ٽريجڊي رزميا شاعريءَ کان افضل آهي
(1)
شاعري نقل آهي، اهو ته طئي آهي، پر هيءُ سُوال به ڪري سگهجي ٿو ته نقل لاءِ ڪھڙو طريقو مناسب آهي؟ حزنيا يا رزميا؟
جيڪڏهن هيءُ مڃيو وڃي ته جيڪو فن وڌيڪ نفيس آهي اُهو تقابلي طور وڌيڪ بھتر هُوندو ۽ هر طرح کان نفيس اُهو ئي فن هُوندو جيڪو بھتر قسم جي ڏسندڙن کي وڌيڪ پسند اچي؛ ته اُن مان هيءُ نتيجو به نڪري ٿو ته اُهو فن جيڪو هر چيز ۽ سڀ نمُوني جو نقل ڪري ٿو ته پڪ سان اهوغير شائستو (چس کان وانجهيل) هُوندو ۽ اُن ۾ نفاست نه هُوندي. اِن پَڇاڙڪي قسم جي فن ۾ ڏسندڙن کي ڄڻ ته ڪُند ذهن سمجهيو وڃي ٿو ۽ اداڪار پنھنجي طرفان تمام گهڻيون شيون واڌاري طور اٽڪائي ڇڏين ٿا ۽ قسمين قسمين ڪي وڻندڙ ته ڪي اڻوڻندڙ حرڪتون ڪن ٿا. مثال اُهي ماڻهو جن کي چڱيءَ رِيت بانسري وَڄائڻ نه ايندي آهي، اهي واڌو شين جو نقل ڪن ٿا ۽ چڪر لڳائن ٿا ۽ جڏهن اُهي “سلا” راڳ وَڄائن ٿا ته سَرِ طائفا (ناچڻيءَ) کي وجد ۾ آڻي ڇڏن ٿا. چيو وڃي ٿو ٽريجڊيءَ ۾ به اهو ئي نُقص آهي. پُراڻن اداڪارن جي نوَن اداڪارن بابت جيڪا راءِ آهي سا هن ريت آهي! منس ڪس (MYNNISCUS) ڪالي پيڊيز (CALLIPPIDES) کي اڪثر بند رکندو هو ڇاڪاڻ جو هُو اداڪاريءَ ۾ بيجا مُبالغو ڪري ويندو هو ۽ پندارس (PINDARUS) کي به ماڻهو اهڙو ئي سمجهندا هُئا.
ٽريجڊيءَ جي فن کي رزميا شاعريءَ سان اُها ئي نسبت ڏني ويندي آهي جيڪا نوَن اداڪارن کي پُراڻن اداڪارن سان آهي. انھيءَ آڌار تي اسان کي چيو ويندو آهي ته رزميا شاعري باذوق ڏسندڙن کي سامهون سمجهي لکي ويندي آهي ۽ اُهي اشارن (ايڪٽنگ) جا محتاج نه هُوندا آهن. ٽريجڊي هيٺين ماڻھن لاءِ لکي ويندي آهي ۽ جيئن ته ان لحاظ کان اها غير شائستي ٿئي ٿي ۽ رزميا شاعري جي ڀيٽ ۾ گهٽ درجي تي آهي.
(2)
سڀ کان پھريان ته مٿي ڄاڻايل الزام در اصل اداڪار (ايڪٽر) جي فن بابت آهي، انهن جو واسطو شاعر جي فن سان نه آهي ڇاڪاڻ ته رزميا نظم ٻُڌائڻ وقت داستان گو به اشارن ۾ مُبالغو ڪري سگهي ٿو ۽ سُگهڙائپ اختيار ڪري سگهي ٿو. داستان گو سوسس ٽراٽس (SOSISTRATUS) جو اهو ئي دستُور هوندو هو يا مناس ٿس (MINATHUS) به موسيقاڻا نظم ٻُڌائڻ دوران اهڙيءَ رِيت اشارن ۾ مُبالغو ڪري ويندو هو. يعني هر نمُوني جي اداڪاريءَ کي غلط قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. جيئن هر طرح جي ناچ کي غلط نه ٿو سمجهي سگهجي. رُڳو بي جا اداڪاري غلط سمجهي سگهجي ٿي. مثال طور اُن قسم جي اداڪاري جنھن تي ڪاليپيڊيز اعتراض ڪيو هو يا اُنھن ماڻهن جي اداڪاري جيڪي فحاش عورتن جو نقل ڪندا آهن ۽ جن تي هاڻي به اعتراض ڪيو ويندو آهي.
ٽريجڊي به رزميا شاعريءَ جيان ايڪٽنگ بنا اثر ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن ٽريجڊيءَ کي پڙهيو وڃي تڏهن به ان جي طاقت ۽ اثر پڌرو هُوندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن ٻين سڀني ڳالھين ۾ ٽريجڊيءَ جي اُتامرائي مڃي وڃي ته ان جي باري ۾ اسان اهو چئي سگهئون ٿا ته اهو ٽريجڊيءَ جو ذاتي جهول نه آهي.
(3)
ٽريجڊي ڪيترن ئي موڙن تي اُتامري ٿي پوندي آهي. رزميا شاعريءَ ۾ جيڪي عنصر آهن اُهي سڀ ٽريجڊيءَ ۾ موجُود آهن. ايسيتائين جو اها رزميا شاعريءَ جو بحر به اختيار ڪري سگهي ٿي ۽ پوءَ ڀلي ان ۾ اها موسيقيءَ ۽ آرائش جي ذريعي غير معمُولي اضافو به ڇو نه کڻي ڪري. جن جي ڪري تخيل اڃان وڌيڪ مٿانھون ٿي پوندو آهي ۽ ان مان وڌيڪ لُطف ايندو آهي.
پوءِ ڀلي ان کي پڙهيو وڃي يا اسٽيج تي پيش ٿئي ۽ ان کي ڏٺو وڃي ان جو اثر ڏاڍو چٽو ۽ واضح هُوندو.
ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته اُن جي نقل جو مقصد تمام ٿوري وقت ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي. پنهنجي گهڻي ۽ گهري اثر سبب ڏسندڙن کي ڏاڍو لُطف عطا ڪري ٿي. پر پَٽاڙ ۽ گهڻي ڊيگهه سبب اهو لطف نٿو ملي. مثال طور جيڪڏهن سوفو ڪليز جي ڊرامي ايڊيپس جي ڊيگهه کي ايليڊ جي برابر وڌايو وڃي ته اُن ۾ اُهو لُطف نه رهندو.
هڪ ٻي به ڳالهه ٻڌائڻ ضروري آهي ته رزميا نقل ۾ وحدت گهٽجي ويندي آهي. هڪ رزميا نظم جي مواد مان تمام گهڻيون ٽريجڊيون لکي سگهجن ٿيون. رزميا نظم لاءِ شاعر جيڪڏهن اهڙي رُوئداد چُونڊي جيڪا پُوريءَ رِيت واحد آهي ته اهڙيءَ رُوئداد کي يا ته تَت سان بيان ڪري سگهي ٿو ۽ ان صُورت ۾ نظم ڏاڍو ننڍو ۽ ناقص لڳندو يا اُن کي ڊيگهه ڏئي سگهجي ٿي. ان صُورت ۾ قصو ڏاڍو ڪمزور ۽ ٻُسو ٿي پوندو.
اِن جي اُبتڙ جيڪڏهن اسان اهو فرض ڪريون ته رزميا نگار اهڙي رُوئداد چُونڊي جنھن ۾ تمام گهڻا عمل هُجن ته ان صُورت ۾ اُن جي نقل ۾ وحدت باقي نه رهندي. ان جو مثال هيءُ آهي ته ايليڊ ۽ اوڊيسيءَ ۾ تمام گهڻا اهڙا ضمني حصا آهن جن مان هر هڪ جُداگاڻي عظمت ۽ وحدت رکي ٿو. پوءِ انھن نظمن جي ترتيب ممڪن حد تائين مُڪمل آهي ۽ ان ۾ ڪتب آندل عمل تقريبن اڪيلو ۽ واحد ئي آهي.
(4)
انھن سڀني ڳالھين ۾ ٽريجڊي رزميا شاعريءَ کان مٿانهين آهي ۽ جيڪڏهن اها پنھنجو خاص مقصد وڌيڪ چڱيءَ رِيت پُورو ڪري ٿي ڇا ڪاڻ ته هر فن جو مقصد اهو نه آهي ته اتفاقي طور تي ان مان حظ حاصل ٿئي بلڪِه اهو ته ان مان ان قسم جو حظ حاصل ٿئي ۽ اهو ئي اُن جو خاص مقصد آهي. اهو اسان پھريان ئي لکي چُڪا آهيون. ان مان اهو نتيجو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ٽريجڊي تقابلي طور وڌيڪ افضل ۽ بھتر آهي، ڇاڪاڻ ته اها پنھنجي مقصد جي بھتر نموني تڪميل ڪري ٿي.
حُزنيا ۽ رزميا شاعريءَ بابت ۽ انھن جي مُختلف حصن ۽ انھن جي قسمن، حصن ، انگن ۽ انھن جي گڏيل فرق، نظمن جي خوبين، خامين، چڱائيءَ يا لَڱائيءَ، نقادن جي اعتراضن ۽ اُنھن جي جوابن جي باري ۾ اسان جيڪو ڪُجهه چئي چُڪا آهيون سو ڪافي/گنج آهي.