اخلاق جي اهميت
انسان باشعور ۽ بااختيار آهي، ان ڪري هاڻي اهو انسان جو حصو آهي ته قدم وڌائي، ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته اخلاق رڳو انفرادي عمل ڪونهي پر هڪڙو معاشرتي عمل به آهي. اسلامي اخلاقيات، انساني زندگيءَ جي هر حصي ۽ هر صورت تي حاوي ٿي وڃي ٿي. خدا تعاليٰ جي حڪمن ۾ پاڻ کي فنا ڪرڻ جي حالت اعليٰ اخلاق (الاهي اخلاق) جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. خدا تعاليٰ جي مقصدن جي تڪميل عملي اخلاقيات آهي. الله تعاليٰ جي اخلاق سان انسان جيترو سينگاربو، ته سندس زندگيءَ جو مقصد به اوتروئي جلدي حاصل ٿيندو. اخلاق هستيءَ سان مطابقت جو عمل آهي. اخلاق آهي راهه خير تي هلندو رهڻ. خدا تعاليٰ پنهنجي مرضيءَ جو اظهار هڪ ضابطي جي شڪل ۾ ڪندو آهي. ان جي سچائي، ان جو اثبات، ان جو رحم ۽ ان جي انصاف سان ئي ضابطه اخلاق جي تشڪيل ٿيندي آهي. ياد رکو قدرت جي قانون جي سواءِ ان جي، ٻي ڪا به اهميت ڪونهي ته اهو خدا تعاليٰ جي اعليٰ ترين مقصد کي ماڻڻ جو هڪڙو نظام آهي. ياد رکو اخلاقي برائي، ان سچائي سان عدم مطابقت جو نالو آهي، جيڪا سڄي ڪائنات تي حاوي آهي ۽ ان کي باضابطا بنائي ٿي. خدا تعاليٰ آسمان ۾ مٿي يا پري ڪونهي، بلڪه اهو اسان جي اندر آهي. جيڪو خدائي عنصر اسان ۾ موجود آهي. جيڪڏهن اسان ان کي صحيح طور استعمال ڪيون ته اسان جي اندر مثبت تغير اچي سگهي ٿو. خدا تعاليٰ کي ظاهري پوڄا پاٽ سان حاصل ڪري ڪو نه سگهبو، ۽ نه ئي پاڪبازيءَ جي نمائش سان ڪامليت حاصل ڪري سگهجي ٿي. سٺو عمل، هڪڙو مڪينيڪل عمل ڪونهي پر اها روحاني ضرورت آهي. اخلاقيات آگاهيءَ سان حاصل ٿيندي آهي. خود آگاهه وجود ئي حقيقي اخلاق جو نور ڦهلائي سگهي ٿو.
”خير“ الله تعاليٰ جي صفت آهي. خدا تعاليٰ جون سڀيئي صفتون ڪمال ڏانهن وڌائن ٿيون. تنهن ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته خير پنهنجي ماهيت جي لحاظ کان بنيادي طور تي ڪمال جي صفت رکي ٿو. ڪمال اخلاق ئي دراصل ڪمال خير آهي. ڪمال پنهنجي اندر تعميري ۽ تخليقي قوت رکي ٿو. شر تخريب آهي. جتي خير هوندو حسن به اتي ئي هوندو.
اخلاق (آسماني) سان ئي معاشري ۾ نور جون آسماني برڪتون ڦهلائي سگهجن ٿيون. وحدت به اها ئي آهي جتي الله، فرد ۽ ڪائنات جا مقصد هڪ ٿي وڃن.
انسان معاشرتي رشتن ۾ جڙيل آهي. اهي تعلقات ته زندگيءَ جون زنده شاخون آهن. جيڪڏهن هڪ شاخ به ٽٽي پوي ته ان جو اثر پوريءَ زندگيءَ تي پوي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح پوري زندگي مرجهائجي وڃي ٿي. انهن معاشرتي رشتن سان عدل ڪرڻ اخلاقيات جي حصي ۾ اچي ٿو. انسان پنهنجي نجات ۽ سعادت خود غرضانه طور تي نه، بلڪه ٻين انسانن جي فلاح ۽ تعلق کان بي نياز ٿي ڪري حاصل ڪري نه سگهندو. انسان سماجي فطرت سان پيدا ٿيو آهي. اخلاق جي تڪميل ان کان بغير ممڪن ڪونهي ته انسان معاشرت ۽ تمدن جي مشغلن ۾ پوريءَ طرح مصروف ٿي مستفيد ٿئي. معاشرتي زندگي فردن جي احساسن تي مبني آهي. ان ڪري ئي معاشرتي زندگي اسلامي تصور روحانيت جو هڪ لازمي جزو آهي.
الله تعاليٰ جي صفت ”عدل“ انساني زندگي ۾ وڏو مفهوم رکي ٿي. انسان جي زندگي ۾ عدل جو مظاهرو اخلاق اسلامي جي اولين تقاضا آهي. عدل، ظلم جو ضد آهي. شيءِ کي صحيح مقام تي رکڻ عدل آهي. ان کي صحيح مقام نه ڏبو ته ظلم ٿيندو. عدل اهو آهي ته انسان جو هر عمل خدا تعاليٰ جي حڪم مطابق هجي. اهڙو عمل ئي انسان کي مٿي کڻي سگهي ٿو. ظلم تي مبني هر عمل انسان کي زندگيءَ جي مقصد کان پري ڌڪيندو.
جڳ مشهور مفڪر Robert Braiffault اخلاق جي متعلق لکي ٿو:
اخلاقيات جي متعلق يونان جي ابتدائي تصور جو رواقي فلسفه ۾ تبديل ٿي وڃڻ، اهڙي خرابيءَ جو سبب ٿيو جنهن جو مثال انسان جي اخلاقي تصور جي دنيا ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي. اخلاق، جنهن جو مفهوم هي آهي ته انسان جا باهمي معاملات حق ۽ صداقت تي مبني ٿيڻ گهرجن، اهو پنهنجو حقيقي مفهوم ان وقت وڃائي ويهي ٿو، جڏهن ان جو نتيجو انسان ذات جي ڀلائي نه ٿو رهي. ان سان ته اخلاقيات جو مقصد ئي فوت ٿي وڃي ٿو. اخلاقيات جو مقصد هڪ انسان جي انفرادي نجات يا ذاتي بهبودي ناهي. (جيتوڻيڪ انسان ذات جي بهبوديءَ ۾ ذاتي بهبودي بدرجه اتم موجود آهي، پر گهربل اهو آهي ته ان فرد جو نوع انساني سان، جنهن جو اهو هڪ جز آهي، ڪهڙي قسم جو واسطو آهي. انهن باهمي معاملات جي ضابطه اخلاق جو بنياد ”عدل“ آهي.......
...... عدل جي تقاضا اها آهي ته ڪو به انسان، ڪنهن ٻئي انسان تي مستبدانه ۽ قاهرانه قوت سان غالب نه اچي ..... جيڪڏهن دنيا ۾ باطل جي ڪا معنيٰ آهي ته اها اها ئي آهي ته هڪ انسان، ڪنهن ٻئي انسان کي محض فرضي اقتدار جي بنياد تي پنهنجو تابع فرمان ڪري ڇڏي...... ان باطل جو خاتمو اخلاقيات جو پهريون فرض آهي. توهان مثالي اخلاقيات جي ڪيڏي به شاندار عمارت تعمير ڇو نه ڪريو، جيڪڏهن اها باطل جو خاتمو ڪري ان جي جڳهه تي حق قائم نه ٿي ڪري ته اها يڪسر بي معنيٰ آهي. اها مٿين عمارت، اخلاقيات جي عمارت ٿي ئي ڪو نه سگهندي...... رواقي فلسفي مطابق انسان جو نصب العين شر جو مقابلو ڪرڻ نه، بلڪه ان جي سامهون جهڪڻ ئي نصب العين ٿي پوي ٿو.“ (Making of Humanity: P-331)
قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ رَہۡبَانِیَّۃَۨ ابۡتَدَعُوۡہَا مَا کَتَبۡنٰہَا عَلَیۡہِمۡ (حديد: 27)
”۽ رهبانيت جن کي انهن ازخود گهڙيو، اسان ان جو حڪم ڪو نه ڏنو هو.“
اسلام اهو ڪو نه ٿو چاهي ته هڪ تندرست ۽ باشعور انسان رڳو انفرادي طور تي سڪون حاصل ڪري ۽ رسمي عبادتن ذريعي پنهنجي نجات جي فڪر ۾ لڳو رهي، چاهي دنيا ۾ انسانيت پامال ڇو نه ٿيندي هجي. دنيا ۽ ان جي ڪارونهوار متعلق ٻه رايا رهيا آهن. هڪ گروهه ڪائنات کي حقيقي مڃيو آهي ۽ تهذيب و تمدن جي گهما گهمي جو خير مقدم ڪيو آهي. ٻئي گروهه ان جي برعڪس هن عالم کي ڪوڙو عڪس چيو آهي ۽ زندگيءَ جي نقشي کي سراسر باطل، دوکو ۽ فريب قرار ڏنو آهي. انهن ٻنهي عقيدن مان قرآن حڪيم جي تعليم مطابق عالم (دنيا) حقيقي آهي:
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ بِالۡحَقِّ (جاثيه:22)
الله تعاليٰ آسمان ۽ زمين کي حڪمت تحت خلقيو آهي.“
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي هيءَ چند سالن جي زندگي ئي سڀڪجهه آهي ۽ انسان جي سامهون ڪو به اعليٰ مقصد ڪونهي ۽ اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي ڪا به اهميت ڪونهي. ان جو مطلب اهو ٿيندو ته هر شخص کي اهو حق حاصل آهي ته جهڙيءَ طرح چاهي ته پنهنجي نفس جي خواهشن جي پيروي ڪري. ظاهر آهي ته اهڙي صورت ۾ لذتيت جو جذبو اڀرندو ۽ انساني تمدن اعليٰ قدرن بجاءِ نفساني خواهشن جو آئينه دار ٿي ويندو. اڄ هن ائٽمي دور ۾ نفس پرستيءَ جو سخت غلبو آهي، سيد لطيف جي هن هدايت تي غور ڪريو:
پاڻ م کڻ پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ،
لالن تني لڌ، عشق جنين جي اڳ ۾.
*
پاڻ م کڻ پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق سان اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي.
*
وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ،
هڏهن ڪونهي هيءُ، هو پڻ ڪونهي ”هن“ ريءَ.
*
فنا وجهي فهم ۾، ڪارڻ ٿي ڪباب،
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن پاڻ.
*
خواب، خيال، خطرا، تنين ڪريج ترڪ،
ڪرين غير غرق، ته مشاهدو ماڻين.
*
پوڄا ڪر پاڻ کي، جوڳي رکج جوڳ
انساني سعادت جي اها راهه ڪونهي ته انسان ظاهر کان منهن موڙي باطن ۾ ٻڏي وڃي، بلڪه کيس باطن مان نور جي ڪرڻن جا ٻڪ ڀري، ظاهر جي اصلاح ڪري، ماحول کي نوراني ڪرڻو آهي. قرآن جي نظر ۾ روحاني زندگي، مادي زندگيءَ جي دائره ڪار جي اندر ان جي بهتر ۽ زياده ترقي يافته صورت آهي. جنهن معاشري ۾ انساني تعلقات زياده هم آهنگ هجن ۽ احترام انسانيت جو جذبو، ماڻهن ۾ ڪارفرما هجي ته اهو ئي معاشرو روحاني طور تي وڌيڪ ترقي يافته آهي. اسلام جي نظر ۾ هيءَ ڳالهه قطعي غلط آهي ته انسان پنهنجي نجات ۽ سعادت خود غرضانه طور تي، ٻين انسانن جي فلاح ۽ تعلق کان بي نياز ٿي ڪري، محض رسمي ۽ ظاهري عبادت ۽ خانقاهيت سان حاصل ڪري سگهي ٿو. اسلام دنيا ۾ راهب پيدا ڪرڻ نه ٿو چاهي بلڪه اهو دنيا تي آسماني قانونن جي حڪومت چاهي ٿو. هڪ فرد جي فلاح دنيا جي سڀني انسانن جي فلاح سان وابسته آهي. اسلام چاهي ٿو ته حڪمت، ٻانهن جي قوت، ۽ اجتماعي ۽ تنظيمي قابليت سان، تمدن جي برائين کي هميشه لاءِ صاف ڪيو وڃي. انسان جي سامهون هر وقت احڪام الاهي جي تڪميل ٿئي. انسان ان نظام حيات جي پابندي ڪري جيڪو الله تعاليٰ نازل ڪيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح انسان جو غرض صرف هي آهي ته اهو هر وقت خدا تعاليٰ جي مقصدن جي طابع رهي يعني ٻين لفظن ۾ هو الله تعاليٰ جو فرمانبردار رهي.
معاشري جي زندگي فردن جي احساسن سان گهرو تعلق رکي ٿي، ان ڪري حسي زندگي اسلامي تصور حيات جو جزو آهي. اسلام نه رڳو سٺا ۽ پاڪباز انسان چاهي ٿو بلڪه پاڪيزه ماحول ۽ نوراني معاشرو پڻ چاهي ٿو.
سيد ٿو چوي:
ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ته ڪڏهن ٿجي وات،
ڪڏهن ٿجي ٻڪرو ته ڪڏهن ٿجي ڪا ت.
قدرت طرفان مومن کي ٻه تلوارون عطا ڪيون ويون آهن. هڪڙي اخلاق جي ٻي لوهه جي. شر سان جيترو ٿي سگهي اخلاقي تلوار سان مقابلو ڪجي. جيڪڏهن اخلاقي تلوار، ڪم نه ڪري ۽ مومن کي سندس زندگي وڃڻ جو خطرو هجي ته پوءِ لوهه جي تلوار کان ڪم وٺڻ قدرت جي نوراني تقاضا آهي.
سچو اخلاق ۽ حقيقي نيڪي هڪ آزاد انسان جي عمل سان شروع ٿئي ٿي ڇو ته اهو نيڪي کي غالب ڪرڻ لاءِ صبر سان تڪليفون برداشت ڪري ٿو. ان جي طاقت جبر و تشدد ۾ ختم ڪو نه ٿي ٿئي بلڪه خدمت خلق ۾ صرف ٿئي ٿي. اهو نيڪي جي قانون جي تابع ٿيندو آهي. اهو ڪنهن خارجي قوت يا اندرين حرص و حوس جو پابند ڪو نه ٿو ٿئي. اهڙو انسان خدا تعاليٰ جي قانون تي يقين رکي ٿو ۽ ان جي اطاعت ان لاءِ ڪندو آهي ته اُها سندس فطري تقاضا آهي.
وري غور ڪريو! اسلامي اخلاقيات جو بنياد عدل تي آهي، عدل جو مطالبو اهو آهي ته ڪو به شخص ظلم و ستم ۾ خودمختيار نه هجي ۽ ڪنهن کي اهو موقعو نه ڏنو وڃي ته هو قوت جي زور تي ٻئي انسان جي زندگيءَ تي ڪا ظالمانه پابندي لاڳو ڪري. جيستائين انسان زمين تي عدل قائم نه ٿو ڪري تيستائين روحاني شغلن ۽ ذڪر فڪر سان ڪو خاص فائدو پهچي ڪو نه سگهندو، عدل لاءِ وري آسماني حڪومت (دين) جو قائم ٿيڻ ضروري آهي. عدل ۽ خير خدا جون صفتون آهن. مخالف انصاف جي تصور ۾ مساوات ۽ حق پرستي جا قدر به اچيو وڃن ٿا. ان ڪري چڱائي ۽ خير کي پسند ڪرڻ، ان سان محبت ڪرڻ، ان جي فروغ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ انجي مخالف عناصرن کي پاڙ کان پٽڻ اخلاقي زندگيءَ جو هڪڙو اهم حصو آهي.
اسلام جو اخلاقي نظام هڪ نامياتي ڪل جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ سڀئي قدر پنهنجي وجود ۽ بقا لاءِ، ٻين قدرن سان وابسته آهن. ۽ اهي سڀئي قدر بحيثيت مجموعي نور جي قوت ۾ ظاهر ٿين ٿا، مطلب ته سڀئي قدر مقصد بالذات نه آهن، بلڪه اهي سڀيئي رضائي نور جي واحد نصب العين جي حصول جو ذريعو آهن. ان ڪري ڪنهن هڪڙي قدر کي محض ان قدر جي عظمت جي ڪري ٻين قدرن تي فوقيت حاصل ڪونهي. ٻين فلسفن ۾ لذت، مسرت ۽ حسن الڳ ۽ جدا قرار ڏنا ويا آهن. ليڪن اسلام انهن سڀني قدرن کي هڪ هنڌ جمع ڪري ٿو. مطلب ته اخلاق الاهي سڀني قدرن جي موثر هم آهنگي آهي.
[b]قانون ۽ اخلاق
[/b]انساني معاملات جو قانون سان گهرو تعلق آهي، ليڪن اخلاق قانون کان بالاتر آهي. اخلاق دل تي حڪومت ڪندو آهي. معاملات جو تعلق عقل جزوي سان آهي. اخلاق جو تعلق عشق (نور) سان آهي. انسان جيستائين نور جي دائري ۾ پاڻ کي بند نه ڪندو تيستائين جبلت جي دٻاءَ مان نڪري نه سگهندو. اخلاق الاهي انسان کي مٿي ئي مٿي ڇڪيندو رهندو آهي. اخلاق انسان جي باطني نور جو اظهار آهي.
اخلاق هر نافع عمل جو حڪم ڪري ٿو ۽ نقصان واري عمل کان بچڻ لاءِ چوي ٿو. ليڪن قانون جو اهو ڪم ڪونهي. قانون نافع ڳالهين جو حڪم ڪو نه ٿو ڏئي. مثلا محتاج سان سٺو سلوڪ ڪيو يا حسد جهڙين براين کي مٽايو، هوس کان بچو. اخلاق، ادنيٰ کي اعليٰ سان جوڙي ٿو. قانون جي نظر عملن جي نتيجن تي ٿيندي آهي. ليڪن اسلامي اخلاقيات، باطني بلب روشن ڪري اندروني ماحول کي نوراني ڪري ٿي. قانون جو تعلق ان ڳالهه تائين آهي ته اهو قتل ۽ چوريءَ لاءِ سزا ڏي، مگر اخلاق اهو حڪم ڏئي ٿو ته ڪنهن بري ڪم ڏانهن ڌيان ئي نه ڏيو.
اسلام جو اخلاقي نظام مجموعي طور فروغ حيات ۽ بقاءِ حيات جا سبب فراهم ڪري ٿو. خدا تعاليٰ حي ۽ قيوم آهي. ان ڪري صفت حيات جو حصول انسان جو نصب العين آهي. تنهنڪري اهي عمل، جيڪي فروغ حيات جو سبب آهن اهي خير آهن. زندگي نه فڪر محض جو نالو آهي ۽ نه لطيف تاثرات کان لطف اندوز ٿيڻ جو، بلڪه زندگي نالو آهي مقصد تائين پهچڻ جو، بلند ٿيڻ جو، مٿي چڙهڻ جو. اسلام چوي ٿو ته مسلمان اهو آهي جيڪو هڪ بهتر دنيا جي تخليق جي جستجو ڪري. حسين کان حسين تر، خوب کان خوب تر ۽ لطيف کان لطيف تر مقام جي طرف وڌي. ڪامل خير ان کانسواءِ ممڪن ڪونهي ته انسان سڀني مانع قوتن خلاف جنگ جاري رکي ۽ سڀني رڪاوٽن کي پامال ڪندو الله تعاليٰ جي راهه ۾ اڳتي وڌندو وڃي. جهاد جو مقصد اهو آهي ته حسن جي دائري کي ڦهلايو وڃي ۽ فقط آئين حق ڪيو وڃي. مجاهد خدا جو دوست ۽ ساٿي آهي. اهو تمام قوتن سان الله تعالى جي پڪار بلند ڪندو آهي.
[b]صبر جي عظمت
[/b]قرآن حڪيم صبر کي انسان جي پوري زندگيءَ تي ڦهلائي ٿو ۽ صرف چند مخصوص قسم جي خطرن، مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي مقابلي ۾ نه بلڪه هر لالچ، خوف، انديشي ۽ شيطاني خواهشن آڏو، هڪ زبردست قوت بنائي ڇڏي ٿو. قرآن حڪيم ايمان واري جي پوري زندگي صابرانه ڪرڻ چاهي ٿو. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
اِنَّ اللّٰہَ مَعَ الصّٰبِرِیۡنَ ﴿۱۵۳﴾ (البقره: 153)
”۽ بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي.“
سيد لطيف چوي ٿو:
ڏسو پاسو ڏک سين، کانڌ کٿوري هوءِ،
”والله مع الصابرين“ آگي ايئن چوءِ.
عربي زبان ۾ صبر جي معنيٰ آهي ڪنهن شخص جو ڪنهن مطلوبه شيءِ جي حصول لاءِ برابر مصروف ڪار رهڻ، ان عمل ۾ استقامت، ثابت قدمي، ڪوشش ۽ جرئت شامل آهن.
اسۡتَعِیۡنُوۡا بِالصَّبۡرِ وَ الصَّلٰوۃِ (البقره: 45)
”پنهنجي قوتن جي پوري نشوونما ۽ اعتدال و تناسب جي لاءِ صبر ۽ صلوٰة جي راهه اختيار ڪريو.“
قرآن حڪيم جو حڪم هي آهي ته انسان پنهنجي سڄي عمر صحيح طرز عمل تي قائم رهي خواه ان ۾ ڪيترا خطرا، نقصان ۽ مشڪلاتون ڇو نه هجن. هو ڪڏهن به حق جو پاسو نه ڇڏي. چاهي فائدن ۽ اميدن جو سر سبز باغ سندس آڏو ڇو نه موجود هجي. هو حقيقي رخ کان هٽڻ پنهنجي لاءِ دنيا جي سڀني مصيبتن ۽ دشوارين کان وڌيڪ دشواري سمجهي. اهو ئي صبر آهي جيڪو حيات انساني جي ڪامرانين جو راز ۽ جليل القدر انسانن جي زندگي جو عنوان آهي. جڏهن اهي حق پرست صبر جي آسماني صفت سان سينگارجي ٻاهر نڪري پوندا آهن ته پوءِ ڪا به طاقت انهن کي خدا جي اطاعت کان روڪي نه ٿي سگهي.
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اصۡبِرُوۡا وَ صَابِرُوۡا وَ رَابِطُوۡا ۟ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ لَعَلَّکُمۡ تُفۡلِحُوۡنَ ﴿۲۰۰﴾٪
(آل عمران: 200)
”اي ايمان وارو! خود صبر ڪريو ۽ مقابلي ۾ صبر ڪريو ۽ مقابلي لاءِ چُست رهو ۽ الله تعاليٰ کان ڊڄندا رهو ته اوهين پوري طرح ڪامياب ٿيو.“
زندگيءَ ۾، هر قدم تي انسان آڏو ٻه رستا اچن ٿا هڪ رستو الله تعاليٰ يعني نور، حسن ۽ خير جو رستو، ٻيو رستو آهي ڪفر ۽ نفاق جو. جنهن انسان دنيا جي هر لالچ کي ٺڪرائي، الله تعاليٰ جي حڪمن اڳيان سرجهڪايو، ان الله تعاليٰ جو رستو اختيار ڪيو ۽ جيڪو پنهنجي نفساني خواهشن جي چڪر ۾ ڦاٿو رهيو ته اهو ڪفر جي راهه تي هليو ويو.
اهو نفسيات جو اصول آهي ته انسان جي دل ۾ جنهن شيءِ جي محبت هوندي آهي اهو ان جي رنگ ۾ رڱجي ويندو آهي. جيڪڏهن مومن جي محبت الله تعاليٰ سان آهي ته پوءِ اهو الله تعاليٰ جي رنگ ۾ رنگجي ويندو. هو پنهنجي هستيءَ کي خدا نور ۾ غائب ڪندو يعني ان وٽ صرف مطلوب ئي رهندو. ڪنهن به شيءِ تي ٻيو رنگ لڳائبو ته ان جو پهريون رنگ ختم ٿي ويندو. پاڻ تي خدا جو رنگ چاڙهڻ حقيقي زندگي ۾ داخلا جي پهرين ضرورت آهي.
جنهن هڪ انسان کي قتل ڪيو ان پوري انسانيت کي قتل ڪيو:
حقيقت اها آهي ته جيڪو وجود دنيا ۾ ڪا بدي آڻي ٿو ته اهو سموري دنيا جو دشمن ٿئي ٿو ۽ جيڪو دنيا ۾ ڪا نيڪي ڦهلائي ٿو ته اهو سڄي دنيا جو سڄڻ آهي. جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي ناحق قتل ٿو ڪري. گويا ان پوري انسانذات کي قتل ڪيو، ڇو ته جز، ڪل جو حصو آهي. جيڪو ڪنهن کي پنهنجي اخلاق سان زنده ڪري ٿو گويا تمام سموري انسان ذات کي زندگي ڏئي ٿو. دنيا جا سڀ انسان هڪ ڪل جا جزا آهن. اسان ان ڪل جي بقا لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيون ٿا اهو در حقيقت اسان جي انفرادي بقا جي صورت ۾ اسان جي سامهون اچي ٿو. حقيقت اها آهي ته ڪل جو نقصان به انفرادي نقصان ئي آهي. دائمي امن حاصل ڪرڻ جو رستو هي آهي ته نيڪي سان بدي جو مقابلو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن سان بدي ڪئي وڃي ته جلد کان جلد بدلي وٺڻ جي ڪوشش ۾ انسان بدکان بدتر ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن ڪو انسان ڪنهن سان نيڪي ڪري ٿو ته ان جي معاوضي لاءِ اهو سالن ۾ به تيار نظر نه ٿو اچي. ان جي مقابلي ۾ برائي جو بدلو وٺڻ لاءِ شيطان جلدي ان تي سوار ٿي وڃي ٿو. ان وقت آسمان جا فرشتا ان جي سامهون عفو ۽ درگذر ڪرڻ جون صدائون بلند ڪندا آهن. نور جو آسماني آواز خير ۽ محبت لاءِ گونجندو رهندو آهي ته ”انسان جي دانائي غصي کي پي وڃڻ ۾ آهي.“ حقيقت اها آهي ته جيڪو برائي کي شروع ڪري ٿو ۽ جيڪو ان کي فروغ ڏئي ٿو، بدلو وٺي ٿو يعني ته اهو ان کي وڌائي ٿو.
انسان کي ادنيٰ سطح کان اڀاري اعليٰ سطح تي وٺي وڃڻ واري قوت اخلاق آهي. سچو انسان نيڪي جي تابع ٿيندو آهي. اهو ڪامل انساني مساوات جو زنده نمونو ۽ مشيت الاهي جو مظهر ٿيندو آهي. اهڙو انسان اخلاقي قوت تي يقين رکي ٿو ۽ ان جي اطاعت ان لاءِ ڪندو آهي ته اهو ان جي روحاني فطرت جو قانون آهي. اعليٰ اخلاق ئي ڪمال (الله) تائين پهچڻ جو ذريعو آهي. اخلاق جيترو آسماني هوندو. مقصد، (خدا، ڪمال) اوترو جلدي ملندو.
[b]اخلاق ۽ مقصد جو تعلق
[/b]انسان جي اخلاقي حالت جو تعين ڪرڻ لاءِ اسان صرف اهو ئي ڪو نه ڏسندا آهيون ته ان جي عقل ۽ بصيرت جو ڪهڙو حال آهي يا ان کي جذبات ۽ نفس تي ڪيترو ڪنٽرول آهي بلڪه اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته زندگيءَ جو مقصد ڪهڙو آهي ۽ هو ڪهڙن غرضن لاءِ پنهنجون قوتون ۽ توانايون صرف ڪري ٿو. جيڪڏهن انسان جو مقصدِ زندگي پست آهي ته اخلاق به پست ٿيندو ۽ جي ان جو مقصد آسماني آهي ته پوءِ ظاهر آهي ته ان جو اخلاق به آسماني ٿيندو. مثال طور اسان جو مقصد هي آهي ته سياسي اقتدار حاصل ڪريون ته رپئي پئسي جي خواهش، ماڻهن کي پنهنجي طرف آڻڻ جي خواهش، مقصد ته اهي سڀ خواهشون انهيءَ نصب العين جي چوڌاري هڪ خاص ترتيب سان اهڙيءَ طرح جمع ٿي وينديون جي سڀيئي ملي ان هوس اقتدار جي جذبي جون خدمتگذار ٿي وينديون. جيستائين اسان جي غالب خواهش، باقي سڀني خواهشن تي حڪمران هوندي ته اها انهن کي مطيع ۽ فرمانبردار بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ اوتريقدر اسان جي سيرت ۽ ڪردار ۾ پختگي ايندي.
اخلاق ضابطه حيات آهي. اسان بهتر اخلاق سان ئي بهتر تعمير ڪري سگهئون ٿا. ان ڪري اسان کي خواهشن کان غير مشروط طور تي مغلوب ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي. اهو ڪم ڏکيو ضرور آهي. انڪري مشهور ٿي ويو آهي ته اخلاق خواهشن جي بلڪل ابتڙ آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اخلاق، خواهشن جي ڇڙواڳي جي خلاف آهي. Robert Braiffault پنهنجي ڪتاب The Making of Humanity ۾ اخلاق متعلق لکي ٿو:
”جيڪڏهن انسان ڪڪرن جي مٿان اڏامڻ لڳي ته ان جو مقصد اهو ڪو نه ٿيندو ته انسانيت جي سطح به اوتري ئي بلند ٿي وئي آهي. نه ئي وري سو ميل في ڪلاڪ جي رفتار جي معنيٰ ترقي آهي. جيڪڏهن انسان ستارن کي ٽوڙڻ جي قابل ٿي وڃي ۽ علمن ۽ فنن جي وسيع ميدان ۾ گهوڙا ڊوڙائي تڏهن به ان جي ذاتي جوهر ۾ ڪا به تبديلي ڪو نه ٿي اچي سگهي. انساني معاملات ڏاڍا گهرائي وارا ٿيندا آهن. قوت، تمدن ۽ فڪر سڀ بي معنيٰ آهن جيڪڏهن انهن سان گڏ اخلاقي برايون به شامل آهن. اهو صحيح پيمانو جنهن سان دنيا جي قدر و قيمت کي ماپيو وڃي ٿو اهو اخلاقي پيمانو آهي.“ (صفحو 257)
انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”توهان ٻڌي چڪا آهيو ته چيو ويو هو ته اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند، ليڪن مان توهان کي اهو چوان ٿو ته شرير جو مقابلو نه ڪجو بلڪه جيڪڏهن ڪو تنهنجي ساڄي ڳٽي تي چماٽ هڻي ته ٻيو به ان جي طرف ڦير..... (متي 5؛31)
”توهان ٻڌي چڪا آهيو ته پنهنجي پاڙيسري سان محبت رک ۽ پنهنجي دشمن سان عداوت، ليڪن مان توهان کي اهو چوان ٿو ته پنهنجي دشمن سان محبت رک ۽ ستائڻ وارن جي لاءِ دعا ڪريو.“
(متي 5؛43-45)
حضرت مسيح جتي به ائين چيو آهي ته پنهنجي دشمن سان پيار ڪريو ته يقينن ان جو مطلب هي نه هو ته هر انسان کي گهرجي ته پنهنجي دشمن جو عاشق ٿي پوي، بلڪه ان جو سنئون سڌو مطلب اهو هو ته توهان ۾ ڪاوڙ، غصي، ۽ نفرت جي جاءِ تي رحمت ۽ محبت جو پرجوش جذبو هجڻ گهرجي. يا مثلن هن ائين چيو هو ته ”جيڪڏهن ڪو توهان جي هڪ ڳٽي تي چماٽ وهائي ڪڍي ته توهان پنهنجو ٻيو ڳٽو اڳتي ڪريو“ ڇا انهيءَ جو واقعي ئي اهو مطلب هيو ته اوهان سچ پچ پنهنجو ٻيو ڳٽو اڳتي ڪريو يا مطلب هي هو ته پنهنجي اندر معاف ڪري ڇڏڻ ۽ درگذر ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪريو.
سيد لطيف چوي ٿو:
سڻي ويڻ ڪنن سين، ورائج م وري،
هاديءَ جي هدايت جي، آهي ايءُ ڳري،
تن سڄي ساهه سري، جن ماريو نفس ماٺ سين.
*
پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
*
چپ ڪر، چپ م چور، پور اکيون ڍڪ ڪن،
ته هو جا مورت منجها ران من، تنهن جو مشاهدو ماڻين.
يسوع مسيح جا شاگرد وٽس آيا ۽ هو پنهنجي زبان کولي انهن کي هيئن تعليم ڏيڻ لڳو.
”مبارڪ آهن اهي جي دل جا غريب آهن، ڇو ته آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي. مبارڪ آهن اهي جي غمگين آهن، ڇو ته انهن کي تسلي ملندي،مبارڪ آهن اهي جي عليم آهن، ڇو ته اهي زمين جا وارث ٿيندا. مبارڪ آهن اهي جيڪي راستبازيءَ جا بکيا ۽ پياسا آهن، ڇو ته اهي آسودا ٿيندا. مبارڪ آهن اهي جيڪي رحمدل آهن، ڇو ته انهن تي رحم ڪيو ويندو. مبارڪ آهن اهي پاڪ دل ڇو ته اهي خدا کي ڏسندا. مبارڪ آهن اهي جيڪي صلح ڪرائن ٿا، ڇو ته اهي خدا جا فرزند سڏبا. مبارڪ آهن اهي جيڪي راستبازيءَ جي سبب ستايا ويا آهن، ڇو ته آسمان جي بادشاهت انهن جي ئي آهي.“ (مت 1:5-10)
انجيل پاڪ جي مٿين آيتن مان صاف معلوم ٿئي ٿو، سيدنا يسوع مسيح انسان کي اها هدايت ٿو ڪري ته هو پنهنجي اندر (ڪامل ٿيڻ لاءِ) خدا تعاليٰ جون صفتون اجاگر ڪري.
قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو
خُذِ الۡعَفۡوَ وَ اۡمُرۡ بِالۡعُرۡفِ وَ اَعۡرِضۡ عَنِ الۡجٰہِلِیۡنَ ﴿۱۹۹﴾ ( الاعراف:199)
”سرسري هلت کي قبول ڪندا ڪريو ۽ نيڪ ڪم جي تعليم ڏيندا ڪريو. ۽ جاهلن کان پاسو ڪريو.“
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
فَاصۡفَحِ الصَّفۡحَ الۡجمِیۡلَ ﴿۸۵﴾ (الحجر ۸۵)
”سو اوهان چڱيءَ طرح درگذر ڪريو.“
سيد چوي ٿو:
چڱا ڪن چڱايون، مٺائيون مُٺن،
جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ الۡکٰظِمِیۡنَ الۡغَیۡظَ وَ الۡعَافِیۡنَ عَنِ النَّاسِ ؕ وَ اللّٰہُ یُحِبُّ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿۱۳۴﴾ۚ (آل عمران- 134)
”غصي تي ضبط ڪرڻ وارا ۽ انسانن جون خطائون بخشڻ وارا، ۽ الله جي محبت انهن لاءِ آهي جيڪي (اهڙو) احسان ڪرڻ وارا آهن.“
ٻئي هنڌ نوراني صفتن جو اظهار هيئن ٿيو آهي:
وَ الَّذِیۡنَ صَبَرُوا ابۡتِغَآءَ وَجۡہِ رَبِّہِمۡ وَ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اَنۡفَقُوۡا مِمَّا رَزَقۡنٰہُمۡ سِرًّا وَّ عَلَانِیَۃً وَّ یَدۡرَءُوۡنَ بِالۡحَسَنَۃِ السَّیِّئَۃَ اُولٰٓئِکَ لَہُمۡ عُقۡبَی الدَّارِ ﴿ۙ۲۲﴾ (الرعد- 22)
“۽ جن ماڻهن الله تعاليٰ سان محبت ۾ (تلخي ۽ ناگوري) برداشت ڪئي ۽ برائي جو جواب برائي سان نه، بلڪه نيڪي سان ڏنو ته يقين ڪريو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت جو بهترين سامان آهي.“
سيد لطيف به ساڳي نوراني مشعل سان انساني ڪائنات جي جسمن کي روشن ڪيون بيٺو آهي.
هو چوني تون م چؤ، واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪينڪي.
*
اڻ چوندن م چؤ، چوندن چيو وسار،
اٺئي پهر ادب سين، پَرِ اهائي پار،
پايو منهن مونن ۾، غربت سان گذار،
مفتي منجهه وهار، ته قاضي ڪانيارو نه ٿئين.
مولانا مودودي اخلاق بابت لکي ٿو:
”انسان جو پنهنجي ۽ ڪائنات جي متعلق جيڪو تصور هوندو ته زندگيءَ ۾ ان جو ورتاءُ به انهيءَ تصور جي مطابق ٿيندو ۽ انهيءَ نظريه اخلاق جي مطابق انساني زندگيءَ جي مختلف شعبن جي تشڪيل ٿيندي. پوءِ ان سانچي جي اندر انفرادي سيرت و ڪردار ۽ اجتماعي تعلقات و معاملات جا قانون پنهنجي تفصيلي صورتون اختيار ڪندا ۽ آخرڪار تمدن جي پوري عمارت انهن ئي بنيادن تي تعمير ٿيندي. دنيا ۾ انساني زندگيءَ لاءِ جيترا به مذهب ۽ مسلڪ ٺهيا آهن، انهن سڀني کي بهرحال، پنهنجو هڪڙو اساسي نظريه اخلاق مرتب ڪرڻو پيو آهي ۽ اصولن کان وٺي ننڍن ننڍن جزن تائين، هڪ مسلڪ کي، ٻئي مسلڪ کان جيڪا شيءِ ممتاز ڪري ٿي ته اهو ئي اخلاقي نقطه نظر آهي ۽ اهو ان جي قالب ۾ روح جي حيثيت رکي ٿو.“
[b]زنا فنا آهي
[/b]انسان معاشرتي رشتن ۾ جڙيل آهي. اهي رشتا زنده شاخون آهن. جيڪڏهن هڪ شاخ به ڪمزور ٿي وڃي ته ان جو اثر پوري معاشري تي پوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح پوري زندگي مهڪڻ بدران مرجهائجي وڃي ٿي. جنهن اجتماعي ۽ سماجي رابطي ۾ پوري انسانذات جڪڙيل آهي، ان کان ڪو به فرد، ڪنهن به حال ۾ ۽ ڪنهن مخصوص جڳهه تي رهندي به انهن کان جدا ڪونهي.بند ڪمرن جي اندر به، اهو اهڙيءَ طرح جماعتي زندگي سان واسطو رکي ٿو جيئن بازار يا محفل ۾ ان جا رشتا آهن. مرد، جنهن وقت اڪيلائپ ۾ پنهنجي قوت هڪ عارضي ۽ غلط نتيجي واري عمل (زنا) جي لطف اندوزي ۾ ضايع ڪري ٿو ته گويا هو اجتماعي زندگيءَ جي آسماني مقصد ۾ بدنظمي ڦهلائي رهيو آهي ۽ ايندڙ نسل جي پاڪيزگي ۽ نورانيت جي حق تلفي ڪري رهيو آهي. سندس اهو عمل شر ٿي وڃي ٿو ۽ جماعت اندر بيشمار اخلاقي، مادي ۽ تمدني نقصان پهچائي ٿو. غور جو مقام آهي ته انسان تيستائين هميشه جي زندگي ۾ داخل ٿي ڪو نه سگهندو جيستائين هو پاڪيزگي اختيار نه ڪري. ان خطرناڪ عمل کان بچڻ لاءِ ان جي ترغيب ڏيندڙ فحاشيءَ جي هر صورت کان بچڻو آهي ۽ معاشري مان ان کي خَم ڪرڻو آهي:
وَ لَا تَقۡرَبُوا الۡفَوَاحِشَ مَا ظَہَرَ مِنۡہَا وَ مَا بَطَنَ ۚ(انعام- 151)
”توهان فواحش جي ويجهو نه وڃو، چاهي ظاهر هجن يا لڪل.“
خواهشن جي بي راهه روي، عقل تي غالب اچي وڃي ته حيوانيت آهي ۽ عقل، خواهشن جي بي راهه روي تي قابو پائي ته انسانيت آهي. جيڪڏهن اسان ظاهري آزادي تائين پاڻ کي محدود رکيو ۽ سامهون تمام منفي خواهشن کي اڀارڻ وارا عناصر رکيا ويا ته پوءِ اها آزادي نه پر آزاديءَ جو موت آهي. وري غور ڪريو. زندگيءَ جو حسن عوام جي پر خلوص ۽ بي لوث معاشرتي رشتن مان جنم وٺي ٿو. اخلاق جون ٻه سطحون آهن: هڪ معمولي (زميني) سطح ۽ ٻي برتر ۽ آسماني سطح. زميني اخلاق اهو آهي ته ماڻهوءَ جو اخلاق، جوابي اخلاق هجي، مثلاً جيڪو مون سان جيئن ڪندو مان به ان سان ائين ئي ڪندس. يعني اهو اصول ته جيڪو مون کان ڪٽي مان به ان کان ڪٽجي وڃان، جيڪو شخص مون تي ظلم ڪري مان به ان تي ظلم ڪيان. جيڪو مون سان برائي ڪري ته مان به ان جي لاءِ برو ٿي وڃان. اها ئي اخلاقيات آهي. جيڪا هر دور ۾ انسان تي ڇانيل رهي آهي. علامه مشرقي پنهنجي هڪ مضمون ۾ انسان جي نفسيات تي لکندي چوي ٿو:
”انسان ايٽم جو سينو چاڪ ڪيو آهي پر سندس جبلتون اڄ به وحشي آهن. پنهنجي قومي عصبيتن، گروهي مرضن، مادي خواهشن ۽ نسلي امتياز جي مقابلي ۾ بي وس نظر اچي رهيو آهي. دنيا ۾ تعليم و تربيت جا ڪيترا ادارا آهن. ليڪن اڄ به انسان ادنيٰ مفادن ۽ معمولي منافعي خاطر حقيقي انساني مفاد کي قربان ڪري رهيو آهي. سياست ۾ مڪرو فريب جا اهي ئي هٿيار، جيڪي صدين کان زير استعمال آهن، اڄ به بين الاقوامي سياست ۾ ڪم اچن ٿا. قومن جي باهمي منافرت ۽ عداوت اڄ به اهڙيءَ طرح قائم آهي، جهڙي طرح ماضيءَ ۾ قائم هئي. مذهبن ۽ ملتن جي داخلي زندگيءَ ۾ ادنيٰ جذبات ۽ پستيءَ جو اهو ئي عالم آهي جيڪو هميشه کان هو. فردن جون سڀئي اخلاقي خرابيون اجتماعي سطح تي اڄ به اهڙيءَ طرح ئي موجود آهن، جيئن دور قديم ۾ موجود هيون. الوهيت جي طرف وٺي وڃڻ واري علم (سائنس) کي هلاڪت لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.“
(راولپنڊي ۾ هڪ تقرير)
تازو هڪڙو ڪتاب شايع ٿيو آهي. ڪتاب جو نالو آهي
2020 World in ان ڪتاب جو مصنف Hamesh mekae لکي ٿو:
”سن 2020 تائين سائنس ان قابل ٿي ويندي جو ماڻهو بريف ڪيس ۾ ائٽم بم کي ائين کڻي گهمندو جيئن هن وقت ٽائيم بم کڻي گهمي ٿو.“
هاڻي اندازو لڳايو ته اهڙي دنيا جتي دولت پرستي، نسل پرستي ۽ نفس پرستي وغيره انسان کي انسان جو شڪاري بڻائي ڇڏيو آهي، جتي بريف ڪيس ايٽم بم سان ڀريل هجي، جتي بدلي وٺڻ ۽ جارحيت جي نفسيات ڇانيل هجي، اهڙي حالت ۾ زمين تي زندگيءَ جو ڪهڙو حشر ٿيندو، صاف ظاهر آهي ته پوري عالم انسانيت کي باهه جي اجتماعي قبر ۾ دفن ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ان مشڪل صورتحال مان خدا (مشيت ڪل) ئي انسان کي ڪڍي سگهي ٿو. يعني آسماني اخلاق ئي انسان کي تباهي کان بچائي سگهي ٿو.انسان کي ڪامل ٿيڻو پوندو، يعني انسان کي گهرجي ته پنهنجي عمل ۾ خدائي صفات جو جلوو آڻي ۽ آسماني اخلاق جو مظاهرو ڪري. آسماني اخلاق جو هڪڙي جهلڪ ڏسو:
”توهان ٻڌي چڪا آهيو ته چيو ويو هو ته پنهنجي پاڙيسري سان محبت رک ۽ پنهنجي دشمن سان عداوت ليڪن مان توهان کي چوان ٿو ته پنهنجي دشمن سان محبت رکو ۽ ستائڻ وارن لاءِ دعا ڪريو ته جيئن توهان پنهنجي پيءُ جا، جيڪو آسمان تي آهي، ٻار ٿيندؤ. ڇو ته اهو پنهنجي سج کي نيڪن ۽ بد ماڻهن ٻنهي تي چمڪائي ٿو ۽ راستبازن ۽ ناراستن؛ ٻنهي تي مينهن وسائيندوآهي. جي توهان صرف محبت رکڻ وارن سان ئي محبت رکو ته توهان لاءِ ڪهڙو اجر آهي؟ ڇا محصول وٺڻ وارا به ائين ڪو نه ٿا ڪن ڇا؟ ۽ جي توهان صرف پنهنجي ڀائرن کي ئي سلام ڪيو ته ڇا گهڻو ڪيو. ڇا غير قومن جا ماڻهو به ائين ڪو نه ٿا ڪن؟ توهانکي گهرجي ته ڪامل ٿيو جيئن توهان جو آسماني پيءُ ڪامل آهي.“ ( متي 5؛43-48)
انسان جي ادنيٰ ۽ اعليٰ زندگي ۾ توافق پيدا ڪرڻ جو نالو اخلاق آهي. در حقيقت خدا تعاليٰ ۾ فنا ٿيڻ جو نتيجو به اعليٰ (الاهي) اخلاق جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. سچو انسان نيڪي جي قانون کي سامهون رکندو آهي. ڪنهن ڪنڊن پوکڻ واري جي مقابلي ۾ توهان به ڪنڊا پوکيا ته پوءِ زمين (اڄ وانگر) ڪنڊن سان ڀرجي ويندي. ظاهر آهي ته انهن ڪنڊن جي نقصان کان ڪو به بچي نه سگهندو. سچو انسان، ڪامل انساني مساوات جو زنده نمونو ۽ مشيت الاهي جو مظهر ٿيندو آهي. جڏهن وحشت هر شخص کي ديوانو بنائي ڇڏي ۽ ظلمت، روح جي نورانيت تي ڇانئجي وڃي، هر خنجر ۽ تلوار خون وهائڻ لڳي، يعني هر طرف خون جو بدلو خون ۽ انتقام جو بدلو انتقام هجي ۽ اها چريائپ رڪجڻ جو نالو ئي نه وٺي ته پوءِ ان جو خاتمو سواءِ معافي جي ٻيو ٿي نه ٿو سگهي. آسمان انسان کي انتقام جي نفسيات مان ڪڍڻ گهري ٿو.
انسانذات کي زندگيءَ جي مقصد (خدا، ڪمال) تائين وٺي وڃڻ لاءِ، سواءِ ان جي ٻيو ڪو به رستو ڪونهي ته شرکي اڀرڻ جو موقعو ئي نه ڏجي. ننڍا ننڍا تنازعا ڀيانڪ صورت اختيار ڪن ٿا. جڏهن توهان ڪنهن اشتعال جي جواب ۾ جذباتي ڪارروائي ڪيو ٿا ته توهان جو ذهن ان وقت متاثر ٿيندو آهي. توهان آسماني ٿيڻ بجاءِ اڃان به زميني ٿي وڃو ٿا. خدا تعاليٰ جي هدايت ان وقت توهان جي مدد لاءِ پهچي ٿي ۽ قدرت جي ان قانون کي سامهون آڻي ٿي ته ٽچڪندڙ جذبات جي بجاءِ نيڪي جي قانون تي عمل ڪيو وڃي.
اونداهيءَ کي اونداهيءَ سان زائل ڪري ڪو نه سگهبو، اهو ڪم صرف روشني ئي ڪري سگهي ٿي. نفرت کي نفرت سان نه بلڪه محبت سان مٽائي سگهجي ٿو. محبت نور آهي ۽ نفرت ظلمت، محبت بقا ۽ نفرت فنا آهي. محبت، ظلمت تي نور جي فتح آهي ۽ نفرت، روح تي ظلمت جو قبضو. خدا تعاليٰ انسان کي رد عمل ۽ جارحيت جي نفسيات کان دنيا کي پاڪ ڏسڻ چاهي ٿو.
مخالف جي دل کٽڻ لاءِ سڀ کان وڏو آسماني حربو هي آهي ته ڪردار جي نوراني لٺ سان ان تي حملو ڪيو وڃي. ڪردار جي حملي اڳيان ڪو به بيهي ڪو نه سگهندو. مخالف جي روح کي فتح ڪرڻو پوندو. ڪردار ئي تسخيري قوت آهي.
آسماني اخلاق جي صفت انسان کي اعليٰ ترين روحاني مقام تي فائز ڪري ٿي ۽ اهڙيءَ طرح انسان پنهنجي اندر پاڪيزگي، جرئت، شرافت ۽ سچائي آڻڻ تي قادر آهي. دنيا ۾ انبياءَ، آسماني آواز ذريعي، انسانذات کي مٿي ڇڪڻ لاءِ ايندا رهيا، پر انسان پستين سان اهڙو ته پيار جو ڀاڪر پاتو آهي، جو هن کان بلنديون ئي وسري ويون آهن. قدرت انسان کي جهوليون ڀري ڏيڻ چاهي ٿي ليڪن انسان تمام ٿوري تي راضي ٿي ويو آهي:
وَلَوْ شِئْنَا لَرَفَعْنٰہُ بِہَا وَلٰکِنَّہٗۤ اَخْلَدَ اِلَی الۡاَرْضِ وَاتَّبَعَ ہَوٰىہُ ۚ (اعراف: 176)
”اسان چاهيون پيا ته پنهنجي قانون مشيت جي مطابق (انسان کي) بلندي عطا ڪيون ليڪن هو ته پستين سان چنبڙي پيو .“
انسان کي ناري خواهشن کان آزادي وٺڻي آهي. روح کي مادي گندگين کان پاڪ ڪرڻو آهي پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ اخلاق جو حصو آهي ۽ صلاحيتن کي تباهه ڪرڻ وڏي بداخلاقي آهي. هڪ مشهور حديث پاڪ آهي:
تخلقوا باخلاق الله—پاڻ ۾ الاهي اخلاق پيدا ڪيو.
ٿورو غور ڪريو، ڪائنات ۾ نور ئي نور يعني الله ئي الله آهي. خدا تعاليٰ پنهنجو اظهار هڪ نظام (خارجي ڪائنات) جي صورت ۾ ڪيو آهي. اهي قدرتي قانون، جن ۾ ڪائنات جڪڙيل آهي، سي جبري آهن ليڪن اهي ئي قانون انسان لاءِ اخلاقي ٿي وڃن ٿا. ڇو ته:
فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا (روم:30)
”اها الله تعاليٰ جي ئي فطرت آهي جنهن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو ويو آهي.“
ڪائنات جا سڀ جسم هڪ مرڪز جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن. قدرت جو اهو قانون، انسان لاءِ اختياري ٿي وڃي ٿو. يعني دنيا ۾ رهندڙ سڀني انسانن لاءِ اهو اخلاقي حڪم آهي ته اهي سڀ هڪ مرڪز تحت اچن، هڪ عالمي حڪومت قائم ڪن.
قرآن شريف جي هن آيت تي غور ڪريو:
مِنۡ شَرِّ مَا خَلَقَ ۙ﴿۲﴾ (فلق2)
”جيڪي ڪجهه پيدا ڪيو ويو آهي ان جي شر کان حفاظت.“
شر، خير جو ضد آهي. ان مان مراد هر اها شيءِ آهي، جيڪا انسان جي طبيعت جي مطابق نه هجي، يا اها انهن جي مادي ۽ روحاني ضرورتن لاءِ روڪ ٿي پوي. قدرتي آفتون، زلزا، ٻوڏون، طوفان، تباهي آڻيندڙ بارش، سونامي، ٻرندڙ جبل وغيره، اهي شرجا سڀيئي خلقي روپ آهن. پاڻي درياءَ جي ڪنارن اندر وهي ته خير آهي ليڪن جيڪڏهن اهو ڪنارن کان نڪري سيلاب جي شڪل ۾ اٿلي پوي ته پوءِ ”شر“ جو سبب ٿيندو آهي. هوا نرمي سان هلي ته خير آهي. ليڪن جڏهن طوفان جي شڪل وٺي ته تباهي ٿي وڃي ٿي. انسان باهه مان بي شمار فائدا حاصل ڪري ٿو ليڪن جڏهن اهائي باهه جهوپڙن ۽ گهرن کي وڪوڙي ته عذاب آهي. مطلب ته شر جي معنيٰ ٿيندي صلاحيتن ۽ توانائين جو ضايع ٿيڻ. ان جي ابتڙ خير اهو آهي جيڪو تعميري آهي. خدا تعاليٰ چاهي ٿو ته انسان شر جي انهن آفتن تي غالب اچي ۽ ڪائنات جي تسخير ڪري. قرآن حڪيم جي هن آيت پاڪ تي غور ڪريو:
وَ سَخَّرَ لَکُمۡ مَّا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الۡاَرۡضِ جَمِیۡعًا مِّنۡہُ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّقَوۡمٍ یَّتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۱۳﴾ (جاثيه؛13)
”اي انسانو! جو ڪجهه زمين ۽ آسمانن ۾ آهي سڀ جو سڀ (خدا) توهان جي لاءِ مسخر ڪيو آهي بيشڪ ان پيغام ۾ سوچڻ واري قوم لاءِ ضرور ڪيتريون ئي هدايتون آهن.“