سنڌيت جي سرهاڻ جو سفرنامو: اي_ جي _ اُتم
پليجي جو سفرنامو ڀارت بابت ٻين سنڌين جي سفرنامن کان نئون ۽ نرالو آهي. ليکڪ کي پنهنجي پيءُ نور محمد پليجي کان ورثي ۾ مليل نيشلزم، سيڪولرزم ۽ سوشلزم جي ويچارن وڏو اثر ڪيو هو. هنجي واتان ”هندستان جي تهذيب، سونهن ۽ تاريخ جي قداور شخصيتن جو اتسادهه سان ڪيل ذڪر“ ٻڌو هئو ته ڪيترا ڪتاب به پڙهيا هئا ۽ جيئن ليکڪ لکي ٿو ته، ”ڀائيندو هوس، رام سان گڏ مون به بنواس ڀوڳيو آهي، شري ڪرشن جي بنسري جي مڌرتا منهنجي من کي به موهي ويئي آهي. ڪاليداس جي شڪنتلا جاڳي رهي آهي يا ميران ٻائي جو گيت روپ ڌاري ويٺو آهي.“ ايلورا لاءِ چئي ٿو، ”هي غارون انساني محنت ۽ هنر جو لازوال شاهڪار آهن. انساني جاکوڙ پورهئي ۽ هنرمنديءَ جي ڪمال کي نوڙت ڀريو سلام آهي ۽ پليجي کي اهي غارون پنهنجي ڳوٺ ٻني جي سندس پيءُ جي ننڍي هوندي جي دوست ’ڪندنمل ٽيڪواڻيءَ‘ پنهنجي ڪار ۾ وٺي گهمايون. هو ’جلگانو‘ ۾ رهندڙ آهي. اسٽيشن تي وٺڻ مهل پليجي پڇيس ته ڪيئن سڃاتو ته چيائينس ته ”تنهنجي شڪل بلڪل تنهنجي والد جهڙي آهي. اسان ڀانيو ته ارباب صاحب سامهون آهي. سندس اها تصوير ياد آهي جڏهن هو ڪراچي بندر تي اسانکي اکين ۾ ڳوڙها آڻي رخصت ڪري رهيو هو ۽ ايستائين ترسيو جيستائين اسان روانه ٿياسين.“ اهڙي سڪ آهي سنڌ هنڌ جي سنڌين جي! پليجو لکيٿو، ”هن وسيع ملڪ ۾ اهي ئي ته چند ماڻهو هئا، جن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي اها ڀيني ڀيني خوشبوءِ محسوس ٿي جيڪا لطيف جي بيتن، سچل جي ڪافين ۽ ساميءَ جي سلوڪن“ ۾ رچيل آهي. ”ڪڏهن ته ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ته ملندو مينڌرو، پڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏي ڪو سنڌ ۾.“
هتي سنڌين طرفان سنڌيت کي سلامت رکڻ جو پليجي سفرنامي ۾ خوب ذڪر ڪيو ته قدر به ڪيو آهي. هڪ هنڌ لکيٿو، ”سنڌي هندو واپار جو بادشاهه آهي. جلگانو ۾ ڪلب، باغ، تلاءُ سنڌي ڪالوني ۽ امر شهيد ڀڳت ڪنور سينٽر سنڌين ٺهرايو آهي. هي سينٽر ڏسي خوشي ٿيم پر پنهنجي ماڻهن جي حال تي ملال ٿيم ته اسانوٽ هن صوفي منش لاءِ ڪوبه يادگار ڪونهي. اهي هٿ ڪيڏا نه بي رحم ۽ ظالم هئا، جن ههڙي پوتر شخص کي شهيد ڪيو..... اڄ سنڌ جو سنڌي امر ڪنور کي پنهنجو ورثو ٿو سمجهي اهو وقت ڏور ناهي جو سنڌي پنهنجي راڄ ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ ٿيندا ۽ پوءِ سنڌ جي ريڊيو تان ’ڀڳت ڪنور‘ جي ڪلام کي پيش ڪرڻ کان ڪير روڪي نه سگهندو.“ پليجي بمبئي شهر جا ڏسڻ لائق هنڌ به ڏٺا جنهنجو ذڪر ڪيو اٿس.
پر هن پنهنجي پسندي خاص طور سنڌين جي شاهي اسپتال جلسوڪ، سنڌو ڀون، ڪالونين، ڪاليجن وغيره لاءِ ڏيکاري آهي. اهي هنڌ برک ليکڪن گوبند پنجابي ۽ اُتم ڏيکاريا هئا، جن لاءِ لکيٿو، ”ادا (گوبند) جي ڀاڪِرَن ۾ محسوس ڪيم ته مونکي منهنجو ڪٽيل بازو ملي ويو آهي هو هڪ پروقار شخصيت جو مالڪ ۽ سڌ ٻڌ وارو انسان آهي.“ ۽ ”اتم ڪافي حصا گهمايا ۽ اهي جڳهيون ڏيکاريون جيڪي هوند اُتم کانسواءِ نه ڏسي سگهون ها.“ ڪلياڻ آڏواڻي لاءِ لکيٿو ته ”شاهه جي رسالي تي هنجو نچويل نور ۽ پيار جو پورهيو سنڌ ۽ لطيف سان اڻ مَئي محبت جو اظهار آهي.“ پنجواڻي سنڌو ڀون ۾ هنجي آجيان ڪئي.
”سنڌين جي ميلاپ جي هن مکيه مرڪز جو هو روح روان آهي.“ اتي ئي انڊونيشيا ۾ سنڌيت جي بانيءَ ته هتان جي ٻين ڪارڪنن_ ٽُهلرام آزاد، وغيره سان مليو. آخر ۾ اُتم ۽ سندري لاءِ لکيٿو ”اُتم آدرشي انسان، مثالي سماجوادي، صاف سڌو انسان آهي. سنڌ وطن سان سندس پيار الفت ائين آهي، جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون من ماروئن سين. اُتم ڪيترن ادبي ۽ تنقيدي ڪتابن جو ليکڪ آهي. سندري به هڪ جڳهه مشهور ڪهاڻيڪار آهي. ٻنهي زال مڙس جو سنگ هڪ مثالي سنگ آهي. ٻنهي سنڌي ادب لاءِ گهڻو پتوڙيو آهي.“ پليجو وڌيڪ لکيٿو ته ”اسانجي رات 11 وڳي واري فلائيٽ تي به اُتم اماڻڻ آيو ۽ روڪڻ تي به نه رڪيو. اندر وڃڻ کان اڳ ۾ موڪلائڻ وقت دلين جون ڌڙڪنون تيز هيون. هو سانت بيٺو گهوريندو رهيو هنجون نظرون شايد سنڌ تائين اسانجو پيڇو ڪرڻ لاءِ آتيون هيون_ اها سنڌ، جنهنجي فضائن ۾ سرهاڻ هئي، جنهن هنجو من موهيو هو. سچ پچ هي سنڌيت جي سرهاڻ جو سفرنامو سدائين ياد رهندو.
اي_ جي _ اُتم