ڪھاڻيون

عدد ناهي عشق

وفا اسلم شيخ وڏي عرصي کان ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي. 15 سالن جي وقفي کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ”عدد ناھي عشق“ ڇپيو آھي. وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گھرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻھن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيا آهن. ساڳي وقت ھن تھذيبي، معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن.

Title Cover of book عدد ناهي عشق

سونهن بنا سمبارا

سنڌو سڀيتا جي خوبصورت شهر مهين جي شهر ۾ جشن لڳو پيو هيو. ميلي جهڙو ماحول هو. پوري شهر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو. هر ڪنهن جي مراد اڄ پوري ڪئي پئي وڃي. غريبن کي دان ڏنو پيو وڃي،مظلومن سان انصاف پيو ٿئي.اڄ هن شهر جي بادشاھ ڪنگ پريسٽ جو جنم ڏينهن ۽ شوديتا کي اشنان ڪرائڻ جو ڏڻ هيو. هر سال هن ڏينهن تي غريبن کي خوب نوازيو ويندو هو. شاهي رقاصا سمبارا به اڄ پوڄا لاءِ مندر ڏانهن وڃي رهي هئي. ميدي ۽ سندور جهڙو ڏيک ڏيندڙ منهن،کاٻي ڳل تي اک جي هيٺيان ڪارو تِر‘. سهڻو سنهڙو منهن،چپ ٿورا ٿورا کليل ڄڻ ڪنهن کي ڇهڻ لاءِ بيقرار.خوبصورت ۽ عجيب قسم جي ڪشش رکندڙ اکيون جنهن جي پسڻ سان ڪنهن شاعر جو غزل سرجندو هجي،ڪلهي کان ڪرائيءَ تائين عاج جون چوڙيون،ڪارا ڊگها وار ۽ انهن ۾ لڙڪندڙ خوبصورت رنگارنگي سڳي،ڪپڙا جسم سان چهٽيل. هن جي ڀنل بدن ۽ جسم جي انگ انگ شهر کي ديوانو ٿي ڪيو. هن جي هلڻ سان باد صبا جي جهوٽن جو گمان پيو ٿئي ۽ سندس رڪجڻ سان ڄڻ ته نبض ئي وڍجي پئي وڃي. هر ڦٿڪندڙ دل جي آس هوندي هئي ته کيس سندس مرمري بدن جو ڇهاءُ نصيب ٿئي. پر سندس چهري تي اڄ اها رونق نه هئي. گم سم پريشان حال ٿڪل ٿڪل اداسيءَ جي چادر ۾ ويڙهيل ڪنهن اونهي سوچ ۾ ورتل اچي مندر جي ڪنڊ ۾ ويهي رهي.
مندر ۾ وڏي رونق لڳي پئي هئي،گهنڊ وڄي رهيا هئا. ماڻهن جي چهرن ۽ لبن تي خوشي رقص ڪري رهي هئي. نوجوان اکين جي شرارت ۽ مسڪراهٽ ماحول کي رونق بخشي رهي هئي. وڏي پوڄاريءَ جي نظر جو سمبارا تي پئي ته ٻئي هٿ جوڙي پرنام ڪري اٿاري شوديوتا جي ڀر ۾ ويهاريائينس. مندر ۾ رش لڳي پئي هئي. کوڙ سارا ماڻهون سمبارا کي ڏسي حيران هئا ته اڄ ههڙي خوشين ۽ رونق واري ڏينهن تي هيءَ مورتي خاموش ۽ اداس ڇو آهي. انهن مان کوڙ ماڻهون هن جي مسڪراهٽ ڏسڻ جا آتا هئا. ماڻهون آخر هن کي سالن کان سڃاڻندا هئا ته هن شهر جي خاص رقاصا آهي، راجا جي مٿس نظرِ ڪرم آ. انهن مان ڪن کي ياد آيو ته گذريل سال به اها مورتي اداس ۽ خاموش هئي پر ڪنهن کي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي. شوديوتا جي بت وٽ ماڻهن جي رش وڌندي وئي. ڪن ماڻهن کان صبر نه ٿيو ته سونهن جي راڻي سمبارا اداس ڇو آهي، هو سندس خاموشيءَ جي فضا کي ٽوڙڻ پيا چاهن. انهن مان هڪڙي چيو،
“تنهنجي خاموشي ديوتا جي بي حرمتي ٿي ڪري.”
ٻي چيو،“ ڏس اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آ،ڏسين نه ٿي ته ديوتا به ڪيڏو خوش آ. جي تون اسان جو ساٿ نه ڏيندينءَ ته ديوتا به ناراض ٿي ويندئي.”
ٽئين چيو،“ شوديوتا اسان جي رخشا ڪندو آ،زندگي ٿو ڏئي،جوانيءَ جون گهٽائون ٿو بخشي. اٿ ان خوشيءَ جي گهڙين ۾ ماحول کي ڪا رونق بخش.”
سمبارا اٿي. هن ماڻهن جي دلين کي اداس ڪرڻ نه ٿي چاهيو ۽ اهڙو ته دلڪش رقص ڪيائين جو مندر جي گهنڊن ۾ جوش برپا ٿي ويو. سڄي شهر کي خبر پئجي وئي ته سمبارا جو رقص هلي رهيو آهي. ڏسڻ وارا بت بڻجي ويا. اڌ ڪلاڪ جي رقص کان پوءِ ساڳيو ئي ديوتا جي ڀرسان اداس پاڇي جيان ويٺي رهي. ننڍي پوڄاريءَ سندس وارن کي ڇهندي چيو،
“ اگر ديوتا توکي خوشي نه ڏيندو ته ڀلا ٻئي ڪنهن کي ڪيئن ٿو ڏئي سگهي. چري توئي ته پنهنجي جسم جي لوڏ ڪوڏ سان ماڻهن جي عقيدن کي پختو ڪيو آ. ڇا اهو ديوتا جو ڪمال نه آهي.”
ٻيا کوڙ سارا پوڄاري،ٻاوا،ساڌو،سنت،سوامي ۽ پنڊت ويٺا هئا. جن مان ڪن گهڻيون ڳالهيون ڪيون. پر آخر شاهي رقاصا هئي هنن کي به پنهنجو مان مريادا رکڻو هيو پر سمبارا جي اداسيءَ ۾ ڪمي نه آئي. سندس ذهن ۾ ڪي شڪ شبها وڌندا رهيا ڇو جو ڪي ڳالهيون سرگوشين ۾ به جاري هيون جيڪي هن لاءِ صدين جو شور بڻجي پيون هيون. هن کي اچانڪ پنهنجو ٻالڪ پڻو ياد اچي ويو. ماضي جيترو به مَڌ‘ر‘ هوندو آهي ان جي ياد به اوترو ئي حسين هوندي آهي ته ڪيئن ننڍي هوندي پنهنجي سهيلين سان هن پر امن شهر جي مٽيءَ سان راند روند ڪئي هئي ۽ جڏهن سامائي هئي ته پاڻ ۾ سهيليون هڪٻئي کي خوش ڪرڻ ۽ مذاق مذاق ۾ چونديون هيون ته،
“خبر ناهي ته ڪنهن جو ڪنهن سان پلوءُ اٽڪندو.”
پر هاڻي اهي ڳالهيون هن کي ماضيءَ جي ڀل محسوس ٿيندي هئي .سمبارا سوچن جي ساگر ۾ هئي ته هاڻي ان ڀل کي دل جي تختيءَ تان ئي مٽائي ڇڏجي پر گذريل سال ٿيل واقعي کي نه پئي وساري سگهي ته ماضيءَ کي ڪيئن وساري سگهندي.
سمبارا ان واقعي کي ياد ڪري پڄري رهي هئي ته گذريل سال ٺهي،سنڀري پنهنجي شان مان سان جڏهن مندر پهتي هئي تڏهن به ائين خوشين جو ميلو لڳو پيو هيو. ديوتا کي اشنان وڌو پئي ويو ان وقت به هن شهر جا ڪرتا ڌرتا پنڊت،سوامي،سنت،ٻاوا ۽ ننڍا وڏا پوڄاري موجود هئا. جڏهن وڏي پوڄاريءَ سندس نرڙ تي بنديا لڳائي ۽ مٿي ۾ سندور وڌائينس ۽ سندس رئي جي پلوَ کي شوديوتا جي رئي سان ڳنڍ ڏني هئي ته ماڻهن خوشيءَ مان دهل وڄايا هئا، ماڻهون دهل جي ڌن تي مگن هئا تڏهن سمبارا به پاڻ کي هڪ ٻئي رنگ ۾ محسوس ڪيوهو ڄڻ هوءَ آسمان مان اڏندي اچي ديوتا جي جهوليءَ ۾ پئي هجي. هڪ اهڙو احساس جو پرين جي قصن ۾ به نه هوندو آ تڏهن هن پنهنجي جسم جي پوشيده حصن ۾ ديوتا جي ڇهڻ جو لمس محسوس ڪيو ۽ پوءِ ته هيءَ به آفاقي لذتن ۾ گم ٿيندي وئي. رات آهستي آهستي اونداهي پئي ٿيندي وڃي پر چنڊ جي چانڊاڻ ۽ ستارن جي ٽم ٽم مهين جي شهر کي هن خوشين ڀري ڏڻ ۾ تاريڪيءَ کان بچائي رکيو. سمبارا پنهنجي قسمت تي رشڪ ڪري رهي هئي. نشي جي سرور ۾ ماڻهون آهستي آهستي مندر مان وڃڻ لڳا. سمبارا ديوتا جي چرنن ۾ ويٺي هئي. سندس اکيون بند. سوچي پئي ته اڄ ڪنهن سان ملڻ جي رات آ. هن پوڄارين کان ٻڌو هو ته اڄ جي رات ۾ اکيون بند ڪري ديوتا جي چرنن ۾ ويهي ڪنهن جي ملڻ جي آس ۽ چاھ ۾ رات گهارجي ته سندس من جي آشا ضرور پوري ٿيندي.
سمبارا ملڻ جي آس ۾ مگن هئي ته اوچتو ڪنهنجي اگهاڙن قدمن جي ڇاپ محسوس ڪيائين. سندس دل چاهيو ته اڄ ديوتا کي انساني روپ م لهندي ڏسان ۽ جلدي ان سان ڀاڪرين پئي پاڻ کي پوتر ڪيان. ديوتا هن کي پنهنجي طرف ڇڪيو. سندس نازڪ ٻانهن ۾ ديوتا جي قوت جو احساس ٿيو. هڪ عجيب قسم جو نشو ۽ سرور هيو جو وڃيس پيو وڌندو. هن کي سڪون هيو ته هن پاڻ کي ديوتا ۾ سمائي ڇڏيو آ. ان سرشاريءَ جي عالم ۾ جڏهن هوش آيس ته سندس دل جي مندر ۾ ڏار پئجي ويس سندس آتما تڙپي پئي. هن ڏٺو ته شوديوتا ته پنهنجي جاءِ تي ئي بيٺو آ،پاڻ ته وڏي پوڄاريءَ جي هنج ۾ آ. سندس ڇاتيءَ وٽان ڪپڙن کي ڇڪ آئي ۽ ان جا مڪروھ هٿ سندس جسم کي وڇونءَ وانگي ڏنگي رهيا هئا. ڪجھ نه ڪري سگهي هئي. پوڄاريءَ جي ڌمڪيءَ سندس ساھ ئي سڪائي ڇڏيو هو،
“ تنهنجو دلڪش جاھ و جمال ته ويندو ئي پر هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيندو سانءِ اگر راجا جي اڳيان ان راز کي کوليو اٿئي؟”
بس ان کان پوءِ ننڍي وڏي پوڄاريءَ جي واري ايندي وئي ۽ سمبارا هنن جي چوڻ مطابق پاڪ پوتر ٿيندي وئي. سمبارا جا احساس جذبا بٺيءَ ۾ ٻرندا رهيا. اهڙي انياءَ تي سمبارا هنڌان هنڌان ٽٽندي رهي سندس دل ۾ ڪا خواهش باقي نه رهي تڏهن کان اڪثر اداسي سندس مقدر بڻجي چڪي هئي اڄ به سندس دل ۾ اهو الڪو هيس ته ڪٿي گذريل سال جيان نه ٻيهر پاڪ پوتر ڪيو وڃي. هن کي پوڄارين کان نه صرف سخت نفرت ٿي پئي هئي رهندو انهن کان ڪرڀ پئي محسوس ڪري. هن سوچيو بجاءِ جو راجا کي دانهن ڏئي هن شهر جي مٽيءَ کي پليت ڪيان ان کان بهتر آ ته پاڻ ئي دفن ٿي وڃان اهو سوچي اٿي ديوتا جي چرنن م ويهي سندس در ٻاڏايائين،
“اي منهنجا ديوتا! جيئن تو مون کي ٺاهيو آ اڄ پنهنجي جاھ و جلال سان ئي مون کي پنڊ پاهڻ بڻائي ڇڏ.”
سندس آشا ديوتا در اگهامي ۽ دنيا ڏٺو ته واقعي سمبارا پنڊ پاهڻ ٿي وئي.