محبت جي ميدان ۾
ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاهوتي لاهي.
”محبت جي ميدان ۾ ڪڏي پؤُ ڪاهي“ اهو آهي سيد لطيف جو اصل سبق. اچو ته پهريان اهو سمجهون ته محبت آهي ڇا؟
ڪائنات ۾ نور ئي نور يعني خدائي خدا آهي. محبت نور جو روحاني ذائقو آهي. ڪامليت، محبت جي سرزمين مان رس چوسي ٿي. محبت جو مقصد عظيم آهي؛ يعني ”سڀني انسانن جي نشوونما جو عمل“. محبت ڪمال ڏانهن اڀاريندڙ قوت آهي. يعني ارتقا جي اصل خوراڪ. ارتقائي (نوراني) قوت پاڻ کي، انساني محبت جي طور تي نوع انساني ۾ آشڪار ڪري ٿي. محبت اها توانائي آهي جيڪا اسان کي بطور فرد ۽ بطور پوري نوع انساني جي، اسان جي پنهنجي غفلت جي خلاف اُڀاري ٿي. محبت کي دل ۾ دائمي طور آباد ڪرڻ، توسيع ذات يعني روحاني ارتقا جو ئي عمل آهي. محبت زير عمل ارتقا آهي. اسان محبت ڪرڻ سان ئي جلدي نشو ونما پائي، ارتقا جي آسمان تي چڙهي سگهون ٿا يعني محبت جي ذريعي ئي اسان خود افروزي حاصل ڪريون ٿا. جنهن انسان جي دل ۾ محبت مهڪي ٿي، اها دل هر وقت محبتي (نوراني) عمل سان ماحول کي آسماني ڪندي رهي ٿي. محبت جو هر عمل محبت آهي. محبت صرف محبت لاءِ ئي هجي. محبت بقا آهي. محبت زندگي آهي ۽ محبت جو ڪو به ڪنارو ڪونهي.
محبت انسان جي هستي هجڻ گهرجي. انسان کي گهرجي ته محبت جي آسمان جو چمڪندڙ ستارو يعني زنده وجود ٿي پوي. جيڪو انسان محبت جي داخلي مسرت سان فيضياب ڪو نه ٿيو آهي سمجهو ته اهو فضول زندگي گذاري ٿو. جن انسانن جي دلين تي نفساني غلاظتن جو پهرو هوندو آهي، اهي محبت جو ذائقو چکڻ کان بغير مري ويندا آهن. اهڙيءَ طرح انهن جي زندگي، آسماني مقصد سان بغاوت ۾ گذري ٿي. محبت جي رنگ ۾ ٻڏل وجود ئي آسماني آهي.
محبت ئي اهو دروازو آهي، جنهن مان جنت (زندگي) ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. بهادري محبت جي صفت آهي. محبت جي لاءِ بهادريءَ جي ضرورت ٿيندي آهي، تڏهن ته سيد لطيف چئي ٿو:
محبت جي ميدان ۾ ڪڏي پؤ ڪاهي،
ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاهوتي لاهي،
الله تعاليٰ انسان جو محبوب، مقصود ۽ مطلوب آهي. انهيءَ حقيقي محبوب سان دل لڳائڻ، هر وقت محبوب جي طلب ۾ رهڻ عاشق جو آسماني فرض آهي. سيد لطيف محبت ڪرڻ بابت چوي ٿو:
عاشق، معشوقن جو وٺي ويهه دڪاڻ،
پئج پيش پرين جي پٽي وجهي پاڻ،
ته تون تنين ساڻ، سدا رهين سرخرو.
*
عاشق، معشوقن جو وٺي ويهج رند،
پياريندءِ پاڻهي، ميخاني جو منڌ،
ڪيم ڪڍج ڪنڌ، اوڏو ٿيءُ ان کي.
*
عاشق، معشوقن جو، وٺي ويهج گهٽ،
جم ورچي ڇڏئين، موکيءَ سندو مٽ،
ڪري سرسٽ، پيج ڪي پياليون.
*
عاشق، معشوقن جي وٺي ويهه ڳري،
جهھ ورپي ڇڏئين، سندي دوست دري،
ڏيندا ٻڪي ٻاجهه جي ويندئي ٺپ ٺري.
*
عاشق، معشوقن جي وٺي ويهج سير،
اچي پڇندا سپرين، پرتان ڀري پير،
ڀلائن سندو پير، رهبر ٿيندءُ راهه ۾.
خدا (نور) انسان جو مقصد حيات آهي. خدا جي محبوبانه اطاعت بندن سان محبت جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. محبت جي راهه ئي خدا جي راه آهي. جنهن انسان وٽ ڪو مٿانهون مقصد هوندو ته اهو رستي جي غير ضروري معاملات ۾ پاڻ کي ڪو نه ڦاسائيندو. ڇاڪاڻ ته ان کي خبر آهي ته غير محبتي يعني سطحي معاملات ۾ ڦاسڻ جي معنيٰ آهي، زندگيءَ جي مقصد کان پوئتي هٽڻ. مقصد کي حاصل ڪرڻ واري جو ڌيان مقصد تي هوندو آهي. هو رستي کان هٽي کاٻي ساڄي وڃي آواره گردي ڪري وقت ڪو نه وڄائيندو. ڇو ته ان کي خبر آهي ته زندگي ۾، ظلمت سان ڀريل عمل، زهر جي برابر آهي. گناهه ڪرڻ، محبت مان نڪرڻ ۽ اوندهه ۾ وڃڻ آهي. شيطاني عمل جي زندگيءَ ۾ ڪا به جاءِ ڪونهي. هر باطل عمل باهه مان نڪرندڙ هڪڙو اُلو آهي جيڪو صرف جلائڻ جو ڪم ڪري ٿو.
سيد لطيف چوي ٿو:
ڪوڙ ڪماءِ ”م“ ڪچ، اٿي اور الله سين،
ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ،
محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،
ان پر اٿي اچ، ته سو دو ٿئي سڦرو.
*
ٻن ڏئي ٻين کي، هلج پاسي هڪ،
ورنه سهي ويڪ، تون ٽيڏي، ٽيڏايون ڪرين!
انسان کي گهرجي ته هو مستقل نتيجن تي نظر رکي. ظاهر آهي ته اهو ڪم مستقل قدرن کي پنهنجو ڪرڻ کانسواءِ نه ٿي سگهندو. ابديت مستقبل ۾ آهي. ان ڪري حقيقي روحاني ترقي صرف محبت جي لڳاتار استعمال سان ڪري سگهجي ٿي. محبت جو انتخاب ڪرڻ ئي زندگيءَ جو انتخاب ڪرڻ آهي. جڏهن انسان، نوراني ترقيءَ لاءِ، واقعي ئي پاڻ کي جدوجهد ۾ لڳائيندو آهي ته ان وقت ئي زندگي با معنيٰ ٿيندي آهي. جيڪو وجود محبت لاءِ مٽجي اهو ئي ابدي زندگي لاءِ ڪم ڪري ٿو.
ڪو به شخص، ڪاميابي سان، پنهنجي حدن کي وسعت ڏيڻ کان پوءِ وجود جي وڌيڪ حسين منزل ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. ظاهر ٿيو ته پنهنجي ذات کي وسعت ڏيڻ يعني ڪمال (خدا) جي طرف اڀرڻ هڪڙو ارتقائي عمل آهي. يعني محبت ڪرڻ جو عمل، پاڻ کي فروغ ڏيڻ جو عمل آهي. هن حقيقت کي ذهن نشين ڪريو ته اسان جيستائين خود آسماني ڪو نه ٿا ٿيئون تيستائين ٻين سان محبت ڪرڻ جي قابل ڪو نه رهنداسين. ڪنهن ٻئي جي حق ۾ پنهنجي روحاني ترقي کي ترڪ ڪرڻ ناممڪن آهي. نور، فرد جي باطن مان اڀري اجتماعيت کي حسين ڪرڻ لاءِ تڙپي اُٿي، اها آهي محبت. ٻين انسانن سان محبت ڪرڻ جو مطلب پاڻ سان محبت ڪرڻ به آهي. يعني پهريان پاڻ کي روحاني بڻائڻو آهي. ارتقائي (روحاني) نشو و نما جي لاءِ وقف ٿيڻ مان مراد ان نسل لاءِ وقف ٿيڻو آهي، جنهن جو اسان حصو آهيون. دنيا جو هر ماڻهو اجتماعي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي. ٻيڙيءَ جي سلامتيءَ ۾ ئي اسان جي سلامتي آهي.
آسماني تعليم مطابق خود توسيعي يعني جمود جي خلاف ”حرڪت“ کي ”ڪم“ چوندا آهن. اسان جي هر حرڪت نوراني هجي ڇو ته اهڙي حرڪت ۾ ئي برڪت آهي. انسان صرف نور (خدا) جا ڪم ڪري، خدا جي ٻانهپ مان پيدا ٿيندڙ عمل ئي ”حق“ آهي. اهو ئي بامقصد عمل آهي.
محبت جي ميدان ۾، ڪڏي پؤ ڪاهي،
ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاهوتي لاهي.
محبت آسماني ڪم يا همت جي ئي شڪل آهي يا اهڙو ڪم يا همت آهي، جنهن جو مقصد خود پنهنجي يا ٻين جي روحاني نشو ونما کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن انسان آسماني ٿي پوي. سڀيئي ڪم ۽ تمام همت ”ڪم“ ڪونهي، بلڪه اُهي جيڪي ”محبت“ ۽ ”انسانيت“ جي نالي ۾ هوس ۽ لالچ جي تڪميل ڪندڙ هجن شيطاني آهن. محبت نور آهي. محبت جو جذبو، منضبط جذبن مان هڪ آهي. ڇو ته تنظيم نور (روح) جي فطرت آهي. ڪائنات جي نظام تي غور ڪريو؛ ڪيڏي ڪامليت آهي. زمين تي انساني جسمن ۾ به ايڏي ڪامليت هجڻ گهرجي. دنيا کي تخليقي قوت فراهم ڪرڻ لاءِ ان کي وڌيڪ تنظيم ڏيڻي پوندي. محبت جي رس ئي تخليق جي گونچن کي خوراڪ مهيا ڪندي آهي. اسان کي پنهنجي اندر ايتريقدر خود ضبطي جي قابليت پيدا ڪرڻي آهي، جيئن اسان مجسمه نور ٿي وڃئون. ڪائنات جي نظام تي غور ڪريو، ڪائنات جو هر مجسمه نور، تنظيم جو حصو آهي. محبت ۾ پاڻ کي فنا ڪرڻو پوندو. ڇو ته زندگي اها آهي جا محبت جي لاءِ مٽجي .
”مان توکي سچ سچ چوان ٿو ته جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين تي ڪري مري ڪو نه ٿو، اڪيلو رهندو آهي، ليڪن جڏهن مرندو آهي ته گهڻو ڦل ڏيندو آهي.“ (يوحنا 12؛23)
وڻ ڇا آهي؟ هڪ ٻج جي قرباني، هڪ ٻج جنهن وقت، پاڻ کي فنا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندوآهي ته ان کان بعد ئي، اهو ممڪن آهي ته اهو هڪ سرسبز ۽ شاداب مقام حاصل ڪري سگهي. ٻج پاڻ کي دفن ڪري ٻين لاءِ زندگي جو سامان مهيا ڪن ٿا. هڪ ٻج کي جيڪڏهن هميشه جي لاءِ ڪنهن سون جي پليٽ ۾ رکيو وڃي ته اهو پنهنجي زندگيءَ جي سرچشمي سان مربوط ٿي ڪو نه سگهندو. زندگيءَ جي سامان سان ڀريل هن ڪائنات ۾ بيڪار پيو رهندو. زرخيزيءَ جي سڀني صلاحيتن جي باوجود زرخيز هجڻ کان محروم. جيڪڏهن انسان به پاڻ کي، محبت جي راهه تي آڻي، حقيقت ۾ دفن نه ڪيو ته اهو خدا جي هن سرسبز دنيا ۾ هڪ سڪل وڻ وانگر پيو رهندو. غور جو مقام آهي ته بي ڦل وڻ کي ڪٽي ساڙيو ويندو آهي.
عمارت جي تعمير بنياد تي ٿيندي آهي. ليڪن اهو بنياد ڪنهن کي نظر ڪو نه ٿو اچي. عمارت جي زندگي، ان جي بنياد تي مدار رکي ٿي. حقيقت ڪل، آسماني تعليم يعني محبت ۾ پاڻ کي دفن ڪرڻ ئي زنده، سرسبز ۽ شاداب ٿيڻ آهي. اها نباتات جي فطرت آهي. وڻ ۾ هڪ گهٽ حيثيت واري شيءِ، پاڙن وسيلي داخل ٿيندي آهي. وڻ ان کي جڏهن پنهنجي اندروني نظام جي ذريعي تبديل ڪندو، تڏهن اهو داڻو، سبزي ۽ ميوو ڏيندو. يعني وڻ جو وجود انسانذات جي فائدي لاءِ پاڻ کي پيش ڪري ٿو. حيوان جي فطرت تي غور ڪريو. ڳئون پنهنجي اندروني نظام سان گهٽ حيثيت واري شيءِ يعني گاهه کي اعليٰ حيثيت واري شيءِ يعني کير ۾ تبديل ڪري ٿي. انسان جي بدن جي مشين به هر وقت خوراڪ کي روح (نور، زندگي) ۾ تبديل ڪندي ٿي رهي. انسان کي گهرجي ته هو به عمل جي ذريعي روح مان نڪرندڙ نور، محبت، زندگي ائين ڏيندو رهي جيئن ڳئون کير ڏئي ٿي. هر وقت نور ڏيندو رهي ۽ پنهنجي عمل تي اونداهي کي غالب اچڻ نه ڏئي.
ڪائنات نور (محبت عشق) مان مجسم ٿي آهي. ان ۾ موجود نظم، نورجي فطرت آهي. تنظيم نور، محبت جي صفت آهي. انتشار هوندو ته محبت ڪو نه هوندي. ڪائنات ۾ حسن ئي حسن آهي ڇو ته اتي نظم ۽ ترتيب موجود آهي. برائي، بي ترتيبي ۽ بي قاعدگيءَ جو نتيجو آهي. حسن پنهنجي حيثيت ۾ وسيع تر روحاني نظام جي فطرت جو عڪس آهي.
اچو ته سيد لطيف جي هن تمثيل تي غور ڪندا هلئون. محبت جي لاءِ پاڻ فرمائن ٿا:
محبت سندو من ۾ ماڻڪ ٻارج مچ،
ان پر اٿي اچ ته سودو ٿئي سڦرو.
”سودو سڦرو تڏهن ٿيندو جڏهن من ۾ محبت جو مچ ٻاريو وڃي“ سياري جي موسم دوران ٻهراڙين ۾ رهندڙ ”مچ“ ٻاريندا آهن. گهڻيون ڪاٺيون گڏ ڪري، باهه ڏئي ان مان حرارت وٺندا آهن. مچ کي مرڪز ڪري اڪثر گول جي صورت ۾ ويهبو آهي. مچ زور وٺندو ته گرمي محسوس ٿيندي، انسان به هڪ اهڙو مرڪز ٿئي جنهن مان هر وقت محبت جي توانائي نڪرندي رهي. ريڊيم ڌاتوءَ مان هر وقت توانائي خارج ٿيندي رهندي آهي. سج به هر وقت بلا امتياز روشني ڏئي ٿو. محبت انسان جي هستي ٿي وڃي. انسان جي رڳ رڳ صرف محبت لاءِ حرڪت ڪري. جيئن خالص سون بکندو آهي، تيئن انسان به محبت ۾ بکي. مهڪندڙ شبنم جي قطرن وانگر پاڪيزه ٿي وڃو. چمڪندڙ موتي ٿيو. خدا تعاليٰ جي صفتن جا سڀ وهڪرا، محبت جي چشمي ۾ قرار وٺندا آهن. انسان کي گهرجي ته محبت جو آسماني جام پياريندڙ ساقي ٿي وڃي. دائمي امن جا گيت ڳائيندڙ فرشتو، ابديت ڏانهن آسماني انسانن جو همسفر، رفيق راهه ٿي وڃي.
سيد لطيف جو پيغام آهي ته ”محبت سندو من ۾ ماڻڪ ٻارج مچ“ اهو آهي نجات جو واحد رستو. انسان جو مصنوعي خول ۾ لڪي ويهڻ، پنهنجي نفي ڪرڻ آهي، ڇو ته نوراني ارتقا سان ان جو ڪو به رشتو ڪو نه ٿو رهي. ڪاميابيءَ جو اصل راز هي آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي حقيقت جي مطابق ٺاهي. هتي توهان کي سڀڪجهه صرف ان حالت ۾ ملي سگهي ٿو جڏهن توهان حقيقت کي تسليم ڪيو. جيڪڏهن توهان حقيقت ڪل سان مطابقت ۾ نه ايندؤ، ان جون تقاضائون پوريون نه ڪندؤ، ان جو نظام دين (آسماني بادشاهت) قائم نه ڪندو ته توهان کي ڪجهه به نه ملندو. غور جو مقام هي آهي ته حقيقت سان اتحاد ان وقت ٽٽندو آهي، جڏهن پنهنجي اندر، پيدا ٿيڻ واري بي اتحاديءَ جا جذبا قوي ٿي وڃن.
اتحاد صرف علم ڪلي (خدا جي معرفت) جي دائمي خوبي آهي. يسوع مسيح جي ڏنل هنن لفظن تي غور ڪريو:
”مان توهان کي نئون حڪم ڏيان ٿو ته هڪٻئي سان محبت رکو جيئن مان توهان سان رکي . توهان به هڪٻئي سان محبت رکندؤ ته ان سان سڀ ڄاڻندؤ ته توهان منهنجا شاگرد آهيو.
(يوحنا 14؛34-35)
هڪ اهو شخص آهي جيڪو فقط محبت جو تصور ڪري ٿو. ٻيو اهو جو خود محبت ٿي وڃي ٿو ڪهڙو بهتر آهي؟ آسماني تعليم ٻئي قسم جي انسان جي تلاش ۾ آهي. سيد لطيف جو سبق:
وري ياد ڪريو --- محبت جي ميدان ۾ ڪڏي پؤُ ڪاهي----
محبت صداقت مطلق آهي. انسان جي ڀلائي ان ۾ آهي ته غير مشروط طور تي پاڻ کي دريافت ڪري. جڏهن محبت، زندگيءَ جو مقصد ٿي وڃي ٿي ته انسان جو وجود آسمان طرف سفر ڪندو آهي. خدا محبت آهي ۽ ماورائيت صرف محبت جو شان آهي. ماورائيت خدا جي صفت آهي.
ڇاڪاڻ ته محبت، خدا تعاليٰ جي صفات جو اظهار آهي. انسان جي سامهون آسمانن جي ڏاڪڻ آهي. انسان ان ڏاڪڻ تي چڙهڻ لاءِ تخليق ڪيو ويو آهي. بلنديءَ جي ان چڙهائي تي چڙهڻ جو سلسلو ابدي آهي.
اسان جي محبت ڪرڻ جي استعداد، ترقي ۽ ارتقا جي صلاحيت اسان جي اندر خدا ڦوڪي آهي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي ته محبت نور جو روح آهي.
فَاِذَا سَوَّیۡتُہٗ وَ نَفَخۡتُ فِیۡہِ مِنۡ رُّوۡحِیۡ فَقَعُوۡا لَہٗ سٰجِدِیۡنَ ﴿۲۹﴾ (الحجر:29)
“جڏهن مان ان کي مڪمل ڪيان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته توهان ان جي سامهون سجدي ۾ ڪري پئجو.“
هن حقيقت کي سامهون رکو ته انساني دنيا ۾ ارتقا ۽ تبديليءَ جي عمل کان سواءِ دائمي ۽ ازلي صورتون وجود نه ٿيون رکن. زندگيءَ جي آسماني نصب العين جو ڪم زندگي ۽ ارتقا جي رخ کي متعين ڪرڻو آهي. پاڪيزه نصب العين موجود ڪونهي ته سرگرمين جو صحيح رخ متعين ٿي ئي ڪو نه سگهندو ۽ زندگي ڪشمڪش ۽ انتشار ۾ ڦاسي پوندي.
اسان مان هر هڪ ۾ خدائي جبلت ۽ انسانيت (روحانيت) موجود آهي. صرف پنهنجي احساسن کي خدا تعاليٰ جي اطاعت ۾ آڻڻو پوندو. اسان سڀني ۾ هڪ بيمار (نفس) ۽ تندرست ذات (روح) موجود آهي. اسان جو روحاني (نوراني) حصو اسان جي ترقي چاهي ٿو، تبديلي ۽ بهتري پسند ڪري ٿو. اسان جي صحتمند ذات (روح) ارتقا جي جدوجهد ۾، خدائي رتبي جي طرف وڏي ذوق ۽ شوق سان وڌي ٿي. پر روح يعني صحتمند ذات کي بيمار ذات (نفس) جي ڪاهلي کان هر وقت هوشيار رهڻ گهرجي. خبردار! توهان صرف محبت لاءِ استعمال ٿيو. جيڪو حقيقت ڪلي (خدا) جي رحمت ۾ هوندو، اهو خدا جي غصب کان پري هوندو. ان جي رحمت کي ان جي غضب تي سبقت آهي. اصل نڪتو شعور کي محفوظ رکندي حق (ڪامل) بڻجڻ آهي. خدا چاهي ٿو ته انسان پنهنجي شعور کي معرفت ۾ تبديل ڪري. اسان جي شعوري ذات، خدائي ذهن (معرفت) سان مطابقت پيدا ڪري؛ اها آهي رحمت ٻيءَ حالت ۾ غضب ئي غضب هوندو ڇو ته رحمت ڪو نه هوندي ته غضب جو هجڻ قانون قدرت آهي. حق ڪلي سان ڪامل مطابقت جو نالو آهي ”خدا جي رحمت“ ۽ خدا جي مخالفت معنيٰ آهي غضب جو ڀڙڪڻ.
محبت ئي سڀني روحاني بيمارين جو دائمي علاج آهي. ۽ ڪوبه شخص ”خود پرستيءَ“ جي قيد مان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ئي محبت جي واديءَ ۾ لهي سگهي ٿو. ياد رکو، پاڻ کي توسيع ڏيڻ ۽ حدود کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪوشش درڪار ٿيندي آهي. ارادو ۽ عمل ٻئي محبت جي رنگ سان رنگين هئڻ گهرجن. انسان جي سامهون صرف محبت ئي واحد رستو آهي جنهن سان هو پنهنجي مستقبل کي درخشان ۽ نور سان ڀريل بنائي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سيد لطيف چوي ٿو؛ غور جو مقام آهي:
محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،
ان پر اٿي اچ، ته سودو ٿئي سڦرو.
انسان کي پنهنجي وجود جي ٻيهر تعمير ڪرڻي پوندي. کيس پاڻ ئي پنهنجي رڪاوٽن کي رستي تان هٽائڻو پوندو. اسان جو عرصه حيات، آخري لمحه تائين، اسان کي روحاني نشو نما جا غير محدود موقعا پيش ڪري ٿو. زندگيءَ ۾، موجود ارتقائي قوت، پاڻ کي، انساني محبت جي طور تي نوع انساني ۾ آشڪار ڪري ٿي. ياد رکو انسان کي نفع خور نه بلڪه نفع بخش ٿيڻو آهي. اها ئي تقدير آهي ۽ تقدير وري فڪر جي آخري حد آهي.
جنهن جاءِ تي ٻه حڪمران هوندا، اتي ڪڏهن به سک چين ٿي ڪو نه سگهندو بلڪه اتي گهڻن ئي ڏکن ۽ تڪليفن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. اسان کي صرف خدا تعاليٰ سان ئي محبت ڪرڻي آهي. جيڪڏهن انسان ياد خدا سان گڏ پنهنجي نفس جي به پيروي ڪري ٿو، ته پوءِ ان جي رتبي ۾ فرق پئجي وڃي ٿو. پوءِ روح ۽ بدن (نفس)جي لڙائي شروع ٿئي ٿي. ٻنهي مان ڪو به هار مڃڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي. ٻئي پنهنجي طرف ڇڪيندا رهن ٿا، ۽ روحاني ارتقا رڪجي وڃي ٿي.
هي قانون قدرت آهي ته ”حقيقت جي دريافت“ جي صورت ۾ پراڻي ڄاڻ، تان دستبرداري ۽ ان جو خاتمو درڪار ٿيندو. وڌيڪ ڪشاده تصور کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ اسان کي تنگ تصور کي ختم ڪرڻو پوندو. حق جي دريافت کانپوءِ تڪليفن کان ڊڄي غير حقيقي رستي تي هلندو رهڻ جمود جي نشاني آهي. سيد لطيف ٿو چوي :
نانگا پنهنجي نفس کي ڪا نئين راه سونهاءِ،
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.
نئين تصور جو مطلب آهي پراڻي تصور جو لازمي موت. پراڻي تصور کان دستبردار ٿيڻ جي تڪليف، موت جي تڪليف آهي. ليڪن پراڻي جو موت نئين جو جنم آهي. انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”۽ ڪو به ماڻهو پراڻي مئي پي ڪري نئين جي خواهش ڪو نه ڪندو آهي. ڇو جو چئي ٿو ته پراڻي ئي سٺي آهي.“
(لوقا 6؛39)
پراڻي رستي تي هلندو رهڻ موت جي ملڪ ۾ رهڻ آهي. دنيا تي اثر انداز ٿيڻ وارؤ! آزادانه انتخاب جي ذريعي، اسان پنهنجي بالغ ۽ آزاد مرضي کي، خدا جي مرضيءَ سان شناخت ڪري سگهئون ته خدا جي مرضي، اسان جي شعوري انا جي توسط سان زندگيءَ جي هڪ نئين ۽ طاقتور صورت ڌاري وٺندي. اسان کي نئون جنم وٺڻو آهي ته جيئن شعوري فرد جي طور تي خدا جي مرضيءَ جي هڪ نئين زنده صورت بڻجي وڃئون. هڪ بالغ، شعوري انا کي ترقي ڏيڻي آهي، جيڪا بعد ۾ خدا جي انا ٿي وڃي ٿي. ياد رکو هتي سواءِ خدا جي ٻي ڪنهن شيءِ جو وجود ڪونهي.
سائنس جي نزديڪ، ذهن ۽ جسم جي قانونن جو پس منظر، هن ڪائنات ۾ آهي. انساني دماغ خود اسان جي پنهنجي متعلق ۽ اسان جي چوڌاري موجود سڀني شين جي متعلق شعور جو ذريعو آهي. جبلتن کي سڃاڻڻ ۽ انهن جي تهذيب صرف ارتقا يافته شعور جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي. شعور جو تعلق روح سان آهي. تهذيبي ارتقا، شعور جي ارتقا جو مظهر ۽ نتيجو آهي يعني جبلتن، جذبن، تخيل ۽ لاشعور، سڀني جي اهميت ۽ معنويت شعور جي ذريعي ئي حاصل ٿيندي آهي. تشڪيل نو جي ذريعي ئي اسان ترقي ماڻيندا آهيون. هڪ ٻيڙي ٽٽي پوي ته نئين ٻيڙيءَ وسيلي پنهنجو سفر شروع ڪيو. سفر جي تياري ڪيئن ڪجي. سيد لطيف ٿو چئي:
ٻانهپ جو ٻيڙين ۾ وکر وڌائون،
موتي معرفت جا، سچا سوڌيائون،
التائب من الذنب، اي کٽ کٽيائون،
انين جي آئون، برڪت بار لنگهائيان.
محبت جو ڪم، جيڪو مرڪزي صورت اختيار ڪندو آهي اهو آهي ”توجهه“ ”ڀلائي وارو ٻڌڻ“ توجهه سان جڙيل آهي. سيد جي هن بيت تي غور ڪريو:
وحده لاشريڪ لھ، ٻڌئي نه ٻوڙا
ڪنهن سان محبت ڪندا آهيون ته اسان ان تي پنهنجو مڪمل توجهه ڏيندا آهيون. جيڪڏهن ڪو سڀاڳو ۽ سٻاجهڙو روح، سيد لطيف جي آواز سان محبت جي دعويٰ ڪري ٿو ته پوءِ ”توجهه ڏيڻ“ جو عمل، تقاضا ڪري ٿو ته چستيءَ سان پنهنجي شعور کي سيد لطيف جي طرف ڦيري ڇڏيئون. ياد رکو! توجهه ڏيڻ اهو فعل آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي معمول جي خلاف ڪرڻو پوندو. پاڻ کي وڃائڻ کان پهريان پاڻ کي حاصل ڪرڻ لازمي آهي. حق کي معلوم ڪرڻ کان بعد ئي اسان باطل جي چادر لاهي ڦٽي ڪري سگهنداسين. ياد رکو ”سٺو ٻڌڻ“ محنت جي تقاضا ڪري ٿو. دنيا ۾، زياده تر ماڻهو، حق جي آواز کي، سٺي ۽ سهڻي نموني ڪو نه ٿا ٻڌن. ڇو ته اهي آسماني محنت ڪرڻ لاءِ آماده ڪو نه آهن. جنهن حد تائين اسان، پنهنجي شعوري فيصلن جي ذريعي، دنيا تي خدا جي مرضيءَ مطابق، اثر انداز ٿيڻ جي قابل ٿي سگهئون ٿا، ان حد تائين اسان، بذات خود رحمت خداونديءَ جي هڪ صورت ٿي وينداسين. جن سچ جو پيالو پيتو آهي اهي سدائين مالڪ جي عشق ۾ مگن رهن ٿا. اهي پنهنجي اندر مالڪ کي رسندا آهن ۽ دوئي جي ننڊ مان جاڳي پوندا آهن.
عقلمند ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته اهو شڪايت کي نظر انداز ڪري، پنهنجي مقصد جي طرف سفر کي جاري رکي. جمود جي حالت طاري ٿيڻ سان اسان ”وڌيڪ“ جي شوق کان محروم ٿي وڃئون ٿا ۽ جنهن کي ”زياده“ (غور جو مقام آهي) جو شوق رسي وڃي اهو اتي ئي پيو هوندو.
سيد لطيف جي پيغام سان جڙڻ جي معنيٰ آهي غير خدائي ڪمن کان دستبرداري ۽ لاتعلقي. حقيقي ڌيان جي اُها لازمي تقاضا آهي. حقيقي طور ٻڌڻ ۾ جڙڻ جو عمل به شامل آهي. وري غور ڪريو؛ وحده لاشريڪ لھ، ٻڌئي ڪو نه ٻوڙا“ دوست! حقيقي ٻڌڻ محبت جو عمل آهي. سيد لطيف جي پيغام کي توجهه سان، ٻڌڻ ۽ ياد رکڻ جي اهم ترين ضرورت آهي. قدرت هي قانون جوڙيو آهي ته دنيا جي سڀني باشعور انسانن تي اهو آسماني فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي محبت ڀريل فڪرمنديءَ سان ٻين جي دکن دردن ۾ شريڪ ٿين. راحت ۽ تسڪين يقيني آهي. مٿي اڀرڻ جو اهو ئي قانون آهي.
آسمان جي تعليم خود ضبطي سيکاري ٿي ڇو ته خود ضبطي پنهنجو پاڻ کي وسعت ڏيڻ جو عمل آهي. انسان اشرف المخلوقات آهي مگر صحيح راهه کان بغير اهو ئي انسان ڪنهن ڪم جو ڪونهي. اهو ئي ماڻهو ڪامياب ٿيندو آهي جنهن کي ان جي اندر جي روشني يعني (نور (خدا) جي سڃاڻپ هجي. سيد لطيف جو آسماني سڏ ٻڌ! سڏ ۾ سڏ ڏيڻ، با ادب انسان جو عمل آهي:
جي نه سڃاڻن سچ کي ويهه مَ تنين وٽ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
مهر تنين وٽ، مٽ جي پارکو پارس جا.
قانون هي آهي ته ”خود ضبطي“ ان وقت ٿي سگهندي، جڏهن اسان مسلسل، نه ختم ٿيندڙ سخت خود احتسابيءَ جي زندگي گذاريون. جنهن شخص جي اندر، خدا جي نالي جو ذڪر بي حساب ٿي رهيو هجي، خدا ان کان ڪڏهن به جدا ٿي ڪو نه سگهندو. خدا ۽ انسان جو رشتو، چنڊ ۽ چڪور جو رشتو آهي. انسان جي دل خدا جو گهر آهي. خدا مومن جي دل ۾ سمائجي ويندو آهي. ليڪن افسوس آهي جو انسان جي دل ۾ هر وقت خودپرستي نظر ٿي اچي. خدا کي ڇڏي نفس کي محبوب ڪيو ويو. انسان پاڻ کي پوڄي ٿو. هر ڪو هڪڙي خول ۾ بند آهي. سيد لطيف جي هيٺين بيت تي غور ڪريو. سيد، قدرت جي ان قانون کي پيش ڪري ٿو جنهن سان انسان ان خول مان نڪري زندگيءَ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. خودپرستيءَ جي معنيٰ آهي ڪل (حق) کان نڪرڻ؛ خدا (ابديت) سان رشتو ٽوڙڻ.
خودي ۽ خدا، ڪين ماپن هڪ من ۾
ٻن ترارن جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾
جنهن دل ۾ خدا (نور) جي حڪومت هجڻ گهرجي ها، اتي (خود) جي حڪومت آهي. ”خود“ کي ڇڏ، نور کي آڻ. قدرت جي قانون تي عمل ڪر. تنهنجو باطني گهر نور سان ائين ڀرجي ويندو، جيئن اوندهه ۾ بلب ٻري پوي.
دنيا تي غور ڪريو. عبرت جو مقام آهي. هر شخص خود پنهنجي اندر جي تقاضائن جي تڪميل ۾ مصروف آهي ۽ جڏهن ضرورتون پوريون ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ اهو (ڪڏهن به پوري نه ٿيڻ واري) هوس جي تڪميل ۾ لڳي وڃي ٿو. جڏهن توهان جي دل ۾ خودپرستيءَ کانسواءِ حقيقت جي لاءِ ڪا به گنجائش ڪونهي ته پوءِ ان ۾ ٻي شيءِ ڪيئن وجهي سگهبي. پيالو نفرت جي باهه سان ڇلڪي ٿو. ان ۾ محبت جو نور ڪٿان داخل ٿئي! ان جي داخل ٿيڻ جو ڪو رستو ڳولهه. دل کي صاف ڪر ته جيئن تخت دل سينگارجي. ان تي آسمان مان پريون لهن، رقص نور ٿئي. محفل حق ڄمي، سچ توتي پوريءَ طرح ڇائنجي وڃي، تنهنجو باطن چمڪي، خدا تنهنجي مٿان پنهنجي شان سان حڪومت ڪري.
ان وقت يسوع پنهنجي شاگردن کي چيو ته جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ چاهي ته پنهنجي خوديءَ جو انڪار ڪري.
(متي 17؛24)
اي ساٿيو! هن حقيقت تي غور ڪريو ته ”انا“ جي سرحدن کان عارضي آزاديءَ اسان کي نور جي هڪ تجلي ته مهيا ڪري سگهي ٿي ليڪن فنا جي گگهه اوندهه مان ڪڍي نه ٿي سگهي. قرآن شريف توهان کي هڪ انسان جي حالت ڏيکارڻ چاهي ٿو ته هو ڪيئن نفس جي قيد ۾ بند آهي.
اَفَرَءَیۡتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰـہَہٗ ہَوٰىہُ وَ اَضَلَّہُ اللّٰہُ (جاثيه: 23)
”پوءِ ڇا توهان ان شخص جي حالت ڏٺي آهي جنهن پنهنجي نفساني خواهشات (خودي) کي ئي زندگيءَ جو مقصد بنائي ڇڏيو آهي.
سيد لطيف جي عظمت تي غور ڪر، پاڻ فرمائن ٿا:
پاڻ م کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ،
لالن تني له، عشق جنين جي اڳ ۾.
*
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق ساڻ اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي.
*
خواب، خيال، خطرا، تنين ڪريج ترڪ،
ڪرين غير غرق، ته مشاهدو ماڻين.
*
وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ،
هڏهن ڪونهي هيءُ، هو پڻ ڪونهي هن ريءَ.
*
پوڄا ڪر پاڻ کي، جوڳي رکج جوڳ،
*
فنا وجهي نم ۾، ڪارڻ ٿي ڪباب،
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن پاڻ.
محبت جي پوشاڪ پائڻ کانسواءِ انسان آسمان جي بادشاهت (دين) ۾ داخل ٿي ئي ڪو نه سگهندو، ان لحاظ کان محبت اولين ضرورت آهي.