ايمان ڇو ضروري آهي؟
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر ۾ آذر آهين.
هڪڙو شخص ڪنهن اڻ ڏٺل شهر ۾ پهچي ٿو. ان کي منزل تائين پهچڻ لاءِ رستي جي خبر ڪونهي. ظاهر آهي ته رستو ڪنهن اهڙي شخص کان پڇندو، جيڪو ان رستي کان واقف هوندو. رستو معلوم ڪرڻ کان پوءِ، اهو ماڻهو منزل مقصود تائين پهچڻ لاءِ، انهيءَ ٻڌايل رستي تي ڀروسي ۽ اطمينان سان هلندو رهندو، جيڪو رستو، ڄاڻ واري ماڻهو کيس ٻڌايو آهي. ان ٿڌي ۽ پرسڪون ڀروسي کي ايمان چئبو آهي.
عربي زبان ۾ ”اَمَنُ“ جي مفهوم ۾ هي اچي ٿو ته ڪنهن کي بي فڪر ۽ مطمئن ڪري ڇڏڻ، ان جي حفاظت جي ذميداري پنهنجي سر تي کڻڻ. ”مومن“ يعني امن جي ضمانت ڏيڻ وارو، جنهن تي ڀروسو ڪري انسان بي فڪر ۽ محفوظ ٿي وڃي. ”امانت“ اها شيءِ جيڪا ڪنهن جي ڀروسي تي ڏني وڃي. ”امين“ مان مراد آهي بي خوف ۽ مطمئن ڪندڙ، جنهن کي، قابل اعتماد سمجهيو وڃي ۽ جنهن تي ڀروسو ڪيو وڃي. ”بلدٌ امين“ جنهن شهر ۾ امن ۽ حفاظت هجي. ”مقام امين“ يعني جنهن مقام تي پورو پورو اطمينان ۽ حفاظت جو سامان هجي. قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
انی لکم رسول امین (شعراء: - ۱۲۲)
”مان توهان جي لاءِ رسول امين آهيان.“
سورت بقره ۾ آيو آهي:
فَاِنۡ اَمِنَ بَعۡضُکُمۡ بَعۡضًا (البقره-283)
”جيڪڏهن توهان هڪٻئي تي اعتماد ڪريو.“
ٻئي هنڌ آيو آهي
کُلٌّ اٰمَنَ بِاللّٰہِ (البقره-285)
”يعني سڀني ايمان آندو آهي الله تي“
مٿين سڀني آيتن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته ”امن“ جو لفظ اعتبار، ڀروسي ۽ يقين اچڻ جي مفهوم ۾ استعمال ٿيو آهي. ايمان آڻڻ ۾ هيٺين سڀني ڳالهين جو دخل ٿئي ٿو:
1. ”يقين ڪرڻ“ مڃڻ، تسليم ڪرڻ، انڪار نه ڪرڻ.
2. تصديق ڪرڻ يعني ان جي سچي هجڻ جو اقرار ڪرڻ.
3. تڪذيب نه ڪرڻ، اعتماد ۽ ڀروسو ڪرڻ.
4. ڳالهه مڃڻ ۽ اطاعت ڪرڻ.
انسان هن دنيا ۾ هڪ اڻ ڄاڻ مسافر وانگر اچي ٿو. کيس هر وقت ايمان جي ضرورت آهي. ڪائنات جي حقيقت تي غور ڪريو. ڇا توهان کي ڄاڻ آهي ته ڪائنات ڪيئن تخليق ٿي؟ ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪائنات ۾ انسان جو مقام ڪهڙو آهي؟ ڇا توهان کي اهو پتو آهي ته زندگيءَ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ مطلب ته قدم قدم تي توهان کي هي ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته صحيح ڇا آهي ۽ غلط ڇا آهي. حق ڇا آهي ۽ باطل ڇا کي ٿو چئجي. ڪهڙي عمل ۾ حقيقي فائدو آهي ۽ ڪهڙي عمل ۾ نقصان. اهو علم جيڪڏهن توهان پنهنجي اندر ۾ تلاش ڪندؤ ته اتي ڪو نه ملندو، اهي ڳالهيون ڪنهن اهڙي انسان کان معلوم ٿي سگهن ٿيون جيڪو حقيقت ڪلي ڄاڻندو هجي، جيڪو راهه ۽ منزل کان واقف هجي.
انسان مختلف قوتن جي ڪشش ۾ رهي ٿو. خواهشون هڪ طرف ڇڪين ٿيون ته صحبتون ٻئي طرف. ان کانسواءِ مختلف موروثي ۽ ماحولياتي اثرات پنهنجو ڪم ڏيکارين ٿا. جيڪڏهن انسان پنهنجي غرضن کي محدود ۽ نصب العين کي معين نه ڪري ته اهي قوتون کيس منتشر ڪري ڇڏينديون ۽ نتيجي ۾ هو بي مقصد ۽ بي مراد رهجي ويندو. انڌي جو انڌي جي پويان هلڻ ٻنهي جي بربادي جو باعث ٿيندو. ان ڪري اهو ضروري آهي ته انسان جي سامهون اعليٰ مقصد هجي ۽ انسان ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري. ان تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي سڀني عملن جو رخ ان طرف ڦيري ڇڏي. انسان هن دنيا ۾ ان ڪپتان وانگر آهي، جيڪو موج در موج، درياءَ ۾ ٻيڙي هلائيندو هجي. اهو ٻيڙي کي ان وقت تائين پار ڪو نه لڳائي سگهندو، جيستائين ڪناري کان واقف نه هجي، ۽ ان تائين پهچڻ لاءِ ڪو نقشو نه تيار ڪيو هجيس. ٻيءَ حالت ۾ هو منزل کان هٽي ويندو ۽ ان جي ٻيڙي طوفان حوالي ٿي ويندي، نتيجي ۾ هو زندگيءَ ئي وڃائي ويهندو.
هر ظاهر سان هڪڙو غائب به ٿيندو آهي. انسان حاضر آهي ليڪن ان جي حقيقت غائب. پوءِ ڇا انسان جي ڪا حقيقت آهي ئي ڪو نه؟ توهان ڪائنات تي غور ڪريو. علم جي جدا جدا شاخن جو مطالعو ڪيو، هر علم جي شاخ حاضر کان غيب جي طرف وڌندي آهي. انسان جي فطرت آهي ته اهو حاضر مان مطمئن ڪو نه ٿيندو آهي، بلڪه اڳتي وڌڻ چاهي ٿو. ايمان شعوري کوجنا جي ان اطمينان بخش تڪميل جو نالو آهي. قرآن حڪيم ان ايمان جو متقاضي آهي ته انسان پنهنجي موجوده تجربي کي حقيقت ڪلي جو درجو نه ڏئي ۽ اهو ايمان رکي ته غائب، حاضر سان متضاد نه آهي ۽ هر حاضر هڪ غائب جي طرف اشارو ڪري ٿو، جنهن جون ڪڙيون حاضر سان مليل آهن. تمام حڪمت، حاضر کان غيب طرف وڌڻ واري حرڪت آهي.
سائنس جي دريافت ڪيل قانونن جي صحت جو معيار به اهو آهي ته حاضر جو علم، غيب سان رشتو رکي ٿو. زندگي ۽ ڪائنات جون حقيقتون الله تعاليٰ، پيغمبرن جي سيني تي ڪلي طور نازل ڪندو آهي. عام انسان کي انهن حقيقتن تائين پهچڻ ۾ ڏاڍي دير لڳندي آهي. مثلا اڄ کان چوڏهن صديون اڳ قرآن حڪيم چيو ته مادي جي اصليت نور آهي. الله نور السموات والارض سائنسدانن تجربيگاهن ۾، ڪم ڪندي، ايتري وقت کان پوءِ اوڻويهين صديءَ ۾ انهن لفظن جي تصديق ڪئي. جڏهن ته اصحابن سڳورن ان وقت هن ڪائنات کي پنهنجي بصيرت جي نور سان ڏٺو ۽ ان آيت سڳوريءَ تي ايمان آندو، جڏهن ڪي به سائنسي ايجادون عمل ۾ ڪونه آيون هيون.
سائنس ۾ استدلال، قطعيت جي طلب ڪري ٿو. هر اها ڳالهه جيڪا قطعي نه هجي ۽ واقعات ان جي تصديق نه ڪن ته سائنس ان کي ناقابل ثبوت ڄاڻي رد ڪري ڇڏي ٿي. توهان ماضيءَ کي جاچي سگهو ٿا ان کي تحليل ۽ تجزيه جي ڪسوٽيءَ تي آڻي سگهو ٿا ۽ اهڙيءَ طرح حال جو مطالعو به وڏي صحت سان ڪري سگهو ٿا. ليڪن توهان جڏهن به مستقبل تي ايندؤ ته سائنسي تحليل جو ڪو به ماهر رهبريءَ جو فرض ادا ڪري ڪو نه سگهندو يا هو اهڙا قائدا ٻڌائي ڪو نه سگهندو جن جو بنياد يقين مطلق تي هجي. ان ڪري اهي سڀئي عمل، جن جو تعلق مستقبل سان ٿيندو آهي تن ۾ ”ايمان“ جو دخل ٿيندو آهي. ايمان، ”علم ڪلي“ تي يقين ڪرڻ جو هڪڙو آسماني نور آهي.
جڏهن رسول عربي ﷺ قرآن حڪيم جو پيغام عربن جي سامهون پيش ڪيو ته ان وقت ايمان ئي کين پنهنجن حقن سان آشنا ڪيو ۽ اهو ايمان ئي هو جنهن کين فرض کان آگاهيءَ جو سامان پيدا ڪيو. ان ڪري قدرتي طور ايمان، مسلمانن کي قوت جا خزانا عطا ڪيا. اهو ايمان ئي مضبوط بنياد هو جنهن تي مستقل ۽ پائيدار قدرن جو هڪڙو عاليشان محل تعمير ٿي سگهيو ۽ اها ئي قوت هئي جنهن مسلمانن کي چمڪايو.
ايمان، جاهل جي لاءِ، قرآن حڪيم جي علمي قوت سامهون، پنهنجي رضا کي جهڪائڻ آهي. گويا اهو الله تعاليٰ جي فطرت کي حاصل ڪرڻ جو پهريون عهد ناموآهي. ان کان بعد انسان جي زندگي معمولي زندگي ڪو نه ٿي رهي بلڪه مومن جو هر عضوو مومن ٿي ويندو آهي. ان جو اظهار اخلاق الاهيءَ جي صورت ۾ ٿئي ٿو.
ايمان جو لازمي نتيجو اهو روحاني انقلاب هجڻ گهرجي جيڪو گنهگار فطرت جو خاتمو ڪري ڇڏي ۽ ڦلجڻ، ڦولارجڻ ۽ جيون رس چوسڻ لاءِ انسان جي نوراني ٻوٽي کي قرآن حڪيم جي ساگر سان ملائي ڇڏي. ان طرح سان انسان کي هڪ نئون جنم يعني هڪ روحاني زندگي ملندي آهي، جيڪا گناهه جي داغ کان پاڪ ٿئي ٿي.
جيڪڏهن انسان مٿان ايمان جي نوراني گرفت نه هوندي ته هُو زندگيءَ جي آسماني مقصد ڏانهن وڌي ڪونه سگهندو. نتيجي ۾ انسان بدي ۽ شر جي ڪشش مان نڪري ڪو نه سگهندو. اها ايمان جي آسماني قوت ئي آهي جيڪا انسان کي ان قابل بنائي ٿي ته هو شيطان تي غالب اچي، پنهنجي روح کي نفس تي حاڪم ڪري ۽ اهڙيءَ طرح گناهه کي اڀرڻ جو موقعو نه ڏئي.
ايمان جي حقيقت اها آهي ته مومن حضور اڪرم ﷺ جي آندل ضابطه حيات مطابق زندگي گذاري. قرآن حڪيم جي تصور ڪائنات کي صحيح سمجهي، قرآن حڪيم، انسان جو جيڪو مقام مقرر ڪيو آهي، ان کي ڀليءَ ڀت سمجهي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ پڪو ارادو ڪري ته قرآن حڪيم کانسواءِ منزل تي پهچڻ جو ٻيو ڪو به رستو ڪونهي ۽ هو صرف قرآن حڪيم کي ئي پنهنجو رهبر سمجهي .
مولانا مودودي ايمان جي باري ۾ چوي ٿو:
”ايمان جو پهريون شرط اهو آهي ته انسان قرآن حڪيم جي ڪلي نظريه حيات جي برتري ۽ ان جي برحق هجڻ جو پڪو يقين پيدا ڪري ته جيئن هو دنيا جي ٻين نظرين کان مرعوب نه ٿئي، خواهه اهي نظريا دنيا ۾ ڪيترا به مروج ۽ طاقتور ڇو نه هجن. انهن جي باطل هجڻ تي ان جو پورو يقين هجي. انهن جي ڦهلايل فڪري، نظرياتي ۽ مادي ڄار کي هو ڪوريئڙي جي ڄار وانگر سمجهي جيڪو ڏسڻ ۾ ته شاهڪار آهي ليڪن آهي سڀني کان ڪمزور. حالات چاهي ڪيترا به مايوس ڪندڙ هجن ۽ دنيا جو رخ ڪيترو به مخالف ڇو نه هجي، پوءِ به ان جي دل يقين جي ان نور سان منور هجي ته حق اهو ئي آهي جنهن تي ان ايمان آندو آهي.“
قرآن حڪيم سان ايماني محبت، عزم راسخ ۽ مضبوط ڪردار پيدا ڪندي آهي ته جيئن اهو حق کانسواءِ باقي سڀني شين کي ٺڪرائي ڇڏي ۽ پنهنجي موقف تي پهاڙ وانگر ڄميل رهي. انسان کي گهرجي ته حق جي راهه ۾ رڪاوٽن جو مقابلو مڙس ٿي ڪري ۽ ڏينهن رات قرآن حڪيم جي حڪمن تي عمل ڪري، پنهنجي نوراني ڦل سان عالم انسانيت کي نوراني ڪندو رهي. قرآن حڪيم تي ايمان جو مقصد اهو ڪونهي ته صرف قرآن حڪيم جي آفاقي حقيقتن کي رڳو زبان سان تسليم ڪجي بلڪه اصل ڪم هي آهي ته ان جي سامهون عملي طور جهڪيو وڃي. سورت روم ۾ آيو آهي:
ؕ اِنۡ تُسۡمِعُ اِلَّا مَنۡ یُّؤۡمِنُ بِاٰیٰتِنَا فَہُمۡ مُّسۡلِمُوۡنَ ﴿٪۵۳﴾ (روم:53)
”تون صرف انهن کي ٻڌائي سگهين ٿو جي اسان جي حڪمن تي ايمان آڻن ٿا ۽ اهي انهن جي سامهون جهڪڻ وارا آهن.“
قرآن شريف تي ايمان رڳو هڪڙي فلسفيانه حيثيت کي مڃڻ نه آهي بلڪه ايمان جو مزاج پنهنجي عين فطرت جي لحاظ کان هڪ خاص قسم جي عمل ۽ اخلاق جي تقاضا ڪري ٿو ۽ ان اخلاق جو ظهور، انسان جي عملي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ٿيڻ گهرجي، يا هيئن سمجهو ته ايمان هڪڙو ٻج آهي جيڪو نفس انساني ۾ پنهنجون پاڙون هڻي، عملي زندگيءَ ۾ هڪ پوري وڻ جي تخليق ڪندو آهي ۽ ان وڻ جي ٿڙ کان وٺي ان جي شاخن ۽ پنن ۾ نوراني رس جاري ۽ ساري ٿي وڃي ٿي ۽ آسمان جا فرشتا انهن ٽارين ۾ رهن ٿا. آسمان جا پکي اتان پرواز ڪن ٿا، ٻين آسمانن ڏانهن وڃڻ لاءِ.
ايمان جو بنياد وفاداريءَ جو جذبو آهي. وفا جي خوبي يا خرابي ان ڳالهه تي آهي ته ڪهڙي مقصد يا ڪهڙي هستيءَ سان وفا ڪئي وڃي. وفاداري اهڙي هجڻ گهرجي جيئن ”قبلو ڏيکاريندڙ سئي“ قبلي سان وفا ڪندي آهي. حادثات ان سئي کي، هزار دفعا هيڏي هوڏي جنبش ڏين، ليڪن اها سئي تڙپي وري به قبلي ڏانهن ئي رخ ڪندي آهي. مومن کي به گهرجي ته قرآن حڪيم سان اهڙي وفاداري ڪندو رهي.
هر موقعي تي توهان جي سامهون هي سوال ايندو آهي ته فلاڻو ڪم ڪيو وڃي يا نه. اهڙن موقعن تي هڪ طريقو اهو آهي جيڪو اسان کي قرآن شريف ٻڌائي ٿو ۽ ٻيو طريقو اهو آهي جيڪو انسان، پنهنجي نفسياتي خواهشات، پيءُ ڏاڏي جي ٺهيل ريتن رسمن يا انسانن جي ٺهيل قانونن مطابق اختيار ڪري ٿو. هاڻي جيڪڏهن ڪو مسلمان قرآن شريف جو رستو ڇڏي ڪري ٻيو رستو اختيار ڪري جيڪو قرآني حڪمن جي ابتڙ هجي ته اهو حق، خير ۽ حسن سان بغاوت آهي. جيڪو مسلمان بعض معاملن ۾ خدا تعاليٰ جي ڪلام کي مڃي ٿو ۽ بعض معاملات ۾ پنهنجي نفس جي خواهشات کي اوليت ڏئي ٿو يا انسان جي ٺهيل قانون کي، خدائي قانون تي ترجيح ڏئي ٿو يعني هو جيتريقدر الله تعاليٰ جي قانون سان بغاوت ڪري ٿو ته اوترو شرڪ آهي؛ ڇو ته هو حق ۾ باطل ملائي رهيوآهي.
ولا تلبسو الحق بالباطل حق کي باطل سان نه ملايو. اهو آهي قرآني فرمان. قرآن حڪيم جي تعليم سراسر حق آهي، هڪ ڪامل نظريه حيات آهي. ان جي خلاف جيڪي آهي اهو باطل آهي. ان ڳالهه تي ڪامل يقين ۽ ايمان جنهنجو به هوندو ته اهو پنهنجي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ صرف اهو ڏسندو ته قرآن حڪيم جو حڪم ڪهڙو آهي، ۽ جڏهن ان کي معلوم ٿي ويندو ته هو سڌيءَ طرح ان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندو پوءِ چاهي ان سلسلي ۾ دنيا وارن طرفان ڪيتري به مخالفت ڇو نه ٿئي، اهو انهن مان ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندو. ڇو ته هر ڪنهن کي ان جو صاف جواب هوندو ته ”مان قرآن حڪيم تي ايمان آندو آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي تي.“
خدا تعاليٰ هن دنيا کي هڪ آزمائشگاهه ڪري خلقيوآهي، ڪو به اهو نه سوچي ته کيس ”مسلمان“ هجڻ جي نالي ڇڏيو ويندو ۽ سندس آزمائش نه ڪئي ويندي پر اهو ڏٺو ويندو ته اهو قرآن حڪيم جي تعليم تي ڪيترو عمل پيرا آهي. ۽ ان جي لاءِ ڪيتري قرباني ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو. ڪنهن کي پنهنجي جان، ڪنهن کي بک يا مال ۽ اولاد جي نقصانن سان آزمايو ويندو آهي. مسلمان حق کان جدا ٿي ڪو نه ٿو سگهي ۽ نه ئي اهو ڪنهن ظاهري قوت کان مرعوب ٿي ڪري ايئن ڪندو. اهو خدائي امانت ۽ خدائي آزمائش جو حق ادا ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ٿو. جيڪڏهن زندگي نوراني تغير طرف مائل آهي يعني ان جو پرواز بلندين طرف آهي ته پوءِ ان جو هر قدم مقصد زندگي، خدا (ڪامل) ڏانهن وڌندو آهي. تعمير ۽ تغير دوران فرد پنهنجي شخصيت جو نقش ماحول تي چٽي ٿو. فرد جي داخلي رجحان ۽ خارجي حالتن مان جيڪو به قوي ٿيندو آهي اهو ٻئي تي حاوي ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن نقش نوراني آهي ته معاشري ۾ نور جو دائرو ڦهلجي ٿو ۽ جيڪڏهن نقش شيطاني آهي ته معاشري ۾ ظلمت جون ناري پاڙون لڳن ٿيون. ڪمزور، قوي نقش کان مغلوب ٿي ان ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. انساني شخصيت مستقل جدوجهد، تغير ۽ حرڪت سان تڪميل حاصل ڪندي آهي. شخصيت جيتريقدر آسماني ٿيندي اها اوتريقدر روح، نور، حسن جي غلام ۽ بد روح کان آزاد هوندي. قرآن شريف چاهي ٿو ته هر فرد ڪامل ٿئي. ياد رکو ته خدا ڪامل آهي ۽ اهو هر انسان کي به ڪامل ڏسڻ چاهي ٿو. ڪامل ٿيڻ هر انسان جو قدرتي حق آهي. سيد لطيف جي آسماني عظمت تي وري غور ڪريو:
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لالي،
ڪڙي ڪيف خماريا مئي پي موالي،
ڪري حاصل هليا، ڪيفيت ڪمالي.
نوراني عمل انسان جو زندهه ايمان آهي. قرآن حڪيم ايمان ۽ عمل کي هڪ هنڌ رکيو آهي. ايمان کي سڃاڻڻ جي آسان نشاني عمل آهي. يعني هي ڏسڻو هجي ته فلاڻو ماڻهو ايماندار آهي يا بي ايمان ته ان جي عمل کي ڏسو. ياد رکو ته اسان جو عمل جهڙو هوندو ته اسان به اهڙائي ٿي وينداسين. Henry bergson پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب Creative Evolution ۾ لکي ٿو:
”اهو چوڻ بلڪل صحيح آهي ته جيڪي ڪجهه اسان ڪيون ٿا اهو موقوف ٿيندو آهي ان ڳالهه تي ته اسان ڇا آهيون؟ ليڪن ان سان گڏ اهو چوڻ به درست آهي ته اسان جيڪي ڪجهه ٿيئون ٿا پنهنجي عملن سان ئي ٿيون ٿا. ان لحاظ کان اسان مسلسل تخليق ذات ڪندا رهندا آهيون.“ (صفحو 75)
تغير، ترقي ۽ هر اها شيءِ جا زندگي کي جيئڻ جي قابل ڪري ٿي سا عمل سان ظهور پذير ٿئي ٿي. هر سٺو عمل نور آڻي ٿو ۽ برو عمل ان کي مٽائي ٿو. گهڻا سٺا عمل، گهڻو نور، گهڻي زندگي. قرآن شريف چاهي ٿو ته انسان هڪ تخليقي قوت ٿي پوي. ان جو انسان بابت تصور اهو آهي ته انسان هڪ آزاد عامل جي حيثيت سان تخليق، ارتقا ۽ قدرن جي تڪميل ۾ خدا سان تعاون ڪري. يعني خدا تعاليٰ پنهنجي مشيت، انسان جي وسيلي ئي ڪمال تائين پهچائڻ چاهي ٿو. تخليق مان مقصود ڇا آهي؟ اچو ته ان سوال جو جواب به Henry Bergson کان ٿا پڇئون. جواب ٿو ملي:
”ان مان مقصود آهي نوع انساني جي تخليق جي تڪميل يعني ان کي اهو ڪجهه بنائي ڇڏڻ، جيڪا اها بڻجي وڃي ها جي ان ۾ ايتري قدرت هجي ها ته اها انسان جي مدد کان بغير پنهنجي آخري شڪل اختيار ڪري وٺي.“
(صفحو 223(The two sources of morality and rezzgon
قرآن حڪيم جي نظر ۾ مثالي معاشرو اهو آهي جيڪو شيطان جي غلامي (بندگي) کان آجو هجي. اهڙي معاشري جا فرد ئي روح جي استحڪام لاءِ پوري ڪوشش ڪندا آهن. فرد معاشري سان وابسته هجڻ ڪري ئي وڌندو ويجهندو آهي. جيستائين وڻ جو پن شاخ سان جڙيل آهي، تيستائين کيس اميد هوندي آهي ته هو قوت حاصل ڪندو رهندو. جيڪڏهن اهو شاخ کان جدا ٿي وڃي ته فنا لازمي آهي.
ايمان جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ استاد ۽ شاگرد جي هن فطرت تي غور ڪريو. جڏهن ڪو طالبعلم، علم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي ۾ داخل ٿيندو آهي ته اهو ايمان جو نور ئي هوندو آهي، جيڪو استاد ۽ شاگرد جو مقام ظاهر ڪري ٿو. شاگرد، استاد جي حڪمت ۽ نقطن کان ناواقف هوندو آهي، هو صرف استاد جي حڪم جي تعميل ڪندو آهي. جڏهن شاگرد جو ذهن، شعوري بلندين کي عبور ڪري استاد جي مقام کي سمجهندو آهي ته ان وقت استاد جي عظمت ظاهر ٿئي ٿي. صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ استاد ڪامل هو. سيد لطيف چوي ٿو:
ڏيئي توڪل تڪيو، آرُ لنگهيا آسان،
ڪامل ڪشتي بان، وچ ۾ گڏين واهرو.
ايمان سان گڏ اطاعت جو هجڻ دراصل نظم جي جان آهي. ايمان جيترو راسخ ٿيندو ۽ اطاعت جيتري ڪامل ٿيندي نظم اوتروئي مضبوط ۽ طاقتور ٿيندو ۽ مقصد حيات تائين پهچڻ ۾ اوترو ئي زياده ڪامياب ٿيندو. ايمان ۾ جيتري ڪمزوري هوندي ۽ اطاعت ۾ جيترو انحراف هوندو اوتريقدر ئي نظم ڪمزور ٿيندو ۽ انهي نسبت سان هو مقصد تائين پهچڻ ۾ ناڪام ٿيندو. ايمان نه رکڻ وارو انسان اوندهه ۾ هلي رهيو آهي. ظاهر آهي ته اوندهه ۾ اندازي تي ئي هلبو. ممڪن آهي ته ڪڏهن سڌي راهه تي هلجي ۽ ڪڏهن هٽي وڃجي. اهو به ممڪن آهي ته ڪڏهن کڏ ۾ ڪري پئجي پر زياده امڪان ڪرڻ جو ئي آهي.
اسلام ۾ ايمان آڻڻ جو مقصد آهي انهن امڪانات، انساني اوصاف ۽ قدرن تي ڀروسو، جي زندگيءَ ۾ مخفي آهن ۽ جي يقينن ظهور ۾ ايندا. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم حقيقت ڪلي جو رازدان هو. پاڻ ڪريمن، ايمان جي روشنيءَ لاءِ چيو ته جنهن انسان به حيات حاضره کي منزل سمجهو ۽ موجوده زندگيءَ جي اخروي نتيجن (مڪافاتِ عمل) تي يقين نه رکيو ته ايمان جي ڪمزوريءَ سبب رستي تان ٿڙي ويندو ۽ آخرڪار مقصد (ڪمال) کان پري ٿيندو ويندو.
سچ هر دور ۾ هڪڙو ئي رهيو آهي ۽ هڪڙوئي رهندو. سچ هر دور ۾ هڪ ئي اصول رکيو آهي ۽ هڪ ئي ڪلام سامهون آندو آهي، هڪڙو ئي استدلال پيش ڪري ٿو. ان جو هڪ ئي روپ ٿيندو آهي ۽ باطل جي هر حملي جي جواب ۾ هڪ ئي طرح جي هٿيارن سان جنگ ڪندو آهي. حق چيو ته الله هڪ آهي؛ ان جي مقابلي ۾ باطل گهڻا خدا ٺاهي ڇڏيا. ڪن انڌي قوت جي حڪمراني کي تسليم ڪيو ۽ ڪن وري پنهنجي نفساني خواهشن کي خدا جو درجو ڏيئي ڇڏيو؛ نتيجي ۾ الحاد ۽ دهريت جنم ورتو. حق هر دور ۾ سچائي، ديانت، حفظ عصمت، همدردي، انساني جان جو احترام ۽ اخلاق حسنه کي بنيادي اصول طور مڃيو آهي. حق جو پيغام سڀني پيغمبرن کي تسليم ڪري ٿو. انهن سڀني حق پرستن ۾ هڪڙو ئي رشتو آهي جيڪي قرآن حڪيم جي سچائيءَ جا علمبردار آهن. سڀني پيغمبرن جو هڪ ئي دين هو. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
اِنَّاۤ اَوْحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ کَمَاۤ اَوْحَیۡنَاۤ اِلٰی نُوۡحٍ وَّالنَّبِیّٖنَ مِنۡۢ بَعْدِہٖ ۚ وَاَوْحَیۡنَاۤ اِلٰۤی اِبْرٰہِیۡمَ وَ اِسْمٰعِیۡلَ وَ اِسْحٰقَ وَیَعْقُوۡبَ وَالۡاَسْبَاطِ وَعِیۡسٰی وَاَیُّوۡبَ وَیُوۡنُسَ وَہٰرُوۡنَ وَسُلَیۡمٰنَ ۚ وَاٰتَیۡنَا دَاوٗدَ زَبُوۡرًا ﴿۱۶۳﴾ۚ
....... سوره نساءِ 163
”توهان جي لاءِ اهو ئي دين مقرر ڪيو آهي جنهن جي متعلق نوح کي هدايت ڪئي وئي هئي. جيڪا توهان جي طرف وحي موڪلي ويئي ۽ جا هدايت اسان ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڪئي (اها هيءَ هئي ) ته دين کي قائم ۽ برقرار رکو ۽ ان ۾ تفرقو پيدا نه ڪيو.“
انسان جي ذهن کي ماضيءَ مان سبق وٺڻ گهرجي ته جيئن عمل ۾ قوت ۽ تاثير پيدا ٿئي.
عالمي تاريخ، اجتماعي روح کي برقرار رکڻ جو هڪڙو وسيلو آهي. تاريخ واقعات ۽ حادثات جو ڍير ڪونهي، بلڪه اها هڪڙو وسيلو آهي اجتماعي شعور ۽ سيرت کي لازوال ۽ قوي بنائڻ جو. قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾ تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان اسين موجوده زندگيءَ جي نتيجن تي تنقيد ڪري سگهئون ٿا.
[b]تاريخ پنهنجو پاڻ کي دهرائيندي آهي
[/b]تاريخ پنهنجو پاڻ کي تيستائين دهرائيندي رهندي جيستائين انسانن جا عمل، انهن قومن جهڙا رهندا جيڪي فنا جي شعلن ۾ غائب ٿي چڪيون آهن. جيڪڏهن موجوده ائٽمي دور جو انسان به ساڳيائي عمل ڪري رهيو آهي، ته پوءِ ان جي فنا به يقيني آهي ڇاڪاڻ ته فطرت جا قانون اٽل آهن. يعني نيڪ عمل جو ڀلو نتيجو ۽ بُري عمل جو تباهيءَ وارو نتيجو. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
وَلَقَدْ اَہۡلَكْنَاۤ اَشْیَاعَكُمْ فَہَلْ مِنۡ مُّدَّکِرٍ ﴿۵۱﴾ (قمر-51)
”۽ اسان توهان جي طريقي وارن ماڻهن کي هلاڪ ڪري چڪا آهيون، سو آهي ڪو نصيحت حاصل ڪرڻ وارو.“
ان آيت پاڪ مان صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن اسان جا عمل به، انهن قومن جهڙا ٿيا، جي فنا ٿي چڪيون آهن ته پوءِ اسان جي هلاڪت به يقني آهي. تاريخ ان وقت تائين پاڻ کي دهرائيندي رهندي جيستائين عمل ساڳيا آهن. جيڪڏهن انسان اهي عمل نه ڪري، جن جي ڪري گذريل تهذيبون مٽجي چڪيون آهن، ته پوءِ تاريخ جو هٿ ان چڪر کي دهرائڻ بند ڪندو. خدا تعاليٰ جو قانون، هر قوم تي اهڙيءَ طرح صادق اچي ٿو، جهڙيءَ طرح سابقه قومن تي صادق اچي چڪو آهي. ماکي اڳ به ماکي هئي ۽ اڄ به ماکي آهي. ائين ٿي ڪو نه ٿو سگهي ته ماکي پنهنجون خاصيتون تبديل ڪري. زهر ڪالهه به زهر هيو ۽ اڄ به زهر آهي. اهو ٿي ڪو نه ٿو سگهي ته جيڪا شيءِ ڪالهه زهر هئي اها اڄ ترياق ٿي پوندي.
غور ڪريو ته صحيح بصيرت سان صحيح عمل ٿيندا آهن. عمل، مڪينيڪل حرڪت ڪونهي بلڪه سچ تي مبني عمل انسان جي روحاني ضرورت آهي. ڪمال (خدا) ڏانهن حرڪت سٺن عملن مان ملندڙ نوراني قوت جو نتيجو آهي: قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَاللہُ خَلَقَكُمۡ مِّنۡ تُرَابٍ ثُمَّ مِنۡ نُّطْفَۃٍ ثُمَّ جَعَلَكُمْ اَزْوَاجًا ؕ وَمَا تَحْمِلُ مِنْ اُنۡثٰی وَلَا تَضَعُ اِلَّا بِعِلْمِہٖ ؕ وَمَا یُعَمَّرُ مِنۡ مُّعَمَّرٍ وَّلَا یُنۡقَصُ مِنْ عُمُرِہٖۤ اِلَّا فِیۡ کِتٰبٍ ؕ اِنَّ ذٰلِکَ عَلَی اللہِ یَسِیۡرٌ (فاطر: 10)
”ان جي طرف پاڪيزه ڳالهيون چڙهنديون آهن ۽ عمل صالح ان کي بلند ڪري ٿو. سٺا عمل انسان کي ايئن بلندي (ڪمال) ڏانهن ڇڪيندا آهن.“
سٺو عمل عبادت آهي. سٺو عمل نور آهي. خير مطلق، اعليٰ علم ۽ اعليٰ وجود سان متحد آهي. اها منتهيٰ آهي جنهن تائين مٿي چڙهڻ لاءِ سڀ نيڪيون ڪوشش ڪنديون آهن. سيد لطيف چوي ٿو:
تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿيئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
*
ڪتڻ جي ڪا نه ڪرين، ستي ساهين هڏ،
صبح ايندءِ اوچتي، عيد اگهاڙن گڏ،
جت سرتيون ڪندءِ سڏ، ات سڪنديءَ سينگار کي.
ماضي، حال کان نه جدا ٿيندڙ عنصر آهي، ان کي الڳ ڪيو ويو ته حال جي معنيٰ باقي ڪو نه رهندي. مستقبل آزادي ۽ امڪانات سان ڀرپور آهي. روح جي اندروني آزادي، خارجي عالم جي جبري قوت کان، وڌيڪ قوت واري آهي. انساني روح ۽ ارادو خارجي قوت کي تسخير ڪندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح اهو فطرت جي مقصد جي تڪميل ڪري رهيو آهي. تاريخ مان واقعات جو روحاني عنصر نمايان ٿيندو آهي. اچڻ واري زندگي، تاريخي واقعات مان حرڪت ۽ حرارت جون تجليون پيش ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح گردش زماني جون اونداهيون به سامهون اينديون آهن.
سچ (ڪامل سچائي) کان هٽي ڪري ماديت پرستيءَ تي بنياد رکندڙ تهذيب ضرور فنا ٿيندي، ڇو ته فنا ان جو مقدر آهي. ان جي بنياد ۾ ڪا به مضبوطي ڪونهي. انسان کي گهرجي ته ڪائنات جو روحاني نظام پاڻ تي نافذ ڪري. خدا تعاليٰ جي ٻڌايل حقيقي نظام تي پنهنجي تمدن جي گهر جو بنياد رکي ڇو ته ان کان وڌيڪ مضبوط بنياد ٻيو ٿي نه سگهندو.
جيڪڏهن انسان پنهنجي عملي زندگيءَ کي حق جي سانچي ۾ نه وڌو ته پوءِ تاريخ پنهنجو پاڻ کي دهرائيندي رهندي. ان ڪري. گذريل گنهگار تهذيبن وانگر موجوده ائٽمي تهذيب جي فنا به يقيني آهي. ان ڪري اڄ ئي توجهه جي لائق ڦل پيدا ڪريو. پنهنجي اصلي حالت (مقام احسن تقويم) ڏانهن موٽي اچو نه ته ٻي حالت ۾ دنيا کان ائٽمي تباهي کي ڪا به قوت روڪي نه ٿي سگهي. آتشي نيزا ٽيون دفعو ضرور ٽڪرائيندا.
اي دوست! ذرا اک مٿي کڻي ڏس ته آباد ۽ خوشحال بستيون ڇو اجڙي ويون؟ زندگي ۽ حرڪت جا شعلا ڇو وسامي ويا؟ ان جو جواب هي آهي ته هتي هڪ عالمگير قانون ڪم ڪري رهيو آهي. يعني حق ۽ باطل جي ڪشمڪش جو قانون. حق، نيڪ عملن جو نالو آهي. ياد رکو ته حق ئي باقي رهڻ واري قوت آهي ان کي فنا ڪونهي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
کَذٰلِکَ یَضْرِبُ اللہُ الْحَقَّ وَالْبَاطِلَ ۬ؕ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَیَذْہَبُ جُفَآءً ۚ وَاَمَّا مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمْكُثُ فِی الۡاَرْضِ ؕ (الرعد: 17)
”اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ حق ۽ باطل جو مثال ڏئي ٿو، جيڪا گج آهي اها بيڪار وڃي ٿي ۽ جيڪي ڪجهه انسان جي لاءِ نافع آهي اهو زمين ۾ رهجي وڃي ٿو.“
زمين تي سفر ڪريو، آثار ۽ نشانات ڏسو، غور ڪريو، ڏسو ته قدرت جي قانون خلاف هلڻ وارن قومن کي پنهنجي مڪر و فريب، ڪوڙ ۽ بدديانتي جي ڪهڙي سزا ملي چڪي آهي. اهو سڀڪجهه قدرت جي اٽل قانون مطابق ٿيو آهي. مان هن حقيقت کي واضح ڪيان ته خالص باطل جي لاءِ دنيا ۾ ڪا به جڳهه ڪونهي، پر هتي حق و باطل جا مرڪبات ٿيندا آهن. انهن مرڪبات ۾ ٽڪراءُ به ٿيندو آهي؛ ڇو ته حق غلبو چاهي ٿو. هر تصادم ۾ بازي ان اصول، فلسفي ۽ نطام جي هٿ ۾ رهندي آهي جنهن ۾ باطل جو تناسب گهٽ ۽ حق جو تناسب زياده هجي. مقصد ته تاريخ اصولن، فلسفن ۽ نظامن جي تصادم جوميدان آهي. ان تصادم ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي جنهن اصول تي ٿيندي آهي اهو خود گواهي ڏئي ٿو ته ڪامياب حق آهي ۽ باطل هرحال ۾ ناڪام آهي.
اي انسان! قرآن (حق) سان بغاوت جو نتيجو هن وقت به تباهي آڻڻ ۾ مصروف آهي پر تنهنجي حالت اها آهي جو تون ڏسندي به ڪو نه ٿو ڏسين ۽ ڪنن هوندي به ڪو نه ٿو ٻڌين. انسان وٽ پنهنجو عقل هجڻ گهرجي جنهن سان هو نتيجن کي سمجهي سگهي. جيڪڏهن ان کي پنهنجو عقل ڪونهي ته پوءِ صاحب عقل جي ڳالهين کي ٻڌي. ليڪن انسان جي اڪثريت نه ته پهرين زمري ۾ اچي ٿي ۽ نه ئي وري ٻئي ۾. ان ڪري انهن ۽ چوپاين ۾ ڪو به فرق ڪونهي بلڪه انهن کان به وَيل آهن. کنڊرات تي ڇانيل ويرانيءَ کان برباديءَ جو سبب پڇندءُ ته جواب اهو ئي ملندو ته حق جي مخالفت ڪري ئي قدرت اها سزا ڏني. ان ڪري جيڪي ڪجهه گذري چڪو آهي اهو هاڻي ذخيره بصيرت آهي. قرآن شريف ٻڌائي ٿو ته توهان پهرين قوم نه آهيو جيڪا زمين تي موجود آهي، بلڪه توهان کان پهريان به ڪيتريون ئي قومون گذري چڪيون آهن. انهن جون به آباديون هيون، قوت ۽ شان شوڪت هو، اهي به سربفلڪ عمارتن جا رهواسي هئا. انهن وٽ به فڪر ۽ عمل جون سرگرميون هيون پوءِ اهي ڇو مٽجي ويون؟ جيڪڏهن الله تعاليٰ جو قانون هر دور ۾ ساڳيءَ طرح پنهنجو ڪم ڪندو آيو آهي ته پوءِ ڇا توهان ان خوش فهميءَ ۾ مبتلا آهيو ته قدرت توهان جي لاءِ پنهنجو قانون معطل ڪري ڇڏيندي؟ جيڪا شيءِ ڪالهه زهر هئي اها هاڻي توهان جي لاءِ ماکي ٿي پوندي.؟!
قرآن حڪيم چوي ٿو ته جيڪڏهن توهان وجداني طور تي ان ڳالهه کي محسوس ڪريو ٿا ته نتيجن جو تسلسل ۽ انهن جو نتيجو هڪ حقيقي امر آهي ۽ ان ۾ تبديلي ممڪن ڪونهي ته پوءِ انساني عملن بابت ائين ڇو ٿا چئو ته هاڻي هتي ائين ٿيڻ ضروري ڪونهي جيڪو اڳين قومن سان ٿي چڪو آهي. ياد رکو ته جيئن گناهن جي ڪري گذريل قومون ختم ٿي چڪيون، هاڻي به گناهن ڪرڻ جو نتيجو ساڳيو ئي نڪرندو.
گذريل قومون ان ڪري به ختم ٿيون جو انهن ۾ خير ۽ اصلاح جو جوهر ختم ٿي چڪو هو. اهي شر ۽ فساد، عيش و عشرت ۽ دولت جي پرستش ۾ اهڙيون ته غرق ٿيون جو فطرت جي ڪا به ادا انهن کي نرم ڪري ڪو نه سگهي. انهن تي جهالت جا تهه ڄمي ويا. گلن جا پاڪيزه اشارا انهن کي سمجهه ۾ نه آيا ۽ معصوم ٻارڙن جون گلابي مسڪراهٽون انهن جي پٿر دل کي موهي نه سگهيون.
[b]بقا صرف نافع لاءِ آهي
[/b]دنيا ۾ بقا ۽ قيام صرف ان جي لاءِ آهي جيڪو نافع آهي، يعني جيڪو انسان خدائي صفات جو عملي مظاهرو ڪري ٿو، جيڪو زنده ۽ مفيد هجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بي فائده ۽ بي ڦل شين لاءِ دنيا ۾ ڪو به مقام ڪونهي. ڪائنات ۾ حسن ۽ ارتقا قائم نه رهي سگهن ها، جيڪڏهن انهن ۾ خوبي جي بقا ۽ خرابيءَ جي ازالي لاءِ هڪ اٽل قانون سرگرم نه هجي ها. اهو قانون ڪهڙو آهي؟ اهو آهي فطرت جو انتخاب. قدرت هميشه چونڊ ڪندي رهندي آهي. اها هرگوشي ۾ صرف خوبي ۽ بهتريءَ کي باقي رکندي آهي. فساد ۽ نقص کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. اسان فطرت جي قانون بقاءِ اصلح کان واقف آهيون. ميوي ڏيندڙ وڻ کي باغ ۾ رکيو ويندو آهي. بي ڦل وڻ کي ڪپي اڇلايو ويندو آهي. قرآن حڪيم بقاءِ اصلح جي جاءِ تي بقاءِ نافع جو اصول پيش ڪري ٿو. نفعو ڏيندڙ اهو وجود آهي جنهن ۾ خدائي صفات هجن. قرآني عمل ڪرڻ وارو ئي صالح ۽ نافع انسان آهي. مادي شيون هجن يا روحاني، جسماني هجن يا اخلاقي بقا بهرحال نافع ۽ اصلح لاءِ ئي آهي. هن مثال تي غور ڪريو. سون کي صاف ڪرڻ لاءِ ان کي گرم ڪيو ويندو آهي. کوٽ سڙي ويندو خالص سون باقي رهندو. اهو ئي مثال فطرت جي انتخاب جو آهي. کوٽ ۾ نفعو ڪو نه هيو، ان کي ختم ڪيو ويو، خالص سون ۾ فائدو هيو ان ڪري ان کي باقي رکيو ويو.
هر برائي نيڪي جو سهارو وٺي جيئندي آهي ۽ هر گناهه کي ڪنهن ثواب جي اوٽ وٺڻي پوندي آهي. اڄ تائين جيترا به زندگيءَ جا نظام پيش ڪيا ويا آهن، يا قائم ڪيا ويا آهن، انهن مان ڪو به اهڙو ڪو نه هو جيڪو خالص باطل تي مشتمل هجي. بلڪه باطل ۽ برائي جڏهن به ڦهليا آهن ته اهي حق ۽ نيڪي جي سهاري هليا آهن، جن جو ڪجهه نه ڪجهه جز نظام باطل ۾ موجود هوندو آهي. انهن جي مقبوليت، انهن جو قيام، انهن جو استحڪام ۽ انهن جي افاديت، حق جي ان مقدار تي منحصر ٿيندي آهي جنهن جي وجود ڪري اهي زندهه رهندا آهن. نظام سرمايه داري ۾ به باطل موجود آهي ۽ اشتراڪيت ۾ به. غور جو مقام آهي، ته اهو ئي حق جو مقدار آهي جيڪو انهن جي زندگيءَ جي ضمانت آهي. قرآن حڪيم چوي ٿو ته شرڪ نه ڪريو، مشرڪ نه ٿيو، ڇو ته مشرڪ اهو آهي جيڪو حق کي باطل سان ملائي ٿو.
وَلَا تَلْبِسُوۡا الْحَقَّ بِالْبَاطِلِ (البقره:42)
”۽ حق کي باطل سان نه ملايو.“
قرآن حڪيم زندگيءَ کي خالص حق جي سانچي ۾ آڻڻ چاهي ٿو ڇو ته دائمي سرور، لازوال جواني ۽ ابدي زندگي خالص حق جو انعام آهن.
[b]بقا جي صلاحيت نيڪي ۾ آهي
[/b]نيڪي اها آرزو آهي جيڪا زندگيءَ کي مالا مال ۽ ان جي لطف کي وڌائڻ چاهي ٿي. ان جي مقابلي ۾ بدي، زندگيءَ کي مفلس ڪري ٿي. قدرت جو قانون آهي ته برائيون، نيڪين جي اثرن کي مٽائي ڇڏين ٿيون ۽ نيڪيون، برائين جي نشانن کي صاف ڪري ڇڏين ٿيون. بقا، نيڪين جي مجموعي قوت جو نالو آهي. يا هيئن سمجهو ته برائين کي بلڪل نابود ڪري، انسان جو رشتو نور جي ساگر سان ملائڻ جو نالو بقا آهي.
حق نيڪين جو نور ۽ باطل بديءَ جي باهه آهي. نور، باهه کي ختم ڪري، هر طرف نور جي بهار ڏسڻ چاهي ٿو. حق ۽ باطل جي اها جنگ ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين حق جو مڪمل غلبو ٿي وڃي. دوا مرض کي ان وقت ختم ڪري ٿي جڏهن ان ۾ قوت هجي، ٻيءَ حالت ۾ مرض ختم ڪو نه ٿيندو. بيماري ۽ دوا مان جنهن جي به قوت وڌيڪ هوندي ان جو اثر ظاهر ٿيندو. قرآن حڪيم جي نور کان وڌيڪ طاقتور دوا ٻي ڪا به ڪونهي. گذريل قومن جون نيڪيون، برائين کان گهٽ هيون. ان ڪري باطل جو عذاب غالب اچي ويو. اڪسير قرآن حڪيم وٽ ئي آهي. قرآن حڪيم هر روحاني مرض جي دوا آهي
وَنُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْاٰنِ مَا ہُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحْمَۃُ لِّلْمُؤْمِنِیۡنَ ۙ (بني اسرائيل: 82)
”۽ اسان قرآن ۾ اهڙيون شيون نازل ڪيون آهن جي ايمان وارن جي حق ۾ شفا ۽ رحمت آهن.“
[b]واقعي ۽ نتيجي جو ظهور
[/b]مڪافات عمل جي طريقه ڪار ۽ فطرت انساني جي خصوصيت جي باري ۾ هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته هر واقعي ۽ ظهور جو هڪڙو وقت ٿيندو آهي. انهيءَ مقرر وقت کان پهريان نه ته ڪوئي واقعو وقوع پذير ٿيندو آهي ۽ نه ئي ان جو ڪوئي نتيجو نڪرندو آهي. انساني عملن جا سڀ نتيجا وقت مقرر کان پهريان ظاهر ڪو نه ٿيندا آهن. مثال طور ڪو مريض مثاني ۾ پٿريءَ جي شڪايت ڪري ٿو. اها پٿري، مثاني ۾ اوچتو ظاهر ڪو نه ٿيندي آهي پر ٿيندو ايئن آهي ته بيماري آهستي آهستي پاڙ هڻندي آهي. مريض کي خبر ان وقت پوندي آهي جڏهن بيماريءَ جون علامتون ظاهر ٿينديون آهن. هڪڙو ٻيو مثال سمجهو؛هڪڙو ماڻهو صبح جو سويل ان ڪري پنڌ ڪري ٿو ته جيئن ان جي صحت سڌري. ان لاءِ فائدو جلدي ڪونه ٿيندو پر آهستي آهستي وقت گذرڻ سان سٺي تبديلي محسوس ٿيندي.
موجوده سائنس ان حقيقت کي سامهون آندو آهي ته هر سبب پنهنجو نتيجو ۽ هر علت، پنهنجو معلول ضرور پيدا ڪندي آهي، ايتريقدر جو انسان جو ڪوئي ذهني تصور ۽ خيال به بي اثر ۽ بي نتيجه ڪونهي. هيءَ ڳالهه ته فوراً نتيجو سامهون ڪو نه ٿو اچي، انسان کي ان ڌوڪي ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو ته نتيجو ڪڏهن به ظاهر ڪو نه ٿيندو. حالانڪه ان جو ظهور ايترو يقيني آهي جيترو سج جو اڀرڻ، ليڪن جيئن ته معاشرتي زندگيءَ ۾ متضاد سبب ۽ نتيجا ۽ مختلف علتون هڪٻئي جي اثرن کي منسوخ، معطل يا ڪمزور ڪنديون رهنديون آهن، ان ڪري ڪن سببن جا نتيجا روپوش رهندا آهن ۽ تيستائين ظاهر ڪو نه ٿيندا آهن، جيستائين، انهن جي ظهور کي روڪڻ وارا سبب، وچ مان هٽي نه وڃن. قومن جي اجتماعي زندگيءَ ۾ هڪڙي قوت، ٻي قوت کي دفع ڪندي رهندي آهي. آخرڪار ان قوت جو مظاهرو ٿيندو آهي، جيڪا مجموعي قوت سان ٽڪرائڻ بعد بچي پوندي آهي. جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته ٻيون قوتون موجود ئي ڪو نه هيون ته اها خطرناڪ غلطي آهي. حقيقت ۾ قوتون ته موجود هيون انهن مان هر هڪ جو الڳ الڳ اثر هاڻي ڪو نه رهيو بلڪه مجموعي عمل منظرعام تي اچي ويو. معاشرتي زندگيءَ ۾ ان مجموعي نتيجي جي ظاهر ٿيڻ لاءِ ڪجهه وقت گهربل ٿيندو آهي، جيستائين نيڪي ۽ بديءَ جو حساب ڪتاب صاف ٿي بيهي. اجتماعي گناهه به وقت مقرر تي انسان جي تباهي سامهون آڻن ٿا. حالات جي جهوليءَ ۾ بربادي پلبي آهي آخرڪار هڪڙي انتها تي پهچي پنهنجي آتشي زبان سان ماحول کي ايئن ساڙي ڇڏيندي آهي جيئن باهه پنهنجي زبان سان سڪل ڪاٺين کي ساڙي خاڪ ڪندي آهي.
جيڪا قوم قرآن حڪيم تي ايمان آڻي ۽ ان جي چوڻ مطابق عمل ڪو نه ٿي ڪري ته اهڙي قوم لاءِ قرآن حڪيم هڪ بت جي حيثيت رکي ٿو. اهڙي زباني ايمان سان قومن ۾ تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جي صفت پيدا ٿي ڪو نه سگهندي. توهان اهڙي انسان لاءِ ڪهڙي راءِ قائم ڪندؤ جيڪو بيمار به هجي ليڪن دوا استعمال ڪرڻ بدران حڪيم جي لکيل نسخي کي صرف دهرائيندو ۽ چٽيندو رهي. ڇا اهڙو انسان شفا ماڻي سگهندو؟ اڄ اسان جي حالت به اها ئي آهي. الله تعاليٰ اسان جي سڀني بيمارين لاءِ قرآن حڪيم جي روپ ۾ ڪامل نسخو ڏنوآهي. ليڪن شيطان اسان کي اهڙو ته بي حواس ڪري ڇڏيو آهي جو قرآن شريف کي صرف دهرايون ٿا، ان جي تلاوت ڪيئون ٿا باقي ان جي ڏنل هدايتن مطابق عمل ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه ٿا ٿيئون. جيتوڻيڪ شيطاني عملن جي نتيجن جي عذابن اسان جي حالت ”سڪرات واري بيماريءَ جهڙي ڪري ڇڏي آهي.“
بيماريءَ جي حالت ۾ ڊاڪٽر کان دوا جو نسخو ۽ دوا کان سواءِ هڪ ضروري هدايت به ملندي آهي يعني پرهيز، ته انهن شين ۽ عملن کان پاسو ڪجي، جي بيماريءَ کي وڌائڻ جو سبب ٿين ۽ انهن هدايتن تي عمل ڪيو وڃي جي مرض کي ختم ڪن. قدرت، انسان کي صحتمند يعني آسماني صحت جو مالڪ ڏسڻ چاهي ٿي.
پرهيز (تقويٰ) درحقيقت مڪافات عمل جو خوف ئي آهي. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته قرآن حڪيم تي ايمان آڻڻ جو مقصد ئي هي آهي ته جزا ۽ سزا جي قانون کي تسليم ڪيو وڃي. هر گناهه خود پنهنجي سزا ۽ ثواب پنهنجي جزا پاڻ آهي. ڪسوٽي عمل آهي.
ہَلْ یُجْزَوْنَ اِلَّا مَا کَانُوۡا یَعْمَلُوۡنَ ﴿۱۴۷﴾٪
”انسان کي ان جي عمل جو ئي بدلو ڏنو ويندو.“
تاريخ جي هر دور ۾ جيڪي قومون دنياوي حيثيت سان ترقي ڪنديون آهن اهي به انهي قانون مطابق اڳتي وڌن ٿيون ۽ جيڪي قومون افلاس ۽ غربت ۾ مبتلا ٿي ڪري پستيءَ جي قبرن ۾ ڪرن ٿيون انهن تي به دنياوي عذاب، قانون قدرت مطابق نازل ٿيندوآهي. قرآن حڪيم ۾ فردن توڙي قومن جي عروج ۽ زوال جو اهو عمومي ۽ ڪلي قانون بيان ٿيل آهي. جنهن مطابق اجتماعي فلاح ۽ اجتماعي زوال ۽ شڪست جا تاريخي مظاهر رونما ٿيندا آهن. آئين فطرت انسان جي سامهون موجود آهي. جيڪڏهن انسان قدرت جي قانون کي سمجهي پنهنجي اندر نوراني تبديلي ڪو نه ٿو آڻي ته، انهن حقائق جو ڪو به نقصان ڪو نه ٿيندو، نقصان ۾ وري به انسان ئي رهندو. حقيقت پنهنجي جاءِ تي قائم آهي. هر حالت ۾ ابتدا انسان کي ڪرڻي آهي. قدرت جو قانون هي آهي ته :
ان الله لايغير مابقوم حتي يغير و اما بانفسهم: (رعد: 11)
”الله تعاليٰ ڪنهن قوم جي حالت تيستائين ڪو نه ٿو بدلائي جيستائين اها پنهنجي حالت نه بدلائي.“
سڀني تبديلين جي علت خود انسان آهي. اهو جهڙن اسباب جي تخليق ڪندو، جنهن قسم جو معاشرو قائم ڪندو. جنهن قسم جو اقتصادي ۽ سياسي نظام هوندو ان جي مطابق ان جي حالت تبديل ٿيندي. انسان پنهنجي تقدير ٺاهڻ تي خود قادر آهي. هيءَ ممڪنات جي دنيا آهي. ان ۾ تخليق جو نور هر وقت جاري رهندو. الله تعاليٰ انسان کان تخليقي جدتن جي تقاضا ڪري ٿو.
جن قومن جو عقيدو اهو هجي ته کائو، پيئو ۽ موج ڪريو انهن ۾ قانون مڪافات عمل جو خوف باقي ڪو نه ٿو رهي. ۽ هُو سمجهن ٿا ته فلاح و بهبود جو ڪو به ظاهري ضابطو يا قانون موجود ڪونهي جهڙيءَ طرح چاهيو زندگي گذاريو. اهي ماڻهو مادي زندگيءَ جي دلچسپين ۾ ايترا ته رڌل هوندا آهن جو آسماني ڳالهين تي غور و فڪر لاءِ انهن وٽ وقت ئي ڪو نه هوندو آهي. اهڙي قوم جا فرد کائڻ، پيئڻ، سير ۽ تفريح ۽ ان قسم جي ٻين مادي دلچسپين کان علاوه ڪنهن روحاني يا ذهني مسئلي سان ڪو به تعلق ڪو نه ٿا رکن. جمود جي ڪيفيت هر وقت انهن تي طاري رهندي آهي. اهو صاف ظاهر آهي ته انسان جي تقليدي روش آبا واجداد جي هجي يا گردو پيش جي يا ترقي يافته قومن جي ان ڳالهه جو صاف ثبوت پيش ڪري ٿي ته انهن زندگيءَ جي بلند حقيقتن کان غافل ٿي ڪري حيات دنيوي کي ئي پنهنجو مقصد عظيم بنايو آهي.
[b]تقليد پرستي
[/b]عربي زبان ۾ ”الاقليد“ ڏاچي جي نڪ جي سوراخ کي چوندا آهن، جنهن ۾ رسي وڌي ويندي آهي. ان مان مراد اِها به آهي ته ڪو پٽو، جنهن کي پنهنجي ڳلي ۾ وڌو وڃي ۽ رسي ٻئي جي هٿ ۾ ڏني وڃي ۽ پوءِ ان جي پويان ماڻهو جانورن وانگر هلندو وڃي. تقليد سبب انسان جي حريت ۽ فڪر جو جوهر سڙي خاڪ ٿي وڃي ٿو. قرآن حڪيم قدم قدم تي غور و فڪر جي دعوت ڏئي ٿو ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ بزرگن جي انڌي تقليد کي منڪرين جو شيوو ٻڌائي ٿو. جڏهن به ڪنهن پيغمبر خدا جي طرف دعوت ڏني ته اهو چئي ان جي مخالفت ڪئي وئي ته تنهنجي اها دعوت ان مسلڪ جي خلاف آهي جيڪو اسان وٽ نسل درنسل ابن ڏاڏن کان هلندو اچي ٿو.
وَکَذٰلِکَ مَاۤ اَرْسَلْنَا مِنۡ قَبْلِکَ فِیۡ قَرْیَۃٍ مِّنۡ نَّذِیۡرٍ اِلَّا قَالَ مُتْرَفُوۡہَاۤ ۙ اِنَّا وَجَدْنَاۤ اٰبَآءَنَا عَلٰۤی اُمَّۃٍ وَّ اِنَّا عَلٰۤی اٰثٰرِہِمۡ مُّقْتَدُوۡنَ ﴿۲۳﴾ قٰلَ اَوَلَوْ جِئْتُكُمۡ بِاَہۡدٰی مِمَّا وَ جَدۡتُّمْ عَلَیۡہِ اٰبَآءَكُمْ ؕ قَالُوۡۤا اِنَّا بِمَاۤ اُرْسِلْتُمۡ بِہٖ کٰفِرُوۡنَ ﴿۲۴﴾ فَانۡتَقَمْنَا مِنْہُمْ فَانۡظُرْ کَیۡفَ کَانَ عَاقِبَۃُ الْمُکَذِّبِیۡنَ ﴿٪۲۵﴾ (الزخرف: 25-23)
“۽ ان طرح جيڪو اسان موڪليو توکان پهريان ڊيڄارڻ وارو ڪنهن بستيءَ ۾، چوڻ لڳا اتان جا دولتمند ماڻهو، اسان ڏٺو پنهنجي پيءُ ڏاڏي کي هڪ راهه تي ۽ اسان انهن جي ئي قدمن تي هلئون ٿا. ان چيو ته ٻڌايان توهان کي ان کان وڌيڪ سمجهه جي راهه، جنهن تي ڏٺو توهان پنهنجي ابي ڏاڏي کي، چوڻ لڳا اسان توکي ڪو نه ٿا مڃون، پوءِ اسان انهن کان بدلو ورتو.“
تقليد پرستيءَ تي گفتگو ڪندي آمريڪا جو مشهور مفڪر A.N Whitehead پنهنجي ڪتاب The Adventure of Ideas ۾ لکي ٿو:
”تقليد پرستيءَ جو نتيجو اهو ٿيندو آهي جو زندگي جامد ٿي وڃي ٿي، فطري صلاحيتون دٻجي وڃن ٿيون ۽ دل کي پستيءَ جي طرف وڃڻ جي عادت پئجي وڃي ٿي....... ياد رکو ته فلسفه معاشرت جو بنياد ان حقيقت تي آهي ته ڪا به مڪمل شيءِ جمود جي حالت ۾ مڪمل رهي ڪو نه ٿي سگهي. اهو اصول، فطرت جي سڀني شين جي پاڙن ۾ ڪارفرما آهي. انسان جي سامهون صرف ٻه رستا آهن؛ اڳتي وڌو يا پوئتي هٽو. هڪ مقام تي بيهڻ روح ڪائنات سان بغاوت آهي، جيڪو اڳتي ڪو نه ٿو وڌي، پوءِ سمجهو ته اهو پوئتي هٽي رهيو آهي. زندگي جي فرسوده پيڪرن کي سيني سان لڳائي رکڻ تنزل آهي. اهڙي زندگي پنهنجا ڏينهن ته پورا ڪري ٿي ليڪن ڪڏهن به ڦل آڻي ڪو نه ٿي سگهي...... ان ۾ تهذيب جي نمائش ته رهجي وڃي ٿي پر ان جي حقيقت باقي ڪين ٿي رهي.“ (صفحو 132)
غور جو مقام آهي ته تاريخ جو اهو عمل ڇو ٿو واقع ٿئي جو قومون اڀرن ٿيون ۽ ختم ٿي وڃن ٿيون؟ زمين جي ورهاست هڪ گروهه کان ٻئي گروهه ڏانهن ڇو منتقل ٿي وڃي ٿي؟ ڇا اهو رڳو ڀاڳ ۽ اتفاق، جاگرافيائي حادثن يا معاشي حالتن سبب ٿيندو آهي؟ يا اها قدرت جي قانونن جي ڪارفرمائي آهي؟ ڇا ان عمل تغير ۽ انقلاب قيادت جو ڪو قانون آهي يا اهو ڪنهن انڌي ۽ نامعلوم علت جو نتيجو آهي؟ قرآن جي نظر ۾ ڪائنات جو ڪو به شعبو قانونن کان آجو ڪونهي؛ ان ڪري ان عروج و زوال جو به قانون آهي. فطرت انتخاب ڪندي رهندي آهي، جنهن ۾ بقا جي قوت وڌيڪ ٿيندي آهي. يعني جنهن قوم ۾ زنده رهڻ جون صفتون، ٻئي قوم کان وڌيڪ ٿينديون آهن، ان کي غالب ڪري ڇڏيندي آهي.
خدا تعاليٰ کي ڪنهن قوم، ملت يا مذهب سان ڪا به خاص نسبت ڪونهي. اهو نه ته ڪنهن قوم کي ان جي ”اعمال حسنه“ جي اجر کان محروم رکندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن خاص مذهب يا ملت وارن کي خراب عملن جي نقصان کان بچائي ٿو. انسان جهڙا اسباب جمع ڪندو اهڙن ئي نتيجن سان منهن ڏيندو. قرآن حڪيم جو اعلان هي آهي ته مقرر اسباب هميشه مقرر نتيجا ڏيندا آهن. جيڪڏهن اسان ڪا مفيد يا با مقصد تبديلي آڻڻ چاهيون ٿا ته اسان کي ان جا اسباب فراهم ڪرڻا پوندا. صرف تمنائن ۽ دعائن سان ڪجهه نه ٿيندو.
وري غور ڪريو؛ هڪڙو شخص پنهنجي جذبي ۽ احساس کي، لازمي قانونن جي تابع آڻي ڪري ئي بلندين تي چڙهي سگهي ٿو. ساڳئي طرح قوم به بلند ٿي سگهي ٿي. جڏهن انسان جو عقل، انسان کي بلڪل صحيح راهه تي آڻي ٿو، ٺيڪ انهيءَ وقت، اسان جا عمل فطرت جي قانونن سان قطعي طور هم آهنگ ٿي وڃن ٿا. شين جي حقيقت اسان جي فعلن سان مطابقت پيدا ڪندي آهي. اهي اصول اسان کي بقا ۽ استحڪام جي طرف وٺي وڃن ٿا. ٻيءَ حالت ۾ تباهي ۽ انتشار يقيني آهي.
[b]وقت زندگي آهي
[/b]ترقي يافته معاشرن ۾ هي لفظ اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته Time is money پر قرآن حڪيم جي تعليم اها آهي ته وقت زندگي آهي.
خدا تعاليٰ انسان جي زندگيءَ جي هر پل سان هڪ اهم فرض لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ان فرض جي ادائيگي ۾ ئي ان جي زندگيءَ جون سڀئي عظمتون پوشيده آهن. جيڪڏهن انسان ان فرض کي سڃاڻڻ يا ادا ڪرڻ کان ڪوتاهي ڪري ٿو ته اهو لمحو برباد ٿي ويو نتيجي ۾ نه صرف اهو لمحو برباد ٿيندو بلڪه اهو ٻين بربادين کي به جنم ڏيندو، ان ڪري چيو ويو آهي ته جو دم غافل سودم ڪافر.
انسان جو هر عمل پنهنجو اثر ضرور ڇڏيندو آهي. وقت برف وانگر رجندو آهي. جيڪڏهن توهان ان برف مان آب حيات جو آسماني شربت نه ٺاهيو ته پوءِ اهو بربادي ڇڏيندو. انسان کي ٻيو ڪجهه به مليل ڪونهي. کيس صرف هاڻوڪو وقت مليل آهي. انسان صرف ان تي ئي اختيار رکي ٿو. جيڪڏهن توهان لمحه موجود کي آسماني نور سان مهڪايو يعني خدا (حقيقت ڪل) جي غلامي ڏني، حق جي ٻانهپ ڪئي، سچ سان جڙيل رهيا ته اها توهان جي ابديت آهي. لمحه موجود جو رس چوسي (محدود هوندي) لامحدود سان اتحادي هجڻ ۽ زماني جي هر لمحه ۾ ابدي ٿي وڃڻ اصول حيات آهي. غور ڪريو! جيڪو لمحو گذري ويو اهو هميشه جي لاءِ ويو. گذريل لمحه پوئتي ڪو نه موٽندو آهي ڇو ته اها ان جي فطرت آهي.
جيڪڏهن انسان جو هاڻوڪو وقت آسماني ڪونهي ته انسان پنهنجي غفلت ۽ برباديءَ تي هميشه هٿ مهٽيندو رهندو. هن حقيقت کي سمجهو ته جيڪڏهن توهان وٽ حق ڪونهي ته باطل جو هجڻ لازمي آهي. قانون قدرت هي آهي ته حق هوندو ته باطل ڪو نه هوندو. باطل هوندو ته حق ڪو نه هوندو ڇو ته عمل جي دنيا ۾ خلا محال آهي سچ نه ٿا ڳالهايو ته ان جي صاف معنيٰ اها آهي ته ڪوڙ ٿا ڳالهايو. چڱي ڪم جي جزا ۽ بري ڪم جي سزا ملندي رهندي آهي. جزا ۽ سزا جو قانون هر وقت لاڳو آهي. نيڪي، بدي جي ۽ بدي، نيڪيءَ جي اثرن کي مٽائيندي رهي ٿي.
غور جو مقام آهي؛ ٿوري وقت لاءِ وقت جي فطرت ۾ ليئو پايو. جيڪڏهن توهان لمحه موجود کي پنهنجي حق ۾ استعمال نه ڪيو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو لمحو توهان جي خلاف استعمال ٿيو. جيڪڏهن وقت جي هڪ هڪ لمحي جي بدلي ۾ توهان ڪو اجر ڪو نه ڪمايو ته پوءِ صرف اهو ئي خسارو ڪو نه ٿيو ته توهان پنهنجي سرمايه (وقت) مان فائدو ڪو نه ورتو بلڪه ان جو اصلي درد انگيز پهلو هي آهي ته زندگيءَ جو ضايع ٿيل هڪ هڪ پل توهان جي لاءِ وبال ٿيو. اها رائيگان ٿيل زندگي دراصل رائيگان ئي ڪو نه ٿي وڃي، بلڪه انسان تي هڪڙو ابدي گناهه ٿي، مسلط ٿي وڃي ٿي. وقت شاهد آهي (جيستائين انسان جي زندگيءَ جي مقصد جو تعلق آهي) ته انسان خساري ۾ آهي يعني انسان زندگي جي مقصد جي قريب نه، بلڪه ان کان پري ٿي رهيو آهي. انسانن جا ڪيل گناهه انسان کي (خدا، ڪمال) کان دور ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو انسان فنا ٿيندو آيو آهي. بقا صرف خدا سان اتحاد ۾ آهي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
وَالْعَصْرِ ۙ﴿۱﴾ اِنَّ الْاِنۡسَانَ لَفِیۡ خُسْرٍ ۙ﴿۲﴾ (والعصر: 2)
”قسم آهي زماني جو ته انسان بيشڪ خساري ۾ آهي.“
خسارو ان ۾ آهي ته انسان وقت ۽ ان جي استعمال، ٻنهي جي قيمتن ۾ ڀيٽ ڪو نه ٿو ڪري. ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو هو ڪنڊن سان جهولي ڀري ٿو ۽ گلن کي ڇڏي ڏئي ٿو. انسان هر وقت خسارو ڪندو رهي ٿو، سواءِ نيڪ ڪم ڪندڙن ۽ حق تي هلڻ وارن صابرين جي.
وَالْعَصْرِ ۙ﴿۱﴾ اِنَّ الْاِنۡسَانَ لَفِیۡ خُسْرٍ ۙ﴿۲﴾ اِلَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ تَوَاصَوْا بِالْحَقِّ ۬ۙ وَ تَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ ٪﴿۳﴾ (سورت العصر: 3-1)
”زمانو ياد آهي ته انسان وڏي نقصان ۾ رهيو آهي پر اهي ماڻهو انهيءَ نقصان کان بچي ويا جن ايمان آندو، صالح عمل ڪيا، هڪ ٻئي کي حق جي راهه تي هلڻ لاءِ تلقين ڪئي ۽ ان راهه ۾ ايندڙ سڀني مصيبتن کي صبر۽ استقلال سان سَٺو.“
زندگيءَ جو هڪڙو نالو قانون به آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان وٽ هڪ ماني هجي، پاڻ بکيو هجي، ان جي ٻارن کي فاقو هجي، ظاهر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجي ٻارن جي ماني ڪتن کي ڏيڻ جي غلطي نه ڪندو. جيڪڏهن ڪنهن مسافر کي ريگستان پار ڪرڻو هجي ۽ ان وٽ پاڻيءَ جي هڪڙي پخال هجي ته هو پاڻيءَ سان پيرن کي ڪو نه ڌوئيندو، بلڪه پاڻيءَ جو هڪڙو هڪڙو قطرو، پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ محفوظ رکندو. افسوس آهي جو انسان، انهن شين کي استعمال ڪرڻ ته ڄاڻي ٿو پر جڏهن ان جي سامهون خود پنهنجي زندگيءَ جي بي بها شي (وقت) جي استعمال جو سوال ٿو اچي ته پوءِ اهو بلڪل ئي نادان ٿي وڃي ٿو.
زندگي، جيئڻ لاءِ، صرف هڪ دفعو ملندي آهي. ان ڪري پنهنجي زندگيءَ جي بدلي ۾ يا ته ابدي ڪاميابي حاصل ڪري سگهئون ٿا يا ابدي بربادي. ياد رکو ته ابدي ڪاميابي صرف خواهشن سان ڪو نه ملندي. ان لاءِ انسان کي قدم قدم تي رڪاوٽن جا ميدان لتاڙڻا پوندا. واضح حقيقت جي باوجود، دنيا ۾ اڪثريت، انهن ئي ماڻهن جي آهي جيڪي پنهنجون زندگيون نهايت حقير مقصد لاءِ گذاري رهيا آهن، بلڪه ضايع ڪري رهيا آهن. انهن جاهلن کي هن زندگيءَ جي قدر و قيمت جي ڪا به خبر ڪونهي، حالانڪه اها ئي وڏي ۾ وڏي نعمت آهي، جيڪا انهن جي حصي ۾ آئي آهي.
هيءَ زندگي جيتوڻيڪ عارضي ۽ فاني آهي پر اها هڪ ابدي ۽ لازوال جواني واري زندگيءَ جي قيمت ٿي سگهي ٿي؛ شرط اهو آهي ته انسان ان کي حقير مشغلن ۾ ضايع ڪرڻ بدران، ان کي تعميري ڪمن ۾ خرچ ڪري، جنهن تي ان کي صرف ٿيڻ گهرجي.
اعليٰ جي مقابلي ۾ ادنيٰ کي ترجيح ڏيڻ جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته دنيا ۾ ادنيٰ پرستن جي ڪثرت آهي. ماڻهو انهن راهن تي هلڻ پسند ڪندا آهن، ۽ پاڻ کي سلامت سمجهندا آهن، جي قافلن سان ڀريل هجن. قرآن حڪيم جي هن شهادت تي غور ڪريو:
قُلۡ لَّا یَسْتَوِی الْخَبِیۡثُ وَالطَّیِّبُ وَلَوْ اَعْجَبَکَ کَثْرَۃُ الْخَبِیۡثِ ۚ فَاتَّقُوا اللہَ یٰۤاُولِی الۡاَلْبَابِ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوۡنَ ﴿۱۰۰﴾٪ (المائده:100)
”چئون ته ان جي ميزان ۾ خبيث ۽ طيب برابر ٿي ڪو نه ٿا سگهن جيتوڻيڪ خبيث جي ڪثرت توکي ڪيترو به ڇو نه ڪشش ڪري، الله کان ڊڄندا رهو اي عقل وارو.“
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
وَ اِنۡ تُطِعْ اَكْثَرَ مَنۡ فِی الۡاَرْضِ یُضِلُّوۡکَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللہِ ؕ اِنۡ یَّتَّبِعُوۡنَ اِلَّا الظَّنَّ وَ اِنْ ہُمْ اِلَّا یَخْرُصُوۡنَ ﴿۱۱۶﴾ (الانعام:116)
”۽ جيڪي ماڻهو زمين تي آباد آهن انهن مان اڪثر جو چوڻ مڃڻ لڳؤ ته اهي توهان کي الله جي راهه کان ڀٽڪائي ڇڏيندا. اهي ته بس اٽڪل جي ئي پيروي ڪن ٿا ۽ محض گمان ۾ پيل هوندا آهن.“
انسانن جا عمل ٻن قسمن جا ٿيندا آهن؛ هڪڙا نوري ٻيا ناري، هڪڙا روحاني ۽ ٻيا نفساني. روحاني عمل با مقصد ٿيندا آهن. يعني زندگيءَ جي مقصد سان مطابقت رکندا آهن، نور کي آڻيندا آهن. انهن جي مقابلي ۾ نفساني عمل، انسان کي زندگيءَ جي مقصد کان پري ڪندا آهن ۽ نتيجي ۾ انسان جي فنا جو بندوبست ڪندا رهندا آهن. ان طرح هر وقت نوراني (ملڪوتي) ۽ آتشي (نفساني) قوتن جي ڪشمڪش ٿيندي رهي ٿي. ملڪوتي قوتن مان مراد محبت، شرافت، نيڪي، سچائي، امن ۽ اطاعت حق آهي، جڏهن آتشي قوتن جو اظهار شر، خباثت، بدي حق سان بغاوت آهي. انهن ٻنهي قوتن مان جيڪا قوت غالب ايندي آهي، انساني ذهن ان طرف مائل ٿي وڃي ٿو. حق جي مڪمل غلبي تائين اها ڪشمڪش جاري رهندي، ڇو ته ”غالب اچڻ“ حق (سچ، خدا) جي فطرت آهي.
خدا (نور) هر دور ۾ پيغمبرن جي ذريعي حق جو ڪامل اظهار ڪيو آهي. آسمان هر دور ۾ انسان کي بلند ڏسڻ چاهيو ليڪن نفس هر دور ۾ انسان کي پستين ڏانهن پوري قوت سان ڇڪيندو رهيو:
وَلَوْ شِئْنَا لَرَفَعْنٰہُ بِہَا وَلٰکِنَّہٗۤ اَخْلَدَ اِلَی الۡاَرْضِ وَاتَّبَعَ ہَوٰىہُ ۚ فَمَثَلُہٗ کَمَثَلِ الْکَلْبِ ۚ اِنۡ تَحْمِلْ عَلَیۡہِ یَلْہَث اَوْ تَتْرُكْہُ یَلْہَثۡ ؕ ذٰلِکَ مَثَلُ الْقَوْمِ الَّذِیۡنَ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِنَا ۚ فَاقْصُصِ الْقَصَصَ لَعَلَّہُمْ یَتَفَکّرُوۡنَ ﴿۱۷۶﴾ (الاعراف: 176)
“اسان چاهيون پيا ته پنهنجي قانون مشيت جي مطابق ان (انسان) کي بلندي عطا ڪيون ليڪن هو پستي سان چهٽي پيو. ۽ نفساني حرمن جي پيروي ڪيائين. پوءِ ان جو مثال ڪتي وانگر ٿيو. جنهن تي جيڪڏهن ڪاهه ڪبو ته به زبان ڪڍي سهڪي ۽ جي ڇڏي ڏيوس ته به پيو سهڪندو. اهڙو ئي مثال انهن قومن جو آهي، جن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو، تنهن ڪري هي ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌاءِ ته ڪو غور ۽ فڪر ڪن.“
تاريخ روح ۽ نفس جي ڪشمڪش جو داستان آهي. تاريخ انهن عملن جو رڪارڊ آهي جنهن ۾ نفس، روح تي حملا ڪري، انسان جي پنهنجي هٿن سان ئي انسان جي فنا ۽ برباديءَ جو سامان تيار ڪيو. خدا تعاليٰ جا پيغمبر هر دور ۾ حق جي پيغام (اسلام) سان ايندا رهيا ته جيئن اهي انسان ذات کي نفس جي تباهڪارين کان بچائن، پرانهن جي آسماني آواز تي عوام جي اڪثريت ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو. قومن کي فنا کان بچڻ لاءِ روح (خدا) نوراني عملن جي تقاضا ڪئي ليڪن نفس جو وار هميشه ڪامياب رهيو. نور محمدي شروع کان ئي، نفس سان وڙهندي، انسانذات جي رهبري ڪندو رهيو ليڪن انسان هر دور ۾ نفساني خواهشن جي ظلمت مان اڻيل ڪفن پائي گهري ننڊ ۾ ستو رهيو. اسلام جي نظر ۾ زندگي هڪ وحدت آهي، ان ڪري رسول عربي ﷺ کان پهريان جيترا به حق پرست ٿي گذريا آهن انهن سڀني جي حقانيت کي تسليم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. قرآن حڪيم جي عمارت سچ جي بنياد تي آهي.
جي نه سڃاڻن سچ کي ويهه م تنين وٽ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
مهر تنين وٽ، مٽ جي پارکو پارس جا.
*
توبهه ڪريو، سچن جو ساٿ ڏيو
توبهه ۾ غفلت ڪرڻ درست ناهي ڇو ته غفلت ۽ نفس جي خواهش هڪ هلاڪ ڪرڻ واري بيماري آهي. خدا جي قربت ۽ مرتبن جا درجا حساب کان ٻاهر آهن. مٿانهين مقام تائين پهچڻ لاءِ توبهه جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هر مقام ۽ مرتبو مٿئين مقام ۽ مرتبي جي لحاظ کان گهٽ ۽ ناقص آهي. ناقص مان ٻاهر نڪرڻ ۽ بلندي جي ڪامل درجي تائين پهچڻ، دنيا جي هر شخص تي لازمي آهي. ان لاءِ ضروري آهي هر شخص کي خدا (حقيقت ڪل) ڏانهن رجوع ڪرڻ ۽ غفلت مان نڪري خدا جي ذڪر طرف اچڻ گهرجي.
ڪامل معرفت جي جستجو ڪرڻ وارن عارفن جي توبهه ان مقام کان شروع ٿئي ٿي، جتي هو پهتل آهن. ان عقل جي نور جو نالو ئي توبهه آهي، جيڪو جنگ جي حالت ۾ شيطاني ۽ حيواني عادتن جي لشڪر جي سامهون، مقابلي لاءِ اچي ٿو ۽ انسان کي آسماني حقيقت جي تابعدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جنهن سان نجات ۽ ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي. انسان ڪهڙي به حال ۽ ڪهڙي به رتبي تي هجي پوءِ به توبهه ضروري آهي. انسان جي عضون مان ڪوئي عضوو گناهه ۾ ڦاٿل هجي يا دل مان ڪو گناهه صادر ٿئي ته توبهه درڪار ٿيندي آهي. سيد جو هي بيت پڙهو؛ پاڻ فرمائن ٿا:
ٻانهپ جو ٻيڙين ۾ وکر وڌائون،
موتي معرفت جا سچا سو ڌيائون،
النائب من الذنب، اي کٽ کٽيائون،
انين جي آئون، برڪت بار لنگهائيان.
تابُ عنھ جي معنيٰ آهي ان پنهنجي غلطيءَ جي احساس ڪري غلط روش کي ڇڏي ڏنو ۽ صحيح رستي جي طرف موٽي آيو. غلطيءَ جو احساس ۽ احساس بعد غلط روش کان پرهيز ۽ پوءِ صحيح روش جو اختيار ڪرڻ، اهي ٽيئي مرحلا توبھ جي اندر شامل آهن. ائين ڪرڻ واري کي تائبُ چوندا آهن.
يعني صالح عملن ۾ اها صلاحيت ٿيندي آهي ته اهي غلط عملن جي نقصان ڏيندڙ نتيجن جو ازالو ڪري ڇڏين. الذنبُ مان مراد هر اهو ڪم آهي جنهن جو انجام برو هجي.
سيو ئو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
توبهه جي تاثير سين، تري وئا طوفان،
ڏيئي توڪل تڪيو، آرُ لنگهيا آسان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو.
”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪڙي ڀٽڪي وڃي ته ڇا هو نوانوي کي ڇڏي ڪري ۽ پهاڙن تي وڃي ڪري ان ڀٽڪيل رڍ کي نه ڳولهيندو ۽ جيڪڏهن کيس اُها لڀي پوي ته مان توهان کي سچ چوان ٿو ته اهو انهن نوانوي رڍن جي ڀيٽ ۾ ان رڍ جي گهڻي خوشي ڪندو. اهڙيءَ طرح توهان جو آسماني پيءُ اهو نه ٿو چاهي ته هنن ننڍن مان هڪڙو به هلاڪ ٿئي.“ (متي 18: 12-14)
*
”يا ڪهڙي اهڙي عورت آهي جنهن وٽ ڏهه درهم هجن ۽ هڪڙو وڃائجي وڃيس ته اها ڏيئو ٻاري ڪري گهر ۾ ٻهاري نه ڏي ۽ جيستائين کيس اهو ملي نه وڃي ڪوشش سان ڳولهيندي نه رهي؟ ۽ جڏهن ملي وڃيس ته پنهنجي دوستن ۽ پاڙي وارن کي سڏي ڪري نه چوي ته مون سان گڏجي خوشي ڪريو ڇو ته منهنجو وڃايل درهم ملي ويو. مان توهان کي سچ ٿو چوان ته ان طرح هڪ جي توبهه ڪرڻ سبب خدا جي فرشتن کي به خوشي ٿيندي آهي.“ (لوقا 15-8-10)
توبهه ڪرڻ دنيا جي هر شخص تي واجب آهي. ڇو ته گناهه قاتل زهر ۽ برباد ڪرڻ وارو آهي. توبهه جو پڪو ارادو هجڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ، جيترو ٿي سگهي ته گذريل قصور ۽ ڪوتاهين جو تدارڪ ڪري. ان لاءِ ابتدا ئي طور انسان کي عبادتن ۽ ڏکويل انسان ذات جي خدمت ۾ مصروف رهڻ گهجي جيئن سندس دل تي معرفت جي نور جو شعاع پوي. غرور ۽ تڪبر جي قلعي کي فتح ڪرڻ آسان آهي مگر ان ۾ ويهي ڪري نور جي حڪمراني هلائڻ مشڪل آهي. خدا تعاليٰ جي عطا ڪيل روشنيءَ کان سواءِ، ان قلعي ۾ علم الاهي کان محروم ماڻهو قدم ڄمائي ڪو نه ٿا سگهن. هر وقت خدا تعاليٰ (ڪامل سچائي) جي ذڪر سان دل کي روشن ڪرڻ گهرجي نه ته زندگي ضايع ٿي ويندي. سيد لطيف چوي ٿو:
وحده لاشريڪ لھ، چئي چوندو آءٌ،
فرض، واجب، سنتون، تينو ترڪ م پاءُ،
توبهه سندي تسبيح، پڙهڻ سان پڄاءِ،
نانگا پنهنجي نفس کي ڪا نئين راه سونهاءِ،
تاسندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.
*
ٻانهپ جو ٻيڙين ۾ وکر وڌائون،
موتي معرفت جا سچا سو ڌيائون،
التائب من الذنب، اي کٽ کٽيائون،
انين جي آئون، برڪت بار لنگهائيان.
*
سيوئوجن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
توبهه جي تاثير سين، تري وئا طوفان،
ڏيئي توڪل تڪيو، آرُ لنگهيا آسان،
ڪامل ڪشتي بان، وچ ۾ گڏين واهرو.
انسان ڪنهن جرم جي ڪرڻ سان، ابدي طور تي، زندگيءَ جي خوشگوارين کان محروم ٿي ڪو نه ٿو سگهي. انسان جڏهن به خدا تعاليٰ جي قانون کي اختيار ڪندو ته ان قانون جا خوشگوار نتيجا ان ڏانهن ايئن ڊوڙ پائي ايندا جيئن ورهين جو وڇڙيل عاشق، محبوب ڏانهن وڌندو آهي. هر شخص لاءِ باز آفرينيءَ جو امڪان موجود آهي.
جڏهن انسان غير خدائي قانونن کي ڇڏي ڪري، خدائي قانون طرف رجوع ڪري ٿو ته اهو قانون پنهنجون سڀ رحمتون کڻي انسان کي مقصد ڏانهن وڌائي ٿو. قدرت جو قانون هي آهي ته:
اِنَّ الْحَسَنٰتِ یُذْہِبْنَ السَّیِّاٰتِ ؕ ذٰلِکَ ذِكْرٰی لِلذّٰکِرِیۡن ﴿۱۱۴﴾ۚ (هود: 114)
“ياد رکو نيڪيون برائين کي کڻي وڃن ٿيون.”
يعني اعمال حسنه (قرآني عمل) ۾ اها صلاحيت، قدرتي طور موجود آهي، جو ان سان غلط عملن جي نقصان ڏيندڙ نتيجن جو ازالو ٿي وڃي ٿو. روحاني آلودگي جي صفائي ڪرڻ ۽ گندگيءَ ڏانهن وري نه وڌڻ، اها آهي توبهه. عربي زبان ۾ تابَ، توباً، توبةً جي معنيٰ آهي واپس اچڻ. مثال طور توهان ڪنهن شاهراهه تي سفر ڪري رهيا آهيو. رستي ۾ هڪ چودڳي اچي ٿي. توهان اتي غلطيءَ سان رستو ڀلجي ٻئي طرف هليا ويا. ٿورا قدم اڳتي هلڻ کان پوءِ توهان محسوس ڪيو ته توهان غلط طرف هلي رهيا آهيو ۽ صحيح رستو اهو ڪونهي. هاڻي توهانکي، صحيح رستي طرف وڃڻ لاءِ ان هنڌ تائين موٽي اچڻو پوندو جتان توهان جو قدم غلط رخ طرف وڌيو هو. ان واپسيءَ کي توبهه چوندا آهن. ظاهر آهي ته ان لاءِ توهان کي هلي ڪري اتي پهچڻو آهي، جتان ڀليا آهيو. جيڪڏهن اتي بيهندي بيهندي، توهان سڄي عمر به ”رستي ڀلجڻ“ جو افسوس ڪندا رهندؤ ته اها توبهه نه ٿيندي.
توبهه ڪرڻ هڪڙو عملي ڪم آهي، جنهن سان غلط ڪمن جي اثرن کي صاف ڪيو وڃي ٿو. ان جي خراب اثرن جي تلافي ڪئي ويندي آهي. توهان پنهنجي غلطيءَ جو احساس ڪري غلط روش کي ڇڏي ڏنو ۽ راهه حق طرف موٽي آيا. غلطيءَ جو احساس، احساس کان بعد غلط روش کان پرهيز ۽ پوءِ صحيح روش جو اختيار ڪرڻ، اهي ٽيئي مرحلا توبهه جي اندر شامل آهن.
جيڪڏهن هڪڙو شخص ڪنهن اهڙي خوفناڪ جهنگل ۾ وڃي ڦاسي، جتي پاڻي ۽ گاهه نه هجي، ۽ ان شخص جو اهو گهوڙو، جنهن تي هو سواري ڪري ٿو، (ان گهوڙي تي سندس کاڌي پيتي جو سامان رکيل آهي) گم ٿي وڃي ۽ هو پنهنجي گهوڙي کي ڳولهيندي ٿڪجي پوي. ٿڪاوٽ ۽ نا اميديءَ سبب ڪنهن وڻ هيٺان سمهي پوي ٿو ۽ ان دوران ان جي اک لڳي وڃي ٿي. پوءِ اوچتو سندس اک کلي ٿي ۽ ڏسي ٿو ته ان جو وڃايل گهوڙو سامان ۽ پاڻي، ان جي سامهون بيٺو آهي. اهڙي حالت ۾ جيڪا خوشي ان کي حاصل ٿيندي سان گڏ، ان کان به وڌيڪ خدا تعاليٰ کي ان وقت خوشي ٿيندي آهي، جڏهن بندو خدا جي طرف رجوع ڪري ٿو. توبهه ڪرڻ کان اڳ انسان مرده آهي. توبهه کان پوءِ هو زنده ٿي پوي ٿو. انجيل پاڪ آسماني ڪتاب آهي. ان ۾ ڏنل هن مظهر تي غور ڪريو:
”اي منهنجا پيءُ! مان آسمان ۽ پنهنجي نظر ۾ گنهگار ٿيس. هاڻي ان جي لائق ڪو نه رهيو آهيان جو وري تنهنجو پٽ سڏايان. پيءُ پنهنجي نوڪرن کي چيو سٺي کان سٺو وڳو جلدي ڪڍي اچي هن کي پارايو. ان جي هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس ۽ پليل وهڙي کي ذبح ڪيو ته جيئن اسان خوشي ملهايون ڇو ته منهنجو پٽ مرده هئو هاڻي زنده ٿيو آهي. وڃائجي ويو هو، هاڻي مليو آهي“ (لوقا 15: 11-24)
قومن جي عروج ۽ زوال ۾ ”قانون مڪافات عمل“ جو وڏو حصو رهيو آهي. زندگيءَ کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ان قانون کان وڌ ۾ وڌ مدد ملي سگهي ٿي.
جيڪڏهن توهان ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ دفن ڪيو ته توهان کي ڪڏهن به اهو خدشو ڪو نه ٿيندو ته متان ڪڻڪ جي بدران ڪپهه جو ٻوٽو ڦٽي نڪري. ڇاڪاڻ ته اهو فطرت جو قانون آهي. ياد رکو ته سٺي عمل جو نتيجو سٺو ۽ بري عمل جو نتيجو بروئي نڪرندو. اها آهي تقدير.
انسان جڏهن گناهه ڪندو آهي ته ان جا ٽي درجا ٿيندا آهن؛ آغاز، انجام ۽ انتها. جيڪڏهن گناهه جو آغاز آهي ته پوءِ باز اچڻ ڪافي آهي. جيڪڏهن گناهه شروع ٿي چڪو آهي ته پوءِ باز اچڻ سان گڏ اصلاح ۽ ان جي تلافي ڪرڻ به ضروري آهي. جيڪڏهن انتهائي حد کي عبور ڪري چڪو آهي ته پوءِ نتيجن جي انتظار کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي.
قرآن حڪيم جو قانون هي آهي ته هر غلطيءَ لاءِ درستگي، هر نقصان لاءِ ان جي تلافي ۽ هر لرزش کي سنڀالڻ لاءِ قدرت جي طرف کان وڌ ۾ وڌ فرصت ملندي آهي. اصلاح جي مهلت گهڻي وقت تي مشتمل ٿيندي آهي، ان جو دروازو جلدي بند ڪو نه ٿو ٿئي. مطلب ته توبهه ڪرڻ جو مطلب آهي.......”زندگيءَ جي مقصد جي نئين سر تعمير ڪرڻ“
الله تعاليٰ آدم کي جنهن جنت ۾ رکيو هو تنهن مان ”گناهه ڪرڻ“ ڪري ڪڍيو ويو، ليڪن الله تعاليٰ انسان کي هڪ اهڙو ذريعو به ڏنو هو جنهن جي وسيلي اهو پنهنجي پهرين حالت ”مقام احسن تقويم“ ڏانهن موٽي سگهي؛ يعني ”توبهه جو سهارو“. ليڪن اڄوڪو انسان گناهه کي ”جدت پسندي“ ۽ ”فئشن“ جو نالو ڏيئي اُن کان باز اچڻ لاءِ تيار نه آهي. انسان پنهنجي اصل حالت (ڪمال) ڏانهن ان وقت موٽي سگهندو جڏهن هو گناهه جو ساٿ ڇڏي ڏي يعني هو سچي توبهه ڪري.
فَتَلَقّٰۤی اٰدَمُ مِنۡ رَّبِّہٖ کَلِمٰتٍ فَتَابَ عَلَیۡہِ ؕ اِنَّہٗ ہُوَ التَّوَّابُ الرَّحِیۡمُ ﴿۳۷﴾ (البقره: 37)
“پوءِ آدم پنهنجي پروردگار کان ڪجهه ڪلمات سکيا. پوءِ الله تعاليٰ ان جي توبهه قبول ڪئي. اهو ته آهي ئي وڏو توبهه قبول ڪرڻ وارو.“
وحده لاشريڪ لھ، چئي چوندو آءُ،
فرض، واجب، سنتون، تينو ترڪ م پاءِ،
توبهه سندي تسبيح، پڙهڻ سان پڄاءِ،
نانگا پنهنجي نفس کي، ڪا نئين راهه سونهاءِ،
تاسندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.