شاعريءَ تي هڪ عام ۽ ڀيٽاڻي نظر
تمهيد
آئون هتي شاعري ۽ ان جي مُختلف قسمن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو. آئون چاهيان ٿو ته ڪا اِهڙي ڇنڊ ڇاڻ ڪريان جو اهو ثابت ٿئي ته شاعريءَ جي انھن قسمن مان هر هڪ قسم جو خاص حاصل مقصد آخر ڪھڙو آهي؟ ڪھڙيءَ رُوئداد يا خاڪي جي ڪھڙي نمُوني ترڪيب ۽ ترتيب هڪ سٺي نظم لاءِ ضروري آهي. هر قسم جي شاعريءَ جا ڪيترا ۽ ڪھڙا ڪھڙا حصا آهن؟ انھيءَ مضمُون سان ملندڙ جلندڙ ٻيون به ڳالھيون پرکيان. مان اِنھن مامرن جو اُن ترتيب آهر ذڪر ڪندس جيڪي مُون کي فطري لڳن ٿيون.
(1)
رزميا شاعري، ٽريجڊي (اَلميو)، ڪاميڊي (طربيا)، ڀِڄن ۽ اهڙيءَ رِيت بانسريءَ ۽ چنگ جا راڳ جيڪڏهن توهان بلڪُل عام نظر سان ڏسندا ته اهي سڀ اوهان کي هڪ طرح جو نقل لڳندا. ۽ انهن هڪجهڙائي ملندي پر پوءِ به اِهي نقل ٽن نمونن سان هڪ ٻئي کان مُختلف آهن، جن ۾ نقل ڪرڻ جا ذريعا، موضُوع ۽ طريقا شامل آهن.
(2)
جھڙيءَ رِيت ڪي ماڻھُون پنھنجي فن جي لاءِ ۽ ڪُجهه عادتن رنگ يا شڪلين جي ذريعي مُختلف شين جو نقل ڪن ٿا ۽ ڪُجهه آواز مان آهل ڪڍن ٿا اهڙيءَ رِيت مٿي ڄاڻايل آرٽ جي نمونن ۾ به موزُونيت، لفظ ۽ موسيقي وغيرهه توڙي جو اهي سڀ مُختلف ذريعا آهن پر تنهن هوندي به ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هڪ ٻئي سان ملي اهي سڀ نقل پيدا ڪندا آهن.
مثال طور بانسريءَ، چنگ يا موسيقيءَ جي ٻين سازن سان جيڪو نقل ڪيو وڃي ٿوانهن مان ساڳيو ئي اثر پيدا ٿئي ٿوجيئن مُرلي جي آواز ۾ صرف موزُونيت ۽ نغمي کي استعمال ڪيو ويندو آهي. رقص ۾ نغمي بدران رُڳو موزُونيت کي ڪتب آڻجي ٿو. ڇو ته ڪي اهڙا به رقاص آهن جيڪي نِرت ۾ موزُونيت جي ذريعي ئي آدابن / گُڻن، احساسن، جذبن ۽ لھرَن کي ادا ڪندا آهن.
رزميا شاعريءَ ۾ رُڳو لفظن يا نظم جي وسيلي نقل ڪيو وڃي ٿو. اهو نظم مُختلف بحرن ۾ به لکي سگهجي ٿو ته ڪنهن مروج بحر ۾ به چئي سگهجي ٿو. EPOPOEIS کان سِواءِ ڪو ٻيو عام نالو اهڙو نه آهي جو سوفران (SOPHRON) ۽ زي نارڪس (XENARCHUS) جي تماشن ۽ سُقراطي مَڪالمن تي به پُورو لھي يا اُنھن نظمن تي جيڪي آئمبڪ (IAMBIC) نوحي يا ٻين بحرن ۾ لکيا وڃن ۽ جن ۾ ان نمُوني جي نقل کي استعمال ڪري سگهجي جيڪي رزميا شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن.
اِن ۾ شڪ نه آهي ته هڪ هلندڙ رواج طور شاعريءَ (فن/ صنعت) کي بحرن سان جوڙي ڪِن شاعرن کي نوحه گر شاعر ڪوٺيو ويو آهي. ته ڪِن کي وري رزميا شاعر چيو ويو آهي يعني اُهي جيڪي ڊگهو بحرن ۾ جنگي شعرلکندا آهن. اهڙيءَ رِيت شاعرن جي جيڪا وَنڊ وِرڇ ڪئي وئي آهي سا سندن نقل جي طور طريقن بدران سَکڻن بحرن جي بُنيادن تي ڪيل آهي ڇاڪاڻ ته جيڪي همراهه نظم ۾ طب يا طبعيات تي رسالا لکن ٿا اهي به پاڻ کي شاعر چوائن ٿا؛ پر هومر، ايمپي ڊوڪليس (EMPEDOCLES) ۾ سندن بحر کانسواءِ ٻي ڪا شئي ساڳي نه آهي. بھر حال هومر ته حقيقي معنيٰ ۾ شاعر جو لقب لهڻي باقي امپي ڊوڪليس کي جيڪڏهن طبيب سڏيون ته وڌيڪ مُناسب ٿيندو.
اهڙيءَ رِيت جيڪڏهن ڪو چاهي ته پنھنجيءَ نقل کي گڏيل سڏيل بحرن ۾ پيش ڪري جيئن ڪيرمون (CHAEREMON) پنھنجي ڪتاب (CENTAUR) ۾ ڪيو آهي؛ جيڪو سڀني قسمن جي بحرن جو گڏيل مجمُوعو آهي؛ ته ان جي اِها معنيٰ نه ٿي ٿي سگهي ته رڳو اِن ڪري هُو شاعر چوائي جو هن بحر ڪتب آندا آهن ته اها ڳالهه درست ناهي ۽ هاڻي اهو بحث پڻ ختم ٿيڻ گهرجي.
پر ان هُوندي شاعر جا ٻيا به قسم آهن جيڪي نقل جي ٽنھي ذريعن موزونيت/هم آهنگي، نغمي ۽ نظم کي استعمال ڪن ٿا. جيئن ڀڄن، ٽريجڊي ۽ ڪاميڊي! بھر حال انھن ۾ بنيادي فرق هيءُ آهي ته انھن مان ڪِن نمونن ۾ نقل جا سڀ ذريعا گڏ استعمال ڪيا ويندا آهن ۽ ڪِن ۾ وري الڳ الڳ! اسان چئي سگهون ٿا ته آرٽ جي انهن نمونن ۾ اهو فرق اُنھن ذريعن جي لحاظ کان آهي جن مان اهي نقل ڪندا آهن.
(3)
نقل جا موضُوع:
جيئن ته نقل جا اصل موضُوع انسان جي ڪرت تي بيٺل آهن ۽ اهو پڻ ڏٺو وڃي ٿو ته سڀ ماڻهو هڪجهڙا ناهن، ڪي چڱا آهن ته ڪي وري بڇڙا؛ سو فنڪار لاءِ لازمي آهي ته هو هنن مان ڪو هڪ نتيجو ڪڍي. يا ته هو انهن کي ايئن بيان ڪري جيئن هو آهن، يا وري ايئن بيان ڪري جيئن هو انهن کي ڏسڻ گهري ٿو يا وري ايئن بيان ڪري جيئن هو وڌيڪ سٺا لڳن.
مثال طور مُصوريءَ ۾ ڏِسو! پالي گناٽس (POLYGNOTUS) جون ڪڍيل تصويرون فطرت جي عام سطح کان مٿي بلڪه فطري حدن کي اورانگهيندڙ آهن. پون سون (PONSON) جون ٺاهيل تصويرون فطري سطح کان ڪِريل آهن ۽ ڊايوني سيس (DIONYSIUS) جون تصويرون بلڪُل سچيون ۽ کريون آهن.
هاڻي اهو ظاهر آهي ته مٿي بيان ڪيل تصويري نمونن کي هرهڪ مصور پنهنجي انداز سان پيش ڪيو آهي، ۽ انهن مان هر هڪ پنهنجي اختلافن جو پابند پڻ ضرور هُوندو ۽ هو الڳ نمونو پيش ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته هو اهڙن موضُوعن جو نقل ڪن ٿا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هڪٻئي کان مُختلف آهن. اهو ساڳيو طريقه ڪار رقص توڙي سازن جهڙوڪ بانسري ۽ چنگ جي نمونن ۾ به ڪتب آڻي سگهجي ٿو ته شاعريءَ تي پڻ ان جو اطلاق ڪري سگهون ٿا. هومر ماڻھوءَ کي؛ جيئن هو آهن انھن کان مٿانھون ڪري پيش ڪري ٿو؛ ڪليوفون (CLEOPHON) کين اهڙو ڏيکاريو آهي جھڙا هُو آهن. جڏهن ته ٿيسيا جي رهواسي هيگي مون (HEGEMON) جنهن فرد جي واهياتپڻي وارن روين تي گهڻو لکيو ۽ نڪو ڪارسس (NICHOCHARES) پنهنجي تصنيف ڊيلياڊ (DELIAD) ۾ اُنھن کي (ماڻھن کي جھڙا هُو آهن تنھن کان به) بدتر ڪري ڏيکاريو.
اهڙيءَ رِيت ڀڄنن وغيرهه ۾ به نقل ائين مُختلف ٿي سگهي ٿو جيئن ٽموٿيس (TIMOTHEUS) جوڪتاب “اهلِ فارس” فِلاڪسي نس (PHILOXENUS) جي ڪتاب “ڪارا ڀوت” کان مُختلف آهي.
ٽريجڊي ۽ ڪاميڊي به ائين ئي هڪ ٻئي کان ڌار آهن. ڪاميڊيءَ ۾ ماڻھن کي جھڙو اسان ڀائيندا آهيون کين ان کان بدتر ڪري ڏيکاريو وڃي ٿو جڏهن ته ٽريجڊيءَ جو مقصد کين بھتر ڪري ڏيکارڻ آهي.
(4)
نقل جا طريقا:
نقل جي ٽئين طريقي جو ذڪر پوئتي آهي. اُن طريقي تحت هر موضوع جو نقل ڪري سگهجي ٿو؛ ڇا ڪاڻ ته شاعر هڪ ئي موضُوع کي ساڳين ذريعن تحت بياني طريقي سان به نظم ۾ پوئي سگهي ٿو ته وري ان بياني طريقي ۾ ٻين ڪردارن کي به پيش ڪري سگهي ٿوجيئن هومر ڪيو آهي يا وري بنا ڪنهن تبديليءَ جي پاڻ ئي ضمير مُتڪلم طور ڪردارن کي اهڙي نمُوني نقل ڪري پيش ڪري جو سندس سڀئي ڪردار حقيقي ڪردارن جو ڏيک ڏين.
جيئن ته مُون شروع ۾ چيو هو ته ٽن قسمن يعني ذريعن، موضُوعن ۽ طريقن جا اختلاف اهڙا آهن جن جي ذريعي هر نمُوني جي نقل ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو. هڪ لحاظ کان سوفو ڪليس (SOPHOCLES) اهڙي نمُوني جو نقل ڪندڙ آهي جھڙو هومر! ڇو ته ٻنھي جا اصل موضُوع عظيم ۽ اعليٰ ڪردار آهن. ٻي پاسي هو ٻيئي ارسٽو فينس (ARISTOPHANES) وانگر آهي ڇاڪاڻ ته ٻئي ڪرت/عمل وسيلي نقل ڪن ٿا ۽ ڪِن نقادن جو خيال آهي ته ان لحاظ کان اهڙن نظمن جي لاءِ ڊرامي يعني عمل جو اصطلاح ڪَتب آندو ويندو آهي. (سي پرڊورين لوڪ پنھنجي هيءَ دعوا قائم ڪن ٿا ته ٽريجڊي ۽ ڪاميڊي ٻنھي کي هُنن اِيجاد ڪيو آهي ڇو جو ڪاميڊيءَ جي اِيجاد جا دعويدار ميگاري آهن. يونان جا ميگاري به جن جي حُجت هيءَ آهي ته سندن جمھُوري حڪُومت ۾ ان جو آغاز ٿيو ۽ سسليءَ وارا (ميگاري) به جن جو شاعر ايپي ڪارمس (EPICHARMUS) ڪيونيڊيس (CHIONIDES) ۽ ميگنيس (MAGNES) ٻنھين کان گهڻو اڳ منظر تي آيو. پليو پوني سس جي ڪُجهه ڊورين رهواسين ٽريجڊيءَ جي اِيجاد جي دعوا ڪئي آهي. انھن دعوائن جي حق ۾ هُو اُنھن لفظن جي معنائن جي بُنياد تي بحث ڪن ٿا. سندن بيان آهي ”گانوءَ“ کي ڊورڪ ٻوليءَ ۾ COME چوَندا آهن ۽ اَي ٽڪ ٻوليءَ ۾ DEMOS! ڪاميڊيءَ وارن جو لقب COMAZEIN (ڳالھين جي بوڇاڙ يا ڀوڳ چاڳ) سان نه ٿي ٺھڪي بلڪِه کين اِهو نالو ان ڪري ڏنو ويو آهي جو جنھن زماني ۾ شھر وارا کين گهِڙڻ نه ڏيندا هُئا، هُو ٻھراڙين (COMAI) ۾ چڪر لڳائيندا. سندن وڌيڪ تاويل هيءَ آهي ته هُو (ڊورڪ لوڪ) ڪرڻ يا عمل جو مفھُوم لفظ DRAN سان ادا ڪندا آهن. ايٿنز واسي ان مقصد ڪاڻ لفظ PRATTEIN استعمال ڪندا آهن.
نقل جا اختلاف ۽ اُهي ڪيترا ۽ ڪھڙا آهن؟ ان بابت جيڪو ڪُجهه چيو ويو آهي سو گهڻو آهي.
(5)
شاعريءَ جي شروعات جا ٻه ڪارڻ:
عام شاعريءَ جي ابتدا جا ٻه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. ٻئي بلڪُل قُدرتي ۽ فطري آهن.
(1) نقل ڪرڻ ٻاروتڻ کان ئي انسان جي جبلت ۾ شامل آهي. انھيءَ ڪري هُو ٻين سڀني ساهدارن کان الڳ ٿلڳ آهي. نقل جي حساب سان فرد مخلوق ۾ سڀ کان وڌيڪ هوشيار آهي ۽ انھيءَ جبلت جي ذريعي ئي هُو پھرين تعليم پِرائي ٿو. اهڙيءَ رِيت سڀ ماڻھُو فطري طور نقل مان لاڀ بلڪه حِظ حاصل ڪندا آهن. آرٽ جي مختلف نمُونن کي ڏِسي اسان جيڪو ڪجهه محسُوس ڪريون ٿا اُن مان اِهو صاف ظاهر آهي ته اسان انھن مان اهڙين شين مان وڌيڪ خوشي ۽ راحت محسوس ڪيون ٿا جيڪي وڌيڪ ڪاريگريءَ سان نقل ڪيون ويون هُونديون يعني فنڪار وٽ جيتري نقل ڪرڻ جي صلاحيت وڌيڪ هوندي هو اوتريءَ ئي وڌيڪ خوشي ۽ راحت پهچائي سگهي ٿو. شين جي اصليت ته الاهي قبيح آهي اسان جڏهن لاش، مئل جانور ۽ ٻيون اهڙيون شيون ڏسون ٿا ته اسان کي تڪليف پهچي ٿي. ان جي ابتڙ اهڙي نمُوني جي شين کي فن وسيلي تبديل ڪري سگهجي ٿو، توڙي جو اهو به هڪڙو نقل آهي، ۽ نقل جي فن سِکڻ ۾ هڪ قُدرتي راحت لڪل آهي جيڪا رُڳو فلسفين تائين محدُود نه آهي بلڪِه سڀني انسانن لاءِ عام آهي. فرق رُڳو ايترو آهي ته عام لوڪ ان ۾ عارضي ۽ ناپائيدار طريقي سان حصو وٺن ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تصوير ڏِسي کين خوشي حاصل ٿيندي آهي. ان کي ڏِسي هُو ڪجهه نه ڪجهه سِکندا آهن، ۽ نتيجا ڪڍندا آهن. هر شئي جي ماهيت دريافت ڪندا آهن. مثال طور هھڙين آرين پارين همراهه آهي پر جيڪڏهن اسان اهو فرض ڪريون ته جنھن شئي جي نقل لاٿي وئي آهي سا هڪ اهڙي شئي آهي جنھن کي ڪنهن ماڻهوءَ ڪڏهن به نه ڏِٺو هوندو ته ان صُورت ۾ اُن کي نقل جي ڪري خوشي حاصل نه ٿيندي بلڪِه ڪاريگريءَ يا رنگن جي آميزش سبب هو مصوريءَ جو نمونو ڏسي خوش ٿيندو.
ثابت ٿيو ته آهل ڪڍڻ/نقل ڪرڻ اسان جي لاءِ هڪ قُدرتي يا فطري امر آهي ۽ ٽيون ته نغمو ۽ موزونيت به قُدرتي آهن (ڇو جو هيءُ واضح آهي ته تقطيع هڪ طرح جي موزونيت آهي) اِن ڪري اُهي ماڻهو جن فطري طور موزونيت جهڙا رُجحان تمام گهڻا سگهارا هُئا. اهي فطري طور في البديھه نظم چوڻ جهڙيون ڪوششون ڪرڻ لڳا جن آهستي آهستي ترقي ڪئي ۽ انھن مان شاعريءَ جنم ورتو.
(6)
صفا آڳاٽي شاعريءَ جا ٻه قسم:
تنھن هُوندي به اها شاعري جيڪا شاعرن جي مُختلف سيرتن جي پابند هُئي فطري طور تي ٻن مُختلف قسمن ۾ ورهائجي وئي. اُهي لوڪ جيڪي سنجيدا ۽ وڏا سَرڪش هُئا تن پنھنجي نقلن جي لاءِ بُلند ۽ بالا ڪردارن جي عمل ۽ ڪارنامن کي چُونڊيو ۽ انهن جي ابتڙ لطيف مزاج شاعرن ڪوجهن ۽ غليظ ماڻھن جا خاڪا پيش ڪيا ۽ هُنن سڀ کان پھريان هِجُو لکيون جيئن مٿي ذڪر ڪيل شاعرن شروع ۾ ڀڄن ۽ قصيدا لکيا.
عام قسم جي نظمن مان ڪو به اهڙو نمونو اسان جي سامهون موجود نه آهي جيڪو هومر جي زماني کان پھريان لکيو ويو هُجي حالانڪِه ان دؤر ۾ اهڙا تمام گهڻا نظم لکيا ويا هُوندا ليڪن اهڙا نظم اڄ اسان وٽ موجُود ناهن. جيئن ان جو MARGITES ۽ ان قسم جا ٻيا نظم جن ۾ آئمبي بحر کي سڀ کان وڌيڪ مُناسب سمجهي پيش ڪيو ويو ۽ پَڪ سان ان جو نالو آئمبي (هجو) لکندا هوندا.
اهڙي نمُوني هِي پُراڻا شاعر ٻن گروهن ۾ ورهايل هُئا. هڪڙا اُهي جيڪي رجزيه يا جنگي نظم لکندا هُئا ۽ ٻيا اُهي جيڪي آئمبي يا هجو وارا نظم لکندا هُئا.
جھڙيءَ رِيت سنجيده شاعريءَ جي حوالي سان هومر ئي آهي جيڪو اڪيلو شاعر سڏائڻ جو حقدار آهي اهو ان ڪري نه ته هن وٽ شاعراڻيون خوبيون آهن بلڪه ان ڪري به جو سندس نقل ۾ ڊرامائي رُوح پڻ موجُود آهي. اهڙيءَ طرح هُو پھريون شخص آهي جنھن ڪاميڊيءَ جو تصوُر پيش ڪيو ڇاڪاڻ جو هُن هجو بدران ظرافت کان ڪم ورتو ۽ ڊرامن ۾ به ظريفاڻو انداز اختيار ڪيو. سندس مشهور نظم MARGITES کي ڪاميڊيءَ ۾ اُها ئي حيثيت آهي جيڪا سندس ايليڊ ۽ اوڊيسيءَ کي ٽريجڊيءَ ۾ آهي. پر جڏهن ٽريجڊي ۽ ڪاميڊي تي ڪجهه وڌيڪ لکيو ويو۽ ٻئي موضوع ڪجهه وڌيڪ چٽا ٿي بيٺا ته پوءِ جي شاعرن پنھنجي فطري توڙي فني سگهه سان پنھنجي پاڻ کي انھيءَ نئين منظر نامي جوڙي ڇڏيو. عام سطح جا شاعر آئمبي/هجويه نظم لکڻ بجاءِ ڪاميڊي لکڻ لڳا ۽ ڪي سنجيده شاعر رجزيه نظمن بدران ٽريجڊي لکڻ لڳا. اهو سڀ ان ڪري ٿيو جو فني توڙي فڪري اعتبار کان شاعريءَ جون اهي جديد رمزون رُتبي ۾ اعليٰ ۽ بيان ۾ اُوچيون آهن. ۽ اهي عام ڳالھه ٻولھه ۽ مڪالمي لاءِ پڻ مُناسب هيون. ان مان ظاهر آهي ته عام گُفتگو لاءِ مسدس الارڪان بحر بدران آئمبي بحر وڌيڪ مناسب هو. يا وري عام گفتگو مهل ٻوليءَ جو ترنم ۽ شائسگي ڪجهه متاثر پئي ٿي.
اڳتي هلي ضرورت آهر واقعا به وڌايا ويا ۽ ڊرامي جي هر هڪ حصي کي هڪ ٻئي سان ملايو پڻ ويو ۽ ان کي جَلا بخشي وئي.
في الحال ايترو کوڙ آهي.باقي جيڪڏهن اُونھن تفصيلن ۾ پوَنداسين ته گهڻي ڊيگهه ٿي ويندي.
(8)
ڪاميڊيءَ جي وَصف ۽ تاريخ:
اسان اڳ به چئي آيا آهيون ته ڪاميڊي ڪوجهي، بُري عمل يا ڪرت جو نقل آهي. هتي “بُري” مان مراد هر قسم جي بدي نه بلڪِه کل/ٺٺول جھڙي بُرائي آهي جيڪا هڪ طرح جي بد نُمائي يا خرابي آهي. ان جي تعريف هينئن به ڪري سگهجي ٿي ته ان ۾ هڪ اهڙي قسم جي نُقص، خرابي يا بدنُمائي جو ذڪر هُجي جيڪا نه ته تڪليف ڏيندڙ هُجي ۽ نه ئي انسان ڪا امڪاني تباهي اچي سگهي. مثال طور هڪ کل ڏياريندڙ چهرو اهو ڀلي بد شڪل ۽ بگڙيل هجي ان کي اهڙيءَ طرح پيش ڪجي جو ان تي کِل اچي پر ايئن نه پيش ڪجي جو ان کي ڏِسي ڪنهن کي تڪليف ٿئي.
ٽريجڊيءَ وسيلي ته هنڌ هنڌ سُڌارن جي ڳالهه ملي ٿي ۽ اسان کي معلوم آهي ته ٽريجڊيءَ وسيلي ڪيئن سُڌارا يا بهتري آڻي سگهجي ٿي. پر جيئن ته ڪاميڊيءَ ڏانھن ڪو خاص ڌيان ناهي ڌريو ويو، اِن ڪري (ڪاميڊي وسيلي سُڌارا آڻڻ ) بابت ڪنھن کي عِلم نه آهي؛ ڇاڪاڻ جو هتي تمام گهڻي عرصي کان پوءِ سرڪار پاران عام ماڻهن جي خرچ سان ڪاميڊيءَ جي اجازت ڏني وئي ۽ ان جورواج پيو. ان کان اڳ ۾ ڪاميڊي کي صرف عام تماشو ۽ لمحاتي مسرت جو ذريعو سمجهيو پئي ويو. جڏهن ڪاميڊيءَ کي ٿورڙي پذيرائي ملي ۽ مقبول ٿيڻ لڳي ته ان جي ليکڪن جا نالا به سامهون اچڻ شروع ٿيا. پر سڀ کان پھريان “مُکن” کي ڪنھن متعارف ڪرايو؟ يا پهرين اداڪاري ڪنهن ڪئي، منظر ڪنهن لکيا؟ اهي يا ڪاميڊيءَ بابت ان جهڙا ٻيا سوال اڄ سوڌو اڻنبريل آهن، ۽ ان بابت خاطريءَ سان ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.
باقي اها حقيقت آهي ته ايپي ڪارمس (EPICHARMUS) ۽ فارمس (PHARMIS) سڀ کان پھريان طربيا قصا لکيا. ان ڪري ان صنف جي ترقيءَ جي ابتدا به سليءَ ۾ ٿي جڏهن ته ايٿنز جي شاعرن ۾ ڪريٽس (CRATES) پھريون شاعر آهي جنھن آئمبي/هجو جو رواج وڌو. هن ڪاميڊيءَ کي تَرڪ ڪيو ۽ ان وقت ۾ مروج قصن يا عام ڪھاڻين ۾ رُوئداد/وارتائن کي ڪَتب آڻي انهن ۾ ندرت ڀري.
(9)
رزميا شاعري:
رزميا شاعري ڪنهن حد تائين ته ٽريجڊيءَ سان هڪ ڪَرِي يا ملندڙ جلندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي صنفن ۾ وڏين سيرتن ۽ عظيم ڪارنامن جو نقل پيش ڪيو وڃي ٿو. پر رزميا شاعريءَ ۾ ٽريجڊيءَ جي ابتڙ شروع کان آخر تائين هڪ ئي بحر استعمال ٿئي ٿو ۽ اهو هڪ طرح جو بيانيو هوندي آهي. ٻي پاسي ٽريجڊي ۾ “وقت جي هيڪڙائي” جو خيال رکيو وڃي ٿو، يعني ٽريجڊيءَ جي ليکڪن جي ڪوشش هوندي آهي ته حتي الامڪان ان کي سج جي صرف هڪڙي ڦيري جي حدن ۾ مڪمل ڪجي.جڏهن ته رزميا شاعريءَ لاءِ وقت جو ڪو قيد يا حد مقرر نه آهي.
ٻين فني عنصرن مان ڪُجهه رزميا توڙي ٽريجڊي ٻنھي ۾ هڪجهڙا آهن، جڏهن ته ڪي وري رڳو ٽريجڊيءَ لاءِ ئي مخصُوص آهن. ان ڪري اُهو جيڪو نقاد ٽريجڊيءَ جي خوبين ۽ خامين کي پرکڻ جي صلاحيت رکندڙ هوندو اهو آسانيءَ سان رزميا شاعريءَ جي خوبين ۽ خامين کي سمجهي ويندو. ڇا ڪاڻ ته رزميا شاعريءَ جا سڀئي عنصر ٽريجڊيءَ ۾ موجود هوندا آهن. پر ضروري ناهي ته ٽريجڊيءَ جا سمُورا عنصر رزميا نظم ۾ موجُود هجن.