لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پوئٽڪس (شاعريءَ جو فن)

اها حقيقت آهي تہ ارسطو دنيا جو پھريون سائنسدان فلسفي هو، سندس فلسفو سندس مشاهدي ۽ تجربي جو گھرو دليل آهي. افلاطون جو شاگرد ۽ سڪندر يوناني جو استاد ارسطو، بنيادي طور تي تکي ۽ تز تجزئي سبب ڏيهان ڏيهه مشهور هو. تنقيد جي دنيا ۾ پوئٽڪس پهريون ڪتاب آهي، جنهن کان پوءِ جيترا بہ تنقيد تي ڪتاب آيا آهن، اهي اڪثر ڪتاب ۾ ڏنل مفروضن يا قائم ڪيل راءِ جي بنياد تي لکيا ويا آهن. اها هن ڪتاب جي مڃوتي ئي آهي جو هيءُ ڪتاب اڄ بہ مختلف يونيورسٽين ۾ تنقيد جي بنيادي ڪتاب طور نصاب ۾ پڙهايو وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ هن ڪتاب کان سواءِ تنقيد جو علم ۽ ارتقا ڄڻ تہ اڌوري سمجهي وڃي ٿي. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو ارسطو کُلي ڪري شاعري ۽ ناٽڪ جي فن تي پنهنجو رايو ڏنو آهي، توڙي جو هن ڪتاب کان اڳ بہ هيڪڙ ٻيڪڙ ارسطو جا فن بابت خيال ملن ٿا، پر باقاعده شاعريءَ کي مختلف قسمن ۾ ورهائي ۽ نقادن کي سندن امڪاني سوالن جا جواب ڏيڻ وارو طريقو ۽ اصول پڌرا ڪري ارسطو هڪ تاريخي ڪم ڪيو آهي. 

  • 5.0/5.0
  • 50
  • 11
  • 3 سال اڳ
  • 1
Title Cover of book پوئٽڪس (شاعريءَ جو فن)
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شاعري ۽ ناٽڪ جي فن تي نامياري اسڪالر ۽ فلاسافر ارسطو جي لکيل ڪتاب”Poetics”  جو سنڌي ترجمو اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار ڊاڪٽر شير مھراڻي آھي.
اها حقيقت آهي تہ ارسطو دنيا جو پھريون سائنسدان فلسفي هو، سندس فلسفو سندس مشاهدي ۽ تجربي جو گھرو دليل آهي. افلاطون جو شاگرد ۽ سڪندر يوناني جو استاد ارسطو، بنيادي طور تي تکي ۽ تز تجزئي سبب ڏيهان ڏيهه مشهور هو. تنقيد جي دنيا ۾ پوئٽڪس پهريون ڪتاب آهي، جنهن کان پوءِ جيترا بہ تنقيد تي ڪتاب آيا آهن، اهي اڪثر ڪتاب ۾ ڏنل مفروضن يا قائم ڪيل راءِ جي بنياد تي لکيا ويا آهن. اها هن ڪتاب جي مڃوتي ئي آهي جو هيءُ ڪتاب اڄ بہ مختلف يونيورسٽين ۾ تنقيد جي بنيادي ڪتاب طور نصاب ۾ پڙهايو وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ هن ڪتاب کان سواءِ تنقيد جو علم ۽ ارتقا ڄڻ تہ اڌوري سمجهي وڃي ٿي. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو ارسطو کُلي ڪري شاعري ۽ ناٽڪ جي فن تي پنهنجو رايو ڏنو آهي، توڙي جو هن ڪتاب کان اڳ بہ هيڪڙ ٻيڪڙ ارسطو جا فن بابت خيال ملن ٿا، پر باقاعده شاعريءَ کي مختلف قسمن ۾ ورهائي ۽ نقادن کي سندن امڪاني سوالن جا جواب ڏيڻ وارو طريقو ۽ اصول پڌرا ڪري ارسطو هڪ تاريخي ڪم ڪيو آهي. 
ھي ڪتاب 2017ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپيو ويو. اسان سندن ٿورن سان ۽ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ جي اجازت سان ھي ڪتاب شيئر ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڪتاب جو مطالعو ڪريو
سنڌ سلامت پاران

ارپنا

پبلشرس نوٽ

سنڌيڪار پاران

تمھيد

شاعريءَ تي هڪ عام ۽ ڀيٽاڻي نظر

ٽريجڊي

رزميا شاعري

نقادن جا اعتراض ۽ سندن جواب ڏيڻ جا اُصُول

ٽريجڊي رزميا شاعريءَ کان افضل آهي

ضميمون: اشارا ۽ رمزون

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • سنڌيڪار ڊاڪٽر شير مھراڻي
  • مصنف ارسطو
  • ڇپيو ويو 2017
  • ڇپائيندڙ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 29/Jul/2021
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
  • لاٿو ويو 11 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون