شھرين جون ساروڻيون: جڏھن ڀِرين جي بازار ۽ ماڙيون خالي ٿي ويون
ورھاڱي کان اڳ ڀرين جي بازار ۾ رونقون ھونديون ھيون ۽ ڪاروبار اوج تي ھوندو ھو جتان خريداريءَ لاءِ ساھتيءَ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن مان آيل ماڻھن جا ميڙ ھوندا ھئا ـ اھا ئي بازار جتي ختم ٿيندي ھئي، اُتي ٽانگا بيٺل ھوندا ھئا، جتان ڪنڊياري ۽ ھالاڻيءَ ڏانھن رستو نڪرندو ھو جنھن کي ٽپالي رستو سڏبو ھو ـ انھيءَ رستي جي حوالي سان ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو: ”سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ايامن کان واپار ھلندڙ ھو ۽ انھيءَ واپار سانگي تڏھن کان ئي ملتان کان وٺي حيدرآباد تائين ھڪ شاھي رستو ٺھيل ھو جيڪو اڄ تائين آھي ـ اھو ملتان وارو رستو روھڙيءَ کان سڌو ئي سڌو خيرپور رياست مان لنگھي نوابشاھه ضلعي جي ڪنڊياري تعلقي ڏي اچي ٿو ـ سيٺارجا رياست (اڳوڻي خيرپور رياست) ۾ آھي ۽ دنگ تي ڪوٽڙي ڪبير جو ڳوٺ آھي ـ ڪوٽڙي کان ھالاڻي اٽڪل پنج ميل پري آھي ـ اھو رستو ڪوٽڙي ۽ ھالاڻيءَ کانپوءِ ڪنڊياري شھر ڏانھن نٿو وڃي پر ڪنڊياري شھر ۽ ڀريا روڊ جي وچ ۾ سيد شجاع جو ڳوٺ آھي جتان ھلي بازيدپور ۽ لاکن جي پاسي اچي ٿو ـ لاکن وٽ ڪنڊيارو تعلقو پورو ٿئي ٿو ۽ پوءِ نوشھرو فيروز تعلقو شروع ٿئي ٿو ـ اھو رستو لاکن کان ھلي ڀرين ۽ نوشھري ڏي وڃي ٿو جتان موري تعلقي جي ڳوٺ سڌوجا ۽ دولتپور ۽ اڳتي وڃي ٿو ـ ان سڄي رستي کي ملتان وارو رستو ڪوٺيندا آھن ـ“
ڀريا شھر ۽ ڀريا روڊ جي وچ ۾ واريءَ جون ڀِٽون آھن جيڪي اصل ۾ سنڌو نديءَ جي پراڻي وھڪري جا آثار آھن ـ جيئن جيئن درياھه وھڪرو مٽائيندو ويو تيئن تيئن ان جي ڪنڌيءَ تي آباد شھر ۽ ڳوٺ به اُجڙندا ويا ۽ جڏھن ريلوي سرشتو شروع ٿيو ته انھن وسندين کي ويتر وڌيڪ ڌڪ لڳو ۽ اھي شھر وڻج واپار ۾ ترقي ڪندا ويا جيڪي ريلوي اسٽيشنن کي ويجھا ھئا ـ ساڳيو حال ڀريا سٽيءَ سان به ٿيو ـ
سال 1896 ۾ پڊعيدن ۽ ڀريا روڊ واري ريلوي لائين شروع ٿي ته ڀريا روڊ ۾ ڪاروباري سرگرميون تيز ٿيون ـ ڀرين جو ڪاروبار 1922 کان وٺي اڃان به جھڪو ٿيڻ لڳو ھو جڏھن ٽنڊي آدم کان نڪتل ريلوي لائين ٺاروشاھه آئي جتان وري نوشھري فيروز کان ٿيندي پڊعيدن سان لڳي ۽ ٻي ٺاروشاھه کان محرابپور ھلي وئي ۽ ايئن ٺاروشاھه کي جنڪشن جي حيثيت ملي وئي ـ ٺاروشاھه ڄائو مشھور سنڌي اديب گوبند مالھي پنھنجي جيون ڪٿا ”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ ۾ ڀرين جو اوج ختم ٿيڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”ٺاروشاھه مان ريل جي لنگھڻ کان اڳ ويجھي ۾ ويجھي اسٽيشن ھئي لاکا روڊ، جنھن کي پوءِ ڀريا روڊ چوندا ھئا ـ اھا ڀرين کان ٽي ميل پري ۽ ٺاروشاھه کان سڄا سارا نَو ميل پري ھئي ـ پڊعيدن کان محرابپور لُوپ لائين نڪتي جنھن سان ٺاروشاھه مُکيه اسٽيشن بڻيو ـ ان ريلوي لائين کانپوءِ ڀرين جو اوج ختم ٿيڻ لڳو ۽ ٺاروشاھه ساھتيءَ جو واپاري مرڪز بڻجڻ لڳو ھو ـ“
پر ڀرين جي اھا ڀريل بازار ۽ سندس آسپاس پڪسرايون ماڙيون ۽ وڏي تعداد ۾ ٻيا گھر ان وقت صفا خالي ٿي ويا جڏھن ورھاڱو ٿيو ۽ سنڌي ھندن ۽ سِکن کي پنھنجا اباڻا پٽ ڇڏي ھندستان لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ـ ”اسان جڏھن 1948 ۾ ڀرين ۾ پھتاسين ته ھتان جي بازار ۽ وڏي تعداد ۾ جايون خالي پيون ھيون،“ مرحوم عبدالمجيد راجپوت، جنھن نوي ورھين جي ڄمار ۾ سال 2018 ۾ وفات ڪئي، پنھنجي پُٽ راڻي شيرمحمد کي پنھنجي حياتيءَ ۾ اڪثر ٻڌائيندو ھو ـ ورھاڱي جي نتيجي ۾ ھندستان مان ھڪڙا ماڻھو اوڀر پنجاب جي علائقي ڪرنال (ھاڻي ھريانه صوبي جو حصو) مان ۽ ٻيا اُتر پرديش مان اردو ڳالھائيندڙ ڀرين ۾ اچي آباد ٿيا ـ عبدالمجيد راجپوت ۽ ٻين راجپوت خاندانن جو تعلق ڪرنال جي ڳوٺ کيڙِيءَ سان ھو ـ ”بابا پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي اچڻ جون ڳالھيون ڪندي روئي پوندو ھو ـ بابا ٻڌائيندو ھو ته ڪرنال مان پورو ھڪ مھينو پنڌ ڪري ھُو لاھور پھتا ھئا جتي کين پناھگير ڪئمپ ۾ ھڪ سال رھائڻ بعد 1948 ۾ ٽرين ۾ چاڙھي سنڌ روانو ڪيو ويو ھو،“ راڻي شير محمد، جيڪو نه رُڳو ھڪ سنڌي ٽي وي چئنل جو نمائندو پر سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ميمبر به آھي، ٻڌايو ـ ”ٽرين جڏھن ڀريا روڊ تي بيٺي ته اُتي ڀرين جو زميندار ۽ ايم پي اي سيد نورمحمد شاھه موجود ھو جنھن ھندستان مان آيلن کي ڀرين ۾ ھلي آباد ٿيڻ جو چيو ـ ”ڀرين ۾ گھر خالي پيا ھئا، پر جيستائين اھي الڳ الڳ ڪليم ۾ ملن ايستائين ھڪ ھڪ گھر ۾ پنج ڇھه ڪٽنب گڏ رھيا پيا ھوندا ھئا،“ راڻي شير محمد پنھنجي والد جي حوالي سان ٻڌايو ـ
اُتر پرديش جا اردو ڳالھائيندڙ ماڻھو ڪرنال جي راجپوتن کان ڪجھه دير سان ڀرين پھتا ھئا جن ۾ ڪجھه پڙھيل لکيل ماڻھو به شامل ھئا جن ڪليمن ۽ نيلام ۾ وڌيڪ زمينون حاصل ڪيون ۽ ٻين کي اڻپڙھيل ھجڻ ڪري گھٽ زمين ملي ـ ڀرين جي بازار ۾ خالي دڪانن تي به اتر پرديش جي ماڻھن ديرو ڄمايو ـ راڻي شير محمد پنھنجي والد جي حوالي سان جيڪي ڳالھيون ٻڌايون، تن جي تصديق سندس مامي فخرالدين راجپوت به ڪئي، جنھن جي عمر ھڪ سئو ورھين کان به مٿي آھي ـ حافظو ڪمزور ھجڻ جي باوجود ھن به اھو ئي ٻڌايو ته لاھور جي ڪئمپ مان ڪڍي کين ريل گاڏيءَ ۾ چاڙھيو ويو ـ ”ڀريا روڊ تي لھي ماني پيا کائون ته فيصلو ٿيو ته ھاڻ ھتي (ڀرين ۾) رھبو ـ ان مھل علائقي جو تحصيلدار به موجود ھو ـ اسان کي ھتان جي ٻولي به ڪانه ايندي ھئي ۽ ”ماني“ لفظ جي معنى به ڪانه ٿي آئي ـ “
فخرالدين، جنھن جي عمر ورھاڱي وقت به ٽيھن ورھين جي ويجھو ھئي، ٻڌائي ٿو ته ھُو پرڻيل ھو پر سندس گھرواري ھندستان مان لڏي اچڻ دوران رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي ھئي ـ ھن ٻي شادي ڀرين ۾ ئي ڪئي ـ ڀرين ۾ روزگار سان لڳڻ تائين کين روزانو راشن ملندو ھو ـ
قومي شاھراھه کي پڪو ڪرڻ جو ڪم پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ شروع ٿيو جنھن تي ھندستان مان آيل راجپوتن به مزدوري ڪئي ـ انھن ۾ راڻي شير محمد جو والد به شامل ھو ـ پراڻي ٽپالي رستي کي به تڏھن ئي ڦيرائي ڪنڊياري کان آندو ويو جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان علائقي جي بااثر ماڻھن جو ھٿ ھو ـ
موجوده قومي شاھراھه اُتر ۾ ڪنڊياري واري پاسي کان موجوده باءِ پاس وٽان سڌو شھر اندران ٿيندي وڃي ڏکڻ ۾ نوشھري فيروز ڏانھن ويندڙ باءِ پاس جي ٻئي ڇيڙي تي ملي ٿي ـ ڪجھه ڏھاڪا اڳ تائين باءِ پاس ڪانه ھئي ۽ ڪنڊياري توڙي نوشھري فيروز کان ايندڙ ويندڙ ھر بس، ٽرڪ ۽ ڪار توڙي ٽانگن کي ڀرين جي وچ مان لنگھڻو پوندو ھو ـ پر ڀرين جا جھونا ٻڌائن ٿا ته انھيءَ کان به اڳي ڀرين جو نقشو ڪجھه ٻيو ئي ھو ـ
ڀرين جي وچ مان لنگھندڙ قومي شاھراھه اصل ۾ قديم زماني وارو لنگھه ھو، جتي ڪن جھونن موجب پڪو رستو پاڪستان کان پوءِ ٺھيو ۽ ڪي چون ٿا ته پڪو رستو اڳ ئي تعمير ٿيل ھو ۽ صرف ڀرياروڊ ۽ ٺاروشاھه ويندڙ رستا ڪچا ھئا ـ ان قديم لنگھ وارو سمورو علائقو ويران ھوندو ھو ۽ رستي تان ايڪڙ ٻيڪڙ سواريون لنگھنديون ھيون ـ جڏھن 1896 ۾ ڀريا روڊ کان ريلوي لائين وڇائي وئي ۽ ريل گاڏين جو سلسلو شروع ٿيو تڏھن ان ويران ھنڌ تي ريلوي بُڪنگ ايجنسيءَ جو بنياد پيو، جتان ٻاڦ تي ھلندڙ لاريءَ ۾ مسافر ڀريا روڊ اچڻ وڃڻ لڳا ـ انھيءَ وقت تائين به ڀريا جو شھر مُکيه بازار تائين محدود ھوندو ھو ۽ جتي ريلوي بُڪنگ ايجنسي کُلي ته چانھه جون ڪي ھڪ اڌ ھوٽلون ۽ ٻه ٽي دُڪان به کُلي ويا ـ پر ورھاڱي کان گھڻو اڳ ئي 1928 ۾ ڀريا روڊ ويندڙ دڳ تي روھڙي ڪئنال کان پھرين ساڄي ھٿ تي اِريگيشن بنگلو تعمير ٿيو ھو جنھن جي مُکيه عمارت ۽ نوڪرن چاڪرن جي رھائش جا ڪمرا اڃان به زبون حالت ۾ موجود آھن ـ اِريگيشن بنگلي جي سامھون کاٻي ھٿ تي 24 ايڪڙن ۾ پکڙيل پارڪ به پاڪستان کان اڳ ۾ تعمير ٿيل ھئي جنھن ۾ ٽينس راند جون سھولتون، ھر قسم جا وڻ، ھر رنگ جا گلاب ۽ ٻيا گُلن جا ٻُوٽا، ڇٻر وغيره ھوندا ھئا ـ ”ھن پارڪ ۾ ڀرين جا ماڻھو، ھندو توڙي مسلمان، گھمڻ ۽ راند ڪرڻ ايندا ھئا،“ ايم پي اي سيد مراد علي شاھه ٻڌايو ـ سندن سئوٽ سيد انور علي شاھه موجب پارڪ ھندن جي قائم ڪيل ھئي جيڪا ورھاڱي کانپوءِ سيد نورمحمد شاھه سيٽلمينٽ کاتي کان خريد ڪئي ـ بزرگ استاد سيد فتح علي شاھه جو چوڻ آھي ته ھندن جي زماني ۾ ان پارڪ کي لال باغ سڏيو ويندو ھو ـ
ورھاڱي بعد سيد نورمحمد شاھه پارڪ کي اڃان ترقي وٺرائي ۽ سال 1964 ۾ پارڪ اندر بنگلو تعمير ڪرائي اُتي ئي رھڻ لڳو ھو ـ اھا عمارت شڪارپور مان گھرايل ڪاريگرن تعمير ڪئي ھئي ـ ”پارڪ ۾ گيراجن ڀرسان ٽينس ڪورٽ ھئي جتي بابا سيد نورمحمد شاھه به کيڏندو ھو جيڪو پاڻ ٽينس جو سٺو کيڏاڙي ھو،“ سيد مراد علي شاھه ٻڌايو ـ ھن ٻڌايو ته پارڪ ۾ ماڻھن جي ويھڻ لاءِ رکيل بئنچون پُونا مان گھرايل ھيون ۽ اھي ايتريون ته مضبوط ھيون جو انھن مان ڪي اڄ به سندس ڪراچيءَ واري بنگلي تي صحيح سلامت موجود آھن ـ پارڪ جي سارسنڀال لاءِ ڀيا ذات جا مالھي رکيل ھوندا ھئا ـ
سيد نورمحمد شاھه ئي موجوده عيدگاھه جي پٺيان واري علائقي ۾ ھوزريءَ جو ڪارخانو ٺھرايو ھو جيڪو 1942 ۾ مھاڀاري جنگ سبب ڪچو مال نه ملڻ سبب بند ٿي ويو ـ ”اسان پاڻ ان ڪارخاني ۾ تيار ٿيل ٽوال، گنجيون، سُئيٽر ۽ جوراب استعمال ڪيا،“ مُراد علي شاھه ٻڌايو ـ انھيءَ ڪارخاني جي عمارت ۾ ئي پوءِ نور محمد شاھه مسلمان شاگردن لاءِ ھاسٽل کولي ـ
ساھتيءَ جي ڳوٺ دليپوٽا ۾ جنم وٺندڙ صحافي عمرالدين بيدار (مرحوم)، جيڪو ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ پڙھڻ دوران ان ھاسٽل ۾ رھيو، پنھنجي شاعريءَ جي ھڪ ننڍڙي ڪتاب ”حال حقيقت“ (1988 ۾ ڇپيل) ۾ ان ھاسٽل جو ذڪر ڪندي لکي ٿو :” ڊاڪٽر احمد علي آرائين 1946 ۾ ھاسٽل جو ھائوس سپرنٽينڊنٽ مقررٿي آيو ھو ـ آرائين صاحب 1945 _46 واري تعليمي سال جو مئٽرڪ جو شاگرد ھو ۽ 1946 جي مارچ ۾ امتحان ڏئي، ان وقت جي بزرگ سياسي ليڊر ۽ زميندار سيد نورمحمد شاھه جي گھُر ڪرڻ تي ايڇ ايم خواجا (نوابشاھه جي ناليواري تعليمدان) جي ھدايت تي سڌو ان عھدي جي چارج سنڀالڻ پھچي ويو ھو ـ “
ڀرين ۾ ھندن جا کوڙ مندر ھئا ـ ورھاڱي کانپوءِ اھي سڀ لاوارث ٿي ختم ٿي ويا ـ ھن وقت جتي امام بارگاھه معصومي آھي، اُتي به ھڪ مندر ھوندو ھو ـ حاجي ڦڪر مرحوم جي پاڙي ۾ توڙي وارڊ نمبر 2 ۾ خواجا عليءَ جي گھر جي سامھون واري علائقي ۾ به مندر ھئا ـ ھڪ مندر پراڻي سرڪاري اسپتال ڀرسان به ھو ـ جتي ھن وقت راجپوتن جو پاڙو سڏجي ٿو، اُتي اولھه پاسي ديوان ڪوڙيمل جو رھائشي گھر ۽ اوطاق ھئا جنھن کانپوءِ ھڪ مندر به تعمير ٿيل ھو ـ انھيءَ مندر (گردواري) ڀرسان ئي ديوان ڪوڙيمل جي سماڌي به ھئي جتي ھاڻ ھڪ ننڍو گھر تعمير ٿيل آھي ـ
شھر ۾ ھر پاڙي ۾ پاڻيءَ جي سھولت لاءِ کوھه ھوندا ھئا جيڪي پوءِ نلڪا لڳڻ جي ڪري ختم ٿيندا ويا ـ اڪثر گھرن ۾ به ماڻھن جا پنھنجا کُھيون ۽ کوھه کوٽرايل ھوندا ھئا ـ
ڀرين جي پراڻن ماڻھن ھندستان مان آيلن جي وڏي مھمان نوازي ڪئي ـ ھنن نه رُڳو سندن آڌُر ڀاءُ ڪيو پر کاڌي پيتي جي شين سان گڏ کين سمھڻ لاءِ کٽون به ڏنيون جنھن جو ذڪر سئو سالا فخرالدين راجپوت به ڪيو ـ
جڏھن ڪليمن جو سلسلو شروع ٿيو ته شاھي بازار جي اُترئين ڇيڙي کان پھريائين (موجوده وارڊ نمبر 6 ۾) واقع ريلوي آفيسر واڌومل پي ڪيولراماڻيءَ جو گھر اردو ڳالھائيندڙ روشن عليءَ کي الاٽ ٿيو جنھن اڳتي ھلي 1970 ڌاري ڪراچيءَ لڏڻ مھل ٽيھه ھزار رُپين ۾ اُھو حاجي شريف راجپوت کي وڪرو ڪيو ـ ان وقت گھر جي صفائيءَ مھل واڌو مل جا ڪيترائي دستاويز ساڙيا ويا ڇو ته حاجي شريف راجپوت وارن کي انھن جي اھميت جو احساس يا علم ڪونه ھو ـ اڳتي ھلي شريف راجپوت به اھو گھر سٺ ھزار رُپين ۾ ھڪ بئنڪ آفيسر عبدالرشيد ميمڻ کي وڪرو ڪيو جنھن اُتي رھائش اختيار ڪئي ـ ھن وقت اھو گھر سندس ملڪيت آھي ۽ گھر ٻاھران در جي ڀرسان واڌومل جي نالي وارو پٿر اڃان لڳل آھي ـ
ھڪ ٻيو بزرگ سائين فتح علي شاھه پنھنجون ساروڻيون بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ان وقت ٿيو جڏھن سندس عمر ست ورھيه ھئي ۽ کيس ڀرين جي بازار جو تڏھوڪو نقشو اڃان ياد آھي ـ ”اونھاري جي سخت تپش جي ڪري سنڌ جي اڪثرشھرن جيان ڀرين جي شاھي بازار به ڍڪيل ھوندي ھئي ـ مونکي بازار ۾ ٿانورداس سوناري ۽ ويڙھو مل پڪوڙن واري جا دڪان اڄ تائين ڪونه وسريا آھن ـ بازار جي ڇيڙي تي لھندي ئي ٽانگا اسٽينڊ ھئي جتان ڪنڊياري ۽ ھالاڻيءَ ڏانھن رستا ويندا ھئا ـ بازار جي ڇيڙي تي ئي ھڪ ديوان جو دُڪان ھوندو ھو جتي ڪوڏرون، ڪُھاڙيون ۽ اھڙو ٻيو سامان مسواڙ تي ملندو ھو ـ ماڻھو پنھنجي گھرج وارو سامان وٺي ڪم تي ويندا ۽ شام جو واپس رکي ويندا ھئا ـ“
فتح علي شاھه به ڀرين جي کوھن جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ڪن کوھن تي ته نار ھلندا ھئا جن کي ڏاند يا اُٺ ڇڪيندا ھئا ـ جن گھرن ۾ ماڻھن جا پنھنجا کوھه نه ھئا، اھي پخالين کان پاڻي ڀرائيندا ھئا جيڪي پخالن ۾ يا ڪانواٺين تي دٻا ڀري پاڻي گھرن ۾ پھچائيندا ھئا ـ ”ڀرين کي عمارتن جو شھر سمجھيو ويندو ھو جتي خوبصورت جايون اڏيل ھونديون ھيون ـ انھن ۾ پنھون مل جي ماڙي مشھور ھئي جنھن ۾ اصل ۾ ست ماڙيون شامل ھيون جيڪي ھن پنھنجي ست ڌيئرن لاءِ تعمير ڪرايون ھيون،“ ڀرين جي ماضيءَ کي ساريندي ھو ٻڌائي ٿو ـ
فتح علي شاھه ٻڌائي ٿو ته موجوده وقت جتي بيڪري ٺھيل آھي، اُتي ورھاڱي کان اڳ ريلوي بُڪنگ ايجنسي قائم ھئي ۽ مسافرن کي ڀريا روڊ پھچائڻ لاءِ ڪوئلي ۽ ٻاڦ تي ھلندڙ لاري اُتي موجود ھوندي ھئي ـ اُھا پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به ڪجھه وقت ھلندي رھي ـ پوءِ واري وقت ۾ به ايڪڙ ٻيڪڙ بس ھلندي ھئي ـ اڳتي ھلي جلباڻي بس سروس شروع ٿي جنھن جون بسون ڀريا روڊ کان ٺاروشاھه تائين ھلنديون ھيون ـ قومي شاھراھه تي وري سرڪاري بسون ھلڻ لڳيون جن جا به وقت مقرر ھئا ـ ڀريا کان ڀريا روڊ ۽ ٺاروشاھه توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانھن اچڻ وڃڻ لاءِ عام سواري ٽانگن جي ھوندي ھئي، جن جي اھميت ان وقت تائين رھي جيستائين سوزوڪيون ۽ چنگچيون مارڪيٽ ۾ نه ھيون ـ
سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي عملدار حاجي بشير احمد ميمڻ کي ته ڀرين جي بازار جو ھڪ دڪاندار پنجومل اڃان ياد آھي جيڪو روزانو صبح ساڻ دال پوريون ٺاھيندو ھو ـ ”ڀرين جي بازار اڳي سُٺي ھوندي ھئي،“ ھُو ٻڌائي ٿو ـ
ھڪ ٻئي بزرگ استاد غلام حسين عباسيءَ به سال 2018 ۾ پنھنجي وفات کان ڪجھه ڏينھن اڳ ڪچھريءَ ۾ ٻڌايو ته جيتوڻيڪ سندس جنم مارچ 1948 تي ٿيو، پر ننڍپڻ جي سار مطابق اڃان نه قومي شاھراھه تعمير ٿي ھئي ۽ نه ئي بسون ھلنديون ھيون ـ اڪثر ماڻھو بگين تي سفر ڪندا ھئا ـ ھن به سنت ھريرام جي درٻار ۽ مندرن کي ڦٽل حالت ۾ ڏٺو جن مان قيمتي ڪاٺ ۽ ٽائيلون ماڻھو ڪڍي چُڪا ھئا ـ
ڀرين جا رستا توڙي گھٽيون اڳي ڪچيون ھونديون پر انھن کي صاف رکيو ويندو ھو ۽ ميونسپلٽيءَ جا مقرر ماڻھو انھن تي ڇڻڪار ڪندا ھئا ته جيئن دز نه اُڏي ـ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو ھودين تي مشتمل ھوندو ھو ـ ھر گھر ٻاھران ھودي ٺھيل ھوندي ھئي يا ڪن گھرن جون ناليون اچي ھوديءَ ۾ ڇوڙ ڪنديون ھيون ۽ ٻالو گڏھه گاڏي تي ڊرم کڻي دٻن سان ھوندين مان پاڻي ڀري شھر کان ٻاھر وڃي ھاريندو ھو ـ ”ھن وقت شھر کي گھيرو ڪندڙ کڏ ۾ شھر جو سمورو گندو پاڻي نالين ذريعي ڇڏيو وڃي ٿو، پراڳي اھا سُڪل ھوندي ھئي جنھن کي گرائونڊ طور استعمال ڪري ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون ڪبيون ھيون ـ ڪڏھن ڪڏھن سرڪس وارا به ايندا ھئا جيڪي ڪرتب ۽ ناٽڪ ڏيکاريندا ھئا ـ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به ڪافي وقت اھا سُڪل رھي،“ فتح علي شاھه ٻڌايو ـ
پر 72 سالا عبدالقادر ڌوڪي، جنھن جو والد شھر ۾ شمعدان ٻاريندو ھو، ٻڌائي ٿو ته آبڪلاڻيءَ جي مُند ۾ ڀر واري واٽرڪورس مان کڏ ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو ھو جنھن سان ان کڏ ۾ مڇيون، بِھهَ ۽ پَٻڻ به ٿيندا ھئا ۽ ميربحرن کي مڇيون ماريندي ھن پاڻ به ڏٺو ۽ پٻڻ ۽ بِھَ به پاڻ کاڌا ـ ان وقت جي سستائيءَ جي ڳالھه ڪندي ھُو ٻڌائي ٿو ته ٻاڪرو گوشت چئين آني سير، کنڊ ھڪ آني سير ۽ ڪڻڪ پنج روپيا مڻ ملندي ھئي ـ عبدالقادر موجب شھر جي اُترئين پاسي ڪنڊياري روڊ وٽ ھندن جو مساڻ ۽ موجوده سرڪاري ھيلٿ سينٽر واري زمين تي ھندن جي ٻارن جو قبرستان ھوندو ھو ـ مرحوم استاد غلام حسين عباسيءَ به کڏ ۾ مڇين، بِھن ۽ ٻين ڳالھين جي تصديق ڪئي ـ
ڀرين ۾ ڪڏھن به ڪا مذھبي ڇڪتاڻ ڪانه ٿي ۽ سڀئي برادريون ڀائپيءَ واري ماحول ۾ رھنديون ھيون ـ ”ھتي ڪوبه ھندو مسلم فساد ڪونه ٿيو ـ ھڪ ته ھتان جي ھندو توڙي مسلمانن ۾ ڀائيبندي ھئي ۽ ٻيو ته ڳوٺ جي چڱي مڙس سياستدان ۽ ايم پي اي سيد نورمحمد شاھه جو مڪمل ڪنٽرول ھوندو ھو ـ ھڪڙو افسوسناڪ واقعو ڀريا روڊ جي ڀرسان ھڪ ڳوٺ ۾ ٿيو ھو جنھن ۾ ڪجھه ڌارين جي حملي ۾ ھڪ سک مارجي ويو ھو ـ اھو ڳوٺ پوءِ چوڌري ولي محمد جي نالي سان سڏجڻ لڳو،“ فتح علي شاھه ٻڌايو ـ
ڀرين جي پُرامن ھئڻ جي ڳالھه راڻي شير محمد به ڪئي ـ پنھنجي مرحوم والد جي ساروڻين توڙي پنھنجي سانڀر جو ذڪر ڪندي ھن ٻڌايو ته ڀرين ۾ ڪڏھن لساني يا نسلي فساد به ڪونه ٿيو ـ سال 1990 ڌاري ايم ڪيو ايم جي ڪري ڪجھه ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي ته مرحوم سيد نورمحمد شاھه جي فرزند ايم پي اي سيد مراد علي شاھه جي ڪوششن سان ماحول وري بھتر ٿي ويو ـ ”ھتي ته ڪڏھن شيعه سُني فرقيواريت به نظر ڪانه آئي ۽ سڀ ماڻُھو عيد نماز به گڏ پڙھندا رھيا آھن ـ ڀرين جي پُرامن ھجڻ جو مثال اھو به آھي ته سال 2007 جي ڊسمبر ۾محترمه بينظير ڀُٽو جي شھادت وقت به ھتي نه ڪنھن دُڪان ۽ نه ڪنھن ٻيءَ ملڪيت کي ڪو نقصان ٿيوـ“
سن 1933 ڌاري بھرحال ھڪ پلاٽ تان سيدن ۽ ھندو برادريءَ وچ ۾ ٿوري ڇڪتاڻ پيدا ٿي ھئي ـ سيدن جي پاڙي ۾ ھڪ وڏي پلاٽ تي ھندو برادريءَ توڙي سيدن جي مالڪيءَ جي دعوى ھئي ـ اھو معاملو ايترو وڌيو جو تنھن وقت جي حيدرآباد جي انگريز ڪليڪٽر پاڻ اچي سرزمين ڏسي فيصلو ڪرڻ جو سوچيو ـ ڪليڪٽر جي اچڻ جو ٻڌي ھندو برادريءَ تڙ تڪڙ ۾ پلاٽ تي کوھه کوٽرايو ۽ ڪچا گھر ٺاھي مايون، ٻار ۽ مرد ويھاري ڪجھه ٻُوٽا به پوکي ڇڏيا ـ انگريز ڪليڪٽر، جيڪو ٿوري گھڻي سنڌي به ڳالھائي ٿي سگھيو، سرزمين ڏسي معاملو سمجھي ويو ته اصل ماجرا ڇا آھي ـ ھن سيد مُراد علي شاھه (موجوده سيد مراد علي شاھه جي ڏاڏي) کي چيو:”علاءُالدين جي ڏيئي جو مثال اڄ سمجھه ۾ اچي ويوـ“ اھو چئي ھن پلاٽ جي مالڪيءَ لاءِ سيدن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو ـ
”ان واقعي کانسواءِ اڳي يا پوءِ وري ڪا اڻوڻندڙ ڳالھه نه ٿي ـ اھو سُٺو زمانو ھو ـ ھندو برادري ھتان نه وڃي ھا ـ بابا (سيد نورمحمد شاھه) ته کين سندن تحفظ لاءِ ڀرين جي سڄي شھر کي ڪوٽ ڏيارڻ جي به آڇ ڪئي، پر نوابشاھه ۾ مسعود کدرپوش سنڌي ھندو ۽ سک مارايا ته ھتي به ھُو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجھڻ لڳا ھئا،“ مراد علي شاھه چيو ـ سندس سئوٽ سيد انور علي شاھه ته ورھاڱي وقت لڏپلاڻ جو منظر ياد ڪري اُداس ٿي ويو ـ ”مون پاڪستان ٺھندي ڏٺو ـ ان وقت ھر پاسي روڄ راڙو ھو ـ ھندو برادريءَ جا ماڻھو توڙي مرد پنھنجا اباڻا پَٽ ڇڏيندي روئي رھيا ھئا ـ“
”اھو ڏاڍو غلط ٿيو ـ ھندو ھجن ھا ته ڀريا گھڻي ترقي ڪري ھا“، سيد انور علي شاھه چوي ٿو ـ