مهمان جھرڪي
”طاهر جا پيءُ! کير وٺي اچ ته چانهن ٺاهي پيئون.“ مون ان کي هلڪي آواز ۾ ورندي ڏيندي چيومانس:
”آهستي ڳالهاءِ. ۽ هوءَ سامهون ويٺل رنگين جهرڪي ڏس، ڪيڏي نه سهڻي آهي؟“
سحر ان کي ڏسي حيران ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي:
”واقعي قدرت سندن پرڙن کي ڪيئن نه رنگين بڻايو آهي! اها جهرڪي ته پرديسي لڳي ٿي.“
اسان ٻيئي اُن خوبصورت جهرڪي کي ڏسي رهيا هئاسين ۽ ڪجهه چپن ۾ سُسُ پُسُ ڪري رهيا هئاسين ته اها جهرڪي جيڪر اسان جي گهر ۾ هميشه لاءِ ترسي پئي، هن کي اسان قيد به نه ڪنداسين. بيشڪ اها آڳر ۾ بيٺل ٻير تي رهي پئي يا اسان جي ورانڊي ۾ پنهنجو آکيرو ٺاهي، اُن تي اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونهي، ڇوته هي پکي پرندا انهيءَ مالڪ جي پيدا ڪيل تخليق آهن.
منهنجي اهڙي صلاح تي سحر مرڪي ۽ چئي رهي هئي:
”آءٌ پکين کي هونئن به روزانو اَنَ جا داڻا ڏيندي آهيان، هيءَ جهرڪي ته ڪمال جي آهي. اُن کي آءٌ روزانو اَنَ جا داڻا ضرور ڏينديس ۽ منهنجي وندر ۾ به واڌارو ٿيندو.“
مون چيومانس، ”ان جا داڻا ڏيندينءَ، اهو ته ٺيڪ آهي پر پاڻ وارا پُٽڙا عادل، وسيم ۽ طاهر لاءِ ڇا ٿي سوچين، اُهي ڪيئن راضي ٿيندا؟“
سحر حيرت واري انداز ۾ وراڻي ڏيندي چيو ، ”راضي وري ڇا جو؟ داڻا ته آءٌ ڏينديس نه!!“
مون ورندي ڏيندي چيومانس، ”منهنجي چوڻ جو مطلب ته اهي ٽئي ضدي ٻار آهن. هرڪو چوندو ته اها جهرڪي منهنجي آهي. پوءِ جهرڪي هڪ ۽ وارث ٽي! اهي پيا پاڻ ۾ وڙهندا.“
ايتري ۾ اسان جا ٽئي پُٽ عادل، وسيم ۽ طاهر پنهنجي ڪمري کان ٻاهر نڪري آڳر تي آيا ۽ اسان کي ڏسي چيائون:
”بابا ۽ امان، اوهين آڳر ۾ ڇا ڪري رهيا آهيو؟“
ٻارن کي موٽ ڏيندي سحر چوڻ لڳن، ”ٻارڙو! آهستي ڳالهايو ۽ هوءَ سامهون ويٺل رنگين جهرڪي ته ڏسو!“
ٻارن جهرڪي ڏانهن ڏسندي پنهنجي ماءُ کي چون ٿا، ”ها ها واقعي اها ته ڏاڍي سهڻي آهي.“ ٽنهي ٻارڙن کان رڙ نڪري وئي.
سحر چوڻ لڳن، ”اها سهڻي جهرڪي اوهان ٽنهي ڀائرن جي آهي. ۽ انهيءَ جو خيال رکڻ اوهان ٽنهي جي ذميواري آهي.“
ٻارن گڏجي رضامندي جو اظهار ڪيو.
اسان سڀئي هوريان هوريان ڳالهايو پئي ته جيئن جهرڪي اُڏامي نه وڃي.
انهيءَ وچ ۾ رنگين جهرڪي خوب پاڻي پيتو ۽ وهنجي سهنجي پنهنجي پرن ۽ جسم کي تازو توانو ڪيو.
اهڙي طرح ان کانپوءِ اها رنگين جهرڪي ڀڙڪو ڏئي اُڏامي وئي.
*
اسان سڀئي ٻئي ڏينهن اُنَ جهرڪي جي اچڻ جو بي صبري سان انتظار ڪرڻ لڳاسين ته رنگين جهرڪي اڃان ڇونه آئي؟
اسان هڙني اڃان اهو سوچڻ شروع ئي ڪيو هو ته اوچتو اها ساڳي رنگين جهرڪي اسان جي آڳر تي لٿي. ٻارن ان جي اچڻ کان اڳ ۾ آڳر تي چانور ڇِٽي ڇڏيا ها. رنگين جهرڪي آڳر تي گهمي ڦري چانورن جا داڻا چُڳي خوش ٿي ۽ پاٽڙي مان پاڻي پي وري واپس هلي وئي.
انهيءَ جهرڪي جو روز اچي پاڻي پيئي ڍؤ ڪري، وهنجي کاڌو کائڻ روز جو معمول بڻجي ويو هو.
سندن اهو لڪاءُ اسان کي به سٺو پئي لڳو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اها رنگين جهرڪي اسان ڏي نه آئي ۽ ٻارن مايوسي وچان گيت ڳائڻ شروع ڪيو،
اچ منهنجي جهرڪي!
اچ منهنجي جهرڪي!
چانور ساريون چُڳي وڃ،
ڪاڏي وئين سُرڪي.
اچ منهنجي جهرڪي!
ٻارَ اڌورو گيت ڳائي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳا. آءٌ ۽ سحر اُٻاڻڪا ٿي وياسين. مون طاهر کي ڀاڪر ۾ ڀريو عادل ۽ وسيم کي سحر ڀاڪر ۾ قابو ڪيو. ٻارَ سحر جي ڳلي لڳي روئڻهارڪا ٿي چوڻ لڳا، ”اچ منهنجي جهرڪي!، اچ منهنجي جهرڪي!.“
۽ طاهر منهنجي ڀاڪر ۾ نيڻن سان چوڻ لڳو، ”اچ منهنجي جهرڪي!، اچ منهنجي جهرڪي! .“
ڪمال ٿي ويو جهرڪي موٽي آئي. اٻاڻڪا ٻار کلڻ لڳا ۽ مرڪون اسان جي مُکُ تي وکري ويون!.