2
اسان دڪان تان لهي وري ٻين دڪانن جا شو ڪيس تاڙيندا اڳتي هلندا پي وياسين. هڪ ڪپڙي جي دڪان تي، ڊاڪٽر اندر هليو ۽ ڪپڙو ڏسي چيائين ته ڪجهه سفاري سؤٽ ٺاهرايون. مون کيس چيو ته پنهنجي ئي هوٽل ۾ هڪ سک جو سٺو دڪان آهي، مناسب اگهن تي ڪپڙا ٺاهي ڏيندو آهي ۽ رلڻو به ڪونه پوندو، هوٽل ۾ ئي ڪپڙا ملي ويندا. ۽ پڻ سڀاڻي اتوار آهي ۽ هتي بينڪاڪ ۾ وڏيون سنڊي بازاريون لڳنديون آهن، سو توکي جيڪا به خريداري ڪرڻ آهي سا اُتان ڪج. هينئر ٽائيم به ڪافي ٿي ويو آهي. هل ته ڪنهن نائيٽ ڪلب ۾ هلون.
هونءَ ته بينڪاڪ سڄو نائيٽ ڪلب ٿيو پيو آهي، پر اسان خيال ڪيو ته ڪنهن هوٽل کي ويجهي نائيٽ ڪلب ۾ وڃون، سو مون ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته ’بُلو هِيون نائيٽ ڪلب‘ هلون (Blue Heaven Night Club) جيڪو پنهنجي هوٽل جي بلڪل ويجهو آهي. سو اسان سڌا نائيٽ ڪلب ڏانهن روانا ٿياسين. هتي بينڪاڪ ۾ لائيو شو جي داخلا لاءِ ٽڪيٽ هوندي آهي، پر ڪنهن به نائيٽ ڪلب ۾ داخلا لاءِ في ڪانه هوندي آهي. پر ان جي عيوض اهو ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊرنڪ وٺو، وڌيڪ توهان جي مرضي وٺو نه وٺو. جي ٿوري دير ۾ ويٺا ته ٺيڪ نه ته ڪانه ڪا هوٽل جي ڊانسر اچي ڀَرَ ۾ ويهي رهندي ۽ مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائي چوندي ته مون کي به ڪو چُڪو پيار، سو جي هوندي اڳوٽ خبر ته سٺين ڳالهين تان هٿ کڻڻو پوندو، پر جي خبر نه هوندي ۽ همراه سمجهندو ته مڙئي خير آهي ته پوندو وڏي چٽيءَ ۾، پر اها ايمانداري ضروري آهي، ته هر ڊرنڪ توهان جي مرضي سان ايندو ۽ بل ۾ هڪ به ڊرنڪ زياده لڳل نه هوندو ۽ هڪ هڪ ڊرنڪ سان گڏ ويندا بل وٺندا، متان همراه وٽ پيسائي نه هجن ۽ خرچ ئي ڳچيءَ ۾.
ان کان سواءِ توهان بينڪاڪ ۽ منيلا جي ڪنهن به نائيٽ ڪلب ۾، ڪنهن به ڊانسر کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چئي سگهو ٿا ۽ پاڻ جيڪڏهن واندي هوندي ۽ ٻي ڪا مجبوري نه هونديس ته بلڪل خوشيءَ سان توهان سان گڏ هلي هلندي.
رات ڪافي ٿي چڪي هئي، اسان نائيٽ ڪلب مان نڪري ڀر ۾ ئي هڪ هندستاني جي هوٽل چاندني ۾ ماني لاءِ روانا ٿياسين. اڳ ۾ جڏهن بينڪاڪ ۾ اچڻ ٿيو تڏهن هيمشه هن هوٽل يا وري عصمت هوٽل ۾ ماني کائيندا هئاسين، اُها هوٽل جيڪا پڻ هڪ پاڪستاني محترمه جي هوندي هئي. پر هن دفعي هيءَ هوٽل بند هئي. انهيءَ کان سواءِ ٻيون به ڪافي هوٽلون هندستاني کاڌي جون هتي جام هيون، جن ۾ ڪن هوٽلن ۾ رهائش جو بندوبست پڻ آهي ۽ ٻين هوٽلن جي مقابلي ۾ ڪافي سستيون هيون.
اسان چاڙهي چڙهي مٿي هوٽل ۾ داخل ٿياسين. گهڻو ڪري سڀئي هندستاني يا پاڪستاني ماڻهو ويٺل نظر آيا. سامهون رسيپشن هئي، جتي سنڌي هندو مئنيجر ڌنو نظر آيو. جنهن ڏسڻ شرط سڃاتو ۽ ڪافي آڌرڀاءُ ڪيائين ۽ پڻ چيائين ته توهان هميشه جدا جدا دوستن سان گڏ ايندا آهيو. ۽ انهيءَ پڻ مرحوم عبدالحڪيم شاهه جو پڇيو. مون کيس حقيقت ٻڌائي ۽ پاڻ افسوس جو اظهار ڪيائين.
اسان ڪرسين ڀيڙا ٿياسين ته ٿائي ڇوڪري جيڪا اسان جي ٽيبل تي سروس ڪري رهي هئي، تنهن مينو ڏنو. مون مينو ڏسي هڪ ڳالهه محسوس ڪئي، ڇو ته اڳ جڏهن اچڻ ٿيو هو، تڏهن هن هوٽل جي مينو ۾ سنڌي چپاتي ۽ سنڌي پلاءُ به ٻين کاڌن سان گڏ لکيل هو. پر هينئر لکيل ڪونه هو. سو مئنيجر ڌنو کي سڏ ڪري ماجرا ٻڌايم ته پاڻ چيائين ته واقعي اها غلطي ٿي آهي. توهان هاڻ جڏهن به ايندا ته اها غلطي نه ڏسندا. مون چيس ته يا نصيب وري ڪهڙي خبر ته بينڪاڪ جا وڻ ڏسڻ ٿيندا يا نه. اسان کيس ماني جو آرڊر لکايو، ماني کائي اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. گذريل سفر تي تبصرو ڪندي وڃي نندرا ديويءَ جي حوالي ٿياسين. رات جو دير سان ستا هئاسين، اُنهيءَ ڪري اُٿياسين به دير سان. نيرن ڪري ٻاهر نڪتاسين، ڏٺوسين ته روم جي صفائي ڪرڻ واريون ڇوڪريون ٻاهر اسان جي روم اڳيان اسان جي اُٿڻ جي انتظار سان گڏ ٿائي زبان ۾ ٿان_ ڦان_ مان ڪري رهيون هيون. اسان کي ڏسي پنهنجي ٽهڪڙن کي کڻي بند ڪيائون. ۽ ڪمرو کولي اندر ڪمري ۾ هليون ويون. بينڪاڪ، منيلا، سينگاپور، مليشيا، هانگ ڪانگ، بمبئي، ڪراچي، ڪولمبو ۽ پڻ ٻين ڪيترن وڏن شهرن جي وڏين هوٽلن ۾ روزانو صفائي سان گڏ بسترن جون چادرون، ٽوال ۽ صابڻ ڀلي ڪيترا صاف ڇو نه هجن، پر روزانا ضرور تبديل ڪن ۽ وري بيهر ڪمري کي سُهڻي نموني سجائي ڇڏين. پر جپان جي گادي هنڌ ٽوڪيو ۾ ته روزانو پهرئڻ لاءِ ڪپڙا ۽ چمپل به ڏين ۽ روزانو تبديل پڻ ڪن، کڻي نه استعمال ڪيو تڏهن به هو ضرور ڪپڙا وري ٻيا آڻين. پر هتي ڪپڙا يا چمپل نه ڏين.
اسان خيال ڪيو ته آر توار جو ڏينهن آهي، سو سنڊي بازار جو چڪر لڳايون، اسان ٽيئڪسي ڪري سڌا سَنڊي بازار پهتاسين، هتي جي سنڊي بازار تمام وڏي لڳندي آهي. نه صرف ٿائي پر سڄي دنيا جا جيڪي به سياح هتي اچن سي سَنڊي بازار ضرور اچن. ڇو ته عام دڪانن کان هتي ڪي قدر سستائي آهي. پر خريداري تي ريڙهه پيڙهه هتي به اهڙي نموني سان ٿئي، جيئن ٻين هنڌن. ڊاڪٽر ۽ مون، ٻارڙن جا ڪپڙا خريد ڪيا ۽ ڪجهه ٻيو سامان. پر بازار سڄيءَ جو چڪر ضرور لڳايوسين. هڪ هنڌ اسٽال تي بيهي ٿڌو پي رهيا هئاسين ته هڪ ڇوڪري به اُتي ٿڌو پي رهي هئي، سندس نقش بلڪل پاڪستاني ڇوڪرين جهڙا هئا، پر کيس ڪپڙا انگريزي طرز جا پهريل هئا. اسان پاڻ ۾ مشورو ڪيو ته ڇوڪري پڪ پاڪستاني آهي، پر اڪيلي اڪيلي، سو خيال ڪيوسين ته خبرون پڇونس. مون کيس اسلام عليڪ چيو، پر پاڻ مرڪي انگريزي ۾ هيلو (Hello) چيو، مون کيس وري هيلو چيو. منهن تي مرڪ ڏسي دل کي آس ٿي ته گڙبڙ جي ڪا ڳالهه نه آهي، سو ڳالهه کي کٽائجي نه پر اڳتي وڌائجي. سو وري انگريزي ۾ پڇيومانس ته توهان پاڪستاني آهيو پر جواب ڏنائين ته پاڪستاني نه پر ٿائي آهيان ۽ هتي جي ئي پيدائش آهيان، پر اڪثر مون کي پاڪستاني يا هندستاني سياح ته ڇڏيو پر خود ٿائي به اهڙو سوال ڪندا آهن ۽ پڇندا آهن ته تون پاڪستاني يا هندستاني ته ڪونه آهين. سو آءٌ اهڙن سوالن تي هري ويئي آهيان ۽ آءٌ خود پنهنجا مهانڊا ڏسي اهو محسوس ڪندي آهيان ته آءٌ واقعي ٿائي ڇوڪرين کان رنگ ۽ مهانڊن ۾ مختلف آهيان. سو مون لاءِ اهو توهان جو سوال ڪو نئون نه آهي. ڊاڪٽر مون کي سنڌي ۾ چيو ته شيءِ ڪم جي اٿئي، رڳو اتي نه ڳالهه کي کٽائي پر وڏي نظر رکي ڳالهه ڪر. مون چيس ته يار بينڪاڪ ۾ اهڙي جنس جي ته کوٽ ئي نه آهي، هرو ڀرو مصيبت ڳچيءَ ۾ ڇو وجهون. پر حقي روزي ڇڏڻ به ته حرام آهي. مون چيس يار هجي پنهنجو ملڪ ته شير آهيون، پر هتي گڙٻڙ ٿي ته خوام خواهه ڏچي ۾ اچي وينداسين. سو صرف نالو پڇيومانس پاڻ ٻڌائين ته منهنجو نالو ڪيسرا جاد آهي. اسان کانئس موڪلائي روانا ٿياسين ۽ پاڻ دير تائين اسان کي ڏسندي رهي.
اسان سَنڊي بازار مان نڪري پنڌ ئي پنڌ ٻڌ مذهب وارن جي بينڪاڪ ۾ وڏي ۽ قديم ترين عبادت گاهه يا پگوڊا امرالڊ ٻڌا (Emeraid Bludha) اچي پهتاسين. جيڪا هڪ قديم قلعي ۾ آهي، جنهن اندر هڪ وڏو پارڪ آهي. ڪافي شاپ سياحن جي خريداري لاءِ پڻ آهن، جيڪي هتي جي تهذيب ۽ تمدن جي شين سان ڀريل آهن. هن قلعي جي اندر ڪيتريون ئي ننڍيون ۽ وڏيون عبادت گاهون آهن، جن ۾ سهڻو ۽ وڻندڙ ڪم ٿيل آهي ۽ اندر صفائي به ڏاڍي هئي. ڪيترا ٿائي ۽ ٻيا سياح انهيءَ مندر ۾ داخل ٿي ۽ نڪري رهيا هئا. جتي ٻڌ جو سونون بت رکيل آهي، اسان به انهيءَ عبادت گاهه ۾ وياسين. آءٌ اڳ به ڪيترا دفعا هي عبادت گاهون ڏسي چڪو آهيان. هن قلعي ۾ پينٽنگ جي گئلري ڏسڻ وٽان آهي.ڪافي وقت ٿي ويو بک به لڳي، سو ٻاهر نڪري ٽڪسي ڪري اچي هوٽل چاندني ڀيڙا ٿياسين.، جتي ويچارو ڌنو اسان جي خدمت لاءِ حاضر ويٺو هو. اچڻ شرط پڇئين سائين ڇا کائيندا. اسان چيس ته جيڪو کارائين. بينڪاڪ جي هندستاني هوٽلن ۾ V.C.R تي هندستاني فلون سڄو ڏينهن پيون هلن. هتي هن وقت مشهور ڊائريڪٽر گرودت جي بهترين فلم پياسيا پئي هلي. جيڪا مون اڳ ۾ ڏٺي آهي، واقعي لاجواب فلم آهي.
ماني کائي سڌا پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. ٿورو ٿڪ ڀڃي وري ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪتاسين. اسان جي هوٽل کان ٿوري ئي پنڌ تي پتپونگ جو علائقو آهي، سو پنڌ ڪندا اچي اتي پهتاسين. پتپونگ جو علائقو بينڪاڪ جو تمام مشهور ترين علائقو آهي، جتي بيشمار نائيٽ ڪلبون_ لائيو شوز ڪلبون، بارون، ٿائي ليڊيز ڪشتي شوز، مساج هائوس ۽ ٻين رنگينن جون بيشمار جڳهيون آهن. جتي هر اهڙي جڳهه جي ٻاهران بيشمار عورتن جا ميڙ بيٺا آهن ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي اندر هلڻ لاءِ روز ڀرينديون رهنديون آهن. هتي توهان کي هر ملڪ جا بيشمار سياح ملندا، پر اندر هڪ ٿائي نه ملندو. سج لٿي کان وٺي ويندي آڌي رات تائين، اندر ٻاهر ڏاڍي رش هوندي آهي. گهٽين ۽ چوڪن تي پوليس تمام گهڻي تعداد ۾ ڏاڍي چوڪس بيٺي هوندي آهي، جيئن ته جهيڙو فساد نه ٿئي، پر ڪڏهن بشني، سياحن جا کيسا ضرور صفا ڪري ويندا آهن. تنهنڪري پتپونگ وڃڻ وقت پئسا ٿورا کڻي وڃڻ گهرجن ۽ پڻ محتياط رهڻ گهرجي، متان پرديس ۾ مشڪل کي منهن ڏيڻو پوي. هونءَ به ملڪ کان ٻاهر پنهنجي رهائش واري هوٽل ۾ جتي توهان کي لاڪرز معمولي مسواڙ تي ملن، اُتي پنهنجو پاسپورٽ_ ڪرنسي ۽ ٻيو قيمتي سامان رکڻ گهرجي ۽ هر وقت هر جڳهه تي محتياط رهڻ گهرجي ۽ هميشه ٻاهر ٻه ڄڻا هئڻ گهرجن. اسان به گهمندي ڦرندي وڃي هڪ نائيٽ ڪلب ڀيڙا ٿياسين. اُهي چهرا مصنوعي ٽهڪڙا_ اُهي لمڪا ۽ ناچڪار، اُهي ڪلب ڊانسرن جون پراڻيون عادتون، اُهي انساني ضمير کي چهڪ، اُهي مردن جون بکيون نظرون، اُهي جسمن جون منڊيون، اُهي جسمن جا سودا، اُهائي دَرندَگِي اُها ئي وحشانيت جيڪا مردن ۾ هزارن سالن کان هلي اچي، اُهي منگولن جي دؤر واريون وحشي نگاهون ۽ عادتون، پر انداز ۽ طريقو مختلف. اڳ ۾ هر گناهه لاقانونيت جو قدم هوندو هو، پر اڄ جي نام نهاد مهذب دور ۾، هر بدمعاشيءَ لاءِ قانون ۾ فقرو موجود، جنهن ۾ انهيءَ بدمعاشيءَ ۽ بيحيائين جو پورو تحفظ ٿيل آهي. نڪو ڊپ نڪو ڊاءُ. ٿلهن قانونن جي مضبوط ڪوٽن اندر، پهريدارن جي پناهه هيٺ نڪو لهر نڪو لوڏو. آءٌ يقين سان چوان ٿو ته، سڄي دنيا اندر وڌ ۾ وڌ واپار اڄ انساني جسمن جي عزت جو ٿي رهيو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن بيحيائيءَ سان وڌي به رهيو آهي.
اسان اُتان کان هوٽل تائين پنڌ ئي پنڌ واپسي کي غير محفوظ سمجهيوسين، سو ٽيڪسي ڪري اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. هوٽل تي چڪن سوپ سلائيز ساڻ کائي سمهي رهياسين. سوير ناشتو ڪري هيٺ ڪائونٽر تي آياسين. اڄ اسان کي پتايا وڃڻو هو. جنهن لاءِ اسان رزرويشن اڳئي ڪرائي ڇڏي هئي ۽ ٽوئررسٽ ڪمپني جي گاڏي اسان کي کڻڻ لاءِ پوري ڏهين وڳي پهتي. گاڏيءَ ۾ چار مرد ٽي عورتون اڳئي ويٺا هئا. اسان کي اسان جي ٽوئر گائيڊ ڇوڪري انگريزي ۽ ٿائي ۾ خوش آمديد چيو، هن ويگن ٽائپ گاڏي ۾ اڃا به ڏهه کن جڳهيون خالي پيون هيون، ٻين هوٽلن مان به هنن ٽوئرريسٽ کنيا، جيڪي پڻ پتايا بيچ هلڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي هوٽلن ۾ اڳواٽ تيار ويٺا هئا، رڳو اسان جي گاڏي پهچڻ جي دير هئي. جڏهن گاڏي فل ٿي تڏهن اسان پتايا ڏانهن روانا ٿياسين. پتايا ڏانهن ويندڙ روڊ تمام ڪشادو ۽ سهڻو ٺهيل آهي.
آءٌ اڳ به ٻه دفعا پتايا بيچ ويو آهيان، پر هن دفعي رستو وڌيڪ سهڻو ۽ سٺو هو. چؤطرف سارين جي پوک پوکيل هئي. ٻيا به فصل هئا پر ٿورڙا. ناريل، پامَ ۽ ڪيلن جا پڻ رستي تي ڪافي فارم هئا. سڄي رستي تي هر هنڌ ڳوٺ ۽ وسندي هئي. پتايا آءٌ سمجهان ٿو ته بينڪاڪ کان ايترو پري آهي، جيترو حيدرآباد کان ڪراچي، پر تفاوت صرف ايترو آهي جو سڄو رستو آباد، سرسبز آبادين ۽ وسندين سان ڀريل آهي. جنهن ڪري روح کي راحت پيئي اچي ۽ مسافري ۾ مزو پيو اچي. اسان جي گائيڊ اسان کي سڄي رستي ۾ هر جڳهه هر شيءِ بابت سهڻي نموني سان کلندي سمجهائيندي هلي. تان جو اچي پتايا ڀيڙا ٿياسين. پتايا پهريائين ته هڪ ننڍڙو مڇي ماريندڙن جو ڳوٺڙو هو، پر هاڻي ته هڪ تمام وڏو ۽ خوبصورت شهر آهي. جتي ڪئين فائيواسٽار هوٽلون آهن ۽ بيشمار سياح هتي اچن ٿا. هتي پتايا ۾ هوٽلن کان سواءِ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ به سياحن کان پئسا وٺي رهائيندا آهن. جيڪو هوٽلن جي مقابلي ۾ گهڻو سستو ٿو پوي. بينڪاڪ وانگر هتي به هندستانين ۽ پاڪستانين جون ڪافي هوٽلون آهن جتي توهان کي هر وقت کاڌو ملندو. پتايا سمنڊ جو ڪنارو آهي ۽ جنهن ڪري سياح جيڪي ٿائيلينڊ اچن ته بينڪاڪ سان گڏ هتي به ضرور اچن، تنهن ڪري هتي به ڪافي رش ۽ رونق آهي. رهائشي هوٽلون هت بينڪاڪ کان ٿوڙيون سهانگيون آهن، باقي کاڌي پيتي جو اگهه تقريباّ ساڳيو آهي. بيچ تي هڪ هوٽل ۾ ٿڌو پيتوسين. اسان مان ڪافي سياح لانچ ۾ چڙهي اندر سمنڊ گهمڻ ويا، پر آءٌ ۽ ڊاڪٽر اُتي ويٺا رهياسين. پتايا جي سمنڊ جو پاڻي هلڪي آسماني رنگ جو ڏاڍو وڻندڙ ٿي لڳو، ڪيترا سياح ننڍين وڏين لانچن ۽ موٽر سائيڪل نما لانچن، جنهن ۾ ٻه ماڻهو چڙهي سگهن ۽ اسٽرينگ پڻ موٽر سائيڪل جهڙو هو. ڪو سياح خود هلائي سگهي ته چاٻي وٺي خود ڪلاڪ ٻه هلائي اچي ۽ هوائي ڇٽي جيڪا هوا جي زور تي ماڻهو کي مٿي کڻي وڃي. انهن ۾ به ڪافي ماڻهو اڏامي رهيا هئا. انهيءَ کان سواءِ پتايا شهر ۾ توهان کي بيچ تي گهمڻ لاءِ ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون به جام ملنديون، جيڪي ڀلي توهان خود ڊرائيو ڪري گهمي ڦري موٽائي اچي هنن کي ڏيو. بيچ تي بيشمار مهانگيون ۽ سستيون هوٽلون توهان کي ملنديون. اسان وٽ سنڌ ۾ منوڙو، ڪلفٽن، هاڪس بي، ڪينجهر، منڇر ڍنڍون ۽ دادو ۾ گور هِل اسٽيشن، ڄام شورو سکر جي پل، مياڻي فاريسٽ انٽرنيشنل معيار جون سهڻيو جڳهيون آهن، صرف اُتي پيسي جي سيڙپ جي ضرورت ۽ سياحن جي دلڇسپي کي مدنظر رکڻو آهي. ڪينجهر ته دنيا جي بهترين جڳهه ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن هن تي دل جان سان ڌيان ڏنو وڃي. پر مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڪينجهر تي خانگي هوٽلن کولڻ جي ته اجازت ئي ڪانهي صرف پي_ ٽي_ ڊي_ سي (P. T. D. C) وارن جون ٻه هوٽلون آهن، جن تي بيڪار ماني ملي، جنهن مان ڌپ پيئي اچي سابه گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ملي. ڪنهن به قسم جي سياحن لاءِ انٽرنيشنل ليول جي سهوليت نه آهي. اُهو ئي ڪارڻ آهي جو هينئر پاڪستان ۾ سياح بلڪل نه برابر ملندا. ڪراچي ۾ جيڪي به غير ملڪي توهان ڏسندا سي صرف سفارت خانن، غير ملڪي فرمن، سرڪاري يا غير سرڪاري وفدن جا ميمبر ۽ ملازم هوندا. باقي صرف سياحت لاءِ چند ماڻهو ايندا آهن، جيڪي به صرف تاريخي اهميت جون جڳهيون ڏسڻ اچن: جهڙوڪ موهن جو دڙو، رني ڪوٽ يا ٽئڪسيلا وغيره ڏسڻ لاءِ ايندا آهن. اُنهيءَ جي مقابلي ۾ ڏور اوڀر سڄي ۾ توهان کي بيشمار سياح ملندا، وڏن شهرن کان سواءِ ننڍن شهرن ۽ تاريخي جڳهين، تفريحي جڳهين ۽ پڻ ٻين هنڌن تي توهان کي غير ملڪي سياح عام جام نظر ايندا. اسان سان جيڪي ٻيا همسفر هئا، سي سمنڊ مان گهمي آيا ۽ لنچ جو ٽائيم ٿي ويو هو. تنهنڪري اسان سڀني کي اچي هڪ هوٽل ڀيڙو ڪيائون، ڇو ته ماني به ٽوئر وارن کي کارائڻي هئي. جيئن ته اسان مختلف ملڪن جا شهري هئاسين، تنهن ڪري هنن انگريزي نموني جي ماني کارائي. مانيءَ کان پوءِ چيائون ته توهان ڀلي ٻه ڪلاڪ کن شهر مان چڪر لڳائي اچو ته پاڻ هتان ڇهين وڳي ڌاري روانا ٿينداسين. ڊاڪٽر جي ڪئميرا ۾ اڃا ٻه ٽي فوٽو هئا. جيڪي اسان ڪڍي پوءِ ريل وجهرايو ۽ اڳوڻو ريل پڻ صفا ڪرڻ لاءِ دڪان دار کي ڏنوسين، جيڪو هن چيو ته اڌ ڪالڪ اندر رول صفا ڪري ڏيندا آهن. هاڻي پاڻ وٽ ڪراچي يا حيدرآباد ۾ پڻ هڪ ڪلاڪ اندر رول صفا ڪري ڏيندا آهن. اڳي ته هفتو کن لائي ڇڏيندا هئا. اسان مختلف دڪانن تان چڪر ڏيندا اچي واپس پنهنجي جڳهه ڀيڙا ٿياسين، جتان کان پوءِ پنهنجي ويگن ۾ چڙهي بينڪاڪ لاءِ روانا ٿياسين. بس سڄي واٽ برسات جي سنهي سنهي بوند ۾ بينڪاڪ ڏانهن هلندي رهي، ٻاهر ماڻهو برسات ۾ ساڳوڻي نموني سان پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي ۾ مصروف نظر آيا. هونءَ به جن ملڪن ۾ گهڻيون برساتون ۽ ڪافي وقت برساتون هونديون آهن، اُتي ماڻهو برساتن جي ڪري گهرن ۾ صفا ويهي ڪونه رهندا آهن.
پر پاڻ وٽ سنڌ ۾ ايئن نه آهي. پاڻ وٽ هڪ برساتون پون صفا ڪونه، پر جي برسات پوي ته هر ڪم ڇٽو، جيسين وڃي برساتون بند ٿين ۽ رستا صفا ٿين.
پاڻ وٽ ته هيءَ چوڻي مشهور آهي ته ’مولا وساءِ مينهن ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان.‘ هونئن به پاڻ وٽ اهڙو بندوبست نه آهي، جو جيئن برساتون پون تيئن سڄو پاڻي نالين ذريعي رستن تان نڪري ٻاهر هليو وڃي ۽ رستا يڪدم صفا ٿي وڃن. گهٽ برساتن ڪري پاڻ وٽ ڊرينج جو اهڙو سٺو بندوبست نه آهي، پر انهيءِ جي برعڪس ٻاهرين ملڪن ۾ ۽ خاص ڪري اهڙي ملڪن ۾، جتي تمام گهڻيون برساتون پون اُتي اُنهنَ ملڪن اهڙو ته بندوبست سهڻي نموني ڪري ڇڏيو آهي، جو ڀلي ڪيڏي به برسات پوي. پر اڌ ڪلاڪ جي اندر سڀ رستا صفا ٿي ويندا آهن ۽ پاڻي جو ذرو به نظر نه ايندو آهي. اسان سڄي واٽ انهن سنهين سنهين بوندن ۾ ئي اچي بينڪاڪ ڀيڙا ٿياسين. ويگن واري اچي اسان کي اسان جي هوٽل ڀيڙو ڪيو. اسان هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ نڪتاسين. ڌنو ويچاري اسان کي ڏسي چيو ته اڄ ٻنپهرن جي ماني تي ڏسڻ ۾ ڪونه آيا ۽ هينئر به دير سان آيا آهيو. اسان چيس ته اڄ پتايا ويا هئاسين ۽ هينئر ٿوري دير اڳ پهتا آهيون. هاڻ ماني کاراءِ ته وڃي آرامي ٿيون. چئين ته ٻوڙ ته ڪوبه ڪونهين، باقي چئو ته ڪا شيءِ ڦراءِ ڪري ڏيانٿو. اسان چيس ٺيڪ آهي مغز فرائي ڪري ڏي ته کائي وڃي بستري ڀيڙا ٿيون.
سڀني ٻاهرئين ملڪن ۾ توهان کي هندستاني هوٽلون ملنديون. توهان کي کاڌي جي تڪليف نه ٿيندي، پر کاڌو جهڙو توهان کي مزيدار ٽوڪيو شهر جي هندستاني هوٽلن ۾ ملندو، اهڙو پنهنجي گهر ۾ به نه ملندو. ڏاڍو مزيدار ۽ صاف سٿرو هوندو آهي، پر مهانگو به ڏاڍو آهي. هونءَ به ٽوڪيو شهر سڄي دنيا ۾ مهنگي ۾ مهانگو شهر آهي. خاص ڪري کاڌي رهائش، ٽيڪسين ۽ مزوريءَ ۾ اسان ماني کائي اچي هوٽل ۾ آرامي ٿياسين، صبح جو تيار ٿي چاءِ پي ٻاهر روانو ٿيڻ کان اڳ، سک جي دڪان تي آياسين، جتي ڊاڪٽر ٻن سفاري سوٽن تيار ڪرڻ لاءِ چيس ۽ مون پڻ کيس ٻه سفاري سوٽ تيار ڪرائڻ لاءِ چيو. اسان هميشه جڏهن بينڪاڪ اچون ته هن کان ڪپڙا ٺهرايون. سو هميشه اگهه به مناسب وٺندو آهي ۽ ڪپڙو به سٺو ڏيندو آهي. پر هن دفعي اگهه ڪافي چڙهيل هئا.
جنهن لاءِ پاڻ چيائين ته هر سال حڪومت وڃي ٽيڪس وڌائيندي، جنهن ڪري هر شيءَ وڃي مهانگي ٿيندي ۽ اهو اسان هر دفعي وڃڻ مهل بينڪاڪ ۾ محسوس ڪيو ته جيڪا شيءِ اڳ مهانگي هوندي هئي سا ٻئي دفعي نه هوندي هئي.
هونئن به سرمائيدار ملڪن جو گهڻو ڪري زور ٽيڪسن تي هوندو آهي، ۽ جيئن پوءِ تيئن ٽڪيس ويندا وڌندا ۽ غريب ماڻهو جو، مهنگائي ۾ جيئڻ جنجال ٿيندو رهندو آهي.
انهيءَ جي مقابلي ۾ سوشلسٽ ملڪن ۾ اگهه تمام گهڻي وقت کان پوءِ وڌندا آهن. سي به ٿوري انداز ۾، ڇو ته سوشلسٽ ملڪن ۾ دولت صرف چند ماڻهن جي هٿن ۾ نه هوندي آهي، پر سڄي معيشت هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هوندي آهي، جنهن ڪري ڪنهن ذاتي فائدي جي ڪري سڄي قوم کي قربان ڪرڻو ڪونه پوندو آهي. سوشلسٽ معيشت جو بنياد ئي اهو هوندو آهي ته دولت چند هٿن ۾ نه هوندي آهي.