مُهاڳ : پوپٽَ تون پاڻَ اُڏارِ !
ٻار جيڪي موجوده حالتن ۾ ڀوڳي رهيا آهن. ماحول جو مُناسب نه هُجڻ اسان جي عدم دلچسپي ۽ سنڀال نه ڪري سگهڻ سان، انهن جون مصروفيتون متاثر ٿيڻ لڳيون آهن .هن تيز رفتار دور ۾ جتي اطلاع ۽ تفريح جا ڪافي ذريعا ميسر آهن. اُتي اسان پنهنجي ٻارَ لاءِ علم ۽ ادب جو ڪو مناسب ماحول جوڙي ناهيون سگهيا. ڪيتري عرصي کان اها ڪوتاهي نظر پئي اچي. اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي ڪتابن جو انگ ۽ پڙهندڙن جو انگ حيرت جي حد تائين گهٽجڻ لڳو آهي. اشاعتي ادارا جيڪي تقريباً ڪمرشل آهن، سي مواد پنهنجي مرضيءَ ۽ مفاد وارو ڇپرائي رهيا آهن. جتان لاڀ حاصل ٿئي ٿو، هُنن جو لاڙو اوڏانهن آهي، ٻاراڻي ادب ڏانهن جيئن ته اشاعتي ادارن جو ڌيان ڪونهي، بلڪل ائين اسان جي ليکڪ جو رويو به ان پاسي ڏانهن انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. اسان جا وڏا وڏا ليکڪ جيڪي ڪالهه تائين ٻاراڻي ادب کان لکڻ شروع ڪيائون، اڄ هُو ٻار ۽ ٻاراڻي ٻاتي ٻوليءَ کان ٻاهر نڪري پيٽو ڪڍي بيٺا آهن. چوڻ لاءِ چوندا ته ٻارن لاءِ لکڻ گهرجي پر لکڻ کان ٺپ جواب...
ايڪڙ ٻيڪڙ ايندڙ ٻاراڻا رسالا، ٻاراڻي ادب ۾ آڪسيجن ڀريندا رهيا. پر ويندڙ وقت ۾ ڄَڻ ته انهن جي ڦوڪڻي مان به هوا نڪري وئي ۽ ائين ويچارا ٻارڙا مواد مناسب انداز ۾ نه ملڻ ڪري ٻيون مشغوليون ڳولهڻ لڳا...
اهڙي ماحول ۾ اسان جي هڪ سلڇڻي اديب دوست ”وحيد مُحسن“ کي محسوس ٿيو ته ڇونه بيٺل پاڻيءَ ۾ ڀتر اُڇلائي ڪو پڙاڏو ڪجي. سو هن ادب جي متوالي پنهنجي هڙان مسڪيني حال ۾ به همت جو مظاهرو ڪيو ۽ ٻارن لاءِ آکاڻين جو هي ڪتاب ”مهمان جهرڪي“ لکي پنهنجي ادب ۽ ٻارن سان بي انتها پيار جو ثبوت ڏنو آهي.... هن جي ڪهاڻين اندر جيڪو ڪلائيميڪس آهي اهو پڙهڻ کان پوءِ لڳي ئي نه ٿو ته ڪو هي ڪهاڻيون رڳو تفريح آهن. پر انهن ۾ اهڙو ته خوبصورت پيغام آهي جو پڙهندڙ هر ڪهاڻيءَ اندر گِهري وڃي ٿو ۽ هر احساس کي پنهنجي اندرَ جو آواز محسوس ڪري ٿو.....هونئن به ليکڪ جو ڪم رستو ڏيکارڻ هُجي ٿو، پڙهندڙ پنهنجي منزل پاڻ ڳولهي لهي ٿو. سو هن دوست به وڏي جاکوڙ سان معاشري ۾ موجود، بُراين، ڀلاين، ۽ اهم ڳالهين ڏانهن وڏي فن سان ٻارن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي...
ٻارن لاءِ ٻارُ ٿي لکڻو پَوي ٿو. انهن جي لهجي. انداز ۽ معصوميت واري ماحول کي سامهون رکي قلم کي ڪاغذ تي هلائڻو پوي ٿو. ٻارن جو مزاج انهن جي ذهني پهچ، دلچسپي، خواهش، خيال، خوف مطلب ته هر ان احساس کي پاڻ ۾ پيدا ڪري پوءِ لکڻو پوي ٿو ته جيئن ڪنهن هنڌ تي به ائين محسوس نه ٿي ته، اهو هٿرادو يا جڙتو آهي. ان ڪري ٻارن جو ليکڪ ٿي لکڻ هڪ الڳ تجربو هُجي ٿو، جيڪو تجربو هڪ ليکڪ وٽ پنهنجي ننڍپڻ کان حاصل هُجي ٿو. وڌندڙ عمر ۽ مشاهدي سان توڙي جو لکندڙ جو مزاج ۽ ماحول تبديل ٿئي ٿو. پر پوءِ به اها ٻاراڻي حِس ان جي اندر ۾ موجود هئڻ گهرجي ۽ هُجي به ٿي، جيڪا حرارت ۽ شرارت ڪندي کيس لکڻ مهل اهڙو بڻائي ٿي ڇڏي، جهڙو هو ننڍپڻ ۾ پاڻ رهيو آهي...ائين لکندي لکندي هڪ ڪهاڻيڪار جڏهن پڙهندڙ کي پنهنجي پوري سگهه سان پڪڙي اهو چورائي ته ڏِس سِج بيٺو آهي پر اڌ رات آهي ۽ پڙهندڙ اکيون پوري اڌ رات جي احساسَ ۾ هليو وڃي ته سَچ پچ اهوئي قلمڪار جو چمتڪار آهي...
اسان وٽ ٻاراڻو ادب لکندڙن جو انگ انتهائي ٿورو آهي. ان ٿورائيءَ مان به وري چند قلمڪار اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي قلم جي فرض لاهڻ واري فرض کان آشنا آهن. انهن مان ئي ”وحيد محسن“ به آهي. وحيد محسن مستقل لکندو رهي ٿو ۽ پڙهندو رهي ٿو، اها لِک پَڙهه ئي حقيقت ۾ هن جي اندر آنڌ مانڌ مچائي ٿي، تڏهن ئي قلم ”علم جي روشني“ جهڙي ڪهاڻي کي جنم ڏي ٿو. همير ۽ نصير جي وچ ۾ گفتگو، علم جي اُساٽ جو احساس، بند اسڪول کولرائڻ جو خواب، ڳوٺ اندر تعليم جو فروغ، وڏيري بادل خان جي ڪرايل اسڪول تي قبضي وارو احساس ۽ تبديليءَ طرف وڌندڙ وکون حقيقت ۾ ايندڙ وقت جي پيدا ٿيندڙ اوني جو علاج آهن، جيڪي مُحسن جي قلم مان وڏي مهارت سان ڇُهي نڪتيون آهن...
هن جي ڪهاڻين جا موضوع ۽ ڪردار انيڪ آهن. ڳوٺاڻي ماحول جي عڪس بندي. اتان جي پيدا ٿيندڙ حالتن جو احساس، ڪمي ڪوتاهيءَ ۽ مجبوري وارا منظر ڄَڻ ته وحيد جي قلم مان پوٽريٽ بڻجي ڪنهن تصويري نظارن جيان نڪري اکين جي اسڪرين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪردارن جي ٻولي سادي، عام فهم ۽ سليس هُجڻ ڪري انتهائي نفيس ٿي لڳي. هُو ڪنهن به ڪردار کي ڇُهي ٿو ته ڪردار پاڻ ڳالهائي ٿو. پنهنجو اندر اوتي رکڻ به ڪو وحيد کان سکي ”ڪانون جو ايڪو“ واري ڪهاڻي ۾ پنهنجو ماضي اُٿلايو اٿائين. ڄڻ ڪي گذريل وقت جون ساروڻيون لکيون هُجائين....ڳوٺ رستم ۾ جنم وٺندڙ وحيد پنهنجي ڳوٺ جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو ”رستم ۾ جڏهن بجلي جي هلڻ جي شروعات ٿي هُئي، تڏهن ماڻهن خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو. چئي رهيا هئا ته هاڻِي اسين به شهر جي ماڻهن وانگر سکيا ستابا ٿينداسين“....
اهڙي احساس کي اندر ۾ وڃي ڏسجي ته ليکڪ ڪيڏو نه معصوماڻي انداز ۾ لائيٽ جي اچڻ تي مُسرت ورهائڻ ۽ انهن ٽهڪن کي شيئر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪي انتهائي حقيقي ۽ سَچا پچا آهن. اهڙي قسم جي بي ساختگي ئي سَچ پچ ته روح کي رهڙا پائڻ جو فن ڄاڻيندي آهي ۽ اهڙي فن کان مُحسن به باخبر آهي. ”ڪانون جو پاڻ ۾ ايڪو هو، هُو پنهنجي مَري ويل ساٿين جي ڏک جو اظهار ڪري رهيا هئا“. جهڙو جملو پڙهڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي ته ليکڪ ڪيڏي نه سهڻي فوٽو گرافي ڪئي آهي، ڪانون جو مِڙڻ ڪان ڪان ڪرڻ ۽ ڳوٺ مٿي تي کڻڻ واري ڳالهه ڪنهن جي مشاهدي ۾ نه هوندي؟ سو مُحسن ان معمولي احساس کي پنهنجي فن سان ڇُهي ڄَڻ ته حالتن ۾ ساههُ وڌُو هجي....سندس ڪهاڻي ”جوت“ پڙهڻ کان پوءِ علم سان چاهه جي هڪ نئين راههَ کلي ٿي، جوت ۾ نويد نه صرف پڙهي ٿو پر سائيڊ ۾ هُو ڪاريگر به بڻجي ٿو. هو ٽيلر ماسٽر بڻجي اجوري مان پنهنجي ڪراڙي ماءُ کي به پالي ٿو ته خرچ جو ذمو پنهنجي سِر کڻي گهر جو گاڏو به هلائي ٿو، اهڙو پيغام ليکڪ جي قلم مان ئي ملي سگهي ٿو، جيڪو هر پڙهندڙ ٻار جي اندر جوت جلائڻ وارو ڪم ڪري سگهي ٿو...
جيئن ته وحيد مُحسن بنيادي طور هڪ سگهارو شاعر به آهي. علم عروض جو ماهر هُجڻ سان گڏ هڪ سٺو قلمڪار به آهي، تنهنڪري وحيد جي قلم مان جيڪا ”مهمان جهرڪي“ نِسري اُڏري آهي، ان ۾ هِن نه رڳو پنهنجي شاعراڻي ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آهي. پر پکين سان بي پناهه پيار جي پالوٽ به ڪري رکي اٿائين. مهمان ته هر ڪنهن کي پيارا هوندا آهن پر وحيد هڪ جهرڪي جي ميزباني ڪري جيڪو مانُ لڌو آهي، اهو هِن جي حِساس هُجڻ جي سَنَدَ به آهي. اها مهمان جهرڪي جيڪا چانور چڳيندي هُنن کان پري هلي وئي هئي سا ڪمال سان ڪاريگري ڪندي مُحسن ڪيئن موٽائي، اهو ته پڙهندڙن لاءِ پوئتي ٿا ڇڏيون....اظهار جا سمورا رستا کولي ڇڏيندڙ وحيد مُحسن وٽ ڪابه شئي منجهيل ناهي.
هن جي ڪهاڻين ۾ لکڻ دوران ڪابه هٻڪ، جهجهڪ يا ڪا دٻيل ڳالهه ناهي جنهن کي ٻار آسانيءَ سان سمجهي نه سگهي. هو ڪنهن هنڌ به ٻار کي مايوسي ۾ نه ٿو وڪوڙي پر هڪ سُٺي سَرجن جيان ڪمزور حال مريض کي تپاسڻ کان پوءِ عمدي علاج جو مشورو عطا ٿو ڪري. هُن جي جذبن ۾ هڪ جدوجهد آهي جيڪا ڪهاڻين جي صورت ۾ ٻارن جي ذهنن ڏانهن منتقل ٿئي ٿي. هن وٽ روڄ راڙو ناهي پر مُسڪراهٽون ۽ خوشخبريون آهن جيڪي نهايت سهڻي انداز ۾ ساههُ کڻي پڙهندڙ وٽ پهچن ٿيون....هن جي ڪهاڻين ۾ سفر ڪرائڻ واري شڪتي آهي جيڪا بنا ڪنهن ٿڪاوٽ جي اڳتي وڌڻ جي جستجو ڏي ٿي....تبديلي طرف وٺي ويندڙ وحيد مُحسن ٻارَ جي چيچ پڪڙي چَوي ٿو ته هي وَٺ ”پوپٽ تون پاڻ اُڏار“ ۽ ٻار مسڪرائي پوپٽ مان هٿ ڪڍي کيس باءِ باءِ ڪري ٿو.
وحيد محسن ان منزل جو مسافر ٿو لڳي جيڪو سفر جو سامان کڻي ڏورانهين ڪنهن ڏيهه وڃڻ وارو آهي. توڙي جو منزل ڏور آهي پر مُحسن جون وڌايل وِکون ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهن ته هو منزل کان نااميد ناهي. هُن جيڪي پيرَ سوريا آهن اُهي پنهنجو پَنڌ ڄاڻن ٿا. منهنجي خواهش ۽ دعا آهي ته وحيد محسن پنهنجي پنڌ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو! وحيد محسن جي ٻين ڪهاڻين جهڙوڪ، اسڪول لائبريري، سنڌ امڙ، طوطو اسان جي گهر جو ڀاتي، هندورو ۽ شرارت ۾ به ٻارن جي لاءِ پيغام ۽ نصيحت سمايل آهي، جنهن مان ٻارن کي تمام گهڻو حوصلو ملندو.
سجاد مهر
شِڪارپور ـــ سنڌُ.
10 نومبر 2014ع