سنڌيڪار پاران
”مشڪندڙ چهرو، رنگ اڇو، وار پيشانيءَ تي ڪريل، قد ننڍو، جسم سڊول ۽ ويڪري هاٺي، گهاٽي ڏاڙهي، ننڍيون خماريل اکيون، مٿي وريل سنئون نڪ، سنهڙي کاڏي ۽ ويڪرو سينو“ اهو يونان جي ڏاهپ جو ٽيون اهڃاڻ ارسطو آهي. جنهن جو هيءَ ڪتاب لکيل آهي. ”هو جڏهن اڪيلو هلندو هو، ته تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو هو، پر جي ڪو ماڻهو ساڻس گڏ هوندو هئو، ته تمام آهستي هلندو هو. ڪنڌ هيٺ ڪري ڳالهائيندو هو. ٻئي جي ڳالهه غور سان ٻڌندو هو ۽ سمجهڻ کان پوءِ ئي جواب ڏيندو هو.“
سقراط جهڙي عظيم فيلسوف جي پياري شاگرد افلاطون جو انتهائي پيارو شاگرد ارسطو سن 384 ق م دوران يونان جي شهر”اسٽاجيرا“ Stagara ۾ ڄائو. سندس پيءُ نڪوميڪس مقدونيه جي بادشاھ سڪندر يوناني جي ڏاڏي امينٽس جو دوست ۽ سندس ذاتي طبيب پڻ هو. توڙي جو هُو حڪيم هو پر کيس فيثا غورث جي فلسفي سان دل هئي ۽ انڪري ئي ارسطوءَ کي به فلسفي جي ابتدائي تعليم ڏياريائين. پر ڇاڪاڻ ته ارسطوءَ پنهنجي گهر ۾ حڪمت جو سامان پئي ڏٺو هو انڪري کيس حڪمت سان به دلچسپي رهي.ائين به ناهي ته ارسطو ڪا پارسائي واري زندگي گذاري هئي. پيءُ جي وفات کان پوءَ هن وڏي عرصي تائين ڇڙواڳ زندگي گذاري ۽ نتيجي طور گهر جي ميڙي چونڊي ۽ الهه تلهه دف ڪري ڇڏيائين. نيٺ لاچار ٿي ڪجهه وقت فوج ۾ نوڪري ڪيائين، پر جلد ئي ان نوڪري کي ڇڏي طب جي تعليم ورتائين ته کيس فلسفي جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو ۽ اهو شوق کيس افلاطون وٽ وٺي ويو. ٿورڙي وقت ۾ ئي ارسطو يونان جي هن عظيم فيلسوف يعني افلاطون جي ذهين شاگردن ۾ ڳڻجڻ لڳو. هو افلاطون جو لائق شاگرد هو ۽ سندس ذهانت کي ڏسي هو هميشه کيس پنهنجي اڪيڊمي جو ”بهترين ذهن“ ڪري سڏيندوهو. ڪي ڪتاب لکن ٿا ته ارسطو جڏهن 30 سالن جو ٿيو ته افلاطون جي اڪيڊمي ۾ ويو پر ڪن جو خيال آهي ته هو اڃا 18 سالن جو هيو جو هن اها اڪيڊمي جوائن ڪئي. ۽ ڪون جو چوڻ آهي ته هو لڳاتار 8 سالن تائين يا وري ڪن ڪتابن ۾ آهي ته هو 20 سالن تائين يا وري 30 سالن تائين ان اڪيڊمي ۾ پڙهندو رهيو. اهو سچ آهي ته افلاطون کي پنهنجي شاگرد ارسطو سان تمام گهڻي محبت هئي. ۽ هوسندس تمام گهڻو خيال به رکندو هو. ايسيتائين جو ارسطو جي نه پهچڻ تائين ڪلاس شروع نه ڪندو هو۽ جيڪڏهن ٻيا شاگرد ڪلاس شروع ڪرڻ لاءِ کيس چوندا به هئا ته افلاطون کين چوندو هوته، ”ٿورو ترسو، اڃا هو ته آيو ئي ڪونهي، جيڪو نسورو علم ۽ هن مڪتب جو نور آهي.“
افلاطون جو مٿس ڏاڍو اعتماد هوندو هو، ۽ هو جيڪڏهن ڪجهه وقت لاءِ ڪيڏانهن ويندو به هو ته ارسطوءَ کي پنهنجي اڪيڊمي جو انچارج مقرر ڪري ويندو هو. ڪجهه ڪتابن ۾ آيو آهي ته افلاطون جي آخري ڏينهن ۾ ارسطوءَ جا ساڻس ڪجهه اختلاف به ٿيا هئا. جنهن ڪري هو ڪجهه وقت دل برداشته رهيو. افلاطون جي وفات کانپوءِ هو ڪجهه وقت ويڳاڻو رهيو. پر جلد ئي سندس هڪ شاگرد هرميس جيڪو ڪنهن شهر جو شهزادو هيو، ان کيس پاڻ وٽ گهرايو ۽ پاڻ وٽ ئي سندس رهڻ جو بندوبست ڪيائين. مسلسل سندس طبيعت جي اداسي هرميس کي رنجائي رهي هئي ۽ ان جو حل ڪڍڻ لاءِ هُن ارسطو جي شادي پنهنجي ڀيڻ سان ڪرائي، جنهن مان کيس هڪ پٽ پڻ ٿيو. ارسطو نوبنو ٿي ويو ۽ کيس پنهنجي زال سان تمام گهڻو پيار پڻ هو. هن جي علم ۽ دانش جي هاڪ سموري يونان ۾ هلي رهي هئي، ۽ ٿوري ئي عرصي کانپوءِ مقدونيا جي بادشاھ ۽ سڪندر يوناني جي پيءَ فيلقوس/فلپ پنهنجي پٽ سڪندر کي تعليم ڏيڻ جي دعوت ڏني. جيڪا هن لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه هئي. ارسطو مقدونيا روانو ٿيو ۽ شهزادي سڪندر کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. سڪندر جي عمر ان وقت صرف 13 سال هئي. شاهاڻي ٻار کي پڙهائڻ ڪو ايڏو سولو ڪم به نه هو پر ارسطو جي علم ۽ دانش جو رعب سڪندر تي ويهجي ويو. توڙي جو آخر تائين هو فلسفي ۾ ڪا خاص دلچسپي ته نه وٺي سگهيو پر پوءِ به هن جي دل ۾ استاد جي لاءِ بيپناهه پيار پئدا ٿيو.چون ٿا ته ارسطو رڳو سڪندر کي حاڪماڻي ٻار جي حيثيت ۾ اڪيلائي ۾ تعليم نه ڏيندو هوندو بلڪه سڪندر جي پيءُ ارسطوءَ کي هڪ مڪتب قائم ڪري ڏنو جتي مقدونيا جو شهزادو ٻين شاگردن سان گڏ تعليم حاصل ڪندو هو.
چون ٿا ته هڪ ڀيري ارسطو پنهنجي شاگردن کان سوال پڇيو ته، ”جڏهن توهان بادشاھ ٿي ويندا ته ڇا ڪندا؟“
گهڻن شاگردن جواب ڏنو ته،”اسان مشڪل وقت ۾ توهان کان مشورو وٺنداسين ۽ توهان جي مشوري تي عمل ڪنداسين.“ پر سڪندرچيو ته:
”سائين، آءٌ هينئر ڪجهه به ٻڌائي نٿو سگهان، ۽ نه ئي ڪو انسان ٻڌائي سگهي ٿو، ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آهي؟ جڏهن اهو وقت اچي ته توهان مون کان سوال پڇجو ۽ مان ان وقت جي حالتن کي ڏسي توهان کي جواب ڏيندس.“
سندس جواب تي ارسطو ڏاڍو خوش ٿيو، سڪندر به ارسطوءَ جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. هن ارسطوءَ جي باري ۾ ڳالهائيندي چيوهو، ”پنهنجي پيءُ کان مون کي زندگي ملي ۽ ارسطوءَ مون کي اها زندگي شان سان گذارڻ سيکاري آهي.“ سڪندر جڏهن بادشاھ ٿيو ته ارسطوءَ جي چوڻ تي سندس اباڻي شهر”اسٽاجيرا“ کي نئين سر ٺهرايو ۽ شهر جي رهواسين کي خاص رعايتون ڏياريائين. شهر جي جن ماڻهن کي معمولي ڏوهن عيوض شهر نيڪالي ڏنل هئي تن کي پڻ واپس شهر ۾ اچي رهڻ جي اجازت ڏيارائين.
ارسطو بائلاجي تي ڪم شروع ڪيو ته سڪندر کيس ٻاهرين ملڪن مان نياب ڪتاب ۽ ٻوٽا گهرائي ڏنا نه صرف ايترو بلڪه هڪ هزار ماڻهو سندس خدمت ۾ پيش ڪيا، جن کي ارسطوءَ پکين، حيوانن ۽ مڇين جي خصلتن ۽ عادتن جي مشاهدي ڪرڻ ۽ ان مشاهدي کي لکڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو ۽ تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو.
ارسطو دنيا جو پهريون سائنسدان هو، جنهن هر شيءَ کي مشاهدي جي گهري نظر سان پرکيو. هن اخلاقيات، مابعدالطبعيات، شاعري، ناٽڪ، علم ڪيميا، سياست ۽ تقرير جي فن بابت گهڻو لکيو سندس تحريرن پنهنجي وقت جي وڏن شاعرن جهڙوڪ شيڪسپيئر، ڊانٽي، اسپينسر ۽ گوئٽي کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.
ارسطو فيلسوف ۽ مفڪر سان گڏ هڪ رحمدل ۽ سٺو انسان پڻ هو. هو هر ڪنهن جي ڪم اچڻ وارو هو ۽ هر هڪ سان نهايت عاجزي ۽ محبت سان پيش ايندو هو. اهڙي روش جي ڪري ڪي ماڻهو سندس دشمن پڻ ٿيا پر بادشاھ سان ناتن جي ڪري کيس ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيا. پر 323 ق م ۾ جڏهن سڪندر انتقال ڪري ويو ته اهي ماڻهوجن کان ارسطوءَ جي مقبوليت ۽ شهرت، عزت ۽ مڃتا هضم نه پئي ٿي انهن هڪدم مٿس بي دينيءَ ۽ ڪفر جا الزام مڙهيا. ۽ هٿ ڌوئي سندس پويان پئيجي ويا تان جون ارسطوءَ کي مجبور ڪيو ويو، ته هو معافي نامو لکي عدالت ۾ پيش ٿئي. لاچار هن ائين ئي ڪيو. هن معافي نامو لکي ڏنو جنهن کانپوءِ هو اتي رهي پئي سگهيو پر هو معافي نامو پيش ڪرڻ کان پوءِ جلد ئي اٿنيس کي ڇڏي، ٿريس جي شهر ۾ وڃي رهيو، جتان کيس وري موٽي اچڻ نصيب نه ٿيو ۽ سن 322 ق م اتي ئي وفات ڪري ويو. هڪ روايت اها به آهي ته هو بيماري ۽ اڪيلائي کان بيزار ٿي پيو هو ۽ پنهنجي ئي ٺاهيل هڪ زهر جهڙي دوا پي ابدي ننڊ سمهي پيو.
ارسطو اٿينس واسين تي وڏا احسان ۽ مهربانيون ڪيون، ۽ اٿينس واسي به سندس دل سان عزت ڪندا هئا جو سندس وفات کان پوءِ انهن هڪ اوچي مقام تي هڪ منارو جوڙايو، جنهن تي هيٺان لفظ اُڪيري ڇڏيا:
”ارسطو پنهنجي نيڪين، احسانن، همدردين سبب ۽ خاص ڪري انهن مهربانين سبب جيڪي هن بادشاهه وٽ رهڻ وقت اٿينس جي رهواسين تي وقت بوقت پئي ڪيون آهن. ان ڳالهه جو مستحق آهي، ته اٿينس جا رهاڪو هميشھ سندس ٿورائتا رهن ۽ سندس علم ۽ بزرگيءَ جو اعتراف ڪن. اهڙيءَ طرح جو اهي احسان ايندڙ نسلن تائين هميشه لاءِ يادگار رهن.“
سندس دشمنن کان اهو اعزاز برداشت نه ٿيو ۽ چوريءَ هنن اهو منارو ڪيرائي ڇڏيو. اٿينس وارن جاچ ڪري ميناري ڪيرائيندڙ بدبخت کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ مناري کي وري ٻيهر جوڙيو. هنن نه صرف مٿين عبارت وري لکي بلڪه مناري ڊاهڻ واري جو پڻ سڄو قصو لکيائون ته جيئن اڳتي ڪو دل جو کوٽو ماڻهو اهڙي جرئت نه ڪري سگهي.
زير نظر ڪتاب ”پوئٽڪس“ ارسطو جي ٽڙيل پکڙيل خطبن، تقريرن ۽ ليڪچرس جو مجموعو آهي، جيڪي هن شاعريءَ جي فن بابت ڏنا هئا. وڏي عرصي تائين ڪتاب سامهون نه اچي سگهيو، جنهن جا ڪيئي ڪارڻ آهن. هيءُ ڪتاب لڳ ڀڳ دنيا جي انهن سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، جن ۾ ادب تخليق يا ترجمو ٿي رهيو آهي. خبر ناهي ته ڇو اسان جي سنڌي شارحن، مترجمن ۽ نقادن کان هيءُ اهم ڪتاب پاسي تي رهيوآهي، حالانڪه هن ڪتاب کي تنقيد جي موضوع تي دنيا جو پهريون ڪتاب تسليم ڪيو پيو وڃي.
هن سنڌي ترجمي جو بنياد ته عزيز احمد جو اردو ترجمو آهي، جيڪو پهريون ڀيرو 1941ع ۾ انڊيا مان ڇپيو، پر جيئن ته عزيز صاحب ڪيترن هنڌن تي پنهنجون شرحون ڏنيو آهن، جيڪي ڪٿي ڪٿي تسليم ڪرڻ جوڳيون نٿيون لڳن، انڪري اتي ايس ايڇ بُچر جي انگريزي ترجمي تان مدد ورتي وئي آهي. ان کان علاه پوئٽڪس جا ڪجهه ٻيا انگريزي ترجما پڻ سامهون رهيا، جن ۾ جو سئچس، مائڪل ڊيوس ۽ جارج ويلي شامل آهن. بنيادي طور تي هيءُ ڪتاب افلاطون جي جمهوريه جي ان حصي جو جواب آهي، جنهن ۾ هو شاعرن کي بيدخل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ٿو. افلاطون ۽ ارسطو جي نظرياتي وڇوٽي تي ڳالهائيندي پروفيسر ڪرومبي لکيو هو ته،
”ارسطو هڪ فيسلوف هو، جنهن جو مقصد انسان ذات جي ذهني تحريڪ جي دائري ۾ تنظيم ۽ ترتيب پيدا ڪرڻ هو. اهو بلڪل ناممڪن هو ته هو ادب جي فن کي نظرانداز ڪري ڇڏي. دراصل ”فن شاعري“ ۾ ارسطو، شاعريءَ تي افلاطون جي ڪيل مشهور معروف اعتراض جو زبردست جواب ڏنو آهي. افلاطون هي اعتراض اٿاريو هو ته: ”شاعري انساني ذهن جي عظمت ۽ بلندي لائق بنهه ڪين آهي ۽ اها پنهنجي اثر جي لحاظ کان بلڪل وانجهيل آهي.“ تنهنڪري ضروري آهي ته ’فن شاعريءَ‘ جو تعارف ڪرائيندي مختصر ۽ جامع لفظن ۾ ان اختلاف جي وضاحت پڻ ڪجي، جيڪو هنن ٻن خاص ذهنن جي وچ ۾ هو، ڇاڪاڻ ته ان اختلاف جي ڪري هڪ طرف شاعريءَ تي زبردست حملو ٿيو، ته ٻئي طرف وري ان جو اثرائتو بچاءُ پڻ ٿيو. ارسطو، افلاطون جو شاگرد هو، پر جيئن جيئن ارسطو جو ذهن پختو ٿيندو ويو تيئن تيئن هو پنهنجي ۽ افلاطون جي عقيدن جي وچ ۾ اختلاف بابت وڌيڪ آگاهه ٿيندو ويو، ۽ هن افلاطوني فلسفي جي ڪن خاص نتيجن ۽ طريقن تي اعتراض ڪرڻ ضروري سمجهيو. اهو بنهه ناممڪن آهي، ته فيلسوفاڻي فڪر جي ٻن مخالف مڪتبن کي بيان ڪرڻ لاءِ انهن ٻن شخصن کي چونڊيو وڃي، جيڪي پنهنجي پنهنجي مڪتب جي پوري طرح نمائندگي ڪري ٿا سگهن. البت اهو اختلاف ان مطالعي جي وسيلي واضح ٿي سگهي ٿو جيڪو انهن شخصن لاءِ چڱو خاصو دلچسپي وارو آهي. ارسطو جي دلچسپي بائلاجي ۾ هئي، جنهنڪري سندس فلسفي تي ان جو رنگ چڙهيل آهي. افلاطون وري علم رياضي جي رنگ ۾ رڱيل آهي يعني ارسطو جو ذهن شين جي وسيلي خيالن تائين پهچي ٿو ۽ افلاطون جو ذهن وري خيالن جي وسيلي شين تائين پهچي ٿو. ارسطو جو ذهن علمي هو جڏهن ته افلاطون جو ذهن ميٽا فزيڪل هو. مٿئين اختلاف جي اهميت ان وقت ظاهر ٿئي ٿي جڏهن سوال اٿي ٿو، ته ”حقيقت“ جي معنيٰ ڇا آهي؟ ان صورت ۾ علم حيات جو ماهر حقيقي اڪيلي ساهواري کان وٺي مخلوق جي ڪنهن به قسم جهڙوڪ انسان يا جانور جي عام خيال جو مطالعو ڪندو. ڪنهن ساهواري جو خيال ئي گهڻي قدر سچو آهي، پر فقط ان ڪري جو ان جو تعلق حقيقي ماڻهن يا جانورن سان آهي. علم حياتيات جي نقطه نظر کان خيالن کي ڏنل شين جي صداقت اها آهي، جيڪا خود انهن ۾ موجود آهي؛ پر علم رياضي جي نقطهء نظر کان شين کي ڏنل خيالن جي صداقت اها آهي، جيڪا اڳ ۾ ئي انهن ۾ موجود آهي. ڇاڪاڻ ته رياضيدان اُهي خيال مطالع ڪري ٿو، جيڪي ڪڏهن به پوري طرح شين مان حاصل ڪري ڪونه ٿا سگهجن. ڪنهن ليڪي جو خيال خالص هڪ خيال آهي ۽ هڪ ليڪي جي ايراضي هڪ خالص خيالي ايراضي آهي. پر اها دائم ۽ قائم ايراضي آهي، جنهن تي پورو يقين ڪري سگهجي ٿو. هڪ ليڪي ۾ اهي ايراضيون ان وجود جو يقين ڏيارين ٿيون جنهن کي اسين حقيقت چئون ٿا؛ ۽ صحيح طبعي ليڪن ۾ اهي ايراضيون فقط ان حد تائين محدود آهن ته انهن جي ڪري ليڪي جي خيال جي نمائندگي ٿئي ٿي. تنهنڪري هڪ رياضياتي ذهن لاءِ شيون گهڻي قدر حقيقي هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪن خيالن جي نمائندگي ڪن ٿيون. شين کي حقيقت ملي ٿي خيالن کان، پر جيڪڏهن خيالن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ شيون نه به هجن (جئن رياضياتي خيالن ۾ ٿيندو آهي) تڏهن به اهي خيال حقيقي هوندا. افلاطون ڪهڙي گمراهه منطق جي اثر هيٺ شاعريءَ کي ننديو هو، ان بابت هاڻي سوچينداسون، پر سندس اعتراض جي نوعيت عين سندس فلسفي جي نوعيت مطابق آهي. ساڳيءَ طرح ان اعتراض لاءِ ارسطو جي ڏنل جواب جي نوعيت سندس فلسفي سان مطابقت رکي ٿي. ارسطو ڪڏهن به ايئن ڪونه ٿو چوي، ته منهنجو نظريو افلاطون جي نظريي جو جواب آهي. هو فن ۽ شاعري ۾ افلاطون جو ذڪر ئي ڪونه ٿو ڪري ۽ نه وري شاعريءَ تي هن جي ڪيل اعتراض ڏانهن اشارو ڪري ٿو، پر سندس سموري دليل بازي افلاطون جي دليلن جي هر هڪ نڪتي کي باطل ثابت ڪرڻ لاءِ مناسب آهي. ان کان سواءِ انهن ٻن ذهنن جو اختلاف تڏهن ظاهر ٿئي ٿو جڏهن اهي شاعريءَ جي وجود تي بحث ڪن ٿا.“
هن ڪتاب ۾ عزيز احمد جي تمهيد پڻ شامل ڪئي وئي، جنهن ۾ ضرورت آهر اضافي نوٽس شامل ڪيا ويا آهن، جنهن سان پڻ ڪتاب کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي.
”پوئٽڪس“ جي ترجمي وقت لفظي ترجمي بداران خيال جي ترجمي کي ترجيح ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ٻوليءَ جو حسن برقرار رهي سگهي. آئون ترجمي جي مستند هجڻ جي ڪا به هام نٿو هڻان، ممڪن آهي ته ڪي چڪون مونکان ٿيون هجن، جن لاءِ اڳواٽ معذرت خواه آهيان.
ڪتاب جي ڇپائڻ جي حوالي سان آئون ذاتي طور اڪبر لغاري صاحب سيڪريٽري ڪلچر ۽ سليم سولنگي صاحب ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪلچر جو ٿورائتو آهيان، جن جي ذاتي دلچسپي سبب هيءُ ڪتاب جلد ڇپجي سگهيو آهي.
ڊاڪٽر شير مهراڻي
ڪراچي يونيورسٽي
21 مارچ 2018ع