پيش لفظ (پهريون ڇاپو): غلام نبي مغل
عبدالحئي پليجو سنڌي آهي. سنڌي ٻولي لکي پڙهي ۽ ڳالهائي سگهي ٿو. پٺيان ڌرتي ماتا جو ٽڪرو سندس اباڻي ملڪيت آهي ۽ اها اباڻي ملڪيت کيس ساليانو چڱي اپت ڏيئي ٿي ۽ قرض فرض به کڻي سگهي ٿو ۽ باقاعدي کڻندو به هوندو. سو انهيءَ ڪري کيس دنيا گهمڻ ڦرڻ ۽ گهمي ڦري ڏسڻ جو شوق آهي. اسان دوستن ۽ سنڌي ڪتاب پڙهندڙن کي، سندس انهيءَ شوق منجهان اهو فائدو آهي ته اسان کي ملڪن ۽ انهن جي ماڻهن متعلق گهر ويٺي ڄاڻ پئجي وڃي ٿي. پئسا وڃايا عبدالحئي، کيسا عبدالحئي، خالي ڪيا، ڏورانهين ڏيهه جا ڏولاڻا ڏٺا عبدالحئي_ پر اسان جي بي پهچ ماڻهن کي به ڄاڻ ملي ويئي ته مزا ۽ موج پنهنجي جاءِ تي قائم دائم آهن، رڳو پياسي کي کوهه تائين پهچڻو آهي. پياسو سنڌي، قرض کڻي، رشوت وٺي، سياسي قرض کڻي يا اباڻي جائداد وڪڻي يا ڪو ٻيو ٺڳيءَ جو ٺاهه ٺاهي ڏوڪڙ ميڙي، اهو سندس مٿي جو سور آهي. کوهه پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ۽ رب سائينءَ جي حڪم سان اهي کوهه کٽڻا ناهن. محرم ۾ امام جي سبيل وانگر آهن. هر ڪو اُڃ اُجهائي سگهي ٿو. سو اسان جي دوست به جيڪي سبيلون ڏٺيون، تن جو نهايت سهڻي ريت ذڪر ڪيو اٿس. پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ جهاز، ايئرپورٽ، هوٽل، تاريخ جي ماڳن ۽ ماڻهن سان گڏ وٺي هلي ٿو، جنهن ۾ هو ڪامياب لڳي ٿو. پڙهندڙن کي اها به ڪم جي ڳالهه ٻڌائي ٿو ته پئسي خرچڻ ۾ ڪفايت شعاري ڪيئن ڪجي ۽ گهٽ خرچ ۾ وڌيڪ مزو ڪيئن وٺجي. عام طرح سان اسان وارا ماڻهو هٿ ڦاڙ ۽ شاهه خرچ ۽ پرائين نياڻين تي دل کولي خرچ ڪرڻ وارا سخي بادشاهه هوندا آهن. پئسا گهڻا خرچ ڪندا آهن ۽ مزا گهٽ ماڻيندا آهن. پر وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن ڌڪا ٿاٻا کائي، ديس پرديس جي حلالين حرامين سان گڏ گهمي، چڱي چانئٺ چمڻ سان گڏ ٻيو ڪيتريون ئي اڇيون، ڪاريون سانوريون ۽ ڀوريون چانئٽون اُڪري پار پوندا آهن، تڏهن هو پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي زور تي، هر ڳالهه ۾ ڪفايت شعاري ڪندا آهن ۽ مرضي ۽ ڪوشش هوندي اٿن ته سبيلن تان اُڃ ائين ئي ڏٽن يا دلاسن ۾ لاهي وڃي يا جي ڪجهه خرچ ڪرڻو به آهي ته نهايت ڪفايت شعاري ڪجي.
هونئن به عبدالحئي پليجي، مارڪو پولو، ابن بطوطه، البيروني، الطاف شيخ وانگر پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي، دنيا جو دورنگيون، چڱايون مٺايون، گرميون سرديون، ماڻهو پکي، سڀ ڏسي وائسي پنهنجي ديس واسين کي، يارن کي، دوستن کي، نون اسرندڙ شوقينن کي ۽ ڇٽل ڪارتوس جهڙن وڏيرن کي به ديس ديس جي معلومات گهر ويٺي سليس سنڌيءَ ۾، ثواب خاطر پهچائي آهي، الطاف شيخ ته، انهيءَ سلسلي ۾، باقاعدي گائيڊون لکيون آهن ۽ هر ننڍو، وڏو، سيکڙاٽ توڙي کڙپيل فيضياب ٿئي پيو.
پليجي پنهنجي سفر جي سري لنڪا واري حصي کي ڪجهه تڪڙ ۾ ختم ڪيو آهي. کيس سري لنڪا جي بارشن ۽ تاريخي ماڳن بابت وڌيڪ لکڻو هو. کيس شهرن متعلق، هوٽلن متعلق ۽ هوٽلن جي ڪمرن متعلق به لکڻ کپي ها. هو ٻه آمريڪن ڇوريون به ائين ئي هٿن مان نڪري ويون. اها پڙهندڙن سان زيادتي آهي. پر ٿي سگهي ٿو واقعي اهي هٿن مان ترڪي ويون هجن. ڪنهن ڪنهن مهل هو احساس ڪمتري ۽ روپ جي چڪر ۾ اچي، تاش راند ۾ ڀڙ هوندي به، فليش کيڏي نه سگهندو آهي. پتا سندس هٿ منجهان هليا ويندا آهن. پوءِ کيس به افسوس ٿيندو آهي ۽ پڙهندڙن کي به! ڳالهيون ته سڀ حئي پليجي جون ڪرڻ کپن، پر هڪ ڳالهه منهنجي به ٻڌي وٺو. ساڳي تعدي مون يعني سنڌي ڪاموري سان ٿي چڪي آهي، جهڙي حئي پليجي سان سري لنڪا ۾ ٿي. آءٌ ٻه ٽي سال اڳ آمريڪا ويو هوس. سرڪاري خرچ تي. اُتي ڪئنساس اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ اناج جي اسٽوريج، جي ٽريننگ هئي. آءٌ هڪ ڏينهن ليٽ پهتس. سو به ٻنپهرن جو هڪ وڳي، مون کي هدايت مليل هئي ته وڃڻ شرط ٽريننگ جي ڪوآرڊينيٽر مس گلمور سان ملان. هڪ ڪاري شيدي مون کي وٺي اچي مس گلمور جي ڪمري تائين پهچايو ۽ مس گلمور کي ٻاهر ڪڍي مون سان ملايو ۽ پاڻ ويو هليو. مس گلمور جو فرض هو ته هر ٽريننگ وٺڻ واري فرد کي، روزمره جي سڀني ڪمن ڪارين ڪلاس جي اندر ۽ ٻاهر، صبح جو ڇهين کان رات جو ڏهين تائين سڀني ڳالهين بابت ڄاڻ ڏيڻي هئي ۽ وقت سر مدد به ڪرڻي هئي. هن مون کان پڇيو، ڇا آءٌ انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي ٽپهريءَ واري ڪلاس ۾ وڃڻ جو ارادو رکان ٿو ۽ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ اندر وٺي ويئي ۽ پوءِ باٿ روم جا سيلپر لاهي، ٻيا چمپل پائي مون کي ٻانهن کان وٺي آئي، هاسٽل جي انهيءَ منزل تي واقع لائونج ۾ وٺي آئي، جت جون مهيني جي روشن سج جي اس ڦهليل هئي. اسين ٻئي هڪ ٻئي جي ڀرسان ويهي رهياسين. مون ترت جڏهن اکين کان ڪم ورتو ته سمجهيم ته، قيامت منهنجي ڀرسان اچي ويٺي آهي. منهنجي ’سنڌي اکين‘ سيڪنڊن ۾ سمورو جائزو ورتو. دماغ ۾ جهٽڪو محسوس ٿيو ۽ لڱن ۾ ڪرنٽ ڊوڙيو. منهنجا لاھ پٽجي ويا. مس گلمورکي ننڍي چڍي پيل هئي. سولي سنڌيءَ ۾ ائين ئي چئي سگهجي ٿو. سندس ذري گهٽ فل سٿرون اڻ ڍڪيل هيون ۽ هڪڙي فل سٿر منهنجي سٿر سان لڳل هئي. وچ ۾ رڳو ڪنهن پاڪستاني ٽيڪسٽائل مل جي ٺهيل پينٽ جو ڪپڙو هو ۽ ظاهر آهي اها منهنجي بدقسمتي هئي ته انهيءَ مهل پينٽ مون کي پاتل هئي.مس گلمور جون سٿرون عاليشان هيون. ڏاڍيون سهڻيون ۽ ستابيون. گلابي رنگ جي صحتمند گوشت تي نيرون نسون. سج جي روشني منجهه جرڪيون پئي. مس گلمورنهايت پنهنجائپ ۽ مڪينيڪل انداز ۾ مون کي هر ڳالهه سمجهائڻ لڳي، جيڪي مون سندس ڪابه ڳالهه نه پئي سمجهي. ڇو ته آءٌ، انهيءَ ڏينهن صبح جو سوير ڇهين وڳي واشنگٽن جي ڊلس ايئرپورٽ تي پهتو هوس. سامان سوڌو. ساڍي ستين وڳي جهاز ۾ روانو ٿيس. ڪلاڪ ڏيڍ ۾ ڪئنساس سٽيءَ جي ايئرپورٽ تي پهتس. ات ٻي فلائيٽ يارهين وڳي مئن هٽن لاءَ هلي. واشنگٽن واري جهاز ۾ به اڍائي سئو مسافر هئا ۽ ٻي اڏام وارو جهاز سورهن سيٽن وارو جهازڙو هو. انهيءَ جا لاڳيتا ڪلاڪ کن جهٽڪا ۽ ڊرل مشين جهڙو آواز، تنهن منهنجن ڪنن تي تاڙيون چاڙهي ڇڏيون هيون. مٿو جاءِ تي نه هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ست سمنڊ پار سنڌي همراهه تازو تازو، پهتو هو. انهيءَ جهازڙي کان ته حيدرآباد کان لطيف آباد ڏانهن ويندڙ سڪس سيٽر ڦاٽل سائيلنسر واريون گاڏيون بهتر آهن. خير اهي سڀ سبب پنهنجي جاءِ تي درست هئا، پر مائي مس گلمور جون سٿرون منهنجي هوش حواس وڃائڻ لاءِ کوڙ هيون. اڌ مني ڪلاڪ جي بريفنگ کان پوءِ هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ويئي ته آءٌ پنهنجي ڪمري ۾ ويس ۽ لت کوڙي سمهي رهيس انهيءَ ساڳي رات نوين وڳي ننڊون پوريون ڪري، وهنجي سهنجي، تازو توانو ٿي، سنڌي ٽوپي مٿي تي ۽ پشاوري سينڊل پيرن ۾، سٿڻ قميص ۽ ميچنگ واسڪوٽڙي پائي، ڪولون جي ڇڻڪار ڪري جڏهن مس گلمور جو در کڙڪايم ته ساڳي مُرڪ َسان ٻاهر نڪتي. هن ڀيري رڳو سندس مرڪ ئي ڏسڻ جهڙي شيءَ هئي. باقي ٻيا سڀ عضوا ڍڪيل هيس. مون کيس ٻڌايو ته جيڪو ڪجهه تو مون کي ٻنپهرن جو ٻڌايو هو، سو مون بلڪل نه سمجهيو ڇو ته منهنجا لاڳيتو هوائي سفر ڪري ڪن بند هئا ڦاٽل اکين بابت ڪون ٻڌايو مانس. انهيءَ ڪري اهي ساڳيون هدايتون جي ونس مور ٿي وڃن ته وڏي مهرباني ٿيندي. هن منهن نه گهنجايو ۽ وري مون کي ساڳئي لائونج ۾ وٺي آئي ۽ سڀ ڳالهيون ٻيهر سمجهائڻ لڳي. هن ڀيري سج به لهڻ جي تيارين ۾ هو ۽ سندس عضوا به سڀ ڍڪيل هئا ۽ آءٌ به ماڻهپي ۾ هوس. انهيءَ ڪري سڀ ڪم سولو ٿي ويو.
ٻن ٽن هفتن کان پوءِ، جڏهن آءٌ اهڙن منظرن سان گهڻو واقف ٿي ويس ۽ مس گلمور به وڌيڪ دوستاڻي انداز ۾ ملڻ لڳي ته ٻڌايو مانس ته پهرئين ڏينهن جو آءٌ پهرئين رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ٿي ويو هوس، سو نڪو جهاز جي جهٽڪن ۾ گوڙ سبب هو ۽ نڪي لاڳيتي سفر جي ٿڪ ڪري هو. پر تو وارين سٿرن مون کي ڊس بيلئنس ڪري ڇڏيو هو. مس گلمور اسان جي ديس جي مسن وانگر نڪو ڪاوڙجي چوڻ لڳي ته توکي شرم نٿو اچي ڇا تنهنجي ماءُ ڀيڻ جون سٿرون ناهن_ ۽ نڪي منهنجي انهيءَ جملي تي ترڪي ۽ هر کي. پر تمام اطمينان سان پڇڻ لڳي ته ڇا تو ان کان پهرئين ڪنهن عورت جون سٿرون ڪونه ڏٺيون آهن. مون به نهايت ايمانداري سان قسم نامو داخل ڪيو ته آءٌ الله کي حاضر ناظر ڪري اهو بيان ڏيان ٿو ته ٻي ڪنهن زال جي ڳالهه ته ٺهيو پر پنهنجين نڪاح ٻڌين کي به ائين جون جي مهيني ۾ سج جي روشنيءَ ۾ نه ڏٺو اٿم، جن جو آءٌ مجازي خدا آهيان. مس گلمور ڏاڍو افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيائين ته مون کي خبر نه هئي ته ايشيا ۾ مردن جو به ائين استحصال ٿيندو آهي.
خير_ آءٌ وري پنهنجي ڪهاڻي کڻي ويٺس. اصل ڳالهه حئي پليجي جي سفرنامي جي آهي. پليجو، الله ڪري اڃا به وڌيڪ سياحت ڪري، خوب ملڪ ڏسي، ملڪن جا ماڻهو ڏسي جام لکي، پر الطاف شيخ جو ريڪارڊ نه ٽوڙي ته بهتر آهي ۽ انهيءَ ۾ سندس ئي چڱائي آهي، نه ته پڙهندڙن جا ارواح کڄي ويندا. انهيءَ ڪري مون به آمريڪا جو سفرنامو نه لکيو. ڏوھ سڄو الطاف شيخ جوآهي. جنهن ايترا سفرناما لکيا، ۽ ايترن ملڪن تي لکيائين جو ٻئي ڪنهن جي لکڻ لاءِ ڪجهه ڇڏيو ئي ڪونه اٿس.
آءٌ سفرناما گهٽ پڙهندو آهيان. بلڪ گهڻي وقت کان پوءِ عبدالحئي پليجي جو اهو سفرنامو پڙهيو اٿم. ائين به سفرنامن پڙهڻ تان ارواح کڄيل آهي. ڇو ته جيڪو شخص پاڻ سفر ۾ هجي، اهو ٻين جا سفرناما ڪيئن پڙهندو. پر حئي پليجي جو سفرنامو پڙهيم ته سوچيم، سفرناما پڙهڻ گهرجن، ڇو ته هر ڪنهن جو سفر پنهنجو، هر ڪنهن جي نگاهه الڳ. جن ڳالهين جو ذڪر الطاف شيخ لڪايو ڇڏي، عبدالحئي پليجو ٻڌايو ڇڏي. پر جيڪا معلومات حئي پليجو نٿو ڏي، اها معلومات الطاف شيخ ڏيو ڇڏي.
باقي عبدالحئي پليجو پنهنجي لکڻيءَ جي ڪوشش ۽ پرائي ملڪ جي ماحول منجهان مزا ماڻڻ جي ڪوشش منجهه ڪامياب ٿو ڏسجي. سچ پُڇو ته الطاف شيخ جي شروعاتي ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ اهڙا ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏنا هئا، پر هي ڪتاب پڙهي مون کي اتساهه ٿيو. ته حئيءَ جا ٻيا ڪتاب به پڙهجن ۽ جيڪڏهن آءٌ پئسا کپائي سگهڻ جي سگهه ۽ پرائي ديس ۾ وڃي مشاهدو حاصل ڪرڻ جي قوت استعمال ڪري سگهان ٿو ته پوءِ آئون به حئي پليجي وانگر سفر ڪريان، ماڻهو ڏسان، ملڪ گهمان ۽ پنهنجي پڙهندڙن ۽ ادب کي بيان جا نوان انداز ڏيان.
13_ آگسٽ 1991ع
اوهانجو
غلام نبي مغل
لاڙڪاڻو، سنڌ