ڪائنات ڪيئن تخليق ٿي
”ڪائنات جي آغاز ۽ سلسله علت ومعلول جي اولين ڪڙيءَ جو مسئلو سائنس کان مٿي آهي ۽ سائنس ان تائين پھچي نٿي سگهي.... اها اولين ڪڙي راز آهي ۽ منھنجو خيال آهي ته انساني ذهن ان راز کي ڪڏهن به ڄاڻي ڪونه سگھندو. اسان جيڪڏهن چاهيون ته پنھنجي طور تي ان علت اولى جي حضور ۾ پنھنجو سر جهڪائي سگهون ٿا پر ان کي پنهنجي ادراڪ جي دائري ۾ آڻي نٿا سگھؤن.“
(The Meaning of Evolution p.13)
ڪائنات جي تخليق بابت هڪ سائنسدان جا خيالات توهان پڙهيا پر ڪجهه ماهرين فلڪيات هڪ نظريو Big Bang Theory جي نالي سان پيش ڪن ٿا. ان نظريي کي ٿورن لفظن ۾ هيئن سمجھو ته اربين سال پھريان، ڪائنات ۾ موجود سڀيئي جسم هڪڙي وحدت (هيڪڙائي) ۾ بند هئا. پوءِ هڪڙو زوردار ڌماڪو ٿيو. مادي جا وڏا وڏا ٽڪر ٽٽي،خلا جي وسعتن ۾ اڏامڻ لڳا. ان ڌماڪي جي نتيجي ۾ اسان جو نظام شمسي ۽ ڪھڪشائون وجود ۾ آيون. قرآن حڪيم کي ماھرين فلڪيات جي ان نظريي سان اختلاف آهي. خدا تعالى ڪائنات جي تخليق بابت، هڪ اهڙي سچائي انسان جي سامھون آڻي ٿو جيڪا عقل کي راضي ڪري ٿي. قرآن حڪيم ان حد تائين سائنسدانن سان متفق آهي ته ڪائنات ۾ موجود سڀيئي فلڪياتي جسم هڪ وحدت (اڪائي) ۾ بند هئا. هن آية پاڪ تي غور ڪريو:
اَوَلَمْ یَرَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡۤا اَنَّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ کَانَتَا رَتْقًا فَفَتَقْنٰہُمَا ؕ (الانبیاء:30)
ترجمو: (اي پيغمبر! ڇا حقيقت جي منڪرن، انڪار ڪرڻ وقت، ان عظيم الشان سچائي تي نظر ڪونه ڪئي ته آسمان جا جسم، بشموليت زمين، پيدائش جي ابتدائي مرحلن ۾ پاڻ ۾ مليل هئا. انھن جي مواد جو باهمي اتصال هو. انھن جو جوهر هڪ هئو. پوءِ اسان ان جا ٽڪر ڪيا ۽ ان حيرت انگيز سليقي، ترتيب ۽ نظم و نسق سان آسمانن ۽ زمين کي ٺاهيوسين.“
مٿين آيت پاڪ ۾ ”پوءِ اسان ان جا ٽڪر ڪيا“ لفظن جو مقصد اهو ڪونھي ته ڪا خارجي قوت هئي جنھن جُدا ڪرڻ جو عمل ڪيو. بلڪه اها الله تعالى جي پنھنجي فطرت هئي. الله تعالى جي صفت آهي ۽ ذات کان صفت جدا ڪونھي. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرْضِ (الانعام:14)
فاطر معنى آهي شق ڪرڻ، ڦاڙڻ، پھرين دفعي ڦاڙڻ. فَطَرٌ جي معنى آهي ڪنھن شيءَ کي پھرين دفعي پيدا ڪرڻ، ان کي بَدِیۡعَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرْضِ به چيو ويو آهي (الانعام-101) خدا تعالى جو قانون تخليق، اهو قانون يا طريقو، جنھن جي مطابق ان ڪائنات کي پھرين دفعي پيدا ڪيو، ڪائنات جي تخليق جي ابتدا ڪئي.
قرآن حڪيم جي تعليم مطابق، ڪائنات جا سڀيئي فلڪياتي جسم جنھن وحدت (اڪائي) ۾ بند هئا. ان اڪائي جا ٻه ٽڪر ٿيا. يعني جوڙو ٺھيو. پھريان هڪ هئو پوءِ ٻه ٿيا.
وَّخَلَقَ مِنْہَا زَوْجَہَا (النساء:1)
ترجمو: ان جان مان ان جو جوڙو ٺاهيائين.
زَوۡجٌ جي اصلي معنى جوڙ آهي فَرۡدٌ (اڪيلو) جي خلاف. تنهنڪري زوجٌ ان فرد کي چئبو آهي جنھن جو ڪو جوڙ (يا ساٿي) هجي.
سيد لطيف به ڪائنات جي تخليق جي ابتدا لاءِ آسماني آواز پيش ڪيو آهي. پاڻ فرمائن ٿا:
پڙاڏو سو سڏ، ور وائي جو جي لھين،
هئا اڳھين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
ڪائنات ۾ جيترا به فلڪياتي جسم آهن اهي سڀ هڪ وحدت (اڪائي) ۾ بند هئا ان وحدت مان هڪڙو ننڍو حصو علحده ٿيو يعني پھريان هڪ هو پوءِ جوڙو ٿيو، وڏو حصو ٿيو مذڪر ۽ ننڍو حصوٿيو مونث. ننڍو حصو (مونث) الڳ ٿيڻ کان پوءِ وڏي حصي (مذڪر) جي ڪشش مان نه نڪري سگھيو نتيجي ۾ مونث جسم، مذڪر جسم جي چوڌاري اهڙيءَ طرح گردش ڪرڻ لڳو، جيئن هئڊروجن جي ايٽم ۾ هڪڙو اليڪٽران نيوڪلس جي چوڌاري چڪر لڳائيندو رهندو آهي. اها هئي پھرين حرڪت. ان حرڪت جي نتيجي ۾اڄ تائين ڪائنات جا جسم گردش ۾ آهن . مطلب ته ڪائنات جي تخليق هڪ جوڙي (مذڪر ۽ مونث) مان ٿي. سيّد جي هن بلنديءَ تي وري غور ڪريو:
پڙاڏو سو سڏ، ور وائي جوجي لھين،
هئا اڳھين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
انجيل پاڪ آسماني ڪتاب آهي. هڪ خدا کان (هر دور ۾) هڪ ئي پيغام ايندو رهيو آهي. هڪ نور، هڪ حق، هڪ آواز. انجيل پاڪ ”ڪائنات جي ابتدا“ مٿين طريقي سان ٻڌائي آهي. هيٺين آيتن تي غور ڪريو:
”ليڪن خلقت جي شروعات کان، ان انھن کي مرد ۽ عورت بنايو. ان ڪري مرد، پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ڇڏي ڪري پنھنجي زال سان گڏ رهندو ۽ اهو ۽ سندس زال ٻئي هڪ جسم ٿيندا، اهي ٻه جسم نه بلڪه هڪ جسم آهن.“ (مرقس- 6:1-8)
ٻئي هنڌ آيو آهي:
”ان جواب ۾ چيو ڇا تو ڪونه پڙهيو آهي ته جنھن انھن کي ٺاهيو ان ابتدا کان ئي انھن کي مرد ۽ عورت بنائي چيو ته ان سبب ڪري مرد، پيءُ کان ۽ ماءُ کان جدا ٿي ڪري پنھنجي زال سان رهندو ۽ اهي ٻئي هڪ جسم ٿيندا، اهي ٻه نه بلڪه هڪ جسم آهن.“ (متي 19: 6-4)
انھن ٻنھي آيتن جا هي لفظ غور طلب آهن: ”ليڪن خلقت جي شروعات کان“ ۽ ”جنھن انھن کي ٺاهيو ان ابتدا کان ئي“ – ”شروعات“ ۽ ”ابتدا“ لفظن مان ظاهر آهي ته ڪائنات کي تخليق ڪرڻ جي ڳالھه ٿي رهي آهي ڇو ته ابتدا يا شروعات ته اتان ئي ٿي، ٻيو ته مٿين آيتن ۾ ”مرد“ ۽ ”عورت“ لفظن مان مراد آهي مذڪر ۽ مونث، ڇاڪاڻ ته اڃان زمين ٺھي ئي ڪونھي ته مرد ۽ عورت ڪٿان آيا؟ سيّد لطيف جي هن شعر تي غور ڪريو. هتي به پاڻ جھان (ڪائنات) جي جوڙ کي جوڙي جو نتيجو ٻڌائي ٿو:
جوڙئون جوڙ جھان جي جڏهن جوڙيائين،
خاوند خاص خلقي محمّد مڪائين.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان، ڪائنات جي تخليق متعلق، سائنسدانن جي نظرين کي پاسيرو ڪري آسماني تعليم کي ڇو قبول ڪيون؟ آخر ڪھڙو قطعي ثبوت آهي ته ڪائنات جي تخليق جي ابتدا هڪ جوڙي (مذڪر ۽ مونث) مان ٿي. ان جو صاف جواب ڪتاب فطرت جي صفحن تي لکيو پيو آهي. زمين تي مرد ۽ عورت جو هجڻ، ڪائنات جي تخليق جي ابتدائي حالت جو نتيجو آهي. ڪائنات جي تخليق جي ابتدا کان وٺي زمين تائين هڪڙو سلسلو آهي ان سلسلي ۾ ڪٿي به خلا ڪونھي. قرآن حڪيم جي هن شھادت تي غور ڪريو:
سُبْحٰنَ الَّذِیۡ خَلَقَ الْاَزْوَاجَ كُلَّہَا مِمَّا تُنۡۢبِتُ الْاَرْضُ وَ مِنْ اَنۡفُسِہِمْ وَ مِمَّا لَا یَعْلَمُوۡنَ (یٰس:۲۶)
ترجمو: پاڪ آهي اها ذات، جنھن زمين مان ڦٽڻ وارن ٻوٽن مان هر هڪ جو جوڙو بنايو ۽ خود نوع انساني ۾ به (۽ انھن شين ۾ به) جن کي اهي نٿا ڄاڻن.
زمين مان نڪرندڙ بناتات ۾ مذڪر ۽ مونث جو سلسلو موجود آهي. ان کان پوءِ حيوانات آهن ۽ آخر ۾ اچي ٿو انسان. زندگيءَ جي انھن سڀني سطحن تي مذڪر ۽ مونث هيتون موجود آهن. مٿين آيت پاڪ (26:36) جا هي لفظ ”(۽ انھن شين ۾ به) جن کي اهي ڪونه ٿا ڄاڻن.“ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته مذڪر ۽ مونث جو سلسلو، زمين تي موجود زندگيءَ تائين محدود ڪونھي بلڪه اهو سلسلو اجرام فلڪي ۾ به موجود آهي. اها حقيقت اڄ تائين، دنيا جي سائنسدانن کان لڪل آهي. حالانڪه آسماني ڪتابن اها سچائي ان وقت پيش ڪئي جڏهن دنيا تي ظلمت جو سخت گھيرو هو. هن آيت پاڪ تي غور ڪريو:
قُلْ اِنَّ رَبِّیۡ یَقْذِفُ بِالْحَقِّ ۚ عَلَّامُ الْغُیُوۡبِ ﴿۴۸﴾ قُلْ جَآءَ الْحَقُّ وَمَا یُبْدِئُ الْبَاطِلُ وَمَا یُعِیۡدُ ﴿۴۹﴾
(سبا:48-49)
ترجمو: چئو ته منھنجو پروردگار سڀني لڪل ڳالهين کي ڄاڻي ٿو. حق کي نازل فرمائيندو آهي، چئو ته حق اچي ويو ۽ باطل نه ته پھرين دفعي پيدا ڪندو آهي ۽ نه پيدائش کي دهرائيندو آهي.
”پھرين دفعي پيدا ڪندو آهي“ مٿين آيت جا اهي لفظ ڌيان طلب آهن. خدا تعالى جيڪي سڀ کان پھريان پيدا ڪيو، ظاهر آهي ته اها ڪائنات جي تخليق جي ابتدا هوندي. ان کي ئي بنياد بنائي دهرايو ويو آهي. تخليق ڪائنات جي شروعات هڪ مذڪر ۽ هڪ مونث سان ٿي. ان سلسلي کي زمين تي پاڻي واري زندگي يعني نباتات، حيوانات ۽ انسان تائين دھرايو ويو. فلڪياتي جسمن ۾ به مذڪر ۽ مونث جسم آهن:
وَ مَا خَلَقَ الذَّکَرَ وَ الْاُنۡثٰۤی ۙ﴿۳﴾ (الیل:3)
ترجمو: ۽ قسم آهي ان جو جنھن نر ۽ مادي پيدا ڪيو.
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
وَالَّذِیۡ خَلَقَ الْاَزْوَاجَ كُلَّہَا وَ جَعَلَ لَكُمۡ مِّنَ الْفُلْکِ وَ الْاَنْعَامِ مَا تَرْکَبُوۡنَ ﴿ۙ۱۲﴾ (زخرف:12)
ترجمو: ان هر شئي جا جوڙا بنايا ۽ ان توهان جي لاءِ ٻيڙيون ۽ چوپاين کي خلقيو جن تي توهان سواري ڪريو ٿا.
جيستائين انسان جو تعلق آهي ته مذڪر ۽ مونث جي ميلاپ لاءِ ڪوبه وقت مقرر ڪونھي، اهي ڪھڙي به وقت ميلاپ ڪري جنسي عمل ڪن ٿا. ان کان هيٺ حيوانات آهن، انھن ۾ مذڪر ۽ مونث جو ميلاپ هڪ خاص وقت تي ٿيندو آهي. ان کان هيٺ نباتات جو نمبر آهي انھن ۾ مذڪر ۽ مونث جو ميلاپ هوا يا قدرت جي ٻين ذريعن سان ٿئي ٿو.
خدا جي قدرت جون نشانيون صاف ٻڌائي رهيون آهن ته انسان کان هيٺ وڃبو ته نر ۽ مادي جو ميلاپ اختيار جي حدن مان نڪري جبر طرف وڃي ٿو. ڪائنات ۾ موجود نر ۽ ماده جسمن جو ميلاپ رياضيءَ جي قانونن تحت ٿئي ٿو. مذڪر ۽ مونث جسمن مان نڪرندڙ نور جون نديون جتي سنگم ڪن ٿيون اتي (مدارتي) نئون آسماني وجود جنم وٺي ٿو. ڄمڻ ۽ مرڻ جو سلسلو خارجي ڪائنات يعني فلڪياتي جسمن ۾ به موجود آهي. فلڪياتي جسم به ننڍي مان وڏا ٿين ٿا. جدا جدا مدارن تي نوان فلڪياتي جسم تخليق ٿيندا رهن ٿا ۽ موت اچڻ تي مختلف مدارن تي فلڪياتي جسمن جا لاش ترندا رهن ٿا. هن حقيقت کي ياد رکو ته خارجي ڪائنات (يعني فطرت الله) ۽ زمين جي سيني تي انسانن جي فطرت هڪ ئي آهي صرف جبر و اختيار جو تعلق آهي. جبر پنھنجو جامو لاهي اختيار جو جامو پاتو آهي: قرآن حڪيم جي شھادت آهي:
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ (الروم:30)
ترجمو: اها الله تعالى جي ئي فطرت آهي، جنھن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو ويو آهي.
اچو ته هاڻي قرآن حڪيم جي هن آيت تي غور ڪريون. هن آيت مان توهان کي صاف معلوم ٿيندو ته زمين جي تخليق به مذڪر ۽ مونث مان ٿي آهي:
قُلْ اَئِنَّكُمْ لَتَكْفُرُوۡنَ بِالَّذِیۡ خَلَقَ الْاَرْضَ فِیۡ یَوْمَیۡنِ وَ تَجْعَلُوۡنَ لَہٗۤ اَنۡدَادًا ؕ (حم سجدہ:9)
ترجمو: توهان چئي ڏيون ته ڇا ان رحيم جا منڪر ٿيا آهيو جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ تخليق ڪيو.؟
هن آيت مطابق زمين جي گولي جي تخليق ”ٻن ڏينھن“ ۾ ٿي. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ٻه ڏينھن ڇو؟ ان جو صاف جواب آهي ته زمين به هڪڙو زنده وجود آهي. اها به هڪ مذڪر ۽ هڪ مونث (ٻن ڏينھن) جي رياضياتي ميلاپ جونتيجو آهي. ان جو به هڪڙو پيءُ ۽ ماءُ آهي. اها به ننڍي مان وڏي ٿي آهي. قرآن شريف جي هيءَ آيت:
اَللہُ الَّذِیۡ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ وَّ مِنَ الْاَرْضِ مِثْلَہُنَّ ؕ (الطلاق:12)
ترجمو: الله اهو آهي جنھن ست آسمان پيدا ڪيا ۽ ان وانگر زمين به.
مٿين آية پاڪ ۾ قدرت جي ان قانون کي پيش ڪيو ويو آهي ته جھڙيءَ طرح زمين ”ٻن ڏينھن ۾“ تخليق ٿي آهي اهڙيءَ طرح ڪائنات جي سڀني جسمن يعني ستن آسمانن کي به ٻن ”ڏينھن“ ۾ خلقيو ويو آهي. هيءُ آيت پاڪ صاف شھادت ڏئي رهي آهي:
فَقَضٰہُنَّ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ فِیۡ یَوْمَیۡنِ وَ اَوْحٰی فِیۡ كُلِّ سَمَآءٍ اَمْرَہَا ؕ (حم سجدہ:12)
ترجمو: ۽ پوءِ ٻن ڏينھن ۾ ستن آسمانن کي بنايو ۽ هر آسمان جي طرف ان جي (مناسبت) سان حڪم موڪليو.
هن حقيقت کي ياد رکو ته قرآن حڪيم جتي لفظ ”يوم“ ڪم آندو آهي ته ان مان مراد ”چوويھن ڪلاڪن وارو ڏينھن ڪونھي بلڪه ان جو مطلب هڪ ”دؤر“ يا ”تدريجي مرحلو“ به آهي. فلڪياتي جسمن جي تخليق وڏن وڏن دؤرن ۾ ڪمال تائين پھچندي آهي. هن آيت پاڪ تي به غور ڪريو:
وَ مِنۡ كُلِّ شَیۡءٍ خَلَقْنَا زَوْجَیۡنِ لَعَلَّكُمْ تَذَکَّرُوۡنَ ﴿۴۹﴾ (الذاریات:49)
ترجمو: اسان هر شيءِ مان جوڙا جوڙا پيدا ڪيا ته جيئن اوهان ڌيان ڪريو.
ارتقا جي نظريي تي ڪم ڪندڙ هڪڙو عظيم سائنسدان G.G.Simpson اڄ اهائي ڳالھه ڪري رهيو آهي جنھن کي آسماني ڪتابن اڳ ۾ ئي پيش ڪيو آهي:
”نظريه ارتقا مان اسان کي سڀ کان پھريون ۽ عظيم سبق هي ملي ٿو ته حيات هڪ آهي يعني وحدت حيات جو سبق. اهو عقيدو عيسائيت ۽ ٻين مذهبن ۾ به موجود آهي ته دنيا جا سڀ انسان پاڻ ۾ ڀائر آهن بلڪه ڪائنات جي سڀني شعبن ۾ اهو رشتهءِ اخوت ڪار فرما آهي. اهڙيءَ طرح جو انھن سڀني جو اولين سرچشمو هڪ آهي ۽ اهي سڀئي هڪ ئي طريقي سان مختلف گوشن ۾ نشوونما پائي پنھنجي موجوده حالت تائين پھتيون آهن. (The Meaning of Evolution P.13)
پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لھين،
هئا اڳھين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
*
جوڙئون جوڙ جھان جي جڏهن جوڙيائين،
خاوند خاص خلقي محمّد مڪائين.
مشھور روسي مفڪر P.A.Guspensky پنھنجي استاد Gurdjiff جي لفظن ۾ چوي ٿو:
”اهو ناممڪن آهي ته اسان انسان جي مطالعي ڪرڻ کان سواءِ ڪائنات جو مطالعو ڪري سگهؤن ۽ ان سان گڏ اهو به ناممڪن آهي ته اسان انسان جو مطالعو، ڪائنات جي مطالعي ڪرڻ کان سواءِ ڪري سگھؤن. اسان جي تخليق انھن ئي قانونن سان عمل ۾ آئي آهي، جن قانونن تي ڪائنات جي جسمن جي تخليق عمل ۾ آندي وئي آهي. انسان پنھنجي ذات جي مطالعي سان ڪائنات جو مطالعو ڪري سگھي ٿو. يعني انھن سڀني ضابطن ۽ قانونن جو مطالعو، جن جي تحت هن ڪارخانه عالم جو سلسلو هلي رهيو آهي. انھيءَ ڪري ڪائنات ۽ ذات جو مطالعو گڏوگڏ ٿيڻ گھرجي ته جيئن هڪٻئي کان مدد ملي سگھي.“
(In Search of Miracles p.17)
آسمانن کان وٺي زمين تائين، قانونن جي وحدت آهي، ڇو ته ڪائنات قانونن جو مجموعو آهي. ڪائنات هڪ زنده عقلي نظام آهي، ڇو ته جيڪو حقيقي آهي اهو عقلي به آهي. ڪائنات بتدريج عقلي نظامن ۾ تخليق ٿي آهي. جيڪڏهن ڪائنات جي مختلف جسمن تي مختلف قسمن جا طبعي قانون هجن ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيندو ته ڪائنات جا تخليقي مرحلا عقلي ڪونه آهن. ڪائنات حقيقي آهي. ڪائنات قابل فهم آهي ۽ مخصوص قانونن تحت هلي رهي آهي. ان ڪري قابل پيشنگوئي آهي. ياد رکو ته مشيت ايزدي ۽ حڪم الاهي اهوئي آهي جنهن کي ”قدرت جو قانون“ چئجي ٿو ۽ جنهن جي فيض سان ڪائنات قائم آهي. اهي قانون نھايت محڪم آهن. ڪائنات بتدريج مختلف ۽ متنوع عقلي نظامن ۾ تخليق ٿيڻ جي باوجود هڪ متحد نظام وانگر وحدت ۾ رهي ٿي. سيد لطيف جي ڏنل هن آسماني ذائقي کي وري چکو، سيد ڪائنات جي ابتدا جي ڳالهه ڪري ٿو:
پڙاڏو سو سڏ، ور وائي جو جي لھين،
هئا اڳھين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
*