بَھراوَر کان ڀِريا _ تاريخ جو سفر
نالي مَٽجڻ وارو ساڳيو حال ڀريا سِٽيءَ سان به ٿيو آھي، جنھن کي ڪڏھن بَھراوَر ۽ بَھرووَر ته ڪڏھن بَھرالا جو نالو ڏنو ويو ۽ نيٺ اھو ڀِريا تي اچي دنگ ٿيو، پر شُڪر آھي ته انھيءَ تاريخي وسنديءَ جو وجود اڄ به قائم آھي ـ ڀِريا جو تاريخن ۾ ذڪر ته گھٽ ٿيو آھي، پر سندس وڏي تاريخي اھميت رھي آھي ـ ڀِريا جي تاريخ جا پيرا کڻڻ جي ڪوشش ۾ معلوم ٿئي ٿو ته ماضيءَ ۾ ڀِريا جي جاگرافيائي بيھڪ ۾ به مَٽ سَٽ ٿي آھي ـ
جڏھن ڀِريا جو ذڪر ڪجي ٿو ته ممڪن آھي ته ڪجھه پڙھندڙن جي ذھن ۾ ڀِريا روڊ جو نالو اچڻ سبب مونجھارو ٿئي ـ اصل ۾ ڀريا شھر ۽ ڀريا روڊ ٻه الڳ وسنديون آھن ـ ڀِريا روڊ جو اصل نالو ”ماڇڪي“ ڳوٺ ھو، جنھن تي ڀريا روڊ جو نالو تڏھن پيو جڏھن انگريزن 19 ھين صديءَ ۾ ريلوي لائين وڇائي ۽ ھتي ريلوي اسٽيشن ٺھي جتي ڪراچي يا ٻين ھنڌن تان ايندڙ مسافر لھندا ھئا ۽ ڇھه ميل (10 ڪلوميٽر) اولھه ۾ ڀريا سٽيءَ ۽ ٻين وسندين ڏانھن ويندا ھئا ـ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ورھاڱي کان اڳ ڇپيل پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته پڊعيدن وارو ريل جو رستو (جيڪو ڀريا روڊ کان لنگھي ٿو) 1896 ۾ کُليو ـ
ڀريا روڊ اسٽيشن کُلڻ کانپوءِ ڀريا شھر ۾ ريلوي بُڪنگ ايجنسي قائم ٿي جتان ھندستان جي ڪنھن به علائقي ڏانھن اچڻ وڃڻ جي ٽڪيٽ ملي سگھندي ھئي ـ
ريلوي اسٽيشن ھجڻ ڪري ڀريا روڊ واپاري مرڪز ٿي ويو ۽ سندس آبادي به وڌندي وئي ـ ھاڻ ممڪن آھي ته ڀريا روڊ جي آبادي پندرھن ھزارن کان به ٽپي وئي ھجي ـ باقي ٻي ترقيءَ جو ھتي ڪو به تصور ڪونھي ۽ اسان کي اھي ئي ڀڳل رستا، گندگي، پاڻيءَ جي اڻھوند، بجليءَ ۽ گئس جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا سنڌ جي ٻين علائقن جيان ملندا ـ
ڀِريا (سِٽي) نالي جي اصل وسندي، جيئن مٿي ذڪر ٿيو آھي، ڀِريا روڊ جي اولھه ۾ قومي شاھراھه تي آھي، جنھن جي ڏکڻ ۾ 10 ڪلوميٽر پري نوشھري فيروز جو تاريخي شھر، 10 ڪلوميٽر اولھه ۾ ٻيو تاريخي شھر ٺاروشاھه ۽ 22 ڪلوميٽر اُتر ۾ ٽيون تاريخي شھر ڪنڊيارو آھي ـ ٻنھي ڀِريائن جي وچ ۾ وڏو وارياسو پَٽُ آھي ۽ روھڙي ڪئنال به وھي ٿو جيڪو 1932 ۾ تعمير ٿيل سکر بئراج مان نڪري ٿو ـ روھڙي ڪئنال ڀريا سٽيءَ کان اڌ ميل اوڀر ۾ آھي جنھن جي پُل ٽپڻ سان ڪجھه پنڌ تي دريا خان جلباڻي ڳوٺ آباد آھي ـ (ڪجھه وقت کان ھن ڳوٺ جي نالي تي تڪرار ھلي رھيو آھي ـ ڪي چون ٿا ته اھو صرف جلباڻي ڳوٺ آھي ۽ ٻيا ان کي دريا خان جلباڻي ڳوٺ سڏين ٿا جيڪو پراڻي وقت کان مشھور آھي) ـ جلباڻي ڳوٺ ۽ ڀريا روڊ وچ ۾ وارياسي پَٽ لاءِ تاريخي آثارن آڌار چيو وڃي ٿو ته ڪنھن زماني ۾ سنڌو درياھه اتان وھندو ھو ـ نوشھرو فيروز لاءِ، جيڪو اڳي نوابشاھه ضلعي جو حصو ھو، سنڌ جي ھڪ وڏي محقق محمد حسن پنھور 1964 ۾ ڇپيل سندس ڪتاب Ground Water in Hyderabad and Khairpur ۾ انگريز ماھر ھينري ڪزنس Henry Cousens جي ڪتاب Antiquities of Sindh جو حوالو ڏيندي لکيو آھي ته سنڌوءَ جي وھڪري ۾ تبديليون نوابشاھه ضلعي اندر گھڻيون ٿيون ۽ سڪندر اعظم جي زماني کان وٺي سنڌو درياھه پنھنجو وھڪرو مٽائيندو 18 ميل اولھه ۾ ھليو ويو آھي ـ اڳي سنڌو لُھاڻي ڍوري مان لنگھندو ھو جيڪو نوشھري فيروز تعلقي ۾ ھو ـ پنھور صاحب لکي ٿو ته جڏھن ستين عيسوي صديءَ (641 عيسويءَ ۾ _ بن قاسم جي حملي کان ستر ورھيه اڳ) ۾ چيني سياح يان چانگ Yuan Chwang سنڌ ۾ آيو ھو ته ان وقت ھتي چچ جي بادشاھت ھئي ۽ سنڌو ندي ڪنڊياري تعلقي ۾ اُترئين پاسي 17 ميل پري وھندي ھئي جتان ديھات نالي ھنڌ وٽان چچ ندي ٽِپي بغاوت کي چيڀاٽڻ آيو ھو ـ ھُو وڌيڪ لکي ٿو ته اٺين عيسوي صديءَ ۾ به سنڌو ندي لُھاڻي ڍوري مان لنگھندي ھئي جيڪو نوشھري فيروز کان ٻه ٽي ميل اوڀر ۾ لنگھندو ھو ۽ ذري گھٽ نائين صديءَ ۾ به سنڌوءَ جو وھڪرو لُھاڻي ڍوري وٽان ھو ـ انگريز ليکڪ ايڇ ٽِي لئمبرڪ به پنھنجي ڪتاب ”ھسٽري آف سنڌ _ اَ جنرل انٽروڊڪشن“ (جِلد پھريون _ سنڌي ادبي بورڊ 1964) ۾ لکي ٿو ته چچ بادشاھه ديھات ڳوٺ وٽان مھراڻ ندي ٽپيو ھو جيڪو ڪنڊياري تعلقي جي سرحد تي ھو، جتي موجوده سنڌو درياھه جو پراڻو وھڪرو لُھاڻي ڍوري مان لنگھندو ھو ـ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ به پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو :”ڪنڊياري کان وٺي نوشھري فيروز، موري ۽ سڪرنڊ تائين ڪيترا شھر ۽ ڳوٺ وڏن دڙن تي ٻڌل آھن ۽ ڪيترن ھنڌن تي وارِي آھي ـ اھي وڏا دڙا ۽ وارِيءَ جا ڍِڳ اھوئي اُھڃاڻ ڏين ٿا ته اڳي درياھه ڪنڊياري، نوشھري ۽ موري تعلقن مان انھن دڙن وٽان ئي وھندو ھو ـ“ اعجازالحق قدوسي به ”تاريخِ سنڌ“ ڪتاب ۾ چچ جي ھن علائقي ۾ اچڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”برھمڻ آباد جي ويجھو پھچڻ کانپوءِ چچ برھمڻ آباد ۽ لُھاڻا جي والي لاکن، سمن ۽ سھتن جي سردار اگھم لُھاڻي ڏانھن اطاعت جو پيغام موڪليو ـ چچ ڳوٺ دھتايت (ديھات) وٽان مھراڻ پار ڪري، جيڪا سما قوم ۽ الور جي سرحد ھئي، ٻُڌيا ۽ سيوستان ڏانھن روانو ٿيو ـ“ ھتي سنڌوءَ جي وھڪري جو ذڪر ڪرڻ ضروري ھو ڇو ته ڀريا جو وجود درياھه جي ڪري ئي اھميت رکندڙ ھو، جتان اناج جو واپار ٻيڙين ذريعي ٻين علائقن سان ٿيندو ھو ـ
موجوده ڀريا سِٽيءَ جو نالو اڳي ڇا ھو ۽ ڪڏھن کان اھا وسندي ھتي يا آسپاس قائم ھئي، ان ڏس ۾ ھيٺ ڪجھه تاريخي بيانن ذريعي ان ڏس ۾ بحث ڪبو ـ
فارسيءَ منجھان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ”فتحنامه سنڌ _ چچنامو“ (سنڌيڪار مخدوم امير احمد _ تصحيح ۽ تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ سنڌي ادبي بورڊ ٽيون ڇاپو 1976) ۾ بيان ڪيو ويو آھي ته ”محمد بن قاسم برھمڻ آباد جي بندوبست ۽ اُڀرندي، اُلھندي جي ڳوٺن ۽ پسگردائي جي معاملن کي مضبوط ڪرڻ کانپوءِ منزل پٽي سائونديءَ جي پسگردائيءَ ۾ انھيءَ جاءِ تي لٿو جنھن کي ”منھل“ چون ٿا ـ اُتي ھڪ فرحت افزا ڍنڍ ۽ سرسبز چراگاھه ھو جنھن کي وڪر بھار چوندا ھئا ـ ھن اُتي ڍنڍ جي ڪناري منزل ڪئي ـ اُتان جا سڀ ماڻھو شمني ۽ ٻُڌ واپاري ھئا جن سندس فرمانبرداري ڪئي ـ پوءِ ھو اُتان منزل پٽي وڃي ”بھراور“ ۾ لٿو ۽ پنھنجي ماڻھن کي (ھتي انھن عربن جا نالا ڏيڻ ضروري ڪونھي) اھلِ بھراور علائقي جي دنگ ڏانھن موڪليائين ـ ھڪ راوي علي بن محمد جي روايت لکندي وڌيڪ بيان ڪيو ويو آھي ته جڏھن محمد بن قاسم لُھاڻي پرڳڻي جي ڪم کان واندو ٿي سھته (قوم جي پرڳڻي) جي منزل تي آيو ته سندن رئيسن ۽ مُکيه ماڻھن مٿا ۽ پير اُگھاڙا ڪري سندس استقبال ڪيو ۽ اَمان گھري ـ انھن کي پڻ اَمان ڏئي مٿن ڍل مقرر ڪري ضامن ورتائين ۽ رستي جون منزلون طئه ڪري اروڙ پھچڻ گھريائين ۽ سُونھنِ کي اڳ ۾ ڪري اروڙ تائين آيو جيڪو تختگاھه ۽ سنڌ جو وڏو شھر ھو جتي جا رھاڪو اڪثر واپاري، ھنرمند ۽ ھاري ھئا ـ راجا ڏاھر جو پُٽ گوپي انھيءَ قلعي تي قبضو ڪيو ويٺو ھو ۽ ڪوبه ماڻھو راجا ڏاھر جي ڪُسجي وڃڻ جي خبر سندس اڳيان بيان ڪري نٿي سگھيو ـ ھُو چوندو ٿي رھيو ته راجا ڏاھر اڃان جيئرو آھي ۽ ھند جو لشڪر وٺي اچڻ لاءِ ويل آھي ـ محمد بن قاسم ھڪ مھينو ان قلعي جي سامھون ھڪ ميل پنڌ تي ڇانوڻي ھڻي ويٺو ۽ پوءِ اروڙ وارن سان جنگ شروع ڪيائين ـ بيان موجب جيئن ته اروڙ وارن راجا ڏاھر جي ڪُسجي وڃڻ واري خبر نٿي مڃِي، تنھنڪري راجا ڏاھر جي زال لاڏيءَ کي ڪاري اُٺ تي سوار ڪري اعتماد جوڳن ماڻھن سان گڏ قلعي اڳيان موڪليائين جنھن قلعي وارن کي ٻڌايو ته راجا ڏاھر ڪُسجي ويو آھي ـ“
چچنامي ۾ بيان ڪيل مٿينءَ روايت ۾ سھته قوم (ذات يا برادري) جي پرڳڻي جو ذڪر آھي، جنھن کي ساھتي پرڳڻو ئي سمجھيو وڃي ٿو جنھن ۾ موجوده نوشھرو فيروز ضلعي جون حدون شامل آھن ۽ ڀريا شھر انھيءَ جو اھم حصو آھي ـ راجا ڏاھر اروڙ کان اڳ ئي ٻئي ھنڌ عرب لشڪر سان ويڙھه ۾ شھيد ٿي چُڪو ھو ـ اِھو ڪھڙو ھنڌ ھو جتي راجا ڏاھر عرب لشڪر سان مقابلو ڪيو، تنھن بابت تاريخون ٻڌائن ٿيون ته اھو مقابلو راوڙ واري قلعي جي علائقي ۾ ٿيو ھو، پر بھراور جو علائقو ڪھڙو ۽ ڪٿي ھو، تنھن لاءِ چچنامي جي پڇاڙيءَ ۾ شامل ڪيل پنھنجي تحقيق ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھن ريت بيان ڪيو آھي : ”محمد بن قاسم ساوندڙي يعني ساوڙي (چچنامي ۾ سائوندي لکيل آھي) مان ڪُوچ ڪري وڃي بھراور ۾ لٿو ـ جيئن ته محمد بن قاسم اروڙ طرف وڃي رھيو ھو، تنھنڪري بھراور جي تلاش ساوڙيءَ کان اُتر طرف ڪرڻ گھرجي ـ ھن کان اڳ ڏٺو ويو آھي ته محمد بن قاسم برھمڻ آباد ڏانھن ايندي ”جلوالي“ جي ڍوري تي اچي منزل انداز ٿيو ھو ۽ ساوندڙيءَ ۾ به وڪر بھار جي ڍنڍ تي اچي لٿو ـ انھيءَ مان گمان نڪري ٿو ته پاڻيءَ جي سھولت جي لحاظ کان محمد بن قاسم جي فوج اڪثر درياءَ جي ڦاٽن جو ڪنارو وٺي پئي ھلي ـ تنھنڪري قرين قياس آھي ته محمد بن قاسم ساوندڙي ڇڏڻ کانپوءِ مھراڻ جي ڪنھن شاخ يا ڍوري جو ڪپ وٺي اُتر طرف ڪُوچ ڪيو ھجي ـ انھيءَ قديم ڍوري جا نشان ھن ساوڙيءَ کان اُتر طرف کارجاڻي، آمرجي، مسرجي وانءِ، چيھي جي اولھه طرف ڀريا ۽ ھالاڻي بھلاڻيءَ وٽان اڃان تائين ظاھر بيٺا آھن ـ“
بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو : ”انھيءَ قديم ڍوري جي رُخ ۽ رستي جي لحاظ کان بھراور مان ڀريا ۽ بھلاڻي جو گمان نڪري ٿو ـ بھلاڻي ڪافي پراڻي بستي آھي ۽ جيئن ھالاڻي (ھالا قوم جي بستي) تي ھالا قوم جي پويان نالو پيل آھي، تيئن ممڪن آھي ته بھلاڻي (ڀلاڻي، ڀراڻي، ڀرياڻي) تي به ڀريا قوم جي پويان اھو نالو پيل ھجي ـ انھيءَ گمان موجب بھلاڻي توڙي ڀريا ، اھي ٻئي نالا ڀريا قوم جي بستين پويان پيل ٿا ڀائنجن ـ ڀريا قوم به سھتن ۽ لاکن وانگر شايد سنڌ جي آڳاٽي قوم ھئي ـ ٿي سگھي ٿو ته بھراور (ڀراور _ ڀريا) ڀريا قوم جي ڏاکڻي بستي ھجي جيڪا موجوده ڀريا شھر جي آسپاس ھئي ـ “
”سرزمين تي تلاش ۽ تحقيق ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته اھو قديم ڍورو، جنھن جا نشان ڀريا جي اوڀر طرف موجود آھن، انھيءَ جي ڪناري تي قديم کنڊرات موجود آھن ـ انھن کنڊرات مان ڪافي عربي ۽ ٻيا قديم سڪا لڌا آھن جيڪي ڀريا جي رئيس سيد امام علي شاھه وٽ موجود آھن (بدقسمتيءَ سان ۽ عوام منجھه شعور نه ھجڻ سبب اھي کنڊر ھن وقت ميسارجي چُڪا آھن _ ليکڪ) ـ انھن کنڊرن ۽ سڪن مان پڪي ثابتي ملي ٿي ته اھا قديم بستي عرب دور کان اڳ توڙي عرب دور ۽ پوءِ واري دور ۾ موجود ھئي ـ ساڳي طرح موجوده بھلاڻي به قديم کنڊرن تي ٻڌل آھي ۽ انھيءَ ڪري فتحنامي جو بھراور ٿي سگھي ٿو ته ڀريا جي لڳ يا بھلاڻيءَ وٽ ھو،“ ھُو لکي ٿو ـ
سيد امام علي شاھه، جنھن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش ڪيو آھي، تنھن جو فرزند سيد انور علي شاھه ٻڌائي ٿو ته واقعي سندس والد وٽ ڀرين جي قديم آثارن مان لڌل سِڪا ۽ ٻيون شيون ھونديون ھيون، جيڪي سندن لاڏاڻي کانپوءِ سيد احتشام شاھه (امام علي شاھه جي ٽئين نمبر فرزند) پاڻ وٽ رکيون ـ سيد انور علي شاھه جي سئوٽ ايم پي اي سيد مراد علي شاھه به تصديق ڪئي ته قديم آثارن مان پراڻي زماني جون شيون لڌيون ھيون ـ ڀرين جي پراڻي نالي بابت ھن جو چوڻ ھو ته ان کي ڀراور به سڏيندا ھئا ـ ”اھي قديم آثار ڀرين جي ڪنڀرن جي پاڙي جي پريان ھوندا ھئا، جتان سِڪا لڀندا ھئا،“ ھن ٻڌايو ـ سندس چوڻ موجب ڀرين جي ڏکڻ ۾ ٻه ميل کن پري ڳوٺ قاسم کاھيءَ تي اھو نالو چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم جي ڪري پيو جنھن جي لشڪر شايد ان ھنڌ پڙاءُ ڪيو ھو ـ سيد احتشام علي شاھه ٻڌائي ٿو ته سندس والد کي قديم آثارن مان ھٿ آيل سِڪا چانديءَ، ٽامي ۽ ٻئي ڌاتُوءَ جا آھن، جيڪي اڄ به وٽس سانڍيل آھن ـ ”سِڪا ڪافي تعداد ۾ آھن، جيڪي لڳي ٿو ته راجا ڏاھر، عربن، مغلن ۽ پوءِ جي زماني جا آھن،“ ھن ٻڌايو ـ (سِڪن جون تصويرون ھن ڪتاب ۾ شامل آھن)
ايڇ ٽي لئمبرڪ به مٿي ڄاڻايل ڪتاب ”ھسٽري آف سنڌ“ ۾ ساھتي پرڳڻي ۽ بھرَووَر (بھراور) جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:”ڏيپر گھانگھرو جا قديم آثار، جتي ھڪ اسٽوپا آھي، ساوَنديءَ وارا ٻُڌ آباديءَ جا آثار ٿي سگھن ٿا جتي محمد بن قاسم برھمڻ آباد ڇڏڻ کانپوءِ پھريون پڙاءُ ڪيو ھو ـ ان کانپوءِ محمد بن قاسم بھرَووَر ڏانھن وڌيو ھو جنھن کانپوءِ سمه ۽ سھتا وٽس پيش پيا جن کان ھن الور (اروڙ) ڏانھن وڃڻ جا گس ۽ پڙاءَ ڪرڻ لاءِ مناسب ھنڌ معلوم ڪيا ـ وارياسي پَٽ جي اولھه ۾ روھڙيءَ واري ٽڪر کان ڏکڻ ۾ ويندڙ سمورو علائقو ”ساھتي“ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو ۽ اسان اھو نتيجو ڪڍي سگھون ٿا ته عرب لشڪر جيڪو گس اختيار ڪيو اُھو لُھاڻي ڍوري جي اوڀر ۾ درياھه کان گھڻو پري ڪونه ھو ـ“ (لئمبرڪ اھو نتيجو انگريز آرڪيالاجسٽ ھينري ڪزنس جي ڪتاب The Antiquities of Sindh ۾ بحث ڪيل ڳالھين ۽ ان ساڳئي ڪتاب جي آڌار ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي بحث مان ڪڍيو آھي)
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي مرحوم، جنھن جو تعلق ساھتي پرڳڻي جي شھر خانواھڻ سان ھو، سندس ساھتي پرڳڻي بابت پي ايڇ ڊي ٿيسز جي ھڪ باب تي مشتمل ڪتاب ”نوابشاھه ضلعو _ تاريخي شھر ۽ شخصيتون“ (نوابشاھه ڪلچرل سوسائٽي _ 1987) ۾ لکي ٿو : ”ڀريا جي موجوده شھري آباديءَ کان اڳ ھيءُ شھر سنڌو درياھه جي ڪپ سان ٻڌل ھو ـ قديم زماني ۾ ھن شھر جو وڏو اوج ھو ۽ ساھتيءَ جي اھم ۽ مُکيه شھرن ۾ شمار ٿيندو ھو ـ“ ڀريا جي قدامت بابت تحقيق آڌار ھُو لکي ٿو: ”اڳئين زماني ۾ ھتي ھڪ وڏو مضبوط قلعو تعمير ٿيل ھو ۽ انھيءَ قلعي ۽ شھر جا آثار اڄ به کنڊرن جي شڪل ۾ موجوده ڀريا جي اُتر ۾ ھالاڻيءَ کان ايندڙ قومي شاھراھه جي بلڪل لڳ نظر اچن ٿا (موجوده وقت انھن کنڊرن جي جاءِ تي ٻنيون آباد آھن) ـ ان زماني ۾ سنڌو درياھه ھن شھر جي قلعي جي بلڪل لڳ وھندو ھو، جنھن جا نشان اڄ به ڍورن جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا ـ جڏھن ته ڍورن جي موجودگي سنڌو درياھه جي قديم وھڪري جو ثبوت ڏئي ٿي ـ“
چچنامي ۾ آيل بيان ۽ مير علي شير قانع جي لکيل تاريخ ”تحفته الڪرام“ جا حوالا ڏيندي خانائي گمان ڏيکاري ٿو ته ”دراصل ڀريا جي قديم بستي (بھراور) پنھنجي پراڻي ويراني وٽ آباد ھئي ۽ سنڌو درياھه سندس ڀرسان وھندو ھو ـ ھيءُ شھر مکيه بندر ھو ۽ ھتي اھم فوجي چوڪي ھئي ـ شھر جي چوڌاري ھڪ قلعو ھو، جتي الور (اروڙ) طرف دشمن جي ڪنھن به حملي کان بچاءَ لاءِ وڏو لشڪر رھندو ھو ـ چچنامي جي بيان مان اھا ڳالھه ظاھر ٿئي ٿي ته سن 93 ھجريءَ جي شوال مھيني ۾ محمد بن قاسم فوج وٺي برھمڻ آباد طرف پيش قدمي ڪئي ته ان وقت رستي ۾ ٻه مضبوط قلعا ھئا جن مان ھڪ ”دھليل“ يعني ”دليل ڪوٽ“ ۽ ٻيو بھراور يعني ڀريا ھو ـ بھراور جي قلعي ۾ راجا ڏاھر جي سورھن ھزار فوج رھندي ھئي ـ محمد بن قاسم ٻن مھينن تائين ھن قلعي جو گھيرو قائم رکيو ۽ نيٺ فتحياب ٿيو ـ“
اعجازالحق قدوسي پنھنجي مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد بن قاسم سيوستان کان ٻيڙين جي پُل ذريعي مھراڻ درياھه ٽپيو ۽ ھڪ ڍنڍ وٽ پھتو جتان راوڙ جي قلعي ڏانھن وڌيو جتي راجا ڏاھر موجود ھو ـ راجا ڏاھر پنھنجي پُٽ جيسينا کي فوج ڏئي مقابلي لاءِ موڪليو جيڪو جنگ ھارائي واپس ڀڄي پيءُ وٽ پھتو ـ انھيءَ کانپوءِ پھرين رمضان 93 ھجريءَ (عيسوي سن 711) تي راجا ڏاھر سان جنگ لڳي جيڪا ڏھه ڏينھن ھلي ـ (ان جنگ ۾ راجا ڏاھر شھيد ٿيو ۽ سندس لاش ھڪ ڍنڍ وٽ گپ ۾ پوريو ويو ۽ عرب لشڪر کي ھٿ نه آيو پر پوءِ ھڪ ماڻھوءَ محمد بن قاسم کي ڏس ڏنو ھو) ـ قدوسي وڌيڪ لکي ٿو:”راوڙ جو قلعو فتح ڪري شوال 93 ھجري (712ع) ۾ محمد بن قاسم برھمڻ آباد نڪري پيو ۽ رستي ۾ بَھرووَر قلعو آيو جنھن ۾ سورھن ھزار سپاھين سندس مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ٻن مھينن تائين جنگ ھلي جنھن ۾ ڏينھن رات حملا ٿيندا رھيا ـ حملن ۾ قلعي جون ڀتيون مختلف ھنڌن تان ڊھي پيون ۽ عرب لشڪر اتان اندر گھڙي قبضو ڪيو ـ ان کانپوءِ ھنن دھليلا (دھليل) ڏانھن رُخ ڪيو جتي جا واپاري اڳ ئي ڊپ وچان قلعي مان نڪري ويا ھئا ـ“
تاريخن ۾ ان حوالي سان تضاد ڀريل آھي ـ ھڪ ته برھمڻ آباد شھدادپور جي به پريان آھي ۽ اروڙ وڃڻ لاءِ محمد بن قاسم کي اوڏانھن وڃڻو نه پيو ھوندو بلڪه جڏھن ھن ٽلٽيءَ وٽان درياھه پار ڪيو ته اُتر ڏانھن رُخ رکيو ھوندائين جتي رستي ۾ بھراور جو قلعو ھو جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھو محمد بن قاسم کان به اڳ انھيءَ ھنڌ تي ھڪ مضبوط فوجي قلعو ھو ۽ عربن جي حملي وقت به موجود ھو ـ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چچنامي ۾ شامل ڪيل پنھنجي تحقيق ۾ لکي ٿو ته محمد بن قاسم ساوندڙي (ساوڙي) مان ڪُوچ ڪري وڃي بھراور ۾ لٿو، پر جنھن جو ذڪر تاريخِ معصوميءَ ۾ نٿو ملي ـ تاريخِ معصوميءَ جي انگريزي ترجمي History of Sindh – 710 to 1590 ۾، جيڪو خيرپور جي مير علي مراد ٽالپر جي درٻار ۾ رھندڙ انگريز ڪئپٽن جارج گرين وِل مئليٽ Captain George Grenville Malet ميرن جي منشي پير محمد جي مدد سان فارسي زبان ۾ لکيل نسخي تان 1846 ۾ ڪيو ھو، ٻڌايو ويو آھي ته محمد بن قاسم سيوھڻ فتح ڪرڻ بعد ٽلٽيءَ وٽان سنڌو درياھه ٽپي اروڙ ڏانھن وڌيو ـ جيئن ته راجا ڏاھر کي نجومين پاڻ اڳتي وڌڻ کان روڪيو ھو، تنھنڪري ھن پنھنجي ڪجھه فوج رواني ڪئي جيڪا ڪچيري ڪولاب (گچيري ڍنڍ، جنھن جو ذڪر 1953 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپرايل تاريخِ معصوميءَ جي سنڌي ترجمي ۾ مترجم مخدوم امير احمد ڪيو آھي) جي ڪپ تي وڃي لٿي ـ ٻئي ڏينھن ٻنھي فوجن ۾ ڇتي جنگ لڳي ۽ راجا ڏاھر جي فوج جا ڪيترائي سپاھي مارجي ويا ۽ ٻين ۾ ڀاڄ پئي جو سندن سپھ سالار گھوڙي تان ڪري پوڻ سبب لشڪر سمجھيو ته اھو مارجي ويو آھي ـ ”پوءِ محمد بن قاسم الور ڏانھن وڌيو،“ تاريخِ معصومي ٻڌائي ٿي، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته راجا ڏاھر ۽ محمد بن قاسم جي فوجن ۾ لڙائي ڀريا ويجھو نه پر گچيري ڍنڍ وٽ لڳي جيڪا موجوده مورو شھر جي ويجھو ھئي ـ تاريخ ۾ مورو جو ذڪر ڪونھي ڇو ته اھو شھر گھڻو پوءِ جو ٻَڌل لڳي ٿو ـ
ھندستان جو ھڪ تاريخ نويس مولانا سيد اَبُو ظفر ندوي 1947 ۾ ڇپيل پنھنجي اردوڪتاب ”تاريخِ سندھه“ ۾ وري ٻي ڪھاڻي ٿو لکي ـ سندس چوڻ موجب راجا ڏاھر راوڙ واري قلعي ۾ موجود ھو، جنھن سان جنگ لاءِ محمد بن قاسم درياھه ٽپي اڳتي آيو جتي سندن وچ ۾ ھڪ ڍنڍ ھئي جنھن جو نالو ”ڪڇري“ ھو ـ مولانا صاحب ڏنگين ۾ ان نالي جي وضاحت ڪندي ”ڪينجھر“ لکي ٿو، جيڪو ڪنھن به لحاظ کان صحيح نٿو لڳي ـ احمد آباد، گجرات ۾ رھندڙ مرحوم تاريخ نويس شايد ڪڏھن سنڌ ڪونه آيو ھو ۽ نه ئي کيس سنڌ جي علائقن جي ڪا ڄاڻ ھئي ـ مختلف ڪتابن تان کنيل باقي واقعا ساڳيا ئي بيان ڪري ٿو جيڪي گچيري واري ڍنڍ جي حوالي سان ڪتابن ۾ ٻڌايل آھن ـ مولانا صاحب فرمايو ته عرب لشڪر جون راجا ڏاھر سان ست جنگيون لڳيون ـ ”ھڪ جنگ نيرون ڪوٽ ۽ اشيھار جو قلعو فتح ڪرڻ کانپوءِ نيرون ڪوٽ وٽان لنگھندڙ سنڌو درياھه جي ھڪ شاخ جي اُلھندي ڪپ تي؛ ٻي جنگ جھم واري ھنڌ، جتي عرب لشڪر ٻيڙين جي پُل ٺاھي درياھه اُڪريو؛ ٽين جنگ جيور واري ھنڌ ڪينجھر ڍنڍ لڳ؛ چوٿين جنگ ستين رمضان تي ڪينجھر ڍنڍ ٽپي وڪري واھه جي ڪناري تي؛ پنجين جنگ اٺين رمضان تي ساڳئي ھنڌ؛ ڇھين جنگ نائين رمضان تي وڪري واھه ٽپي راجا ڏاھر سان وڙھي وئي جنھن جو فيصلو نه ٿي سگھيو ۽ ستين جنگ 10 رمضان 93 ھجريءَ تي راوڙ جي قلعي ويجھو ٿي جنھن ۾ راجا ڏاھر مارجي ويو ـ“
مولانا ندويءَ جي پنھنجي لکيل ڳالھين جو تضاد ان وقت ظاھر ٿئي ٿو جڏھن ھُو لکي ٿو ته ”راجا ڏاھر جو ھڪ پُٽ جئه سنگھ راوڙ مان ڀڄي برھمڻ آباد پھتو جنھن جي خبر محمد بن قاسم کي پئي ته ھن به شوال 93 ھجري سن ۾ برھمڻ آباد ڏانھن پيشقدمي شروع ڪئي ـ رستي ۾ ٻه قلعا ھئا جن مان ھڪ بھراور ۽ ٻيو دھليله ـ بھراور ۾ سورھن ھزار سپاھي موجود ھئا ـ انھن کي فتح ڪرڻ کانسواءِ برھمڻ آباد پھچڻ تمام ڏکيو ھو ـ ھن پھريائين بھراور جو محاصرو ڪيو پر ھتان جي ماڻھن ٻن مھينن تائين مقابلو ڪيو ـ اھو ڏسي محمد بن قاسم فوج کي ٻن حصن ۾ ورھايو جن مان ھڪ حصو ڏينھن جو ۽ ٻيو رات جو وڙھندو ھو۽ قلعي اندر ڪيميائي پچڪاريون اُڇلائيندو ھو ـ منجنيق سان به حملا ڪيا ويا جنھن سان قلعي جون ڀتيون ڪيترن ئي ھنڌن تان ڏري ڪري پيون ۽ عرب فوج وڏو حملو ڪري اندر گھڙي پئي ـ“ سندس چوڻ موجب بعد ۾ عرب لشڪر دھليله وڌيو جتي واپارين کي خبر پئي ته اھي اڳئي ڀڄي ويا پر فوجين ھوشياريءَ سان قلعه بندي ڪئي ۽ ھر طرح جي مقابلي لاءِ تيار ٿيا ـ محمد بن قاسم اُتي 93 ھجري سن جي ذوالحج مھيني ۾ پھتو ۽ ٻه مھينا محاصرو ڪري ويٺو رھيو جنھنڪري قلعي وارا مايوس ٿي ڪفن پائي ٻارن ٻچن سميت رات جي اونداھيءَ ۾ قلعي مان نڪري ويا جن جو پيڇو ڪيو ويو ۽ جيڪي پڪڙيا تن کي قتل ڪيو ويو ـ اڳتي ھلي مولانا وري متضاد ڳالھه لکي ٿو ته برھمڻ آباد مان محمد بن قاسم 3 محرم 95 ھجري سن تي ڪُوچ ڪيو ۽ ساوندڙيءَ جي علائقي ۾ منھل وٽ پھتو جتي ھڪ ”ڊنڊا“ نالي جھيل ھئي ـ (سنڌي ٻوليءَ کان اڻ واقف ليکڪ کي اھا خبر ڪانه ھئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جھيل کي ڍنڍ چئبو آھي) ـ ھُو وري لکي ٿو ته محمد بن قاسم اُتان ھلي پوءِ بھراور ۾ ترسيو ۽ پوءِ جڏھن سمه قوم جي حدن ۾ پھتو ته اُتان جا ماڻھو دُھل وڄائيندا ۽ نچندا سندس استقبال لاءِ پھتا ـ اُتان وري ھُو سھته وٽ پھتو ۽ پوءِ اروڙ ڏانھن وڌيو ـ
مولانا ندوي پاڻ ئي پنھنجي ڳالھين جي اُبتڙ سُبتڙ لکندو رھيو جنھن ۾ برھمڻ آباد کان اڳ بھراور ۽ دھليله ٻڌائي ٿو ۽ وري ٻئي ھنڌ برھمڻ آباد کانپوءِ بھراور لکي ٿو ـ انھيءَ باب ۾ ئي ھن ھڪ نقشو به شامل ڪيو آھي جنھن ۾ اھي رستا ڏيکاريل آھن جن تان عرب لشڪر گذريو ـ نقشي ۾ برھمڻ آباد کانپوءِ ساوندڙي ۽ ان کان پوءِ بھراور ۽ پوءِ اروڙ ڏيکاريل آھي جيڪو وڌيڪ صحيح آھي ـ بھرحال مولانا ندويءَ جو لکيل احوال ۽ نقشو بھراور جو ھجڻ ثابت ڪن ٿا ـ
ڪجھه تاريخ نويسن ته ڪڏھن سنڌ ڏٺي به ڪانه، صرف ڪتابن کي پڙھي ڪجھه لکيو آھي، تنھنڪري کين ڪوبه اندازو ناھي ته عرب جارح محمد بن قاسم ديبل کانپوءِ ڪھڙو رستو اختيار ڪيو، راوڙ جو قلعو ڪٿي ھو ۽ جتي راجا ڏاھر عرب لشڪر سان جنگ جوٽي ـ جيڪڏھن راوڙ جي اصل ھنڌ جو تعين ٿيندو ته پوءِ بھراور واري قلعي جي جاگرافيائي بيھڪ جو به اندازو ٿي ويندو ـ منھنجي نظر ۾ ھڪ ليکڪ عملي طور ان ڏس ۾ ڪم ڪيو ۽ اھو آھي سنڌ جو ھڪ ڪامورو مرحوم محمد صلاح الدين، جنھن پنھنجي ڪتاب Sindh – A Time Capsule of Heritage ۾ ھڪ پورو باب ”راوڙ“ قلعي بابت لکيو آھي ـ مرحوم صلاح الدين به ان خيال جو ھو ته اڪثر محققن کي نه سنڌي ايندي ھئي ۽ نه ئي ھنن سنڌ جي انھن بيابانن ۾ وڃي تحقيق ڪئي ـ مرحوم صلاح الدين پنھنجي تحقيق حجاج جي ان خط جي روشنيءَ ۾ شروع ڪري ٿو جنھن ۾ ھن محمد بن قاسم کي ھدايت ڪئي ھئي ته ”ٻين شھرن کي ڇڏي واپس نيرون ڪوٽ وڃ، مھراڻ (درياھه) پار ڪر ۽ ڏاھر ڏانھن پيش قدمي ڪر ـ“ (سنڌ جي ھڪ نامياري ليکڪ رشيد ڀٽيءَ ته ٽماھي مھراڻ رسالي جي 1984 واري سالياني شماري ۾ ڇپيل سندس مضمون ۾ حيدرآباد جي نيرون ڪوٽ ھجڻ واري ٿيوريءَ کي ئي رد ڪري خيال ڏيکاريو آھي ته رني ڪوٽ ئي اصل ۾ نيرون ڪوٽ ھو ڇو ته اھو درياھه جي اولھه ۾ ھو ۽ انھيءَ ڪري محمد بن قاسم کي حڪم مليو ته درياھه ٽپي راوڙ تي حملو ڪر) ـ
صلاح الدين صاحب کي عرب ۽ ٻين تاريخ نويسن جي ڪتابن مان ڪجھ نقطا آڏو اچن ٿا ـ ”پھريون ته عرب لشڪر سيوھڻ کان ھيٺ ڪنھن ھنڌ سنڌو ندي پار ڪئي؛ ٻيو ته ھڪ لفظ ”ٻيٽ“ استعمال ڪيو ويو آھي، جيڪو سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ڪنھن ٻيٽ جو اشارو آھي؛ ٽيون ته درياھه پار ڪرڻ لاءِ ڪنھن مخصوص ھنڌ جو واضح نالو نٿو ملي؛ چوٿون نقطو آھي اھو ھنڌ جتي نه رُڳو ڇھه ھزار سنڌي سپاھين جو قتلام ڪيو ويو، سٺ ھزار سنڌين کي غلامن طور قيدي بنايو ويو ۽ جتي سنڌين جي شاھي گھراڻي جي عورتن غلاميءَ ۾ وڃڻ بدران پاڻ کي باھه ۾ ساڙي ستي ٿي مرڻ قبوليو ـ ھاڻي ڏسڻو آھي ته اھو ڪھڙو ھنڌ ھو ـ“
ھُو لکي ٿو ته سنڌو ندي سدائين وھڪرو مٽائيندي رھي آھي ـ سندس وھڪري (رُخ) ۾ پھرين وڏي تبديلي چوٿين صدي قبل مسيح ۾ ٿي جنھن جو ذڪر ارسطوبلس Aristobulus ڪيو ۽ پوءِ اڻويھين صديءَ ۾ مڪمردو MacMurdo ڪيو ۽ ان سموري عرصي ۾ سنڌ جا مختلف شھر به زوال جو شڪار ٿيندا رھيا آھن جن ۾ اروڙ، برھمڻ آباد ۽ نصرپور به شامل آھن ـ اٺين صديءَ کان اڻويھين صديءَ جي عرصي ۾ سنڌوندي اوڀر کان اولھه ڏانھن ٽيھن کان وڌيڪ ڪلوميٽر پنڌ تائين ھٽي چُڪي آھي ـ سندس خيال آھي ته محمد بن قاسم ٽلٽيءَ وٽان درياھه پار ڪونه ڪيو ھو ڇو ته ان وقت درياھه گھڻو پري اوڀر ۾ وھندو ھو ـ سندس تحقيق جو ھيءُ حصو ڌيان جوڳو آھي:”سڪرنڊ، دولتپور، مورو، نوشھرو فيروز ۽ ڪنڊياري وارو موجوده پڪو روڊ راءِ گھراڻي جي زماني ۾ ”راوڙ وارو رستو“ سڏبو ھو ـ لاکاٽ ۽ لُھاڻي پرڳڻي وارو روڊ ”اگھم لُھاڻي وارو رستو“ سڏبو ھو جيڪو ساھتي پرڳڻي مان لنگھندو ھو ـ لُھاڻي پرڳڻي وارو درياھه (مھراڻ) ساھتيءَ جي وچ مان ڪوٽڙي ڪبير، ھالاڻي، بھلاڻي، گھيڙ گجو، ڀائي ان جو بند ۽ شھدادپور ڀرسان لنگھندو رحيمڪي بازار ڏانھن ھليو ويندو ھو ـ“ مرحوم صلاح الدين تاريخي ڪتابن، محققن جي ڪڍيل نتيجن ۽ انگريز سرڪار جي تيار ڪيل روينيو رڪارڊ ۽ نقشن آڌار عرب لشڪر جي پنڌ پيچرن کي ڳوليندي دوڙ، ٻانڌي ۽ بڇيريءَ واري علائقي ۾ پھچي ٿو ـ ھُو لکي ٿو:”سال 1905 ۾ ڇپيل سنڌ جي سروي رپورٽ ۾ ”تلا“ نالي سان ھڪ آباديءَ جو ذڪر ملي ٿو، جيڪا درياھه جي اڳوڻي وھڪري جي ھڪ وڏي وڪڙ وٽ کاٻي ڪپ تي قائم ھئي ـ قديم آثارن جي ماھر مجمدار به ان ڳوٺ جي نشاندھي ڪئي آھي ـ وڌيڪ ثابتي انھن نقشن مان ملي ٿي جن موجب اڳي درياھه موجوده ريلوي لائين ھنڌان وھندو ھو ـ “ سندس خيال آھي ته محمد بن قاسم حجاج جي صلاح موجب درياھه ”تلا“ واري ھنڌ تان پار ڪيو ھوندو جتي درياھه کي نانگ وانگر وَروَڪڙ ھئا ۽ وچ ۾ ٻيٽ ھجڻ ڪري ان جو پيٽ ويڪرو ڪونه ھو ۽ مقامي ماڇي قبيلي وارن جي مدد سان تيار ڪرايل ٻيڙين جي پُل ڪم آندي وئي ـ ھُو خيال ڏيکاري ٿو ته راوڙ جو قلعو بڇيريءَ واري علائقي ۾ ”حبيري“ ۽ ”دمبير جي واءِ“ ڳوٺن جي پسگردائيءَ ۾ ھو ـ ”دمبير جي واءِ“ ڳوٺ ۾ ھڪ پڪو کوھه به ھو جنھن ۾ عرب دور کان اڳ جون ننڍيون وڏيون سِرون استعمال ٿيل ھيون ۽ ان علائقي ۾ ڏاھري برادري آباد آھي، جن کي ڏاھر سان وفاداريءَ سبب اھو نالو پيل سمجھيو وڃي ٿو ـ ”حبيري“ انھن عرب باغين جي آباديءَ وارو علائقو ھو جتي حجاج سان بغاوت ڪري حباري عرب اچي آباد ٿيا ھئا ـ صلاح الدين صاحب لکي ٿو ته ان ساڳي علائقي ۾ ٻانڌيءَ نالي سان شھر اھو ھنڌ آھي جتي عرب لشڪر سٺ ھزار سنڌين کي باندي بنائي رکيو ـ پڊعيدن کان نوابشاھه تائين وارياسن پٽن ۽ ڍورن جو حوالو ڏيندي ھُو چوي ٿو ته تاريخدان حوقل جي ٺاھيل نقشي ۽ انگريز ليکڪ رَيورٽيءَ Raverty جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ ڳالھه واضح ٿي وڃي ٿي ته راوڙ جو قلعو برھمڻ آباد کان پنجاھ ميل اڳتي (اُتر ڏانھن) ھو ـ سندس چوڻ موجب ”تلا“ کي ٽلٽيءَ سان نه ملائڻ گھرجي ـ اھڙي طرح دھليل ڪوٽ لاءِ ھُو لکي ٿو ته پراڻن نقشن آڌار ان نتيجي تي پھتو آھي ته ڪنڊياري ويجھو مھراڻ درياھه مان ڍنڍ جي شڪل ۾ نڪرندڙ داد واھه واري علائقي ۾ اھو ڪچو قلعو ھوندو ھو ـ ان علائقي کي ”ڍليا“ به چيو ويو جيڪو بعد ۾ دليل ديرو ٿي ويو آھي ـ صلاح الدين صاحب جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ اندازو ٿئي ٿو ته راوڙ، دھليل ۽ بھراور (ڀريا) جا قلعا ساھتي پرڳڻي ۾ ئي ھئا ۽ ان طرح انھن قلعن جي اصل ھنڌ جو اندازو به ٿي وڃي ٿو ـ
بھرحال بھراور جي قديم آثارن ۽ کنڊرن جي موجودگيءَ بابت اڄ به ڪي بزرگ ٻڌائن ٿا، جن جو احوال ٻڌڻ سان پڪ ٿئي ٿي ته ڀريا شھر مختلف نالن سان صدين کان ھتي آباد ھو ـ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي آفيشل اسائني حاجي بشير احمد ميمڻ، جنھن جي عمر ھن وقت ماشاءَ الله اسي ورھيه آھي، ٻڌايو ته واقعي قديم کنڊر ۽ ٻيا آثار موجود ھئا، جن مان ننڍي ھوندي سندن ڪنھن دوست کي به ھڪ ٿيلھيءَ جيترا سِڪا ھٿ آيا ھئا جيڪي ڪنھن اھڙي ڌاتوءَ جا ھئا جيڪو صديون زمين ۾ دفن رھڻ سبب ڳري ويو ھو ۽ ھٿ مھٽ ڪرڻ سان ڀُري ٿي ويو ـ ”اسان کي ان عمر ۾ ڪو به شعور ڪونه ھو تنھنڪري اھڙين شين کي سنڀالي نه سگھياسين،“ ھن چيو ـ
بھراور جي قديم آثارن مان ڪي شيون ڀرين جي خوراڪ کاتي جي رٽائرڊ آفيسر سيد ورند علي شاھه ۽ ايڊيوڪيشن ورڪس کاتي جي رٽائرڊ انجنيئر ماجد سومري وٽ به سنڀاليل آھن ـ ورند علي شاھه وٽ ڪجھه ٺڪر جي ٿانوَن جا ٽُڪر، ھڪ جنڊ جو ڀڳل حصو، ڪجھه پٿر جي زيورن ۾ جُڙندڙ شيون ۽ گول لسا پٿر محفوظ آھن جن لاءِ گُمان آھي ته اھي سونارن جا سون جو وزن ڪرڻ وارا وَٽَ ٿي سگھن ٿا جڏھن ته ماجد علي سومري وٽ ڪاشيءَ جي سِر تي ٺھيل ڪرشن ڀڳوان جي ھڪ مورتي محفوظ آھي ـ ان مورتيءَ جي حوالي سان مشھور ليکڪ ۽ قديم آثارن جي ڄاڻو بدر ابڙي صاحب سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي جنھن ۾ سندس چوڻ ھو سنڌ ۾ ڌرمي نقش نگارن واريون ٽائيلون ٺاھڻ جو ھنر گھڻو پراڻو ڪونھي ۽ انگريزن جي اوائلي زماني ۾ ھندستان وارين پاڙيسري رياستن مان اھو ھنرھتي آيو تنھنڪري سندس اندازو آھي ته ڀرين جي ڀرسان ميسارجي ويل آثار گھڻو پراڻا ڪونه ھوندا ـ جيتوڻيڪ سندس ان ڳالھه سان سھمت نٿو ٿي سگھجي ته ميساريل آثار ڪي ايترو ويجھڙ جا ٿي سگھن ٿا ڇو ته اھي آثار انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان به اڳ موجود ھئا، پر خيالن جي ڏي وٺ ان سوچ کي جنم ڏنو ته انھن آثارن واري وسنديءَ بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آھي ته جيئن خبر پوي ته اھا ڪڏھن ۽ ڪيئن تباھه ٿي ـ جيڪڏھن اھو ئي قلعبند بھراور شھر ھو ته اھو ڪھڙي سن تائين آباد رھيو؟ ۽ اھو به ٿي سگھي ٿو ته جن آثارن مان مورتي ملي آھي، ان ھنڌ وارو شھر يا وسندي ڪجھه سئو سال اڳ تائين به آباد ھجي جڏھن ڪاشيءَ واريون ٽائيلون ٺاھڻ جو ھنر ھن خطي ۾ رائج ٿي چُڪو ھجي ـ انھن ميسارجي ويل آثارن جي قديم ھجڻ جي ثابتي سيد احتشام علي شاھه وٽ موجود سِڪن مان به ملي ٿي جن مان ڪِن سِڪن تي عربيءَ ۾ اُڪريل اکر، ڪِن تي وقت جي حڪمرانن جو تصويرون ۽ ڪي ٻيا اکر ۽ شڪليون اُڪريل آھن ـ سيد احتشام علي شاھه چوي ٿو ته انھن ۾ اھڙا به سِڪا شامل آھن جن لاءِ اندازو آھي ته اھي عربن کان اڳ راجا ڏاھر جي زماني جا ٿي سگھن ٿا ـ پنھنجي والد سيد امام علي شاھه جي اڀياس جي حوالي سان ھُو چوي ٿو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناھي ته قديم آثار بھراور نالي قلعي ۽ شھر جا ھئا باقي موجوده ڀريا شھر اصل ۾ ڀر واري ڳوٺ ڪوٽ بھادر ۾ ھو جتان جا ماڻھو بعد ۾ لڏي ھتي اچي آباد ٿيا ـ ھن ليک ۾ اڳتي ان وسنديءَ بابت ڪجھه وڌيڪ حوالا اچن ٿا ـ سِڪن جي حوالي سان بدر ابڙي صاحب جو خيال آھي ته ھر سِڪي جو وزن، ڊيگھ ويڪر جي ماپ ڪرڻ ۽ مٿن لکيل اکرن کي پڙھڻ کانپوءِ ڪنھن قسم جي راءِ ڏئي سگھجي ٿي، پر تصويرون ڏسڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته اھي مختلف دورن جا آھن جن ۾ عربن کان اڳ ۽ پوءِ وارو دور، سومرن ۽ سمن جو دور به شامل آھي ـ
ڀريا جي جاگرافيائي بيھڪ بابت زباني طور مختلف روايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ـ درياھه جي وھڪري مٽجڻ يا ٻوڏن اچڻ سبب ڀريا جا ماڻھو ھڪ ھنڌان لڏي ڀرپاسي ۾ ٻئي ڪنھن محفوظ ھنڌ تي آباد ٿيندا رھيا آھن ـ ڏھه پندرھن ورھيه اڳ ڀريا سٽيءَ جي وچ ۾ ٽائون ڪميٽيءَ ھڪ پارڪ تعمير ڪرائي اُتي ماربل جي ھڪ ٺُلھه تي شھر جي تاريخ لکرائي ھئي ـ انھيءَ مختصر تاريخ ۾ ڀريا جي پراڻي نالي جو ذڪر ھئڻ سان گڏ ڪجھ شخصيتن جا حوالا پڻ ڏنل آھن جن موجب ڪنھن زماني ۾ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ ڀريا جا ماڻھو ڀر واري ڳوٺ ”ڪوٽ بھادر“ ۾ وڃي آباد ٿيا ھئا ـ ”پير قربان علي، جيڪو ڪوٽ بھادر جو رھواسي ھو، ۽ 1955 ڌاري سندس ڄمار 110 ورھيه ھئي، تنھن جي حوالي سان ھڪ شخص پير رسول بخش قريشي ٻڌائي ٿو ته ”موجوده ڀريا شھر جي جاءِ تي اڳي ھڪ ڳوٺ ”ڪوٽ ڀِرايو“ ۽ انھيءَ جي ڀر ۾ ھڪ ٻيو ڳوٺ ”ڀُيا“ ھوندو ھو ـ جڏھن 1851 کان اڳ درياھه ۾ ٻوڏ سبب ڪوٽ بھادر به پاڻيءَ ھيٺ آيو ته اتان جا ماڻھو ڪوٽ ڀِرايو ۾ اچي ويٺا ۽ جڏھن ڪوٽ ڀِرايو ۽ ڳوٺ ڀُيا ٻوڏ ھيٺ آيا ته وري اتان جا رھواسي ڪوٽ بھادر لڏي ويا ـ ٻوڏ لھڻ کانپوءِ اھي ماڻھو وري موٽي آيا جن ۾ ھڪ مسلمان ”ڀِريو“ نالي سان ھو، جنھن جي نالي پٺيان ھيءُ شھر آباد ٿيو ـ ھتي اچي آباد ٿيندڙن ۾ سيد، ميمڻ، ڪنڀار، ڪوري ۽ وسطڙا ذاتين جا ماڻھو شامل ھئا ـ“ پٿر تي لکيل تاريخ موجب شڪارپور مان به واپار سانگي ڪي ڪٽنب ھتي اچي آباد ٿيا جن ھندو جاتي جي ماڻھن ”ڀيا“ جي پٺيان ھن شھر کي ڀريا سڏڻ شروع ڪيو ـ سندن ڪاروبار شڪارپور ۽ ڪراچيءَ رستي ٻين علائقن سان ھلندو ھو ـ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ ھن علائقي ۾ آيل ٻوڏن جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:”سن 1825 ڌاري درياھه جي اُٿل سبب ٺَٽِ، مٺياڻي، تڳڙ، ڪمالديروتعلقو ڪنڊيارو ۽ ٻيا ڪي درياھه جي ڀر وارا ڳوٺ ٻڏي ويا ھئا ـ درياھه جو پاسو ڇڏي، انھن ھنڌن جي زميندارن کي پنھنجي ٻنين کان پري رھڻ پسند نه آيو تنھنڪري وري ساڳئي ھنڌ اھي ڳوٺ نئين سِر ٻڌائون ـ سن 1857 ۽ 1858 ڌاري اھي سڀ ڳوٺ وري ٻيو ڀيرو ٻڏي ويا ـ“ ڀيرومل جي ان بيان ۾ ڀريا جو ذڪر ته ڪونھي پر ممڪن آھي ته 1825 واري ٻوڏ ۾ ڀريا به ٻوڏ ھيٺ آيو ھجي ـ آخوند گھراڻي جي بزرگن موجب ھڪ ڀيري ٻوڏ جو پاڻي ميمڻ پاڙي ۾ سندن گھرن تائين پھتو ھو، پر ڪھڙي سال، اھا خبر ناھي ـ
ڪن روايتن موجب ”ڀريو“ نالي شخص ھندو ھو ۽ ڪن موجب اھو مسلمان وسطڙو ھو پر انھيءَ جي ثابتيءَ جي حوالي سان ڪتابي تاريخن ۾ ڪوبه واضح ثبوت نٿو ملي ـ خُود پير قربان عليءَ جي حوالي سان به پير غلام رسول قريشيءَ جيڪو ڪجھه بيان ڪيو آھي، اھو به مستند نٿو لڳي، سواءِ انھيءَ جي ته ٻوڏن جي ڪري ڀريا جا ماڻھو ڪجھه وقت لاءِ ڪوٽ بھادر لڏي ويا ۽ اھو به ته ڀريا شھر اڳي ڪوٽ ڀرايو جي نالي سان به سڏبو ھو ـ اھو به صرف گمان ئي محسوس ٿئي ٿو ته ڪنھن ”ڀِريو وسطڙو“ نالي شخص ھيءُ شھر آباد ڪيو ڇو ته ڀريا ۾ وسطڙا ذات جي ڪنھن به ماڻھوءَ جي آباد ھجڻ جو ثبوت نٿو ملي ـ ڀرين جي آخوند گھراڻي جي ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ (مرحوم) موجب ڀرين جي اُتر اوڀر ۾ ميان عبدالحميد عرف پاڪ فقير واري قبرستان ۾ ”ڀِريو فقير“ نالي ھڪ قبر ھوندي ھئي ـ ٺاروشاھه جي استاد ۽ ليکڪ غلام قادر سومري (مرحوم) پرائمريءَ جي درسي ڪتاب ۾ ڇپيل سندس سبق ۾ لکيو آھي ته ڀِريو نالي شخص سيد ھو ـ
ڀريا ڄائي چرنداس ٺاڪرداس گرسھاڻيءَ 1927 ۾ ڪوڙو مل سنڌي ساھتيه منڊل حيدرآباد پاران ڀريا ۾ جنم وٺندڙ وڏي تعليمدان ديوان ڪوڙومل جي حياتيءَ تي ڇپرايل ھڪ ننڍڙي ڪتابڙي ۾ لکيو آھي ته ”ڀِريو وسطڙو ھڪ مسلمان ھو، جنھن اھو ڳوٺ ٻڌرايو ھو ـ ھن وقت جتي ھيءُ شھر آباد آھي تنھن جي اُتر ۾ ھالاڻيءَ (ھاڻي قومي شاھراھ تي ڀريا کانپوءِ ڪنڊيارو اچي ٿو ۽ پوءِ ھالاڻي شھر اچي ٿو) واري ٽپالي رستي لڳ اھو ننڍڙو ڳوٺ آباد ھو، جيڪو ھاڻي ڦٽي ويو آھي مگر ويرانو اڃان ظاھر بيٺو آھي ـ ھاڻوڪي ڳوٺ ٻڌئي به ڏيڍ سئو کان ٿورا ورھيه مٿي ٿيا آھن ـ“ پر خانائي صاحب ھن ڳالھه سان متفق ناھي ۽ لکي ٿو ته چرنداس جو بيان منجھائيندڙ آھي ۽ ڀريا نالي ڪنھن به شخص جو ھن ڦٽل ويراني سان تعلق ناھي ـ خانائي بھرحال مڃي ٿو ته موجوده ڀريا کي آباد ٿئي ٻه سئو کن ورھيه ٿي ويا آھن ـ
ڀيرومل مھرچند به پنھنجي مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”ڀريو“ نالي ھڪ مسلمان، ذات جو وسطڙو ھو، جنھن اھو شھر ٻڌايو ـ پر ڀريا جي بزرگ شخص حاجي بشير احمد ميمڻ، جنھن جو ذڪر مٿي ٿيل آھي، تنھن ان ڳالھه جي ترديد ڪئي ته وسطڙي ذات جي ڪنھن شخص ڀريا جو ڳوٺ آباد ڪيو ڇو ته ڀريا ۾ وسطڙا برادريءَ جو ڪوبه ماڻھو آباد ڪونه ھو البت وسطڙا برادريءَ جا ماڻھو نوشھري فيروز ۽ ٺاروشاھه وچ ۾ مَچُر ۽ ڀرين ڀرسان ڪجھه ٻين ڳوٺن ۾ آباد آھن ـ (سنڌ جي مشھور ڳائڻن عبدالقيوم وسطڙي ۽ انور حسين وسطڙي جو تعلق به مچُر سان آھي) ـ
مير علي شير قانع ٺٽويءَ”تحفته الڪرام“ ۾ سماٽ قومن جو ذڪر ڪندي ”ڀريا“ قوم جو اشارو ڏنو آھي ـ انھيءَ سلسلي ۾ مولائي شيدائيءَ پنھنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ لکيو آھي ته “پلي، پنھنجي قوم جو سردار ھو، جنھن جا ٻه پُٽ ھئا ـ ھڪ اوڍو، جنھن جو اولاد اُڍيجا، بھريا (ڀريا) ۽ ڪدريه پوٽا آھن، ۽ ٻيو ساند، جيڪو پنھنجي قوم جو سردار ھو ـ“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به چچنامي جي واڌاري ۾ گُمان ڏيکاريو آھي ته بھلاڻي ۽ ڀريا وارين بستين جا نالا ڀريا نالي قوم (ذات) پويان پيل ڏسجن ٿا، پر سندن اھو چوڻ به صرف گُمان ئي لڳي ٿو ڇو ته ڀريا توڙي ڀرپاسي ۾ ڪٿي به ڀريا ذات جو ڪو ماڻھو ڪڏھن به آباد ڪونه ٻُڌو ويو ـ ھن وقت سنڌ ۾ ڀريا ذات واري ڪا برادري موجود آھي يا نه، انھيءَ لاءِ ڪجھ تحقيق جي ضرورت آھي، پر آر ھِيوز ٿامس R. Hughes Thomas جي 1855 ۾ مُرتب ڪيل ڪتاب Memoirs on Sindh (Selections from the records of Bombay Government) ۾ سنڌ جي آباديءَ جي حوالي سان شامل ڪيل ليفٽيننٽ آر ايف برٽن جي نوٽس ۾ سنڌين جون جيڪي ذاتيون ڄاڻايون ويون آھن، انھن ۾ ”ڀِريو“ ذات شامل آھي ـ اھڙي طرح انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ (موجوده جيڪب آباد ضلعو) جي ڊپٽي ڪليڪٽر شيخ صادق عليءَ 1901 ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ”شارٽ اسڪيچ آف دي مسلمان ريسز فائونڊ اِن سنڌ، بلوچستان اينڊ افغانستان“ ۾ به سنڌ اندر ”ڀريو“ ذات ھجڻ جو ذڪر ڪيو آھي ـ
سيوھڻ جي ھڪ محقق محترم خيرمحمد ٻرڙي سيوھاڻي، جنھن جو سرڪاري نوڪريءَ سانگي ڪافي ورھيه نوشھري ۾ رھڻ ٿيو، جو چوڻ آھي ته ”ڀريا، ھالاڻي ۽ بھلاڻي محمد بن قاسم کان به اڳ جون بستيون آھن ـ“ ٻرڙي صاحب لکيو آھي ته ”ان دور ۾ ساھتيءَ واري خطي ۾ ميربحرن _ ”ملاح“ مان ھڪ ڪيڙ جو نالو ”ڀريا“ ھو ـ اھڙي طرح سما قوم (ھُوذات يا برادريءَ کي قوم لکي ٿو) مان ھڪ شخص جو نالو ڏھر بن جوجو ھو جنھن جي ھڪ پُٽ جو نالو پڻ ”ڀريو“ ھو ـ ان جي اولاد پاڻ کي ساھتيءَ اندر ”ڀريا“ سڏايو ھو ـ محمد بن قاسم جي دور ۾ راجا موڙا سنگھ راٺوڙ دين اسلام قبول ڪيو ھو جنھن کي محمد بن قاسم سنڌ جو ڳچ حصو حڪومت ھلائڻ لاءِ ڏنو ھو ـ موڙا سنگھ مذڪوره حڪومت پنھنجي پٽن سھتو، شورو، مڱڻو، ڌارو، ڪوئنرو ۽ راھوءَ کي ورھائي ڏني ۽ اُڄڻ فقيري قبول ڪئي ـ ان دور ۾ شورن مان به ھڪ شخص جو نالو ”ڀريو“ ھو ـ انھن سڀني ڀرين جو واسطو ساھتي پرڳڻي سان ھو پر قوي امڪان آھي ته ڀريا شھر جا اڏيندڙ ميربحر _ ملاح ئي ھئا ـ“ ٻُرڙي صاحب وڏي محنت سان تيار ڪيل پنھنجي ئي ھڪ ڪتاب ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ لکيو آھي ته ”ڀرڻا پوٽا“ (ڀريا پوٽا) متعلوي سيدن مان سيد مرتضى عرف ڀرئه جو اولاد آھن ۽ چيو وڃي ٿو ته ڀريا شھر انھن جو ئي اڏيل آھي ۽ اتي ئي رھن ٿا ـ ساڳئي ئي ڪتاب ۾ ٻُرڙو صاحب لکي ٿو ته ڀريا ”ڏھر بن جوجو“ جو اولاد آھن ۽ سمن جي ھڪ پاڙي جو نالو پڻ ”ڀريا“ آھي ـ سندس خيال آھي ته ڀريا ۽ ڀريالو ڳوٺن جا نالا انھيءَ نسبت سان آھن ـ ھُو وڌيڪ لکي ٿو ته شورا قبيلي جي مُنا پاڙي مان ھڪ شاخ جو نالو پڻ ”ڀريا“ آھي ـ
مٿي جنھن ڍنڍ جو ورجائي ذڪر ٿيل آھي، خانائي صاحب جو خيال آھي ته جيئن ته انھيءَ ڍنڍ جا آثار اروڙ جي ڀرسان نٿا ملن تنھنڪري موجوده ڀريا شھر جي ڀرسان اھا ڍنڍ ٿي سگھي ٿي جتي 20 کان 25 ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ چئن کان پنجن فُٽن تائين زمين ڀر واري زمين کان ھيٺانھينءَ تي آھي ـ ھن خيال ڏيکاريو آھي ته اھا اونھائي اڳي وڌيڪ ھوندي پر ڏکڻ ۾ امام علي واھه جو پاڻي پوڻ ۽ اُتر ۾ ھمبر واھه جي ڀڄي پوڻ سان واري ۽ لٽُ پوڻ سبب ان جي اونھائي سوين سالن جي عرصي ۾ گھٽجي وئي آھي ـ مذڪوره واھه بعد ۾ اولھه کان وھندڙ سنڌو درياھه مان چاڙھه وقت وھندا ھئا ـ سيد احتشام علي شاھه جي چوڻ موجب سيد امام علي شاھه اول انگريزن جي راڄ کان به گھڻو اڳ سندن ھڪ بزرگ ھو، جنھن جون ھزارين ايڪڙ ٻنيون ھيون ۽ امام علي واھه به سندس نالي سان منسوب ھو ـ نوشھري ضلعي جي روينيو رڪارڊ ۾ ان جو ذڪر به آھي ـ
ڀريا جي جنھن ڍنڍ جو ذڪر خانائي صاحب ڪري ٿو، ممڪن آھي ته اھا ئي ھجي جيڪا موجوده وقت شھر کي اولھه ۽ اُتر کان گھيرو ڪيو بيٺي آھي ـ وڏڙن کان ٻُڌل ڳالھين ۽ حاجي بشير ميمڻ موجب ستر ورھيه اڳ تائين اھا کڏ سُڪل ھئي جنھن کي ڀريا توڙي ڀرپاسي جي شھرن جا شاگرد ڪرڪيٽ گرائونڊ طور استعمال ڪندا ھئا ـ ”اسان پاڻ ننڍي ھوندي ان گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ راند کيڏي ـ نوشھري تعلقي جي ٻين ساھتي اسڪولن جا شاگرد به مئچون کيڏڻ ھتي ايندا ھئا،“ ھن ٻڌايو ۽ چيو ته بعد ۾ ٻوڏ جو پاڻي اچڻ سبب اھا ڀرجي وئي ۽ اڳتي ھلي اھا سِم جي پاڻيءَ جي کڏ ٿي وئي ۽ گذريل ڪجھه ڏھاڪن کان شھر جي گندي پاڻيءَ جو نيڪال به انھيءَ ۾ ٿي رھيو آھي ـ
حقيقت ھيءَ آھي ته تاريخ جي انھن ڪتابن ۾ ڄاڻايل علائقن ۽ واقعن ۾ تضاد سبب صرف گمان ئي ڪري سگھجن ٿا ۽ انھيءَ ڪري ئي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به فتحنامي ۾ شامل ڪيل تحقيق جي آخر ۾ ھي لفظ چئي ھٿ ڪڍيا ته ”وڌيڪ خبر خدا کي ـ“
تاريخ جي ڪتابن ۾ ڀريا جو ھڪ ٻيو نالو به آڏو اچي ٿو ـ جيئن چچ نامي ۾ بھراور نالي وسنديءَ جو ذڪر ملي ٿو، تيئن انگريز ليکڪ ائڊرين ڊئارٽ Adrian Duarte پنھنجي ڪتاب ھسٽري آف برٽش رليشنز وِٿ سِند A History of British Relations With Sind 1613-1843 ۾ بھرالا نالي وسنديءَ جو ذڪر ڪيو آھي ـ پنھنجي تحقيقي ڪتاب ۾ ھُو لکي ٿو : ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1641 ۾ احمد آباد مان پنھنجي آفيسر جان اسپائلر John Spiller کي ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺيءَ جو انچارج ڪري موڪليو، جيڪو 1652 تائين اُتي رھيو ـ ھن 1645 جي برساتن واري مُند اُتر سنڌ ۾ گذاري ته جيئن ڪپڙي ۽ نير جو گھربل مقدار خريد ڪري سگھي ـ ڪپڙي جي حوالي سان ھن ڪنڊياري ۽ درٻيلي مان بھترين معيار جي ڪپڙي جا ڏھه ھزار ٽُڪر (ھڪ ٽُڪر 20 والن جو) حاصل ڪري ورتا ـ بوبڪن جو ڪپڙو گھڻو سُٺو ڪونه ھو پر وري به نصرپور کان سُٺو ھو جنھنڪري ھن ايندڙ مُند کان نصرپور جي ڪپڙي جي خريداري بند ڪرڻ جو سوچيو ـ ڪپڙي رڱڻ لاءِ نِير خريد ڪرڻ جي حوالي سان ھُو پريشان ھو ڇو ته آبادگار غريب ھجڻ ڪري نِير جي پوک لاءِ خرچ برداشت نٿي ڪري سگھيا، پر سندس مسئلو درٻيلي ويجھو بَھرالا مان ايندڙ نِير حل ڪري وڌو ـ“
ائڊرين ڊئارٽ لکي ٿو ته اُتر سنڌ ۾ درياھه جي ڪناري وارن شھرن بکر، گمبٽ، ڪنڊيارو ۽ درٻيلو۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا خريداري مرڪز قائم ھئا ـ ”وچولو يا سنڌ جي وچ وارو علائقو جنھن ۾ سيوھڻ، بُوبڪ، بَھِرالا ۽ سَن اچي ٿي ويا، نِير جا اھم مرڪز ھئا ۽ انھن مان ھر مرڪز تي ڪمپنيءَ جو ايجنٽ مقرر ھو ـ“ سندس انھن تاريخي حوالن مان اندازوٿئي ٿو ته موجوده شھر ڀريا سترھين صديءَ ۾ به وجود رکندڙ ھو ۽ ان وقت اھو بَھِرالا جي نالي سان سڏيو ويندو ھو ـ انگريز ليکڪ بَھِرالا جي حوالي سان لکيو آھي ته اھو درٻيلي جي ويجھو ھو، جنھن سان پڻ اھو يقين ٿئي ٿو ڇو ته درٻيلو، جنھن کي ڊڀريو به چيو ويندو آھي، ھڪ تاريخي شھر آھي ۽ ڀريا جي ويجھو ئي آھي ـ اَي ڊبليو ھِيوز به پنھنجي 1876 ۾ ڇپيل سنڌ گزيٽيئر ۾ ھن خطي ۾ ٿيندڙ ڪاروبار جو حوالو ڏيندي لکيو آھي ته ڀريا جي ڀرسان ڪوٽ بھادر ۾ لوڻ جو وڏو مرڪز ھو جتان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا گماشتا لوڻ خريد ڪندا ھئا ـ
ائڊرين ڊئارٽ جنھن دور جو ذڪر ڪيو آھي، اھو سنڌ تي ڪلھوڙن جي حڪمرانيءَ کان به اڳ جو زمانو ھو ـ سن 1701 ۾ سنڌ تي ڪلھوڙن جو راڄ شروع ٿيو جنھن کانپوءِ 1783 کان ٽالپرن جو راڄ آيو ۽ 1843 ۾ سنڌ کي فتح ڪرڻ تائين انگريزسنڌ جي مختلف شھرن مان ڪپڙو، نير ۽ ٻيو مال خريد ڪندا رھيا ـ انھيءَ مان ظاھر ٿئي ٿو ته ان عرصي ۾ ڀريا شھر اوج تي ھو ـ خانائي صاحب جو به اھو ئي خيال آھي ته ڀريا جو موجوده شھر ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌو درياھه جي ٻوڏ سبب تباھه ٿيڻ کان پوءِ وري آباد ٿيو جنھن کي اوج نصيب ٿيو ـ اھو شھر سموري ساھتي پرڳڻي ۾ ھر لحاظ کان مشھور ٿيو ۽ ھتي ھندو، لُھاڻا، ڀائيبند، عامل ۽ مسلمان برادريون اچي آباد ٿيون ـ ڀريا جو اھو اوج ڪلھوڙن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٽالپرن جي زماني ۾ به قائم رھيو ـ
ھڪ ٻئي انگريز ليکڪ جيمس مِڪمرڊو James McMurDo پنھنجي ڪتاب”مِڪمرڊوز اڪائونٽ آف سنڌ (اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس 2007) McMurdo’s Account of Sind ۾ ھڪ ھنڌ ڪنڊيارو ۽ بھلاڻيءَ جو ذڪر ڪيو آھي پر ٻئي ھنڌ ”ڀِرالوُ“ نالي شھر جي ڳالھه ڪندي ان کي بکر جي پسگردائيءَ ۾ ڄاڻايو آھي، جيڪو پڪ سان ڀريا شھر نه پر پريالوءِ ھوندو، ڇو ته انگريز ليکڪ سنڌ جي شھرن ۽ ماڻھن جا نالا مشڪل سان ئي اُچاري سگھندا آھن ـ
تاريخ جي مٿين حوالن سان ٿيل بحث کانپوءِ اھي سوال پنھنجي جاءِ تي موجود رھن ٿا ته ڀريا جو موجوده شھر ڪنھن ٻڌايوـ ان تي ڀلي ڪير متفق نه ٿئي پر پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اھو شھر بَھراوَر ۽ بَھرالا جي نالن سان قديم زماني کان موجوده علائقي ۾ ھنڌ مٽائيندو قائم رھندو آيو آھي ـ جيڪڏھن مٿي ڄاڻايل انگريزن جي تاريخ کي ڏسجي ته سترھين صديءَ جي وچ ڌاري به اھو شھر بَھرالا جي نالي سان موجود ھو ـ انھيءَ جو مطلب ته ھن وسنديءَ تي ڀريا جو نالو ان کانپوءِ پيو ھوندو جڏھن اھو ٻوڏن جي نتيجي ۾ ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ منتقل ٿيندو نيٺ موجوده ھنڌ قائم ٿيو جنھن لاءِ اندازو آھي ته اھو سترھين صديءَ جي آخر ۾ يا ارڙھين صديءَ ۾ ٿيو ھوندو ـ ڀيرومل مھرچند به ورھاڱي کان اڳ ان لاءِ لکي ٿو ته ھاڻوڪي شھر ٻڌئي ڏيڍ سئو کن ورھيه ٿيا آھن پر اندازو آھي ته موجوده ڀريا شھر اڍائي سئو کن ورھيه پراڻو آھي ـ
خاصخيلي جمال الدين مومن پنھنجي ڪتاب ”ساھتيءَ جا سرواڻ“ ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل بابت 1927 ۾ ڇپيل ھڪ ڪتاب مان کنيل مضمون شائع ڪيو آھي جنھن ۾ مضمون جي ليکڪ (نالو ڏنل ڪونھي) لکيو آھي ته ”چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھڪ مسلمان ذات جو وسطڙو، جنھن جو نالو ڀِريو ھو، تنھن اھو ڳوٺ ٻڌايو ھو ـ جتي اھو ڳوٺ ٻڌل آھي ان جي اُتر طرف ھالاڻيءَ واري رستي سان اڳي اھو ننڍڙو ڳوٺ ھو، جو ھاڻي ڦٽي ويو آھي پر ويرانو اڃان ظاھر بيٺو آھي ـ ھاڻوڪو شھر 1775 ڌاري وجود ۾ آيو ـ“
اُڻويھين صديءَ جي ٻئي اڌ ڌاري انگريزن جي تيار ڪيل گزيٽيئرن ۾ به ھن شھر جو نالو ”ڀِريا“ ڄاڻايل آھي پر جنھن ۾ ڪنھن به وسطڙي جو ذڪر ڪونھي ـ امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا (جِلد ٻيو صفحو 98) جيڪو 1881 ۾ ڇپيو، تنھن ۾ لکيل آھي ته ڀريا، حيدرآباد ضلعي ۾ ميونسپل ٽائون آھي ۽ اھو زرعي علائقو آھي، جنھن ۾ 1488 سِک، 135 ھندو (لُھاڻا) ۽ 926 مسلمان (سيد ۽ ميمڻ) رھن ٿا ـ
اھڙي طرح 1876 ۾ ڇپيل (ٻيو ايڊيشن) اَي ڊبليو ھيوز A. W. Hughes جي گزيٽيئر A Gazetteer of Sindh Province ۾ لکيل آھي ته 1852 ۾ ڀريا جي ڪُل آبادي 2798 ھئي ۽ شھر ۾ 231 گھر ۽ 100 دُڪان ھئا ـ ھيءُ شھر واپاري منڊي ھو جتي کاڌي جو تيل تيار ٿيندو ھو (ڀريا ۾ گھاڻن ذريعي تيل ڪڍيو ويندو ھو ـ اتي ڏاندن ذريعي گھاڻا ھلائي سرنھن ۽ ڄانڀي جو تيل ڪڍبو ھو ـ اھڙا گھاڻا 1960 واري ڏھاڪي ۾ به ھئا) ـ ان کانسواءِ وڏي مقدار ۾ اناج جي اُپت ٿيندي ھئي، جيڪا سنڌوءَ رستي ٻين علائقن ڏانھن موڪلي ويندي ھئي ـ گزيٽيئر موجب 1873-74 ۾ ڀريا شھر جي ميونسپل آمدني 182 پائونڊ اسٽرلنگ ھئي ـ سال 1876 ۾ نوشھرو فيروز کي سب ڊويزن (تعلقي) جي حيثيت مليل ھئي جنھن ۾ ڀريا، نوشھري جو ھڪ تپو ھو ـ نوشھري تعلقي ۾ 10 تپا ھئا جن ۾ سڪرنڊ، مورو ۽ ڪنڊيارو به شامل ھئا ـ ساڳئي گزيٽيئر جي ڊجٽل ڪاپيءَ ۾، جيڪو آن لائين موجود آھي، لکيو ويو آھي ته ڀريا، نوشھري واري ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو ھڪ گورنمينٽ ٽائون آھي، جيڪو حيدرآباد کان روھڙي ويندڙ روڊ تي آھي ـ ھن گزيٽيئر ۾ ڪنڊياري ۽ ھالاڻيءَ کي خيرپور جي علائقي ۾ ڏيکاريل آھي ـ ڀريا بابت لکيل آھي ته نوشھري کان ٺاروشاھه ويندڙ پوسٽل روڊ به انھيءَ جي ڀرسان لنگھي ٿو ۽ ھتي تپيدار جو ديرو ۽ پوليس لائين به آھي جتي چار پوليس وارا مقرر آھن ـ ڀريا ۾ ورناڪيولر اسڪول، مارڪيٽ ۽ ڌرمشالو به آھي ـ ھتي 1861 ۾ ميونسپلٽي قائم ٿي ۽ 1873-74 ۾ جنھن جي آمدني 1825 رُپيا ۽ خرچ 1707 رُپيا ھو ـ
انگريز جنرل سر چارلس نيپيئر 1843 ۾ جڏھن سنڌ تي مڪمل قبضو ڪيو تڏھن به ڀريا جو ساڳيو نالو ھو ـ انھيءَ جي ثابتي اسماعيلي برادريءَ جي ويب سائيٽ تي ڄاڻايل تاريخ مان ملي ٿي جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ”9 آگسٽ 1842 تي ڪنڌار مان برطانوي فوجون ڪوئٽا ڏانھن روانيون ٿيون ته آغا خان اول ڇھن ھفتن لاءِ ڪنڌار ۾ ئي سردار شيردل خان وٽ رھي پيو ـ انگريز آفيسر رالنسن Rawlinson کي جيئن ته ساڻس ھمدردي ھئي، تنھنڪري ھن آغا خان کي انڊيا وڃڻ جي صلاح ڏني جنھن بعد ھو 5 آڪٽوبر 1842 تي ڪوئٽا پھتو ۽ پوءِ مھيني کان وڌيڪ عرصو خان آف قلات مير شاھنواز وٽ ترسيو ـ ڪوئٽا مان روانگيءَ وقت انگريز آفيسر مئڪناٽن Mac Naghten کيس سر چارلس نيپئر لاءِ ھڪ سفارشي خط ڏنو ـ چارلس نيپئر ان وقت سنڌ ۾ ھو جنھن کي لارڊ ايلنبرو آگسٽ 1842 ۾ سمورا سياسي ۽ فوجي اختيار ڏئي موڪليو ھو ـ نومبر 1842 جي آخر ڌاري آغا خان سکر پھتو ۽ چارلس نيپئر سان مليو ـ آغا خان پنھنجي سٺ گھوڙيسوارن سميت جنوري 1843 ۾ چارلس نيپئر سان گڏ ڀريا ۾ برطانوي ڪئمپ ۾ ويو جتان پوءِ ساڻس حيدرآباد ڏانھن روانو ٿيو جتي مياڻي ۽ دُٻي وارين جنگين ۾ حصو ورتائين ـ“ (چارلس نيپئر ڀريا ۾ جنھن ھنڌ پڙاءُ ڪيو، اھو اڄ به منزل گاھه جي نالي سان مشھور آھي ـ منزل گاھه جو علائقو ڀريا جي تاريخي ڪي سي اڪئڊمي ھاءِ اسڪول واري عمارت جي پٺيان آھي جتي ھاڻ وڏي رھائشي آبادي آھي ) ـ
ڊاڪٽر ائڊرين ڊئارٽ پڻ پنھنجي ڪتاب A History Of British Relations With Sind – 1613-1843 ۾ لکي ٿو ته چارلس نيپئر 30 جنوري 1843 تي جڏھن ڳوٺ ڀريا وٽان لنگھيو پئي ته مير نصير خان، مير محمد ۽ شھداد جي موڪليل ٽن اعلى عھدن وارن ايلچين ساڻس ملاقات ڪئي ـ ميرن جا ٽئي وڪيل نيپئر جي پٺيان سندس ڪئمپ تائين آيا ـ نيپئر کين ھدايت ڪئي ته ھُو ميرن کي معاھدا قبول ڪرڻ لاءِ راضي ڪن جنھن کانپوءِ ميجر آئوٽرام 6 فبروريءَ تي حيدرآباد ۾ ميرن سان ملي قطعي منظوري حاصل ڪندو ـ نيپئر ميرن جي وڪيلن تي واضح ڪيو ته ھُو 6 فبروريءَ تائين نوشھري فيروز ۾ پنھنجي ايندڙ ڪئمپ تي ترسندو ۽ جيڪڏھن شرطن موجب جواب نه مليو ته خيرپور وارن ميرن ۽ حيدرآباد وارن ميرن جي سرحد ٽِپي اڳتي وڌندو (حيدرآباد وارن ميرن جي حد نوشھري فيروز کانپوءِ شروع ٿيندي ھئي) ـ ايئن چارلس نيپئر چوٿينءَ کان ڇھين فبروريءَ تائين نوشھري فيروز واري ڪئمپ ۾ ترسيو ـ (ڊاڪٽر ائڊرين ڊارٽ کي 1945 ۾ سنڌ حڪومت ذميواري ڏني ھئي ته راجڪوٽ ريزيڊنسي رڪارڊ آفيس مان سنڌ متعلق دستاويز گڏ ڪري ـ ھُو 1943 کان 1945 تائين ملٽري ٽريننگ سينٽرن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندو رھيو ۽ 1944 کان 1947 تائين ھسٽاريڪل رڪارڊس ڪميشن توڙي انڊين ھسٽري ڪانگريس ۾ به سنڌ جو نمائندو رھيو ـ سال 1954 ۾ کيس انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان جو ميمبر پڻ مقرر ڪيو ويو ھو ـ ھيءُ انگريز آفيسر گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسيپال به رھي چُڪو) ـ
ھڪ ٻئي انگريز ليکڪ اليگزينڊر اِنَيس شاند Alexander Innes Shand پنھنجي ڪتاب جنرل جان جيڪب General John Jacob – Commander of the Sind Irregular Horse and Founder of Jacobabad (سِيلي اينڊ ڪو لميٽيڊ، لنڊن 1901) ۾ پڻ اھڙو ذڪر ڪيو آھي ـ ڪتاب موجب ”نيپئر 30 جنوري 1843 تي جنرل جان جيڪب کي خط لکيو ته ميرن جا وڪيل آيا آھن ۽ مون کين راضپو ڏنو آھي ته پنجين فبروريءَ تائين نوشھري فيروز ۾ ترسندس ۽ جيڪڏھن ميرن اطاعت قبول نه ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ آئوٽرام سان نه مليا ته مان ميرن کي دشمن قرار ڏئي اڳتي مارچ ڪندس ـ“ ڪتاب موجب نيپئر چوٿين فبروريءَ تي نوشھري فيروز مان وري ھڪ خط جنرل جان جيڪب کي لکيو ۽ کيس مير رُستم ڏانھن ويندڙ 1500 گھوڙيسوارن جي خطري کان آگاھه ڪندي ٻڌايو ته ھُو پاڻ ڇھين فبروريءَ کان اڳ اڳتي نه وڌندو ـ
مستند تاريخي دستاويز دستياب نه ھجڻ جي ڪري تاريخدان به مونجھاري جو شڪار رھن ٿا ۽ صرف گمان ئي ڪري سگھن ٿا ـ سنڌ جي تاريخ، حڪومتي ڪار وھنوار، روينيو رڪارڊ جيڪو فارسيءَ ۾ ٽالپرن جي دور تائين لکيل ھو، اھو انگريزن تباھه ڪري ڇڏيو نه ته شايد اڄ اسان وٽ تاريخ جو وڏو مواد موجود ھجي ھا ـ ھڪ محقق مئٿيو اَي ڪُڪ Matthew A. Cook پنھنجي ھڪ مقالي اِيسٽ انڊيا ڪمپني اينڊ دي گروٿ آف سنڌي ملٽي نيشنل ٽريڊ East India Company and the growth of Sindhi multinational trade ۾ لکيو آھي ته”برٽش سرڪار 1850 ۾ فيصلو ڪيو ھو ته فارسيءَ ۾ لکيل سمورو سرڪاري رڪارڊ تلف ڪري ڇڏجي ڇو ته اھو فارسيءَ ۾ ھجڻ ڪري سندن ڪم جو نه ھوـ“
مٿي بحث ھيٺ آندل سمورين ڳالھين مان ھيٺيان نقطا وڌيڪ واضح ٿي آڏو اچن ٿا:
• ھن خطي ۾ منظم انساني وسنديون عربن کان به صديون اڳ موجود ھيون ـ
• ھٿ آيل قديم سِڪا ثابت ڪن ٿا ته عربن جي ڪاھه کان به اڳ (بھراور يا بھرووَر جي نالي سان) شھر آباد ھو ـ
• عربن جي ڪاھه وقت به اھو شھر آباد ھو ۽ ھتي قلعو موجود ھو جنھن ۾ سورھن ھزار سنڌي سپاھي موجود ھئا ـ
• جڏھن انگريز واپاري 1641 ۾ ھن خطي ۾ آيا ته انھيءَ وسنديءَ جو نالو بھرالا ھو ـ
• درياھه جي وھڪري مٽجڻ ۽ ٻوڏن جي ڪري قديم وسندي متاثر ٿيندي رھي آھي ـ
• ھاڻوڪو ڀريا شھر 1775 ڌاري ٻڌو ويو، پر ان کان اڳ ھتي جا رھواسي به ٻوڏن اچڻ سبب ٻين ھنڌن ڏانھن لڏيندا ۽ موٽندا رھيا ـ
• ھاڻوڪي ڀريا شھر جي اُتر اوڀر ۾ پراڻن آثارن ۽ پراڻي ھالاڻي واري رستي لڳ پاڪ فقير جي درگاھه جي ڪُتبي تي ميان عبدالحميد عرف پاڪ فقير جي وفات جي تاريخ 1117 ھجري لکيل آھي جنھن جو مطلب ته سندن وفات ۽ ان ھنڌ تدفين کي 323 ورھيه ٿي چُڪا آھن ـ ھاڻوڪو شھر سندن وفات کان ڪافي ورھيه (ذري گھٽ 40 ورھيه) پوءِ جو ٻڌل چيو وڃي ٿو، جنھن سان نئين شھر جي قائم ٿيڻ جو عرصو 283 ورھيه نڪري ٿو ـ ھاڻوڪي شھر لاءِ ڪتابن ۾ ڄاڻايل سن 1775 مطابق به ان نئين شھر ٻڌئي 244 ورھيه ٿي ويا آھن ـ
• سنڌ ۾ اڳي ڀريا ذات جي موجودگيءَ باوجود وڌيڪ امڪان آھي ته ھاڻوڪي شھر جو نالو پاڪ فقير واري قبرستان ۾ دفن ڀِرئي فقير جي نالي پٺيان رکيل ھجي ـ اھو به امڪان آھي ته اھو ڀريو فقير، جيئن مٿي ٻڌايل آھي ته سيد ھو، متعلوي سيدن (موجوده سيد گھراڻي) جو بزرگ سيد مرتضى عرف ڀرئه ھجي ۽ ھيءُ شھر سندس نالي پٺيان ڪوٽ ڀريو ۽ پوءِ ڀريا ٿي ويو ھجي ـ پر سيد احتشام علي شاھه موجب سندن سيد گھراڻي جو قبرستان ”شاھه ستار“ جي نالي سان الڳ آھي ۽ ڀِريو فقير جو سندن خاندان سان تعلق ڪونھي ـ