3
اسان روزگارڊن پهچي چڪا هئاسين. اسان جي گائيڊ گاڏي کان هيٺ لهي سڀني جون ٽڪيٽون ورتيون. پوءِ اسان جي گاڏي کي اندر وڃڻ جي اجازت ملي. ٿوري پنڌ تي اندر اسان جي گاڏي اچي بيٺي ۽ اسان سڀ هيٺ لٿاسين. اسان جي گائيڊ اسان کي اندر جي پروگرام جي باري ۾ سمجهايو. روزگارڊن بينڪاڪ کان 32 ڪلوميٽر پري ۽ پنجاهه ايڪڙن تي آهي. باغ ۾ هڪ وڏو ٿيٽر ٺهيل آهي، جتي روزانو شام جو ٽين وڳي کان پنجين وڳي تائين هڪ روايتي ٿائي شو ڏيکاريندا آهن. ان ۾ ٿائي اسٽائل جي ڪشتي، ڪڪڙن جي ويڙهه، ٿائيلينڊ جون شاديون ۽ انهن جون رسمون ۽ ٿائي ناچَ ڏيکاريندا آهن. هن باغ ۾ رهائش جون سهولتون پڻ آهن. ان کان سواءِ گاف ڪورس کيڏڻ لاءِ بهترين لان وارو ميدان ۽ وهنجڻ لاءِ هڪ بهترين ترڻ وارو تلاءُ پڻ آهي. روزگارڊن ۾ رهائش لاءِ بڪنگ واسطي ۽ ٻي معلومات بابت بينڪاڪ ۾ سيام اسڪوائر 4/ 264 ۾ آفيس ٺهيل آهي. ان آفيس جا فون نمبر هيٺيان آهن:
2511935 ۽ 2515735
شو شروع ٿيڻ وارو هو، سو اسين گائيڊ جي هدايتن مطابق هال ۾ داخل ٿياسين ۽ پنهنجي نمبر وارين سيٽن تي اچي ويٺاسين.
هال تمام وڏو هو، ان ۾ هزارين ماڻهن جي گنجائش هئي ۽ ان جي ڇِت ڍڪيل هئي پر پاسا کليل هئا جنهن ڪري ٻوسٽ محسوس نه پئي ٿي. اندر جام ماڻهون هئا. پهريائين ڪُڪڙن جي ويڙهه، پوءِ ڪُشتي، ان کان پوءِ شاديءَ جون رسمون ۽ آخر ۾ ناچ ڏيکاريائون. ناچ ۾ گهڻين ڇوڪرين حصو ورتو. ناچ جي پڇاڙيءَ ۾ انهن ڇوڪرين هٿن ۾ هار کڻي اچي هڪ سياح جي ڳچيءَ ۾ وڌا ۽ انهيءَ کي هيٺ وٺي ڀاڪر پائي ناچ ڪيائون. انهيءَ ڏيکاءُ ڏاڍو مزو ڏنو ۽ سڄو هال کل ۽ تاڙين سان گونجڻ لڳو ۽ اهو شو ٻه ڪلاڪ هلي پورو ٿيو. پوءِ اسان کي هڪ ڪاٺ جي گلاس ۾ اننناس جو رس پياريائون ان بعد اسان کي هاٿين جا ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ ٻي طرف وٺي هليا جتي هاٿين سونڊ سان ڳرا ڪاٺ کڻي وري هيٺ ٿي رکيا، اهڙو پروگرام اسان ڪولمبو ۾ پڻ ڏٺو هو. هاٿين کي اهڙي نموني مسخرو ڪري پيش ڪرڻ تي مون کي اهو زمانو ياد اچي ويو جڏهن هاٿي جنگ جي ميدان جو وڏو هٿيار هو. جنگ ۾ گهڻن هاٿين واري لشڪر کي فتح حاصل ٿيندي هئي. اڄ جي دنيا ۾ جتي خلائي جنگ جا منصوبا ٺهي رهيا آهن اُتي هاٿي ويچارو جنگ جي دنيا ۾ بي معنيٰ ٿيو پيو آهي ۽ مسخرن وانگر ميدان ۾ ماڻهن جي دل وندرائي رهيو آهي. شڪر ٿيو ويچاري جي جنگ مان ته جان ڇٽي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ دنيا ۾ ڪيڏي نه تبديلي آندي آهي! اسان وٽ سنڌ ۾ گهوڙو، اُٺ ۽ گڏهه اڳي جنگ سواريءَ ۽ بار کڻڻ ۾ ڪم ايندا هئا سي هاڻي ڏسڻ ۾ مس ٿا اچن.
اسان جي واپسيءَ جو وقت اچي ٿيو سو اچي ويگن ڀيڙا ٿياسين. جڏهن سڀ همراه اچي پهتا تڏهن اسان جي رهبر اسان کي کڻي ويگن ۾ ويهاريو ۽ ڊرائيور کي چيائين ته هاڻي همراهن کي بئنڪاڪ ڀيڙو ڪر متان همراه هينئون نه لاهي وجهن ته اڄوڪي رات بئنڪاڪ واري رهجي نه وڃي. ويگن بئنڪاڪ ڏانهن هلڻ لڳي، سج لهي چڪو هو. سڄي واٽ چؤطرف وڻندڙ روشنيون جهومر ڪري رهيون هيون. ڊاڪٽر دريءَ مان ٻاهر ڏسي رهيو هو. مون هر مسافر کي ڏسي پي سوچيو ته اسان سڀ مختلف ملڪن جا رهاڪو مختلف نسلن سان واسطو رکڻ وارا ڪهڙي نه عجيب اتفاق سان هڪ هنڌ اچي ڪٺا ٿيا آهيون. شايد وري ڪڏهن به هڪ ٻئي جي صورت ڏسڻ به نصيب نه ٿئي. ويگن شهر ۾ داخل ٿي هر مسافر کي پنهنجي پنهنجي هوٽل ۾ لاهيندي نيٺ اچي اسان جي هوٽل وٽ بيٺي ويگن مان لهي هوٽل ۾ داخل ٿياسين ٿي ته ڪائونٽر تي اسان لاءِ سيٺ ابراهيم جو نياپو پيل هو جيڪو اُتي ڪمري نمبر206۾ انتظار ڪري رهيو هو. پنهنجي ڪمري ۾ اچي ٽيليفون آپريٽر کي چيوسين تنهن 206 نمبر روم ملائي ڏنو جتان سيٺ ابراهيم ڳالهائيندي چيو ته آئون اڄ دبئيءَ کان هتي پهتو آهيان، توهان بابت چاندني هوٽل واري مئنيجر ڌنوءَ ۽ ڪپڙي جي سک واپاريءَ ٻڌايو سو رسيپشن تي نياپو ڏنم ته جيئن توهان ۽ سائين حڪيم شاهه ٻاهران اچن ته کين منهنجي اچڻ جو اطلاع ڏيو. پاڻ چيائين ته منهنجي ڪمري ۾ اچو ته ڪچهري ڪريون.
گذريل دفعي جڏهن آئون ۽ مرحوم عبدالحڪيم شاهه گهمڻ اچون تڏهن سيٺ ابراهيم سڄي سفر دوران اسان ساڻ هو. هو دبئيءَ جو واپاري آهي جاپان مان ڪارون بڪ ڪرائي دبئيءَ ۾ وڪڻندو آهي. هو اصل ڪراچيءَ جو آهي پر ڳچ وقت کان دبئيءَ ۾ رهندو آهي. ڏاڍو من موجي ۽ زنده دل ماڻهو آهي، ساري دنيا ڏسڻ جي شوق سبب هر سال هڪ مهينو سير سياحت ۾ گذاريندو آهي. کيس سٺين خوشبوئن ۽ جورابن جو ڏاڍو شوق آهي هن جورابن جي هڪ جوڙي ڏيکاري جنهن ۾ سندس چوڻ موجب ڪوبه ڳنڍ ڪونه هو. کيس شڪايت هئي ته سندس سٺا پرفيوم گهڻو ڪري ڪسٽم وارا ڦري ويندا آهن. هي سگريٽ ڪونه ڇڪي پر سوپارين جو شوقين آهي ۽ دبئيءَ کان روانو ٿيڻ وقت سوپارين جو دٻو ڀري نڪرندو آهي ۽ سوپارين جو پورو حساب رکندو آهي ته اهي ڪل ڪيتريون باقي آهن، اڄ تائين ڪيتريون کاڌيون اٿم، ۽ ڪيتريون ٻين کي ڏنيون اٿم. هڪ دفعي ڪراچي آيو ته مرحوم عبدالحڪيم شاهه جي ڳوٺ سونڊا اچي سهڙيو ۽ چيائينس ته ٻني هلون. هن کيس ٻڌايو ته ٻنون دريا جي ٻي ڪپ تي آهي، اوڏانهن واپس ٺٽي کان ڦري پوءِ هلي سگهبو. تڏهن وڃي مس ٻي دفعي هلڻ لاءِ راضي ٿيو. اسان جو بئنڪاڪ ۾ هئڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو اسين هٿ منهن ڌوئي سندس ڪمري ۾ وياسين ته اسان جي ڏاڍي سٺي آجيان ڪيائين ۽ ڏاڍو خوش پئي نظر آيو پاڻ عبدالحڪيم شاهه جو پڇيائين ڇو ته هن سمجهيو ٿي ته اهو اسان سان گڏ آهي. مون کيس سڄي حقيقت ٻڌائي ته اکين ۾ پاڻي تري آيس ۽ ڪجهه وقت خاموش ٿي ويو. سندس ننڍو ڀاءُ ساڻس گڏ هو جنهن سان اسان جو تعارف ڪرايائين. اُها سڄي رات اسان سندس ڪمري تي ڪچهريءَ ۾ گذاري. اسان کان اڳ ئي پاڻ (Royal Selot) رائل سيلوٽ جي بوتل کوليو ويٺو هو.
وڏو واپاريءَ هوندي به زنده دل ۽ ياري باشيءَ وارو ماڻهو آهي. اهڙي طبيعت وارو ٻيو وڏو سيٺ فقط ٽنڊوالهيار شوگر مل وارو سيٺ سليمان ئي مليم. جيڪو وڏو علم ادب دوست، اديبن ۽ يارن جو يار، زنده دل خوش مزاج، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، شاه لطيف جو ڄاڻو، ڳائڻ وڄائڻ جو شوقين ۽ ٿري لوڪ گيتن تي اڪثر مست ٿي ويندو آهي. ان جي ابتڙ انهيءَ ڪلاس جا واپاري ماڻهو گهڻو ڪري ڏاڍا خشڪ مزاج هوندا آهن.
رات ڪافي گذري چڪي هئي سيٺ ابراهيم جي ڪچهريءَ ۾ وقت جي ڪابه خبر نه پئي. نيٺ هن کان موڪلائي پنهنجي ڪمري ۾ اچي ستاسين. صبح سوير ناشتو ڪري تيار ٿي شهر جا رستا ماپڻ لاءِ نڪتاسين، جنهن ۾ اندرا، ريجينٽ ۽ سيام اسڪوائر جا چڪر هڻندا اچي هڪ هوٽل ۾ فاسٽ فوڊ کاڌوسين پوءِ ٽيڪسي ڪري اچي گريس هوٽل ڀيڙا ٿياسين. پتپونگ کان پوءِ گريس هوٽل بئنڪاڪ جي اها مشهور ترين هوٽل آهي جتي رهائش، بار نائيٽ ڪلب، ريسٽورنٽ ۽ ڊانس فلور به آهي. هتي شام کان پوءِ تمام گهڻي رش هوندي آهي ۽ سياحن سان ڀري پئي هوندي آهي. هتي ڪئين ملڪن جا سياح ملندا جن ۾ اڪثريت عربن جي هوندي آهي. هر فلور تي ٿائي ڇوڪرين جا اصل ڌڻ نظر ايندا. هڪڙيون پيون اينديون ته ٻيون پيون پنهنجي شڪارن سان گڏ وينديون. مطلب ته، ”نڪا جهل نه پل سڀڪا پسي پرينءَ کي“ وارو لڪاءُ لڳو پيو آهي. آئون ۽ ڊاڪٽر به مختلف فلورن تان چڪر هڻندا اچي بار ۾ ويٺاسين، جتي تمام گهڻي رش هئي. عورتن جو تعداد مردن کان تمام گهڻو هو. جيڪي چوٿون حصو به مس هئا، اُتي سگريٽن جو دُونهن ۽ ماڻهن جو گوڙ تمام گهڻو هو. اُتي سروس ڪندڙ ڇوڪريءَ ٻڌايو ته وسڪي، بير يا سافٽ ڊرنڪ حاضر آهن. اسان کيس جوس آڻڻ لاءِ چيو، ايتري ۾ اچي بيٺل ڇوڪرين مان ٻه ڇوڪريون اسان وٽ ميز تي اچي ويٺيون ۽ هلو چئي پڇائون ته توهان انڊين آهيون ڇا؟ اسان وراڻيو ته پاڪستاني آهيون. تنهن تي هنن جواب ڏنو ته، اڇا! ڪراچيءَ جا آهيو.
مون چيو ته ڪراچي نه، پر ٻنون ٻنون، ٻيءَ ڇوڪريءَ چيو ته، واٽ (What). مون کيس جواب ڏنو ته ٻنون منهنجي ڳوٺ جو نالو آهي. اهو ٻڌندي اچي کليون ۽ پاڻ ۾ ٿائي ڳالهائڻ لڳيون نيٺ مقصد تي آيون ۽ چيائون ته اسان کي ڊرنڪ پياريو اسان چين ته اسان ڊرنڪ ڪونه ڪريون ۽ خود جوس پيا پيئون. جيڪڏهن اهو پيو ته حاضر آهي. تنهن تي O.K OK چئي پاڻ ئي سروس ڪرڻ واري ڇوڪريءَ کي جوس آڻڻ لاءِ چيو. ڊاڪٽر کانئن پڇيو ته توهان هن شهر جون آهيو يا ٻي پاسي جون؟ هنن ٻڌايو ته اسان ٻهراڙيءَ جون آهيون، هتي صرف گذر لاءِ آيون آهيون ۽ ڪافي وقت کان هتي رهيل آهيون. ڳوٺ ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيندو آهي. ڊاڪٽر کين صلاح ڏني ته توهان ٻيو به ڪو ڌنڌو ڪريو. ههڙي خراب ڌنڌي ۾ ڇو آيون آهيو؟ هنن ٻڌايو ته جيڪي ٻيون ڇوڪريون بئنڪاڪ ۾ ٻيا مختلف ڌندا ۽ نوڪريون ڪن ٿيون، سي به گهڻي ڀاڱي رات جو نائيٽ ڪلبن، بارن ۽ مساج پارلرس ۾ پارٽ ٽائيم نوڪريون ڪنديون آهن ۽ هوٽلن ۾ رات جو سياحن ساڻ رنگ رلين ۾ گهارين ٿيون. هتي مون محسوس ڪيو آهي ته ههڙو ماحول نه رڳو هنن جڳهين تي آهي، پر دڪانن ۽ هوٽلن ۾ ويهندي يا خريداري ڪندي دڪان جو مالڪ يا ڪم ڪرڻ وارو اوهان کي اهڙي دعوت ڏيندو ۽ چوندو ته نائيٽ ڪلب، بار، مساج پارلر ۽ اڪثر هوٽلن ۾ توهان کي پيشه ور وئشيائون ملنديون، پر جيڏهن اسان سان هلو ته اسين توهان کي گهريلو ڇوڪريون وٺي ڏيون. اهڙي صلاح هر ٽيڪسي ڊرائيور به هڻندو آهي. مطلب ته بئنڪاڪ جي معاشري ۾ اهڙين ڳالهين تي ٿائي ماڻهن کي حيا شرم مڙو ئي گهٽ ٿئي. اسان ساڻ ويٺل ڇوڪرين اهڙيون ٿي ڳالهيون ڪيون جي اسان ته ڦڪا ٿي ٿياسين، پر هنن جي منهن تي ڦڪائيءَ جهڙي ڪابه علامت نظر ڪانه ٿي آئي. اسان کي چيائون ته جيڪڏهن توهان جي هوٽل ايئر ڪنڊيشنڊ نه آهي ته اسان سان اسان جي گهر هلي رهو. اُهو ايئر ڪنڊيشنڊ آهي. ڊاڪٽر کيس سنڌيءَ ۾ چيو ته، پڻهي جا ڏنڊا ڪير سهندو؟ ۽ مون کي چيائين ته يار اُٿ ته ڀڄون متان هي بلائون اسان کي اوڙاهه ۾ نه وڃي ڪيرائين. رات گهڻي گذري هئي. اُتان اُٿي ٽيڪسي ڪري پنهنجي هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. واٽ تي ڏٺوسين ته ڪافي ڇوڪريون اڪيلي سر ننڍن ننڍن دڪانن تي ڪوڪ ۽ جوس وڪڻي رهيون هيون. ڪافي جڳهين تي ڏسندا ته نوجوان ڇوڪريون بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي آڌيءَ رات تائين اڪيليون اڪيليون پنهنجي ڌنڌي يا واپار ۾ مصروف نظر اينديون. پر توهان صبح جو اخبار ۾ ڪنهن به زور زبردستيءَ واري خبر ڪانه پڙهندا.
ٻارهين کان ٽائيم مٿي هو سو چاندني هوٽل جي بند ٿيڻ جي خبر هئيسين، تنهن ڪري سڌا پنهنجي هوٽل تي اچي لٿاسين. هوٽل جي ريسٽورانٽ ۾ فون ڪري چڪن سينڊوچز ۽ آئس ڪريم گهرائي کائي سمهي رهياسين صبح جو اڃا ستائي پياسين ته دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. دروازو کولي ڏٺوسين ته سيٺ ابراهيم ۽ سندس ڀاءُ بيٺا هئا. کين ڪمري ۾ وٺي آياسين. سيٺ ابراهيم ٻڌايو ته ڪالهه سندس ننڍڙو هٿ وارو ٿيلهو ڪٿي وسري ويو. ان ۾ سندس پاسپورٽ، ضروري ڪاغذ ۽ اٽڪل پنج هزار آمريڪي ڊالر پڻ هئا. پئسن ۽ ٻين ڪاغذن جو ته خير آهي، پر سندس پاسپورٽ جنهن تي دبئي حڪومت جي Re_ entry visa لڳل آهي جيڪا اهم قسم جي ويزا هوندي آهي، انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته انهي ويزا هئڻ سبب سرڪاري اجازت کان سواءِ ئي ڪيترائي ڀيرا دبئي کان ٻاهر وڃي ۽ واپس اچي سگهجي ٿو، اها ويزا تمام خاص ماڻهن ۽ واپارين کي ملندي آهي. اهڙي ويزا هتي دبئي سفارت خاني کان ملڻ ڏاڍي مشڪل آهي. سيٺ جا چپ ۽ اکيون انهيءَ واقعي ڪري ڍريون پئي لڳيون. اسان کيس چيو ته اسان لاءِ ڪو حڪم احڪام هجي ته حاضر آهيون. هن وراڻيو ته توهان جي مهرباني. منهنجو هڪ سوٽ هتي جو وڏو واپاري آهي. سندس اثر رسوخ به ڪافي آهي. ساڻس صلاح مشورو ڪري پوءِ ڪو قدم کڻبو. هو موڪلائي سندس سؤٽ ڏانهن روانا ٿيا. اسين به تيار ٿي شهر گهمڻ وياسين. پهريائين ٽيليگراف آفيس آياسين ۽ مير نصير کي ٽيليگرام ڪيوسون ته اسان ٿائي ايئر لائينس جي فلائيٽ ۾ ڪراچي اينداسين. توهان ڪار آڻي اتي اسان جو انتظار ڪجو. اهڙو اطلاع گولاڙچي به ڏجو. پوءِ اتان موٽي پيادل چڪر هڻندا ۽ هڪ اخباري واري دڪان تي آياسين، جتان انگريزي اخبار ۽ ٽائيم رسالو ورتوسين. هتي جي پريس ۽ افغانستان ۽ ڪمپوچيا ۾ روسي ويٽنامي فوجن جو ذڪر گهڻو ڪري هر روز تمام وڏين سرخين سان شايع ٿو ٿئي.
هتي روڊن تي سيون اپ، ڪوڪ سان گڏ جوس جيڪو بوتلن ۽ گلاسن سان گڏ پلاسٽڪ جي ننڍين ٿيلهين ۾ پڻ وجهي ڏين ته جيئن توهان گهر کڻي وڃو يا وقت وڃائڻ بنا رستي تي ئي پيئندا وڃو.
ڪيترائي دفعا بئنڪاڪ وڃڻ سبب هي شهر پڻ هاڻي ڪراچيءَ وانگر ڄاتل سڃاتل لڳندو آهي. ڏٺل واٺل رستا ساڳيون هوٽلون ڪلبون، ٽيڪسيون ۽ اسٽينڊ وغيره.
پنڌ ڪري ٿڪجي پياسين سو ٽيڪسي ڪري چاندي هوٽل تي ماني کائي موٽي پنهنجي هوٽل تي اچي آرام ڪيوسين. شام جو سيٺ ابراهيم آيو ۽ ٻڌايائين ته سوٽ جي مدد سان پاسپورٽ ۽ ويزا جو ڪم ٿي ويندو ۽ رات جو ماني جي دعوت سندس سوٽ کيس ڏني آهي. اوهان به منهنجي طرفان هلي شريڪ ٿيو. اهو گهر به منهنجو پنهنجو ئي آهي. پاڻ ٻڌايائين ته سندس سؤٽ جي گهرواري اڳوڻي پاڪستاني فلمي اداڪاره آسيه آهي. اها هاڻي فلمن ۾ ڪم ڪانه ڪري پر ڪافي وقت کان هتي ئي پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن سان گڏ رهندي آهي.
اسان سيٺ ابراهيم کي ٻڌايو ته سڄو ڏينهن شهر جا فٽ پاٿ پيرن پنڌ سر ڪيا آهن، تنهن ڪري صفا چور ٿي پيا آهيون. توهان ڀلي دعوت کائي اچو. هو اسان کان موڪلائي روانو ٿيو. آئون ۽ ڊاڪٽر راڄو ڪچهري ڪندي ئي سوير سمهي رهياسين. جيئن ته اسان جي فلائيٽ صبح سوير هئي ۽ اسان کي اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن وڃڻو هو.