لطيفيات

شاه لطيف جو تصورِ ڪائنات

سيّد جو ڪلام عالمي سچائي آهي. ان ڪلام جو ڪنهن خاص زمان يا مڪان سان تعلق ڪونهي. اهو علم آهي، سچ آهي. ان آسماني خوبيءَ ڪري، سيّد جو پيغام دنيا جي سڀني انسانن کي، زندگيءَ جي هڪڙي مقصد تي متحد ڪري سگهي ٿو.
Title Cover of book شاه لطيف جو تصورِ ڪائنات

پاڻ سڃاڻ

پنھون ٿيس پاڻ، ويو سسئيءَ جو سينگار،
من عرف نفسھ فقد عرف ربھ اهوئي آچار.

ان حقيقت ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي ته انسان جي زندگيءَ لاءِ، جيڪو نظام حيات ٺاهيو ويندو ته ان جي ابتدا، الاهياتي ۽ مابعد الطبعياتي مسئلن سان ٿيندي. زندگيءَ جي ڪابه اسڪيم ٺهي ڪونه سگهندي جيستائين انسان ۽ ڪائنات جي متعلق هڪ واضح ۽ متعين تصور نه قائم ڪيو وڃي. انسان کي هن دنيا ۾ ڪيئن رهڻ گهرجي؟ ان سوال جو صحيح جواب ان وقت ملندو جڏهن انسان جي پوري حقيقت معلوم ڪئي وڃي. انسان آهي ڇا؟ اهو آهي اڄوڪي انسان جو بنيادي مسئلو. انسان جي بقا ۽ وجود جو دارومدار ان ئي مسئلي تي آهي.انسان جا باقي جيڪي به مسئلا آهن اهي سڀ ان جي تقاضائن مان نڪرن ٿا ۽ انهن سڀني مسئلن جي حيثيت ان جي جزئيات ۽ تفصيلات کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. مشهور مفڪر Professor Caird ان باري ۾ لکي ٿو:
”صورت اها آهي ته اڄ جي دور جو انسان پنهنجي حقيقت کان جيتريقدر ويڳاڻو آهي اوترو هن کان اڳ هي ڪنهن به دور ۾ ڪونه هيو. 21 صديءَ جي هن دور تائين، جنهن ۾ اسان گفتگو ڪري رهيا آهيون، گهڻن ئي فلاسافرن ۽ مفڪرن انسان جي مسئلي تي گهڻو زور ڏنو آهي پر هر هڪ، انسان جي باري ۾ پنهنجو الڳ الڳ نظريو ۽ ٻين کان مختلف تصور پيش ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو انسان جي حقيقت اڄوڪي دور تائين وڌ ۾ وڌ متنازع ٿي وئي آهي.“
(The Crisis of Civilization. Page.77)
جيڪڏهن اسان ڪونه ٿا سمجهؤن ته انسان ڇا آهي ۽ ان کي ڇا ٿيڻ گهرجي؟ ٻين لفظن ۾ هيئن سمجهو ته جيڪڏهن انسان جي حقيقت جي باري ۾ اسان جو فڪر واضح ۽ متعين ٿيل ڪونھي ته پوءِ تمدن ۽ ثقافت، تعليم و تربيت، اخلاق ۽ معاشرت جي رابطن جي اصلاح جي نالي تي اسان جون سڀئي ڪوششون محض بيڪار ۽ بي نتيجه آهن. اهي ماڻهو جي انسان جي حقيقت کي سمجھڻ بدران انفرادي ۽ اجتماعي اصلاح جي ڪوششن ڪن ٿا انهن جو مثال هڪ اهڙي مالهيءَ جهڙو آهي جيڪو باغبانيءَ جو فن ته ڄاڻي ٿو مگر جن وڻن جي هو نگهداشت ۽ سنڀال ڪري رهيو آهي ان جي قسمن کان ناواقف آهي ۽ اها ڳالهه به ڪونه ٿو سمجهي ته سندس معاشري ۾ ماڻهن کي ڪهڙي قسم جي ميون جي ضرورت آهي.
هي ڪو اتفاقي حادثو ڪونهي بلڪه حقيقت اها آهي ته اڄوڪي دور ۾ انسان جو سڀ کان وڏو مسئلو خود انسان ئي آهي. جيتري قدر زندگيءَ ۾ چمڪ دمڪ وڌي رهي آهي، جيتري قدر سائنس جو ذريعه فطرت تي اقتدار حاصل ٿيندوٿو وڃي، جيتريون زياده آسانيون، آسائشون ۽ سهولتون انسان کي حاصل ٿينديون ٿيون وڃن، انهيءَ نسبت سان اهو هڪ انتهائي وڏو مسئلو ٿي ويو آهي. انسان پنهنجي علم جي ذريعي ڪائنات جي رازن کي بي نقاب ڪندو ٿو وڃي، پرايڏي وڏي علمي ترقيءَ باوجود هي سوال ته خود انسان ڇا آهي؟ هڪڙو وڏو سواليه نشان آهي ۽ اهو سواليه نشان هر روز اڃان به وڏو ٿيندو ٿو وڃي. جيستائين توهان ان بنيادي سوال جو ڪو صحيح، معقول ۽ جامع جواب تلاش نه ڪندؤ تيستائين ڪنهن به انساني مسئلي جي حل جو ڪوبه امڪان ڪونهي. ڊاڪٽر شريعتي چوي ٿو:
”دنيا جو ڪوبه اجتماعي نظام، انسانيت جي ڪابه بامعنى خدمت نٿو ڪري سگهي جيستائين پهريان اها ڳالهه نه طئي ڪئي وڃي ته انسان ڇا آهي؟ ان جي زندگيءَ جي اصل چاهت ڪهڙي آهي؟ ۽ ڪهڙو هدف آهي، جنهن جي ڳولا ۾ انسان سرگردان رهي ٿو. سندس فطرت کانئس ڪهڙي هدف تائين پهچڻ جي گهرج ڪري ٿي. گويا اصول اهو ٿيو ته پهريان اهو طئي ڪيو وڃي ته هن دور ۾ اعلى معاشرت، عظيم تمدن ۽ بظاهر انتهائي ترقي يافته، سياسي ۽ اجتماعي مڪاتب فڪر، انسان کي ڪهڙي رنگ ۾ رڱڻ گهرن ٿا. ان لحاظ کان اسان چئي سگهون ٿا ته هر ڳالهه کان پهريان، جيڪا ڳالهه حل طلب آهي سا هيءَ آهي ته انسان آهي ڇا؟ ان جي ڪامل حقيقت ڇا آهي؟ ۽ ان حق کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ يا ٻين لفظن۾ انسان کي انسان بنائڻ لاءِ ڪهڙن محاذن تي ڪم ڪرڻ گهرجي.
سائنسي ترقيات ۽ فني پيش رفت جي باوجود انسان ۽ انسانيت جي باري ۾ اسان جو علم بي حد محدود آهي. هڪ طرف زراعت، صنعت ۽ تجارت کي بي حد فروع مليو آهي ته وري ٻئي طرف بي روزگاري، فقر وفاقه، بي چيني، بدامني ۽ اضطراب ۾ به انهيءَ کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. بي شمار مسئلا پيدا ٿيا آهن. ان صورتحال جو واحد سبب اهو آهي ته اسان کي پنهنجي حقيقت جي ڄاڻ ڪونهي. اهو سڀ کان وڏو ڪم آهي جيڪو انسان کي ڪرڻو آهي. لاعلمي ۽ جھالت پوري دنيا تي مسلط ٿي انسانيت کي گمراهه ڪري رهي آهي. اسان جي دنيا کي خطرو ايٽم بمن کان ڪونھي، پر انسان جي حقيقت جي باري ۾ لاعلمي ئي درحقيقت اسان جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. هن وقت ستارن جي پيمائش کان زياده انسان جي فطرت ۽ راهه سعادت ڄاڻڻ جي ضرورت آهي. اسان انسان پاڻ ئي پنهنجي لاءِ خطرو بنيل آهيون.
انسانذات جي ان ايڏي وڏي مسئلي جي حل لاءِ، اسان جڏهن سيد لطيف ڏانهن رجوع ڪريون ٿا ته سيد ڏس ٿو ڏئي:
پنهون ٿيس پاڻ ويو سسئي جو سينگار،
من عرف نفسه فقد عرف ربھ اهوئي آچار،
جو وندر ۾ واپار، سو سودوسرئس هتهين.

انسان ڪل جو جز آهي. جز جي فطرت، ڪل جي فطرت کان مختلف ٿي ڪونه سگهندي.
خدا تعالى، انسانن کي پنهنجي فطرت تي ٺاهيو آهي. پنهنجي فطرت کي سمجهبو ته الله جي فطرت سمجهه ۾ ايندي، الله جي فطرت کي سمجهبو ته انسان جي فطرت جي خبر پوندي. قرآن حڪيم شاهد آهي:
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ (الروم:30)
ترجمو: اها الله تعالى جي ئي فطرت آهي جنهن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو ويو آهي.
ٻئي هنڌ قرآن شريف ۾ اچي ٿو:
وَ فِی الْاَرْضِ اٰیٰتٌ لِّلْمُوۡقِنِیۡنَ ﴿ۙ۲۰﴾ وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِكُمْ ؕ اَفَلَا تُبْصِرُوۡنَ ﴿۲۱﴾ (ذاريات:20-21)
۽ زمين ۾ يقين ڪرڻ وارن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، بلڪه خود توهان جي اندر به، پوءِ ڇا توهان ڪونه ٿا ڏسو؟
سيد لطيف ٿو چئي:
هوت تنھنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پئي،
وفي انفسکم افلا تبصرون، سوجھي ڪرسهي
ڪڏهن ڪونه وئي، هوت ڳولهڻ هٽ تي.

مٿي ڏنل آية پاڪ (30:30) ۾ ”فطرت الله“ مان مراد آهي الله تعالى جو اهو قانونِ تخليق، جنهن تي ان ڪائنات جي وسعتن ۾ ڦهليل اجرام فلڪي کي تخليق ڪيو آهي. ڇو ته ڪائنات الله تعالى جي فطرت جو نتيجو آهي ۽ فطر الناس مان مراد آهي الله جو اهو قانون تخليق، جنهن مطابق ان زمين تي انسانن کي پيدا ڪيو. آيت پاڪ تي وري غور ڪريو:
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ (الروم:30)
اها الله تعالى جي ئي فطرت آهي جنهن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو ويو آهي.
قرآن حڪيم جي مٿين آية پاڪ (30:30) کي گهرائي ۾ سمجهڻ لاءِ هيٺين لفظن کي غور سان سمجهو.
رياضيدان PD. Ouspensky جي استاد gurdjeff جي هنن لفظن تي وري غور ڪريو:
”اهو ناممڪن آهي ته اسان انسان جي مطالعي ڪرڻ کان سواءِ ڪائنات جو مطالعو ڪري سگهون ۽ ان سان گڏ اهو به ناممڪن آهي ته اسان، انسان جو مطالعو، ڪائنات جي مطالعي ڪرڻ کانسواءِ ڪري سگهؤن. انسان جي تخليق انهن ئي قانونن سان ئي عمل ۾ آئي آهي ، جن قانونن تي ڪائنات جي جسمن جي تخليق عمل ۾ آندي وئي آهي. انسان پنهنجي ذات جي مطالعي سان ڪائنات جو مطالعو ڪري سگهي ٿو. يعني انهن سڀني ضابطن جو مطالعو، جن جي تحت هن ڪارخانه عالم جوسلسلو هلي رهيو آهي. انهيءَ ڪري ڪائنات ۽ ذات جو مطالعو گڏوگڏ ٿيڻ گهرجي ته جيئن هڪٻئي کان مدد ملي سگهي.“ (In search of miracies.page.17)
مطلب ته خارجي ڪائنات، الله تعالى جي فطرت جو نتيجو آهي. الله تعالى انسانن کي پنهنجي فطرت تي پيدا ڪيو آهي. ياد رهي ته سيد لطيف جو پهريون سبق هي آهي ته ڪائنات ۾ سواءِ خدا جي، ڪنهن ٻي شيءِ جو ڪوبه وجود ڪونهي. برٽينڊ رسل برطانيه جو مشھور فلسفي آهي. هو پنهنجي ڪتاب Problems of Philosophy ۾ لکي ٿو:
”جيڪڏهن ڪنهن شئيءَ جي فطرت مان مراد ان شيءِ جي باري ۾ ان جي سڀني حقائق جو مجموعو وٺئون ته پوءِ ظاهر آهي ته اسان ڪنهن شيءِ جي فطرت کي ان وقت تائين سمجهي ڪونه سگهنداسين جيستائين ان سان لاڳاپيل ٻين سڀني اضافتن کي نه سمجهؤن.“ صفحه 30)
انسان جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ ماهرينِ حياتيات، فلسفين ۽ مفڪرن ڪم ڪيو آهي پر پوءِ به اهي انسان جي ڪامل حقيقت تائين ڪونه پهچي سگهيا ڇو ته انهن جي نظر، قدرت جي هڪ اهڙي قانون تائين ڪونه پهتي آهي، جنهن کي آسماني ڪتاب پيش ڪن ٿا. اها سچائي آهي ”قانون گناهه فطرت“، ان کي ”حد ڪمال، آغاز زوال“ جو قانون به چيو ويندو آهي. اچو ته انسان جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ قدرت جي هنن مظهرن تي غور ڪريون.
هي آهي گلاب جي ٻوٽي ۾ لڳل هڪڙي مکڙي، وقت سان قدرت ان مکڙي ۾ روح ڦوڪيندي ويندي. آخر اهڙو دور ايندو جڏهن اها مکڙي هڪڙي حسين و جميل گل ۾ تبديل ٿي ويندي. گلاب جي گل جي ان انتهائي حسين دور کي گل جو مقام ”احسن تقويم“ چونداسين. ٿورو وقت گذرڻ بعد، گلاب جو گل، پنهنجي گلابي مسڪراهٽ سان ماحول کي مهڪائي پتين ۾ لهڻ شروع ڪندو. گل جون پنکڙيون آهسته آهسته سڪي، ڪري پونديون ۽ گل تي دور اسفل سافلين ڇائنجي ويندو. فطرت جي ان مظهر مان ظاهر ٿيو ته خير (خدا) جون قوتون، تخليق کي ڪمال تائين پهچائڻ کان پوءِ روح ڦوڪڻ جو ڪم پورو ڪن ٿيون. ان کان بعد چارج شر جي قوتن کي ملي ٿي جيڪي تخليق کي مقام احسن تان ڪيرائي مقام اسفل سافلين ۾ لاهي اچن ٿيون. قدرت جو ”حد ڪمال، آغاز و زوال“ وارو قانون ڪم ڪري ٿو. انجيل پاڪ آسماني ڪتاب آهي. ان ڪتاب ۾ به ان قانون کي پيش ڪيو ويو آهي:
”هر بشرگاهه وانگر آهي ۽ ان جو سارو شان شوڪت گاهه جي گل وانگر آهي. گاهه ته سڪي ويندو آهي ۽ گل ڪري پوندو آهي.“ (1-پطرس 1:24)
اڳتي وڌڻ کان اڳ، اچو ته قرآن حڪيم جي هنن لفظن تي غور ڪريون ته جيئن انسان جي نظر، انهن قدرتي قانونن تائين پهچي، جيڪي قانون، انسان جي تخليق تي اثر انداز ٿيا آهن.
قرآن ۾ آيو آهي:
اُنۡظُرُوۡۤا اِلٰی ثَمَرِہٖۤ اِذَاۤ اَثْمَرَ وَ یَنْعِہٖ ؕ (الانعام:99)
ترجمو: انهن وڻن سان گڏ ميوي لڳڻ ۽ پچڻ جي مرحلن جو مطالعو ڪريو.
هي آهي انب جو وڻ. ان ۾ پهريان ڪچو ميوو لڳندو. قدرت ان ۾ روح ڦوڪيندي ويندي. ميوو پچي ڪمال (مقام احسن تقويم) تائين پهچندو يعني خير جون قوتون پنهنجو ڪم پورو ڪنديون. پڪل ميوو ٽاريءَ کان جدا ٿي هيٺ ڪرندو، ڇو ته اها ان جي تقدير آهي. هاڻي هيٺ ڪريل ميوي تي شر جو قبضو ٿيندو. وقت گذرڻ سان ميوي جي حالت خراب ٿيندي ويندي يعني ان تي دوراسفل سافلين ڇائنجي ويندو. اهو آهي گناهه فطرت، جيڪو نباتات جي دنيا ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ڪتاب فطرت جي حقائق مان صاف ظاهر آهي ته ”گناهه“ اهڙي عمل کي ڪوٺبو جيڪو جسم جي حسن کي (سونهن) برباد ڪري ڇڏي، ان جي ڪمال کي مٽائي، ان ۾ نقص پيدا ڪري ۽ ان کي بلندي کان کڻي پستي ۾ وٺي اچي.
قرآن حڪيم جي هن آيت پاڪ تي غور ڪريو:
وَ اللہُ اَنۡۢبَتَكُمۡ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًا ﴿ۙ۱۷﴾ (نوح: 17)
ترجمو: خدا تعالى انسانن کي زمين مان هڪڙي وڻ وانگر پيدا ڪيو.
هن آيت پاڪ تي غور ڪرڻ سان صاف معلوم ٿو ٿئي ته انسان زمين جي پيداوار آهي. ان کي آسمان تي ٺاهي، زمين تي ڪونه آندو ويو. انسان ڪائنات جي بدن مان نڪتو آهي ٻيو ته انسان جي تخليق تي نباتاتي قانون اثر انداز ٿيا آهن.

[b]انسان جي تخليق ۽ مقام احسن تقويم:
[/b]انسان جي تخليق جو آغاز ڪائنات جي ابتدا کان ئي شروع ٿيو ڇو ته مذڪر ۽ مونث جسمن جو سلسلو ڪائنات جي شروعات کان وٺي، زمين تي موجود زندگيءَ تائين ڳنڍيل آهي. ان سلسلي ۾ ڪٿي به خلا ڪونهي. مٿان کان آيل ارتقائي سلسلي کي مٽي، پاڻي، هوا ۽ حرارت جي موجودگي ۾ زمين تي ڦهلايو ويو. وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنۡسَانِ مِنۡ طِیۡنٍ (السجده:7)
مٽيءَ جي نئين شڪل انسان هئي. انسان جي نشوونما زمان ۾ ٿي آهي. سادو، پيچيده صورت کان پھريان آهي ۽ هر بعد جي نوبت پهرين نوبت کان ڪم ورتو آهي. مختلف الاجناس انواع هڪ ئي وحدت مان نڪتا آهن. جمادات کان نباتات تائين ۽ نباتات کان حيوانات ۽ انسان جي وچ ۾ هڪڙو رابطو ملي ٿو. اها ڳالهه ڪائنات جي سڀني شين جي باطني رابطي مان ملي ٿي.
انسان ته موجوده ڪونه هئو پر مٽيءَ ۾ هڪ حقيقت ممڪنه موجود هئي جيڪا ارتقا جي ذريعي نباتات مان ٿيندي، حيوانات مان گذرندي. ان وقت ڪمال تائين پهتي جڏهن پهرين انساني نوع جو بدن سج جي بدن وانگر نورسان ڀرجي ويو ۽ چهرو به سج وانگر چمڪڻ لڳو يعني انسان آسماني صحت جو مالڪ ٿيو. اتي ارتقا جو سفر پورو ٿيو، ڇو ته اُن کان وڌيڪ حسين چهري جو وجود ڪائنات ۾ آهي ئي ڪونه. ارتقا جي ان مقام تي آڱر رکي اسان چئي سگهون ٿا ته اتي جانور پورو ٿيو ۽ انسان شروع ٿيو. اهو آهي وجود ڪامل (خدا) جو چهرو.
خدا تعالى انسان کي پنهنجي شڪل تي ٺاهيو: هڪ مشهور حديث پاڪ آهي:
الله تعالى آدم کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو.
توريت پاڪ جي شهادت آهي:
خدا انسان کي پنهنجي شڪل تي ٺاهيو. (پيدائش 27: 1)
سيد لطيف چوي ٿو:
هو پڻ ڪونهي هن ريءَ هي نه هنهان ڌار،
الانسان سري وانا سره، پڙوڙج پچار،
ڪندا ويا ويچار، عالم عارف اهڙي.

زمين تي جاندارن جي وجود ۾ اچڻ کان پهريان، مادي ڪائنات سڀ ارتقائي مرحلا طئي ڪري هڪ اهڙي شڪل ۾ موجود هئي، جنهن کان بغير اهي جاندار وجود ۾ اچي ڪونه ٿي سگهيا تنهنڪري مادي ڪائنات جي ارتقا انهن جاندارن کي آڻڻ جي تياري هئي ۽ ان ارتقا جو سبب به اهوئي مقصد هو.
جهڙيءَ طرح مقصود ابتدا ۾ ٻج جي اندر لڪل ٿيندو آهي ۽ آخرڪار ثمر ۾ ظاهر ٿيندو آهي، اهڙيءَ طرح اهو چوڻ بلڪل درست آهي ته فلڪياتي جسمن جي تڪوين کان، انسان ڪامل جي خلقت تائين، قدرت جيڪو سفر اظهار ڪيو ان جو مقصد انسان ڪامل هو. ڪامل الخلقت ان مخلوق کي چئبو آهي، جنهن ۾ حسن ۽ خوبي انتها تائين پهچي وڃن. ڪامل شيءَ ۾ نقص ڪونه ٿيندو آهي. مقام احسن تقويم جي انتها تي، انسان کي پوري جمال ۽ ڪمال سان آندو ويو. هن آيت پاڪ تي وري غور ڪريو، انسان جي تخليق تي نباتاتي قانون اثر انداز ٿيا آهن:
وَ اللہُ اَنۡۢبَتَكُمۡ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًا ﴿ۙ۱۷﴾ (نوح:17)
زمين تي ارتقا جو سلسلو هڪڙي وڻ وانگر ڦهليو آهي. شاخون ڪڍڻ ۽ شاخ در شاخ ٿيڻ نباتات جي فطرت آهي. اهڙيءَ طرح سلسلو گل کان ٿيندو ميوي تائين وڃي پهچندو آهي. شاخ جي ٽاريءَ ۾ لڳل ثمر گودي ۽ رنگ جي تبديلين مان گذرندو آهي. اهڙيءَ طرح ميوي کي ڪمال تائين پهچڻ جي لاءِ مٿيان ٻڌايل مرحلا طئي ڪرڻا پوندا آهن. شاخن تي نوان پن نڪرندا ۽ سڪل پن ڪرندا رهيا. مختلف شاخن تي مختلف گل کليا. ان سلسلي جي بلند ترين هستي انسان آهي.”حد ڪمال آغاز زوال“ جي قانون تحت انسان وڌ ۾ وڌ حسين مقام تي پهچڻ کان پوءِ زوال ڏانهن لهي آيو؛ بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ٽاريءَ ۾ لڳل ڦل پچڻ (ڪامل ٿيڻ) کان پوءِ هيٺ ڪري پوندو آهي. وقت گذرڻ سان ڪريل ميوي جي حالت خراب کان خراب تر ٿيندي ويندي آهي. انسان به تخليق جي اهڙن مرحلن مان گذريو آهي.
لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنۡسَانَ فِیۡۤ اَحْسَنِ تَقْوِیۡمٍ ۫﴿۴﴾ ثُمَّ رَدَدْنٰہُ اَسْفَلَ سٰفِلِیۡنَ ۙ﴿۵﴾ (التين:4-5)

انسان جي تخليق ۽ مقام اسفل سافلين:
پڪل ميوو ٽاريءَ مان ڪرندو ته ان جي حالت وقت (گذرڻ سان) خراب کان خراب تر ٿيندي ويندي. پهريون ڪامل انسان (آسماني صحت جو مالڪ) مقام احسن تقويم تان مقام اسفل سافلين ۾ ڪريو ته ان جو پهريون اثر اهو ٿيو جو نور جي چادر لهڻ شروع ڪيو.
قرآن شريف ۾ آيو آهي:
لِیُبْدِیَ لَہُمَا مَاوٗرِیَ عَنْہُمَا مِنۡ سَوْاٰتِہِمَا (الاعراف: 207)
مولانا عبدالماجد دريا آبادي پنهنجي ”تفسير ماجدي“ ۾ ان آيت متعلق لکيو آهي:
”آدم ۽ حوا جا جسم لباس نور سان ڍڪيل هئا ۽ اهڙي طرح انهن جي جسمن جا قابل ستر حصا خود انهن جي نظرن کان لڪل هئا. گناهن جي ڪري اهو نور جلي ويو ۽ جيڪي ڪجهه انهن جي جسمن ۾ نور جي پردن ذريعي لڪايو ويو هو اهو انهن ٻنهي جي روبرو بي پرده ٿي پيو. اهوئي سبب هئو جو انهن پنهنجي جسمن جي خاص عضون کي وڻ جي پنن سان ڍڪيو.“
توريت پاڪ جي شهادت آهي:
”۽ آدم ۽ ان جي زال ننگا هئا ۽ شرمائن نه پيا.“ (پيدائش 52:2)
اهي ننگا ضرور هئا ليڪن نور جي جيڪا پوشاڪ، انهن جي جسمن تي چڙهيل هئي ان سبب ڪري اهي ڪونه پيا شرمائن ڇو ته انهن جا خاص عضوا نور جي پردي سان ڍڪيل هئا.
توريت پاڪ جي شھادت آهي:
”تڏهن ٻنھي جون اکيون کلي پيون ۽ انهن کي معلوم ٿيو ته اهي ننگا آهن ۽ انهن انجير جي پنن کي پاڻ ۾ سبي ڪري پنهنجي لاءِ لنگيون ٺاهيون.“ (پيدائش: 7:3)
وري غور ڪريو. پهرين انساني نوع، جڏهن ارتقاجا مرحلا طئي ڪري مقام احسن تقويم تائين پهتي ته اها آسماني صحت جي مالڪ هئي. پهرين ڪامل انساني نوع جو چهرو سج وانگر پئي چمڪيو ۽ ان جو سڄو بدن سج جي بدن وانگر نور سان ڀريل هو. انسان کي وڌ ۾ وڌ حسين مقام (حسن ڪمال) تائين پهچايو ويو. ظاهر آهي ته ان مقام کان وڌيڪ حسين مقام ٻيو ٿي نٿو سگهي. سيد لطيف جو هي شعر:
پاڻھين جل جلالھ، پاڻھين جان جمال،
پاڻھين صورت پرينءَ جي پاڻھين حسن ڪمال.

هن تمثيل کي سامهون رکو. مقام احسن تقويم تي پهريون ڪامل انسان ان شمع وانگر هيو، جنهن جو شيشو بلڪل صاف هجي. جڏهن شمع کي ٻاريو وڃي ته اها روشنيءَ سان ڀرجي وڃي. حد ڪمال آغاز زوال قانون تحت يعني مقام اسفل سافلين ۾ ڪرڻ کان پوءِ، انسان جي حالت ان شمع وانگر ٿي وئي جيڪا ٻرندي ته هجي پر ان جو شيشو دونهين جي ڪري ايترو ته ڪارو ٿي وڃي جو روشني شيشي کان ٻاهر نڪري نه سگهي. انسان جي بدن جي مڪينزم ۾لڳل ان ڪاراڻ جو نالو ”نفس“ آهي. ناري پاڙون اتان ڦهلجن ٿيون. اهو نفس شر جو اصلي سرچشمو آهي. وري ياد ڪيو ته مقام احسن تقويم وقت انسان وجود ڪامل هيو. وجود ڪامل ان ڪامل الخلقت کي چئبو آهي، جنهن ۾ حسن و خوبي پنهنجي انتهائي حد تائين پهتل هجي ۽ ڪمال ان انتهائي حد کي چوندا آهن، جنهن تائين اها پنهنجي پوري نشوونما کان بعد پهچي سگهي. جيڪا شيءَ ڪمال تان ڪرندي آهي ته ان ۾ ڪمي يعني نقص اچي وڃن ٿا.نقص يا ڪمي بذات خود شر آهي. اها ڪمي يا نقص، خير جوگويا فقدان آهي. انسان ۾ فنا جا عناصر داخل ٿي ويا.
مقام احسن تقويم (ڪمال) تان ڪرڻ ڪري انسان ۾ ”نفس“ جاءِ ٺاهي. نفس نسل درنسل، قانون وراثت تحت منتقل ٿيندو آيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت تائين ”کل نفسٌ ذائقۃ الموت“ جو قدرتي قانون ڪم ڪندو ٿو رهي. نسل در نسل گناهه ٿيندا رهيا انهن جا منفي اثرات به انسانن ۾ جمع ٿيندا آيا. انسان ۾ ماضي موجود آهي. هن مساوات تي غور ڪريو:
قانون”حد ڪمال آغاز زوال“ جا نقصان x نسل درنسل ٿيل گناهه= نفس
اهو نفس ئي آهي جنهن جي ڪري انسان ڪراڙو ٿئي ٿو ۽ آخرڪار موت جي غار ۾ غائب ٿي وڃي ٿو. نفس جي غلاظتن سبب انسان سڄو ڏينهن موت کي ڳولھيندو ٿو وتي. آخرڪار 60-70 سالن جي عمر ۾ انسان ”موت“ کي ڳولھڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. گناهه انسان جي جسم کي مجروح ڪن ٿا ۽ ان جي روح ۽ ماحول کي آلوده ڪن ٿا. شراب جا خراب اثر شرابيءَ جي اولاد تي پون ٿا. اهڙيءَ طرح ٻيا لاتعداد گناهه آهن جن جا اثر وراثت ۾ ملن ٿا. نفس قدرت جي قاعدن جو نتيجو آهي. اهو ڏنو آهي قدرت واري. ان جي فريب کان بچڻ جي هر وقت تلقين ڪئي وئي آهي: حضور اڪرم * جو ارشاد پاڪ آهي:
ادعٰی عدوت نفسک التی بین فیک
ترجمو: توهان جو بدترين دشمن اهو نفس آهي جيڪو توهان جي پنهنجي پهلوءَ ۾ آهي.
سيّد لطيف ان ڏس ۾ چوي ٿو:
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو تار ۾،
اڀا ايئن چون، مڇڻ پاند پسائين.

هڪڙي دفعي ڪنهن اصحابي، حضور اڪرم * کان پڇيو ته ڇا توهان ۾ به ”نفس“ آهي؟ پاڻ فرمايائون ته مون ۾ به نفس آهي پر مان ان کي ”مسلمان“ ڪيو آهي.

[b]زندگيءَ جو مقصد:
[/b]زندگيءَ جي مقصد جو تعين ڪيو وڃي ته اهو آئينده حاصل ٿيڻ واري حالت جو ڪو بهتر تصور آهي. قرآن حڪيم جي نظر ۾ زندگيءَ جو مقصد آهي نفس جي غلاظتن کي صاف ڪري ڪامل ٿيڻ. يعني اها آسماني صحت حاصل ڪرڻ جيڪا قدرت طرفان پهرين انساني نوع کي ملي هئي:
وَ لِیُمَحِّصَ اللہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ یَمْحَقَ الْکٰفِرِیۡنَ ﴿۱۴۱﴾ (آل عمران:141)
ترجمو: ته جيئن الله تعالى ايمان وارن کي ميراڻ کان صاف ڪري ۽ ڪافرن کي مٽائي.
انجيل پاڪ ۾ آيو آهي:
”اي رياڪارو! فقيهو، فريسيو توهان تي افسوس! جو پيالي ۽ رڪابيءَ کي مٿان صاف ٿا ڪريو مگر اندر ناپاڪائيءَ سان ڀريل آهن. اي انڌا فريسي! پهريان پياليءَ ۽ رڪابيءَ کي اندران صاف ڪيو ته جيئن مٿان به صاف ٿي وڃن.“ (متي: 25:23)
سيّد لطيف چئي ٿو:
جاڳڻ منجھان جس، آهي ادا تنھن کي،
لاهي جو لطيف چئي، مٿان قلب ڪس،
ورنه! ڪجانءِ وس، صبح ساڻ سيّد چئي.

قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
یٰۤاَیُّہَا الْاِنۡسَانُ اِنَّکَ کَادِحٌ اِلٰی رَبِّکَ کَدْحًا فَمُلٰقِیۡہِ ۚ﴿۶﴾ (الاشقاق:6)
ترجمو: اي انسان تون ڪوشش ڪري پنهنجي پروردگار جي طرف سفر ڪري رهيو آهين بالآخر ان تائين پهچي ويندين.
انسان جي زندگيءَ جو مقصد خدا (ڪمال) تائين پھچڻ آهي. آسماني ڪتاب انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”ان ڪري مسيح به يعني راستباز ناراستن جي لاءِ، گناهن جي باعث هڪ دفعي ڏک کنيو ته جيئن اسان کي خدا تائين پهچائي.“ (پطرس جو پهريون خط (18:4))
سيد لطيف چوي ٿو:
اول آخر آهه، هلڻ منھنجو هوت ڏي،
پورهيو سندو پورهيتن، والي ڪيم وڃاءِ،
سو مون ٿورو لاءِ،جيئن جيئري ملان جت کي.

انسان حسن تلاش ڪندڙ جاندار آهي. حسين کان حسين تر ۽ خوب کان خوب تر مقام تائين وڃڻ چاهي ٿو. انسان جنهن مقام احسن تقويم (مقام حسن ڪامل) تان ڪريو آهي، حسن جي ان چوٽيءَ تائين وري پھچڻ گهري ٿو. قرآن حڪيم جي شھادت آهي:
سَاُرْہِقُہٗ صَعُوۡدًا ﴿ؕ۱۷﴾ (مدثر:17)
ترجمو: عنقريب ان کي مجبور ڪنداسين ته هو زندگيءَ جي چوٽيءَ تائين وڃي.
انسان جي اندر بلند کان بلند ٿيڻ جي طلب هميشه اڀرندي رهي ٿي. ان جون نگاھون هميشه مٿي ڏسن ٿيون. انسان جنهن ڪمال (خدا) کان جدا ٿيو آهي اهو وري حاصل ڪرڻ گهري ٿو. اها انسان جي اصل پياس آهي. جيڪڏهن خالق، خلقت اندر پياس پيدا ڪئي آهي ته اهو ان ڳالهه جو دليل آهي ته پاڻي موجود آهي. ڪنهن شيءِ جي عدم موجودگيءَ ۾، ان جي خواهش جو هجڻ حڪمت آفرينش سان هم آهنگ ٿي نٿو سگهي. هتي هڪ ارتقائي تقاضا موجود آهي جيڪا انسان کي هيٺين حالتن مان کڻي بلنديءَ ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿي. زندگي تخليق ڪري ٿي، اها هڪ فعال ۽ متحرڪ قوت آهي. انسان جي روحاني قوت، مسلسل تغيرات ۽ انقلابن جي ذريعي اڳتي ئي اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، قرآن حڪيم جي شھادت آهي:
فَلَاۤ اُقْسِمُ بِالشَّفَقِ ﴿ۙ۱۶﴾ وَ الَّیۡلِ وَ مَا وَسَقَ ﴿ۙ۱۷﴾ وَ الْقَمَرِ اِذَا اتَّسَقَ ﴿ۙ۱۸﴾ لَتَرْکَبُنَّ طَبَقًا عَنۡ طَبَقٍ ﴿ؕ۱۹﴾
(انشقاق:4)
ترجمو: ”مان ان سرخيءَ جي شھادت ڏئي چوان ٿو، جيڪا ڏينھن جي پوري ٿيڻ وقت شفق جي صورت ۾ نمودار ٿيندي آهي. ان شفق جي سرخيءَ بعد ان رات جي شھادت ڏيان ٿو ۽ انھن سڀني جي، جن تي اها ڇانئجي وڃي ٿي، ۽ چنڊ جي شھادت ڏيان ٿو، جڏهن اهو آهسته آهسته هلال مان پورو چنڊ ٿي وڃي ٿو، ته توهان انسانو! ضرور هڪ درجه پيدائش مان ٻئي درجه پيدائش تائين اهڙيءَ طرح چڙهندا ويندءُ جهڙيءَ طرح زوال آفتاب کان بعد شفق ۽ شفق کان بعد رات ۽ پوءِ چوڏهين رات جو پورو چنڊ نمودار ٿيندو آهي ۽ روشني ڪمال تائين پھچي ويندي آهي.“
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللہَ وَ اٰمِنُوۡا بِرَسُوۡلِہٖ یُؤْتِكُمْ کِفْلَیۡنِ مِنۡ رَّحْمَتِہٖ وَ یَجْعَلۡ لَّكُمْ نُوۡرًا تَمْشُوۡنَ بِہٖ وَ یَغْفِرْ لَكُمْ ؕ (الحديد:28)
ترجمو: اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي پيغمبر تي ايمان آڻيو. الله تعالى توهان کي پنهنجي رحمت مان ٻيڻا حصا ڏيندو ۽ توهان جي لاءِ نور پيدا ڪندو. جنھن کي توهان کنيون گھمندا وتندءُ. هو توهان کي بخشي ڇڏيندو.
مٿين آيت پاڪ جا هي لفظ غور طلب آهن: ”توهان جي لاءِ نور پيدا ڪندو جنھن کي توهان کنيون گھمندا وتندؤ“. قرآن شريف جي هيءُ آيت صاف ٻڌائي ٿي ته انسان جي زندگيءَ جو مقصد نور جي اها پوشاڪ وري پائڻ آهي جيڪا قانون ”حد ڪمال آغاز زوال“ جي تحت لھي وئي آهي. انجيل پاڪ آسماني ڪتاب آهي. ان جي شھادت تي غور ڪريو.
”ان وقت راستباز پنھنجي پيءُ جي بادشاهي ۾ سج جي وانگر چمڪندا. جنھن کي ڪن آهن سو ٻڌي. (متي 43:13)
ٻئي هنڌ قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
اَفَحَسِبْتُمْ اَنَّمَا خَلَقْنٰكُمْ عَبَثًا وَّ اَنَّكُمْ اِلَیۡنَا لَا تُرْجَعُوۡنَ ﴿۱۱۵﴾ (المومنون:115)
ترجمو: ڇا توهان سمجھو ٿا ته توهان کي بنا مقصد جي پيدا ڪيو ويو آهي ۽ توهان جي زندگيءَ جي گردش جو رُخ اسان جي طرف ڪونھي؟
قرآن حڪيم جي مٿين آيت صاف ٻڌائي رهي آهي ته زندگيءَ جي گردش جو رخ (خدا) ڪمال ڏانهن آهي. انسان دولت کي زندگيءَ جي مقصد جي جاءِ تي رکيو آهي. جيتوڻيڪ زندگيءَ جو مقصد آهي خدا (ڪمال) کي حاصل ڪرڻ. ان ڪري انجيل پاڪ جي آيت (متي، 24:6) ۾ آيو آهي:
”ڪوبه ماڻھو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪونه سگھندو يا ته هڪ سان عداوت رکندو ۽ ٻئي سان محبت.... توهان خدا ۽ دولت ٻنھي جي خدمت ڪري نٿا سگهو.“
سيّد لطيف ڇا ٿو چوي:
اک الٽي ڌار، ونءُ ابتو عام سين،
جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار،
منجھان نوح نھار، پرپٺيرو پرينءَ ڏي.

سيّد لطيف جا هي لفظ غور ۽ فڪر جي دعوت ڏين ٿا:
”پر پٺيرو پرينءَ ڏي“ ڪمال (خدا) ڏانهن واپس موٽڻو آهي. عربي زبان ۾ رجوع جي معنى آهي پوئتي موٽڻ، واپس ٿيڻ. هي لفظ پھرين حالت جي طرف رجوع ڪرڻ کي چوندا آهن.
الرجۡعَھٌ ڪنهن عورت کي طلاق ڏيڻ کان بعد وري ازدواجي تعلق (زال ۽ مڙس) قائم ڪرڻ آهي. يعني پھرين حالت جي طرف موٽي وڃڻ. لفظ رجع جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ ڪائنات جي مظاهرتي غور ڪريو. رَجَعٌ جي معنى آهي پوئتي موٽڻ، جيڪا شيءِ گردش ڪندي آهي اها موٽي ان مقام تي ايندي آهي جتان هلي هئي. ان لحاظ کان هر گردش ڪندڙ شين ۾ رجع ملي ٿو. سورة الطارق ۾ آيو آهي: وَ السَّمَآءِ ذَاتِ الرَّجْعِ ﴿ۙ۱۱﴾ (الطارق:11) ان جي معنى اها آهي ته ڪائنات جي بلند فضا يا ان جي اندر جيڪي گولا آهن اهي گردش ڪندا رهن ٿا ۽ جتان هلن ٿا گردش ڪري اتي موٽي اچن ٿا. قرآن حڪيم جي هيءُ شهادت: وَكُلٌّ فِیۡ فَلَكٍ یَّسْبَحُوۡنَ ﴿۴۰﴾ (یٰس:40) يعني ڪائنات جا جسم پنهنجي پنهنجي مدارن ۾ تري رهيا آهن. زندگيءَ جو مقصد قبر نه، بلڪه خدا (ڪمال) آهي. اِنَّا لِلہِ وَ اِنَّاۤ اِلَیۡہِ رٰجِعُوۡنَ ﴿۱۵۶﴾ؕ (البقره:156) جو مقصد هي آهي ته اسان جو هر قدم ان بلندي ۽ ان آسماني منزل طرف اٿندو جيڪا قدرت مقرر ڪئي آهي. قرآن حڪيم جي هيءَ آيت پاڪ صاف شھادت ڏئي رهي آهي:
اِنَّ اِلٰی رَبِّکَ الرُّجْعٰی ؕ﴿۸﴾ (علق: 8)
تحقيق پروردگارجي طرف ٻيھر موٽڻو آهي.
اچو ته هاڻي هن آيت پاڪ تي غور ڪريون:
نُوۡرُہُمْ یَسْعٰی بَیۡنَ اَیۡدِیۡہِمْ وَ بِاَیۡمَانِہِمْ یَقُوۡلُوۡنَ رَبَّنَاۤ اَتْمِمْ لَنَا نُوۡرَنَا وَ اغْفِرْلَنَا ۚ (التحريم:8)
ترجمو: انھن جي پيشاني جو نور انهن جي اڳيان ۽ ساڄي کاٻي انھن جي رستي کي روشن ڪندو ويندو ۽ انھن جي اها آرزو هوندي ته انھن جو نور تڪميل تائين وڃي پھچي.
هن آيت پاڪ ۾ ”نور جي تڪميل“ جي آرزو ڪئي وئي آهي. هن جمليڀ ”انھن جي اها آرزو هوندي ته انھن جو نور تڪميل تائين پهچي وڃي.“ مان هتي هڪڙو ضروري سوال ٿو پيدا ٿئي ته نور هڪ ڪامل قوت آهي پوءِ انکي تڪميل جي ڪھڙي ضرورت؟!
قرآن حڪيم ڪامل ڪتاب آهي ان ڪري ان کي ”نور“ چيو ويو آهي
فَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِہٖ وَعَزَّرُوۡہُ وَنَصَرُوۡہُ وَاتَّبَعُوا النُّوۡرَ الَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ مَعَہٗۤ ۙ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الْمُفْلِحُوۡنَ ﴿۱۵۷﴾٪
(الاعراف:157)
ترجمو: سو جن ماڻھن ان نبيءَ تي ايمان آندو ۽ ان جو ساٿ ڏنو ۽ ان جي مدد ڪئي ۽ نور جي پيروي ڪئي جو ان سان گڏ لاٿو ويو آهي سو اهي ئي ته ماڻھو آهن فلاح پائڻ وارا).
صاف ظاهر آهي ته مٿي ڏنل آيت پاڪ (8:44) ۾ نور جي تڪميل مان مراد آهي انسان جي بدن تي نور جي اها چادر چڙهڻ جيڪا مقام احسن تقویم تي انسان کي پاتل هئي، جيڪا ”حد ڪمال آغاز زوال“ جي قانون جي اثرن ڪري سڙي وئي. هن آيت پاڪ تي وري غور ڪريو:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللہَ وَ اٰمِنُوۡا بِرَسُوۡلِہٖ یُؤْتِكُمْ کِفْلَیۡنِ مِنۡ رَّحْمَتِہٖ وَ یَجْعَلۡ لَّكُمْ نُوۡرًا تَمْشُوۡنَ بِہٖ وَ یَغْفِرْ لَكُمْ ؕ (الحدید: 28)
(ترجمو: اي ايمان وارو! الله کان ڊڄو، ان جي پيغمبر تي ايمان آڻيو. الله توهان کي پنهنجي رحمت مان ٻيڻا حصا ڏيندو ۽ توهان جي لاءِ نور پيدا ڪندو جنهن کي توهان کنيون گهمندا وتندءُ، هو توهان کي بخشي ڇڏيندو.)
خدا تعالى (نور) ڪامل آهي اهو انسان کي به ڪامل ڏسڻ چاهي ٿو. ظاهر آهي ته انسان ڪامل ان وقت ٿيندو جڏهن ان ۾ خدا تعالى جو صفتون پوري تناسب سان آباد ٿين. آسمان جو حڪم آهي:
”بس گهرجي ته توهان ڪامل ٿيو جيئن توهان جو آسماني پيءُ ڪامل آهي.“ (متي 5: 43)
جيئن جيئن انسان ۾ خدا جون صفتون اينديون ته روحاني غلاظتون نڪرنديون. حق پنهنجي محفل مچائيندو، انسان مقصد ڏانهن اڀرندو ويندو، ڪمال جي قريب ٿيندو ويندو. انجيل پاڪ خدا جي صفتن لاءِ هيئن ٿو فرمائي، (ياد رکو ته رحيم خدا جي صفت آهي):
”ڇوته هو ناشڪرن ۽ بدماڻهن تي مهربان آهي جهڙو توهان جو پيءُ رحيم آهي توهان به رحمدل ٿيو.“ (لوقا 6: 28)
غور جو مقام آهي ته انسان ڪامل ان وقت ٿيندو جڏهن خدا (ڪامل) جون صفتون زندگيءَ کي مهڪائن. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ لِلہِ الۡاَسْمَآءُ الْحُسْنٰی فَادْعُوۡہُ بِہَا ۪ وَذَرُوا الَّذِیۡنَ یُلْحِدُوۡنَ فِیۡۤ اَسْمَآئِہٖ ؕ سَیُجْزَوْنَ مَا کَانُوۡا یَعْمَلُوۡنَ ﴿۱۸۰﴾ (الاعراف80)
(ترجمو: تمام صفتون الله تعالى جي لاءِ آهن. الله تعالى جي ذات سڀني صفتن جي حامل آهي. اهي صفتون انتهائي اعتدال ۽ تناسب سان خود پنهنجي ذات ۾ جلوه گر ڪندا وڃو، ملحد اهو آهي جيڪو ڪنهن هڪ صفت ۾ افراط کان ڪم وٺي تناسب کي بگاڙي ڇڏي ٿو.
*
اچو ته هاڻي سيد لطيف جي مئيخاني تي ٿا هلئون، آسماني ساقي آسماني جام پيش ڪندي فرمائي ٿو:
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي تن لهي نه لالي،
ڪڙي ڪيف خماريا مئي پي موالي،
ڪري حاصل هليا، ڪيفيت ڪمالي.

انسانن کي گهرجي ته ڪيفيت ڪمالي پيدا ڪري ڪامل ٿين ڇو ته گناهن جي باهه ۾ سڙيل نور کي واپس آڻڻ جو اهوئي قدرتي ذريعو آهي. بدن تي نور جي چادر پائڻ جي ٻي ڪابه واهه ڪونهي؛ اهائي تقدير آهي. تقدير تبديل ڪونه ٿيندي ڇو ته اها فڪر جي آخري حد آهي.
رب ۽ خالق وغيره خدا تعالى جو صفتون آهن. خدا تعالى جون سڀئي صفتون هڪ ئي وقت ڪم ڪن ٿيون. ان جي ڪابه صفت معطل ڪونه ٿي ٿئي. اهي سڀئي صفتون، جڏهن انسان ۾ اچن ٿيون ته اهي مقصد ڏانهن وڌندڙ حرڪت ٿي پون ٿيون. ڪمال، خدا تعالى جي صفت آهي ۽ ذات کان صفت جدا ڪونهي. انسان کي گهرجي ته ڪامل ٿيندو (ڪمال، خدا، مقصد ڏانهن) وڌندو وڃي. ان جو هر ايندڙ پل ويندڙ پل کان حسين ٿئي.
لَا تُطِعْہُ وَ اسْجُدْ وَ اقْتَرِبْ ﴿٪ٛ۱۹﴾ (علق: 19)
(ترجمو: تون ان شخص جي ڳالهه کي نه مڃ جيڪو انڪار جون راهون ڳولهي رهيو آهي بلڪه خدا جي قانون جي اطاعت ڪر ۽ اهڙيءَ طرح خدا (ڪمال) جي ويجهو ٿيندو وڃ.)
*
انسان جي زندگيءَ جو مقصد آهي بلندين ڏانهن وڌڻ. هڪ آسمان تان پرواز ڪري ٻئي آسمان تي وڃڻ. ڪمال ان وقت هلندو جڏهن ڪمال جي بندگي ڪبي. انسان کي بقا جي لاءِ خدا (عقل ڪل، حقيقت ڪل) جي اهڙي ضرورت آهي جيئن پاڻي، هوا ۽ خوراڪ زندگيءَ لاءِ ضروري آهن. جيڪڏهن انسان اها روش اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ ان جي نظام ۾ اختلال پيدا ٿيندو. انسانذات جو مطلوب، مقصود ۽ محبوب خدا آهي. خدا تعالى انسان کان جيڪڏهن اهو مطالبو ڪيو به آهي ته در حقيقت اهو انسان جي ڀلائي لاءِ ئي آهي. جيڪڏهن انسان، اصل مالڪ کي نه سڃاڻي ۽ نه ئي وري ان جي سامهون سر جهڪائي ۽ ان جي جاءِ تي ڪي ٻيا خدا بنائي ته پوءِ خود انسان جي زندگي برباد ٿي ويندي. انسان جي ان کان وڌيڪ بدنصيبي ڪهڙي ٿيندي جو جنهن مالڪ، ان کي تخليق ڪيو آهي، ان جي راضپي کي بنياد بنائڻ بدران ٻئي رستي تي وڃي مثلاً دولت سان تعلق خاطر پيدا ڪري.
”ڪوبه ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪونه سگهندو. يا ته هڪ سان عداوت رکندو ۽ ٻئي سان محبت. يا ته هڪ سان ميل رهندو ۽ ٻئي کي ناچيز سمجهندو. توهان خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري نٿا سگهو.“ (متي 6: 24)
ٻن متضاد شين جي محبت ڪنهنجي دل ۾ هڪئي وقت جمع ٿي ڪونه سگهندي. انسان يا ته خدا جو ٿي سگهي ٿو يا دولت جو. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
مَا جَعَلَ اللہُ لِرَجُلٍ مِّنۡ قَلْبَیۡنِ فِیۡ جَوْفِہٖ ۚ (الاحزاب: 4)
(ترجمو: خدا تعالى ڪنهن انسان ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن.)
هڪڙو اهڙو غلام آهي جنهن جا مالڪ گهڻا آهن. انهن مان هر هڪ ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ چئي ٿو. هڪڙو چويس ٿو فلاڻو ڪم ڪر. ٻيو مالڪ چويس ٿو ته هن مالڪ جو نه بلڪه منهنجو هي ڪم ڪر. اهو انهن جي وچ ۾ حيران بيٺو آهي. وري هڪ شخص اهڙو آهي جنهن جو صرف هڪ ئي آقا آهي. اهو صرف ان جي سامهون ئي سر جهڪايون بيٺو آهي. ڪوبه تضاد ڪونهي بلڪه اهو سڪون قلب سان قدم کڻي پوري دل جمعي سان اڳتي وڌي ٿو. هو هڪ خدا جي سرپرستي ۾ آهي جيڪو هر شيءَ ۾، هر حال ۾ ۽ هر جڳهه تي ان جي هدايت ڪري ٿو. ڇا اُهي ٻئي ماڻهو برابر آهن. مشرڪ ۽ موحد جو اهو ئي حال آهي.
اعلى مقصد کي تقويت ڏيڻ دراصل اغراض الاهيءَ جي تڪميل ڪرڻ آهي ۽ ادنى مقصدن جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻ خدا تعالى جي مرضيءَ جي خلاف ورزي آهي: آدم جي اولاد ٻن مالڪن جي محڪوم ٿي ڪونه سگهندي. اها هڪ سان مليل رهندي ته ٻئي کي ڇڏي ڏيندي. هڪ سان جڙندي ته ٻئي کي ڪٽيندي. هڪڙو مومن ڪنهن کي ڇڏيندو ۽ ڪنهن سان ملندو؟ خدا سان يا دولت سان؟ وري غور ڪريو:
”ڪوبه ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪونه سگهندو. يا ته هڪ سان عداوت رکندو ۽ ٻئي سان محبت يا ته هڪ سان مليل رهندو ۽ ٻئي کي ناچيز سمجهندو. توهان خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت نٿا ڪري سگهو.“ (متي: 6: 24)
هڪ ملڪ جا ٻه بادشاه ٿي ڪونه سگهندا. مومن جي دل ڪنهن جي بادشاهي قبول ڪندي؟ جن ماڻهن مفادات کي پنهنجو مقصود بنائي ڇڏيو آهي. آخر اهي مفادن جي بندگي ڇڏي ڪري سچي خدا جي بندگيءَ جو حق ڪهڙيءَ طرح ادا ڪري سگهن ٿا؟ جيڪڏهن ڪو شخص وحدانيت جو اقرار به ڪري ۽ ظاهري طور تي معمولي قرباني ڏيڻ لاءِ به تيار نه هجي ته پوءِ صاف ظاهر آهي ته اهڙي انسان اندر خدا جي محبت ڪونهي.
خارجي ڪائنات الله تعالى جي فطرت آهي. الله تعالى انسانن کي پنهنجي فطرت تي ٺاهيو آهي.
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ(الروم: 30)
اها الله جي فطرت آهي جنهن تي انسان کي پيدا ڪيو اٿس.
خارجي ڪائنات ستارن سان ڀريل آهي ته زمين تي به انسانن جي روپ ۾ ستارا هئڻ گهرجن؛ ڇو ته هڪ ئي فطرت آهي. جيڪڏهن انسان آسماني صحت جو مالڪ ٿئي يعني ان جو چهرو ائين چمڪي جيئن سج جو چهرو چمڪي ٿو ۽ انسان جو سڄو بدن ايئن روشنيءَ سان ڀرجي وڃي جيئن سج جو بدن روشنيءَ سان ڀريل آهي ته ڇا اهڙي آسماني صحت جي مالڪ انسان تائين جسماني موت جا چنبا پهچي سگهندا؟ ۽ جيڪڏهن انسان آسماني صحت جو مالڪ ٿي وڃي ته ان جي جنسي لذت جو معيار ڪهڙو ٿيندو؟ (انهن ٻنهي سوالن جا جواب هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ڏنا ويندا) حقيقت اها آهي ته خدا تعالى انسان کي لازوال جواني ۽ لازوال صحت جو مالڪ ڪرڻ ٿو چاهي. مرد ۽ عورت هڪٻئي سان ملي هڪ جسم ٿين. ايئن لڳندو ته ڄڻ ٻه ستارا (مرد عورت) ڀاڪر پائي هڪ ستارو ٿي ويا آهن. سيد لطيف ٿو چئي:
جيڪي ڏنائون سو سڀوئي صحت،
م چئو آزاران کي، نڪي مصيبت.

*
خدا تعالى انسان جي تعمير جو بنياد ”عشق“ تي رکيو آهي. سيد لطيف چوي ٿو:
پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار،
ترهو تنين بار، عشق جنين کي آڪرو.

*
پاڻ م کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق سان اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي.

*
پاڻ رکڻ پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ،
لالن تني لھ، عشق جنين جي اڳ ۾.

عقل، غلاظتن کان صاف ٿئي ته ’عشق‘ آهي. عشق، عقل جي چوڌاري نور جو گهيرو آهي. عشق ۽ عقل جي اجتماع تي ئي انسان ڪامل جو معراج آهي. عشق جي زندگيءَ ۾ افڪار، عمل ۽ جبلتون هڪ ٿي وڃن ٿيون. تڪوين عالم ۽ ارتقاءِ حيات جو سرچشمو عشق آهي. عشق صرف حيات شعوري جي پيداوار ڪونهي بلڪه هيءَ مادي ڪائنات به عشق جو ظهور آهي. عشق، خدائي، جسماني يا جنسي ڪونهي بلڪه اهو پوريءَ زندگيءَ جو جوش آهي. ڪماليت ڏانهن وڌڻ جو. عشق جي تقاضا مڪمل پختگي ۽ ترقي چاهي ٿي. اها هڪ بنيادي نوراني قوت آهي، جا زنده رهڻ، وجود جي سڀني وسيلن ۽ مخفي خزانن جي حسن کي شهود ۾ آڻڻ جي تقاضا ڪري ٿي.
عشق، عقل جي چوڌاري نوراني ڪوٽ آهي. جڏهن عقل جون پاڙون، عشق جي رس چوسين ٿيون ته تخليق جا گونچ ڦولارجن ٿا، جن مان انسان ذات کي ايجادات جي صورت ۾ زندگيءَ جو ڦل ملي ٿو. عشق، انسان جي لاءِ، ڪائنات جي جلال، موت جي ڊپ، فنا ڪندڙ اثرن ۽ نفساني مرضن جو حقيقي علاج آهي. عقل جڏهن ڪائنات جو مطالعو ڪري ٿو ته ان جي حلال کان مرعوب ٿي انسان کي پريشان ڪري ٿو. ان جي نظر ڪائنات جي جمال کي سهي نٿو سگهي. اهو لطف حقيقي کان خالي رهي ٿو. پر جڏهن، عقل، عشق جي نگاهه سان ڪائنات کي ڏسي ٿو ته ان وقت آسماني سرور سان ڀرجي آسمانن جي سير تي نڪري پوي ٿو. عقل، جڏهن، نفس جي ناري خواهشن کان پاڪ ٿئي ٿو ته پوءِ اهو سراسر عشق آهي پر جيڪڏهن عقل سان گڏ نفس جون منفي خواهشون به گڏ آهن ته پوءِ ان کان وڌيڪ تخريبي قوت ٻي ٿي ڪونه سگهندي. جنهن دنيا ۾ اسان ساه کڻي رهيا آهيون ان تي نفساني خواهشن جو مڪمل قبضو آهي. ٻه عالمي جنگيون به انهن خواهشن جي ٽڪرائجڻ جو نتيجو هيون.
جڏهن روح، نفس جي ڪدورتن کان پاڪ ٿي، عمل جي لاءِ انسان کي اڀاري ٿو ته ان وقت انسان حسن ۽ حرڪت جهڙيون لطيف معنائون قبول ڪري ٿو. پر جڏهن، نفس جي غلاظتن جي شراڪت سان، انساني روح جي معتدل مزاجي باقي نٿي رهي، تڏهن انسان جو بدن، روح جي لطيف اثرن کي قبول ڪرڻ جي لائق نٿو رهي. عضوا روح (لوز) جي فيض کان محروم رهن ٿا جنهن ڪري بي حسي ۽ جمود جي جلائيندڙ باهه ماحول کي وڪوڙي وڃي ٿي. نتيجي ۾ انسان، ارتقا جي آسمان تان ڪري پوي ٿو. پر جڏهن، انسان پنهنجي غليظ نفس تي نور کي غالب ڪري ٿو ته ان وقت نور انسان کي آباد ڪرڻ لاءِ اڀاريندو آهي. اهڙي حالت ۾ انسان جي بدن جي هر حصي کي روحاني (نوراني) خوراڪ ملي ٿي ۽ حسن نور جا نيسارا هر طرف وهڻ لڳن ٿا. روح جو حسن، تخليق جي گلابي بوندن جي صورت ۾ وسڻ لڳندو آهي. انسان جو عقل سلامتي ۽ امن جو عقل ٿي پوي ٿو. نور جا نذرانا اهڙي فرد لاءِ هر طرف کان بهشتي صدائون بلند ڪندا آهن. حسن ازلي زندگي جي راهن تان ڪنڊا هٽائيندو آهي، نتيجي ۾ هر طرف گل ئي گل ۽ خوشبو ئي خوشبو مهڪي پوي ٿي.
روح جو مقصد خيالن جي دنيا ۾ رهڻ نه آهي بلڪه اهو انسان کي ڪمال تائين پهچائڻ چاهي ٿو. روح جي اندر ڪجهه ٿيڻ ۽ بنجڻ جي تمنا ۽ تڙپ ئي آهي جيڪا زندگي ۾ موجوده اسباب کي بدلائي، بهتر اسباب مهيا ڪرڻ چاهي ٿي. منهنجا دوست! آخري مرحلو ذهني ڪونهي بلڪه حياتياتي آهي. حسين کان حسين تر بلندين ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ روح هر وقت بيقرار رهندو آهي. ليڪن شيطاني قوتون، شروع کان، روح آڏو ڪونه ٿيون جهڪن، اهو ئي سبب آهي جو زمين ٿي حسن سان گڏ قباحت به موجود آهي.
ماحول ۾ موجود برائي غالب اچڻ، ملڪوتي قوتن کي اڀارڻ، ۽ پنهنجي تمنائن کي پورو ڪرڻ روح جو ڪم آهي. روح، ترقي ۽ تڪميل جي لاءِ هر قسم جي ڪشمڪش کي قبول ڪندو آهي. قدرت جي مقصد کي پورو ڪرڻ روح جو ئي ڪم آهي. جسم روح جي غرضن لاءِ آهي. روح جي اندر جيڪو ذوق نماءُ آهي اهو ان کي بيقرار ۽ مصروف عمل رکي ٿو. انهيءَ عمل سان زندگي اڳتي وڌي ٿي. حيات جو اصل روح (نور) آهي.
زندگي هڪ اهڙي حرڪت آهي، جنهن جو رخ هميشه اڳتي هوندو آهي. زندگي پنهنجي بقا ۽ توسيع لاءِ پنهنجو پاڻ مان ئي حواس، شعور، جبلتون، عقل ۽ ٻيون روحاني قوتون تخليق ڪيون آهن. انسان جي ان بناوٽ تي نظر ٿي ڪجي ته پوءِ اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته انسان جي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ ۾ فطرت جنهن سانچي جو انتخاب ڪيو آهي، تنهن کان بهتر سانچي جو تصور به ڪري نه ٿو سگهجي. ان ۾ اهي سڀئي خواهشون ۽ جذبا ملن ٿا، جنهن مان بقا يعني تڪميل انسانيت جو سامان ٺهي سگهي ٿو. ان سان گڏ ان کي فڪري ۽ ملڪوتي قوتون ڏنيون ويون آهن جن جي ڪري هو ڪائنات ۽ ان جي موجودات کان الڳ هڪڙي خاص مقام جو مالڪ نظر اچي ٿو انسان جو ڪم آهي ته جسم ۽ روح جي وچ ۾تناقص کي ختم ڪري، گوشت پوست ۾ سانچيل ان شصيت کي نکارڻ جي ڪوشش ڪري، جنهن مان هن جي حياتياتي ارتقا ۾ پيل رنڊڪون دور ٿي سگهن. زندگي ۾ تلخيقي ارتقا پائي وڃي ٿي. حيات جي تلخيقي قوت آزاد ۽ با اختيار آهي. روح هر وقت پنهنجي منزل مقصود کي حاصل ڪرڻ لاءِ تخليق ڪندو ٿو رهي. هر تخليق نور جو اظهار آهي. نور جو ڦل آهي. خدا جي طرف کان تخليق جي ذريعه ملندڙ حسن جو سلسلو ابدي آهي. قدرت کان مليل ان صفت جي سبب انسان پنهنجي تقدير جو معمار پاڻ آهي.
انسان زمين تي ذهني ارتقا سان، مظاهر فطرت تي غور ڪيو. هو هر شيءِ کي ڏسڻ بعد اهو سوچيندو هو ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ ڇو آهي؟ غور و فڪر، مشاهدي، تجربي ان کي نه صرف نظام فطرت جي قوتن سان وڙهڻ سيکاريو، بلڪه هن کي زمين تي هڪڙي قسم جو اطمينان به ملڻ لڳو ڇو ته علم به رڙهي رڙهي هن جي مدد لاءِ پهتو هو.
انسان جو روح، جڏهن نفس جي غلاظتن کان پاڪ ٿيندو آهي ته سج وانگر نور جون لاٽون، علم جي صورت ۾ ڪڍندو آهي. اهو پاڻ لافاني آهي ۽ جسم کي به لافاني ڪرڻ چاهي ٿو. هي علم و ادب ، فن و هنر ۽ سائنس وغيره انهي نوراني اظهار جو ڦل آهن.اسان جو فرض آهي ته گهڻو علم هٿ ڪيون ته جيئن زندگي عروج ڏانهن پرڙا هڻي، ڪائنات جي تسخير ڪندي وڃي. ٻي حالت ۾ ڪائنات انسان جي تسخير ڪندي. صاحب نظر نو ر جي جهان ۾ نظر کولي ٿو. هو عظمت جو مينار، عشق خداونديءَ سان لبريز ٿيندو آهي هو پنهنجي هنر سان تسخيرافلاک ڪري ٿو.
حقيقت ۾ انسان جيڪي به شيون ٺاهيون آهن. تن مان هو پنهنجي بقا جو سامان حاصل ڪري ٿو. هي اسان جي چوڌاري (جيڪي ڪجهه اسان جو ٺهيل) نظر اچي ٿو، اهو سڀ ڇا آهي؟ هي علمي درسگاهون، هي صنعت و حرفت، هي فني تخليق، هي زراعت ۽ باغباني، مطلب ته اهو سڀ ڪجهه در حقيقت موت کان بچڻ جو ئي سامان آهي. خدا تعالى انسان کي عقل وارا پيدا ڪيو آهي؛ هاڻي اهو انسان جو حصو آهي ته هو پنهنجي قوت تخليق سان حوادث عالم کي مجبور ڪري ته ان جي پروگرام مطابق هلن. هن کي زماني جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي بلڪه هن کي گهرجي ته خود زمانو ٿي وڃي. وقت زندگي آهي وقت پنهنجو اظهار تخليق جي روپ ۾ ڪري ٿو. ڇو ته خدا تعالى انسان ۾ جيڪو پنهنجو روح ڦوڪيو آهي سو خود انسان جون راهون ٿو ڏسي. اهو اسان جي اندر ۾ سوچيندڙ يعني فڪر جي چنگاري دکائيندڙ خود خدا آهي جيڪو اسان جي بقا لاءِ انسان کي اڀاري ٿو ته جيئن انسان کي ڪامل ڪري ڪمال تائين پهچائي. سيد لطيف چئي ٿو:
پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو

خدا تعالى ۽ اسان جي وچ ۾ نفساني خواهشن سبب هڪڙي قسم جي جدائيءَ ۽ علحدگي آهي. انسان جو وجود، انهيءَ مصدر حيات جي مرهون منت آهي. اسان حقيقي طور زنده چوائڻ جا مستحق تڏهن آهيون، جڏهن پنهنجي خيال کي، مستقل طور، انهيءَ مرڪز سان وابسته رکون جنهن کي خدا ڪوٺيو وڃي ٿو. ان ۾ اسان کي شيطاني شور کان اطمينان ۽ حفاظت ملندي ۽ هڪ اهڙي علائقي جا وارث ٿينداسين، جنهن ۾ بدي، جي ڪابه رنڊڪ ڪونهي. اسان جي محبت ۽ الفت جي مرڪز جو صحيح حقدار اها ئي ذات آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ اسان جو مقصد آهي، ڇو ته اها ئي غير فاني آهي. اسان کي گهرجي ته ان عالم ۾ جلدي پهچڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ پنهنجي پوري قوت سان حق سان واڳيل رهون.
جڏهن دل مان تمام منفي خواهشات کي ترڪ ڪيو وڃي ته فاني، غير فاني ٿي پوي ٿو. فنا ۾ جيڪو جيترو ڪامل آهي ته معرفت ۾ به ايترو ئي ڪامل رهي سگهي ٿو. فنا ۾ جيترو ناقص رهي ٿو ته معرفت ۾ به ايترو ئي ناقص رهندو. ان ڪري ئي خدا تعالى چيو آهي ته پنهنجي غلط خواهشن کي فنا ڪر ته پوءِ حقيقت سان ملي حقيقت ٿي ويندين. ان کان پوءِ ئي پنهنجي نقص، حق جي ڪمال، پنهنجي فنا حق جي بقا کي ڏسي سگهندين.
اها توقع نه رکو ته توهان روحانيت جي زمري ۾ داخل ٿي سگهندءُ. جيستائين سڀني عضون جي مخالفت نه ڪيو، جيڪي توهان کي حق جي راهه ۾ داخل ٿيڻ ڪونه ٿا ڏين. بس فنا ئي آرزو آهي ۽ فنا ئي مطلوب. حق ۾ فنا ٿيڻ جو مطلب هاڻي صاف آهي ته فنا مان مراد، قبر ۾ داخل ٿيڻ ڪونهي. بلڪه فنا مان مراد، انهن خواهشن کي ختم ڪرڻ آهي جي حقيقي راهه ۾ رڪاوٽ آهن ۽ جي بلندي ڏانهن پرواز کي مرجهائي ڇڏين ٿيون. سيد لطيف چوي ٿو:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات
هنداسي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.

*
جيڻان اڳي جي جيا، جڳ جڳ سي جين
اوءِ موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا

*
مري جيءُ ته ماڻين، جانب جو جمال
ٿيين هُند حلال، جي پندا هائي پاريين

*
مرته موچاري ٿيئن، جيئن آڏو جت،
هاري ڪرهمت، ته ڏئي دم درست لهين

*
جن وڃايو وجود، فاني ٿيا في الله ۾،
نه تن قيام نه قيود، نڪو ڪن سجود،
جيلان ٿيا نابود، تيلان گڏيا بود کي.

*
نابوديءَ نيئي عبد کي اعلى ڪيو،
جفا ڏئي جيءَ کي، ٿي فڪر منجهه فنا.

جڏهن بادشاهه ڪنهن ملڪ کي فتح ڪندو آهي، تڏهن اتي جي سرڪشن کي نيڪالي ڏيندو آهي. ساڳيءَ طرح جڏهن دل تي شيطان، غلط خواهشن ۽ نفس پليت جي بادشاهي هجي، عضوا ان جي حڪم تي طرح طرح جي گناهن ۾ مبتلا هجن ته نورِ زندگي ڪيئن پيدا ٿيندو؟ اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن نفس مٿان روح (نور) جي حڪومت هجي. انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”بس جيڪڏهن تنهنجي سڄي اک توکي ٺوڪر ٿي ڏياري ته ان کي پاڻ مان ڪڍي ڦٽي ڪر ڇو ته تنهن جي لاءِ اهو بهتر آهي ته تنهنجي عضون مان هڪڙو عضوو هليو وڃي ۽ تنهنجو سڄو بدن جهنم ۾ وڌو وڃي. جيڪڏهن تنهنجو سڄو هٿ توکي ٺوڪر کارائي ته ان کي ڪٽي پاڻ وٽان ڦٽي ڪر. ڇوته تنهنجي لاءِ اهوئي بهتر آهي ته تنهنجي عضون مان هڪڙو ختم ٿي وڃي ۽ تنهنجو سڄو بدن جهنم ۾ نه وڃي.“ (متي 5: 29-30)
انسان کي گهرجي ته پاڻ کي شرڪ کان پاڪ رکي. حق ۽ باطل جي آميزش ٿيڻ نه ڏئي. اسان جو فرض آهي ته هر وقت نوراني خيالات جو غلبو رکئون. جيڪو انسان نور کان رشتو ڪٽي ٿو، ان جي فرمانن ۽ حڪمن کان منهن موڙي ٿو ته ان جا عمل نور الاهي کان خالي ٿين ٿا.
جڏهن انسان جي روح تي شيطاني خواهشن جي حڪمراني هجي، انسان جا عضوا شيطان جو چيو مڃي ڪري طرح طرح جي گناهن ۽ براين ۾ مبتلا ٿي ڪري گمراهه ٿي وڃن ته پوءِ تباهي يقيني آهي. زندگيءَ جي ويجهو اهو آهي جيڪو نور (حقيقت ڪل ) جي ويجهو آهي ۽ زندگيءَ کان پري اهو آهي جيڪو نور کان پري آهي. جيستائين انسان ظلماني حجابن ۾ قيد آهي ته هو قدم اڳتي وڌائي ئي نٿو سگهي. نور (حقيقت ڪل) جو چيو مڃڻ لاءِ انسان مجبور آهي.
اي انسان! تون پنهنجي پروردگار جي نور سان ڀرجي اڳتي وڌندو وڃ. توکي گهرجي ته نور کان سواءِ، ڪنهن ٻئي کي اندر داخل ٿيندي ڏسين ته ان جو سر، ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏ. اهڙي حالت ۾ نفساني خواهشون، دنيوي آرزو ۽ ادنى ارادا تنهنجي اڳيان پنهنجو ڪنڌ کڻي نه سگهندا ۽ صرف قرآن حڪيم جي پيروي ئي تنهنجي لاءِ رهجي ويندي. جڏهن تون اهڙي حالت ۾ وقت گذارڻ جو عادي ٿيندين ته آسمان جا فرشتا تنهنجي چئني طرفن کان نور جا ٿنڀا بيهاري تنهنجي نگهباني ڪندا ته جيئن تنهنجي طرف ڪوبه شيطان اک کڻي نه ڏسي. انسان کي گهرجي ته نور جي حڪمن ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي؛ يعني ان جو هر فعل نوراني ٿي وڃي. اها ئي اها فنا آهي جنهن جو نتيجو بقا هجي ٿو. فنا جو مقصد اهو آهي ته جهالت، خواهشن جي بي راه روي ۽ غفلت کي مٽائي علم، فڪر ۽ خدا جي ذڪر کي پنهنجو ڪيو وڃي. روحانيت اها آهي ته هر شخص نور جو غلام ٿي وڃي. فنا جو مطلب اهو آهي ته انسان جي باطن تي نور جي هستي ڇانئجي وڃي. ياد رکو ته الله ۾ خود کي فنا ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته الاهي اخلاق جو مظاهرو ڪيو وڃي.
حيواني نفس انسان کي سفلي مدارج جي طرف هر وقت ڇڪيندو رهي ٿو ۽ ان کي حيواني زندگي گذارڻ جي طور طريقن تي ئي رکڻ چاهيندو آهي. پر نور (خدا) انسان کي هر وقت عالم بالا جي ياد ڏياريندو رهي ٿو. انسان جو عقل جڏهن خدا (عقل ڪامل) سان متحد هوندو ته پوءِ اڪمل کان اڪمل تر جي طرف ترقي ڪندو. نور، جڏهن انسان جي دل تي تجلي وجهي ٿو ته پهريان ان کي فنا ڪندو آهي. يعني شيطانيت کي ساڙي ڇڏيندو آهي نتيجي ۾ روح القدس پنهنجي آسماني نور سان اندر ۽ ٻاهر کي روشن ڪندو آهي. جڏهن انسان پنهنجي نفس کي (حقيقت ڪل، خدا) جي تابع ڪري ٿو ته پوءِ اهو ڪدورتن کان الڳ ۽ عالم قدس جي قريب ترين وڃي، صفات ادنى کان بالاتر ٿي، صفات اعلى جو مالڪ ٿي پوي ٿو ۽ نفس انساني جون سڀئي خواهشون آسماني هدايت ۾ سموئجي وڃن ٿيون. اها پوري ڪيفيت دراصل روح، (نور، الله) جي طبيعت ۽ فطرت آهي.
جيڪي انسان نفس کي خدا ۾ فنا ڪندا آهن ته اهي حيات خدا حاصل ڪندا آهن جيڪا حيات جاودان جو سرچشمو آهي. گويا خدا ۾ فنا مقصود بالذات ڪونهي بلڪه ذريعه حصول زندگي آهي. خدا زندگي آهي ۽ زندگي خدا آهي. ذات کان صفت جدا ڪونهي. زندگي خدا جي صفت آهي. محبت، مسرت ۽ نوراني قوتن سان مسلح ڀرپور زندگي. سيد لطيف جي عظمت تي وري غور ڪريو:

مري جيءُ ته ماڻين جانب جو جمال،
ٿيين هنڌ حلال، جي پند اهائي پارهيين.

*
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هنداسي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.

سچو مسلمان پنهنجي حيواني وجود کي (جيڪو انڌي جبلتن تحت آهي) هر لحاظ کان ترڪ ڪري ٿو، ڇو ته اتان برائي ڦهلجي ٿي. ان جي برعڪس هو روحاني وجود سان اڳتي وڌندو آهي. هو خدا جي هٿ ۾ هڪ اوزار جي حيثيت رکي ٿو جنهن سان خدا جيڪو ڪم ڪرائڻ چاهي سو ڪرائي ٿو. ان خود فراموشيءَ جي عالم ۾ پهچڻ ڪري انسان موت کان اڳ مري وڃي ٿو. ليڪن اها فنا حيات دوام ٿي وڃي ٿي. هن شعر تي وري غور ڪريو:

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هنداسي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.

سچي روحاني ارتقا جو رستو هي آهي ته اسان جي جان، الله تعالى جي صفتن سان ڀريل اعلى ترين جان ۾ جذب ٿئي (يعني انسان پاڻ ۾ خدائي صفتون آڻي، ڪامل ٿئي). هر قدم تي فنا جي ذريعي بقا حاصل ڪندو وڃي. سون تي جڏهن ميراڻ چڙهي ويندي آهي ته سون کي باهه تي گرم ڪندا آهن نتيجي ۾ غلاظت دور ٿي وڃي ٿي ۽ سون پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي ويندو آهي يعني ميراڻ چڙهيل سون جي جان، باهه ۾ پوڻ سان اعلى ترين ٿي وڃي ٿي. باهه ۾ جلڻ، سون جي پهرين وجود جي فنا آهي ۽ اصلي سون جو ملڻ ان جي بقا آهي. دنيا جي سڀني انسانن کي گهرجي ته هو پنهنجي دل تي چڙهيل گناهن جي ڪاراڻ کي صاف ڪن يعني الله تعالى (نور) جي حڪمن تي هلن. نتيجي ۾ انهن کي بقا، هڪ اعلى وجود جي صورت ۾ ملندي. نور ۾ جذب ٿيڻ سان انسان پاڻ به ’نور‘ ٿي وڃي ٿو. اهو دراصل ان جو نئون جنم آهي. اهڙيءَ طرح انسان کي هڪ نئين روحاني زندگي ملي ٿي، گناهن جي داغن کان پاڪ. انجيل پاڪ جي هن شهادت تي غور ڪريو:
”يسوع جواب ۾ ان کي چيو مان توکي سچ پچ چوان ٿو ته جيستائين ڪوئي نئين سر پيدا نٿو ٿئي ته اهو خدا جي بادشاهيءَ کي ڏسي ڪونه سگهندو. نيڪديمس ان کي چيو ته ماڻهو جيڪڏهن ڪراڙو ٿي وڃي ته ڪيئن وري نيئن سر پيدا ٿي سگهي ٿو؟ ڇا هو ٻيهر پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ داخل ٿي پيدا ٿيندو؟ يسوع ان کي جواب ۾ چيو ته توکي سچ سچ چوان ٿو ته جيستائين ڪو ماڻهو پاڻي ۽ روح سان پيدا نه ٿئي ته اهو خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿي ڪونه سگهندو. جيڪو جسم مان پيدا ٿيو آهي اهو جسم آهي ۽ جيڪو روح مان پيدا ٿيو آهي اهو روح آهي. تعجب نه ڪر جو مان توکي چيو ته توکي نئين سر پيدا ٿيڻ ضروري آهي. (يوحنا 3: 2 -7)
سيد لطيف چوي ٿو:

جاڳڻ منجهان جس، آهي ادا تنهن کي،
لاهي جو لطيف چئي، مٿان قلب ڪَسُ،
ورنه! ڪجانءِ وس، صبح ساڻ سيد چئي.

خدا تعالى جي قانون جي پڪڙ کان ڪوبه آزاد ڪونهي، ڇو ته ان قانون جو نفاذ ٻاهر کان نه ٿيندو آهي بلڪه اهو اسان جي پنهنجي روح ۽ اسان جي فطرت ۾ کوڙيل آهي ۽ اسان جي اندر ئي مصروف عمل آهي. ان ڪري گناهه، (حق جي نافرماني) ايترو خدا جي نافرماني جو نالو ڪونهي، جيترو اسان جي پنهنجي روح جي تقاضائن کان روگرداني آهي. گناهه کي ايتري قانون شڪني جي حيثيت ڪونهي جيتري اها انسان جي ذات سان دغابازي آهي. ابديت جي حقيقت، دنياوي ڪمن ڪارين ۽ عملي زندگي جي تجربن سان جڙيل آهي. نفس جي ظلمت مان جان ڇڏائي، ٻاهر نڪري اچڻ جو ڪم مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ڪونهي. جيڪو روح، مادي آرائش ۾ ڦاٿل هجي، ان جو حسي ۽ تصوراتي وجود ڪنهن ٻئي ۾ اٽڪيل هجي ته اهو مقصد ڪيئن ماڻيندو؟
محبت، ٿڌو مزاج ۽ سوچ سمجهه وغيره روح جا سٺا ساٿي آهن جن جي قوت جي ڪري ان کي شڪست ڪونه ٿي ملي.جڏهن جسم ۾ خون تازه يعني روح پاڪ هجي ته اها حالت صرف بقائي حيات جي لاءِ ئي نه، پر ذهني صلاحيتن لاءِ به مفيد آهي. نفس پرست (بيوقوف ماڻهو) هر دور ۾ مالڪ جي انمول موتين کي ڇڏي ڪري، زميني دولت جمع ڪرڻ ۾ مصروف رهيا آهن. اهي انڌا ماڻهو، خدا تعالى جي انمول هيري کي ڪوڙين جي بدلي فروخت ڪن ٿا، جيڪڏهن اسان جسماني خواهشن (ناري ۽ ناجائز) جي تڪميل تي ئي پورو توجهه ڏيئون ته پوءِ اهو ضرور ٿيندو ته اسان مادي زندگي جي دلدل ۾ ڦاسي پئون.
جڏهن انسان بي سمجهه گهوڙي تي چڙهي ٿو يعني هو غلط رستي تي هلي ٿو؛ سمجهو ته اهو مالڪ جو نالو ۽ پنهنجو مقام وساري ويٺو. صراط مستقيم تي هلڻ کان سواءِ انسان انڌي کوهه ۾ ڪري پوندو. جڏهن نفس، دنيا جي ڦندن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ته پوءِ هو مختلف قسمن جا دنياوي مزا چکي ٿو. دنيا جي عيش و عشرت ۾ پئجي ان جي سمجهه ۽ سوچ ختم ٿي وڃي ٿي. هو روز بروز مريض ٿيندو وڃي ٿو. ان جو باطن چور ۽ آدم خور ٿي پوي ٿو. ان جو مرض وڌندو رهي ٿو:
فِیۡ قُلُوۡبِہِمۡ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَہُمُ اللہُ مَرَضًا ۚ (البقره: 10)
ترجمو: انهن جي دلين ۾ مرض آهي پر الله تعالى (گناهن جي سبب) انهن جي مرض کي وڌائي ڇڏيو.
انسان جي دل، هڪ اهڙي بادشاهه وانگر ٿي وڃي ٿي جنهن جا وزير ڪاوڙ، آڪڙ، لالچ ۽ وڏائي ٿين ٿا. فتنه، دشمني ۽ حسد جي اندروني باهه ٻاهر نڪرندي آهي. باهه مان وحشت ۽ نفرت جو پهلو صاف نظر ايندو. اي انسان! تنهنجا سڀ دک ۽ درد ان حالت ۾ دور ٿي سگهن ٿا جڏهن صرف سچ، حق، نور يعني الله کي پڪڙيندين، جيڪي سچ کي سڃاڻن ٿا انهن جي پويان هلين. اها ئي تقدير آهي.

جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه م تنين وٽ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
مهر تنين وٽ، مٽ جي پارکو پارس جا.

*
[b]جبر ۽ اختيار:
[/b]مادي دنيا جي تخليق انسان جي تخليق جو مقدمو آهي. انسان کي هڪ ٻه واٽي تي بيهارڻ ضروري ٿيو ته جيئن اهو خود راهه جو انتخاب ڪري. انسان پنهنجي اختيار سان ئي ڪمال (خدا) تائين پهچي سگهي. خدا تعالى اسان کي نيڪي ۽ بديءَ جو رستو ڏيکاريو آهي. انهن مان هڪ خدا تائين وڃي ٿو ۽ ٻيو رستو انسان کي خدا (ڪمال) کان پري ڪندو تباهي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. انسان کي اختيار آهي ته انهن ٻنهي رستن مان جنهن رستي جي چاهي چونڊ ڪري. ان لحاظ کان انسان مختيار آهي پر اها قدرت انسان جي هٿ ۾ ڪونهي ته اهو برائي کي، سٺائي ۾ تبديل ڪري سگهي. نيڪي، نيڪي ئي رهندي ۽ بدي، بدي رهندي. ان لحاظ کان انسان مجبور آهي.
جبر جي ڪري ڪائنات جو نظام قائم آهي. اها جبر جي ئي خصوصيت آهي جو ڏينهن ۽ رات ٿي رهيا آهن. اهو جبر جو ئي نتيجو آهي جو زمين تي زندگي موجود آهي. ڪائنات ۾ نوان جسم به جبر ڪري ئي جنم وٺن ٿا. جبر ڪري ئي اجرام فلڪي، ننڍي مان وڏا ٿين ٿا. آسماني جسمن جو موت به ان جبر جوئي نتيجو آهي. عناصرن جي تنظيم به جبري قوت جو نتيجو آهي. هوا جو گل جي قيد ۾ بند ٿي خوشبوءِ ڏيڻ ۽ آسمان ۾ ستارن جو چمڪڻ به جبر آهي. سڀني هڪ آئين تحت پنهنجو سرجهڪايو آهي. هوائون پنهنجي مرضي سان رخ ڪونه ٿيون بدلائن، پر قانونن جو جبر ئي اهو سڀڪجهه ڪرائي رهيو آهي.
زمين جي سيني تي انسان جي ذهني ارتقا، مظاهر فطرت تي غور و فڪر سان ٿي. انسان سوچيندو رهيو ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ ۽ ڇو آهي؟ غور و فڪر، مشاهدي ۽ تجربي انسان کي فطرت سان ويڙهائڻ سيکاريو ۽ اهڙِيءَ طرح ترقي شروع ٿي. انسان جي اصل حيثيت اها ناهي، جيڪا کيس هن وقت حاصل آهي بلڪه اصل حيثيت اها آهي جيڪا انسان کي هجڻ گهرجي.
قرآن حڪيم جي تعليم مطابق انسان هڪ ئي وقت ٻن عالمن ۾ گذاري ٿو؛ هڪڙو فطري ۽ مادي عالم ۽ ٻيو عالم روحاني يعني عالم مقصد. فطري مادي ۽ عالم ۾ علت ۽ معلول جي سلسلي اندر اختيار جي گنجائش ڪونهي. جيڪڏهن انسان چاهي ته هوا ۾ اڏامي ته ائين ٿي نه سگهندو. روح کي، مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عمل جو واحد ذريعو مليل آهي. مقصد جي تقاضا ئي اها آهي ته ”ائين ڪرڻ گهرجي“ ۽ ”هيئن نه ڪرڻ گهرجي.“ جيڪڏهن اختيار ڪونهي ته پوءِ ”ائين ڪرڻ گهرجي“ وارو جملو بيڪار ٿي وڃي ٿو. اخلاق جي حسن ۾ جبر بي معنى آهي. جيڪڏهن انسان پنهنجي اختيار سان نيڪ ۽ بد ۾ چونڊ ڪري نه ٿو سگهي ته پوءِ اخلاق بي معنى آهي. جهڙيءَ طرح فطرت جو جبري نظام حقيقي آهي اهڙيءَ طرح انسان جو اخلاقي يعني روحاني عالم به حقيقي آهي. جيستائين انسان جي جسماني بناوٽ جو تعلق آهي ته انسان جي جسماني بناوت ئي ٻڌائي ٿي ته کيس اختيار جي سوغات سان نوازيو ويو آهي. قدرت اسان کي ”نور وڃائڻ“ ۽ ”نور کي حاصل ڪرڻ“ ۾ با اختيار ڪيو آهي. نباتات ان قابل ڪونهن جو سم ۽ ڪلر واري زمين کي ڇڏي مٺي زمين ۾ وڃي پنهنجون پاڙون هڻن. جانور پنهنجي لاءِ ڪڏهن سرن جو گهر ڪونه ٺاهيو آهي ليڪن انسان جي اها حالت ڪونهي. ڦيٿي جي ايجاد کان وٺي راڪيٽ سازيءَ تائين، ڇا اهو سڀ جبر آهي؟ انسان جي اندر الله تعالى جي نوراني دنيا آباد آهي. اهو نور هر وقت تخليق جون بوندون وسائيندو رهي ٿو ته جيئن انسان کي ڪامل ڪري.
مغربي تعليم کان متاثر ماڻهو، زندگيءَ کي هڪڙي پَرَ وانگر سمجهي ٿو جيڪو هوا جي رحم و ڪرم تي آهي. هو سمجهي ٿو ته انسان مجبور آهي بلڪل اجرام فلڪي وانگر. ڪوبه شخص، ڪنهن به حالت ۾ جيڪي ڪجهه ڪري ٿو اهو ان لاءِ لازمي آهي. جيڪو نيڪ آهي اهو نيڪ هجڻ تي مجبور آهي ۽ جيڪو بد آهي سو بد هجڻ تي مجبور. جڏهن ڪنهن قوم جي دل ۾ اهو اعتقاد پختو ٿي وڃي ته ان کي فعل ۾ ڪنهن به قسم جو اختيار ڪونهي ۽ اهو ته سڀ شيون هڪ جابرانه قوت ۽ قاهرانه اقتدار جي حسب خواهش وجود ۾ اچن ٿيون، ته انهن جون قوتون معطل ٿي وڃن ٿيون. الله تعالى انسان کي سوچڻ جا جيڪي آلات ڏنا آهن ۽ عمل ڪرڻ لاءِ جيڪي جسماني عضوا ڏنا آهن انهن جي ثمرات کان محروم ٿي وڃن ٿا.

[b]عبادت جي حقيقت:
[/b]ان عبد، معبود تون، ات نه ڪو شرڪ نه شڪ،
پچارون پرينءَ جون، مصيبتن مرڪ،
سو سڀوئي حق، جنهن ۾ پسڻ پرين کي

(سيد لطيف)
عربي زبان ۾ ”عبد“ اهڙي غلام کي ڪوٺبو آهي؛ جنهن جي پنهنجي ڪابه مرضي نه هجي بلڪه ان کي چوويهه ڪلاڪ مالڪ جي مرضيءَ تي هلڻو آهي. غور جو مقام آهي ته انسان روح ۽ جسم جو مالڪ آهي. هر وقت روحاني ۽ جسماني طور خدا تعالى (حقيقت ڪل) جي غلامي ۾ رهڻ، ان جي اطاعت ڪرڻ ”عبادت“ آهي. خدا (حقيقت ڪل) اسان جو آقا آهي ۽ اسان ان جا غلام آهيون.
قرآن حڪيم جي نظر ۾ عبادت ان عمل جو نالو ڪونهي ته توهان ڪنهن مخصوص وقت ۾ ڪجهه مخصوص رسمون ادا ڪريو ۽ پوءِ اهو سمجهو ته مون زندگيءَ جو حق ادا ڪيو ۽ هاڻي آزاد آهيان جيئن چاهيان زندگي گذاريان. چوويهه ڪلاڪ ئي خدا جي اطاعت ۾ گذارڻ ’بندگي‘ آهي.
هڪڙو مسلمان آهي جيڪو روزا رکي ۽ نمازون پڙهي ٿو پر باقي وقت خدا جي مرضي نه بلڪه پنهنجي نفس جي حڪمن تي هلي ٿو. ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪو غلام هجي جنهن کي توهان ڏينهن رات خدمت لاءِ رکيو هجي ۽ اهو صرف صبح ۽ شام (نمازن جي وقت) جهڪي سلام ڪري، ۽ ان کان پوءِ آزادي سان گهمندو ڦرندو ٻين جا ڪم ڪندو وتي، ڇا اهڙي نوڪر کي مالڪ پسند ڪندو؟
”توهان ڪو مالهي، باغ جي سنڀالڻ لاءِ رکيو هجي. اهو باغ جي حسن وڌائڻ ۾ دلچسپي نه وٺي، گند ڪچري سان باغ ڀرجي وڃي. ميويدار وڻ برباد ٿيندا رهن، پاڻي فضول وهندو رهي. ڇا مالڪ باغ جي بربادي چاهيندو ۽ ڇا اهڙي مالهيءَ کي برداشت ڪندو؟ قدرت جي هن قانون تي غور ڪريو: ”ڪوبه ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪونه سگهندو...“ (متي 6: 24)
خدا تعالى اسان جو آقا آهي. اسان جو فرض آهي ته سچي غلام وانگر هر وقت ان جي حاڪميت قبول ڪيون. قرآن حڪيم، عبادت جو مفهوم وسيع ڪري ان کي پوري زندگيءَ تي ڦهلائي ڇڏيو آهي. عبادت جو مقصد آهي هر وقت نور جو چيو مڃي نور کي آڻڻ. عبادت باطني سچائي کي اجارڻ جو ڪم ڪري ٿي. ياد رکو خدا (نور) ئي مقصود، مطلوب ۽ محبوب آهي.
روزا ۽ نمازون زندگيءَ جو مقصد ڪونهن بلڪه اهي عبادت جون شڪليون ڪمال (خدا) تائين پهچڻ جا ڪامل ذريعا آهن. قرآن جي هيءَ شهادت:
قُلْ اِنَّ صَلَاتِیۡ وَنُسُکِیۡ وَ مَحْیَایَ وَ مَمَاتِیۡ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۶۲﴾ۙ لَا شَرِیۡکَ لَہٗ ۚ وَ بِذٰلِکَ اُمِرْتُ وَ اَنَا اَوَّلُ الْمُسْلِمِیۡنَ ﴿۱۶۳﴾ (الانعام: 162-163)
(ترجمو: توهان اعلان ڪريو ته منهنجي نماز ۽ منهنجي هر قسم جي عبادت ۽ قرباني ۽ منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ سڀ ڪجهه الله رب العالمين جي لاءِ آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ ڪونهي، مونکي اهو ئي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مان سڀني کان پهريان سر اطاعت خم ڪرڻ وارو آهيان.)

[b]ڀٽ ڌڻي ۽ عبادت:
[/b]جي ٿيا حل حبيب سين، سمهڻ تن ثواب،
نيڻ هيرائي ننڊ سين، خوش ڪيائون خواب،
اوسيئڙو عذاب، دليان تن دور ٿيو.

*
تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت سروڄن،
وحده لاشريڪ لھ، اهوئي راڳ رڳن،
سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت جن جي.

*
عبادت ۽ اطاعت مان مراد آهي پنهنجي مرضي يا اختيار کي خدا (حقيقت ڪل، عقل ڪل) جي مرضيءَ حوالي ڪرڻ. جيڪڏهن اسان جو نصب العين سڀني آسماني قدرن جو حاصل جمع آهي ته پوءِ يقيناً ڪوبه ماڻهو ڪنهن ٻئي جي اطاعت ڪري نه ٿو سگهي. جڏهن اسان سچي نصب العين بدران، ڪنهن ٻئي جي اطاعت ڪندا آهيون ته اسان جي حقيقي راهه گم ٿي ويندي آهي. اسان پنهنجي رنگينين کي خطري جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهيون. جيڪڏهن اسان حقيقت ڪل (خدا) يعني مرڪز کان ڪٽجي وڃئون ۽ نور کي مرڪزي حيثيت نه ڏيئون يا اسان دولت ۽ قوت جي چاڪري ڪيون ته پوءِ اسان پنهنجي آسماني يعني اعلى زندگي جا وفادار ڪونه ٿا رهون. حقيقي روحانيت مقصد (خدا، ڪمال) جي غلامي ۾ موجود آهي. مطلب ته هر اهو عمل جنهن سان نورانيت ۾ اضافو ٿئي، عبادت آهي. ياد رکو ته انسان کي زمين تي ان ڪري ڪونه آندو ويو آهي ته هو سڄو ڏينهن ۽ رات پنهنجي نفس جي مرضي پوري ڪرڻ ۾ گذاري بلڪه انسان کي ، خدا تعالى جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ خلقيو ويو آهي.
قرآن حڪيم جي نظر ۾ عبادت جو مفهوم پوڄاپاٽ ڪونهي. جهالت جي دور ۾، چند مخصوص گهڙين ۾ ڪجهه مذهبي رسمون ادا ڪرڻ کي عبادت چئبوهو. ان کان بعد زندگي کي ڪهڙي به رستي تي هلائجي، ڪوبه فرق ڪونه ٿو پئي، ان جي بدلي ۾ قرآن حڪيم زندگيءَ جي هرپل کي خدا (حقيقت ڪل) جي فرمانبرداريءَ ۾ گذارڻ چاهي ٿو. انسان جي پوري زندگي (ان جو هر شعبو) سچائي جي سانچي ۾ وجهڻ چاهي ٿو.
اسلام ۾ عبادت جو اهو مفهوم به ڪونهي ته انسان، دنيا جي زندگيءَ کان الڳ ٿي وڃي، الله سان دل لڳائي ۽ زندگيءَ جي گهماگهمي کان ڪناره ڪش ٿي وڃي.
خدا جي عبادت مان مراد اها پرستش ڪونهي جنهن کي زمانه قديم جي انسان، فطرت جي قوتن کان ڊڄي پنهنجي ذهن سان وديعت ڪيو ويو هو. درحقيقت اها فرقت شده انسان جي پنهنجي منزل سان ملاقات آهي. عبادت دراصل روحاني غسل آهي. خدا تعالى جي ڪلي حقيقت کي شعوري طور بجا آڻڻ عبادت آهي.
ڪائنات جي هرشئي ديندار آهي. مثلاً ستارن جي سندن مرڪز جي چوڌاري گردش، انهن جي عبادت آهي. دنيا جي هر انسان جو مرڪز قرآن حڪيم (حقيقت ڪل) آهي. هر وقت ۽ هر حالت ۾ ان جي ٻڌايل راهه تي هلڻ عبادت آهي. انسان جي پوري زندگي عبادت آهي. ’جو دم غافل سو دم ڪافر.
خدا تعالى اسان جو آقا آهي. اهو اهڙو آقا آهي جيڪو رحمدل آهي ۽ پنهنجي غلام کي هميشه بلند کان بلند ڏسڻ چاهي ٿو. عبادت، اها حرڪت آهي جيڪا ڪمال (خدا) ڏانهن اڀاري ٿي. خدا تعالى سان اسان جو تعلق، انسان کي اعلى بنائي ٿو ۽ سڀني خامين کان پاڪ ڪري ٿو ڇو ته اهو نور جو سرچشمو آهي. عبادت، اصل ۾ خدا جي ياد آهي، جنهن جو مقصد هي آهي ته اسان زندگيءَ جي نصب العين ۽ اعلى قدرن کي پنهنجو مطمع نظر بنايون ته جيئن آسماني صحت حاصل ڪري ابديت جي زندگي حاصل ڪيون.
اها عبادت جنهن جون پاڙون انساني روح ۾ ناهن ته اها مجرد عبادت آهي. عبادت جون برڪتون نمائش سان حاصل ڪونه ٿينديون. انجيل پاڪ ۾ آيو آهي:
”خدا روح آهي ۽ جو ڪوئي ان جي پرستش ڪري ان لاءِ ضروري آهي ته روح ۽ سچائي سان ان جي پرستش ڪري.“
(يوحنا 4: 24)
قرآن شريف ۾ اچي ٿو:
اَلَمْ اَعْہَدْ اِلَیۡكُمْ یٰبَنِیۡۤ اٰدَمَ اَنۡ لَّا تَعْبُدُوا الشَّیۡطٰنَ ۚ(یٰس: 60)
(اي بني آدم! ڇا مان توهان کان عهد ڪونه ورتو ته شيطان جي عبادت نه ڪندؤ.)
(خدا) حقيقت ڪل کي ڇڏي ٻئي ڪنهن جي به اطاعت ڪبي ته اها شيطان جي بندگي ٿيندي. انسان خدا جي بندگيءَ لاءِ خلقيو ويو آهي. هر وقت حقيقت ڪل (خدا) جي اطاعت ڪرڻي آهي.
قرآن حڪيم جي تعليم اها آهي ته انسان جي تخليق جو مقصد اڃان پورو ڪونه ٿيو آهي. ان کي عبوديت جي راهن ۾ اڃان اڳتي وڌڻو آهي. هن کي صفات خدائي جي روشنيءَ ۾ پنهنجي سفر کي جاري رکڻو آهي ته جيئن نقص، گناهه ۽ تضادن جي چڪر مان آزادي ماڻي ۽ زندگي جي جوهر کي
هميشه لاءِ چمڪائي ابديت حاصل ڪري. سچي عبادت اها آهي ته انسان اندروني محاذ جي تسخير ڪري. ان محاذ تي انسان کي اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. جيڪڏهن اسان نفساني غلاظتن کان جان ڪونه ڇڏائي ته نتيجو تباهي جي صورت ۾ ئي نڪرندو. سردي، گرمي، بيماري ۽ ٻين آفتن تي انسان گهڻي حد تائين ڪنٽرول ڪيو آهي. سڀ کان وڏي جنگ پنهنجي نفس سان ئي آهي ڇو ته اتي وڌ ۾ وڌ اوندهه آهي. عالمي شهرت يافته نفسياتي ماهر C.C.JUNG ان سلسلي ۾ چوي ٿو:
”عصر حاضر جو انسان مفلوج انسان آهي. انڌن حادثن جي مقابلي ۾ خوف کان هراسيل، انهن وحشيانه قوتن جي مقابلي ۾، جن تي هو پنهنجي دور جي معاشي ۽ سياسي تدبيرن جي قوت سان قابو پائي نٿو سگهي. اها ته آهي ان جي خارجي دنيا جي حالت ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي اندر جي دنيا، جتي تخريب ۽ تعمير جون قوتون هر وقت تارازي جي پڙن کي هيٺ مٿي کڻنديون ۽ جهڪائينديون رهن ٿيون، ۾ ليئو پائي ٿو ته اتي ٻاهرين دنيا کان وڌيڪ اوندهه نظر اچي ٿي.“
(Modern man in search of soul p.236)
دور حاضر جا سڀئي اجتماعي فساد معاشري جي فڪري رجحانن جي پيداوار آهن. اهو نظريو يا اهو نظام، جيڪو ازلي ۽ ابدي صداقتن، مستقل اخلاقي قدرن ۽ تزڪيه نفس تي مبني نه هوندو ته ان جو طبعي ۽ فطري نتيجو انتشار جي صورت ۾ نڪرندو.
سيد لطيف جي هن عظمت تي غور ڪندا هلو:

جسي ۾ جبار جو، خفي خيمون کوڙ،
جلي تون زبان سين، چارئي پهر چور،
فڪر سين فرقان ، اسم اعظم ڏور،
ٻيا در وڃي م ووڙ، اي امل اتائين پسجي

*
تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت سر وڃن،
وحده لاشريک لھ، اهوئي راڳ رڳن،
سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت جن جي.

*
ان عبد، معبود تون، ات نه ڪو شرڪ ۽ شڪ،
پچارون پرينءَ جون، مصيبتن مرڪ،
سو سڀوئي حق، اي امل اتائين پسجي.

قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ سَخَّرَ لَكُمۡ مَّا فِی السَّمٰوٰتِ وَمَا فِی الْاَرْضِ جَمِیۡعًا مِّنْہُ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّقَوْمٍ یَّتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۱۳﴾
(جاثیہ: 13)
ترجمو: جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سڀ جو سڀ توهان جي لاءِ مسخر ڪيو ويو آهي. ان پيغام ۾ سوچڻ واري قوم لاءِ هدايت آهي.
انسان جي حرڪت، خود کيس منظم ڪري عمل پيدا ڪندي آهي. عمل جي تقاضا اها آهي ته جيڪڏهن ڪائنات يا انساني فطرت جو ڪو قانون، زندگيءَ جي مقصد سان ٽڪرائجي ته پوءِ ان جي سامهون جهڪڻو ڪونهي بلڪه عمل جي نوراني قوت سان قانون قدرت جي تسخير ڪئي وڃي. خدا تعالى هر شيءِ کي هڪ قانون مطابق هلڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ انهيءَ مطابق هلي رهي آهي. ڪائنات جا سڀ جسم مسلم (اطاعت ڪندڙ) آهن ڇو ته اهي هر وقت، مرڪز جي عبادت ۾ مخمور آهن يعني سچا عابد آهن. ڪمال (خدا) کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪمال جي هر حڪم جي بجا آوري ڪرڻ ”عبادت“ آهي.
جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي طلب واقعي ئي آهي ته پوءِ ان جي خواهش ڪڏهن به ٿڌي ڪونه ٿيندي. انسان جي فطرت ۾ هڪ اهڙي محبوب جي تلاش آهي جيڪو ڪامل آهي. ان ڪري ڪمال اهو آهي ته اڻ کٽ ڪمال سان اتصال ٿئي. انسان کي ڪامليت گهرجي.
هن حقيقت تي وري غور ڪريو ته قرآن حڪيم جي نظر ۾ عبادت مان مراد اها ڪونهي ته ماڻهو سماجي زندگي ڇڏي وڃي جبل وسائي ۽ نفس ڪشي ۽ مراقبن سان روحانيت کي وڌائي ۽ صرف پنهنجي نجات جي فڪر ۾ رهي.
عبادت ڪو ساحرانه فعل ڪونهي، جيڪو فوق الفطرت طريقي تي عالم اسباب ۾ دخل رکي ٿو. انسان کي نيڪيءَ جي استعمال جوموقعو صرف معاشرتي يعني مدني جماعت اندر ئي ملي سگهي ٿو نيڪي انسان جي تڪميل جو واحد ذريعو آهي. اڪيلائپ ۽ رهبانيت جي زندگي گذارڻ وارو، نيڪين کي حقيقي مقصد جو روپ ڏئي نٿو سگهي. انسان جي تڪميل معاشري ۾ ئي ٿي سگهي ٿي، ان ڪري سڀني نيڪين جو بنياد انسان سان محبت ڪرڻ آهي. مشهور مغربي مفڪر Rorert Braiffault پنهنجي ڪتاب The Making of Humanity ۾ لکي ٿو:
اهي تصوف پسند حضرات چاهن ٿا ته هن مصيبتن سان ڀريل دنيا مان ڀڄي وڃن ۽ خلوت جي تجرد گاهن ۾ پناه حاصل ڪن جتي صرف فطرت ئي فطرت هجي، انسان نه هجي. انهن جبلن جي چوٽين تي، جن کي انسان جي ناپاڪ قدمن نه ڇهيو هجي، اتي وڃي پنهنجي روح کي خلوت جي ڪيف اندوز نطارن سان سرشار ڪن ۽ انهن سرور انگيز ڪيفيتن، جن ۾ ڪوبه دخل اندازي نه ڪري سگهي ۽ انهن جي جهان ۾ انساني دنيا جي لذت ۽ عيش جو ڪوبه گذر نه هجي. ليڪن اهي نٿا ڄاڻن يا ڄاڻڻ ئي نٿا چاهن ته انهن جا اهي تمام حسين آرزو، بلند تخيلات ، هي جذبات ۽ انساني فطرت جي لرزشن جو هي لطيف احساس ۽ فطرت جي متعلق اهو حسن خيال اهي سڀ انساني دنيا جون تخليقات آهن، جن کي اهي ايتريقدر قابل نفرت سمجهي ڇڏڻ جي فڪر ۾ آهن.“ (صفحه 25)

[b]اصلي موت:
[/b]جيستائين دل ڪم ڪري ٿي، بدن جي عضون ۾ خون جي گردش جاري آهي ته چيو وڃي ٿو ته انسان زنده آهي، پر جڏهن اهو سلسلو رڪجي وڃي ته ان جي موت جو قطعي دليل ٿي وڃي ٿو. جيڪو شخص ظاهري طور تي زنده آهي پر اهو نفساني خواهشن ۾ ايترو ته وڪوڙيل آهي جو نه حق جي طرف ڌيان ڏئي ٿو ۽ نه ئي عالم وجود ۾ پروردگار جي عظمت جي نشانين (آيتن) تي غور ڪري ٿو ته قرآن جي حڪمت مطابق اهڙو شخص ”مرده“ آهي. ليڪن اهي وجود، جيڪي خدا جي صفتن سان متصف هئا، انهن دنيا کي علمي ايجادات، فني خوبين ۽ تخليقي قوتن سان نوازيو اهي قبرن ۾ هوندي به زنده آهن. اهي پنهنجي تخليقات سان اڄ به دنيا کي زندگي ڏئي رهيا آهن. انهن جي مقابلي ۾ اهي انسان جيڪي روحانيت تي نفس جي ظلمتن کي غالب ڪن ٿا (اهي ماڻهو) قبر تائين پهچڻ جي جستجو ۾ سڄو ڏينهن مشغول آهن. ڇو ته انهن جو مجموعي عمل، کين بقا کان پري ڪندو، منزل مقصود کان هٽائيندو تباهيءَ جي طرف ڇڪيندو رهي ٿو. ڇا اهڙن ماڻهن جي حياتيءَ کي حقيقي حياتي چئي سگهون ٿا؟ اهڙي بي معنى زندگيءَ جا مالڪ اهي ماڻهو آهن جن جا روح منجمد، قلب شيطاني باه ۾ وڪوڙيل ۽ نيڪي بدي جي شعور کان محروم آهن. اهڙي بي ذوق زندگي، جنهن ۾ ذوق جمال ۽ شوق ڪمال نه هجي ته اها ’موت‘ جي برابر آهي. انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”هڪ ٻئي شاگرد ان کي چيو اي خداوند مونکي اجازت ڏئي ته پهريان وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان. يسوع انهن کي چيو تون منهنجي پويان هل ۽ مُردن کي پنهنجا مُردا دفن ڪرڻ ڏيو.“ (متي 8: 21-22)
اهڙا انسان، جن ۾ حق لاءِ نه ڪوئي احساس آهي ۽ نه حرڪت، اهي زنده ڪيئن چئبا؟ اهي زنده هجن ها ته بلندين ڏانهن اڀرن ها ڇو ته زندگي مٿي اڀرڻ جو نالو آهي. جديد تهذيب جو انسان پاڻ کي روشن خيال ظاهر ڪري ٿو. پنهنجي مادي ترقيءَ کي فخر سان پيش ڪري ٿو ليڪن حقيقت ۾ ان کان وڌيڪ نفس جو غلام ڪوبه نه ملندو. اهي ڪوتاهه نظر صرف مادي ڪشش ۾ ئي الجهي پيا ۽ پاڻ کي نفساني خواهشن جي پنڃري ۾ بند ڪري ڇڏيائون. اهي پاڻ کي آزاد ۽ ترقي يافته سمجهن ٿا، حالانڪه اهي پنهنجي حقيقي آزاديءَ کان ڪوهين پري آهن. انهن جون اکيون انڌيون ۽ دل مرده آهن، راه حق کان هٽيل- ياد رکو شعور جو زوال موت آهي. مردا آهن اهي انسان جي عقل ۽ شعور کان ڪم نٿا وٺن.
انسان جي زندگيءَ جو مقصد خداتعالى جي صفتن کي پنهنجي دل ۾ آباد ڪرڻ آهي. پر اسان جو توجه ڪجهه خارجي شين جي طرف اهڙو ته ورهايل آهي جو زندگيءَ جي سرچشمي، وجود جي مصدر، خير جي علت ۽ روح جي بنياد جو مشاهدو ئي نٿا ڪري سگهون. جنهن به انسان ۾ خدا جون صفتون دٻيل آهن ته حقيقت جي لحاظ کان اُهو ’مرده‘ آهي.
جيڪي زنده هوندا زندگيءَ جو پيغام به اهي ئي ٻڌندا، جن جون دليون بيدار ۽ هوشمند آهن باقي جن جي دلين تي پردا پيل آهن تن کي قرآن حڪيم جي حڪمت ”اهل قبور“ ٿي ڪوٺي. اهي زنده ئي دفن ٿيل آهن. اونده جي اوڙاهه ۾ قيد ٿيل، اوندهه جا فرزند. انهن جي خوراڪ ’جُهل‘ آهي.
وَ مَاۤ اَنۡتَ بِمُسْمِعٍ مَّنۡ فِی الْقُبُوۡرِ ﴿۲۲﴾ اِنْ اَنۡتَ اِلَّا نَذِیۡرٌ ﴿۲۳﴾
ترجمو: يعني توهان ته انهن کي ڪجهه به ٻڌائي نٿا سگهو، جي قبرن ۾ آهن. بس، توهان جو ڪم ته ڊيڄارڻ ۽ تنبيهه ڪرڻ آهي.
اهڙن فردن ۽ اهڙي معاشري کي خدا تعالى پنهنجي رحمت جي ڇانو کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي ۽ انهن کي مڪافات عمل مطابق سزا ڏيندو ٿو رهي. اهي وقت مقرر تائين هلي فنا جي شعلن ۾ غائب ٿي وڃن ٿا. جنهن قوم ۾ خدائي صفتن جا ماڻهو هوندا، انهيءَ قوم کي ئي زنده قوم چئي سگهبو.
پيٽ ڀرڻ ۽ سڄو ڏينهن حيوانيت وانگر زندگي بسر ڪرڻ ”مرده“ ذهنن جو ڪم آهي. صحيح ذهن، اهو انسان ٿو رکي جيڪو پنهنجي نفس جي نه بلڪه، خدا يعني حقيقت ڪل جي حاڪميت قبولي. اهڙو ماڻهو هر حالت ۾ اهو ٿو ڏسي ته خدا تعالى جو حڪم ڪهڙو آهي. وري غور ڪريو ته انسان هتي پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ نه بلڪه خدا جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ آيو آهي. حقيقت جي روشنيءَ ۾، ڏٺو وڃي ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي اڪثريت زنده آهي ئي ڪونه. ڇو ته انسانذات جو اجتماعي عمل، اسان کي موت ڏانهن گهلي رهيو آهي. جيڪڏهن انسان زنده هجي ها ته هو يقيناً بلنديءَ ڏانهن وڌي ها. اها زندگي، جنهن ۾ ذوق جمال ۽ شوق ڪمال نه هجي ته اها زندگي موت جي برابر آهي. (وري غور ڪريو)
”حق کان غافل فرد، جنهن معاشري ۾ جيترا گهڻا هوندا اهو معاشرو اوترو ئي ’مرده‘ ٿيندو. زندگي ذميداري جو نالو آهي. مادي دنيا مان ملڻ وارو، مادي عناصرن کان خوراڪ حاصل ڪرڻ وارو وجود، پنهنجي مادي مصدر جي طرف مسلسل لڳاءُ رکي ٿو. جيڪڏهن انهن تي خدائي صفتن جو غلبو نه هوندو ته پوءِ اهڙو وجود، بحيثيت انسان رحلت ڪري وڃي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي ٻن پيرن وارو جانور رهجي وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي جزوي عقل کي استعمال ڪندو، خدائي هدايت کي ڇڏيندو سڄو ڏينهن فنا جون برباديون جمع ڪرڻ ۾ مشغول رهي ٿو. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
اِنْ ہُوَ اِلَّا ذِكْرٌ وَّ قُرْاٰنٌ مُّبِیۡنٌ ﴿ۙ۶۹﴾ لِّیُنۡذِرَ مَنۡ کَانَ حَیًّا وَّ یَحِقَّ الْقَوْلُ عَلَی الْکٰفِرِیۡنَ ﴿۷۰﴾ (یٰس: 69-70)
ترجمو: قرآن حڪيم ته ياد ڏيارڻ وارو ۽ پڙهڻ وارو واضح ڪتاب آهي. ته جيئن اهو ڊيڄاري انهن کي جي زنده آهن ۽ انهن ماڻهن جي حق ۾ حجت کي پورو ڪري جي مفڪر آهن.
قرآن حڪيم جو خطاب مُردن سان ڪونهي بلڪه اهو ’زنده‘ ماڻهن کي پڪاري ٿو. هتي ’زنده‘ مان مراد اهي ماڻهو آهن جيڪي خدائي آواز تي ڌيان ڏين ٿا ۽ انهن جي مقابلي ۾ ’مرده‘ اهي آهن جيڪي حقيقت جا منڪر آهن. جيڪي هوش و حواس ته رکن ٿا پر پنهنجي حيوانيت ۽ هوس کي ترڪ ڪرڻ تي آماده ڪونه آهن. ياد رهي ته ڪفر، اسان جي سڀني نيڪين کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ڪافر ’مرده‘ وجود آهي. جيڪو رات کي ڏينهن چوي اهو ڪافر آهي.
انسان زندگيءَ جي رنگينين ۾ ايتريقدر غرق ٿي وڃي جو پنهنجي شعور جي سموري قوت دنياوي ڀڄ ڊڪ تائين محروم رکي ۽ الله تعالى جي طرف ان جو ڌيان ئي نه وڃي ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو غافل ٿي ويو. حقيقت جي پابندي ماديت جي براين کان روڪي ٿي. ماديت پرست، مادي ۽ محسوس ڪرڻ وارين شين سان لڳاءَ سبب اعلى سوچ ويچار جي اهليت نٿو رکي. پوءِ ڇا اهڙو شخص جيڪو زندگيءَ جو آواز ئي نه ٻڌي ۽ ڪائنات ۾ پکڙيل الله جي آيتن کي نه ڏسي ته ڇا اهڙي انسان کي زنده انسان چئي سگهبو؟ اهي درحقيقت مرده وجود آهن؛ زمين تي هڪڙو ٻوجهه.
زندگيءَ ۾ موت جو مقام اتان شروع ٿئي ٿو جتان اسان جون صلاحيتون مرده ٿين. يعني انسان جنهن نسبت سان بي حس ٿئي ٿو انهيءَ نسبت سان ان جي زندگي مرده ٿي وڃي ٿي. جنهن انسان جي چوڌاري ننڊ ويڙهيل هجي، جنهن جي پوري زندگي نفرت ۽ حقارت سان ڀريل هجي، جنهن شخص جو مرڻ، جيئڻ کان بهتر هجي ۽ جيڪو زندگيءَ هٿان مري رهيو هجي. ڇا اهڙو انسان زنده چوائڻ جو مستحق آهي؟ زندگي ته مٿي اڀرڻ جو نالو آهي. سڀئي زندگيءَ جي فڪرات ۾ غرق ۽ گرفتار. پوري ملڪ ۾ هڪ به الله جو بندو ڪونهي جنهن کي پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي رضامنديءَ جو فڪر هجي يا سچ جي تلاش جي آرزو هجي. اها نالي ماتر زندگي آهي باقي حقيقت ۾ اها آهي وسيع ۽ طويل خودڪشي. اهو ته زندگيءَ ۾ ئي موت آهي. دنيا جي هر دور ۾ ۽ هاڻي، زمين تي رهندڙ اڪثر انسان انسانيت جي حافظي ۾ انهن لاشن وانگر زندگي بسر ڪري رهيا آهن، جيڪي مٽيءَ تي پيا هجن ۽ جن کي فتني ۽ فراموشيءَ جي تاريڪين ۾ دفن ڪرڻ وارو ڪوبه نه هجي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
وَ مَاۤ اَنۡتَ بِمُسْمِعٍ مَّنۡ فِی الْقُبُوۡرِ ﴿۲۲﴾ (سورة الروم 35: 24)
ترجمو: ”اي نبي! جيڪي قبرن ۾ سمهيا پيا آهن توهان انهن کي نٿا ٻڌائي سگهو. اِهي اُهي ماڻهو آهن جي حق کان بي خبر ۽ جن جون دليون عشق الاهيءَ کان خالي آهن. جن جو لباس جهل جون بوسيده قبرون آهن. انهن جي مادي ڪثافتن ۽ آلودگين انهن کي نورانيت ۽ معنويت کان پري ڪري ڇڏيو آهي.“
قرآن حڪيم جي هن فيصلي تي به غور ڪريو:
وَمَا یَسْتَوِی الْاَحْیَآءُ وَ لَا الْاَمْوَاتُ ؕ(فاطر: 22)
ترجمو: جيڪي مرده ۽ جيڪي زنده آهن ٻئي برابر ناهن.
دنيا ۾ هن وقت جيترا به انسان موجود آهن انهن کي ٻن قسمن ۾ آڻي سگهجي ٿو، هڪڙا اهي جيڪي نوري آهن يعني پنهنجي نوراني عملن سان هر وقت معاشري ۾ حسن ڦهلائن ٿا. ٻيا آهن ناري وجود، باهه جا فرزند. اهڙا وجود شيطاني عملن ذريعي باهه جا الا ٻاريندا هر طرف ڇٽيندا رهن ٿا. ناري وجودن جو تعداد هر دور ۾ وڏي اڪثريت ۾ رهيو آهي. سيد لطيف ٿو چئي ته زنده اهي آهن جن پاڻ کي ٻاري روشني ڦهلائي:

نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان ريءَ.

الله تعالى جي انسان مٿان وڏي رحمت اها آهي ته جيڪي ماڻهو حلقه اسلام (حقيقت ڪل) ۾ پوري جا پورا داخل ٿي وڃن ٿا اهي معنوي لحاظ کان جيئرا آهن. ڪافر مرده وجود آهي. بامقصد زندگي گذارڻ وارو زنده ۽ بي مقصد زندگي گذارڻ وارو ’مرده‘ وجود آهي (ڪافر) سچائي جو انڪاري آهي. اهو پنهنجي ناري عملن ڪري پاڻ ته تباه ٿئي ٿو پر ٻين جي تباهيءَ جو به بندوبست ڪندو ٿو رهي. مسلم، حق جي اطاعت ڪندڙ، روشنيءَ جو فرزند آهي. اڄ اونده جون قوتون جنگ وجدل ۾ مصروف آهن. تاريڪي شر ۽ فساد جي شيطانن کي ساڻ ڪري، نور جي دنيا تي زبردست حملو ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح پوري دنيا مصيبتن سان ڀرجي وئي آهي. انسان ڪامليت (خدا) کان پري ٿيندو ٿو وڃي. انهيءَ صورتحال کان نجات جي ضرورت آهي.
نجات ان حالت ۾ ملندي، جڏهن نور (خدا ، حقيقت ڪل) کان علحدگي کي ترڪ ڪري ڪائناتي وجود سان اتحاد پيدا ڪيو وڃي؛ ڇو ته علحدگيءَ جي اها حالت روحاني موت جي برابر آهي. خدا تعالى سان اتحاد جي معنى آهي ابديت ڏانهن وڌڻ. جڏهن انسان روحانيت ۾ انقلاب آڻي، الله تعالى ڏانهن رجوع ڪري ٿو ته ان وقت اهو آسماني وجود ٿئي ٿو.
جهڙيءَ طرح جانور کي حق ۽ باطل جي ڪابه خبر ڪونهي تهڙيءَ طرح اڄوڪو انسان به حق ۽ باطل جي سڃاڻ کان سواءِ پنهنجي نفساني خواهشن کي پورو ڪندو ٿو رهي. اڄ اسان جي زمين انسانن لاءِ نوراني ارتقا جو گهر (دعا جو گهر) نه رهي آهي بلڪه جانورن جو واڙو ٿي پئي آهي. انسان ان راه تي گامزن آهي ته حق قوت ڪونهي، اهائي جانورن واري فطرت ”جيڪو ڏاڍو سوگابو“. اڄ آدم جو ٻچڙو، زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ حيوانيت جو برتاءُ ڪري رهيو آهي. انسان پنهنجي زندگيءَ جي قانونن ۽ اصولن کي حيواني قوت تي جوڙي رهيو آهي. اڄ انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ڪشمڪش جاري آهي؛ ڇو ته نزاع، جنگ ۽ ڇڪتاڻ حيواني فطرت جي تقاضا آهي. ان ڪشمڪش ۾ جيڪو قوت وارو آهي اهوئي ڪامياب ۽ صالح آهي، جيڪو ڪمزور آهي اهو غير صالح ۽ مٽجڻ ان جو مقدر آهي. اها آهي اڄوڪي غالب تهذيب، جنهن جي وات مان ڇتي حيوانيت جا ٽيپا ڪري رهيا آهن.
انسان جسم ۽ روح جو مالڪ آهي. ماده پرستن انسان جي جسماني خواهشن کي ته ڏٺو ليڪن انهن کي روح جون خواهشون نظر ڪونه آيون. انهن انسان جي فطرت ۽ ان جي ترڪيب ڄاڻڻ ۾ غلطي ڪئي آهي. انهن کي اندروني روحاني انسان جي خبر ڪونهي. حقيقت جي نگاه سان ڏٺو وڃي ته انسان جي زندگيءَ جو مقصد ئي اهو آهي ته انسان ۾ موجود جانور تي روح کي غالب ڪيو وڃي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄوڪو انسان، پاڻ واري جانور جي تقاضائن پوري ڪرڻ ۾ ايترو ته محو ٿي ويو آهي جو پنهنجي آسماني حقيقت ئي وساري ويٺو. هو نفس جي غلاميءَ کي ئي زندگي سمجهي ٿو.