هندورو
آءٌ پنهنجي محنت جي آڌار تي مالڪ مهربان جي مِهِر سان زمين کي زرخيز بڻائڻ ۾ جفاڪشي ڪندو آهيان ۽ سال ۾ ٻه فصل ساريون ۽ ڪڻڪ پوکيندو آهيان ۽ هڪڙو ٻارو سبزي جو پڻ پوکيندو آهيان، جنهن مان موسم جي لحاظ کان سبزيون پوکيندو آهيان. اهڙي طرح جنهن مان سڄي سال ۾ اناج اڌو اڌ منهنجي حصي ۾ ايندو آهي.
انسان زندگيءَ جي مختلف دورن مان گذرندو آهي، اسان ڳوٺاڻا ماڻهو ڍور ڍڳي جي خدمت ڪندي ۽ هارپ کي حياتيون ڏئي ڇڏيون ٿا. جيئن ته منهنجو والد مرحوم انهيءَ ڪرت ۾ پنهنجي زندگي گذاري ويو ۽ ان کانپوءِ امان مرهيات به ٿوري عرصي کانپوءِ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي. جنهن کي منهنجي نياڻي سورٺ تمام گهڻي پياري هوندي هئي، ۽ لاڏ ڪوڏ مان ان کي راڻي ڌيءَ ڪري سڏ ڪندي هئي ۽ سورٺ جو به امان سان ڏاڍو پيار هوندو هو!
هڪڙي دفعي سورٺ، بابا ۽ امان سان پنهنجي شهر وارن مائٽن ڏي گهمڻ وئي هئي، انهن جي گهر ۾ هڪ وڏو هندورو هوندو هو، جنهن تي سندن ٻارَ ويهي جُهولا لڏندا هئا ۽ اهي مايون ٻارن کي هندوري ۾ ننڊ پڻ ڪرائينديون هيون ۽ اُن ڏينهن منهنجي لاڏلي ڌيءَ سورٺ کي به هندوري ۾ ننڊ اچي وئي هئي پوءِ جڏهن امان ۽ سورٺ گهر موٽي آيون هيون ته سورٺ جي زبان تي هندورو هيو! سورٺ ننڍڙي هئي ۽ ڇهن سالن جي هئي، سياڻا چوندا آهن ته ٻار پنهنجي دل جا بادشاهه هوندا آهن، انهن جون معصوم خواهشون به عجيب ۽ شاهاڻيون هونديون آهن ۽ راڻي ڌيءَ سورٺ جي خواهش جڏهن اسان جي آڏو آئي ته مون به اهو پڪو پهه ڪيو ته، راڻي ڌيءَ سورٺ لاءِ هندورو ضرور ٺهرائيندس.
اسان جي گهر جي آڳر تي ڪجهه وڻ به هئا، انهن ۾ ٽاريءَ جو وڻ به هو. مون سوچيو اُن کي ڪٽي سورٺ لاءِ هندورو ٺهرايان.
اسان جي ڳوٺ ۾ ڊکاڻڪي ڪم جا نواب ڪاريگر آهن جيڪي شهر وڃي پنهنجي ڪرتِ مان گذر سفر ڪندا آهن منهنجو پاڙيسري دوست امام الدين انهيءَ فن جي حوالي سان پنهنجي تر ۾ گهڻُو مشهور آهي. الائجي ڪيترا پلنگ، هندورا ۽ ٻيا فن پارا هن ٺاهيا آهن. مطلب ته عاليشان ڪاريگر آهي، آخرڪار مون ٽاريءَ جي وڻ کي وڍي زمين تي ڪيرايو ۽ ان کي پنهنجي پڌر تي رکي ڇڏيم.
ڪجهه مهينن کانپوءِ ڪاٺيءَ کي کڻائي امام الدين وٽ پهچايو ۽ چيومانس ته ادا تنهنجيءَ ڀائٽيءَ جي فرمائش آهي ته هندورو ٺاهي ڏي ۽ اهڙو سهڻو هندورو ٺاهجانءِ جو هميشه توکي به ياد ڪندا رهون. وقت گذرڻ ۾ دير ناهي ۽ اهو ڏينهن به آيو جو ادا امام الدين هندورو کڻائي اچي ڳوٺ پهتو، سورٺ جڏهن پنهنجو هندورو ڏٺو ته خوشيءَ ۾ ماپي ئي نه پئي. مون سان ڀاڪر پائي چوڻ لڳي منهنجا مٺڙا بابا! اوهان جي مهرباني ۽ چاچا امام الدين جي به مهرباني جنهن منهنجي لاءِ ههڙو سهڻو هندورو ٺاهيو آهي، جيڪو پاڻ وارن مائٽن جي هندوري کان به وڌيڪ سهڻو آهي. هاڻِي آءٌ به هندوري تي خوب لڏنديس پئي ۽ پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ رمضان کي به گڏ ويهاري ننڊون ڪرائيندس.
هندورو گهر ۾ آيو ۽ ٻارن جي خوشيءَ وچان مهڪندڙ ۽ جرڪندڙ منهن کي ڏسندي گهر ڄڻ جنت بڻجي ويو! هو کِلَ خوشيءَ سان زندگيءَ جا پل گذارڻ لڳا ۽ مرڪون وکيري اسان جي زندگي ۾ به خوشين جا بهار ارپي ڇڏيائون.