سربراهن جي حيثيتن جي وچ ۾ پڻ فرق ۽ تفاوت پيدا ٿي پيو هو. ان ڪري جتي به اڃان پراڻا اشتراڪي قسم جا ڪٽنب موجود هئا، ٽٽڻ شروع ٿي ويا هئا.انڪري نياتن ۽ برادرين جي پاڻ ۾ گڏجي ٻنين کي آباد ڪرڻ وارو رواج به ختم ٿي ويو هو. آباديءَ هيٺ آيل زمينن کي هينئر ڪيترن ئي ڌار ڌار ڪٽنبن جي حوالي ڪرڻو پئجي ويو هو.
    پهريائين مقرر ڪيل وقت تائين ۽ ان کان پوءِ دائمي طور تي مٿين حالتن جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري ذاتي طور تي ملڪيت جي مڪمل طور تي مالڪ بنجي پوڻ وارو خيال به درجي بدرجي وڌڻ لڳو هو ۽ ان سان گڏوگڏ ”جفتي ڪٽنب“ پڻ ڦري ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۽ ڪٽنب جي صورت وٺڻ ڏانهن قدم وڌائي رهيا هئا.انفرادي ڪٽنب پڻ آهستي آهستي معاشري جي اقتصادي وحدت بڻجندو پئي ويو.
    مردم شماري جي وڌي ڳوڙهي ٿي وڃڻ جي ڪري، معاشري کي به خارجي خواهه داخلي طور تي متحد ٿيڻ جي ضرورت پيدا ٿي هئي. اهڙي ريت نوان نوان وفاق ٺهندا ويا. اهي وفاق مٽ مائٽ قبيلن مان ٺاهيا ويا هئا. جن مان اڳتي هلي انهن وفاقن جي ميڙن کي پاڻ ۾ گڏائي هڪ قوم ۽ سندن علائقن کي گڏائي هڪ ملڪ ٺاهيو ويو هو ۽ اهو ملڪ انهيءَ قوم جي نالي جي پويان سڏجڻ لڳو هو. قوم جو فوجي سردار اعليٰ مختلف نالن مثلن ريڪس Rex يا Thinds ۽ Basilous جي نالن سان هڪ مستقل بااختيار عملدار بنجي ويو هو. جنهن کي هينئر هر صورت ۽ حالت ۾ مقرر ڪرڻو پئجي ويو هو. فوجي جمهوريت جي هيٺ رهندي نيات ۽ معاشري وڏي ترقي ڪئي هئي. هڪ فوجي سردار اعليٰ هڪ ڪائونسل، هڪ عوامي اسيمبلي انهيءَ جمهوريت جي بندن جااعضائ رئيسه بنجي پيا هئا. ان ڪري اها جمهوريت پاڻ به ڦري هڪ فوجي جمهوريت بنجي پيئي هئي. ڇاڪاڻ ته جنگ ڪرڻ ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ منظم ٿي رهڻ قوم جي زندگيءَ ۾هڪ منظم ڪردار جي شڪل اختيار ڪئي هئي.
    اهي قومون جن دولت کي حاصل ڪرڻ کي پنهنجين زندگين جو نصب العين ۽ مقصد بنائي ڇڏيو هو، سندن پاڙيسري قومن جي دولت ۽ شاهوڪاري سندن انهيءَ حرص کي اڀاريندي رهي هئي، اهي سموريون قومون غير مهذب حالت ۾هونديون هيون. ان ڪري کين پيداواري ڪمن ڪرڻ جي بجاءِ ٻين قومن کي ڦرڻ لٽڻ هڪ وڌيڪ عزت ڀريو پيشو نظر اچڻ لڳو هو. جنگ جيڪا اڳ ۾ فقط جارحيت کي روڪڻ لاءِ يا جڏهن قوم جي قبضي وارو علائقو سندن ضرورتن لاءِ ناڪافي ٿي پوندو هو ته وڌيڪ علائقي کي فتح ڪري ضرورتن کي پوري ڪرڻ خاطر ڪئي ويندي هئي. پر هينئر ته صورت حال مورڳوئي مختلف ٿي ويئي هئي. هينئر جنگ محض ڦرڻ لٽڻ لاءِ ڪئي وڃڻ لڳي هئي. جنگ ڪرڻ ڦري قومن جو هڪ وحشيانه مشغلو ۽ ڌنڌو بنجي پيو هو.
    اهوئي سبب هوندو هو ته، خود قلعي بند شهرن جي چوگرد به نيون عالم پناهون ٺاهيون وينديون هيون. جن جي وچ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل واتن پٽيل کاهيون نياتي آئين جا قبرستان بنجي ويون هيون. سندن قلعن جا برج اڀا ٿي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئا، اهي سمورا قدم تهذيب ڏانهن وڌي رهيا هئا. داخلي امور ۾ پڻ ساڳين قسمن جون تبديليون آيون هيون. انهن قومن کي ڦرڻ لٽڻ وارين جنگين فوجي سردار اعليٰ سردارن ۽ سندن ماتحت سردارن جي اختيارن کي تمام وڌائي ڇڏيو هو. رواياتي طور تي ڪنهن ڪٽنب مان فوت ٿي ويل مکي يا سردار جي جاءِ تي انهيءَ ساڳي ئي ڪٽنب مان نئين مکي يا سردار کي چونڊڻ واري رواج، خاص طور تي پدرانه حق جي اجرائ کان پوءِ، درجي بدرجي مکيائپ ۽ سرداري عهدي کي مورثيت جي ضرورت ڏئي ڇڏي هئي. جنهن رسم ۽ روايت کي ابتدا ۾ فقط برداشت ڪيو وڃڻ لڳو هو، پر بعد ۾ ان جي دعويٰ ٿيڻ لڳي هئي ۽ آخرڪار ان تي زوري ۽ زبردستيءَ سان قبضو ڪيو ويو هو.
    اهڙيءَ ريت معاشري ۾ مورثي بادشاهت ۽ مورثي امارت جا بنياد پختا ٿي ويا هئا. انهيءَ طريقي سان نياتي آئين جنهن جون پاڙون عوام جي يعني ڪٽنبن، نياتن، برادرين ۽ قبيلن جي پاتال ۾ کتل هونديون هيون،سندن اعضائ رئيس کي درجي بدرجي ڇني سندس بدن مان ڪپي ڪوري جدا ڪري ڇڏيو ويو هو. انهن تبديلين جي ڪري نياتي نظام تبديل ٿي، هڪ مختلف قسم جو بنجي پيو هو. يعني قبيلن وارو اهو نظام جنهن ۾ قبيلا آزاد طور تي پنهنجا معاملا پاڻ فيصلا ڪندا هئا. اهو ساڳيو نظام ڦري پنهنجن پاڙيسرين کي مارڻ، ٻانها بنائڻ لٽڻ ڦرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو هو ۽ سندن اعضائ عوام جي خواهشن جي اظهار جي ذريعن بنجڻ جي بجاءِ مٿن حڪمراني ڪرڻ ۽ پنهنجي عوام تي ظلم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو هو. جيڪڏهن دولت جو حرص نيات جي فردن کي غريب ۽ شاهوڪار ۾ ورهائي نه ڇڏي ها ته اها نئين ڳالهه ڪڏهن به ممڪن ٿي نه سگهي ها.
    انهيءَ بابت مارڪس لکي ٿو ته: ”ملڪيتن ۾تفاوت ۽ فرق مفادن جي نوعيت کي ايتري قدر تبديل نه ڪري سگهي ها، جو ساڳي نيات جو هڪڙو رڪن انهيءَ نيات جي ٻئي رڪن جو جاني دشمن بنجي پوي ۽ ڦرلٽ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ٻانهپ جي اداري جي پيدا ٿي پوڻ، روزگار ڪمائڻ جي هر جائز عمل کي هڪ بدناميءَ جو باعث ۽ هر جائز پورهئي ڪندڙ تي ٻانهي هجڻ جي مهر هڻي ڇڏي هئي.“
    اسين هينئر تهذيب جي چائنٺ تي پير رکيو بيٺا آهيون. انهيءَ منزل تي پهچندي ئي پورهئي جي ورهاست ۾ اڃان به وڌيڪ ورهاست ڪرڻ جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. اوائلي دور ۾ انسان فقط پنهنجن ذاتي ضرورتن کي پوري ڪرڻ خاطر رزق پيدا ڪندو هو. جيڪڏهن اتفاق سان ڪا ٿوري ڪي گهڻي شيءِ بچي به پوندي هئي ته هو ان جي مٽا سٽا ڪري ڇڏيندو هو. غير مهذبيت جي وچولي دور ۾ اسين ڏسون ٿا ته ڌنار قومن وٽ سندن مال متاع هڪ ملڪيت جي صورت اختيار ڪري چڪو هو. جيڪو وري مال جي ڌڻن ۽ وڳن جي شڪل ۾ سندن ضرورتن جي پورائي ڪرڻ ۾ کين باقاعدگيءَ سان زائد پيداوار ڏيندو رهندو هو. ان ڪري انهن ڌنار قومن ۽ غير ڌنار پٺتي پيل قومن کي جدا جن وٽ چوپائي مال جا ڪي به ڌڻ موجود نه هوندا هئا. موجود ڏسون ٿا.
    ان ڪري چئبو ته ٻنهي قومن ۾ به جدا جدا ۽ مختلف درجن جون پورهئي جون ورهاستون ڪيل هونديون هيون. جن ورهاستن وري هڪ قسم جي باقاعده طور تي مٽا سٽا ڪرڻ جي حالتن، نمونن ۽ رواجن کي جنم ڏنو هو. غير مهذبيت واري انهيءَ مٿاهين درجي، پورهئي جي رائج ورهاست ۾ وري هڪ نئين ورهاست ڪرڻ جي ضرورت کي پيدا ڪيو هو. يعني ٻنهي زراعت خواه گهريلو هنرن ۾، جن جي ڪري هڪ قسم جو سامان خاص طور تي خام مال سان مٽا سٽا ڪرڻ جي ارادي سان ٺاهيو وڃڻ لڳو هو. ان ڪري انفرادي طور تي پيداوار ڪندڙ پڻ انهيءَ منزل تي اچي پهتا هئا جو هو پاڻ معاشري لاءِ هڪ اهم ضرورت بنجي پيا هئا. انهيءَ امر کي مهذب دور اچي مستحڪم بنيادن تي بيهاري ڇڏيو هو ۽ شهرن ۽ ٻهراڙين جي وچ ۾ پيدا ٿيل فرق کي پاڻ ۾ وڌيڪ تيز ۽ نمايان بنائي ڇڏيو هو. (شهرن کي ٻهراڙين تي بالادستي حاصل هوندي هئي. جيئن قديم زماني ۾ ٿيو هو يا ٻهراڙين کي شهرن تي بالادستي حاصل هوندي هئي، جيئن ازمنه وسطيٰ واري دور ۾ ٿيو هو) ۽ انهيءَ مقابلي ۽ چٽا ڀيٽي پورهئي ۾ هڪ نئين قسم جي ورهاست جي ضرورت کي پيدا ڪيو هو. جيڪا ڳالهه خود هڪ خاص اهميت واري ڳالهه هئي ۽ ان جي اها اهميت فيصله ڪن به ثابت ٿي هئي.
    انهيءَ صورتحال هڪ نئون طبقو پيدا ڪيو هو. جنهن جو پيداوار ۾ ڪو حصو نه هوندو هو. پر سندن ڪم هوندو هو وڏي پيماني تي مٽا سٽا ڪرڻ. اهو نئون طبقو هو تجارتي طبقو. اڳوڻن سماجي ادارن جي ترتيب ۽ طبقن جو ٺهڻ، محض پيداوار سان لاڳاپيل رهندو هو. انهن ادارن ۾ تجارت ۽ پيداوار ۾ مشغول طبقن کي مئنيجرن يا سنڀال ڪندڙن ۽ ڪم ڪندڙ ڪاسبين يا فقط ننڍي يا وڏي پيماني تي پيداوار ڪندڙن ۾ ورهاست ڪري ڇڏيو هو. پر هتي ته پهريون هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿي پيو هو، جيڪو پيداوار ۾ ڪنهن به بهري وٺڻ کان سواءِ ئي خود پيداوار جي سنڀال ڪرڻ تي به قابض ٿي ويو هو. اقتصادي طور تي انهيءَ طبقي پيداوار ڪندڙ طبقي کي پنهنجي حڪم جي تابع ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ طبقي پاڻ کي ٻن پيداوار ڪندڙ طبقن جي وچ ۾ هڪ اهڙو ته ضروري وچون عنصر بنائي ڇڏيو هو، جنهن جي مدد کان سواءِ ڪوبه ڪاروبار هلي نه ٿي سگهيو.
    انهيءَ حيثيت کي حاصل ڪندي ئي اهو طبقو ٻنهي پيداوار ڪندڙ ڌرين کي ڦرڻ لٽڻ شروع ڪري ڏئي ٿو. اهو طبقو ٻنهي پيداوار ڪندڙ طبقن کي هي چڪمو ڏئي ٿو ته، هوئي کين تڪليفن برداشت ڪرڻ ۽ مٽا سٽا ڪرڻ ۾ جوکم کڻڻ کان بچائي ٿو ۽ پاڻ وڏي تڪليف وٺي، مصيبتون برداشت ڪري سندن پيداوار کي کپت لاءِ ڏورانهان مارڪيٽ ۽ منڊيون تلاش ڪري ڳولي هٿ ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت هو پاڻ کي معاشري لاءِ هڪ وڏو ڪارائتو طبقو ثابت ڪري ٿو.
    پر حقيقت وري هي هوندي آهي ته، اهو طبقو هڪ ”ٻين جي پيدا ڪيل رزق تي پلجندڙ ڪيڙو“ هوندو آهي. اهو هڪ خسيس قسم جو چاپلوسي ڪندڙ ۽ چغلخور طبقو هوندو آهي، جيڪو هر قسم جي خسيس ترين خدمتن ڪرڻ جي عيوض ۾ملڪ توڙي ڏيساور ۾ پيداوار جو سمورو مکڻ ڪڍي کائي هڙپ ڪري ويندو آهي. اهو طبقو وڏي تيزيءَ سان دولت گڏ ڪري معاشري ۾ معتبر بنجي پوندو آهي. انهيءَ سبب جي ڪري هو نوان مرتبا ۽ اعزاز ماڻيندو آهي. تهذيب جي دور ۾ اهو طبقو پيداوار تي ايتري قدر ته قابض ٿي ويندو آهي جو هو پنهنجي هڪ مصنوعي ڪوڙي جعلي ۽ محض فرضي قسم جي پيداوار کي پيدا ڪندو آهي ۽ اها هوندي آهي وقت بوقت ظاهر ٿيندڙ ”تجارتي بحران!“
    اهو طبقو جنهن جو اسين ذڪر ڪري رهيا آهيون، اهي نوخيز تاجر طبقو جنهن کي هن مهل تائين انهيءَ ڳالهه جي ڪا ڪل ئي ڪانه هئي ته ڪيترائي عظيم ڪارناما سندس مقدر ۾ لکيا پيا هئا. پر اهو طبقو ضرور ٺهڻو هو ۽ ٺهي به پيو ۽ وري ٺهيو به اهڙو هو جو سندس وجود کان ڪوبه ڇوٽڪارو ممڪن نه هو. سندس وجود لاءِ هن امر جو موجود هجڻ ئي ڪافي هو ته هن خوش نصيب طبقي پيدا ٿيندي ئي ڌاتو ناڻي طور ڪتب اچڻ لڳو هو. هينئر مختلف ڌاتن مان سڪا ٺاهيا ويا ۽ اهي هاڻي استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويا. معاشري ۾ اهو هڪ قسم جو نئون ذريعو پيدا ٿي پيو هو. جهن جي زور تي هڪ پيداوار نه ڪندڙ طبقو نه رڳو پيداوار ڪندڙ طبقن تي بلڪ خود انهن جي پيداوار تي به حڪمراني ڪري سگهيو ٿي. اهو ناڻو ئي هو جيڪو ٻئي خام مال کي حاصل ڪرڻ لاءِ خود هڪ اهڙو خام مال بنجي پيو هو، جنهنجي ڀيٽ ۾ ڪيترائي خام مال لڪل هوندا آهن ۽ جيڪو آخرڪار دستياب به ٿي ويو هو.
    هو هڪ اهڙي قسم جو جادو جو ديو بنجي پيو هو جيڪو پنهنجي مرضي ۽ ارادي موجب پاڻ کي ڪهڙي به گهربل قسم جي شيءِ جي شڪل ۾تبديل ڪري سگهيو ٿي. اهو جادو جو ديو جنهن به شخص جي قبضي ۾ اچي ويندو هو ته اهو شخص پيداوار جي دنيا تي وڏي سولائيءَ سان حڪمراني ڪري سگهندو آهي. اهو سڪو يعني ناڻو ٻين جي مقابلي ۾ گهڻي ۾ گهڻي تعداد ۾ ڪنهن وٽ موجود رهندو آهي؟ اهو واپاري ۽ فقط واپاري وٽ موجود رهندو آهي. تاجر يا واپاري طبقي جي هٿن ۾ سڪي (ناڻي) جو مذهب سلامت رهندو آهي.انهيءَ تاجر طبقي عالمي اسٽيج تي اچڻ شرط ئي انهيءَ حقيقت کي صاف طور تي ظاهر گهريو ٿي ته سمورن قسمن جا خام مال ۽ ان ڪري سمورن خام مالن جا پيدا ڪندڙ حضرات پڻ سڪي (ناڻي) جي سامهون پنهنجا نرڙ زمين تي گسائڻ لاءِ مجبور هوندا آهن ۽ انهيءَ تاجر طبقي انهيءَ حقيقت کي عملي طور تي ثابت به ڪري ڇڏيو هو ته انهيءَ ناڻي (سڪي) جي ديوتا جي مقابلي ۾ دولت جا ٻيا سمورا نمونا ۽ ذريعا محض بي جان پاڇولا هوندا آهن. ناڻي جي طاقت ڪڏهن به پاڻ کي ايتري خطرناڪ صورت ۾ ظاهر نه ڪيو هو جيتري قدر قديم زماني ۾ ناڻي (سڪي) جي ديوتا پاڻ کي پنهنجي جوانيءَ جي مستيءَ ۾ هڪ ظالم، بي لغام ۽ اڙٻنگ نموني ۾ ظاهر ڪيو هو.
    ناڻي (سڪي) جي عيوض ۾ خام مال کي وڪري ڪرڻ کان پوءِ ناڻي کي وياج تي هلائڻ جو وارو آيو هو. جنهن مان وياج خوري جو نجس ۽ ناپاڪ ڪاروبار به معاشري ۾ شروع ٿي ويو هو. دنيا جي ڪنهن به قانون جي تاريخ ۾ ناڻي (سڪي) جهڙي بي رحمي ۽ بي شرمائيءَ سان قديم يوناني ۽ رومن دورن ۾ بيوس،مجبور ۽ مظلوم مقروض انسانن کي سنگ دل ۽ ڪٺور قرض خواهه شاهوڪارن جي قدمن ۾ اڇلائي ڦٽوڪيو هو. اهڙي واردات دنيا جي ڪنهن به قديم معاشري ۾ نه ٿي هئي. اهو به ايتري قدر جو انهن معاشرن کان بعد ۾ ايندڙن سمورن دورن ۾ اهڙيون ساڳيون حالتون وري ڪڏهن به پيدا ٿي نه سگهيون هيون. هن ٻنهي معاشرن ۾ اهو وياج ديو هڪ عام قانون جو روپ وٺي پاڻ مرادو بنا ڪنهن به اقتصادي مجبوريءَ جي نڪري نروار ٿي بيهي رهيو هو.
    هينئر ناڻو ٻانهن ۽ خام مال سان گڏ ٻين جي صورت وٺي بيهي رهيو هو. زمينن جي وڏين ايراضين تي فردن جا حق ۽ کاتا جيڪي اصل ۾کين سندن نياتن ۽ قبيلن عطا ڪيا هئا. هن وقت تائين ايتري قدر ته پختا پڪا ۽ مستحڪم بنجي چڪا هئا، جو کين عطا ڪيل زمينن جا ٽڪر ڦري سندن مورثي ۽ ذاتي ملڪيت بنجي پيا هئا. انهن زمينن جي ٽڪرن جا مورثي طور تي ذاتي ملڪيتون رکڻ وارا افراد، انهن ساڳين ٻنين تي نيات جي حقن کان جان ڇڏائڻ لاءِ ٿوروئي وقت اڳ ۾ جنهن شيءِ جي حاصل ڪرڻ لاءِ سر ٽوڙ ڪوششون ڪري رهيا هئا، اها شيءِ خود سندن لاءِ هڪ ڳچي جو ڳٽ بنجي پيئي هئي. اهو طبقو هينئر زمين تي نياتي حقن واري ڳٽ کان برابر آزاد ٿي ويو هو، پر ٿوري وقت اندر انهيءَ ڳٽ مان نڪري، زمين تي سندن نئين حاصل ڪيل حق ڦري مٿن هڪ ٻئي قسم جي نئين مصيبت ثابت ٿيو هو.
    زمينن جي اڪيلي سر مالڪ بنجي پوڻ ۾ پوري ريت آزاد ٿي وڃڻ جو هي نتيجو نڪتو هو ته، هو نه رڳو انهن حاصل ڪيل زمينن جو بنان ڪنهن بندش جي مالڪ بنجي پيو هو ۽ سندس زمين تي نيات جي ٻئي ڪنهن به شخص جي ڪابه دعويٰ باقي نه رهي هئي ۽ نيات واري ڀائيواريءَ جي حثييت ۾ زمين کي منتقل ڪري سگهڻ جو ڪوبه امڪان موجود نه هوندو هو. پر جڏهن انهيءَ نئين قبضي ۾ آيل زمين جي نئين مالڪ فرد نيات ۽ قبيلي واري اجتماعي بالادستي جي حق وار زنجير کي ٽوڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو ته انهيءَ ساڳئي فرد انهيءَ حق کي ٽوڙڻ جي عمل سان، خود انهيءَ زنجير کي به ٽوڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. جيڪا زنجير کيس به سندس زمين سان مضبوطيءَ سان جڪڙيو بيٺي هوندي هئي. زمين جي عوامي مان ڦري ذاتي ملڪت بنجي پوڻ سان گڏوگڏ سڪو پڻ ايجاد ٿي ميدان ۾ اچي چڪو هو. سڪي جي وجود پيدا ٿيندي ئي کيس ظاهر ظهور ٻڌائي ڇڏيو هو ته سندس پيدا ڪرڻ جو اصل مقصد ڇا هو؟ ٻئي خام مال وانگر هينئر خود زمين به ڦري هڪ خام مال بنجي پيئي هئي، جنهن کي ٻين خام مالن وانگر وڪروڪري ۽ گروي طور رکي به سگهجي پيو.زمين جي ذاتي ملڪيت بنجندي ئي تاجر طبقي زمينن کي گروي طور رکڻ جو گر به ايجاد ڪري ورتو هو. (ڏسواٿينس) جهڙي ريت سرتين رکڻ جو رواج، زناڪاري ۽ ٻي هر قسم جي جنسي معاشي ۽ بي راهه روي ”هڪ مڙس ۽ هڪ زال“ جي اداري جي پيدا ٿيندي ئي سندس کڙين سان ٻڌل اچي معاشري ۾ وارد ٿي هئي.
    ساڳيءَ طرح زمين جي ذاتي ملڪيت بنجندي ئي کيس گروي طور رکڻ، وڪرو ڪري سگهڻ، ٺيڪي يا مقاطعي تي ڏئي سگهڻ، مٿس زور زبردستي قبضو ڪري سگهڻ جا سمورا ڪردار ساڻس گڏيا اچي وارد ٿيا هئا. هينئر نياتي دور واري زمين ڄڻ ته زبان حال سان پنهنجي نئين کيس ذاتي ملڪيت طور رکڻ واري مالڪ کي چئي رهي هئي ته: ”متيرا خان! تو زمين جي اڪيلي، آزاد ۽ ڇڙواڳ مالڪ طور مون کي وڪري ۽ منتقل ڪري سگهڻ جي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پئي پڪاريو ۽ دانهون ڪيون. چڱو هاڻي اٿي وٺ پنهنجو حق تو جيڪي گهريو اهو توکي نصيب ٿيو!“
    هڪ طرف واپار جي وڌي وڃڻ، سڪي جي ايجاد ٿيڻ ۽ ناڻي جي صورت ۾ فردن جي هٿن ۾گڏ ٿي سگهڻ. وياج خوري جي اداري جي قيام، زمينداري جي رواج جي پوڻ ۽ زمين کي گروي طور رکي سگهڻ، کيس وڪرو ڪري سگهڻ جي طاقت، انهن سمورن عناصرن پاڻ ۾ گڏجي متفق ٿي معاشري ۾ دولت (ناڻي) کي هڪ مرڪزي حيثيت ۽ ڪليدي ڪردار جي پڳ ٻڌائي ڇڏي هئي ۽ ٿوري ئي وقت اندر هن هڪ طرف دولت کي ٿورن فردن جي هٿن ۾ گڏ ٿي وڃڻ جا موقعا پيدا ڪري ڏنا هئا ۽ ٻئي طرف عوام جي بي زمين ٿي پوڻ ۽ ان ڪري غريب ۽ مجبور ٿي پوڻ، معاشري ۾ مفلسن ۽ نادارن جي هڪ وڏي انبوهن جي پيدا ٿي پوڻ جي امڪانن ۽ موقعن کي جنم ڏنو هو.
    انهيءَ نئين دولت مند طبقي جيڪو شروعات کان وٺي پراڻي قبائلي اقتدار تي قابض نياتي طبقي سان ڪنهن به صورت ۾ مطابقت نه رکندو هو، انهيءَ پوئين نياتي قبائلي اقتدار تي قابض طبقي کي سماجي طور تي ڌڪي پوئتي اڇلائي ڦٽو ڪيو هو. (ڏسو اٿينس ۽ جرمن قبيلا) يعني هينئر نياتي مکي ۽ وڏيرا ڦري محض ٺلها وڏيرا ۽ مفلس مکي بنجي پيا هئا. آزاد شهرين ۽ ملڪي عوام جي سندن دولت جي مطابقت ۾ طبقن ۾ ورهائجي وڃڻ سان گڏ خاص طور تي اٿينس جي شهر ۾ ٻانهن جي تعداد ۾ وڏي ۾ وڏي واڌ اچي ويئي هئي. انهن ئي بيوس، مجبور ۽ مظلوم انسانن کان زوري زبردستي پورهئي ڪرائڻ تي انهيءَ معاشري جي امارت جي ماڙي اڏيل هوندي هئي. انڪري ٻانهن کي به مالن جي ڌڻن وانگر يعني کين بنا ڪنهن اقتصادي ۽ سماجي حلقن ۾ ڌاريو ۽ پاليو وڃڻ لڳو هو.
    انهيءَ سماجي انقلاب جي اچڻ سان معاشري ۾ قديم نياتي آئين جو ڪهڙو حشر ٿيو هو؟ معاشري جا اهي عناصر جيڪي سندس مدد کان سواءِ ئي پاڻمرادو پيدا ٿي پيا هئا. انهن تي نياتي آئين جو ڪوبه اثر ۽ زور هلي نٿي سگهيو. انهيءَ قديم آئين جو انحصار هينئرفقط هن حقيقت تي ئي رهجي ويو هو ته نيات ۽ قبيلي جا رڪن پاڻ ۾ گڏجي ساڳي ۽ هڪ ئي زمين جي علائقي تي زندگيون گذارين ۽ سندس گڏيل شهري (رهاڪو ) بنجي وڃن. پر هينئر ته خود اها حالت به موجود نه رهي هئي. مختلف نياتون ۽ قبيلا ته برابر پاڻ ۾ گڏجي سڏجي ملي هڪ ٿي ويا هئا. پر هڪ علائقي ۾، شهرن خواه ٻهرڙين ۾ ٻانها، زيردست ۽ ٻيا غير ملڪي فرد پڻ آزاد شهرين سان گڏ رهندا هئا.غير مهذبيت جي وچولي دور ۾ هڪ جاءِ تي مستقل طور تي رهي پوڻ جي عادت ۽ حالت پاڻ مرادو پيدا ٿي پوندي آهي. پر واپار، ڪاروبار ۽ ڌنڌن ۾ ڦير گهير ۽ زمين جي مالڪيءَ جي نوعيت جي تبديل ٿي وڃڻ سان، معاشري جي حالت به وقت بوقت ڦرندي گهرندي رهندي آهي.
    ان ڪري نياتي نظام جا رڪن پڻ، ٻيو ته ٺهيو پر خود پنهنجن روزمره جي باهمي معاملن ۾ به پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ته ڪجا، محض سکڻي ملاقات به نه ڪري سگهندا هئا. هو فقط خسيس قسم جي سماجي موقعن مثلن عيدن براتن تي پاڻ ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ سندن اها پاڻ ۾ گڏجاڻي به بنا ڪنهن خاص دلچسپيءَ جي محض غيررسمي طور تي ٿيندي هئي. باهمي ضرورتن ۽ مفادن جي بچائڻ خاطر، اهڙن شخصن لاءِ جيڪي سندن سنڀال ڪرڻ ۽ کين هلائي سگهڻ جا اهل هوندا هئا، لاءِ مختلف قسمن جا عهدا پيداڪيا ويا هئا.پر انهيءَ نيات جي مدد کان سواءِ پنهنجي روءِ سوئ روزگار مهيا ڪرڻ جي حالتن مان پيدا ٿيل انقلاب، اهڙن ته نون مفادن ۽ سماجي ضرورتن کي جنم ڏنو هو جن مورڳو معاشري جي سماجي ڍانچي ۾ ئي ردوبدل ڪري سندس حليه ۽ مزاج کي ئي ڦيرائي ڇڏيو هو.
    اهي نوان مفاد ۽ سماجي ضرورتون نه رڳو پراڻي نياتي نظام لاءِ ڌاريون ۽ اوپريون هيون، بلڪ اهي هر طرح سان سندن روزمره جي معمول ۽ ڪمن ڪارين ۾ مشڪلاتون ۽ رنڊڪون پيدا ڪنديون رهنديون هيون. پورهئي جي ورهاست جي پيدا ڪيل نون ڪاريگرن جي گروهن جي مفادن ۽ ٻهراڙين جي آبادگارن جي مقابلي ۾ شهرن جي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ خاطر نون عهدن ۽ ادارن جي ضرورت پيدا ٿي هئي، پر اهي سمورا گروه بنيادي طور تي مختلف نياتن، برادرين ۽ قبيلن جي رڪنن مان ٺهيل هئا. ايتري قدر جو هينئر منجهن غير ملڪي به شامل ٿي چڪا هئا.ان ڪري انهن نون پيدا ڪيل عهدن ۽ ادارن کي هلائڻ خاطر نياتي ادارن کان ٻاهر جي ماهرن کي به کنيو ويو هو. جيڪي وري پنهنجن نون عهدن جي ڪري پنهنجن مفادن ۽ سماجي حيثيتن ۾ سندن مقابلي جي حيثيت جا بنجي پوندا هئا.
    اها ڳالهه نياتي معاشري جي مزاج جي بلڪل برخلاف هوندي هئي. انڪري سندن نياتي نظام ۾ به مختلف مفادن ۽ نظامن جي ٽڪرجڻ جو اثر صاف طور تي ظاهر ٿيڻ لڳو هو ۽ ساڳئي هڪڙي نيات ۾ غريب، پورهيت ۽ شاهوڪار وياج خورن ۽ مقروض شخصن جي موجودگي انهيءَ مقابلي ۾ ٽڪرائ کي عروج تي پهچائي ڇڏيو هو. نوان ملڪي رهاڪو جيڪي نياتي جماعتن اندر ڌاريا ۽ اوپرا هوندا هئا، پر روم وانگر پنهنجن عهدن ۽ شاهوڪاري جي ڪري، ملڪ اندر وڏي طاقت ۽ اقتدار جا مالڪ بنجي پيا هئا. ايتري قدر ته وڏي تعداد ۾ موجود هوندا هئا جو کين مٽين مائٽين وارين نياتن ۽ قبيلن ۾ ضم ڪري ڇڏڻ هڪ ناممڪن امر بنجي پيو هو. نياتي جماعتون وري سندن ڀيٽ ۾ پاڻ کي اڪيليون حق حاصل ڪيل جماعتون تصور ڪنديون هيون. نياتي آئين واري قدرتي طور تي پيدا ٿيل جمهوريت هينئر ڦري هڪ ڌڪاريل ظالم امير طبقو بنجي پيئي هئي.
    حقيقت وري هيءَ هئي ته خود نياتي واري اداري هڪ معاشري ۾ جنم ورتو هو، جنهن ۾ دالي قسم جي دشمنين جو ڪوبه گذر نه هوندو هو ۽ اهو آئين به فقط اهڙي ئي قسم جي سماجي نظام جي لاءِ ئي موزون هوندو هو. ڇاڪاڻ ته نيات جي ڪنهن رڪن کي مجبور ڪري کيس حڪم مڃائڻ لاءِ وٽس عام راءِ کان سواءِ ٻي ڪابه طاقت موجود نه هوندي هئي، پرهينئر ته هڪ اهڙي قسم جو معاشرو وجود ۾ اچي چڪو هو، جنهن خالص اقتصادي حالتن مان پيدا ٿي پوڻ جي ڪري پاڻ کي آزاد شهرين ۽ ٻانهن، ڦورو شاهوڪارن ۽ ڦريل غريبن (پورهيتن) ۾ ورهائي ڇڏيو هو. ان ڪري اهو هڪ اهڙو معاشرو بنجي پيو هو، جنهن ۾طبقاتي دشمنين کي ختم ڪري ڇڏڻ لاءِ ترجيتري به اهليت ۽ صلاحيت موجود نه هوندي هئي، پر منجهس مورڳو کين وڌائي ڇڏڻ جي پوري پوري اهليت موجود هوندي هئي. اهو معاشرو فقط اهڙي حالت ۽ ماحول ۾ ئي زنده رهي سگهيو ٿي، جڏهن اهي سماجي طبقا هميشه هڪ ٻئي جي خلاف برسر پيڪار ۽ مسلسل ڪشمڪش ڪندڙ طبقن جي مٿان رهي، کين پاڻ ۾ کليل طور تي تصادم ۾ اچڻ کان روڪي سگهي ۽ انهيءَ ساڳي طبقاتي ڪشمڪش کي فقط اقتصادي ميدان تائين محدود رکي سگهي. يعني نام نهاد قانوني طريقن ۽ نمونن ۾، اهڙين پيدا ٿي ويل سماجي حالتن ۾ نياتي آئين پنهنجي افاديت بلڪل وڃائي چڪو هو. پورهئي جي ورهاست ۽ ان جي پيدا ڪيل نتيجن سندس وجود کي چيري ڦاڙي خود معاشري کي ٻن طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. انهيءَ فوت ٿي ويل مرحوم نياتي آئين واري خالي ڪيل جاءِ رياست جي اداري اچي والاري هئي.
    اسين مٿي ذڪرڪيل ٽنهي نمونن مان هر انهيءَ نموني جنهن ۾ نياتي آئين جي ڊٺل ماڙي جي مٿان رياست جي اداري جي عمارت کي ٺاهي جوڙي راس ڪري بيهاريو ويو هو، جو تفصيلي ذڪرڪري آيا آهيون.انهن ٽنهي نمونن مان اٿينس وارو نمونو هڪ خالص ڪلاسيڪي رياست جو نمونو هو. جمهوريت جي انهيءَ نموني ۾ رياست جو وجود خود نيات جي وجود جي اندران سنئون سڌو طبقاتي ٽڪرائڻ ۽ دشمنين مان پيدا ٿيو هو.
    روم وارو نياتي معاشرو، پليبين جيڪي وڏي اڪثريت ۾ هوندا هئا، کان ڇڄي ڌار ٿي هڪ امير طبقو بنجي پيو هو، جنهن ۾ پليبين جي اڪثريت لاءِ ڪابه جاءِ موجود نه هوندي هئي. قرضن جو انبار فقط پليبين اڪثريت جي حصي ۾آيل هوندو هو. پر سمورا حقن جا انبار فقط پراڻن رومن نياتي اميرزادن Patricians جي اقليت جي حصي ۾آيل هوندا هئا. پليبين اڪثريت هميشه حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪرڻ جي حالت ۾ رهندي هئي ۽ انهيءَ جدوجهد ۾ پليبين اڪثريت آخرڪار ڪامياب به ٿي وئي هئي. پليبين اڪثريت جي انهيءَ حاصل ڪيل ڪاميابي، پراڻي رومن نيات يعني اميرزادن جي نيات جي جسم کي چيري ڦاڙي ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس مرده ميت مان رياست جو ادارو جنهن جو وجود ۾ ٻئي طبقا يعني قديم اميرزادن جو طبقو ۽ پليبين اڪثريت سمائجي چڪا هئا.پيدا ٿي نڪري نروار ٿيو هو.
    آخر ٽين نمبر مثال ۾ڪلاسيڪي نياتي رومن آئين ۾ رومن سلطنت جي ٻارهين دور دراز وڏن ملڪن ۽ معاشري تي حڪمراني ڪري سگهڻ جي ڪابه اهليت صلاحيت ۽ قدرت باقي نه رهي هئي. خود رومن سلطنت جي جرمن قبيلن هٿان فتح ٿي وڃڻ جي ڪري جرمن رياست جو وجود سندن ئي فتح ۽ ڪامرانيءَ جو نتيجو بنجي ظاهر ٿيو هو. انهن وڏن ملڪن ۽ معاشرن کي فتح ڪرڻ لاءِ نه ڪي پراڻي رومن مردم شماري سان ڪنهن وڏي ڪشمڪش ڪرڻ جي ڪا ضرورت پئي هئي ۽ نه ئي وري پورهئي جي ٿيل ورهاست کي نئين طرح سان ڪنهن وڌيڪ ورهاست ۽ منظم ڪرڻ جي ڪابه ضرورت پيش آئي هئي. ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته معاشري جي اقتصادي پيڙهه وري به اڳي وانگر ساڳين پراڻن بنيادن تي قائم رهجي ويئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ نياتي آئين ڪيتريون ئي صديون هڪ ٻئي بدليل نموني ۽ روپ ۾ يعني علائقائي ڳوٺاڻي مارڪ آئين جي شڪل وٺيو هلندو رهيو هو ۽ اڳتي هلي پنهنجي دور جي پوين سالن ۾ ٻنهي آبادگار ڪٽنبن خواه اميرن ۽ اميرزادن پيٽريشن ڪٽنبن ۾ پاڻ کي هڪ ڪمزور صورت ۾ Dithmaraschen جي نالي سان جيئرو رکيو هلندو رهيو هو. پر بي وقتي طور تي منجهس جواني وارو جولان ۽ جهڪيون به نظر اينديون هيون.
    انڪري هن امر جو فيصلو ٿي وڃي ٿو ته رياست ڪنهن اهڙي خارجي طاقت جو نالو نه آهي جيڪا معاشري کان ٻاهران درآمد ٿي اچي پاڻ کي مٿس مسلط نامزد ڪري ٿي ۽ نه وري اها جڳ مشهور جرمن مفڪر ۽ فيلسوف هيگل (1770 کان 1831ع) جي لفظن واري ”اخلاقي نظريه حقيقت ۽ نه وري ٻين لفظن ۾ ادا ڪيل محاوري ۾ ”اداري جي حقيقت ۽ روپ ئي هوندي آهي. پر حقيقت ۾ رياست جو ادارو ڪنهن معاشري جي ارتقا ڪندي ڪندي ڪنهن مخصوص درجي تي پهچڻ جو نتيجو ۽ پيداوار هوندو آهي. رياست جو هن حقيقت جو پڻ اقرار هوندو آهي ته اهو معاشرو خود پنهنجي ”هڪ نه سلجهائي سگهڻ جهڙي تضاد جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ ان سان گڏ هن ٻي حقيقت جو به هڪ بيباڪ ۽ کليل اقرار هوندو آهي ته اهڙي معاشري پنهنجي وجود جي اندران اهڙين باهمي دشمنين کي جنم ڏنو آهي، جن جي خاتمي جو ڪوبه امڪان موجود نظر نه ٿو اچي ۽ جن کي ختم ڪري سگهڻ. جي منجهس ڪابه طاقت ۽ اهليت موجود نه آهي، پر انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ته متان اهي معاشري ۾ پيدا ٿيل دشمنيون ۽ سماجي طبقات جن جا اقتصادي مفاد پاڻ ۾ ٽڪرائيندا هجن.
    اهي ٻئي طاقتون ڪٿي هڪ بي مقصد ڪشمڪش ۽ جدوجهد ڪندي ڪندي خود پنهنجي وجود بلڪ خود پنهنجي سموري معاشري کي ختم نه ڪري ڇڏين. اهڙي غير يقيني ۽ هنگامي دور ۾ معاشري کي اهڙي طاقت جي پيدا ڪرڻ جي شديد ضرورت پوندي آهي، جيڪا: (1) معاشري جي پهچ کان مٿي بيٺل به هجي ۽ (2) اها طاقت هڪ طرف انهن پيدا ٿيل تڪرارن کي ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻئي طرف کين پنهنجي انتظام، اختيار ۽ اقتدار جي ماتحت به رکي سگهي ۽ (3) اها طاقت خود معاشري جي وجود کان مٿاهون به رکي سگهي ۽ (4) آخر ۾ معاشري ۾ موجود رهندي به پاڻ کي کانئس دور به رکي سگهندي هجي. اها طاقت آهي رياست جوادارو.
    رياست جو ادارو هن امر ۾ به پراڻي نياتي نظام کان مختلف هوندو آهي ته، 1- اها رعيت جي نيات ۽ قبيلي وار نه، پر علائقي وار ورهاست ڪندي آهي. اسين پڙهي آيا آهيون ته نياتن جي بنيادن تي ٻڌل ۽ ان جي ٻنڌڻن ۾ سوگهيون ٿيل پراڻيون نياتون ملڪي ڪاروبار هلائڻ لاءِ بلڪل ناڪافي ثابت ٿيون هيون. ان جو مکيه ڪارڻ هي هوندو هو ته انهن نياتن اڳ ۾ ئي قياس ڪري ڇڏيو هو ته سندس نيات ڀائي محض مخصوص علائقن جي سرزمين سان چهٽيل هوندا آهن. (پر سندس وفاداريون نيات سان هونديون آهن) پر سندن اهو قياسي تعلق ته ڪيتروئي وقت اڳ ۾ ختم ٿي چڪو هو. علائقو ته برابر ساڳيو موجود رهندو آهي، پر ان ۾ رهندڙ انسان ڄمندا مرندا، ايندا ويندا ۽ بدلبا رهندا آهن. ان ڪري انهيءَ علائقي وار رياست کي نيات مان نڪري هاڻي وڃڻ جو نقطو تصور ڪيو ويو هو ۽ شهرين کي خواهه اهي ڪهڙي به نيات ۽ قبيلي مان ڇو نه هئا. هي اجازت به ڏئي ويل هوندي هئي ته اهي جتي به وڃي سڪونت اختيار ڪن يا آباد ٿين، تڏهن به اهي اتي به پنهنجا قديم نياتي حق ۽ فرض بجا آڻيندا رهن.
    شهرين کي سندن مقامي علائقن موجب منظم ڪرڻ، سمورن قسم جي رياستن جو هڪ عام ڪردار هوندو آهي. انڪري اسان کي اهو امر فطري به نظر اچي ٿو، پر اسان اٿينس ۽ روم جي مثالن ۾ ڏٺو آهي ته رياست جي اداري کي، پراڻن نياتن وارن نظامن کي ختم ڪري، سندن جاين ڀرڻ لاءِ ڪيڏي نه وڏي مشڪل ۽ ڊگهي جدوجهد جي ضرورت بڻجي ويئي هئي.
    (2) ته رياست جي ادارن جو ٻيو نمبر امتيازي ڪردار هي به هوندو آهي ته جيڪا عوام جي طرفان پاڻ کي هڪ مسلح فوج جي صورت ۾ آڻيندي آهي. جيڪا عوام جي طرفان پاڻ ي هڪ مسلح فوج جي صورت ۾ منظم ڪرڻ سان سڌي سنئين طرح مطابقت نه رکندي آهي. انهيءَ خاص قسم جي عوامي طاقت کي پيدا ڪرڻ جي ضرورت هن ڪري به پيدا ٿيندي آهي ته، ڪنهن معاشري جي مختلف طبقن ۾ ورهائجي وڃڻ کان پوءِ، هڪ پاڻ مرادو عمل ڪندڙ عوامي هٿيار بند جماعت جو پيدا ٿي پوڻ هڪ ناممڪن امر بنجي پوندو آهي ۽ انهيءَ عوام ۾ ٻانها به شامل هوندا آهن. خود اٿينس جي رياست ۾ 3 لک 80 هزار ٻانهن جي مقابلي ۾ فقط 90 هزار يوناني شهرين کي حق ۽ مراعات حاصل هونديون هيون. اٿينس جي جمهوري رياست ۾ ٻانهن کي قبضي هيٺ رکڻ ۽ سندن خلاف اقدام ڪري سگهڻ لاءِ عوامي فوج واري طاقت هر وقت موجود ۽ تيار حالت ۾ رهندي هئي. انهيءَ جمهوريت واري دور جي فوج ۾ فقط امير طبقي جي شهرين کي ڀرتي ڪيو ويندو هو. وري خود اٿينس جي شهرين کي قبضي هيٺ رکڻ لاءِ هڪ ٻيو جدا سپاهين جو عملو مقرر ڪيل هوندو هو.
    اهڙي قسم جي عوامي طاقت هر رياست ۾ موجود رهندي آهي. انهي طاقت ۾نه فقط مسلح سپاهي موجود هوندا آهن، بلڪ ٻيو به ڪيتروئي مال مواد شامل ڪيل هوندو آهي. مثلن ڪورٽون، پوليس، جيل خانا، ڪورٽون ۽ عوام کي مجبور ۽ بي وس حالت ۾ رکڻ خاطر ٻيا به ڪيترا ئي اهڙا ادارا موجود هوندا آهن، جن جي نياتي معاشري کي ڪابه خبر ۽ ضرورت نه هوندي آهي. اهي ادارا ڪيترو به غير اهم قسم جا ڇو نه هجن،خاص طور تي اهڙن معاشرن ۾ جن ۾ طبقاتي دشمنيون اڃان پوري ريت وڌي وڻ نه ٿيون هجن، پر جيڪڏهن وڌيون به هجن تڏهن به اهڙن پرانهن علائقن ۾ موجود هجن جهڙيءَ ريت ڪنهن زماني ۾ آمريڪا جي متحده رياستن ۾ ڪن ٻين ملڪن ۾ موجود هونديون هيون. يا اڄ به موجود آهن. ڪنهن به رياست ۾ اهي طبقاتي دشمنيون جيتري قدر سخت ٿينديون وينديون آهن، اوتري ئي قدر سندس عوامي طاقتن مثلن فوج، پوليس، ڪورٽن، جيل خانن وغيره کي به وڌائڻو پئجي ويندو آهي.
    ساڳيءَ طرح جڏهن پاڙيسري ملڪن جي علائقن، ايراضين ۽ مردم شماري ۾ واڌ ايندي ويندي آهي ته جيلخانن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻو پئجي ويندو آهي. اسان کي فقط يورپي ملڪن جي موجوده صورتحال تي نظر ڊوڙائڻ سان ئي ان جو پتو پئجي سگهي ٿو ته انهن ملڪن ۾ داخلي طبقاتي جنگ ۽ ڌارين ملڪن کي فتح ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ چٽاڀيٽي ڪرڻ، انهن رياستن جي عوامي طاقتن کي وڌائي وڌائي هڪ اهڙي حد تي آڻي بيهاري ڇڏيو جو خود سمورن يورپي معاشرن ۽ سندن رياستن جي ادارن جي ختم ٿي وڃڻ جو انديشو ۽ خطرو پيدا ٿي پيو آهي.
    انهيءَ عوامي طاقت کي موجود باعمل ۽ برقرار رکڻ خاطر، رياست جي اداري کي پنهنجن شهرين کان امداد وٺڻي پئجي ويندي آهي. يعني کانئن ٽيڪسون وٺڻيون پون ٿيون.اهڙين ٽيڪسن وٺڻ جي نياتي معاشري کي ڪابه خبر نه هوندي آهي. پر موجوده وقت يعني رياستي نظام ۾، هر شخص کي سڌ آهي ته معاشري ۾ تهذيب جي واڌاري سان خود اهي ٽيڪسون به ناڪافي ٿي پون ٿيون، انڪري رياست آئنده لاءِ ٻيا به ڪيترا بندوبست ڪري ٿي. مثلن ڌارين پرڏيهي دوست رياستن کان قرض ۽ امداد حاصل ڪري ٿي. خود پنهنجي عوام کان به قرض ورتا وڃن ٿا. اهڙن قرضن جي وٺڻ ۽ ڏيڻ جو ذڪر مذڪور هڪ عام رواجي ڳالهه جيان هڪ کليل راز هوندو آهي.
    عوامي طاقت کي وجود ۾ آڻن ۽ ٽيڪسون مڙهڻ واري حق کي حاصل ڪرڻ بعد رياست جو آفسير طبقو يعني معاشري جا عوامي ڪارندا ۽ عملدار پاڻ کي معاشري جي ٻئي عوام کان مٿڀرو ڀائين ٿا.اها آزاد ۽ رضاڪارانه عزت ۽ احترام جيڪو نياتي عهديدارن (مکين ۽ وڏيرن) کي ملندو آهي، کين راضي رکڻ لاءِ ناڪافي ٿي پوندو آهي. پر جيڪڏهن هو ان کي حاصل به ڇو نه ڪري وڃن ته به اهي عملدار ۽ حاڪم هڪ اهڙي طاقت جا پرزا هوندا آهن، جيڪا معاشري کان بلڪل جدا هڪ ڌاري، اجنبي ۽ غير شيءِ هوندي آهي. ان ڪري هر رياست کي پنهنجن ڪارندن ۽ عملدارن جي لاءِ رعايا جي دلين ۾ احترام پيدا ڪرڻ خاطر غير معمولي قسم جا قانون مدون ڪرڻا پئجي ويندا آهن ته، جيئن سندس اهي عملدار انهن قانونن جي موجودگيءَ ۾ خاص قسم جو نه اورانگهي سگهڻ جهڙو تقدس ماڻي سگهن.
    انهيءَ ڪوڙي، مصنوعي ۽ جعلي تقدس جي ڪري ئي هڪ مهذب رياست جو گندي ۾ گندي ۽ ڪميڻي ۾ ڪميڻو پوليس وارو به نياتي معاشري جي سمورن بااختيار عهديدارن جي مقابلي ۾ کانئن وڌيڪ با اختيار هوندو آهي. پر جيڪا دلي عزت ۽ احترام گهٽ ۾ گهٽ درجي جو نياتي مکي ۽ معمولي ۾ معمولي قبائلي سردار ماڻي ٿو، ان جي حصول لاءِ تهذيب جي پيدا ڪيل رياست جا وڏي ۾ وڏا شهزادا، نواب، جرنيل، گورنر، جج ۽ سياستدان عمر ڀر سڪندا رهن ٿا. ان جو مکيه ڪارڻ هي هوندو آهي ته انهن ٻنهي ڄڻن مان هڪڙو شخص (نياتي مکي وڏيرو يا قبائلي سردار) پنهنجي معاشري ۾ اندر رهي ان جي سماجي درجي ۽ حالتن جي مطابقت ۾ حياتي گذاري ٿو ۽ ٻيو شخص يعني رياستي عملدار انهيءَ معاشري کان پرڀرو ۽ مٿي رهي ان جي عيوضي بنجڻ جي بي سود ۽ لاحاصل ڪوشش ڪري ٿو.
    رياست جي اداري کي پيدا ڪرڻ جي ضرورت طبقاتي دشمنين کي روڪڻ لاءِ پيدا ٿي هئي ۽ رياست جو ادارو ان وقت پيدا ٿيو جڏهن معاشري جي مختلف طبقن جي وچ ۾ سماجي ۽ سياسي ڪشمڪش وڌي زور شور سان جاري ٿي ويئي هئي. ان ڪري عام قاعدي پٽاندر انهيءَ رياست کي به ڦري انهيءَ طبقي جي رياست بنجڻو پئجي وڃي ٿو. جيڪو طبقو ٻين باقي سمورن طبقن کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي ۽ اهوئي طبقو اقتصادي طور تي به معاشري جو بالادست طبقو بنجي پوندو آهي. انهيءَ اقتصادي بالادستي ۽ اقتدار جي ڪري رياست جو ادارو به مظلوم طبقن کي ڦرڻ لٽڻ ۽ کين قبضي هيٺ رکڻ خاطر انهيءَ بالادست طبقي جي هٿن ۾ هڪ نئون ڪارگر هٿيار بنجي پوندو آهي. اهوئي سبب هوندو آهي ته قديم زماني ۾ ٻانهن کي قبضي هيٺ رکڻ لاءِ رياست جي اداري کي به ٻانهن جي مالڪن جي رياست بنجڻو پئجي ويو هو.
    ساڳيءَ طرح آبادگارن، زمين سان چهٽيل ڪڙمين ۽ ٻانهن کي قبضي هيٺ رکڻ خاطر رياست جي اداري کي به جاگيردارن جي رياست بنجڻو پيو هو. موجوده جديد دور ۾ سورمائي وسيلي اجرتن تي پورهيو ڪندڙ پرولتاري طبقي جي لوٽ کسوٽ ڪرڻ لاءِ به رياست جي اداري کي سرمائيدارن جي رياست بنجڻو پيو آهي. تاريخ جي وهڪري ۾ اتفاقي طور تي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا به دور اچي وڃن ٿا جو ڪشمڪش ڪرڻ ۾ مشغول طبقن جي وچ ۾ طاقت جو توازن لڳ ڀڳ هڪ ڪرو ٿي پوندو آهي. اهڙي صورتحال ۽ رياست جي اداري کي به ٿوري وقت لاءِ ٻنهي طبقن کان پري رهي هڪ غيرجانبدار ۽ آزاد مصنف جو ڪردار ادا ڪرڻو پئجي ويندو آهي.
    سترهين ۽ ارڙهين صدين عيسويءَ ۾ ڪن يورپي ملڪن جي مطلق العنان بادشاهن جي نظام کي به، ٻهراڙين ۽ شهري طبقن جي وچ ۾ مساوات کي قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پئجي ويون هيون. اهڙي قسم جو واضح مثال فرانس ۽ بونا پارٽ اول ۽ بعد ۾ بونا پارٽ خاندان جي بادشاهت وارن دورن ۾ پيدا ٿيو هو. جيڪو نظام پاڻ کي بچائڻ خاطر ڪڏهن شهري پرولتاري کي بورزوا طبقي جي خلاف ته ڪڏهن وري بورزوا طبقي کي پرولتاري طبقي جي خلاف ڀڙڪائيندو رهندو هو.
    اسان کي اهڙو مسخريءَ جهڙو نظارو جرمنيءَ ۾ شهزادي بسمارڪ واري حڪومت ڏيکاريو هو. جنهن ۾ ٻئي رعايا توڙي حاڪم بيوقوفي جا ڪارناما ڪندا رهيا هئا.انهيءَ حڪومت هيٺ ٻئي سرمائيدار توڙي پرولتاري طبقا پنهنجي پنهنجي طاقت ۾ گهڻو ڪري هڪ جهڙا هوندا هئا. پروشيا جي اقتدار تي قابض پراڻو غريب ٿي ويل جاگيردار طبقو انهن ٻنهي طبقن کي بيوقوف بنائندو رهيو.
    تاريخي طور تي ڪيترين ئي معروف قديم رياستن ۾، شهرين جي حقن کي سندن دولت ۽ ملڪيتن جي انداز آهر مقرر ڪيو ويندو هو. انهيءَ امر مان هن حقيقت جو واضح اظهار ٿئي ٿو ته رياست اهو ادارو ۽ نظام هوندو آهي، جنهن ۾ ذاتي ملڪيتن جي مالڪن جي طبقي کي، انهن طبقن جن وٽ ڪابه ذاتي ملڪيت نه هوندي آهي، جي برخلاف بچاءَ ڏيندو آهن. اٿينس ۽ روم جي رياستن ۾ پڻ اها ساڳي صورتحال موجود هوندي هئي. ڇو ته منجهن سماجي ۽ سياسي حقن جا بنياد ذاتي ملڪيتن جي مالڪن جي حيثيتن کي نظرن ۾ رکندي مقرر ڪيا ويندا هئا.
    ساڳئي قسم جي صورتحال ازمنه وسطيٰ جي جاگيردارانه رياستن واري دور ۾ به موجود هوندي هئي، انهن رياستن ۾ سياسي اقتدار جي حاصل ڪرڻ جو معيار جاگيردار جي جاگيري ايراضي ۽ پيدائش مطابق مقرر ڪيل هوندو هو. موجوده جديد دور جي چونڊيل عيوضين وارين رياستن ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ اسيمبليءَ جي رڪنيت لاءِ اميدوار بيهي سگهڻ لاءِ پڻ ساڳين قسمن جي اصولن کي نظرن ۾ رکيو وڃي ٿو. پر سياسي طور تي فقط ذاتي ملڪيتن جي بنيادن تي امتياز ڪرڻ جو عمل خود ڏيکاري ۽ ثابت ڪري ٿو ته خود مثال واري رياست ترقي جي هيٺاهين درجي تي پهتل آهي.
    يورپي معاشري جي موجوده جديد دور ۾ رياست جو بهترين نمونو يعني جمهوري رعيتي راڄ جيڪو موجوده سياسي حالتن ۾ هڪ اڻ ٽر ضرورت بنجي پيو آهي، رياست جي اداري جو هڪ اهڙو نمونو هوندو آهي، جنهن ۾ في فقط،بورزوا ۽ پرولتاري طبقن جي وچ ۾ آخري محاذ تي هڪ فيصله ڪن معرڪو ضرور وڙهڻو پوندو. انهيءَ قسم جي جمهوري رعيتي راڄ ۾ سرڪاري طور تي ڪنهن به ذاتي ملڪيت جي موجود يا نه موجود هجڻ جو امتياز نه ڪيو ويندو آهي. انهيءَ نموني جي رياست ۾ دولت ۽ ذاتي ملڪيت پنهنجي طاقت ۽ اقتدار جو مظاهرو اڻ سڌو پر يقيني نموني ۾ ڪندي آهي. انهيءَ نموني جي رياست ۾ هڪ طرف دولت وسيلي سياست اقتدار کي سنئون سڌو ”رشوتون ڏيڻ“ وسيلي خريد ڪيو ويندو آهي. جنهن جو ڪلاسيڪي مثال متحده رياستونآمريڪا آهي ۽ ٻئي طرف سرڪاري يعني رياست ۽ وڏين واپاري اسٽاڪ ايڪسچينجن جي وچ ۾معاهدا ڪيا ويا آهن. جن جي وسيلي سرڪار کان وڏيون رقمون قرض طور ورتيون وينديون آهن ۽ ڪيتريون ئي جانئٽ اسٽاڪ ڪمپنيون نه رڳو ملڪي آمدرفت ۽ مواصلاتي نظام تي قبضو ڪري وڃن ٿيون، پر اهي خود ساڳئي اسٽاڪ ايڪسچينج واري اداري کي هڪ مرڪز طور استعمال ڪندي سموري ملڪي پيداوار تي قابض ٿي وينديون آهن. انهي نموني جي رعيتي راڄن جا فرينچ ريپبلڪ ۽ متحده رياستون آمريڪا بهترين مثال آهن. انهي ميدان ۾ سئٽزرلينڊجي رياست پڻ کانئن پوئتي پيل نه آهي.
    جرمن ۽ برطانيا سلطنتن جي رياستن جي مثالن ۾ وري هيءَ حقيقت موجود ۽ ظاهر هوندي آهي ته سرڪار ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي وچ ۾ معاهدن ڪرڻ لاءِ ڪنهن جمهوري راڄ جي نظام جي موجودگي ڪو لازمي شرط نه هوندو آهي. يعني جتي ڪوبه شخص اها ڳالهه ڪري نه ٿو سگهي ته، فلاڻو ڪي فلاڻو شخص اقتدار جي انهيءَ اعليٰ ترين منزل تي عوام جي ووٽن حاصل ڪرڻ وسيلي پهچي سگهيو آهي. مثلن پرسن بسمارڪ يا بليڪ روڊر، جيستائين مظلوم طبقو يعني اسان پرولتاري طبقو پاڻ کي آزاد ڪرائڻ خاطر تيار ۽ منظم ٿي نه سگهيو آهي ۽ انهيءَ طبقي جي غالب ترين اڪثريت ائين سمجهندي ايندي ته معاشري جو موجوده رائج نظام ئي فقط هڪڙو ئي واحد ممڪن نظام آهي ۽ کاٻيءَ ڌر وارا به پاڻ کي هميشه سرمائيدار طبقي جا حاشيه بردار بنايو ايندا، ايستائين دولت ۽ ذاتي ملڪيتن تي قابض طبقو خود عوام جي ئي ووٽن وسيلي مٿن سنئون سڌو حڪومت ڪري سگهي ٿو پر جڏهن اهو مظلوم طبقو پاڻ کي سرمائيدارن جي نظام ۽ نظريه کان نجات ڏيارڻ خاطر سچ پچ اهڙو ته تيار ٿي ويندو هو، جو هو پاڻ کي هڪ منظم پارٽي طور منظم ڪري سگهي، تڏهن ئي اهو طبقو سرمائيدادرن کي ووٽ ڏئي منتخب ڪرڻ جي بجاءِ خود پاڻ مان پنهنجا پرولتاري عيوضي چونڊي قانون ساز ادارن ۾ موڪلي سگهندو.
    ان ڪري چئبو ته، ملڪ جي سموري عوام کي ووٽ ڏيڻ جي حق جو ملڻ خود پرولتاري طبقي جي سياسي ۽ سماجي بلوغت کي ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ پيمانو يا ٿرماميٽر هوندو آهي. موجوده دور واري رياستي نظام ۾ اهوئي ۽ ايتري قدر ئي بنجي پوڻ ڪافي هوندو آهي. پر انهيءَ ڏينهن تي جڏهن پرولتاري طبقي جي حالت ۾، سموري ملڪ جي عوام جي ووٽ ڏئي سگهڻ جو حق انهيءَ ٿرماميٽر جي پاري جي مٿي چڙهي وڃڻ وارو درجو ڏيکاريندو، تڏهن ئي ٻنهي سرمائيدارن توڙي پرولتاري طبقن کي پاڻ مرادو خبر پئجي ويندي ته ٻنهي ڌرين کي وڌيڪ ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    مٿين دليلن کي نظرن ۾ رکي دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته رياست جو ادارو هرگز ڪو اهڙو فطري يا قدرتي ادارو نه هوندو آهي، جيڪو ازل کان وٺي وجود ۾ رهيو هجي. دنيا ۾ اهڙا معاشرا به موجود هئا جيڪي ڪنهن به رياست جي اداري جي موجودگيءَ کان سواءِ هلندا هئا ۽ کين ڪنهن به رياست جي وجود ۽ سندس طاقت جي ڪابه خبر نه هوندي هجي. اقتصادي طور تي ارتقا ڪندي ڪندي معاشري ۾ هڪ اهڙو به دور آيو هو جنهن جو واسطو معاشري جي طبقن ۾ ورهائجي وڃڻ واري عمل جي ڪري ئي رياست جي اداري جي موجودگي وٽن هڪ اشد سماجي ۽ سياسي ضرورت پئجي ويئي هئي.
    هينئر اسين وري تيزيءَ سان پيداوار جي انهيءَ درجي تي پهچي رهيا آهيون جتي انهن غير فطري طبقن جي موجودگي جي ڪابه ضرورت باقي نه رهندي، بلڪ طبقن جي معاشري ۾ موجودگي خود معاشري جي اقتصادي پيداوار ۾ هڪ مثبت رنڊڪ بنجي پوندي. اهي طبقا جهڙيءَ ريت شروعاتي دور ۾ پيدا ٿي پيا هئا. ساڳيءَ ريت ختم به ٿي ويندا. يعني جن عوامل ۽ اسبابن کي جنم ڏنو هو، انهن جي ختم ٿي وڃڻ سان اهي طبقا پڻ خودبخود ختم ٿي ويندا. رياستي وجود جي خاتمي کان پوءِ ئي خود معاشرو پاڻ پيداوار کي هڪ آزاد اداري جي صورت ۾ ڏيندو ۽ پيداوار ڪندڙن جي جماعتن کي مساوات جي نون بنيادن تي منظم ڪري، رياست جي جمهوري ڪارخاني کي انهيءَ جاءِ تي موٽائي آڻي بيهاري ڇڏيندو، جتي سندس اصلوڪي جاءِ هوندي هئي. يعني کيس قدامت جي عجائب خاني ۾ چرخي آڏاڻي ۽ ڪٽ مان ٺهيل ڪهاڙيءَ سان گڏائي بيهاري ڇڏيندو.
    مٿي ذڪر ڪيل سموري بحث مباحثي مان اسين هن نتيجي تي پهچون ٿا ته تهذيب معاشري جي اها منزل هوندي آهي جنهن منزل تي پورهئي جي ورهاست فردن جي وچ ۾ ٿيندڙ مٽا سٽا ۽ خام مال جي پيداوار جيڪا ٻنهي عملن جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪري ٿي ۽ ٻنهي عملن جي ماحول ۽ حالتن جو پورو پورو اظهار به ڪري ٿي ۽ موجوده دور تائين معاشري ۾ انقلابن پٺيان انقلاب آڻيندي رهي ٿي، اصل ۾ سمورن سابق دورن تائين انساني معاشري ۾ پيداوار لازمي طور تي اجتماعي قسم جي هوندي آهي. ان جي کپت ۽ استعمال پڻ وڏين يا ننڍين اشتراڪي جماعتن ۾ پيداوار جي سڌي طرح ورهاست ڪرڻ سان ئي ٿيندو هو پر اهو مشترڪ طور تي پيداوار ڪرڻ جو طريقو تمام محدود حدن اندر عمل ۾ ايندو هو. ان هوندي به پيداوار ڪندڙ شخص پاڻ پنهنجي پيداوار خواه پيدا ڪرڻ جا عمل جا آزاد مالڪ هوندا هئا. کين اها به خبر پوندي رهندي هئي ته سندن پيدا ڪيل خام مال يا شين (سامان) جو ڪهڙو حشر ٿيو هو؟
    مطلب ته هو پنهنجي پيداوار جو ڦل پاڻ کائيندا هئا ۽ پيداوار سندن قبضي ۽ اختيار کان ٻاهر نه هوندي هئي. جنهن وقت تائين پيداوار کي انهن اصولن ۽ بنيادن تي پيدا ڪيو ويندو هو ته اها اهڙن پيداوار ڪندڙن جي قبضي کان ٻاهر نڪري نه سگهندي هئي ۽ سندن پيداوار مان ڪي به اهڙا عجيب ۽ اوپرا ديو به پيدا نه ٿيندا هئا جيڪي خود ساڻن (پيداوار ڪندڙ مالڪن سان) وڙهي پون. پر تهذيب جي دور ۾ داخل ٿيڻ بعد اهڙي عجب جهڙي حالت ۽ واردات پورن مقرر ڪيل وقتن لاءِ محال طور تي پيدا ٿيندي رهندي هئي.
    پر پيداوار جي انهيءَ عمل ۾ پورهئي جي ورهاست واري ماجرا ماٺ ميٺ ۾ آهستي آهستي معاشري اندر گهڙي آئي هئي. جنهن ايندي ئي شرط پيدوار ۽ ان جي استعمال ڪرڻ جي اشتراڪي نوعيت ۽ فطرت کي ڀڃڻ ڊاهڻ شروع ڪري ڏنو هو. انهيءَ عمل هينئر پيداوار جي فرد جي هٿان استعمال ڪرڻ جي عمل کي هڪ عام قاعدو بنائي ڇڏيو هو. جنهن منجهان آخرڪار فردن جي وچ ۾ سنئين سڌي مٽا سٽا ڪرڻ جو رواج پئجي ويو هو. اهو رواج ڪيئن پيو هو؟ ان جو تفصيلي ذڪر اسين ڪري آيا آهيون، هينئر پنهنجي صورتن کان وڌيڪ پيداوار ڪرڻ جو رواج پڻ درجه بدرجه زور وٺندو عام ٿيندو ويو هو.
    خام مال جي پيداوار هينئر پنهنجن ضرورتن جي پوري ڪرڻ لاءِ نه پر مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ شروع ٿي چڪي هئي. انڪري پيداوار هڪڙي فرد جي هٿن مان نڪري ٻئي فرد جي هٿن ۾ پهچڻ لڳي هئي. اهڙي قسم جي مٽا سٽا ڪرڻ دوران پيداوار خود پيدا ڪندڙ شخص جي هٿن مان نڪري پر ڪري اڏامي وڃي ٿي ۽ کيس اها خبر به نه ٿي رهي ته سندس پيداوار ڪهڙي شخص وٽ وڃي پهتي آهي؟ ۽ ڪٿي وڃي پهتي آهي؟ وري جڏهن سڪو ۽ ان سان گڏ تاجر طبقو ٻن پيداوار ڪندڙن جي وچ ۾ هڪ ٽين ڌر بنجي پوي ٿو ته پيداوار جي مٽا سٽا ڪرڻ جو عمل پاڻ وڌيڪ منجهائيندڙ بنجي پوي ٿو. واپاري ۽ تاجر ايترا ته گهڻا ٿي پون ٿا جو ڪنهن واپاريءَ کي اها به خبر پئجي نه ٿي سگهي ته ٻيو واپاري انهيءَ پيداوار جو ڪهڙو استعمال ڪري رهيو آهي؟ خام مال نه فقط هڪڙي فرد جي هٿن مان نڪري ٻئي فرد جي هٿن ۾ پهچي ٿو، بلڪ هڪ ملڪ جي منڊي مان نڪري ٻئي ملڪ جي منڊي ۾ پهچي ٿو.
    نتيجي ۾ سموري ملڪ جي مجموعي پيداوار تي سمورن پيداوار ڪندڙن جو ڪوبه قبضو نه ٿو رهي ۽ نه وري کين سندن پيداوار جي حياتيءَ جي عرصي جي ڪا خبر پئجي سگهي ٿي ۽ نه وري خود واپارين ۽ تاجرن جو به ان تي ڪو قبضو رهي ٿو. مطلب ته ٻئي پيداوار ۽ پيداوار وسيلي حاصل ڪيل سڻيون موقعي Chance جي هٿن ۾ رانديڪا بنجي پون ٿيون.
    پر موقعو وري خود باهمي رابطي جي لٺ جو هڪڙو مٿو هوندو آهي ۽ ان جو ٻيو مٿو هوندو آهي،ضرورت اسين خود فطرت ۾ به موقعي کي حڪمراني ڪندي ڏسون ٿا. ان ڪري اسين انهيءَ امر کي هڪ ڄاتل سڃاتل ميدان ۾ عمل ڪندي ڏسون ٿا ۽ محسوس به ڪريون ٿا، خود موقعي جي وجود جي اندر يعني فلسفي جي زبان ۾ ته موقعي جي وجود ۾ في نفسه ٻنهي ضرورت ۽ وقت وارو سلسلو ۽ ربط خودبخود هميشه ڪارفرما رهن ٿا. اهو اصل لڪيل آهي ته هر اهو امر جيڪو فطرت جي حالت ۾ صحيح هوندو آهي، اهو ساڳيو امر معاشري جي حالت ۾ صحيح هوندو آهي.
    انساني شعور کي ضابطي هيٺ رکڻ خاطر جيتري قدر به ڪو سماجي عمل هڪ سلسلي جي طور تي طاقتور ٿيندو ويندو اوتري ئي قدر اهو عمل انساني پهچ ۽ وس کان ٻاهر نڪرندو ويندو ۽ جيتري قدر به اهو