تاريخي ڊراما ھال
تاريخي ڊراما ھال ڀرين جي ھڪ ديوان ڏامومل ٽيڪچند سن 1932 يا 1933 ڌاري تعمير ڪرايو ھو ـ چيو وڃي ٿو ته اھو ھن پنھنجي پتنيءَ جي ياد ۾ اڏرايو ھو جتي نه رُڳو ناٽڪ پيش ڪيا ويندا ھئا پر راڳ رنگ جون محفلون به ڪوٺايون وينديون ھيون ته ڪوڙومل چندن مل (ڪَي سِي) اڪئڊميءَ جي شاگردن کان امتحان به اُتي ئي ورتا ويندا ھئا ـ
ڊراما ھال ميمڻ پاڙي ۾ ٺاروشاھه ويندڙ دڳ تي ڪي سي اڪئڊميءَ جي اوڀر ۾ حاجي نيڪ محمد ميمڻ جي اوطاق کانپوءِ لڳولڳ ھوندو ھو ـ انھيءَ اوطاق ۽ لونگ شاھه جي قبرستان وچ ۾ وسيع ايراضيءَ تي ٺھيل چوديواريءَ اندر ڊراما ھال جي شاھي قسم جي خوبصورت عمارت ھوندي ھئي ـ چوديواريءَ ۾ اُتر واري پاسي دڳ تي کُلندڙ وڏي لوھي گيٽ ھوندي ھئي ۽ ڏکڻ ۾ ديوار جي ٻيءَ ڀر ھڪ قديم سُڪل واھه جا آثار ۽ ان کانپوءِ ٿورو ميدان ۽ ميمڻ پاڙي وارن جو قبرستان ھوندو ھو ـ (ھاڻي اھو ميدان به قبرستان ۾ بدلجي چُڪو آھي) ـ چوديواريءَ اندر عمارت جي چوڌاري کُليل زمين کانپوءِ ھال جي ٽن پاسن کان ورانڊو ھوندو ھو ـ ورانڊي جي ويڪر ڇھه فُٽ ۽ ڊيگھ اسي فُٽ کن ھوندي ھئي ـ ھال ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اُتر پاسي ٽي در ۽ ڏکڻ پاسي به ٽي در ھوندا ھئا ـ اوڀر پاسي ورانڊي مان به ھڪ در ھو جيڪو ھال جي اسٽيج جي پٺيان واقع ميڪ اپ روم ۾ کُلندو ھو ـ ھال جي اُتر ۽ ڏکڻ پاسي ٽن ٽن فُٽن جي وٿيءَ تي ويڪريون دريون ھونديون ھيون جنھنڪري ھال ھوادار ھوندو ھو پر انھيءَ جي باوجود ھال جي ڇت ۾ وڏيون جھليون لڳل ھونديون ھيون، جن کي گرميءَ جي مُند ۾ ڪنھن پروگرام دوران ملازم جُھولائيندا رھندا ھئا ـ اسٽيج جي سامھون خاص مھمانن لاءِ صوفه سيٽ، ٽيبلون ۽ ڪرسيون رکڻ جي اٽڪل چوويھه فُٽ جاءِ ڇڏي سئنيما ھال وانگر وڏيون ڪاٺ جون بئنچون (ڊيسڪون) لڳل ھونديون ھيون جيڪي پوئتي مٿانھينءَ ڏانھن وينديون ھيون ته جيئن پويان ويٺلن کي اسٽيج تي ٿيندڙ پروگرام نظر اچي سگھي ـ بئنچن جي ٻنھي پاسي مٿي تائين ڏاڪا ٺھيل ھوندا ھئا ۽ ڏاڪن جي ڇيڙن تي اولھه پاسي کان به ٻه در کُلندا ھئا ـ سموري ورانڊي، ميڪ اپ روم ۽ ھال ۾ ھالا ٽائلون لڳل ھونديون ۽ عمارت ۾ اھڙو قيمتي ڪاٺ استعمال ٿيل ھو جنھن کي ڪڏھن به ڪا اُڏھي ڪانه لڳي ـ جيئن ته ھال ۾ امتحان به ٿيندا ھئا، تنھنڪري ڊيسڪُن ۾ ٿوري ٿوري وٿيءَ تي مس ڪُپڙي رکڻ جا ٽُنگڙا ٺھيل ھوندا ھئا ـ
اسٽيج تي ھر قسم جو منظر پيش ڪرڻ لاءِ سلائيڊنگ پردا لڳل ھوندا ھئا ـ آسمان مان ڪنھن جو لھڻ، زمين ڦاٽڻ، جيل جو منظر يا ناٽڪ جي ڪھاڻيءَ جي حساب سان اھڙي ڪنھن به منظر مطابق انتظام ٿيل ھوندو ھو ـ ڊراما ھال جي ورانڊن ۾ اسڪول جي مختلف دورن ۾ ھيڊ ماستر طور خدمتون انجام ڏيندڙ استادن جون قدآدم فريم ٿيل تصويرون لڳل ھونديون ھيون ـ بزرگ استاد سيد فتح علي شاھه، جنھن اسڪول ۾ شاگرديءَ واري زماني ۾ ھتي ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي، اسٽيج جو منظر ھن ريت چِٽيو آھي:
”اسٽيج تي ٻنھي پاسي ھڪ نچڻيءَ جو ھڪ جھڙو خوبصورت چتر لڳل ھوندو ھو ـ ھڪ پردو نھايت پُرڪشش رنگن سان ٺھيل ھو جنھن ۾ لھرون ھڻندڙ سمنڊ ۽ پري کان ٻيڙيءَ ۾ ايندڙ ماڻھو ڏيکاريل ھئا ـ جڏھن ھال ۾ درين مان ھوا جا جھوٽا ايندا ھئا يا جھليون جھولائڻ سان ھوا لڳندي ھئي ته پردو لُڏڻ لڳندو ھو ۽ سمنڊ جون لھرون جيئريون جاڳنديون محسوس ٿينديون ھيون ـ ڊرامو شروع ٿيڻ کان اڳ اھو پردو ھيٺ لٿل ھوندو ھو ۽ حاضرين سمنڊ جي لھرن ۾ ڄڻ ته گُم ھوندا ھئا ـ ٻيو پردو ڪنھن وڏي شھر جي فُٽپاٿ سميت رستي جو منظر ڏيکاريندڙ ھو جنھن ۾ رستي جي ٻنھي پاسن کان وڏيون عمارتون ڏسڻ ۾ اينديون ھيون ـ اھو پردو خاص طور ڊرامي جي ڪنھن اھڙي منظر پيش ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو ھو جنھن ۾ ڪي ڪردار رستي ويندي ملن ٿا يا ڪاليج مان موٽندڙ ھيرو ھيروئن جو حادثاتي طور ملڻ ٿئي ٿو ـ ٽيون پردو جھنگل جي منظر وارو ھو ۽ ڊرامي جي سين مطابق استعمال ٿيندو ھو ـ ھڪڙا پردا ھيٺ مٿي ڇڪبا ھئا جن لاءِ مستقل انتظام طور رسيون ۽ چڪريون لڳل ھونديون ھيون ـ مختلف منظرن جا ٻيا پردا سلائينڊنگ ھوندا ھئا ـ ڊرامي کي سين مطابق اسٽيج تي لاھڻ ڇڪڻ جي ڪم جو انچارج کاھي قاسم جو محمد سليمان ميمڻ ھوندو ھو ـ ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار اسٽيج جي پٺيان ميڪ اپ روم ۾ ويٺل ھوندا ھئا ـ“
ھن ڊراما ھال ۾ ورھاڱي کان اڳ ڪي سي اڪئڊميءَ جي انتظامي بورڊ پاران توڙي ٻين ناٽڪ منڊلين پاران جيڪي ڊراما پيش ٿيندا ھئا، سي گھڻو ڪري ھندو ڌرم جي حساب سان ھوندا ھئا ـ انھيءَ ڪري ڀرين جي چڱي مڙس ۽ سياستدان سيد نورمحمد شاھه اُتي مسلمانن لاءِ به ناٽڪن جو انتظام ڪندو ھو ـ ورھاڱي کان ڪجھه وقت اڳ ڊراما ھال ۾ اسٽيج ڪيل ھڪ ناٽڪ بابت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو عملدار حاجي بشير احمد ميمڻ ٻڌائي ٿو ته سندن سئوٽ نظام ميمڻ مرحوم پوليس واري جو ڪردار ۽ پاڙي جي ئي مرحوم يار محمد چور جو ڪردار ادا ڪيو ھو ـ ”مرحوم نظام وڏا ٽھڪ ڏئي ٻڌائيندو ھو ته مون يارمحمد کي ڊرامي ۾ سچ پچ ۾ سونٽيون وھايون ھيون جنھن تي ھن وڏيون دانھون ڪيون ھيون ـ“
ورھاڱي کانپوءِ جيئن ته ڪي سي اڪئڊمي توڙي ڊراما ھال جي عمارت سيد نور محمد شاھه سيٽلمينٽ کاتي کان نيلام ۾ خريد ڪري ورتي ھئي، تنھنڪري ھن وري ھڪ انتظامي بورڊ جوڙي اسڪول ھلائڻ شروع ڪيو جنھن جون ذميواريون شھر جي آخوند گھراڻي کي ڏنيون ويون ـ (ان جا تفصيل ھن ليک ۾ اڳتي توڙي الڳ باب ۾ به ڏنل آھن) ـ
ڪي سي اڪئڊميءَ جي مالي سھائتا جي لاءِ آخوند قادربخش ايڊووڪيٽ ۽ سندن ڀاءُ آخوند جميل احمد اسٽيج ڊاراما ڪرائيندا ھئا ـ ٻنھي ڄڻن جو ان اسڪول سان روحاني رشتو ھيو جتي نه رُڳو اھي پاڻ پڙھيا پر 1947 ۾ ھندستان جي ورھاڱي ٿيڻ تي ھيڊ ماستر طور اسڪول ھلائڻ جون ذميواريون به مٿن آيون ـ آخوند قادربخش ڊراما پاڻ لکندو ھو ـ سندس ھٿ اکرين لکيل انھن ڊرامن جا مُسودا، شھر شھر ۽ پاڙي پاڙي لڏپلاڻ سبب زبون حالت ۾ ئي سھي، پر اڄ به محفوظ آھن ـ ھن اھي ڊراما 1949 کان 1963 تائين لکيا ـ آخوند قادربخش آخري ڊارمو 1964 ۾ لکيو جيڪو اسٽيج نه ٿي سگھيو ھو ـ محفوظ ڊرامن جا مُسودا اُھي آھن جيڪي ھن 1963 ۾ ڇپرائڻ لاءِ ٻيھر سنواري لکيا پر وقت ۽ حالتن کيس اھو موقعو ڪونه ڏنو ـ انھن ۾ ناٽڪ ”مُجرم“، ”انتقام“، ”انصاف“، ”مالھي“، ”منگتي“ ۽ ھڪ اڌ ٻين ناٽڪن جا مُسودا شامل آھن، جن مان ٻن ناٽڪن جا شروعاتي پنا ڦاٽڻ سبب نالا موجود ناھن ـ ”انصاف“ جي نالي سان لکيل ناٽڪ سندن اوائلي ناٽڪن منجھان ھڪ آھي جيڪو ھن ”باغي“ جي نالي سان لکيو ۽ پيش ڪيو ھو جنھن کي بعد ۾ نظرثاني ڪري سُڌاري ”انصاف“ جو نالو ڏنائون ـ ناٽڪ جي ڪھاڻي ماضيءَ جي ھڪ انصاف پسند بادشاھه بابت آھي جيڪو چمڙاپوشي ڪري پنھنجي رعايا جا اھنج معلوم ڪري کين انصاف فراھم ڪندو ھو ـ ”انتقام“ ڊرامي جي ڪھاڻي سلطان محمود غزنويءَ جي سومناٿ واري حملي تي ٻڌل آھي پر انھيءَ ۾ عشق ۽ محبت جو عنصر به شامل آھي ـ ھيءُ ناٽڪ ھنن 1962 واري سياري جي مُند ۾ ٻن ھفتن ۾ لکي پورو ڪيو ھو ـ اھڙي طرح سال 1961 جي سردين ۾ ھن ”مُجرم“ جي نالي سان ناٽڪ لکيو جنھن جو پلاٽ وليم شيڪسپيئر جي ناٽڪ ”اوٿيلو“ تان ورتل آھي ـ سندن آخري ناٽڪ جو نالو آھي ”منگتي“ جيڪو ھن 1964 ۾ لکي پورو ڪيو پر ان کي اسٽيج تي پيش ڪرڻ جو موقعو نه ملين ـ ان ناٽڪ جو مُسودو بلڪل صحيح حالت ۾ موجود آھي ـ
آخوند قادربخش پنھنجي زندگيءَ جي پھرين ناٽڪ جي مُھاڳ ۾ لکي ٿو :”ادبي ميدان ۾ ھيءَ منھنجي پھرين جُرئت آھي ـ ايئن چئجي ته سال 1949 ۾ وقت جي غيرمعمولي حالتن ئي مونکي ڌِڪي ڌوڻي ادبي ميدان ۾ آندو ـ حالتون حوصلا شِڪن ھيون ـ پاڪستان کي وجود ۾ آئي اڃان ٻه سال کن ٿيا ھئا ـ تعليمي ادارا ڪي صفحئه ھستيءَ تان صفا گُم ٿي ويا ھئا ته ڪي پوين پساھن ۾ ھئا ۽ زنده رھڻ لاءِ تڙڦي رھيا ھئا ـ اسان جي ڳوٺ جو مشھور ھاءِ اسڪول ھڪ ڌڪ سان ھٽي وڃي چوٿين درجي تي پھتو ھو ـ ان وقت ڪراچيءَ ۾ وڪالت پئي پڙھيم ـ تعليم اڌ ۾ ڇڏائي پنھنجو پراڻو درسگاھ ڳوٺائين منھنجي حوالي ڪيو ـ چيائون ته ”حياءُ ٿيئي ته ھلائينس نه ته ڇڏينس ٻين واري واٽ وٺِي ـ“ اھڙي درسگاھه لاءِ پيسو پيدا ڪرڻو ھو ـ سر سيد وارو سمون ڪونه ھو، ان ڪري پيسي پيدا ڪرڻ لاءِ عوام اڳيان سچ پچ ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪرڻو پيو ـ“
”اسڪولي شاگردن مان اداڪارن جو انتخاب ٿيو ـ تاريخ مقرر ٿي ۽ ٽڪيٽون به ڇپجي نيڪال ٿيڻ لڳيون ـ صدارت لاءِ ڪنھن معزز مھمان کي مدعو ڪري مڃايو ويو پر اڃان ناٽڪ جو نالو به مون وٽ نه ھو ـ ماسترن تقاضا شروع ڪئي ۽ روزانو بيتابيءَ سان چوڻ لڳا ته ڏينھن ٿورا آھن، ناٽڪ ڏيو ته پارٽ لکائي پرئڪٽس ڪرايون،“ ھُو لکي ٿو ـ ”ساڳئي درسگاھه ۾ پنھنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ اسٽيج تي آيل ناٽڪ ڏٺا ۽ پڙھيا ھئم مگر سواءِ ھڪ ٻن جي سڀ ھندو اديبن جا لکيل ھئا جن ۾ ھنن پنھنجي ئي رنگ ڍنگ جي زبان ڪم آندي ھئي ـ مون کي نئين دور جي تقاضا پوري ڪرڻي ھئي، مگر قلم ۾ قُوت نٿي ڀانيم ـ نئين راھه ۾ قدم رکڻ کان پئي ڪيٻايم پر تاريخ جي مقرري، ٽڪيٽن جي وڪري ۽ معزز مھمان جي صدارت قبولڻ منھنجي ڀڄي جند ڇڏائڻ جون واھون به بند ڪري ڇڏيون ھيون، ان ڪري ھڪ رات ٻچن سُتي قلم کڻي ڪم کي جُنبي ويس ـ“
”ٽن راتين ۾ ناٽڪ لکي پورو ڪيم ۽ پنجن ڏينھن جي پرئۡڪٽس بعد ان کي عوام اڳيان اسٽيج تي آندم ـ پورھيو ساب پيو ۽ درسگاھه مالي مشڪلات مان پار پيو ـ ان بعد به ھر سال پنھنجي درسگاھه لاءِ ناٽڪ لکي اسٽيج تي آڻيندو رھيس ـ سال 1956 ۾ درسگاھه جون واڳون منھنجي ننڍي ڀاءُ جميل احمد ميمڻ ورتيون ته سندس سامھون پڻ مالي مسئلو مُنھن ڪڍيو بيٺو ھو ـ ان ڪري منھنجا لکيل ۽ اسٽيج تي آندل ناٽڪ دوباره اسٽيج تي آڻي مالي مسئلي کي منھن ڏنائين ـ جڏھن پراڻا ناٽڪ پورا ٿيا تڏھن سال 1960 ۾ نئين ناٽڪ جي تقاضا ڪيائين ۽ ھر سال ڪندو رھيو ـ ننڍڙي ڀاءُ کي ناراض نه ڪيم ۽ کيس 1960، 1961 ۽ 1962 ۾ ٽي نوان ناٽڪ لکي ڏنم،“ ھن ان وقت جون حالتون بيان ڪندي لکيو ـ ادب ۽ تاريخ جو اٿاھه مطالعو ھجڻ ڪري سندن ڊرامن جا موضوع به گھڻو ڪري ننڍي کنڊ جي تاريخ ۽ انگريزي ادب مان ورتل ھئا جن کي ھن سنڌي رنگ ڍنگ ۾ پيش ڪيو ھو ـ سندن خيال ھو ته سنڌي ادب ۾ ناٽڪ نويسيءَ کي نظرانداز ڪيو ويو آھي ـ ڳوٺ جي اسڪول لاءِ ناٽڪ لکڻ توڙي پراڻن ناٽڪن کي سنوارڻ وارو سمورو زمانو 1960 کان 1965 واري جنگ تائين مورو شھر ۾ وڪالت ڪندي گذاريائون جتي روزانو رات جو سُمھڻ کان اڳ پنھنجي سڀني ٻارن کي زباني اھي ڊراما ٻڌائيندو ھو ـ سال 1964 ڌاري انھيءَ وقت جي مشھور سنڌي اخبار خادمِ وطن (حيدرآباد) ۾ ڇپجڻ لاءِ ھڪ انگريزي جاسوسي ناول جو ترجمو ”چورن مٿان مور“ به ترجمو ڪيو ھئن پر وڪالت جي مصروفيتن ڪارڻ مڪمل نه ڪري سگھيا ۽ اھو اڻپوري شڪل ۾ ئي رھجي ويو ـ
آخوند قادربخش جي انھن تحريرن منجھان به واضح ٿيو ته ورھاڱي کان اڳ به ڀريا جھڙي ننڍڙي شھر ۾ اسڪول جي مالي سھائتا توڙي ماڻھن جي وندر لاءِ ناٽڪ پيش ڪيا ويندا ھئا ـ
سيد فتح علي شاھه ڊرامن ۾ ڪم آخوند جميل احمد جي زماني ۾ ڪيو ـ ھُو ان وقت جون ساروڻيون ھن ريت بيان ڪري ٿو:
”آخوند جميل احمد پنھنجي وڏي ڀاءُ آخوند قادر بخش وانگر ھر سال ٽي راتيون ڊراما اسٽيج ڪرائيندو ھو ـ ڊراما جون ٽڪيٽون به مختلف ماليت جي حساب سان الڳ الڳ رنگ جون ڇپرايون وينديون ھيون ـ ھُو پاڻ به فنڪار طبيعت جو انسان ھو ۽ اسڪول ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما پڙھائيندي به ڪڏھن روميو ٿي ويندو ھو ته ڪڏھن جُوليٽ، سو جڏھن اسڪول لاءِ فنڊن جي ضرورت پوندي ھئي ته سندس اندر جو فنڪار به ائڪشن ۾ اچي ويندو ھو ـ اسڪول جي ھر ڪلاس ۾ سرڪيولر گھمايو ويندو ھو ته جن ٻارن کي ڊراما ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق ھجي، اھي موڪل کانپوءِ ڊراما ھال ۾ گڏ ٿين ـ اھڙي طرح ڏھه سيڪڙو کن ٻار اُتي گڏ ٿيندا ھئا ـ “
”آخوند جميل احمد ٻين استادن سان گڏ ڊراما ھال ۾ پھچي مرد اداڪارن جي نالن جو اعلان ڪندو ھو جن ۾ الھه بچايو سمون ۽ مرحوم امداد علي ميمڻ شامل ھوندا ھئا جڏھن ته ڳرو ۽ رعبدار آواز ھجڻ جي ڪري ولين جو ڪردار استاد محمد اسحاق انصاريءَ کي ملندو ھو ـ ان کانپوءِ ھيروئن ۽ ٻين زنانن ڪردارن جي لاءِ سُھڻي شڪل وارن شاگردن مان چونڊ ڪئي ويندي ھئي ڇو ته ان زماني ۾ ڀرين جي ڪنھن مسلمان گھراڻي جي ڇوڪرين کي ڊرامن ۾ اسٽيج تي آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ھو ـ ورھاڱي کان اڳ اسٽيج ڊرامن ۾ ھندو ڇوڪريون ڪم ڪنديون ھيون پر ھاڻي اھو ممڪن ڪونه ھو جنھنڪري ڇوڪرن کي ڪنھن نه ڪنھن ڪردار جي حساب سان اداڪاري ڪرڻ لاءِ چيو ويندو ھو ۽ جيڪڏھن ڪو فِٽ نه ايندو ھو ته وري ڪنھن ٻئي کان ٽيسٽ ورتي ويندي ھئي ـ “
”ايئن ئي ھڪ ڊرامي جي ھيروئن جي ڪردار لاءِ ھڪ شاگرد مان مطمئن نه ٿيڻ تي آخوند جميل مونکي سڏ ڪيو ۽ چيائين فتح علي شاھه تون ھيروئن جو پارٽ کڻندين؟ مون شرمائيندي وراڻيو ته سائين جيڪڏھن بابا اجازت ڏئي ته مان تيار آھيان ـ ھڪدم بابا کان پڇڻ لاءِ پٽيوالو روانو ڪيو ويو جنھن موٽي اچي ٻڌايو ته اجازت ملي وئي آھي، جنھن کانپوءِ ته مان استاد آخوند قادر بخش جي لکيل ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ھيروئن جا پارٽ ڪندو رھيس ـ“
ڊرامن ۾ جن ڪردارن کي ڳائڻو ھوندو ھو ته اھڙي قسم جي اداڪارن کي چونڊيو ويندو ھو پر جيڪڏھن ايئن ممڪن نه ھوندو ھو ته پردي جي پُٺيان ڪنھن ٻئي کان گانو ڳارايو ويندو ھو ۽ اداڪارن کي رُڳو چپ چورڻا پوندا ھئا ـ ڊرامن ۾ بيڪ گرائونڊ ميوزڪ ڏيڻ توڙي ڳارائڻ لاءِ گھڻو ڪري ڳوٺ مَچُر جي استاد عبدالقيوم وسطڙي ۽ مٺياڻي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي استاد قائم الدين پيرزادي يا حيدرآباد واري ڪاليج جي ميوزڪ ٽيچر استاد قربان عليءَ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون ھيون ـ ھر ڊرامي لاءِ مھينو سوا ريھرسل ھلندي ھئي ـ ”اداڪارن توڙي آخوند جميل احمد جا ڳلا ويھي ويندا ھئا ۽ اھڙي حالت ٿيندي ھئن جو پان پاڙ ۽ مٺي ڪاٺي کائڻ کانپوءِ وڃي ڳلو بھتر ٿيندو ھئن ـ ڊرامي کان اڳيئن رات گرانڊ ريھرسل ٿيندي ھئي ۽ آخوند جميل ٽيبل ڪرسي وجھي اڳيان ويھندو ۽ ڊائلاگ ۽ ائڪشن جون خاميون نوٽ ڪندو ويندو ھو ـ بعد ۾ اسٽيج تي چڙھي ھر خامي ٻڌائي اداڪارن کي ھدايتون ڏيندو ھو ـ ٻئي ڏينھن اصل ڊرامو شروع ٿيڻ کان اڳ ميڪ اپ روم ۾ اداڪارن کي سندن ڪردار جي حساب سان ڊريسون چونڊڻ ۾ مدد ڪندو ھو، جيڪي ديوار ۾ ٽنگڻيڻ تي ھر ڪردار جي نالي سان ٽنگيل ھونديون ھيون ـ ڪي سي اڪئڊميءَ جو ٺاروشاھه جو رھواسي استاد مظفر علي شاھه ڊريسنگ ۽ ميڪ اپ جو انچارج ھوندو ھو، جيڪو ڪڻڪ رنگي ھيروئن کي به ڀورو بنائي ڇڏيندو ھو،“ سيد فتح علي شاھه ٻڌائي ٿو ـ
سيد نورمحمد شاھه اڪثر پروگرامن جي صدارت ڪندو ھو جڏھن ته ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر خاص مھمان ھوندو ھو ـ ڊرامن جون ٽڪيٽون سيد نورمحمد شاھه جي مدد سان تر جي وڏيرن، زميندارن ۽ شھر ۽ ڀرپاسي جي عام ماڻھن کي وڪرو ڪيون وينديون ھيون ـ ماڻھو ٽانگن ۽ اُٺن تي به ڊرامو ڏسڻ لاءِ پھچندا ھئا ۽ ٽئي راتيون ھائوس فُل رھندو ھو ـ ڪي سي اڪئڊميءَ جو استاد منير احمد سومرو گھڻو ڪري ھيرو جو ڪردار ادا ڪندو ھو ـ استاد علي اصغر ڊرامي جي اسڪرپٽ کڻي پردن جي اوٽ ۾ بيھي اداڪارن کي سُرٻاٽ ۾ ڊائلاگ ياد ڏياريندو ھو ـ ڊرامن جي سيريس ڪھاڻيءَ واري پارٽ کانپوءِ ماڻھن کي وندرائڻ لاءِ مسخرن جي جوڙي اسٽيج تي اچي ڀوڳ چرچا ٻڌائيندي يا مزاحيه گانا ڳائيندي ھئي ـ استاد الھه بخش چنه نوشھري وارو، استاد محمد آچر ۽ ڪڏھن ڪڏھن ٺاروشاھه جو صديق ڀُرٽ به مسخرن جي جوڙيءَ ۾ شامل ٿيندا ھئا ـ ماڻھن کي وندرائڻ لاءِ مشھور گانن جي پيروڊي به پيش ڪئي ويندي ھئي جنھن مان ھندستاني گاني ”رمتا وتا ويا، مين ني دل تجھه ڪو ديا“ تي ٺاھيل پيروڊي ”رن جا ٻچا مُئا، جنھن منھنجا ٽپڙ کنيا“ اڄ به ڪي جھونا ياد ڪن ٿا ـ ان پيروڊيءَ تي استاد الھه بخش چنا ڪاميڊي ڪندو ھو ـ
انھن ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ ان وقت جا ڪي اسڪولي شاگرد اڄ به حيات آھن ـ سيد فتح علي شاھه ھڪ ناٽڪ ۾ انارڪليءَ جو ڪردار ادا ڪيو ھو ـ ھڪ ٻيو شاگرد سيد وَرَند علي شاھه سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ نوڪري ڪري ڪجھه ورھيه اڳ رٽائر ٿيو ـ ھڪ ٻيو جھونو شاگرد سڪندر ڪيريو به ، جنھن انارڪلي ۽ ھڪ ٻئي ڊرامي ۾ ڪم ڪيو، سنڌ حڪومت مان سيڪريٽريءَ جي عھدي تان رٽائر ٿيو آھي ۽ اڄ به انھن ڊرامن کي ياد ڪري ٿو ـ
سيد وَرَند علي شاھه ٻڌائي ٿو ته ھڪ ناٽڪ ”انارڪلي“ ٻه ڀيرا پيش ڪيو ويو ھو ـ ھڪ ڀيرو تڏھن جڏھن ھُو پاڻ اڃان ھيٺين درجن ۾ پڙھندو ھو ـ تڏھن انارڪليءَ جو ڪردار سائين فتح علي شاھه ادا ڪيو ۽ شھزادي سليم جو ڪردار امداد علي ميمڻ مرحوم ڪيو، جيڪو پڻ تن ڏينھن ۾ اسڪول ۾ اُستاد ھو ـ ساڳيو ڊرامو ٻيھر پيش ٿيو ته انارڪليءَ جو ڪردار ڀريا روڊ جي شاگرد سعيد ۽ انارڪليءَ جي سھيليءَ جو ڪردار وَرَند شاھه ڪيو جيڪو تڏھن مئٽرڪ جو شاگرد ھو جڏھن ته شھزادي سليم جو ڪردار استاد منير سومري ادا ڪيو ـ اسڪول جو ڊپٽي ھيڊ ماسٽر سائين اسحاق انصاري به اڪبر بادشاھه جو ڪردار ادا ڪري پنھنجي فن جا جوھر ڏيکاريندو ھو ـ
”مون کي اڄ به اھي ڏينھن ياد آھن ۽ ڪيترائي ورھيه ته ان ناٽڪ جي اداڪارن جو ڪاسٽيوم پاتل گروپ فوٽو به مون وٽ موجود ھو، جيڪو پوءِ شھر جي ھڪ دوست مون کان وٺي فريم ڪرائي پنھنجي دڪان ۾ ھڻي ڇڏيو ھو، پر سندس وفات بعد اھو فوٽو به گُم ٿي ويو ـ ڪوشش ڪندس ته سندس اولاد وٽان اھو تاريخي فوٽو ملي وڃي،“ وَرَند شاھه ڊراما ھال جي تباھيءَ تي افسوس ڏيکاريندي چيو ـ
وَرَند شاھه ۽ سڪندر ڪيريو ٻڌائن ٿا ته ھر ناٽڪ ٽي ڏينھن پيش ڪيو ويندو ھو ۽ ڊرامي جي شروعات کان اڳ ٽي ڦٽاڪا ڇوڙيا ويندا ھئا جنھن سان پردو کڄندو ھو ته شاگردن جي ٽيم دُعا جو گيت گائيندي ھئي ۽ وري خاص مھمان لاءِ ڀليڪار وارو گيت ھڪ ٻي ٽيم پيش ڪندي ھئي ـ سندن چوڻ موجب پھرين ڏينھن اسڪول جي انتظامي بورڊ جو چيئرمن ۽ سياستدان سيد نورمحمد شاھه ۽ ٻئي ڏينھن تڏھوڪي نوابشاھه ضلعي جو ڊپٽي ڪليڪٽر خاص مھمان ھوندا ھئا ـ
استاد منير سومرو، جيڪو بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ آفيسر ٿي اعلى عھدي تان رٽائر ٿيو ۽ سکر ۾ پنھنجي فرزند سان رھي ٿو، پراڻو زمانو ياد ڪندي ٿڌا ساھه ڀريندي چوي ٿو ته اھڙو زمانو وري ڪونه ايندو ـ
آمريڪا ۾ رھندڙ آخوند خاندان جي نثار حافظ فون تي ٻڌايو ته 1960 واري ڏھاڪي ۾ ھڪ ڊرامي ۾ آخوند ارشاد مرحوم (سندن سئوٽ ۽ ليکڪ جو وڏو ڀاءُ)، جيڪو مئٽرڪ ڪرڻ بعد ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ استاد ھو، ايران جي ھڪ بادشاھه يزدگرد جو ڪردار ادا ڪيو ھو ـ يزدگرد ستين عيسوي صديءَ جي پھرين اڌ ۾ ننڍي عمر ۾ ئي تخت تي ويٺو ھو ـ
ايم پي اي سيد مراد علي شاھه ٻڌائي ٿو ته ”باغبان“ نالي سان ڊرامو گھڻو مشھور ٿيو ھو ـ ”اسان کي افسوس آھي ته بابا سيد نورمحمد شاھه اھو تاريخي ڊراما ھال ڊھرائي ڇڏيو ـ اھو قومي ورثو ھيو جنھن کي محفوظ رکڻ جي ضرورت ھئي،“ ھن چيو ۽ تصديق ڪيائين ته ورھاڱي کان اڳ به ھندو برادريءَ لاءِ ڊراما ٿيندا ھئا پر سيد نورمحمد شاھه به مسلمانن لاءِ اسٽيج ڊراما ڪرائيندو ھو ـ
سندن سئوٽ سيد انور علي شاھه به ڊراما ھال کي ڊھرائڻ تي افسوس ڪندي چوي ٿو ته ”چاچا سائين سيد نور محمد شاھه اھو غلط ڪم ڪيو ـ ھندن ھتي اھڙو ڊراما ھال ٺھرايو ھو جنھن جھڙو ڪراچيءَ تائين ڪٿي به ڪونه ھو ـ ڪي سي اڪئڊميءَ واري عمارت به نه وڪڻي ھا ـ ان جي بدران ڀلي حڪومت کي ڏئي ڇڏي ھا ـ“
سيد نورمحمد شاھه ورھاڱي کانپوءِ سيٽلمينٽ کاتي کان نيلام ۾ اھو ڊراما ھال ورتو ھو ـ اھو سڀ ڪجھه تڏھن تباھه ٿي ويو جڏھن 1967 ڌاري اولھه پاڪستان سرڪار اسڪول کي تحويل ۾ وٺي، آخوند جميل احمد کي پروموشن ڏئي پھريائين شڪارپور ۽ پوءِ حيدرآباد موڪليو ـ اھي ڏينھن اھي شينھن وانگر آخوند خاندان جي وڏڙن جي لاڏاڻي کانپوءِ ڀريا ۾ نه اھي ثقافتي سرگرميون رھيون ۽ نه تاريخي ثقافتي ورثا محفوظ رھيا ـ