ڪتاب جو نالو: سنڌوءَ جا ڏات ڌڻي
مصنف: انعام جتوئي
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 21 جنوري 2020 ع
پڙهيو ويو: 1299 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 322 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب محترم انعام جتوئيءَ پاران لکيل سنڌ جي ڏات ڌڻين جي شخصي ۽ سوانحي خاڪن تي مشتمل آھي.
ھن ڪتاب ۾ نارايڻ شيام، استاد بخاري، تنوير عباسي، ابراهيم منشي، اياز گل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ماڻڪ منير ۽ علي بابا جي شخصيتن بابت شخصي ۽ سوانحي مضمون ۽ چونڊ شاعري شامل ڪئي وئي آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • سنڌ ۽ هند جو شاعر ’نارايڻ شيام‘
  • سونهن جو شاعر’ استاد بخاري‘
  • اميد پرست شاعر ’ڊاڪٽر تنوير عباسي‘
  • عوامي شاعر ’ابراهيم منشي‘
  • لفظن جو جادوگر ’اياز گل‘
  • شاهه جو شيدائي ’ڊاڪٽر گربخشاڻي‘
  • گمنام ڪهاڻيڪار ’ماڻڪ منير‘
  • بيباڪ ڪهاڻيڪار ’علي بابا‘
  • حوالا
  • ليکڪ جو تعارف

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:

    ڪتاب: سنڌوءَ جا ڏات ڌڻي!
    ليکڪ: انعام جتوئي
    مضمون: (شخصي خاڪا)
    نمبر: 2037722-0303
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپنا

    هي ڪتاب ارپيان ٿو، پنهنجي والدہ (جيجل شبنم خاتون)، پنهنجي ڏاڏِي(جيجل زينب خاتون) پنهنجي ڏاڏَي (استاد حاجي محمد جتوئي)، پنهنجي والد (حبيب جتوئي)، مون ڀٽڪيل روح کي سھارو ڏيندڙ پنهنجي (تبسم) کي ۽ پنهنجي پوري خاندان، دوستن، احبابن ۽ انهن سمورن پريت جي پانڌيئڙن کي، جن مون کي پنهنجو ڄاتو ۽ پيار ڏنو !

    ٿورا مَ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
    ڀلائيون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻبا ڪيترا!

    (انعام جتوئي)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌوءَ جا ڏات ڌڻي“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب محترم انعام جتوئيءَ پاران لکيل سنڌ جي ڏات ڌڻين جي شخصي ۽ سوانحي خاڪن تي مشتمل آھي.
    ھن ڪتاب ۾ نارايڻ شيام، استاد بخاري، تنوير عباسي، ابراهيم منشي، اياز گل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ماڻڪ منير ۽ علي بابا جي شخصيتن بابت شخصي ۽ سوانحي مضمون ۽ چونڊ شاعري شامل ڪئي وئي آھي.
    انعام جتوئيءَ جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڇپيل ناھي، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آن لائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. پيارا انعام، سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سنڌ ۽ هند جو شاعر ’نارايڻ شيام‘

    وقت ۽ گهڙيال جا ڪانٽا ڪنهن لاءِ ڪو به احساس نه ٿا رکن، رفتا رفتا گهڙيال جي گردان ۾ ڦرندڙ ڪانٽن جو به وقتي احساس رهي ٿو.
    صدين جي تاريخ شاهد آهي ته وقت جي بيرحمي زمان ۽ مڪان جي اچانڪ تبديلي تي هزارين مائرن، پنهنجا ڪونڌر پٽ وڃايا، ۽ هڪ دردناڪ تاريخ جي دکدائڪ ڪهاڻي بڻيا. انهن دکدائڪ داستانن مان سڀ کان وڏو تاريخي ستم سنڌ جو ورهاڱو هو، جنهن هزارين، باشعور عالمن، ڏاهن، اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌڪي بي سهارا ۽ يتيم ڪري ڇڏيو. انهن عظيم شخصيتن مان هڪ نانءُ سنڌ جي محبوب شاعر نارايڻ شيام جو آهي.
    نارايڻ داس المعروف نارايڻ شيام 25 جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ کاهي قاسم ضلعي نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو گوڪلداس ناگواڻي هو. نارايڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم ڊي جي سنڌ سائنس ڪاليج ڪراچي مان ورتي. 1945ع ۾ نوشهري فيروز ۾ پرشن ٽيچر مقرر ٿيو.
    نارايڻ شيام ڪشنچند بيوس جي اثر هيٺ شاعري جي شروعات ڊي جي سنڌ سائنس ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪئي، پاڻ ان وقت سنڌي ادبي سرڪل جي بنياد وجهندڙن سرگرم ڪارڪنن مان هو.
    نارايڻ شيام جو نالو سنڌ جي جديد شاعرن جي فهرست ۾ سڀ کان مٿانهون آهي. پاڻ سنڌي ادب ۾’ جديد شاعر‘ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس شاعري کي سنڌي ادب ۾ اعليٰ مقام حاصل آهي. نارايڻ جي شاعري جي وڏي خوبي اها آهي ته هُن هيئت جي لحاظ کان شاعري ۾ نوان تجربا ڪيا آهن. سڳن آهوجا نارايڻ شيام جي ڪتاب ’روشن ڇانورو ‘ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته :
    ”شيام باشعور ۽ جدت طرز شاعر آهي، هو سنڌي شاعريءَ ۾ موضوع خواه هيئت يا فارم جي لحاظ کان سدائين نوان نوان تجربا ڪندو پئي آيو آهي.“
    نارايڻ شيام جي شاعري جي وڏي خوبي منظرنگاري (Imagism) ۽ اندازِ اسلوب آهي، هو هروڀرو ڪا فلسفائي ڳالهه نه ٿو ڪري، هن وٽ روزمره جي عام زندگي جو بيان آهي. مصور بظاهر ته آرٽ ۾ خوبصورت رنگ ڀري، تصوير بنائي پنهنجي اندر جي ڏات کي ظاهر ڪندو آهي، پر اسان جو نارايڻ عام انسان جي زندگيءَ جي روزمره جي تصوير بنا ڪنهن رنگ جي ڪجهه هن ريت جوڙي ٿو:
    جئن ئي بتيءَ جي سئچ ڪئي آف، ’ شيام ‘ مون،
    ڪمري ۾ فرش کان وئي ، ائين کسڪي روشني.

    سيني ۾ ائن تنهنجون سنڀارون،
    اڀ ۾ جئن اي ’شيام‘ ستارا.

    اکين جي اڳيان آهه اهڙو نظارو،
    نگاهن کان روشن ٿي ساري دنيا.

    نارايڻ شيام جي شاعري ۾ رومانوي درياهه جو خوبصورت نظارو آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانس جي درياءَ جو وهڪرو هميشه موج ۾ وهندي نظر اچي ٿو، هو محبوب جي ماڻن، نخرن، ادائن ۽ حساس جذبن کي بيحد ئي شاندار نموني سان پيش ڪري ٿو. عام ماڻهن جي زندگيءَ جي ترجماني سندس شاعريءَ جو خاص محور آهي. ڪنهن چنچل ۽ نخريلي ڇوڪريءَ جو احساس ڪيڏو نه شاندار نموني سان پيش ڪري ٿو. ملاحظه فرمايو:
    اٿي ڇرڪي، ڪاوڙجي جهٽ مسڪرائي،
    ڪئي ڪنهن هيس، پير تي ڪتڪتائي.


    شيام سپڪڙن عام خيالن کي به نرالي اسلوب سان پيش ڪرڻ جو ناياب ڏانءُ رکي ٿو، سندس مجازي محبوب جي ماڻن ۽ مبهم اشارن لاءِ هي احساس ڏسو:
    هينئر جيڪي چاهين چئي ڏي کُلي،
    ڪيئه ’ شيام ‘ مبهم اشارا گهڻا.


    نارايڻ شيام جي شاعريءَ ۾ پيڙاءُ، ڏک، اذيت، بي وسي جو اظهار سمايل آهي. نارايڻ انسان جي سک ۽ آسائش جو خواهشمند آهي. هو انسان دوست هجڻ جو فرض نڀائيندي پنهنجي شاعري ۾ انساني تڪليفن کي ڪجهه هن ريت بيان ڪري ٿو:
    وڄ جيان هستي لڇندي ته هوندي،
    سک سمهڻ لاءِ نه هئو ’ شيام‘ ڄايو.

    سندس شاعري بابت ڊاڪٽر موتي پرڪاش لکي ٿو ته :
    ” شام جي شاعري جو درد ان ڪري انفرادي درد کان مٿي آهي، هن پنهنجي درد کي ٻين جي درد سان ايترو ملائي ڇڏيو آهي، جو ٻئي هڪ ٿي ويا آهن. شيام پنهنجي شعر ۾ ڪڏهن به پنهنجا روئڻا نه رنا آهن. هي هر انسان جي اک ۾ رنو آهي ۽ هر انسان جي خوشيءَ ۾ کليو آهي.“
    ناراِيڻ شيام وٽ ڪي ڇسا خيال نه آهن، نه ئي هو حسن، مئڪدن، شباب، ڪباب، شمع ۽ پرواني کي موضوع بنائي پنهنجي دل کي بهلائي ٿو. هن وٽ هڪ مقصد آهي، هڪ اميد آهي، هڪ لاٽ، هڪ تمنا، هڪ دانهن ۽ هڪ بيوس درد ڀلي بکايل انسان جو احساس:
    روٽي لاءِ چتا جي آگ،
    چمڪيو پيٽ ڀرين جو ڀاڳ!


    شاعر ڌرتي جا طبيب هوندا آهن، هو پنهنجي قوم جي ڦٽن، دردن، تڪليفن تي طبيب جئيان مرهم رکي، پنهنجي شاعريءَ ۾ عوامي مسئلن کي نروار ڪندا آهن، سندن شاعريءَ جو سڄيو محور ڪائنات هوندي آهي، جنهن ۾ خوشي به آهي ته وري ڏک به، جنهن ۾ لڙڪ به آهن ته، ٽهڪ به، نااميدي به ته وري ڪٿي اميد به، نارايڻ شيام جو هي احساس ملاحظه فرمايو:
    اسان لڙڪ لاڙيا، جي ويهي ڪنڌيءَ تي،
    ته وچ سِير ۾ پڻ اسان مسڪرايو!
    انهن جي مٺي مرڪ مان آهه ظاهر
    ته شبنم گلن کي نه آهي نپايو.
    اگر زندگيءَ جي شڪايت ڪيم ڪا،
    پرين، اک ملائي تو ڇاتيءَ لڳايو.

    نارايڻ شيام جي شاعري جي پسمنظر بابت سدا رنگاڻي ’ڏات ۽ حيات ‘ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:
    ” شيام جي سڄي شاعريءَ جو پسمنظر پرڪرتي (ڪائنات) آهي. پرڪاتي جا نظارا به اهي آهن، جي روزمره شهري زندگيءَ ۾ ڏسندا رهون ٿا، چنڊ، تارا، افق، اونداهي، چانڊوڪي، گل، پوپٽ، ڀونئر پکي جمالياتي تخليق جي تهه ۾ آهن. جذبن جون رنگينيون جن جو ڇيد ئي نه ٿو ٿي سگهي.“

    نارايڻ جي شاعريءَ جو محور سنڌ آهي، هو پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏڻ جي ڏک ۾ هميشه لڇندو ۽ تڙپندو نظر اچي ٿو، جنهن جو اظهار پنهنجي شاعري ۾ ور ور ڪري ٿو. سندس شاعري جو اڌ حصو سنڌ ئي رهي آهي. هو پنهنجي وطن کي ياد ڪندي ڏکارو ٿي چوي ٿو:
    الائي ڪهڙي گهڙي نڪتاسين ’شيام‘،
    وطن ورڻ ته ڇڏيو، وطن جي سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي!

    رات جي پهر ۾ جڏهن اداسي ۽ مايوسي جا ڪڪر سر مٿان ڇانئجي وڃن، جڏهن وطن جي جدائيءَ جو ڏک ستائڻ لڳي ته پوءِ ڪهڙي حال مان گذرڻو پوي ٿو، اچو ته ناراِيڻ کان ٻڌون:
    الا هي صاف اُڀ، اڌ رات جي خاموش چانڊوڪي،
    جو نوشهري ۾ ڏسندو هوس، هيءَ چندرما آهي؟!

    ڪيترائي ورهيه گذرڻ باوجود هو جيجل سنڌ کي هڪ پل لاءِ به وساري ڪين سگهيو، هو خيالن ۽ خوابن ۾ به سنڌ کي ساريندو رهيو. هڪ شعر ۾ شاهه جي رسالي کي ڏسندي چوي ٿو:
    اڄ شاهه جي رسالي تي نظر ون کپي ويون،
    موٽي صدين کان پوءِ ڄڻ سنڌ مون ڏٺي.

    ناراِيڻ هميشه سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ دعاڳو رهيو، پاڻ ڀارت ۾ به سنڌي ٻولي جي جياپي جي جدوجهد ۾ شامل رهيو، سنڌي ٻولي لاءِ هميشه دعاڳو رهيو، جنهن جو اظهار هڪ شعر ۾ هن ريت ڪري ٿو:
    الا ائين نه ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
    ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!

    نارايڻ شيام جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، انهن مان پهريون مجموعو ’ماڪ ڦڙا‘، ’پکڙيون‘1955ع، ’رنگ رتي لهر‘ 1956ع، ’واري ڀريو پلاند‘ 1968 ع، ’روشن ڇانورو‘ 1962ع، ’آڇيندي لڄ مران‘ 1972ع، ’مهڪي ويل صبح ‘ 1983ع، ’ماڪ ڀنا رابيل‘ 1964ع، ’بوند لهر ۽ سمنڊ‘ 1986ع، ’نه سو رنگ نه سا سرهاڻ‘ 1987ع، ’ڏات ۽ حيات‘ 1988ع، ’راهون پنڌ پيون‘ 1998ع.
    هي سنڌ جو عظيم شاعر نئين دهلي ۾ 10 جنوري 1989ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس موت جو ٻڌي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز لکيو هو ته:
    مان به ته آهيان شيام
    نارائڻ، تنهنجو رڳو
    ناهي اهو نام.

    شيام ڄڻ منهنجي وجود جو حصو ٿي چڪو آهي.“
    ٻئي هنڌ ڪتاب ’ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون‘ ۾ لکي ٿو ته :
    ” هو نهايت نهٺو ۽ پيارو ماڻهو آهي، هن جي نهٺائي انهيءَ شعر مان ظاهر آهي:
    هجي جا کاڻ خوبين جي، ۽ خامين کان بنهه آجي،
    نه پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي!“(4)



    (نارايڻ شيام جا ڪجهه غزل)

    خزان حال دل جو گلن کي ٻڌايو!

    خزان حال دل جو گلن کي ٻڌايو،
    ٻڌي، مرڪي تن غم نه پنهنجو لڪايو!

    اسان لڙڪ لاڙيا، جي ويهي ڪنڌيءَ تي،
    ته وچ سِير ۾ پڻ اسان مسڪرايو!

    انهن جي مٺي مرڪ مان آهه ظاهر
    ته شبنم گلن کي نه آهي نپايو.

    اگر زندگيءَ جي شڪايت ڪيم ڪا،
    پرين، اک ملائي تو ڇاتيءَ لڳايو.

    لٿو سج وڌيو “شيام” جئن جئن انڌارو،
    ڏِئي ڪنهن هتان، ڪنهن هتان ٽمٽمايو!



    ناز وارن جي ٻولي!

    نگاهن، ادائن، اشارن جي ٻولي،
    نئن آهه، نت ناز وارن جي ٻولي!

    نه سمجهي سگهيو حسن ڌاران ٻيو ڪو،
    تمنا ڀري نينهن وارن جي ٻولي!

    مٺي آهه ڪويل جي ڪوڪو مٺي آهه،
    مٺي آهه سچ بيقرارن جي ٻولي!

    لکيل ڇا نه لالا جي ورقن تي آهي،
    پڙهي ڀي ڪوئي داغدارن جي ٻولي!

    مٽيءَ جي ته ذرن جو ٿيءُ حال محرم!
    ڏکي ناهه سمجهڻ ستارن جي ٻولي!

    خزان حال اوري ته ڪنهن ساڻ اوري،
    سڀئي سکيا جي بهارن جي ٻولي!

    الا، ائن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
    ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!.



    اونداهيءَ جا دوار!

    اونداهيءَ جا دوار کلُي پيا،
    دک وٽ سک جا جهول جُهلي پيا!

    خالي دل، ويران نگاهون،
    ويٺي ويٺي نيڻ ڇُلي پيا!

    کيڪاريندي ساسي پڇائين،
    اڄ هن پاسي ڪيئن ڀُلي پيا!

    سج ته گهڻو ئي کين ڍڪيو پئي،
    تارن هيٺان راز کلُي پيا!

    لکندي هڪ اڌ خال ڇڏيو مون،
    خال سبب ڪل هُل هُلي پيا!

    گرم هوا ۾ رولو ڪڪريون،
    ڏينهن تتي پاڇا به رکي پيا!

    پنهنجي منهن سر ڳالهايو پئي،
    ڀر وارن جا وات کلي پيا!.


    اهي نگاهون اهي ادائون!

    اهي نگاهون اهي ادائون، اهي اشارا اڃا به آهن،
    مٺي محبت جا زندگيءَ لئه، سٻر سهارا اڃا به آهن.

    دلين ۽ نيڻن ۾ پهه نرالا، نوان نظارا اڃا به آهن.
    انڌاري آهي نه رات غم جي، کڙيل ستارا اڃا به آهن.

    گهُليون غمن جون هوائون جئن، ٽڙي پيون ڪي دلين جون مکڙيون،
    خزان جي موسم ته آهه، ليڪن، ڪي ڦول پيارا اڃا به آهن.

    ڪٿي نه ڪنهن ڀي کڻي جي روشن، انڌاري رهندي نه واٽ، ساٿي،
    هوا جي جهونڪن ڏيئا وسايا، نه چنڊ تارا اڃا به آهن!

    وطن ڇڏڻ وقت ائن ٿي سمجهم، ڪندو نه ڀلجي ڪو ياد ليڪن،
    اياز، احسان، راز پارا، ڪي قرب وارا اڃا به آهن.

    (شيخ اياز، احسان بدوي، شيخ عبدالرزاق راز)


    ٿو اميدن کي آسمان ڪيو!

    ٿو اميدن کي آسمان ڪيو،
    بس نگاهن جو گم نشان ڪيو.

    سهڻي صورت ڏٺم جڏهن به ڪٿي،
    نيڻ ٻُوٽي مون تنهنجو ڌيان ڪيو!

    ڳالهه مان ڳالهه ويئي خود بڻجي،
    لفظ کي لفظ داستان ڪيو!

    تو ته آڱر رکي چپن تي کڻي،
    پر اکين مشڪندي بيان ڪيو!

    پيار مان منهنجي دل جي چهري تي،
    چپ رکي تو منو نشان ڪيو!

    پنهنجو ڦوٽو ڏسي ٿيم تصديق،
    اڳ نه جنهنجو هيم گمان ڪيو!.


    سونهن جو شاعر’ استاد بخاري‘

    محنت، جفاڪش همت ۽ جرئت انسان جي عظمت جون علامتون آهن، ڪي انسان پنهنجي مختصر زندگيءَ مان شهرت ماڻي پنهنجو نالو ڏينهن قيامت تائين زنده رکندا آهن، انهن عظيم انسانن مان سنڌ جو مهان ڪوي استاد بخاري به آهي. سيد احمد شاهه بخاري عرف استاد بخاري 16 جنوري 1930ع ۾ ڳوٺ غلام چانڊيي ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حاجن شاهه هو.
    استاد بخاري ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ گريجوئشن ڪرڻ کان پوءِ 1964 ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي جو امتحان پاس ڪري 1967ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. اهڙي طرح استاد لاڙڪاڻي، دادو ، سانگهڙ ۽ سيوهڻ جي ڪاليجن ۾ ليڪچرار پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر رهي آخرڪار ڊگري ڪاليج دادو مان پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.
    هن سنڌ جي مهان ڪوي شاعري جي شرعات 1942 ع ۾ ڪئي، تڏهن پاڻ اڃا پنجين جماعت جو شاگرد هو، سندس ڏاهپ ۽ شعر جي وسعت کي ڏسي استاد توڙي همڪلاسي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا.
    استاد بخاري 1950ع کان باقاعدگيءَ سان مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو، سندس شاعري جي سڳنڌ جڏهن شهر شهر، وستي وستي، جهنگ جهر ۾ ڦهلجي وئي تڏهن استاد جديد شاعرن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻڌجڻ لڳو ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳو. اهو ئي دور هو جو نه رڳو استاد جي شاعري نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪڻ جو آواز بڻجي وئي، پر پوڙهن پکن جي دل جي راحت پڻ. سندس شاعري محبوب لاءِ آزيون ۽ نيازيون هيون ته ڪٿي وري محبوب جي پرچائڻ لاءِ بلند صدائون، استاد جو هي احساس ملاحظه فرمايو :
    حسينن کي هر روز تحفا ڏيون ٿا،
    جي نغما نه آهن، ته سڏڪا ڏيون ٿا،
    اوهين جيڪي دلدار دوکا ڏيو ٿا،
    سي دل کي بنائي دلاسا ڏيون ٿا.
    گهڙيون چار بازار جو چهچهٽو آ،
    اسان کان وٺيون پيار هوڪا ڏيو ٿا.

    استاد بخاري جو غزل هجي يا گيت، نظم، آزاد نظم يا بيت سندس شعر ۾ انسان جي بيوسي، تڙپ ۽ درد جو کليل بيان آهي، سندس شاعريءَ عام ماڻهن جي دلن جي ترجمان آهي، استاد پنهنجي شاعريءَ ۾ رسڻ، پرچڻ واري انداز کي بيحد شاندار نموني سان پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو، سندس بهترين مثال انهن سٽن مان ملاحظه فرمايو :
    جي مون روئي ڏنو ته مرڪي ڏنائين،
    ڦٽن تي ايئن لوڻ ٻرڪي ڏنائين.

    سڏي واٽ ويندڙن کي پياريائين ڍوءَ تي،
    مون منٿون ڪيون، پر نه سرڪي ڏنائين.! سڄي زندگي ۾ ڪري قربداري،
    اڌورو دلاسو به ڪرڪي ڏنائين.

    استاد جي سڄي شاعري ۾ سونهن جي واکاڻ ۽ نينهن جي عظمت جو بيان سمايل آهي. استاد پنهنجي شاعريءَ بابت ڪتاب ’ڪاري ڪڪر هيٺ‘۾ لکي ٿو ته:
    ” آءٌ طبعي طور مالهي- مزاج ماڻهو آهيان، حسين رنگن، لذيذ هڳساڻن، شعرين نغمن جو پياسي، پر باغ کي جو باهه لڳي وئي آهي، مان به ڀڙڪي پيو آهيان.“
    استاد شاعري ۾ سونهن لاءِ سوين تشبيهون ۽ استعارا ڪم آندا آهن. سندس ٻولي ۽ بيان ۾ ڪمال جو جادو سمايل آهي. استاد بخاري نينهن جي سڃاڻپ جو ذڪر ڪجهه هن ريت ڪري ٿو:
    سونهن ۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي،
    ايترو يار صفا ٺپ انڌو ڪو ڪونهي.
    ڪو ٻري پيو، ڪو ڳري پيو، ڪو ڀري پيو آهون،
    تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات، ستو ڪو ڪونهي.
    عشق جو آند نه پاند ٻڌون ٿا ’ استاد ‘
    سونهن جي ذات نه ڪا پات، پيو ڪو ڪونهي.

    استاد بخاري حق ۽ سچ جو شاعر آهي، سندس شاعري پورهيت، هاري، ناري، ڪڙمي ڪاڇي ۽ غريب ماڻهن جي زندگي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي، پاڻ مظلومن جو آواز بڻجي وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي نظام کي ننديو اٿس:
    تنهنجي ميزن تي طرحين طعام اچن،
    کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن،
    آءٌ ڪيئن لوڻ چکان، منهنجا ماروئڙا روزا روز رکن.

    استاد جڏهن به سنڌ خلاف ڪا سازش محسوس ڪئي ته پاڻ سنڌ جي عام ماڻهن سان گڏجي پنهنجي ڌرتي جي حقن لاءِ روڊن ۽ رستن تي عوامي جدوجهد ۾ شامل رهيو. سوڀو گيانچنداڻي لکي ٿو:
    ” استاد بخاري فنڪارانه نموني ۾ سنڌي عوام جي موجوده مسئلن تي لکيو آهي، ان ۾ ماتم ۽ دانهن جو اثر آهي، پر صرف روڄ راڙو ناهي، هن سنڌ جي اديبن، پورهيتن ۽ بهادرن کي جدوجهد مقابلي ۽ همت سان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ للڪاريو آهي.“
    پاڻ وڏي واڪي غاصبن خلاف پنهنجي شعر وسيلي احتجاج ڪيو. استاد سنڌ جي حقن لاءِ هميشه آواز اٿاريو:
    سون بازار مان ڳنهي وٺبو آ،
    فيض مرشد کان پني وٺبو آ،
    جو سمجهو ته اوهان جو حق آ،
    حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ.

    استاد بخاري جي شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. تنهن مان پهريون مجموعو ، ’گيت اسان جا جيت اسان جي‘ 1971ع، ’گيت گلابي ٻارن جا‘، ’اوتون جوتون‘، ’لهر لهر درياهه‘، ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘، ’ڪاري ڪڪر هيٺ‘، ’ڌرتي سرتي‘، ’زندگي او زندگي‘، ’نه ڪم نبريو نه غم نبريو‘ وغيره.
    سنڌ لاءِ استاد جون خدمتون ڪابل تعريف آهن، سندس علمي پورهيو تي سنڌ جي هر هڪ ٻار ٻڍي توڙي جوان کي فخر آهي. هي سنڌ جو مهان ڪوي 09 آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.

    ***


    (استاد بخاريءَ جا ڪجهه غزل)


    هڪ شخص!

    هڪ شخص هڪڙي شهر ۾ دانهون گهڻيون ڪيون،
    بي درد لوڪ بند کڻي، در، دريون ڪيو ن.

    بازار ۾ ا نهن جا لڳي اشتهار ويا.
    ڳالهون جي تو نه مون سان ، نه ڪي توسان مون ڪيون.

    تنهنجون اکيون ڪَڪُوريون، منهنجون ڀِنيون ڀِنيون،
    گونگين گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سموريون سچيون ڪيون.

    هت ڪَن اٿئي ڀتين کي ۽ جاسوس ٿئي هوا،
    هل چنڊ تي چڙهي ته ڪي ڳالهيون ڳجُهون ڪيون.

    پرتو ته ڪونه، دوستو، پرچي پوي به مَن،
    پئي گيت گيت يار کي منٿون يڪيون ڪيون.

    هڪ گل قطار ڀنئر ته هڪ ڀنئر گنج گل،
    هن باغ جي بهار جون ڪهڙيون ڪچيون ڪيون.

    ٻوٽي اکيون نه پيار جو “ استاد ” پيڇو ڪر،
    ڪيئي وتن ٿا قرب جون ڪاتيون تکيون ڪيون.


    مُرڪ چنبيلي ماشاءَ الله!

    ديد گلابي دلبر تنهنجي مُرڪ چنبيلي، ماشاءَ الله!
    نازڪ انگڙا، ريشم ڪپڙا، دل پٿريلي، ماشاءَ الله!

    طرحين رنگ طبيعت تنهنجي، دنيا وانگر دو ر نيارا،
    ڪٿ نخريلي، ڪٿ اربيلي، ڪٿ شرميلي، ماشاءَ الله!

    ڪڏهن اڪيلي مون وٽ منهنجي هوءَ سرهائي ناهي آئي،
    اڄ به اٿس ڪا ڳوُڙهي ڳڻتي ساڻ سهيلي، ماشاءَ الله!

    پيار پکيئڙا جيئڙا جيئڙا، پيار ونڊيون پيا هيڏان ، هوڏان،
    تاڙي ٿي پئي ڪنهن ماريءَ جي، گهُور گلُيلي، ماشاءَ الله!

    سهسين تارا هڪڙي پاسي، باک بخاري هڪڙي پاسي،
    ميساري پئي ڪيئن مايوسيون، آس اڪيلي، ماشاءَ الله!

    عقل آلايو: اَڳو، پيڇو جاچي پنهنجو پير وڌاءِ،
    عشق چيو: “ استاد ” اٿي پئو، “عيلي عيلي” ماشاءَ الله!



    توبن جيوت ڪهڙي!

    جاني توبن جيوت ڪهڙي!
    قادر ڌاران قدرت ڪهڙي!

    جيئري ڌمچر، مرندي محشر،
    پيار ڪرڻ لئه فرصت ڪهڙي؟

    آس نه ڳوڙهن منجهه ٻڏڻ ڏي،
    جر ۾ جڙندي تربت ڪهڙي؟

    هڪ ڪم ٿيندو، ٻيو ڪم ايندو،
    ڪوشش جي ٻي قسمت ڪهڙي!

    يا نه چمان ها يا نه مران ها،
    هن کان وڏي ٻي حسرت ڪهڙي!

    عشق ڪيئه ڪلتار “بخاري”
    تو ۾ آ نه طاقت ڪهڙي!.



    گهڻو اداس نه ٿي!

    گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين!
    وڏو جهان آ غم جو، وڃائجي نه وڃين.

    هي جام، جام تي پئيندي ٿي رهندو تاس وڌي،
    ته احتياط، اڃا بي اڃائجي نه وڃين!

    رکين ته چنڊ سان رک چاهه، ڏي ڇڏي تارا،
    متان هزار ذريون ٿي ورهائجي نه وڃين.

    خلوص، چنگ نه ٿي جو بکيا وتن چارڻ،
    کڄي، امير جي در تي وڄائجي نه وڃين.

    ٽڪر نه ٿيءَ متان نانگڻيون نچن تو تي،
    ڪڪر نه ٿي گگن ۾ نچائجي نه وڃين.

    اسان سان حُور، خواب ۾ به بي حجاب نه ٿي،
    نڪور ٿانءُ ته آهين، امهائجي نه وڃين.

    چڪور، چنڊ کان، مجنون خان ليليٰ کان،
    ته ڪاٿي سونهن کان تون بي ستائجي نه وڃين.

    بچيو ته ڪجهه به “بخاري” نه آ، مگر اي دل،
    اڃا به عشق ته آهي، اگهائجي نه وڃين.



    ٽوڪ ڪري يا شوق ڪري!

    ٽوڪ ڪري يا شوق ڪري، هن مونکان پڇا ڪئي. شاعر آهين؟
    مونچو، مٺڙا، ڪنهن مومن کان پڇبو ناهي ڪافر آهين!

    مُرڪ ڍڪي ٻيو وار ڪيائين، سونهن پرست به سڏجين ٿو؟
    ههڙو سهڻو ٻيو ڪو شايد، تون جو سامهون حاضر آهين!

    پٿر مان ته نه چوندس پر هي ڪهڙي طرح جو قادر آ،
    ٻانها ٻاري جنگ ـ جهنم ۽ تون حاضر ناظر آهين!

    سچ ۽ سنڌ کي، پيٽ ۽ پيار کي لازم ٿو چئين؟
    هي ڪو اوکو معاملو ناهي، ايترو تون به ته ماهر آهين؟

    علم، ادب جي ساٿ سان آهيان، ڪاٿي آهيان ڪٿ ناهي،
    ڇو ٿا بندو، رب بنايو، چوندي: اول آخر آهين!

    ڏات امرتا پريتم تو تي ازخود عاشق ٿي پئي آ،
    لوڪ تڏهن ٿو سمجهي تون “ استاد” سخن جو ساحر آهين.



    ا لڪو نه ڪر!

    عشق سورهيه ساڻ ٿئي الڪو نه ڪر!
    پيار ۾ ٽڪرا به ٿين. پٽڪو نه ڪر!

    مشڪلون ڪوٺن ته ٿي مشڪل ڪشا،
    عشق ريءِ معشوق ڏي ايندو نه ڪر!

    هن چُميون ڏيندي پڇيو : ڍءُ ٿيئي؟ چيم
    مينهن ۾ مهراڻ جو ماپو نه ڪر!

    او خدا، پيدا ڪري گم ٿي وئين،
    ڇا ٿيئي تخليق کي ڇورو نه ڪر!

    جي خدا آهي ته ڇا، ناهي ته ڇا،
    سونهن ۾ ايمان رک، سنسو نه ڪر!

    سونهن تون آ، سڪ به تون، سڀ ڪجهه آ تون،
    پنهنجي ڳوري پاڻ کي هلڪو نه ڪر!

    آدمي آ رول، ٽوڪيدا مَلَڪَ،
    ايترو پولار ۾ ڀٽڪيو نه ڪر!

    اڄ ته ڪجهه “ استاد ” سنجيدو به ٿي،
    ٽهڪ ڏئي ڏئي اوچتو “ وو وو” نه ڪر!


    اميد پرست شاعر ’ڊاڪٽر تنوير عباسي‘

    تاريخ جا ورق ورائي ڏسجن ته جنهن به عالم، محقق، دانشور سنڌو ۽ سنڌي ادب جي جياپي لاءِ ڪم ڪيو آهي، انهن عظيم شخصيتن کي سنڌ جي باشعور ماڻهن بيحد پيار ۽ مانَ ڏنو آهي، توڙي جو هو بيروني عالم هجن يا سنڌو جي ڪک مان جنم وٺندڙ سنڌ جا اديب. انهن عظيم اديبن مان هڪ نانءُ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو آهي. جنهن تي پوري سنڌ کي ناز آهي.
    ڊاڪٽر نور نبي المعروف تنوير عباسي 7 ڊسمبر 1934ع تي ڳوٺ سوڀو ديرو ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو گل حسن عباسي هو. ڊاڪٽر ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم ڪراچي جي مشهور درسگاهن هيرانند اڪيڊمي، اين جي وي هاءِ اسڪول ۽ ڊي جي ڪاليج مان حاصل ڪئي.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪري، پاڻ مستقل طور خيرپور ميرس ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پاڻ 1964ع ۾ سندس اهليه ڊاڪٽر قمر عباسي سان گڏجي ڦول باغ ويجهو ’سنڌ اسپتال‘ نالي هڪ خانگي اسپتال هلائڻ لڳو، پاڻ پوري زندگي ڊاڪٽري جي پيشي سان وابسته رهي غريب، مسڪين ۽ ڏکايل ماڻهن جو همدرد رهي مفت علاج ڪندو رهيو.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعري جي شروعات 1953ع ڌاري ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪئي، پاڻ شروعات ۾ ’مغموم‘ تخلص استعمال ڪيو. سندس شاعري ۾ استاد سنڌ جو محبوب نقاد ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل هو.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي فطرت پسند ۽ رومانوي شاعر هو. سندس شاعري انساني ڪيفيتن، احساسن، جذبن ۽ اڌمن جو پُرزور بيان آهي، هو لفظن ۾ محبوب جي زلفن جي پيچ پيچان جو ذڪر ايئن ٿو ڪري، ڄڻ عاشق جي آڏو محبوب جي موجود هجڻ جو احساس ڏياري ٿو:

    ڪئين تصور منهنجو هن جي زلف پيچان کي ڇڏي،
    بلبل بي آب وِ دانه ڪٿ ٿي زندان کي ڇڏي.
    هن جو دامن ويو ڇٽي منهنجي هٿن مان، ان ڪري،
    ڪين ٿو دست جنون منهنجي ئي دامان کي ڇڏي.
    ياد هوندو ڪنهن کي هاڻي محفل ياران ۾ هو،
    ڏينهن ٿيا، ’تنوير‘ ويو بزمِ رفيقان کي ڇڏي.

    تنوير جي شاعريءَ جو جيڪڏهن گهرائي سان جائزو وٺجي ته معلوم ٿيندو ته سندس شاعري ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ حقيقت پسند شاعر ۾ هئڻ گهرجن. تنوير وٽ مايوسي نه آهي، هو مايوس ٿي محبوب جي جدائي ۾ ڀٽڪڻ جو قائل نه آهي ان وٽ زندگي انمول آهي، هو زندگيءَ کي خوبصورت بنائڻ جو قائل آهي. هر انسان جيان ننڍيون حسرتون جيڪي صرف سوچي سگهجن ٿيون، جيڪي پوريون ته ڪڏهن به نه ٿيون ٿي سگهن، ان تي اسان جي تنوير جي نماڻي هڪ خواهش ملاحظه فرمايو:

    پر ٿي مليو، هو پيالو ليڪن چپ تي آڻي ڪيئن سگهياسين،
    هڪڙي حياتي حاصل ٿي هئي، سا ٻي ماڻي ڪين سگهياسين.

    تنوير عباسي حقيقت پسند ۽ روشن خيال شاعر هو، سندس شاعري ۾ زماني جي اٿل پٿل ۽ تبديليءَ کي بيحد ئي آساني سان سمايو اٿس. شاعري بابت ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر ‘ ۾ لکي ٿو ته:
    ” تنوير بنيادي طرح انسانيت دوست شاعر آهي، جيڪا خصوصيت سنڌ جي هر روشن خيال ۽ ترقي پسند شاعر جي رهي آهي. “
    انسان جي رهڻي ڪهڻي ۽ پاڻ سماج ۾ ريتن رسمن کي تبديل ٿيندي ڏسي تنوير چوي ٿو:
    جهوني جڳ جي ريت مٽي،
    نفرت گهٽجي پري وڌي،
    اڄ ڪا اهڙيءَ هام هڻو،
    نينهن جو نعر و عام هڻو،
    کليو کلايو جام کڻو!

    ڪو به حقيقت پسند انسان هن ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته کيس فاني جڳ ڇڏڻو به آهي! پر زندگي بخشيندڙ انسان جو ذاتي عمل آهي، جيڪو مرڻ کان پوءِ به انسان کي زنده رکي ٿو. تنوير ساڳيو خيال هن ريت ٿو بيان ڪري:
    ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين،
    ٻور آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي اهو ڪامياب شاعر هو، جنهن شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. پاڻ پنهنجي پهرين ڪتاب ’ رڳون ٿيون رباب‘ جي مهاڳ ۾ پنهنجي شاعري بابت لکي ٿو ته:
    ” پنهنجي ٿوري عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي ڪجهه به منهنجي احساس کي اٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام ڏنو اٿم، ان کي ڪوشش ڪري، اهڙي ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين جي دل ۾ به اهڙا احساس اٿن ۽ اهڙائي جذبا جاڳن، جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا، جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾، ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو.“
    ڊاڪٽر تنوير عباسي وطن دوست شاعر هو، سندس شاعريءَ سنڌ سان محبت جو اظهار آهي. ون يونٽ واري دؤر ۾ جڏهن سنڌي ڪتابن تي بندش وڌي ٿي وئي، جڏهن سنڌي ٻوليءَ تي وار پئي ٿيا، تڏهن وڏي واڪي تنوير پروگرامن ۽ ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿي، هي نعرو بلند ڪيو:
    ٻاهر گل گلاب جا، اندر ۾ فولاد،
    سنڌڙي جو اولاد پرکي ڏسو ڪانئرو!
    ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعر سان گڏوگڏ بهترين نقاد هو. هن لطيفيات جي مختلف سياسي، تاريخي، فڪري جمالياتي پاسن تي هڪ بهترين ڪتاب، ’شاهه لطيف جي شاعري جو اڀياس‘ لکيو، هن نارايڻ شيام، سچل سرمست، نانڪ يوسف، خيرمحمد هيسباڻي تي پڻ تحقيق ڪري ڪيترائي مقالا لکيا.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. انهن مان پهريون ڪتاب ، ’رڳون ٿيون رباب‘ 1958ع، ’شعر‘ 1970ع، ‘سج تريءَ هيٺيان‘ 1977ع، ’هيءَ ڌرتي‘ 1985ع، ’تنوير چئي‘ 1989ع، ’شاهه لطيف جي شاعري جو اڀياس‘، ’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ ترتيب 1982ع، ’خير محمد هيسباڻي جو ڪلام‘ ترتيب 1983ع.
    تنوير عباسي انگلينڊ، فرانس، اٽلي، هالينڊ، يونان، ڀارت، متحده عرب امارات، آمريڪا ۽ ويسٽ جرمني ملڪ گهمي ڏٺا ۽ انهن سفرن تي شاندار سفرناما پڻ لکيا.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪيترن ئي علمي، ادبي ادارن ۽ تنظيمن سان مختلف حيثيت سان وابسته رهيو. پاڻ 1966ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل، ان کان سواءَ سيڪريٽري پاڪستان رائٽرس گلڊ ميمبر دي پوئيٽري آف سوسائٽي لنڊن، ميمبر ايڊوائزري بورڊ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سيڪريٽري سچل سرمست يادگار ڪاميٽي، ڊائريڪٽر سچل چيئر شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور، ميمبر بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن سکر، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جو گورننگ باڊيءَ جو سنڌ مان ميمبر ۽ ٻين پڻ ڪيترين ئي ادارن سان وابستگي رهي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ڊاڪٽر تنوير عباسي کي ڪيترن ئي تمغن سان پڻ نوازيو ويو، جنهن مان پاڪستان رائٽرس گلڊ ايوارڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ايوارڊ، ڀارت مان شاعري تي نارايڻ شيام ايوارڊ ۽ حڪومت پاڪستان طرفان سڀ کان وڏو سول اعزاز شامل آهي.
    آءٌ ته کلندي ملندي
    گهاريون گهڙيون چار هليا وينداسين،
    ورهيه ورهائڻ آيا آهيون ونڊي پيار هليا وينداسين.
    اڻ ڄاتي ڪنهن پار جا ڪنهن اڻ ڄاتي پار هليا وينداسين.
    جي نه وڃڻ چاهينداسين ته به منهنجا يار هليا وينداسين.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي 25 نومبر 1999ع تي اسلام آباد جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪئي.


    (تنوير عباسي جا ڪجهه غزل)

    نه مان خدا نه رسول

    نه ڪو مان خدا ۽ نه ڪو مان رسول،
    مان تنوير آهيان پوان شل قبول.

    نه ڊاهيان نه ماريان، نه ساڙيان، ٿو مان،
    محبت ڪرڻ آهي، منهنجو اصول.

    لهي ڪين ٿو عشق اڀ مان ڪڏهن،
    دلين مان محبت جو ٿئي ٿو حصول.

    لٿا ڪن مٿان آسماني ڪتاب،
    ۽ مون تي محبت جو ٿيو آ نزول.

    نه وسري سگهي ٿي ڪڏهن ياد سا،
    اُها جل پري، مان ۽ سوئمنگ پول.



    نه ڪي بيت مون وٽ نه ڪي آيتون!

    نه ڪي بيت مون وٽ نه ڪي آيتون،
    رڳو پيار ۽ پيار جون ساعتون.

    رهياسين سڄي عمر معصوم ته به،
    اسان تي لڳيون عشق جون تهمتون.

    نه ڪي صورتون ۽ نه ڪي مورتون،
    نه ڪي جلوتون نه ڪي خلوتون.

    اسان طورسينا اکين تي رکيو،
    نگاهن کي ڏيو ڪي ٻيون دعوتون.

    اوهان چُپ ڪري دل ۾ ويهي رهيئو،
    ۽ هر هنڌ اوهان کي سڏيندا وتون.

    اسان جي محبت ڪندي معجزو،
    نه رهنديون اهي نفرتون نفرتون.

    ٻَٻُرَ جي وڻن جيان اسان جو جيئڻ،
    ۽ مانجهاندڙين جان سندن قامتون.



    پيارو پل ويو لکجي!

    پيارو پيارو اهو پل ويو لکجي،
    تو نهاريو ته غزل ويو لکجي.

    تنهنجي پوشاڪ جيان ئي سرهو،
    جملو ڪو رنگ رتل ويو لکجي.

    ڍنڍ جي منهن تي سندءِ نيڻن جيان،
    آهي ڪيئن نيل ڪمل ويو لکجي.

    رات جي اک ۾ ڪاتب کان،
    ڪارو ڪارو آ ڪجل ويو لکجي.

    ڪيئن تقدير لکڻ واري کان،
    عشق سان لفظ اجل ويو لکجي.


    نه ڪا حور گهرجي نه ڪا پري!

    نه ڪا حور گهر جي نه ڪا پري،
    اها ئي کپي جا ڪري دلبري.

    تجليءَ ۾ گرمي تجليءَ ۾ نور،
    تجليءَ سان ليڪن پئي دل ٺري.

    سري ليڪن وڏي قرب سان،
    اوهان کان جدا ٿي گهڙي جا سري.

    ڪڏهن ميڻ ڀي آهي، ويندي ڄمي،
    ڪڏهن پهڻ ڀي آهي ويندو ڳري.

    ڏٺس تو ڀري پيار جي هڪ نظر،
    ۽ ”تنوير“ ان ئي گهڙيءَ پيو کَري.


    عوامي شاعر ’ابراهيم منشي‘

    سنڌ انهن هزارين شخصيتن جي زندگيءَ جي اکين ڏٺي شاهد آهي، جن مفلسي ۽ غربت جي زندگيءَ گذارڻ باوجود پنهنجي ڌرتيءَ جي آجپي ۽ وقار لاءِ غربت جي تکي ڪاتيءَ سان ذبح ٿيندي به پنهنجا حوصلا بلند رکيا آهن ۽ ڪڏهن به ڪنهن ڏاڍ اڳيان ڪين جهڪيا آهن، انهن عظيم انسانن منجهان سنڌ جو عوامي شاعر ابراهيم منشي به هڪ آهي.
    محمد ابراهيم، تخلص منشي 15 جنوري 1934ع ڳوٺ جنهاڻ خان سومري تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق هو. جيڪو پڻ سٺو شاعر هو. ابراهيم منشي شاعري جي شروعات 13 سالن جي ڄمار ۾ ڪئي، پاڻ شروعات ۾ مولود، غزل ۽ پوءِ عشقيه ڪلام چوڻ لڳو.
    1945ع ۾ سندس والد جي وڇوڙي کان پوءِ گهر جو سڄو بار اچي مٿس پيو. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ پنج درجا سنڌيءَ جا پڙهي وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. پاڻ مسلسل پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ ڪڏهن گهورائو بنجي ڳوٺ ڳوٺ ۾ صدائون هڻندو رهيو ته ڪڏهن وري رشتيدارن جي زمين جا ٽي ايڪڙ آباد ڪري منشيگيريءَ جو ڪم ڪرڻ لڳو. پاڻ ڳوٺ ۾ منشي جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ پوءِ پنهنجو تخلص منشي رکيائين.
    ابراهيم منشي عوامي شاعر هو، سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي ڏتڙيل بکايل ۽ مظلوم ماڻهن جي زندگيءَ جي عڪاسي ٿيل آهي، هو جاگيردارن جي سياست ۽ غريب عوام جي بيوسي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موضوع بڻائي ٿو، هو ڀوتارڪي واعدن ۽ عوام لٽيندڙ وڏيرن جي ظلم ڪٿا کي پُرزور انداز سان پيش ڪري ٿو:
    وري ڀينگ ڪئي، جن سي ڀائو اچي ويا،
    اچي ويا وڏيرا، ويڪائو اچي ويا.
    ڪسابن کان ڪهندي، لنگهي ويا جي ليڪو،
    وري سال پنج سي کڻڻ آيا ٺيڪو،
    ورو سڀ ويڙهيچا، وٺون واٽ ٻي ڪو.
    اٽي ۽ لٽي ۽ اجهي جا ڏيئي نعرا،
    ڪيئون قوم اڳيان پنهنجا منهن ڪارا،
    ڪڏهن بنجي اسلام جي اک جا تارا،
    ڪڏهن بنجي لينين ۽ مائو اچي ويا.

    ابراهيم منشي جي شاعريءَ سنڌ جي ماڻهن جو سگهارو آواز آهي، سندس شاعري وڏيرڪي سياست ۽ سنڌ دشمن سياست ڪندڙ ڀوئتارن جا راز پڌرا ڪري ٿي. ابراهيم منشي جنت جهڙي دنيا جا خواب ڏيکاريندڙ ڀوئتارن کي ڄڻ موجوده سنڌ جو چٽو آئينو ڏيکاري ٿو:
    هر بشر غمگين تنهنجي ڳوٺ ۾،
    ناهي ڪا تسڪين تنهنجي ڳوٺ ۾.
    چار ٺيڪيدار واپاري ٻه چار،
    سڀ ٻيا مسڪين تنهنجي ڳوٺ ۾.
    واهه ڪورٽ جج تون جداد تون،
    ڪو به رهندو ڪين تنهنجي ڳوٺ ۾.
    غم غريبن کي سدائين پيٽ جو،
    تون ئي تون شوقين تنهنجي ڳوٺ ۾.
    مرڪ تنهنجي کي ڏسي “ منشي ” پڙهي،
    سورت ياسين تنهنجي ڳوٺ ۾.

    ابراهيم منشي سنڌ جي هاري، ناري، ڪڙمي ڪاڇي جي نمائيندگي ڪندڙ شاعر هو، پاڻ ڪڏهن به سنڌ جي حقن خلاف سوديبازي نه ڪيائين، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ جڏهن به سنڌي قوم جي حقن خلاف ڪا سازش محسوس ڪئي ته سنڌ جي دشمن سان جنگ جوٽيندي نظر آيو:
    جنگ جنگ جنگ آ، منهنجي توسان جنگ آ،
    پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننڱ آ.
    جڏهن به سنڌ سڏ ڪيو، ته پهچي پٽڪي ور ويو،
    ۽ جوڙي سي جٿا جٿا، ٿي گهور ٿيون ڌر مٿان مٿا،
    نه هچڪيا نه هٻڪيا نه دم دلير دٻڪيا،
    اجائي تو اچي هتي، اڙائي تن سان ٽنگ آ!
    يا
    نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي،
    سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.
    برابري سراسري، اسان گهرون ٿا ايتري،
    پڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايون جيتري،
    آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري،
    جو سچ ا نهيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي و ڃي.


    منشي جي شاعريءَ قوم لاءِ اتساهه آهي، سندس شاعري اڄ به سنڌ جي جهنگ جهر، شهر شهر ۾ گوجندي رهي ٿي ۽ تاقيامت تائين گوجندي رهندي. محترم ابراهيم جويو ابراهيم منشي بابت لکي ٿو ته :
    ” هن ڏوٿي، هن عطائي، هن درياءَ دل، راڳي شاعر پنهنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين سان جهوليون ڀريون آهن، جهولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاهيون آهن، بشرطيڪ هن جي اها ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنهنجون دليون کوليون ۽ ان ۾ صدا آهي، پنهنجي ماروئن ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ قرباني ۽ ڪم جي صدا ٻڌون.“
    ابراهيم جي شاعريءَ جتي وطن جي دفاع لاءِ دشمنن سان اکين ۾ اکيون ملائي جواب ڏيڻ جو چٽو اظهار آهي ته اتي وري محبوب جي سک ۽ محبوب جي ملڻ جي اوسيئڙي ۾ سالن ڀري انتظار جو اظهار پڻ:
    هڪ مند چري آهي، ٻئي جا رات ٺري آهي.
    اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ڀاڳن جي ڀري آهي.

    ابراهيم منشي جي شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جنهن مان ’ڌرتي دين ڌرم‘، ’گوندر ويندا گذري‘، ’ڌونئري ڏينهن ڌاڙا‘ وغيره. ابراهيم منشي جي ڪيل پورهئي تي سڄي سنڌ کي ناز آهي. اڄ پوري سنڌ ابراهيم منشي جهڙي عوامي شاعر تي فخر ڪري ٿي. هي سنڌ جو عوامي شاعر هن فاني دنيا مان 31 جولاءِ 2003ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.


    (ابراهيم منشي جا ڪجهه غزل)


    سو سنڌ کي ڇڏي وڃي!

    نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي،
    سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.
    برابري سراسري، اسان گهرون ٿا ايتري،
    پڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايون هيتري،
    آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري،
    جو سچ انهيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
    نکاريو سنڌڙي حسن، ڏسي ڪيئن ڪونڌر پيا ڪسن،
    ڪروڙ ڪاهيندا اچن، ڪُسڻ جو ڪوپ پيا پڇن،
    مچن مچن اندر مچن، مچن مچن اندر مچن،
    جنهن وک هٽائي بي وڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
    هي مڪليون، موهن دڙا، ٿرن برن ٿڌ ا گهڙا،
    ٽهڪائي جنهن ٽانڊا ڪيا، کڻي ويو ٽپڙ ٽڙا،
    انهيءَ ڪري هڙا وڙا، انهيءَ ڪري هڙا وڙا،
    نٿو جو تڙ مٿان تڙي، سو سنڌ ما ن لڏي وڃي.
    ٿي انتها آ ڪيس جي، ۽ ڪيسين ويهندا هيسجي،
    ڇڏي ڏي ريت ريس جي، پُريون به وينديون پيسجي،
    آ جنگ جيس جيس جي، آ جنگ جيس جيس جي،
    اٿي نه جو تڙي کڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
    ٻڌين نٿو کٻي سڄي، نغارو جنگ جو پيو وڄي،
    گهڻين هٿين ڇپر کڄي، هلي نه جنهن هيون هڄي،
    ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي، ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي،
    دڙي تي داڦ بيهه دڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
    هي ملڪ “ منشي ” ٿيو مَکِي، چوي پيو پکڻ پکي،
    جڏهن به قوم آ ڪَکِي، لکين لهي آيا لکي،
    سنڌوءَ جي سرڪ جنهن چکي، سنڌوءَ جي سرڪ جنهن چکي،
    پيءَ جان سان نٿو جڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي ٿو.



    وڏيرن جو وريو وارو!

    وڏيرن جو وريو وارو خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو،
    وري مارن مٿي مارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
    جمهوريت راڄ ٿيو جاري، چڱا چالان چوڌاري،
    هزارين جيل ۾ هاري، ظلم ساڳئي ۾ نر ناري،
    وري سورن ۾ سنڌ ساري، نئين سر قيام ٿي ڪاري،
    وري مظلوم ويچارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
    وري رهبر بنيا باطل، اهي ئي قوم جا قاتل،
    سدا غم ڪڙم کان غافل، پوڄاري پيٽ جا پاليل،
    نئين نعري ۾ ٿي شامل، نئون ليبل اها بوتل،
    اها بگري اهو ڍارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
    وري گنگا صنم ساڳيا، وٺي آيا جنم ساڳيا،
    اسم ساڳيا جسم ساڳيا، وري سانگين ستم ساڳيا،
    وري ڀاڳين ڀرم ساڳيا، وري ڪوڙا قسم ساڳيا،
    وري قانون اهو ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
    وٺي ويئي مارشل موڪل، هنگامي آئي هٿ ٺوڪيل،
    سنڌي ۽ سنڌ ٿاڻي ۾، هميشه جيئن رهيا روڪيل،
    اهي ئي چور ٿيا اڄ، چور دروازي ڪنان داخل،
    نه آهي ڪو چوڻ چارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
    هتي جنهن ٻڙڪ سچ ٻولي، لڳي ٿي ترت تنهن گولي،
    ٺڳي جي ٺاهي نئين ٽولي، خدا جي خلق تي رولي،
    هلي هر هنڌ پيئي هولي، لڳي گولي سندي لولي،
    کائي ميمبر پيو کڳمارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
    ويون انصاف جون راهون، پيا مسڪين ڪن دانهون،
    ڪيا جن قول ٿي ڪيڏا، ٻئي هر هر کڻي ٻاهون،
    وزارت جون وٺي ڪرسيون ڪري ويا پير سڀ پاهون،
    ٿيو پڌرو اڇو ڪارو، خد ا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
    اهي ڦريون اهي ڌاڙا، پوليس ڪئين پٽيا پاڙا،
    سفارش جا اهي ساڙا اهي رشوت سندا راڙا،
    وزيرن جا ڀري واڙا، لچن لالچن تي ڪيا لاڙا،
    وهي واهڙ پيو اوڀارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
    لڳي ڪرسي مِٺي منصوري، ويا سڀ واعدا وسري،
    ٻڌائون حال چئو ڪنهن کي، سڀ ئي نانگا ٿيا نسري،
    سڀيئي سلطان هي ڪسري، سڏائن پاڻ کي پسري،
    ڪيو تن عيش ڏي آرو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
    جهنگن جا ساڳيا جهانگي، سڀيئي سورن اندر سانگي،
    بکن بيحال ڪيا “ منشي” نه تن جو ڪو وريو وانگي،
    اڳوڻي کان ظلم آڳرو، ملي سون منهن تي دانگي،
    ڪيوسون پنهنجو منهن ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.


    لفظن جو جادوگر ’اياز گل‘

    ادب ذوق جڏهن پنهنجي چؤطرف گوڙ گهمسان، وحشتون، نفرتون، دغابازيون، ناڪاميون ۽ نااميدون کڻي، بي ساراهه پنهنجي اندر ۾ ليئو پائي پاڻ کي تنها محسوس ڪري ٿو ۽ جڏهن حال اورڻ لاءِ ڪير به هم خيال گڏ نه ٿو هجي ته اتي وري لفظن جي جادوگرن جو سهارو وٺي، پنهنجي اندر جي طوفان کي ماٺ ڪرڻ لاءِ ۽ دل جي سڪون لاءِ ڪنهن شاعر جون ڪويتائن جون ڪجهه سٽون لبن تي آڻي پاڻ کي ذهني اذيت کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو. انهن لفظن جي جادوگرن مان هڪ نانءَ سنڌي ادب جي شاعر اياز گل جو آهي.
    اياز علي المعروف اياز گل 6 مارچ 1959ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو رجب علي دل آهي. اياز گل ابتدائي تعليم سکر مان حاصل ڪئي ۽ پاڻ ايم سنڌي، بين الاقوامي تعلقات ۽ ايل ايل بي جو امتحان پڻ پاس ڪيو اٿس. هن وقت پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور ۾ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.
    اياز گل سنڌي شاعرن مان هڪ منفرد شاعر آهي، جنهن جي شاعري جي خوبي عام فهم خيال آهن. هو عام فهم ساڌن لفظن ۾ به موسيقيت ۽ تخيل جو جادو سمائي پڙهندڙ تي پنهنجي جادوگريءَ جا گهرا اثر ڇڏي ٿو. سندس شاعري فارسي بحر و وزن ، تشبيهه ۽ استعاري جي محتاج نه آهي، هن وٽ سنڌي ٻوليءَ جا عام فهم استعارا ۽ تشبيهون آهن. ڪتاب ’توبن ڪهڙا ڇانورا ‘جي مهاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو ته :
    ”اياز گل جي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي پيدائش آهي. اها فارسي بحر وزن جي مشاقيءَ تي نه ٿي تڳي. ان کي هڪ انوکي خوشبو آهي، جا نم جي ٻُور ۾ ٿيندي آهي ۽ ان کي هڪ الڳ رنگ آهي، جو پڪل پيرُن ۾ ٿيندو آهي.“
    گل رومانوي شاعري آهي، سندس شاعريءَ ۾ محبوب جي ماڻن، رسڻ، پرچائڻ، آزيون، نيازيون، مهڻا ته ڪٿي وري محبوب جي ناراضگي جو اظهار آهي. هو لاچار عاشق جي اندر جي طوفان کي سمائي محبوب جي تلخين ۽ ماڻن جي ترجماني ڪجهه هن ريت ڪري ٿو ملاحظه فرمايو:
    چپ اوهان جا پنهنجا لفظ پرايا هن،
    يارو! آهيو ڊرامي جي ڪردارن جيان !

    يا

    تو کي ۽ تنهنجي
    يادن کي ڇاهي؟
    ڀوڳيون يار اسان ٿا!

    گل وٽ جيون جي دانهن آهي، جيڪا دانهن حساس دل رکندڙ ڪو عاشق ئي سمجهي سگهي ٿو، هو پريتم کان سواءِ جيون کي ڪجهه به نه ٿو سمجهي، جنهن وٽ محبوب جون يادون ئي سڀ ڪجهه آهن. ساڌي لفظن ۾ بيان اسلوب ملاحظه فرمايو:
    تنهنجون يادون! نه تون!
    جاني ڙي! ڪيئن جيون؟
    گل پيار ۽ سونهن جو شاعر آهي، هو رواجي ريتن رسمن کي نندي دل جي دنيا جوڙڻ جو خواهشمند آهي، هن جو مقصد صرف محبت ۽ رواداري کي قائم ڪرڻ آهي. هو ان معاشري ۾ رهي ٿو جتي پيار جي ڪا به اهميت نه آهي. گل پيار تي غالب رسمن کي ننديندي چوي ٿو:
    هر پيار کي ٻوڙي ٿو،
    رسمون اهو پاڻي آ.
    جنهن معاشري ۾ رشتن ناتن جي اهميت ختم ٿيندي وڃي ۽ جنهن سماج ۾ نفسانفسي، دغابازيون، اڻ برابري ماڻهن جو ايمان ٿي پوي، ان پوري معاشري کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ ئي ترڪيب ضروري آهي، اها ترڪيب پيار، پنهنجائپ جو احساس جيڪو هر دور ۾ انسان جي عظيم ضرورتن مان هڪ آهي. ملاحظه فرمايو:
    هر فساني جو ٿئي دور ٿو پر،
    پيار هر دور ۾ نيارو هوندو!
    اياز گل جي شاعريءَ تي تبصرو ڪندي ادل سومرو صاحب پنهنجي ڪتاب ’ اسين مسافر پيار جا ‘ ۾ لکي ٿو ته :
    ” گل جي شاعريءَ جو مکيه گڻ ٻولي ۽ لهجي جي سادگي آهي. هن سموري شاعريءَ ۾ خوبصورت عڪس ڳوڙها ويچار، اندر جا احساس ۽ جذبا، عام فهم لفظن ۾ بيان ٿيل آهن.“
    اياز جديد شاعر آهي، هن وٽ موضوع پڻ جديد آهن. هو پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ بيحد فڪرمندي نظر اچي ٿو، موجوده دور ۾ جتي ماڻهن جا سماجي قدر تبديلي ٿي ويا آهن، هر ماڻهو صرف پنهنجي ذات لاءِ سوچي ٿو، اتي اياز پنهنجي قومي ادب ۽ قومي ٻولي جي ورثي جي وارثي ڪندي چوي ٿو:
    ڊسڪو جي دور ۾ اسان جو ڄڻ،
    عارفاڻو ڪلام آ، جيون !
    يا
    شهر ماڻهن سان ڀريل ڪو به خريدار نه پر،
    لڙڪ پنهنجا ڀي ٿيا سنڌي ڪتابن وانگي!

    گل جي شاعري جو جيڪڏهن گهرائي سان جائزو وٺجي ته معلوم ٿيندو ته اياز گل جي شاعريءَ جي انمول خوبي تشبيهه جو بهترين استعمال آهي. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ عام فهم تشبيهون استعمال ڪري، جديد شاعرن مان پاڻ کي مڃايو آهي. نئين ٽهي جي شاعرن مان جيڪڏهن کيس تشبيهه جو بادشاهه شاعر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. گل محبوب جي قول قرار کي پاڻي جي ليڪن سان تشبيهه ڏيئي ڪيڏو ته خوبصورت خيال پيش ڪيو آهي. ملاحظه فرمايو:

    پاڻيءَ تي ڄڻ ليڪا ها ميان،
    تنهنجا قول قرار!
    گل جي شاعريءَ جي سونهن تشبيهه آهي. هو سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڪڙي نظر رکي ٿو، عوام کان ڪئين ڀوتار، وزير، مشير ڪوڙا وعدا ڪري ووٽ وٺي ويندا آهن، جيڪي پنجن سالن کان پوءِ وري نه پنهنجي جوءِ ۾ نظر ايندا آهن ۽ جيڪڏهن نظر آيا ته صرف سرڪاري بيان بازي کان ڪم ورتو ويندو آهي. سرڪاري وعدن کي موضوع بنائيندي سانئڻ سان ڪجهه هن ريت مخاطب ٿئي ٿو:
    سانئڻ! تنهنجو هر ڪو وعدو،
    سرڪاري اعلان جيان آ.

    هڪ غريب جيڪو هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي، ان لاءِ هڪڙي ماني جنت به آهي ته ڀڳوان ۽ الله به، ڏسو خوبصورت تشبيهه جو استعمال:
    پيٽ بکئي لئه، هڪڙي ماني،
    سرڳ جيان، ڀڳوان جيان آ.
    يا ٻئي هنڌ هڪ غريب ماڻهو جي معاشي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندي چوي ٿو:
    هر خوشي قرض ۾ هلي ٿي وڃي،
    ماستر جي پهگار وانگي آ.
    اياز گل جي شاعريءَ جو ٻيو پهلوءَ وطن پرستي آهي. سندس شاعريءَ ڌرتيءَ جي خدائن، غاصبن ۽ ظالمن جا ظلم، جبر ۽ وحشتن کي پڌرو ڪري ٿي ۽ عوام الناس جي بيوسي، بک، ڏک ۽ تڪليفن جي پڻ ترجماني ڪري ٿي. گل هڪ هنڌ سنڌ جي عوام جي ترجماني ڪندي چوي ٿو:
    بارود بکون، باهيون هر ظلم، جبر، وحشت،
    ڌرتيءَ تي لکين ٿورا، ڌرتيءَ جي خدائن جا.
    گل سنڌ جي سياسي ليڊرن جي ڪڌن ڪرتوتن ۽ دغابازين کي پنهنجي شاعري ۾ موضوع بنائي ٿو، سنڌ جي سياستدانن کي آئينو ڏيکاريندي اهواحساس جڳائي ٿو ته اوهان پنهنجي وطن جو سوڌو چند رپين خاطر ڪري ڇڏيو ٿا ۽ سرڪاري زمين چند رپين خاطر وڪڻي سنڌ جي ماڻهن کي دربدر ڪرڻ چاهيو ٿا. گل جي خيال موجب اهي عوام دشمن صرف واپاري آهن، جيڪي صرف واپار ڪرڻ ڄاڻن ٿا،:
    ديس به وڪڻي ايندا آهن،
    اهڙا ڀي واپاري ماڻهو!
    گل مظلومن جو شاعر آهي، هو مظلوم ماڻهن جو سگهارو آواز آهي، سندس شاعريءَ جو موضوع اها عورت پڻ آهي جيڪا اسان جي سماج ۾ ڪمزور سمجهي وڃي ٿي، جنهن کي وڏيرن جي فيصلن ۾ چٽي طور ڏوهه ۾ ڏنو وڃي ٿو، تنهن ظلم جي مزاحمت ڪجهه هن ريت ڪري ٿو.
    تو ڏوهه ڪيا تن جا،
    مون ڏنڊ ڀريا آهن!
    سنڌ ۾ ئي اچي سائي،
    ڇو پير ڌريا آهن!!
    سنڌ ڌرتيءَ تي ڏيهاڙي ظلم، نا انصافيون، خون ريزي، نفسانفسي وڌندي ٿي وڃي ۽ هر باضمير ماڻهو جهڙوڪ پنهنجي پاڇي کان به ڇرڪندو رهي ٿو، گل سنڌ جي موجوده صورتحال جي عڪاسي ڪندي چوي ٿو:
    موت جي ڪيڏي ڀرتي آهي،
    پنهنجي پاڇي کان ڇرڪان ٿو،
    ڇا هي منهنجي ڌرتي آهي؟
    سنڌ کي هرروز ملندڙ، چچريل لاشن تي احتجاج ڪندي، غاصب کي آئينو ڪجهه هن ريت ڏيکاري ٿو:
    جئين چچريل ڪو سينو آهي،
    هر غاصب جو چهرو هن ۾،
    سنڌڙيءَ ڄڻ آئينو آهي!
    گل سنڌ جي ٻهراڙين جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي قبيلائي تڪرارن جي ور چڙيل نوجوان زندگيون تباهه ٿي رهيون آهن. ٻهراڙين جا ٻار جنهن جي هٿن ۾ قلم هجڻ کپي، پر افسوس قلم جي بدران هٿن ۾ هٿيار آهن. هو سنڌ جي ناقص تعليمي نظام ۽ حڪمرانن جي جوڙيل حڪمت عملي کي ننديندي چوي ٿوته:
    چمڪن پيا هٿيار ۽
    قلم ڪتابن تي
    دز چڙهي وئي آهي.
    ياد- ڪتابن تي
    سارن خوابن تي
    دز چڙهي وئي آهي!!
    اياز گل اميد پرست شاعر آهي، هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جا سور روئيندي، اميد پڻ ڪري ٿو ته آخر ظلم ۽ جبر جي رات کٽندي ۽ نيٺ صبح ٿيندو نيٺ سنڌ مان وري ڪي ئي گلاب ڦٽندا ۽ وري مٺڙي جيجل سنڌ پنهنجي جوڀن کي رسندي:
    نيٺ تنهنجي سوال کي رسندا،
    سنڌ! مون جي جواب پوکيا هن!
    اياز گل پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ دعاڳو آهي ته اي ڌڻي منهنجي مٺڙي سنڌ کي سلامت رک، ڇو ته هن سان وير رکندڙ دشمن گهڻا آهن:
    سنڌ منهنجا ڌڻي! سلامت رک،
    چئني پاسن کان ساڙ جاڳيا هن!
    اياز گل غزل، نظم، آزاد نظم، بيت، وائي ۽ شاعري جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. پر سندس محبوب صنف غزل رهي آهي. سندس شاعري جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جنهن مان پهريون مجموعو ’گل ۽ تارا‘ 1979ع، ’پيلا گل پلاند ۾‘، ’ڏينهن ڏٺي جا سپنا‘، ’سوچون سرها گل‘، ’ڏک جي نه پڄاڻي آ‘، ’تو بن ڪهڙا ڇانورا ‘۽ ’نثر ۾ زنگ لڳل زندگي‘ ڪابل تعريف آهن.
    ***



    (اياز گل جا ڪجهه غزل)

    دک جي نه پڄاڻي آ

    دک جي نه پڄاڻي آ،
    هر شخص ڪهاڻي آ.

    تون مان ئي اياڻا هئون،
    دنيا ته سياڻي آ.

    هر پيار کي ٻوڙي ٿو،
    رسمئون اهو پاڻي آ.

    ڏيئي کي سلامت ڪر،
    جي لاٽ اجهاڻي آ.

    احساس بنان ماڻهو،
    اخبار پراڻي آ.

    سڀ ڌوڙ ڪري ويندي،
    جا ڌوڙ اُڏاڻي آ.

    هو، مان ۽ رڳو ڳوڙها،
    ناول جي پڄاڻي آ.

    مون لاءِ مري وئين تون،
    هن تار اُ ماڻي آ.



    وقت ڪيا ويرانا ماڻهو!

    وقت ڪيا ويرانا ماڻهو
    تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو.

    تو کي ارپڻ آيا آهن،
    لڙڪ کڻي نذرانا ماڻهو.

    مان جو اڄڪلهه هيکل آهيان،
    جوڙن ٿا افسانا ماڻهو.

    منهنجو هو هڪڙو ڀي ناهي،
    تنهنجا سڀ زمانا ماڻهو.

    وڇڙي ويندا جي وڇڙڻ جا،
    ڳولهن روز بهانا ماڻهو.

    ڪهڙا جڳ سان ليکا ڪرڻا،
    يار اسان مستانا ماڻهو.



    منهنجا لڙڪ سوالن وانگي!

    منهنجا لڙڪ سوالن وانگي،
    تنهنجا ٽهڪ جوابن وانگي.

    جيئڻ به ڪين اسان کي آيو،
    محفل جي آدابن وانگي.

    ذهن جي بوڪ-شيلف ۾ آهن،
    يادون بند ڪتابن وانگي.

    توکان وڇڙي دل تي گذريو،
    هر پل دوست! عذابن وانگي.

    دل جا دودا ٿيندا آهن،
    پيارا! ڪين حسابن وانگي.

    تنهنجو پيار به ٿيو اسان لاءِ،
    ڏينهن ڏٺي جي خوابن وانگي.

    پنهنجي قسمت ۾ تون ڀي،
    ناهين يار! ثوابن وانگي.

    منهنجون راهون ڪنڊا ڪنڊا،
    تنهنجا پير گلابن وانگي.



    اسان پريت لاتي!

    اوهان سان جڏهن کان اسان پريت لاتي،
    رهي دل رڳو ٿي، اوهان لاءِ آتي.

    اوهان ڀي ٻين جان برو چئو اسان کي!
    اوهان ڀي اسان جي حقيقت نه ڄاتي.

    وفائن کي و يٺا جفائون سڏيو ٿا،
    اوهان سڪ ڪڏهين نه ڪائي سڃاتي.

    گهرن جا سڀئي در پيا بند آهن،
    اسان لئه ڪڏهن ڪين پاتي ڪو جهاتي.

    مرڻ ڪو مسئلو نه آهي او سهڻا،
    وڏي ڳالهه آهي گذارڻ حياتي.

    ڏکن ۽ بکن جي ذڪر کان سوا جنهن،
    لکيو ليک، ليکڪ آ، ڄڻ ڌوڙ پاتي.



    پيار ئي پيار!

    پيار ئي پيار ٿو گهرڻ چاهيان،
    توسان گڏ ٿو، جئين، مرڻ چاهيان.

    تنهنجو نالو وٺڻ بهانو آ،
    پاڻ کي ياد ٿو ڪرڻ چاهيان.

    هر خوشي تو کي ڏئي زماني جي،
    تو کان هر درد ٿو ڦرڻ چاهيان.

    آءٌ يادن جو ديپ آهيان پرين!
    تنهنجي دل ۾ پيو ٻرڻ چاهيان.

    منهنجي منزل اڳي، گهڻي اڳتي،
    وقت آهيان، نٿو ورڻ چاهيان.

    سچ جي سج جهڙي پيرن ۾،
    ڪوڙ دنيا جو ٿو ڌرڻ چاهيان.


    شاهه جو شيدائي ’ڊاڪٽر گربخشاڻي‘

    جيجل سنڌ پنهنجي سٻاجهڙي ڪک مان سچن سپوتن، محنت ڪش انسانن، علم جي عقابرن، دانشورن، محققن، شاعرن ۽ اديبن کي جنم ڏنو آهي، انهن سنڌ جي سٻاجهڙن پٽن مان هڪ نانءُ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جو آهي.
    هوتچند المعروف ڊاڪٽر گربخشاڻي 1884ع ڌاري حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو مولچند گربخشاڻي هو. سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ گربخشاڻي صاحب جي خاندان بابت لکي ٿو ته:
    ” هي صاحب حيدرآباد جي گربخشاڻي عالمن جي خاندان مان هو، سندس ڏاڏو ديوان نئنسکداس زمينداري ڪندو هو. سندس والد ديوان مولچند پڙهي روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي. ڪهڙي عهدي تان رٽائر ڪيائين، ان جو پتو پئجي نٿو سگهي. هي اصل وڌواڻي گهٽي ۾ رهندا هئا، جتان لڏي پوءِ مارڪيٽ جي ڀر ۾، آغا خاني خوجن جي پاڙي ۾ وڃي ويٺا.“
    هوتچند ابتدائي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ پاڻ سيڪنڊري تعليم اين ايڇ اڪيڊمي مان 1899ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، تنهن کان پوءِ 1900ع ۾ ڏيارام ڄيٺمل آرٽس (جنهن کي هاڻي ڊي جي ڪاليج جي نالي سان سڏين ٿا) ۾ داخلا ورتي، جتان 1905ع ۾ بي-اي جو امتحان پاس ڪيو. هوتچند کي علم جي تونس ويهڻ نه ڏنو، هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئي روانو ٿيو، جتان بمبئي جي مشهور ولسن ڪاليج مان 1907ع ۾ ايم اي انگريزي ۽ فارسيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. هن نوجوان جي محنت ۽ جفاڪش جو مان رکندي، ولسن ڪاليج جي انتظاميا کيس ساڳئي ئي ڪاليج ۾ استاد مقرر ڪيو. (ڊاڪٽر صاحب جي قابليت ۽ محنتي هجڻ جو مثال هن کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟.) ڊاڪٽر صاحب ولسن ڪاليج ۾ هڪ سال پڙهائڻ کان پوءِ 1908ع ۾ سنڌ موٽي آيو، جتي پاڻ ڊي- جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، اتي پاڻ ڪجهه عرصو پروفيسر رهي، وائيس پرنسپال ۽ پوءِ پرنسپال جي عهدي تي فائز رهيو.
    ڊاڪٽر هوتچند صوفي منش هو، هن 1928ع ۾ لنڊن يونيورسٽي مان ’اڻوهين صدي جي انگريزي شاعري ۾ تصوف‘ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪئي. تصوف سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي هو، صوفي خيالن بابت سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته :
    ” سندس ڏاڏو ۽ والد صوفي خيالن جا هئا، چوڻ ۾ اچي ٿو ته اصل ۾ شاهه عنايت صوفي جهوڪ جي درگاهه جا معتقد هئا. ڊاڪٽر صاحب کي ان ڪري ننڍي هوندي کان صوفيانه تعليم ۽ تربيت مليل هئي، مثنوي مولانا روم، ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ شاهه عبداللطيف جي شعر ۾ خاص درڪ هوندو هوس.“
    ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي سنڌي ادب جي تاريخ جو اهو سونهري باب آهي، جنهن شاهه لطيف جي ڪلام مان ڌاري ڪلام هجڻ جي تصديق ڪئي ۽ پهريون ڀيرو شاهه لطيف جي ڪلام کي معجزي ۽ ڪرامتن جي ڪڙين کان آزاد ڪري، شاعريءَ جي فني خوبين کي نروار ڪيو شاهه جي ڪلام جي صحيح پڙهڻي بابت عالمن ۾ نئين بحث کي جنم ڏنو. جنهن تي کيس تمام گهڻي تنقيد پڻ ٿي. پاڻ هميشه پنهنجي تحقيقي ڪاوش سان سلهاڙيل رهيا ۽ تنقيد جو ڪڏهن به ڪو جواب نه ڏنائون. کيس اهو افسوس ضرور هو ته شاهه لطيف تي اڄ ڏينهن تائين فني حوالي سان تحقيق ٿي نه سگهي آهي!. ڊاڪٽر گربخشاڻي ’شاهه جو رسالو‘ جلد پهرين جي ’ منڍ ‘ ۾ لکي ٿو:
    ” جيڪڏهن شاهه عبداللطيف جهڙو عاليشان شاعر يورپ ۾ پيدا ٿئي ها، ته سندس ڪلام جي صحيح نسخي تيار ڪرڻ ۾ ڪيترائي عالم پنهنجون حياتيون صرف ڪن ها، ۽ هزارين ڇاپا معنائن ۽ شرحن سميت نڪري وڃن ها. پر سنڌ ۾ اهڙي اعليٰ شاعر جي اڃا تائين، پوري قدر شناسي نه ڪئي ويئي آهي.“
    ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي سنڌ جو اهو باڪمال محقق ۽ نقاد هو، جنهن سنڌي ادب ۾ سائنسي بنيادن تي تنقيد جو آغاز ڪيو، جنهن کي سنڌي ادب ۾ جديد تنقيد جو ابو چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ڊاڪٽر بدر اڄڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري‘ ۾ لکي ٿو ته :
    ”ڊاڪٽر گربخشاڻي کي جيڪڏهن جديد تنقيد جي پايي وجهندڙن مان چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن لاکيڻي لطيف جي سوانح، فن ۽ فڪر تي جيڪو تنقيدي ڪم ڪيو، ان کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي.“
    ڊاڪٽر صاحب ’ شاهه جو رسالو‘ جديد فڪري اصولن مطابق تيار ڪري شاهه لطيف جي ڪلام جو نچوڙ پيش ڪيو، جيڪو چار جلدن ۾ هو، پر افسوس ٽي جلد ته سندس حيات ۾ ئي شايع ٿيا پر آخري جلد شايع نه ٿي سگهيو. رسالي جو پهريون جلد15 ڊسمبر 1923ع، ٻيو جلد 19 ڊسمبر 1924ع ۽ ٽيون جلد جيڪو ڇهه سالن کان پوءِ 27 ڊسمبر 1931ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي ٽنهين جلدن مان واضح آهي ته ڪيتري ته محنت، مشقت، محبت ۽ سچائي سان شاهه جي رسالي کي قوم تائين پهچائڻ لاءِ ڪوشان رهيو ته جئين سنڌي قوم پنهنجي عظيم لافاني شاعر۽ رهبر جي پيغام کي سمجهي سگهي ۽ فائدو حاصل ڪري سگهي.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جي رسالي جي ترتيب ڪجهه هن ريت ڪئي آهي:
    پراڻن نسخن جي ڪلام کي ڀيٽي نئين سر پڙهڻيون مقرر ڪيون اٿس. شاهه جي ڪلام جو مڪمل مقدمو پيش ڪيو اٿس جيڪو ڏهن فصلن تي مشتمل آهي، جنهن کي مختلف عنوانن ۾ ورهايو اٿس، جنهن جو مختصر تفسير هيٺ ڏجي ٿو:
    فصل پهريون ’شاهه صاحب جي سوانح عمري‘ تي مشتمل آهي. جنهن ۾ شاهه صاحب جي پيدائش جي تاريخ کان وٺي، شاهه صاحب ڏانهن جيڪي مشهور روايتون منسوب آهن، انهن تي پڻ بحث ڪيو اٿس.
    فصل ٻيو ’ شاهه جي صورت ۽ سيرت‘ تي مشتمل آهي. جنهن ۾ شاهه صاحب جي پوشاڪ، خوراڪ ۽ آرام، رحمدلي، رياضت، نئڙت، پاڪدامني ۽ راڳ جي شوق جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي. ساڳئي فصل ۾ شاهه صاحب جي تصوير تي بحث ڪيو اٿس، جنهن لاءِ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته:
    ” شاهه عبداللطيف جي سچي تصوير ڪٿان ملي نٿي سگهي، ڪن ڪن رسالن ۾ هڪڙي تصوير ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جا دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته شاهه جي آهي، مگر ائين هرگز نه آهي، اها هڪ وهمي تصوير ٿي ڏسجي، جنهن جي شاهه جي شڪل شبيه سان ڪابه مشابهت ڪانهي.“
    فصل ٽيون ’شاهه جو مذهب ‘آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي فرقي بابت وضاحت ڪئي وئي آهي ته ڇا شاهه صاحب سني هو يا شيعو؟ ان بابت روايت پڻ ڏني وئي آهي. شاهه صاحب جو خليفن سان ڪهڙو برتاءُ هوندو هو، شعريت جي پيروي، حج جو ارادو، ديني آزادي ۽ عشق الاهي جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
    فصل ڇوٿون ’ويدانيت ۽ تصوف‘ آهي. جنهن ۾ ويدانيت ۽ تصوف تي بحث ڪيو ويو آهي.
    فصل پنجون ’ شاهه جو شعر ۽ شاعري ‘آهي. جنهن ۾ شعر جي زندگي، شاهه ۽ ٻيا شاعر، شاهه جي بزرگي، جمال ۽ حد جو مشاهدو ۽ حقيقت جي پروڙ، شاعري پيغمبريءَ جو جزو، شاعر جي صنعتي خوبيون، فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش تي بحث ڪيو ويو آهي.
    فصل ڇهون ’شاهه جي شعر جو مضمون ۽ عبارت‘ آهي.
    فصل ستون ’شاهه جو نظم‘ آهي، جنهن ۾ شاهه جي شعر ۽ نظم جي بناوت، هندستاني دوهو، دوهي جي بناوت، سنڌي دوهو، شاهه جو طريقو، تجنيس حرفي جو استعمال ۽ هندستاني راڳ ۽ راڳڻين جو ذڪر آهي.
    فصل اٺون ’شاهه جي سنڌي‘ آهي، جنهن ۾ شاهه جي سنڌي ۽ هاڻوڪي سنڌي تي بحث، سنڌي جو عربي ۽ فارسي سان بنيادي واسطو نه هجڻ، صورتخطيءَ جي خامي، علم لغات جي اڻ واقفيت تي پڻ بحث ڪيو ويو آهي.
    فصل نائون ’شاهه جون نحوي بناوتون ‘آهي. جنهن ۾ شاهه جي سنڌيءَ جي نحوي بناوتن جي پراڪرت سان مشابهت، حالتي پڇاڙيون، ضميرن جي حالت اضافت، ضميري نشانيون وغيره مطلب ته لساني حوالي سان هن فصل ۾ بحث ڪيو ويو آهي.
    فصل ڏهون’ رسالي جي تصنيف ۽ تاليف ‘ آهي. جنهن ۾ رسالي کي ڪراڙ ڍنڍ ۾ ٻوڙڻ، وري لکڻ، ٻين شاعرن بابت ساڳيون روايتون وغيره بحث هيٺ آيل آهن.
    شاهه صاحب جي سوانح عمري کان ويندي شاهه صاحب جي ڪلام جي هر هڪ پهلوءَ تي ڊاڪٽر صاحب روشني وڌي آهي، سندس ڪاوش بابت سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته:
    ” شاهه صاحب تي گهڻن صاحبن لکيو آهي، پر انهن مان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڪو به مقابلو نٿو ڪري سگهي. هن جي شرح کي پروفيسر نڪلسن جي مثنوي جي شرح، مسٽر برائون جي ايراني شعر جي تاريخ، ۽ حڪيم ثنائي جي حدية الحقيقت جي شرح (ميجر اسٽيفنسن) سان مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي.“
    ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه لطيف جي رسالي کان سواءِ ٻيا به ڪتاب لکيا آهن، جنهن کي سنڌي ادب ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. جنهن مان ناول ’نورجهان‘1915ع، ’ لنواري جا لال‘1934ع، شاهه جي رسالي ۾ آيل احوال ۽ مقدمو جيڪو ’روح رهاڻ‘ 1933ع ۽ ’مقدمه لطيفي‘ جي عنوان سان 1936ع ۾ الڳ شايع ٿيا.
    هي سنڌ جو عظيم محقق، نقاد ۽ لطيف شناس 11 فيبروري 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو.

    ***


    گمنام ڪهاڻيڪار ’ماڻڪ منير‘

    جنهن سماج ۾ مفلسي ۽ غربت جي ڏائڻ پنهنجو اصل روپ ڌاري انسان جو ماس ڪوري ڪاٽي، پنهنجي وحشي ڏندن سان ڳڀا ڳڀا ڪندي نظر ايندي هجي، اتي ڀلا هڪ حساس دل اديب، سماج سڌارڪ حالتن جي گهمري ۾، تخيل جي آسمان کي چيري اصل حقيقت جا راز ڪيئن پڌرا ڪري ٿو، اهو ڪير ماڻڪ منير کان سکي!
    منير احمد المعروف ماڻڪ 5 مارچ 1943ع ۾ نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد ادريس ميمڻ هو. ماڻڪ ابتدائي تعليم نواب شاهه مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم ايم اي سوشالاجي، بي ايڊ ۽ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري، پهرين ماستري ۽ پوءِ روسي سفارتخاني ۾ ڪجهه عرصو نوڪري ڪري، نواب شاهه ۾ وڪالت سان گڏوگڏ ميڊيڪل اسٽور هلائڻ لڳو.
    ماڻڪ لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت نواب شاهه جو سرگرم ڪارڪن هو.
    ماڻڪ منير سنڌي ادب جي انهن منفرد ڪهاڻيڪارن مان آهي، جنهن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئين زندگي ڏني ۽ سنڌي جديد ڪهاڻي ۾ نون موضوعن کي پڻ متعارف ڪرايو. سندس ڪهاڻيون فني ٽيڪنيڪ جي حوالي سان لاجواب مثال آهن. ماڻڪ پنهنجن ڪهاڻين ۾ سماجي حالتن جي چٽي تصوير پيش ڪري ٿو. ڪهاڻين جا اڪثر پلاٽ سنڌ جي مظلوم عورتن جا مقدما آهن. جنهن کي هو پنهنجي منفرد انداز سان مختلف ڪردارن وسيلي پلاٽ ۾سمائي عورتن جي حقن جي تحريڪ جي نمائيندي ڪندي نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻيون عورت جي نفسياتي مونجهارن، داخلي ڪيفيتن، ذهني اذيتن ۽ حق تلفين جو کليل پڌرنامو آهن. ماڻڪ سنڌي ادب جي انهن ٿورن ڪهاڻيڪارن مان آهي، جنهن عورت جي حقن تي بي باڪ ٿي لکيو آهي. ان ڪري کيس ادبي هلڪي ۾گهڻي تنقيد به ٿيندي رهي، مختلف وقتن تي گارين جا خط ۽ فحاش ليکڪ جا الزام پڻ لڳندا رهيا. ماڻڪ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:
    ”ماڻڪ سنڌي ڪهاڻي ۾ منفرد طرز جو ليکڪ آهي، سندس تحريرن جو وڏو حصو ان پيڙا جو پڙلاءُ آهي، جنهن ۾ خود کيس پيڙهيو. هن سماج ۾ جيڪو ڏٺو، ان خلاف لکيائين. سمجهه جي مار وارن کيس ئي کڻي چوکنڀو ٻڌو، چئي بد اخلاقي ٿو پکيڙي، جنسياتي مرض ۾ ورتل آهي.“
    ماڻڪ وٽ انساني جذبن جو قدر آهي، هو بنا ڪنهن رک رکاءُ جي عورت جي آنڌ مانڌ ۽ ڦوهه جواني واري اضطرابي ڪيفيت جو بيان شاندار نموني سان ڪري ٿو، جنهن ۾ هن کي پنهنجي جيون ساٿي جي سخت ضرورت هجي ٿي، ان ساٿي جي نه هجڻ ڪري عورت جي اندر جي دنيا ڇا هوندي؟ تنهن بابت لطيف سائين چيو هو: (اُڀرن سيڪارا پسيو ور ٻين جا!) ساڳئي ڪيفيت هڪ ڪهاڻي ’ حويلي جا راز ‘ ۾ ماڻڪ هن ريت بيان ڪري ٿو:
    ” ان وقت بيبيءَ جا گرم گرم ۽ ڳاڙها چپ، تازي وڍيل گوشت جي ٽڪري وانگر ڦڙڪي رهيا هئا، ساهه تمام تيزيءَ سان ناسن مان اچي وڃي رهيو هوس. ان ڪري ريشمي چولي مان سيني جو اڀارُ لهوار پڌرو پسجي رهيو هو. سموري بدن جو رت ڄڻ ڳٽن ۾ اچي گڏ ٿيو هوس، سندس ڳٽا ڳاڙها ڳٽورڙا ٿي ويا هئا. اکين جون ڏاريون اڀري آيون هيس ۽ انهن ۾ مقناطيسي چڪ هئي سندس سڄو بندن باهه وانگر پئي ٻريو.“
    ساڳئي ڪهاڻي ۾ سماج جي وهمن وسوسن ۽ انساني جذبات سان راند ڪندڙ پيرن، ڍونگي فقيرن وارين روايتن کي ننديندي سنڌ جي عورت جي وڪالت هن ريت ڪري ٿو:
    ” قرآن شريف سان شاديءَ ڪرائڻ کان پوءِ بيبي جنان کي دورا پوڻ لڳا هئا، حويليءَ ۾ سڀ چوندا هئا ته قرآن شريف سان شادي ڪرڻ ڪري، بيبيءَ کي سيد خاندان جو ڪو نيڪ روح اچي واسو ٿو ڪري، پر مسيت جو مولوي صاحب چوندو هو ته روح ڪڏهن به هن گهنگار ۾ اچي نه ٿو سگهي. باقي بيبي کي جن ٿو اچي.“
    ماڻڪ حقيقت پسند ڪهاڻيڪار هو، سندس ڪهاڻين جا موضوع پڻ سماج جي کري ۽ چٽي تصوير آهن. هن وٽ حقيقت ۽ دوکي ۾ واضح فرق آهي. جئين ڪهاڻي ’حقيقت ۽ دوکو ‘۾ معاشري جي انهن مدي خارج ذهنن جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي سام ۾ خيانت ڪن ٿا ۽ پنهنجي گناهه کي لڪائن خاطر مختلف دليل ڏيئي پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيئن هن ڪهاڻي ۾ ڊاڪٽر، رائيس جي نياڻي سان بدسلوڪي ڪري پوءِ پنهنجي بچاءُ لاءِ مختلف ذهني ڪشمڪش ۽ نفسياتي بيمارين جا حوالا ڏيئي، پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو.
    ماڻڪ پهريون سنڌي ڪهاڻيڪار آهي، جنهن مڪمل وجودي فڪر ۾ ڪهاڻيون لکيون آهن. هو انسان جي وجود ۾ ليئو پائي انساني پيڙاءُ، ڏک، تڪليف، انسان جي هيڻائپ ۽ بيوسي تي قلم کڻي ٿو. ماڻڪ جي ڪهاڻي جا موضوع بيروزگاري، غربت، عورت سان ٿيندڙ ناانصافي، انسان جي داخلي ڪيفيت، بيوسي، تڙپ ، نفسياتي احساس ۽ ملڪي سياست پڻ آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر‘ ۾ لکي ٿو ته:
    ” ماڻڪ جي اها خوبي بي مثال خوبي آهي ته هو ماڻهن جي نفسيات کي ايتري ويجهڙائي کان ڄاڻي ٿو ڄڻ ته انهيءَ ڪردار جو ڏک پاڻ ڀوڳيو اٿس.“

    ماڻڪ جي تحريرن جي انمول خوبي انداز بيان آهي، هن وٽ لفظن جا ڀنڊار ۽ ڪمال جو ربط آهي، جيڪو پڙهندڙ کي آخر تائين جوڙي رکي ٿو. ادب جي دنيا ۾ گهٽ ڪهاڻيڪار آهن جيڪي ٻوليءَ ذريعي ڪردارن جي اهميت کي اجاڳر ڪرائي سگهن، اهو ته ماڻڪ جهڙي ڪهاڻيڪار جو ئي ڪمال آهي. مثال طور هڪ ڊاڪٽر جي ذهني ڪشمش ۽ سياسي ڪارڪن جي ٻولي ۾ فرق ڏسو ڪهاڻي ’ حقيقت ۽ دوکو‘ ۾ هڪ ڊاڪٽر جي ڪردار جي ذهني سطح ۽ ٻوليءَ جو ناياب استعمال:
    ” مون رڳو سندس حسن جي سارهه ڪئي هئي، پر اهو منهنجي انٽينشنس (Intentions) تي اثرانداز نه ٿيو هو. مون سندس ضرورت کي آڏو رکي اڳتي سوچي ڇڏيو هو. ڪنٽراسيپٽور (Contraceptive) جو استعمال... ها مون ڪيترا ڀيرا پاڻ کان سوال پڇيو هو. لاجيڪلي آءِ ڪنوينسڊ ماءِ سيلف، logically, I convinced ڪرڻ گهرجي. اهو گناهه ٿي نٿو سگهي نه ويساهه گهاتي نه ئي بد اخلاقي.“
    ماڻڪ، ’ساهه مٺ ۾‘ ناول ۾ هڪ هنڌ سياسي ڪارڪن جي زندگي جي عڪاسي ڪجهه هن ريت ڪري ٿو:
    ” ٻي ڳالهه ٻڌئي: تنهنجي اچڻ کان ڪلاڪ کن اڳ پاڙي ۾ پوليس وارا آيا ها. سامهون گهر ۾ جيڪو ڪاليجي ڇوڪرو رهندو آهي، تنهن کي پڪڙڻ.
    پوءِ؟
    ڳڻتي اٻهرائي
    ڇوڪرو گهر ۾ ڪونه هو، يا لڪي ويو هوندو خدا کي خبر.
    پوليس وارا پڻس کي وٺي ويا.
    پوءِ؟
    اڻ-ٽڻ اکيون ڦاٽل.
    بس ويچاري مڙهي کي گهلي ويا، چيائون پئي ته ڇوڪرو سياست ڪندو هو، سرڪار خلاف. ان ڪري، مون کي قياس پئي آيو ويچاري پوڙهي تي. اڇا وار ڏاڙهيءَ مان وٺي پئي گھليائونس، صوبيدار ڪچيون ڪچيون گاريون پئي ڪڍيون، چيائين ته ڇوڪرو پيش نه ڪيو ته سڀ رنون ٿاڻي تي گهلي وينداسينؤ.“
    ماڻڪ جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون گهڻي عرصي تائين ادبي حلقي ۾ مشهور رهيون، جنهن تي تنقيد پڻ ٿيندي رهي، جيڪي ڪهاڻيون اڄ به اسان جي معاشري جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون ۽ اڄ به نوجوان وڏي چاهه سان پڙهن ٿا.
    ماڻڪ منير جا ڪجهه مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي پڻ سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جي حيثيت ۾ وڏو مقام رکن ٿا، تنهن مان ’حويليءَ جا راز‘ 1977ع ڪهاڻيون، ’رڃ ۽ پڙاڏا‘ ناوليٽ 1979 ع، ’لڙهندڙ نسل‘ ناولٽ 1972ع، ’پاتال ۾ بغاوت‘ 1977ع، ’ڇهه انام‘ ڪهاڻيون 1981ع، ۽ ڪجهه اسٽيج ڊراما جنهن مان ’ڪَلاچي جي ڪُن ۾‘ ۽ ڪجهه مضمون آهن، جيڪي ادب جي دنيا ۾اهميت جوڳو آهن.
    ماڻڪ جي تحريرن جي خاص خوبي بهترين منظرنگاري آهي، هو پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ منظرنگاري جا خوبصورت چٽ ڪنهن مصور جي آرٽ جئيان اڪري ٿو، جئين ناول ’رڃ ۽ پڙاڏا ۾‘ هڪ ڳوٺ جي سادي گهراڻي جو ڏيک ملاحظه فرمايو:
    ” ڳوٺ جو گهر: ڪچو اڱڻ- ورانڊو ٻه ڪوٺيون، پينگهو ڪوٺي ۾ کٽ تي هنڌ جو دير.
    هلڪي اوندهه- ليپي ڏنل مٽي جو سڳنڌ، عاشيءَ سان راند، اک ٻوٽ گڏين. چيڪلي اڳ بچائڻ- لڪ- لڪوٽي.“
    ماڻڪ جي ڪهاڻين جا گهڻا ڪردار سندس زندگيءَ سان مشابهت رکن ٿا. جيئن ناول ’ لڙهندڙ نسل‘ ۾ هڪ بيروزگار نوجوان جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو بيروزگاري جي ڪري بيحد مايوس ۽ پريشان آهي. ماڻڪ خد گهڻو عرصو بيروزگار ۽ معاشي حالتن ڪري پريشان رهيو. جنهن جو اظهار پاڻ پنهنجي هڪ دوست نثار حسيني کي خط ۾ لکندي ڪيو، جيڪو خط حويليءَ جا راز ڪتاب ۾ پوءِ شايع به ٿيو:
    ” پيارا دوست نثار!
    اميد ته خوش هوندين، ههڙي قسم جا خط اڳ به مان لکي چڪو آهيان، وري هڪ ڀيرو يقين ڪرڻ چاهيان ٿو، ڳالهه دراصل هي آهي ته : هتي مون کان نڪو وڪالت ٿي هلي ۽ نڪو ميڊيڪل اسٽور تربيت ئي اهڙي ٿيل آهي جو ٻنهي ڌنڌن ۾ ٺڳي، جيڪا مون کي نه ٿي اچي، مان اهو ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته ڇا اتي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ڪا جاءِ خالي آهي، اوهان جي چيئرمين شاهه صاحب جو هڪ سٺو دوست هتي آهي، ان چيو آهي ته: جيڪڏهن شاهه صاحب وٽ ڪا جاءِ آهي، يا ڪڍي ڪري ڏئي سگهي ٿو ته مان اهو ڪم ڪرائڻ جي همت رکان ٿو . مون وٽ ايم اي سوشالاجي ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون آهن. هن ڏس ۾ پوري تفصيل سان پر سست جواب ڏيندا. اڄ ڪلهه اوهان ڇا پيا ڪيو، ڪتابي سلسلي ۾ ڪو نئون ڪتاب آيو آهي؟ گهٽ ۾ گهٽ يار هڪ ڪاپي ته موڪليندا.
    هتي ٿڪ سبب في الحال لکڻ ڇڏي ڏنو اٿم، پر ڪالهه کان ڪجهه نه ڪجهه لکڻ جو ارادو ڪيو اٿم. ليکڪ ۽ سماج Establishment جي حوالي سان پڪو ارادو نه ڪيو اٿم ته رات ضرور هڪ ٻه پئراگراف ئي لکندس، پر هر حالت ۾، جيڪڏهن اوهانجو ڪو ڪتاب ڇپيو هجي ته موڪليندا، جواب جو انتظار رهندو.
    اوهان جو پنهنجو
    منير
    (ماڻڪ جواهو خط جيڪو هن پنهنجي مرتئي کان ڏهه، ٻارهن ڏينهن اڳ نثار حسيني کي لکيو هو.) “
    هي سنڌ جو بي باڪ ڪهاڻيڪار 26 جنوري 1982ع تي نواب شاهه ۾ آپگهات ڪري جسماني طرح پنهنجو انت آندو. سندس موت بابت ناول ’ساهه مٺ ۾‘ تبصرو ڪندي نصير مرزا لکي ٿو ته :
    ” 26 جنوري اڱاري جي ڏينهن ٻي وڳي منجهند ڌاري برک ڪهاڻيڪار ماڻڪ جي اوچتي دکدائڪ وفات واري خبر 27 جنوري تي شام سوائين ڇهين وڳي تصديق ۾ تبديل ٿي چڪي هئي. کوڙ سارن دوستن جو پنڊپهڻ دائرو. ۽ وچ ۾ سائين نثار حسيني تصديق لاءِ الاهي ڪهڙي اخبار کي فون ڪيو. سائين فون تي ڳالهائڻ جي ابتدا ڪئي ته دل ڌڙڪڻ لڳي، ته اها خبر..... شايد........ نه نه ! پر اوچتو ڳالهائيندي، سائين اکين ئي اکين ۾ چئي ڏنو، ماڻڪ ختم ٿي ويو. جهلڪ پلڪ لاءِ سڀ فريز ٿي وياسين!.“
    ***


    بيباڪ ڪهاڻيڪار ’علي بابا‘

    سنڌي ادب ۾ هون ته ڪهاڻيڪارن جي فهرست تمام ڊگهي آهي، پر ان ڊگهي فهرست مان اهي ڪهاڻيڪار هر محفل ۽ ڪچهريءَ جو موضوع ضرور هوندا آهن، جيڪي ايندڙ وقت ۾ پڙهندڙن کي نوان موضوع نون مسئلن ڏانهن سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. اهي ڪهاڻيڪار نه رڳو پوڙهن پڪن جي دلين ۾ هميشه زنده رهن ٿا، پر نوجوانن جي دلين تي پڻ راج ڪندا آهن. انهن عظيم ڪهاڻيڪارن مان، سنڌ جي چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سنڌ جو محبوب ڪهاڻيڪار علي بابا آهي.
    علي احمد المعروف علي بابا سن 1945ع ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو محمد رمضان رند هو. علي بابا ابتدائي تعليم نانگو لائين ميونسپل پرائمري اسڪول ڪوٽڙيءَ مان حاصل ڪئي، پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. خادم حسين چانڊيو پنهنجي ڪتاب ’مارو جي ملير جا‘ ۾ هڪ واقعي کي بيان ڪندي لکي ٿو ته:
    ” پاڻ جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي رهيو هو ته، امتحان هال ۾ هڪ ڇوڪري کي ڀونڊو ڏيڻ تي هڪ استاد قاضي يار محمد کيس امتحان هال مان ڪڍي ڇڏيو، علي بابا ان کان پوءِ وري اسڪول جو منهن نه ڏٺو.“
    علي بابا سنڌ جو بلند پايه ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊرامانويس هو. هن پنهنجن لکڻين ۾ سنڌ جي تاريخ، معاشيات ۽ ثقافت تي ڀرپور روشني وڌي آهي. سنڌ جي معاشي حالت، وڏيرڪي، ڀوتارڪي ڏاڍ ڏهڪاءُ واري سياست کي ننديو اٿس. سندس ڪهاڻين جا موضوع غربت، بک، بيروزگاري، بيوسي، ڀوتارڪي نظام ۾ هيڻن تي ٿيندڙ ظلم ۽ سنڌ جي تاريخي پسمنظرن مان سنڌ جي تاريخي ڪردارن جي پڻ ڀرپور عڪاسي ڪئي اٿس. جئين ڪهاڻي ’ڪارونجهر جا قيدي‘ ۾ روپلي جي بهادري کي خراج پيش ڪندي انگريز عملدار سان ڳالهه ٻولهه کي بيحد ئي شاندار نموني سان پيش ڪري ٿو، ملاحظه فرمايو:
    ” تنهنجو نالو؟ اهو ڪيپٽن ٽروٽ جو پهريون سوال هو.“
    ” روپا “
    ” ٽون ڪنهن جي زور تي وڙهي رهيو هئين؟ “
    ” هر ماڻهو پنهنجي طاقتور ٻانهن جي زور تي وڙهندو آهي. “
    ” مونجو مٽلب آ، تنهنجو پشت پناهه ۽ اڳوان ڪير آ؟ “
    ”ڪارونجهر جبل“
    ” ٽون ڇا لاءِ وڙهي رهيو هئين؟ “
    ” آئون پنهنجي پهاڙن، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙهي رهيو آهيان.“
    ” ٽوکي خبر آ، ان جي سزا ڇاهي؟ ڪيپٽن ڪڙڪ ٿيندي چيو.“
    ”ها- وڌ ۾ وڌ موت.“
    علي بابا جي ڪهاڻين ۾ جتي پنهنجي وطن جي وارثي ۽ وطن جي حفاظت جو جذبو سمايل آهي ته اتي وري انساني اڌمن، خيالن ۽ اضطرابي ڪيفيتن جي طوفان جو اظهار پڻ. سندس ڪهاڻين ۾ ڪا به رک رکاءُ نه آهي، هو جئين معاشري کي ڏسي ٿو، تئين ئي پنهنجن ڪهاڻين ۾ معاشري جي ڀرپور عڪاسي ڪندي نظر اچي ٿو. جئين ’ علي بابا جي ڪهاڻي‘ مان ملاحظه فرمايو:
    ” گرڀ واري عورت جي پاسي ۾ اچڻ سان نوجوا ن جي حالت ئي غير ٿي وئي هئي، هڪ ته پوري حياتي ۾ ڪا عورت سندس ايڏو ويجهو نه آئي هئي. ٻيو ته هي عورت ڪيڏي نه حسين هئي کن لاءِ نوجوان گهرن گهرن نيڻن جي تصوير ۾ لڙهي ويو. اکيون ايڏيون اونهيون اونهيون جو نهار ته گرڀ ۾ ستل ٻار به نظر اچي وڃي ۽ بدن مان نڪريس اڻ لکي بوءَ. اهڙي بوءَ جهڙي ڪنهن گل، ڪنهن ڦل جي خوشبوءَ ۾ ڪانهي. جا رڳو ڪنهن گرڀ وتي عورت جي ديهه مان اڌما کائي نڪري سگهي ٿي.“
    علي بابا سنڌي ٻولي جي انهن ٿورن عظيم ڪهاڻيڪارن مان آهي، جنهن جو نثر پڻ ڪنهن گيت جي سٽن وانگي گنگنائي سگهجي ٿو. سندس نثر ۾ ڪمال جو تسلسل ۽ ربط آهي، گهڻو تڻو نثر شاعراڻي مزاج جي بهترين جهڪ ڏي ٿو، هڪ مثال ’ جيون ڪوئي جهوٽو آهي‘ ڪهاڻي مان ملاحظه فرمايو:
    ” چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٺرن ٿا، چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٻرن ٿا، ٻرڻ ٺرڻ جي رات ڇمر جهمر، آگ بدن م ۽ ڀنڀن وارن جا تيج هڻي ٿو چنڊ.
    اونهه لوڀي، ڀلا گل چونڊي ڇا ڪندين؟
    سپنن جا محل سجائيندس ( ڪو دل جي ڳالهه ڪري ٿو)
    ڀلا سپنا ڇا ٿيندا آهن؟
    ماضيءَ جون يادون
    ڀلا ماضيءَ مان ڇا ملندو؟
    ساهن جي سرهاڻ....
    ڀلا يادن کان پوءِ ڇاهي؟
    اونداهي اماس اونداهي اماس!
    ۽ پوءِ ڪو نيڻن ۾ نيڻ کپائي هئين چوي ٿو، او ست سنڱيڻي، سپنن جي راڻيءَ هي جيون ڪوئي جهوٽو آهي. جيون ڪوئي جهوٽو آهي.“
    علي بابا جي ڪهاڻين جا ڪردار عام ماڻهو آهن، اهي ماڻهو جن وٽ ڪو ڇپرو، ڪا مَنهنَ ڪا نه آهي، پر حوصلو، بهادري، جرئت ۽ همت ۾پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندس ڪهاڻيون سنڌ جي ماڻهن جي معاشي حالت جون عڪاس آهن. ڪهاڻين جي موضوعن بابت ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جو فڪري پس منظر ‘ ۾ لکي ٿو ته :
    ” علي بابا جي ڪهاڻين جا ٽي پاسا آهن. جيڪي ٽن موضوعن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا اهي ڪردار آهن، جيڪي پنهنجا ديس واسي آهن، جن جي پيرن هيٺيان ڌرتي کسجي رهي آهي، جن سڄي تاريخ ديس لاءِ پنهنجي قوم لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. جن جو فڪريءَ ٽڪراءُ انهن قوتن سان آهي، جيڪي ڦورو آهن، عقيدي جي نالي ۾ انسانيت جو خون ڪن ٿا. ڪهاڻين جو ٻيو پاسو معاشي آهي، جنهن ۾ اهي ڪردار آهن، جن وٽ ماني جو اڌ به پنهنجي وجود جي بچاءُ لاءَ ڪائنات جيڏي اهميت رکي ٿو. ڪهاڻين جو ٽيون پاسو جمالياتي آهي، جئين هند جي فڪر جو مرڪز سچ، سڪ ۽ سونهن رهيا آهن.“
    علي بابا جي ڪهاڻين جي ٻولي انتهائي سولڙي ، دلڪش ۽ شاعراڻي آهي، سندس ٻوليءَ ۾ ڪمال جو ربط سمايل آهي، سندس ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪمال اهو به آهي ته اڪثر ڪهاڻيون بنا ڪنهن منطقي نتيجي ۽ ڪلائميڪس کان سواءِ ئي ختم ٿي وڃن ٿيون.
    هن سنڌ جي بيباڪ ڪهاڻيڪار زندگيءَ جا انمول ورهيه سنڌي ادب لاءِ وقف ڪيا، پر افسوس زندگيءَ جا آخري ڏيهاڙا دکدائڪ داستان کان گهٽ نه هئا، هو غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندو رهيو، معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪنهن به اديب توڙي سرڪاري نمائيندي مدد نه ڪئي. علي بابا پنهنجي ڪتاب ’منهنجون ڪهاڻيون‘ جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:
    ” ادب جي تاريخ تي نظر ڦهلائينداسين ته مهاڀارت جي سرجڻهار ويد وياس کان وٺي هومر، ڪاليداس، شيسڪسپيئر، کان ويندي شاهه لطيف تائين، گوئٽي کان وٺي ٽالسٽائي ۽ ٽئگور سڀ اميراڻا ٻار هئا، غالب به هڪ نواب جو ٻار هو، پوءِ مان غريب جو ٻار ان ڪم ۾ ڪيئن ٽپي پيس.“
    علي بابا سوين ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي رسالن، اخبارن ۽ ڪتابي صورت م پڻ شايع ٿي چڪيون آهن. پاڻ ڪهاڻين کان علاوه ٽي وي ۽ ريڊيو لاءِ ڊراما لکيا، سندس هڪ ڊرامي کي عالمي شهرت ملي. ميونخ جي عالمي ميلي ۾ پيش ٿيندڙ علي بابا جو بهترين ڊرامو ’ دنگي منجهه درياهه‘ کي دنيا جو ٽيون نمبر بهترين ڊرامو قرار ڏنو ويو ۽ جنهن کي پڻ جرمني ايوارڊ سان نوازيو ويو . سندس ڪتاب ’ ڌرتي ڌڪاڻا ‘ تي سگا طرفان ايوارڊ ۽ روڪ رقم هزار روپيا انعام طور مليو، تنهن کان علاوه سنڌالاجي طرفان ’بهترين ڪارڪردگي‘ ايوارڊ سان نوازيو ويو.
    ڪهاڻين ۽ ڊرامن کان علاوه علي بابا جي وڏي ڪاوش موهن جو دڙو ناول آهي، جنهن کي سنڌ جي باشعور ماڻهن بيحد پسند ڪيو.
    هي سنڌ جو محبوب ڪهاڻيڪار 8 آگسٽ 2016ع تي هميشه لاءِ سنڌ کان وڇڙي ويو.


    حوالا

    1. چانڊيو، خادم حسين، ڪتاب، ’مارو جي ملير جا‘.
    2. شيام، نارايڻ، ڪتاب، ’ڏات ۽ حيات‘.
    3. سنڌي، يوسف، ڪتاب، ’سنڌي ادب‘.
    4. اياز، شيخ، ڪتاب، ’ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون‘.
    5. شيام، ناريڻ، ڪتاب، ’روشن ڇانورو‘.
    6. بخاري، استاد، ڪتاب، ’ڪاري ڪڪر هيٺ‘.
    7. بخاري، استاد، ڪتاب، ’نه ڪم نبريو نه غم نبريو‘.
    8. ميمڻ، ڊاڪٽر، عبدالغفور، ڪتاب، ’سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر‘.
    9. عباسي، تنوير، ڪتاب، ’رڳون ٿيون رباب‘.
    10. عباسي، تنوير، ڪتاب،’ تنوير چئي‘.
    11. منشي، ابراهيم، ڪتاب، ’گوندر ويندا گذري‘.
    12. منشي، ابراهيم، ڪتاب، ’ڌرتي دين ڌرم‘.
    13. گل، اياز، ڪتاب، ’تو بن ڪهڙا ڇانورا‘.
    14. سومرو، ادل، ڪتاب، ’اسين مسافر پيار جا‘.
    15. گل، اياز، ڪتاب، ’سوچون سرها گل‘.
    16. گربخشاڻي، هوتچند، ’شاهه جو رسالو‘.
    17. سيد، جي. ايم، ڪتاب، ’جنم گذاريم جن سين‘.
    18. منير، ماڻڪ، ڪتاب، ’حويلي جا راز‘.
    19. جوڻيجو، ڊاڪٽر، عبدالجبار، ڪتاب، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘.
    20. منير، ماڻڪ، ڪتاب، ’ناول، ساهه مٺ ۾‘.
    21. منير، ماڻڪ، ڪتاب، ’ناول، ’رڃ ۽ پڙاڏا‘.
    22. بابا، علي، ڪتاب، ’منهنجون ڪهاڻيون‘.


    ليکڪ جو تعارف

    انعام 01 ڊسمبر 1991ع ڪولاب جيئل ڳوٺ ڄام جتوئي، خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جيڪب آباد مان حاصل ڪئي اٿس. گريجوئيشن ۽ ايم.اي (سنڌي) جو امتحان ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪيو اٿس. پاڻ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون لکندو رهي ٿو، انعام مطالعي جو شوق رکي ٿو، کيس ڪتابن سان تمام گهڻو پيار آهي، ان جو مثال هي علمي ڪاوش آهي، جيڪا اوهان جي هٿن ۾ آهي. انعام جا هي تحقيقي مضمون آهن، ڪيترا اهميت جوڳا آهن؟ اهو ته پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگهي ٿو، مان ادب جي شاگردياڻي جي حيثيت سان اهو ضرور چونديس ته انعام جي هي علمي ڪاوش جيڪڏهن ڪنهن شاگرد يا اسڪالر لاءِ به سجائي ثابت ٿي ته انعام جي محنت رنگ لاتو.

    (تبسم)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 946
    ڪتابن جو مشاهدو: 3032532
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 790282
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ