رزميا شاعري
رزميا شاعري ۽ ٽريجڊي:
هڪ ئي بحر ۾ لکيل شاعري يعني رزميا شاعري جي رُوئداد جي اُها ئي ڊرامائي ترتيب هُجڻ گهُرجي جيڪا ٽريجڊيءَ ۾ هُوندي آهي. اهڙي شاعريءَ جو موضُوع به اهڙو هُجڻ گهُرجي جنهن ۾ هڪ پُورنتا ۽ مُڪملتا هُجي، جنھن ۾ ابتدا/آغاز، وِچ ۽ پُڄاڻي موجُود هُجي. بلڪل اهڙيءَ رِيت مُڪمل هُجي جيئن هر جاندار هُوندو آهي. اهڙي شاعريءَ مان حِظ حاصل ٿيندو هُجي ۽ ترتيب ۾ اهڙي شاعري تاريخ کان مُختلف هُجي ڇاڪاڻ ته تاريخ هڪ عمل کي بيان نه ٿي ڪري بلڪِه هڪ دور جا سڀ واقعا بيان ڪري ٿي جيڪي ان زماني ۾ ڪنھن هڪ شخص کي مختلف شخصن سان پيش آيا هجن. تاريخ اهڙن واقعن کي بيان ڪري ٿي جن جو هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو هُوندو آهي. مثال طور سالامس (SALAMIS) جي بحري لڙائي ۽ سسليءَ ۾ قرطاجنا واسين سان ويڙهه هڪ ئي زماني جا واقعا آهن پر مقصد يا نوعيت جي اعتبار کان انھن ٻنھي جو هڪ ٻئي سان ڪو تعلق نه آهي. مُسلسل تاريخي واقعن ۾ به اسان ڏِسئون ٿا ته هڪ کان پوءِ ٻيو واقعو پيش ايندو آهي پر هيءُ ضروري نه آهي ته ٻئي واقعي جو پھرئين واقعي سان ڪو تعلق هُجي.
اڪثر شاعر شين کي وچڙائڻ جي غلطي ڪري ويندا آهن. پر ڪي ڏاها شاعر پنهنجي تخيلاتي سگهه وسيلي شين کي چٽو ڪري پيش ڪندا آهن. ان ڏس ۾ هومر جي خُدا داد/ڏات ۽ سندس صلاحيتن جي اُڏام سڀنيءَ کان عظيم آهي. هُن پنھنجي نظم ۾ جنگ جي سمورن واقعن کي شامل ڪرڻ بدران صرف هڪ اهڙي مُڪمل عمل چُونڊ ڪئي آهي جنھن ۾ آغاز ۽ انجام ٻئي موجُود آهن. جيڪڏهن هُو جنگ جي سمورن واقعن کي شامل ڪري هان ته هُو انهن کي هڪ نظم ۾ چڱيءَ طرح سموهي نه سگهي هان ۽ جيڪڏهن هُو انھن کي اختصار سان بيان ڪري هان ته نظم ايڏو گِنجرجي وڃي هان جو مطلب ئي ٻواٽي تي اچي وڃيس هان. بجاءِ ان جي ته هُن جنگ جي صرف هڪ واقعي کي چُونڊيو آهي ۽ ٻيا واقعا مثال طور جھازن جي فھرست وغيرهه محض تذڪري طور بيان ڪيا اٿائين. ان جي ڪري هُن جي نظم ۾ نوعيتون پيدا ٿي ويون آهن پر ٻيا شاعر ان جي اُبتڙ پنھنجي موضُوع لاءِ هڪ شخص جا سڀ ڪارناما يا هڪ زماني جا سڀ واقعا يا هڪ اهڙو عمل جنھن جا گهڻا ئي پاسا هُجن چُونڊن ٿا. قبرس واسي ۽ ننڍي ايليڊا جي ليکڪ اها ئي غلطي ڪئي آهي. هومر جي ايليڊ ۽ اوڊيسيءَ ۾ جيڪو مواد موجُود آهي اُن تي صرف هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه ٽريجڊيون لکي سگهجن ٿيون پر “قبرس واسي” ۾ ڪيئي ٽريجڊين جون رُوئدادون مھيا ٿي سگهن ٿيون ۽ ننڍي ايليڊا مان ته گهٽ ۾ گهٽ اَٺن ٽريجڊين جون جون رُوئدادون لکي سگهجن ٿيون. جن جا نالا هي ٿي سگهن ٿا بارُود لاءِ لڙائي، فلوڪٽي ٽيس، نيوٽپالي مَس، يوري پيس، آوارو، اسپارٽا دالي، ٽرئي جي شڪست ۽ ٻيڙي جي واپسي وغيره!
ٽريجڊيءَ وانگر رزميا شاعريءَ جا به چار قسم ٿي سگهن ٿا. سادي، پيچيده، اخلاقي ۽ اَلمناڪ. موسيقيءَ ۽ سجاوٽ کان سِواءِ اُن جا حصا به اوترا ئي ٿيندا آهن جيترا ٽريجڊيءَ جا ڇاڪاڻ ته رزميا شاعريءَ ۾ به انقلابن، دريافتن ۽ سانحن جي ضرورت پوَندي آهي ۽ اُن کي به مُناسب تاثرن ۽ خوبصورت ٻوليءَ سان ڀرپُور هُجڻ گهُرجي. انھن سڀني ڳالھين جا اولين ۽ صفا مُڪمل ۽ چٽا مثال اسان کي هومر جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. هومر جي تصنيف ايليڊ سادي هڪ المناڪ قسم جو نمُونو آهي ۽ اوڊيسي پيچيده (ڇو ته ان ۾ ڳولھائون/کوجنائون وڏيءَ جهجهائيءَ سان آهن) ۽ اخلاقي نوعيت جي آهي. وڌيڪ هيءَ ڳالهه به به اهم آهي ته ٻولي ۽ تاثرن جي حوالي سان ٻيا سڀئي شاعر هن جي اڳيان بيڪار آهن.
(2)
رزميا شاعري ٽريجڊيءَ کان پنھنجيءَ رُوئداد جي ڊيگهه ۽ پنھنجي بحر جي ڪري به مُختلف آهي.
رزميا شاعريءَ جي پَٽاڙ:
رزميا شاعري لاءِ ڊيگهه جي حوالي سان هڪ مُناسب معيار جو ذڪر ڪيو ويو آهي. نظم ايترو ڊِگهو هُجي جو هڪ نظر ۾ ان جو آغاز ۽ انجام سمجهه ۾ اچي وڃي ۽ اهو ان صُورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته قديم رزميا نظم جيڏا ڊگها هُوندا هُئا اُنھن جي مُقابلي ۾ مُختصر نظم لکيا وڃن ۽ انھن جي ڊيگهه اُنھن ٽريجڊين جيتري هُجي جيڪي هڪ ئي ويھڪ ۾ ٻُڌي سگهجن.
تنھن هُوندي به رزميا شاعريءَ ۾ هڪ وڏي ۽ خاص خوبي اهڙي به آهي جنھن جي ڪري نظم جو ملهه جهڙوڪر وڌي وڃي ٿو. هڪ ئي وقت پيش آيل واقعن کي ٽريجڊيءَ ۾ هڪ ئي وقت پيش نٿو ڪري سگهجي. ٽريجڊي هڪ ئي وقت صرف هڪ واقعي جي نقل ڪري سگهي ٿي جيڪو اسٽيج تي پيش ٿي سگهي ۽ جنھن ۾ اداڪار مصرُوف هجن. ان جي اُبتڙ جيئن ته رزميا نظم بيان جي ذريعي نقل ڪري ٿو ان ڪري ان ۾ اهڙا واقعا به بيان ڪري سگهجن ٿا جيڪي هڪ ئي وقت پيش اچن پر ان لاءِ ضروري آهي ته انهن جو نظم جي موضُوع سان گھرو تعلق هُجي، پر انھن واقعن جي ڪري نظم ڏاڍو ڊِگهو ٿي ويندو آهي.
رزميا شاعريءَ کي ٽريجڊيءَ جي ڀيٽ ۾ اهو فائدو حاصل آهي ته ان جي وِچ وِچ ۾ ٻين واقعن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو جنھن سان ان جواثرٻيڻو ٿي پوي ٿو. جيڪڏهن ٽريجڊيءَ ۾ مُسلسل هم آهنگي ڀري وڃي ته طبيعت ڏاڍي ڀرجي ايندي آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته گهڻيون ٽريجڊيون اسٽيج تي ڪامياب نه ٿينديون آهن.
بحر جي حوالي سان رجزي بحر رزميا شاعريءَ لاءِ تمام گهڻو موزون هوندوآهي. جيڪڏهن ڪو شخص پنھنجو بياني نظم ڪنھن ٻئي بحر ۾ يا مُختلف بحرن ۾ موزون ڪري پيش ڪري ۽ ان ۾ ڪامياب به وڃي ته اهويقينن هڪ وڏو اوکو ڪم هوندو. ڇاڪاڻ جو رجزي بحر ٻين سڀني بحرن کان وڌيڪ سنجيدو ۽ شاندار آهي. تشبيھُون ۽ انوکا لفظ هن بحر جي سڃاڻ هوندا آهن، ڇو ته بياني نقل ۾ انھن لفظن کي وِکير سان وَرتڻ جي وڏي گُنجائش موجود هوندي آهي.
آئمبي ۽ ٽروڪائي بحرن ۾ وڌيڪ حرڪت هُوندي آهي. انھن مان ٽروڪائي بحر ناچ لاءِ وڌيڪ ٺھڪندڙ هوندوآهي ۽ ۽ آئمبي عمل (تمثيل) لاءِ موزون آهي. جيڪڏهن انھن مُختلف بحرن کي اهڙيءَ رِيت ملايو وڃي جيئن ڪيرمون (CHAERMON) ڪيو آهي ته نظم عجيب چونءَ چُونءَ جو مُربو بڻجي ويندو. ڊگها نظم لکندڙ هر شاعر هميشه رجزيا بحر استعمال ڪيا آهن. جيئن ته اسان هِن کان پھريان چئي آيا آهيون فطرت هِن معاملي ۾ پاڻ رهبري ڪندي آهي.
(3)
مٿي ڄاڻايلن شعراڻي هنر سبب ۽ ٻين تمام گهڻين صفتن جي ڪري اسان هومر جي تعريف ڪريون ٿا. هڪ صفت هيءَ به آهي ته صرف اُهو ئي اهڙو شاعر آهي جيڪو اهو چڱيءَ رِيت سمجهي سگهيو آهي ته نظم ۾ شاعر کي پاڻ کي ڪھڙو ڪم سر انجام ڏيڻ گهُرجي؟ جيستائين ٿي سگهيس شاعر پاڻ شاعر جي حيثيت سان تمام گهٽ سامھُون اچي ڇو جو سندس اصل مقصد نقل آهي ۽ هڪ شاعر جي صُورت ۾ هُو چڱيءَ رِيت نقل نه ٿو ڪري سگهي. پنهنجي نالي جا شوقين تمام گهڻا شاعراڻين صنعتن ۾ ناڪام رهيا آهن، ۽ هو تمام گهٽ بلڪه نالي ماتر نقل ڪري سگهن ٿا. ان جي اُبتڙ هومر ڪُجهه ابتدائي شعرن کان پوءِ پنهنجي هر نظم ۾ ڪنھن آدميءَ يا عورت يا ڪنھن ٻئي ڪردار سان تعارف ڪرائي ٿو ۽ سندس سڀئي ڪردار پنھنجي پنھنجي جُداگاڻي سيرت رکن ٿا.
(4)
ٽريجڊيءَ ۾ تعجب جي عنصرن جي وڏي ضرورت رهي ٿي، ليڪن رزميا شاعري ان کان به هڪ قدم اڳتي وڌي ناممڪن ۽ عقل جي اُبتڙ شين کي به جائز سمجهي ٿي. ناممڪن ۽ حقيقتن جي اُبتڙ واقعن مان انتھا درجي جو تعجب پيدا ٿيندو آهي. رزميا شاعريءَ ۾ اِهو اِن ڪري جائز آهي ته عمل نظر نه ٿو اچي. (حالانڪه اهو تمثيل نه ڪيو ويندو آهي) مثال طور ايچي لس جي هيڪٽر جو پيڇو ڪرڻ جو واقعو اهڙو آهي جو ان کي اسٽيج تي پيش ڪرڻ ڏکيو هوندو.يوناني فوج پنھنجيءَ جاءِ تي بيٺل آهي ۽ پِيڇي ۾ ڪو به حصو ناهي وٺي رهي. ۽ ايچي لس اشاري سان اُن کي روڪي رهيو آهي ته هُو انھن ٻنھي جي وِچ ۾ دخل نه ڏئي پر رزميا شاعريءَ ۾ اهو واقعو مھمل نه ٿو لڳي. تعجب جي عنصر مان هميشه حظ حاصل ٿيندو آهي. اهو ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن اسان ڪو قصو بيان ڪريون ٿا ته پنھنجي ٻُڌوانن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٿورو مُبالغو به ڪري ويندا آهيون.
(5)
ناقابلِ تعريف واقعن کي سليقي سان بيان ڪرڻ ٻين شاعرن هومر کان سِکيو آهي. در حقيقت اِهو هِڪ مُغالطو آهي. جڏهن لوڪ ڏِسن ٿا ته هڪ ڳالھه عام طور ٻيءَ سان جُڙيل آهي يا اُن کان پوءِ پيش آئي هُجي. ان ڏس ۾ دماغ ڌوڪو کائي ويندو آهي ۽ هيءُ نتيجو نڪرندو آهي ته ٻي ڳالھه به ضرور پيش آئي هُوندي.
(6)
شاعر کي گهُرجي ته وقت جي ناممڪن ڳالھين کي اَڻٿيڻين ڳالهين تي ترجيح ڏئي. امڪان جي خلاف واقعن سان پنھنجي خاڪي کي پُر ڪرڻ دوران اُن کي ڪوشش ڪري ان قسم جو هڪڙو واقعو به رُوئداد ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اهڙي واقعي کي ڪنهن سبب جي ڪري شامل ئي ڪرڻو هُجي ته هُو ان جو ضرُور خيال رکي ته اهو نظم جي عمل کان ٻاهر هُجي. مثال طور ايڊيپس جو ان امر کان واقف نه هُجڻ ته ليئِيئَس (LAIUS) نيٺ ڪيئن ٿيو؟ ان قسم جي واقعي کي ڊرامي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ وڏي غلطي آهي. ان غلطيءَ جو مثال اليڪٽرا (ELLECTRA) جي اُن حصي ۾ ملي ٿو جنھن ۾ پي ٿيا جي راندين ۾ جيڪي واقعا پيش آيا اُنھن کي بيان ڪيو ويو آهي يا ٻيو مثال “مِيياواسي” ۾ ملي ٿو جنھن ۾ هڪ شخص ڳالھه ٻولھه کان سِواءِ ٽيگيا کان مييا تائين سفر ڪيو. هاڻي جيڪڏهن ڪو اِهو چئي ته جيڪڏهن اهي واقعا بيان نه ڪيا وڃن هان ته ڊرامي جي رُوئداد ٻُسي ٿي وڃي هان ته اِها ڳالهه هڪ طرح سان چوَڻ واري جي چريائي هُوندي.
شاعر کي شروع کان ئي احتياط وِرتڻ گهُرجي ته پنھنجيءَ رُوئداد کي اهڙي نمُوني ترتيب ئي نه ڏئي پر بھر حال جيڪڏهن ان قسم جو واقعو رُوئداد ۾ شامل ٿي ئي ويو آهي ۽ ان کي هڪ حد تائين وقت جوڳو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڪل خير! اُن کي رهڻ ڏنو وڃي. حالانڪِه اهو پاڻ مھمل آهي. مثال طور اوڊيسيءَ جو اُهو حقيقت کان مٿانھون قصو جنھن ۾ اٿاڪا جي ڪناري تي يوليسيز جي لهڻ جو ذڪر آهي. ڪنھن معمُولي شاعر جو لکيل هُجي هان ته سھپ جوڳو نه هُجي هان پر هومر هِن نظم ۾ اِن لُغويَت کي ٻين خوبين جي ذريعي لڪائي ڇڏيو آهي.
(7)
زبان ۽ عمل جي رفتار ۾ تناسُب:
نظم جي اُنھن حصن ۾ جتي عمل جي رفتار سُست آهي، انهن ۾ ٻوليءَ کي وڏيءَ خوبصورتيءَ سان استعمال ڪرڻ گهُرجي ڇو جو انھن حصن ۾ تاثرن ۽ طور طريقن مان ڪا به مدد نه ملندي آهي. ان جي اُبتڙ جتي طور طريقن ۽ چهري جي تاثرن کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو هجي اُتي تمام گهڻي سهڻي ٻولي استعمال نه ڪئي وڃي نه ته ٻيون خوبيون پڌريون نه ٿي سگهنديون. ۽ ٻوليءَ جو حسن ٻين خوبين کي لڪائي ڇڏيندو.